سرڪيولر نمبر 832
انگريزي ڀاڄين پوکڻ بنسبت
انگريزيء ڀاڄين جا جيڪي گهڻو ڪمائتا ۽ گهڻو ڪري عام قسم آهن، تن
جي پوکڻ لاءِ سولي سمجهاڻي هيٺ ڏجي ٿي:
سمجهاڻي: اها سمجهاڻي انهن ماڻهن جي واقفيت لاءِ آهي، جيڪي
ڀاڄيون پوکيندڙ آهن يا ڀاڄين پوکڻ جي خواهش اٿن،
تنهن کانسواءِ اهي ڀاڄيون ڪيئن رڌي تيار ڪبيون
آهن، سا واٽ به هن سمجهاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي. بند
گوبي، گل گوبي، گوگڙو، ٽماٽو ۽ ليسٽ، انهن جا ٻج
اهڙيءَ طرح پوکڻ گهرجن، جيئن مرچ، بصر، واڱڻ ۽
تماڪ پوکبا آهن. هي ڀاڄيون جڏهن لڳي وڃن ۽ چار پن
ڪڍن، تڏهن سمجهبو ته اهي هيٺئين لِکئي وانگر وهراج
يعني رونبي ٿيڻ لاءِ تيار آهن. سڀني ماڻهن کي خبر
آهي ته مرچ، واڱڻ ۽ تماڪ جا سلا ڪڏهن رونبي ڪرڻ
جهڙا ٿيندا آهن ۽ تنهنڪري اهي جلد سمجهي سگهندا ته
انگريزي ڀاڄين جو ٻيجارو هاڻي رونبي جي لائق ٿيو
آهي. انگريزي ڀاڄين جي پوکڻ جو وقت سيپٽمبر جي
مهيني ۾ آهي، سنڌيءَ جي بڊي مهيني ۾. ۽ تاريخ
ويهين آڪٽوبر کان پوءِ يعني سنڌيءَ جي اُسو مهيني
کانپوءِ پوکڻ نه گهرجي. اگرچ انهيءَ وقت کان اڳي
يا پوءِ به ٻج پوکي سگهجن ٿا. پر جيڪڏهن ٻج اڳي
پوکبا ته سج جي تاوَ ۽ گرم هوا کان انهن کي بچائڻو
پوندو. تنهنڪري ڪنهن ڇانوَ واري يا ٿڌيءَ جاءِ تي،
جهڙوڪ ڪنهن کوهه جي ويجهو، يا ڪنهن وڻ جي يا ڪيوڙي
جي ڇانو َهيٺ پوکڻ گهرجن. سچ آهي ته جيڪڏهن سوير
ئي ٻج پوکبا، ته جلدي ڀاڄيون کائڻ لاءِ ملنديون،
پر جيڪڏهن دير سان يعني تاريخ ويهين آڪٽوبر کان
پوءِ پوکبا ته ڀاڄيون دير سان ۽ اڻمندائتيون
ملنديون.
گل گوبي ۽ بند گوبي
گل گوبي ۽ بند گوبي ٻارين ۾، يعني پوکڻ لاءِ تيار ٿيل زمين ۾
پوکڻ گهرجي. اها زمين چوگرد ائين تيار ڪجي، جيئن
تماڪ لاءِ پوکبي آهي. اهي هڪٻئي کان ( 2 ڀاڱي 3)
ڀاڱو هٿ کان گهٽ وڇوٽيءَ تي هئڻ نه گهرجن، پر چڱو
ائين آهي ته هڪ هڪ هٿ جي مفاصلي تي هجن. اهي سلا
جيستائين ننڍڙا آهن تيستائين انهن جي چوگرد زمين
کي رونبي سان نرم ۽ اُڇاترو رکجي ۽ جيئن جيئن
وڌندا وڃن، تيئن تيئن انهن جي چوڌاري هٿ سان ڇڙهيل
مٽيءَ جو دڙو ڪندو وڃجي. بعضي ڳئونءَ جي ڇيڻي يا
ٻڪرين جي ڦولڙين جي ڪٽيل ڀاڻ جي مُٺ، ان جي پاڙن ۾
وجهڻ گهرجي.
گوگڙو گوبي
هن لاءِ به ساڳي مٿين ترتيب ڪجي پر هي گوبيون ٻارين ۾ اڌ اڌ هٿ
جي مفاصلي تي پوکڻ گهرجن. هي سدائين رڌي کائبيون
آهن، جيئن گوگڙو، گجرون ۽ ساڳ جي ڀاڄي کائبي آهي.
ليٽس
هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ڳاڙها ۽ ٻيا زردا. هي سچ پچ لذت ڀريو
ميوو آهي. هن جي پوکڻ جو طريقو اهڙو آهي جهڙو سنڌي
واڱڻن جو .
ٽماٽا ۽ ولايتي واڱڻ: ڏاڍيءَ ٿڌ ۾ هي ناس ٿي ويندو آهي.
تنهنڪري هن جي مٿان هڪڙو ننڍو مَنَهَه ٺاهي، تنهن
کي ڪڙٻ جي ڪانن سان ڍڪي ڇڏجي، يا ڪنهن به قسم جي
تڏن سان ڍڪي ڇڏجي. هي ڪچا به کائبا آهن ۽ رڌل به
کائبا آهن ۽ هنن جو مربو به جڙندو آهي. هي سوادي ۽
پاڻياٺا آهن.
هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙا ڊگها ۽ ٻيا گول. مرچن، واڱڻن ۽ بصرن
وانگي هن جو ٻج به پوکڻ گهرجي. جڏهن ٽن آڱرين جيڏا
وڏا ٿين، تڏهن ٻارين ۾ هڪٻئي کان هڪ هڪ گرانٺ جي
وڇوٽيءَ تي پوکڻ گهرجن. هن جي چوڌاري زمين کي
سنئون، ۽ رنبي سان کوٽي، مٽيءَ کي ڇڙيل ۽ نرم رکڻ
گهرجي ۽ وقت بوقت انهن ٿڌن جي وچ ۾ ڳئون يا ٻڪرين
جو ڪٽيل ڀاڻ وجهڻ گهرجي. ڊگهي قسم وارا ٿڏا جڏهين
(هڪ ڀاڱي چار) هٿ جيڏا وڏا ٿين ۽ پن جون چوٽيون
اندر لڙي پون، جو ڄڻ ته ڳڀ کي اس کان بچائين ٿا،
تڏهن انهن پنن جي چوٽين کي چوڌاري ڪيوڙي جي پنن
واريءَ رسيءَ سان، يا نوڙيءَ جي رسي سان ٻڌي ڇڏڻ
گهرجي نه ته ٻاهر لڙي نه پوي. گول قسم پنهنجو
پاڻهئي بند ٿيندا، انهن کي ٻڌڻ جو ضرور نه آهي،
جڏهن اندريان پن کير جهڙا ٿين، تڏهن کائڻ جي لائق
سمجهڻ گهرجن. هي چڱا، لذت ڀريا، مٺا ۽ نرويا آهن.
هي گهڻو ڪري ڪچا ۽ لوڻ سان کائبا آهن، يا انهيءَ
مان ڪچونبر به جوڙيندا آهن؛ يعني ترن جو تيل، لوڻ،
ڪارا مرچ ۽ سرڪو، سي سڀ گڏي، ان جي مٿان ٻرڪي، ٽڪر
ٽڪر ڪري کائبا آهن. اڪثر انهن کي مکڻ ۽ گيهه سان
سڻڀو ڪري، لوڻ ۽ ڪارن مرچن سان چهرو ڪبو آهي.
گوگڙو ۽ گجر
جيئن سنڌي گوگڙو ۽ گجرون پوکبيون، تيئن هي به پوکڻ گهرجن. پر
تمام گهاٽيون هڪٻئي کي لڳ نه پوکڻ گهرجن. ڇو ته
جيڪڏهن تمام سوڙهيون ۽ گهاٽيون پوکبيون، ته چڱي قد
واريون نه ٿينديون. پر جيڪڏهن وڏيون ۽ ڊگهيون
پاڙون گهرجن ته انهيءَ لاءِ تمام چڱي تجويز هيءَ
آهي: ته هڪ هڪ ٻج هڪٻئي کان هڪ هٿ جي مفاصلي تي
پوکجي. ٻج سان جيڪڏهن ٻج کان ٽيڻي يا ڇهوڻي واري
يا مٽي گڏبي، ته ٻج جي چڱيءَ طرح پکڙجي وڃڻ جي پڪ
رهندي. زمين نرم ۽ کليل رهي، تنهن لاءِ سدائين ان
کي رنبي سان اکيليندو رهجي، ڳئونءَ ۽ ٻڪرين جو سڪل
ڀاڻ ٻاريءَ جي مٿان وجهندو رهجي.
چڪندر يا بيٽ
هن کي گجر يا گوگڙوءَ وانگي پوکڻ گهرجي ۽ ساڳيءَ ريت ان جي
پرداخت ڪجي. پر هن جو ٻج گهاٽو ۽ سوڙهو ڪڏهن به نه
پوکڻ گهرجي. مطلب ته ٻج پکيڙي وجهجي ۽ چڱيءَ طرح
پکڙجي يا کنڊر جي وڃي، تنهن لاءِ ٻج سان سڪل مٽي
يا واري گڏڻ گهرجي. تمام چڱو رستو اهو آهي، ته هر
هڪ ٻج جو داڻو هڪٻئي کان هڪ هڪ مٺ جي وڇوٽيءَ تي
پوکجي. هي رڌي، تيل، سرڪي، ڪارن مرچن، ڪتر ڪيل يا
ڦارُونءَ ڪيل بصر سان گڏي کائبو آهي. پهريائين هن
کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ ۾ ڪاڙهجي، پوءِ لاهي، ٺاري
ڦارُونءَ ڦارُون ڪري، جيئن لذت موافق وڻي تيئن
ٺاهي کائجي. هن جا ٻه قسم آهن: هڪ اڇو ۽ ٻيو
ڳاڙهو. ڳاڙهو قسم جڏهن ڌرتيءَ مان ڪڍجي، تڏهن
خبرداري ڪجي جيئن پاڙ ڇڄي نه پوي، ڇو ته جيڪڏهن
پاڙ ڇڄي پئي ته رس نڪري ويندي، پوءِ اهو سهڻو رنگ
هليو ويندو. هن جي پاڙ مان کنڊ گهڻي ٿيندي آهي.
مٽر
هنن لاءِ هڪڙي ڪسي جوڙڻ گهرجي، جا مٿان مَنهَن وٽ ( 2 ڀاڱي 3
)ڀاڱو هٿ جو، ڪشادي هجي ۽ وچ ۾ اڌ هٿ جيتري اونهي
هجي، اِها ڪسي سڄي اونهي نه ڪبي، پر رڳو
هيٺاهينءَ وانگر وچ ۾ اونهي ڪبي.
سڄي ڪسي اٺن هٿن کان وڌيڪ ڊگهي نه ڪبي، پر رواجي طرح ڇهه هٿ چڱي
آهي. انهيءَ ۾ ٻج پوکڻ لاءِ زمين کي چڱو ڪمائتو
بڻائجي، ڪٽيل ۽ سنهو ڪيل ٻڪرين جو سڪل ڀاڻ، انهيءَ
زمين ۾ گڏڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح جڏهن زمين تيار ٿئي
تڏهن ان ۾ پاڻي ڇڏجي ۽ ڪسيءَ کي چڱيءَ طرح پاڻيءَ
سان ڀرجي ته زمين کي چڱو سيڪ اچي وڃي. تنهن
کانپوءِ پاڻيءَ کي بند ڪري ڇڏجي، جڏهن زمين پاڻي
سڀ چهي وڃي ۽ اهڙي ته خشڪ ٿئي جو رنبيءَ ڪرڻ يا
واهڻ مهل، جيئن مٿي رنبيءَ کي چنبڙي يا لڳي نه
پوي، تڏهن ڪسيءَ جي مٿين ڪنارن ۽ هڪ گرانٺ جي
مفاصلي جيتري زمين کي به رنبي ڪجي. جڏهن اهڙيءَ
طرح رنبي ڪري بس ڪجي، تنهن کانپوءِ انهيءَ رنبيءَ
ٿيل زمين يعني ڪنارن واري زمين جي مٿاڇريءَ تي،
آڱرين سان هڪڙي ننڍي ڪسي، جا ٻه آڱر اونهي جوڙجي ۽
انهيءَ ننڍڙيءَ ڪسيءَ ۾ ٻن ٻن آڱرين جي وڇوٽيءَ تي
مٽرن جو ٻج هڻجي، انهيءَ ٻج کي پوءِ گهڻي مٽي وجهي
مٿان ڍڪي ڇڏجي. زمين کي جيڪو اڳي ئي ريج آيل آهي،
سو سبب ٻج جي لڳي وڃن لاءِ ٿيندو. اهي ڪسيون ٻن ٻن
هٿن جي مفاصلي تي هئڻ گهرجن. پوءِ اٽڪل ستين ڏينهن
تي ساوا سلا زمين منجهان نڪرندا ڏسڻ ۾ ايندا. اهي
سلا جڏهن ڏسڻ ۾ اچن تڏهن انهن کي پاڻي ڏجي. پاڻي
هفتي ۾ هڪ ڀيرو يا حالتن جي نظر تي، جيئن مناسب
ڏسجي تيئن ڏجي. مٽر جيئن نڪرندا وڌندا وڃن، تيئن
انهن ۾ مٿڀرو مٽي وجهندو وڃجي ۽ جڏهن هڪ مٺ جيترا
وڏا ٿين، تڏهن انهن جي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪاٺيون رکڻ
گهرجن، انهن ڪاٺين جي ڪم لاءِ سنئين ۽ ننڍي لئي جي
لاڪڙ چڱي ڪمائتي ٿيندي. اها لاڪڙ درياهه جي ڪچي
مان ملندي. اهي مٽر پندرهين آڪٽوبر کان اڳي نه
پوکڻ گهرجن. پر تنهن هوندي به آخر نومبر تائين
پوکي ٿا سگهجن. اهي مٽر پاڻيءَ ۾ اوٻاري، ڦودني جي
ٿورن پنن سان ۽ ڪجهه تازو مکڻ منجهن گڏي، پوءِ
کائبا آهن. انهن مٽرن جي رڌڻ جو تمام چڱو رستو هي
آهي: ته انهن کي هڪڙي ٺڪر جي ٿانَو ۾ وجهي، ان ۾
ڪجهه مکڻ يا مٺو تيل ۽ ٿورا پن ڦودني جا گڏي، اهو
ٿانءُ هڪڙي وڏي هنڊيءَ جي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ جهلجي.
پٽاٽا
پٽاٽا هلڪيءَ زمين ۾ تمام چڱا ٿيندا آهن. زمين کي چڱيءَ طرح
ڪمائڻ گهرجي ۽ ان ۾ ڀاڻ وجهجي. ائين ڪرڻ کان پوءِ
زمين کي اهڙيءَ طرح تيار ڪرڻ گهرجي، جيئن تماڪ
لاءِ زمين تيار ڪبي آهي. جيڪڏهن پٽاٽا وڏا هجن ته
انهن کي ٽي يا چار ٽڪر ڪرڻ گهرجن. پر خبرداري ڪرڻ
گهرجي ته انهيءَ هر هڪ ٽڪر ۾ هڪ يا ٻه اک بچل ضرور
هجي ۽ جيڪڏهن پٽاٽو ننڍو آهي، ته اهو زمين ۾ سڄو
وجهڻ گهرجي. چڱي واٽ هيءَ آهي ته هڪڙي (دُٻي) يعني
ٿلهيءَ ڪاٺيءَ سان اڌ هٿ جيترو اونهو سوراخ ڌرتيءَ
۾ ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ٽنگ ۾ پهريائين هڪ مٺ ڀاڻ جي
وجهي ۽ انهيءَ ڀاڻ جي مٿان ٻن آڱرين جيتري مٽي
وجهجي ۽ انهيءَ مٽيءَ تي اهو سڄو يا ٽڪر پٽاٽي جو
رکبو، تنهن کانپوءِ انهيءَ کي مٿان مٽيءَ سان ڀري
ڇڏبو. پٽاٽا آڪٽوبر مهيني جي وچ ۾ پوکڻ گهرجن ۽
جيئن وڌندا وڃن، تيئن انهن کي مٽيءَ سان مٿي ڀربو
وڃجي.
سڀني قسمن جي پوکڻ کان اڳي زمين کي تيار ڪرڻ جو ڪم ضروري آهي.
جيڪي آزمودگار ماڻهو نه آهن، تن کي جو انهيءَ ڪم
جي خبر نه آهي، تنهنڪري اڪثر نااميديءَ جهڙو نتيجو
نڪرندو آهي ۽ گهڻو ڪري ٻج ڏيندڙن ماڻهن تي عتاب
ايندو آهي. سو هن ڪري ته پوکيل ٻج ڦٽندو ئي نه
آهي. تنهنڪري زمين کي خبرداريءَ سان کوٽڻ گهرجي ۽
مٽيءَ کي جيترو ٿي سگهي اوترو ڀڃي سنهو ڪجي. ڀتر ۽
ڪچرو ڪڍي ڦٽو ڪجي، ڀاڻ وجهجي، جنهن کي چڱيءَ طرح
مٽيءَ سان گڏائي ڇڏجي. جڏهن اهو سڀ ڪري بس ڪجي،
تڏهن ٻج کي ورڇجي. يعني جيڪڏهن ٻيجاري لاءِ ٻج
پوکڻو آهي، هر هڪ ٻن فوٽن جي چورس وارين ننڍين
ٻارين ۾ ورڇي وجهجي ۽ جيڪڏهن ٿڏن لاءِ جيڪي جتي
پوکبا ته اهي اتي ئي رهندا، جيئن گوگڙو، گجر، بيٽ،
لوسڻ ۽ گاهه وغيره، ته تڏهن ٻج هر هڪ اَٺ فوٽ چورس
ٻارين ۾ ورڇي وجهبو. جڏهن ائين ڪري بس ڪجي، تڏهن
انهن ۾ چڱو پاڻي وهائي ڇڏجي، اهو پاڻي جڏهن ايتري
قدر سڪي وڃي، جو جيڪڏهن ان کي رنبي ڪجي ته رنبيءَ
کي مٽي نه لڳي. تڏهن زمين جي مٿاڇري کي رنبي هڻڻ
گهرجي. ائين ڪرڻ کانپوءِ ٻج ڇٽڻ گهرجي. تنهن
کانپوءِ زمين کي ڏانداريءَ سان، يا هٿن جي آڱرين
سان اهڙو سڌو ۽ سنئون ڪري ڇڏجي، جو ٻج زمين ۾ هيٺ
ٿي وڃي. ڪيترا ماڻهو بلڪل عمديءَ طرح تيار ٿيل
زمين ۾ پاڻي ڏيڻ کان اڳي ٻج پوکيندا آهن، جنهن جو
نتيجو اهونڪرندو آهي، ته پاڻي ڏيڻ کانپوءِ زمين،
جو خشڪ ۽ سخت ٿيندي آهي، تنهنڪري ٻج اندر ئي سڙي
ويندو آهي يا ته ڦٽڻ کانپوءِ ڪومائجي ويندو آهي،
جنهن ڪري مٿي اُسري نه سگهندو آهي. هن ڳالهه ۾ شڪ
نه آهي ته جيڪي انگريزي ڀاڄيون ۽ ميوا سنڌ ۾ چڱيءَ
طرح نه ٿيندا آهن، تن جي وڪري لاءِ مارڪيٽ آهي. ڇو
ته لاهور، ملتان ۽ ٻين هنڌن کان بند گوبيون،
نارنگيون ۽ شفتالو، سنڌ جي وڏن شهرن جهڙوڪ سکر،
شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڪري لاءِ اچن
ٿا.
ڀاڄين جي پوکڻ جو سنڌ ملڪ ۾ سڌارو ٿئي، تنهن لاءِ ڪليڪٽر صاحب
شڪارپور، جو چڱن ماڻهن ۽ ڀاڄين پوکيندڙن کي،
انگريزي خواه ڏيهي ٻجن جي موجود ڪري ڏيڻ ۾، گهڻي
خوشيءَ سان مدد ڏيندو.
سرڪيولر نمبر 832 (الف)
وڌيڪ سمجهاڻي
انگريزي ڀاڄين کي ڪيئن سنڀالجي ۽ ڪهڙن قسمن کي ٻيجاري جي واسطي
تيار ڪجي، تنهن جي واٽ: گوگڙو، گجرون ۽ موريون،
هنن جي ٻج پيدا ڪرڻ لاءِ اتي ئي پوکبيون آهن، جتي
سنڌ جا مالهي سنڌي گوگڙو، گجرون ۽ مورين کي
سنڀاليندا ۽ پوکيندا آهن.
گل گوبي
جڏهن هيءَ ڀاڄي برابر اُسري وڃي ۽ کائڻ جي لائق ٿئي، تڏهن جو
وهراج يا رونبو ڪجي، يعني هڪ هنڌ تان ڪڍي ٻئي هنڌ
تي ڪسيءَ ۾ رکجي، جنهن کي ڀاڻ چڱيءَ طرح ڏيڻ
گهرجي. گل گوبي اتي ٻج ڪندي، جتي پهرين پوکڻ ۾ آئي
هوندي. پر هيءَ بالغ ٿئي تنهن کان اڳي، جيڪڏهن هن
کي رونبو نه ڪبو ته ٻج چڱو نه ٿيندو.
نول ڪول يعني گوگڙو گوبي
ڳنڍي يا مکريءَ منجهان ٻه ميخون هڪٻئي جي آرپار لنگهائبيون، يا
چئن ئي پاسن کان ڪپ سان چير ڏئي ڇڏبو، ته ٻج پيدا
ڪندا.
بند گوبي
چوٽيءَ کان اُڀو ڪپبس ته ٻج وارا گل نڪرندا. ٻيو رستو هي آهي:
ته جڏهن بند گوبي تيار ۽ کائڻ لائق ٿئي، تڏهن ٿڙ
کان وڍي ڪڍجيس. گوشا چير جي پاسن کان نڪرندا، تن
کي رهڻ ڏجي، ڇو ته منجهس ٻج ٿيندو. جيئن گل گوبيءَ
جي لاءِ هدايت ڏني وئي آهي، ساڳئي وقت بند گوبيءَ
جي ٿڙ واري چڪي ٻئي هنڌ رکبي ته ان مان به چڱو
ٿيندو.
2- ٻيون سڀ ڀاڄيون ٻج ڪنديون، جيئن انهن کي پوکبو، سواءِ ڪنهن
ٻيءَ سنڀال جي، تيئن بيٺيون هونديون.
(صحيح)
ڪرنل الفريڊ ميهو
ڪليڪٽر صاحب شڪارپور سنڌ |