سيڪشن؛  علميات

ڪتاب: باغ ۽ باغباني

باب: --

صفحو :17

جسوندي

هندستانيءَ ۾ جسونديءَ کي جُوئا به چوندا آهن. هي به عجائب جي ذات مان آهي. انگريزيءَ ۾ جائنيز شو پلانٽ (يعني چيني جتيءَ جو وڻ) چونس ٿا. هي هڪڙو پکڙندڙ ۽ گهاٽ ڪندڙ ٻوڙو آهي. چنهنبيارا ۽ ڪارائيءَ جهڙن ڪنارن وارا پن اٿس. کهنبا ڳاڙها گل اٿس، جي هميشھ پيا ٿيندا آهن. گل جي وچان هڪڙي ڊگهي ۽ سهڻي ڏانڊي نڪتل رهندي آهي. هن جا ٽي چار قسم ٿيندا آهن. ڪن جا گل هلڪا ۽ ڪن جا ڀريل ٿا ٿين ۽ رنگ ۾ به تفاوت رهين ٿو. هي ٻج ڪين ڪندو آهي. بيل پتا، عنبري ۽ لال عنبريِ. هي عجائب جي ٻين قسمن جا نالا آهن، جي دکن ۾ مشهور آهن.

جهومڪا

هي هندستاني نالو آهي، اهو هن وڻ کي انهيءَ لاءِ ڏنو اٿن، جو سندن گل جهومڪن يا پنڙن وانگي لڙڪي بيهندا آهن. انگريزي نالو ابيوٽِلان اٿس. هي ڊگهو، گهاٽن ۽ گهڻن پنن وارو ٻوڙو آهي.گل وڏا ٿيندا اٿس، جي ڦڪي نارنگيءَ رنگ جهڙا ٿيندا آهن ۽ مٿن ڀورا ليڪا نڪتل ٿيندااٿن. هي تمام نازڪ ۽ سهڻا ٿيندا آهن. اُس ۽ مينهن کان بچائڻ گهرجين. ٻج ۽ قلمن مان ٿيندا آهن. سال سال ۾ نوان پوکجن ته بهتر آهي.

هن جو هڪڙو پيلن گلن وارو قسم آهي، جنهن کي دکن۾ مدام سڏيندا آهن. ٻيا به ڪيترائي قسم اٿس، جي وڻ جي قد ۽ گل جي رنگن ۾ تفاوت رکن ٿا.

قَرنو (چمپا)

قرني جو گل هتي مشهور آهي،جنهن مان موتئي ۽ گلاب وانگي عرق ڪڍندا آهن. هنکي هندستانيءَ ۾ چمپا چون ٿا؛ انگريزيءَ ۾ مائڪيلس چمپڪا. هي هڪڙو ننڍووڻ آهي، قد ۾ اٽڪل ويهه فوٽ ٿو ٿئي. پن تمام سهڻا ٿا ٿينس. سياري جي شروع ۽ آخر۾ بيشمار وڏا ۽ سنهڙن پنن وارا گل جهليندو آهي، جي ليمي جي رنگ جهڙا ٿيندا آهن. منجهن تمام چڱي خوشبوءِ ٿيندي آهي، جا پري تائين پئي ايندي آهي.گلن کان پوءِ اهو وڻ وري ٻيرن جهڙو پيلو ڦر جهلي ٿو، جو هن کي بلڪل ٿڪايو ڇڏي، جنهن ڪري بعضي هي وڻ ڦر جهلڻ کانپوءِ ٻئي سال وري گل نه ڪندا آهن. ٻج پوکڻ سان ٿيندو آهي.

هن جماعت جو هڪڙو ٻيو وڻ ٿيندو آهي، جنهن کي ناگ چمپا يا ناگسر چوندا آهن. انهيءَ جاپن نشتر جهڙا ٿيندا آهن، جي مٿان لسا، چمڪندڙ، هيٺان اڇا ۽ پشم وارا. اهو وڻ پهرين مارچ ۾قرمزي رنگ جا گل ڪري ٿو، جنهن ڪري صبح يا شام جو اس پوڻ ڪري، وڻ پري کانباهه جي شعلي يا مچ وانگي پيو ڏسجي ۽ اپريل ۾ وري وڏا پيليءَ اک سان اڇا گل ڪري ٿو. انهن جي خوشبوءِ آسپاس کي واسي ڇڏيندي آهي.هنکي انگريزيءَ ۾ آئرن ووڊ ٽري (يعني لوهه جي ڪاٺيءَ جو وڻ) چون ٿا. ڪتابي نالو اٿس ميسوئا.

ٽيون قسم به هن جو آهي، جنهن کي سلطان چمپا چون ٿا. هي وڏي قد جو وڻ آهي، وڏن، لسن، ڳوڙهن ۽ ساون پنن سان ٿئي ٿو. هي وڏا ۽ اڇي رنگ جا خوشبودار گل جهلي ٿو، جن مان وري بيشمار وڏا ٻج نڪرندا آهن. جون مهيني ۾ گل ڪري ٿو. انگريزي نالو اٿس ڪالو لمف ۽ زردي رنگ جا ٿين ٿا. پاڙون ڇني ڌار ڪري هڻڻ سان پيدا ٿئي ٿو. آڪٽوبر ۾ پوکبو آهي.

جيرينيم

هن جو ڪتابي نالو پيلر گونيم آهي. انهيءَ نالي هيٺ هڪڙيءَ ذات جا سوين قسم اچي وڃن ٿا، جي خاص ولايت جا آهن، پر هتي به گهڻو پوکڻ ۾ اچن ٿا. هن جو مکيه قسم کهنبا گل ڪندو آهي، مگر ٻيا قسم جدا جدا رنگن جا آهن. هي سال ۾ ڪنهن به وقت قلمن هڻڻ سان ٿين ٿا. ٽڪرائتين جاين تي چڱا ٿا ٿين. اتان قلم هٿ ڪري واريءَ ۾ هڻي ڇڏجن. ٻن ٽن هفتن ۾ لڳي ويندا. پوءِ هڪڙو هڪڙو ڪري جدا جدا ننڍيءَ ڪونڊيءَ ۾ رکجي. جڏهن وڌن تڏهن وري ٽپائي وڏين ڪونڊين ۾ رکجن. پويون ڀيرو ڊسمبر ۾ چورجين. مِٽي ڀلي هجي. پاڻي مئو ڏجين ۽ هفتي هفتي ۾ پٽڙو ڀاڻ به ڏجين. پنن کي صابڻ جي گجيءَ سان ڌوئڻ گهرجي. اهڙي ڪوشش سان جنوريءَ کان مارچ تائين،بلڪه پوءِ ڀرو، مزي مزي جا گل ڪندا.

اونهاري ۽ سانوڻ ۾ انهن ٻوٽن کي سنڀالي رکڻ ڏاڍو مشڪل آهي. پر باغ جي مَنهَهَ ۾ لڪائجين.

هنن جو ٻج به پوکبو آهي، مگر چڱا قلمن سان ٿيندا آهن، جي آڪٽوبر ۾ هڻبا آهن. سرديءَ جي موسم ۾ گل ڪندا آهن.

هنن  جا سوين قسم آهن، جيئن مٿي به چيو ويو آهي، هڪڙا ته عام کهنبن گلن وارا، ٻيا ٽامي، سون ۽ چانديءَ جي رنگ جي پٽن وارا، ٽيان ولين جي پنن وارا، ڇوٿان ليمي ۽ گلاب جي بوءِ وارا، پنجان وڏن ۽ عجيب رنگن جي گلن وارا، هنن جا نالا ڏيڻ اجايو آهن. ولايتي ٻج وڪڻڻ وارا، هنن جي جدا جدا قسمن جي نالي واري ٻج موجود ڪري ڏين ٿا،سو وٺي پوکجي.

هن جماعت جي هڪڙي ذات پاڙ جي ڳنڍين واري آهي، جنهن کي آگزال س چون ٿا.

 

گل عباس (عباسي)

هي مشهور گل آهي. هن جو وڻ ننڍو ٿو ٿئي. هميشھ گل ڪندو آهي. گل موچارا ۽ وڏا اٿس. ڪي ٻيلا، ڪي ڳاڙها، ڪي ڳاڙها پيلن ليڪن يا دٻڪن سان، ڪي اڌ پيلا ۽ اڌ ڳاڙها. ڪڏهن ته ساڳئي، يعني هڪ ئي وڻ ۾ گهڻن رنگن جا گل ٿين ٿا. ٻج ڪارن مرچن جهڙو ججهو ڪندو آهي. پنهنجي ڇڻيل ٻج مان پاڻهئي ڦٽندو آهي. هڪڙو قسم هن جو اڇا گل ڪندو آهي،جنهن ۾ هڪڙي نلي چار پنج انچ ڊگهي ٿيندي آهي. انهيءَ مان نارنگيءَ جي گلن جهڙي بوءِ نڪرندي آهي، انهيءَ کي خوشبودار عباسي چئي سگهجي ٿو.

هن گل کي انگريزيءَ ۾ مارو هِل آف پيرو چوندا آهن، جو اصل پيرو جو آهي. ڪتابي نالو مِرابلِس اٿس. آمريڪا ۾ رواجي نالو فور او ڪلاڪ (يعني چار بجا) اٿس، ۽ ساڳيءَ طرح دکن ۽ ٻين هنڌن ۾ به هن کي چار وڳي جو نالو مليل آهي، ڇالاءِ جو اڪثر شام جو چئين وڳي نوان گل جهليندو يا کوليندو آهي.

چِيڻوٺي

هن کي ڪي ماڻهو لالڙي چوندا آهن. هندستانيءَ ۾گُنگچي چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ وائلڊ لِڪرس (يعني جهنگلي ملٺي يا مٺي ڪاٺي) ٿا چونس. ڪتابي نالو اٿس آبرس.

هيءَ هڪڙي سائي ول آهي، جنهن جي کليل ڦرين ۾چڻي جيڏا ڳاڙها داڻا ٻج جا رهن ٿا، جن تي ڪارو داغ رهي ٿو. ڏاڍو سهڻو ٿيندو آهي. اهي سونارا وزن ڪرڻ ۾ ڪم آڻيندا آهن ۽ ٻيا ماڻهو پوئي هار ڪندا آهن، يا ٻئي ڪنهن سونهن جهڙي ڪم ۾ آڻيندا آهن.

هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن ۾ عاج جهڙا اڇا داڻا ٿيندا آهن. هنجا گل ننڍڙا ڦِڪي واڱڻائي رنگ جا ٿيندا آهن. هن جو ٻج سانوڻ جي ڏينهن ۾ پوکبو آهي.

گل مور

هي هڪڙو وڏو وڻ آهي جو مشهور آهي. هن ذات جو انگريزي ڪتابي نالو پائنسيانا آهي. هن جا چار پنج قسم آهن. هڪڙي قسم ۾ ڪنڊا به ٿين ٿا. اونهاري ۽ سانوڻ ۾ گل جهلي ٿو، جي وڏا ۽ ڏيک وارا آهن. هڪڙا پيلا ٿيندا آهن ۽ ٻيا ڳاڙها. اهو ڪنڊن وارو وڏو قسم درخت ناهي. انهيءَ کي سياري ۾ ڇانگڻ کپي، نه ته جهنگ ڪري وجهندو هي پنهنجي ڇڻيل ٻج مان ڦٽندو آهي. اٺن مهينن جي اندر گل ڪري ٿو. هن کي هنديءَ ٻوليءَ ۾ڪرشن چرن چون ٿا. انگريزي رواجي نالو پيڪاڪ فلائوئر (يعني مور جو گل) اٿس. فارسيءَ ۾ گل طره چوندا اٿس.

سچو پچو گل مور يا جنهن کي چوڻ ۾ گل مهر ڪندا يا چوندا آهن، سو وڏي قسم وارو وڻ آهي. هي اصل ماڊا گاسڪر جو آهي. انهيءَ کي انگريزي توڙي فرينچ ماڻهو فليم آف فاريسٽ (يعني ٻيلي يا جهنگ جو مشعل) چوندا آهن. ننڍي هوندي پن تمام سهڻا ٿينس ٿا. اپريل ۽ مئي مهينن ۾ بيشمار کهنبا ۽ پيلا گل ڪري ٿو. اهو تمام جلد وڌندڙ آهي. ڏاڍي هوا نقصان رسائيندي اٿس. ٻج گهڻو ڪندو آهي جو سانوڻ ۾ پوکبو آهي. ٻج وڏو ۽ سخت ٿو ٿئيس، تنهنڪري پهرين سوسڙي پاڻيءَ ۾ ڀِجائي، پوءِ پوکيندا آهن ته جلد ڦُٽي.

اَملتاس

هن کي عام ماڻهو املداس چوندا آهن. هي مشهور وڻ آهي. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. ڪي وڻ آهن، ڪي ٻوڙا آهن. هن جي ذات جو نالو انگريزيءَ ۾ ڪاشيا ۽ سندس نالو ڪاشيا فسٽيولا آهي. رواجي نالو پُڊنگ پائيپ ٽري اٿس. پن گهاٽا ۽ ڳُوڙهي سائي رنگ جا ٿا ٿينس. مئي ۾ گل ڪندو آهي، جو کليل پيلي رنگ جا ٿيندا آهن. ڏاڍا سهڻا لڳندا آهن. گلن ۾ هڪڙي قسم جي بوءِ ٿيندي آهي. جرمن ماڻهو هنن گلن کي سونهري مينهن جو نالو ڏيندا آهن. هي وڻ ڊگهيون، ڪاريون ۽ گول ڦريون به ڪندو آهي، جن ۾ ٻج رهي ٿو. املتاس دوا جي ڪم به ايندوآهي. ٻجن ۾ جلاب جواثر رهيس ٿو. هن جي هڪڙي قسم کي هندستاني ماڻهو داد مردان چوندا آهن.

ٻَٻرُ

هي وڻ عام آهي ۽ ڪي چوندا آهن ته باغ ۾ نه هئڻ گهرجي. پر هتي سندس سهڻن، پيلن ۽ گول گلن ڪري آندو ويو آهي. هن جا گهڻا ئي قسم آهن.هن ۾ ڪنڊا ٿا ٿين ۽ ڦرين ۾ ٻج جهلي ٿو، جنهن کي پلڙا يا پاپڙ ۽ ٻج کي چيچڪا چون ٿا. جنهن ذات يا جماعت مان هي وڻ آهي، انهيءَ جو انگريزي ڪتابي نالوآڪيشيا آهي. هن جو انگريزي رواجي نالو بابل آهي ۽ هندستاني بَبل.

هن جو هڪڙو ننڍو ٻوڙي جو قسم آهي، جو اُتر الهندي وارن پرڳڻن ۾ عام آهي ۽ لوڙهن جي جاءِ تي رکڻ ۾ ڪم ايندو آهي. ان جو نالو ڦُلائي آهي. ٻيو هڪڙو ننڍي وڻ يا ٻوڙي جي قسم مان آهي، جو شڪل جو خراب آهي، مگر جڏهن پيلا خوشبودار گل ڪري ٿو، تڏهن ڏاڍو وڻڻ جهڙو ٿيو پوي. فرانس ۾ هن جي ڏاڍي پرداخت ڪندا آهن ۽ منجهانئس عطر جهڙي خوشبوءِ ڪڍندا آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي خوشبودار ٻٻر جي نالي سان سڏيندا آهن.

ٻيو هن جهڙو هڪڙو وڻ ٿئي ٿو، جو هتي به عام آهي. سنهڙا ۽ ساوا پن ٿا ٿينس. ڪنڊا به اٿس ۽ ٿڙ به سائو ٿو ٿئيس. هميشھ پيلا گل جهليندو آهي. هي به ٻج مان ٿيندو آهي، جو سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ پوکيندا آهن. هن کي انگريزيءَ ۾ جيرو سلم ٿارن (يعني جر وسلم جو ڪنڊو) چون ٿا. ڪتابي نالو پارڪن سونيا اٿس. هتي جا ماڻهو انهيءَ کي ولايتي ٻٻر ڪري چوندا آهن.

عام ٻٻر جو هڪڙو ٻيو قسمآهي، جنهن جون ٽاريون پاسي تي پکڙجڻ جي بدران، اُڀيون مٿي چڙهنديون آهن، جنهن ڪري اهو پري کان سرو جي وڻ وانگي ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ کي سنڌيءَ ۾ ڍليار ٻٻر يا ڪابلي ٻٻرسڏيندا آهن.

سرِنهِن

هي وڻ به هتي مشهور آهي. هي به ٻٻر واري اڪيشيا جي جماعت ۾ داخل ڪيو اٿن. انگريزيءَ ۾ سرِس ٽري چونس ٿا. هندستاني ماڻهو به سرس چونس ٿا. مگر جنهن کي سنڌيءَ ۾ سريس ٿا چون، سو ٻيو وڻ آهي؛ جو جبلن ۾ ٿو ٿئي ۽ اڇي ڪاٺي ٿيندي اٿس، جنهن مان لڪڻ جوڙيندا آهن. ڪي هن وڻ کي آلبزيا جي جماعت ۾ داخل ڪن ٿا.

هن جا گل وڏا ڦندڻ جهڙا ساوا پيلا ٿيندا آهن. خوشبوءِ به اهڙي اٿن جو آسپاس کي واسي ڇڏيندا آهن. ڦريون به ٿينديون اٿن، جن ۾ ٻج رهندو آهي. القاهره ۾ هي وڻ تمام گهڻا ٿا ٿين.

ميندي

هي عام ٻوڙو يا ننڍو وڻ آهي، جنهن کي هندستانيءَ ۾ مهندي ۽ فارسيءَ ۾ حِنا چوندا آهن. انگريزي نالو اٿس لاسونيا آلبا. ڪڏهن ڪڏهن هي وڻ ست اٺ فوٽ وڏو ٿئي ٿو. پن ننڍڙا ٿا ٿينس. سياري جي مهڙ ۽ پڇاڙيءَ ۾ گل ڪري ٿو، جي ساوڙا اڇڙا ٿين ٿا ۽ باغ کي هٻڪار سان ڀري ڇڏين ٿا. هنن جي پنن مان ڳاڙهو رنگ ڪڍندا آهن. ماڻهو هٿن ۽ پيرن کي به لائيندا آهن. ڪي اڇي ڏاڙهيءَ کي لائي ڳاڙهو ڪندا آهن، پوءِ وري ڪيس ڪري ڪارو ڪندا آهن. ٻج مان به پيدا ٿيندي آهي ۽ قلمن مان به، جي مينهن جي موسم ۾ هڻجن.

هن جو هڪڙو قسم ٿيندو آهي، جنهن کي چيني ميندي چوندا آهن. اهو گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي. انهيءَ جا قسم بين رنگن وارا به آهن. هڪڙو اڇن گلن وارو به آهي. ٻيو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي ولايتي ميندي چوندا آهن. اهو ننڍڙا ۽ اڇا گل ڪندو آهي، انهن جي پٺيان وري سياري ۾ ڪارو داڻن جهڙو ڦر ڪندو آهي. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ مئيرِٽل چوندا آهن.

مولسري

هن کي هندستاني مالسري ۽ بلڪل به سڏيندا آهن. انگريزي ڪتابي نالو مائميوساپس اٿس. هي وڏو وڻ ٿو ٿئي. شڪل جو سهڻو آهي. گل ڦڪا ساوا ۽ اڇا ڪري ٿو. گلن جي موسم مارچ مهينو اٿس. ٻج مان ٿيندو آهي. گل تمام خوشبودار ٿيندا اٿس. پوسل تي گهڻو ٿيندو آهي. آگري جي تاج محل واري باغ ۾ هن جا ڪيترائي سهڻا وڻ بيٺل آهن.

گائو پتا

هيءَ هڪڙي ول آهي، جا تمام زور واري ۽ وڪوڙيندڙ آهي. پن وڏا، ٿورو گول، دل جهڙا ٿيندا اٿس. وڏا گلابي رنگ جا گل جهليندي آهي. باغ ۾ ڪچرو ڪيووجهي، تنهنڪري ڪنهن پاسي واري منهه تي چاڙهي ڇڏجيس. برسات جي موسم ۾ ٻج پوکڻ سان ٿيندي آهي. انگريزيءَ ۾ ايليفنٽ ڪر يپر (يعني هاٿي ول) چوندا اٿس، اهو نالو رڳو زور ڀري هئڻ ڪري مليو اٿس.

چمبيلي

هن کي انگريزيءَ ۾ جاسمن ۽ فارسيءَ ۾  ياسمن ۽ ياسمين چون ٿا. چمبيلي هندستاني نالو اٿس. هن جا گهڻا ئي قسم آهن جي هندستان ۾ به عام ٿين ٿا. ڪي خوشبوءِ جي ڪري ۽ ڪي سهڻيءَ شڪل جي ڪري مشهور آهن.ڪن جا ته رڳو پن سهڻا ٿيندا آهن، تنهنڪري باغن ۾ پوکيندا آهن. ڪي وڻ ٻوڙن وانگي ٿيندا آهن ۽ ڪي ولين وانگي ٽيڪ تي بيهندا آهن. هي وڻ اڪثر جهنگ ڪري ويندو آهي، تنهنڪري ڇانگ ڪندو رهجيس. ڪي ته اصل ٽڪرن جي پيدائش آهن، پر هيٺ به ٿين ٿا. سڀني جون اوڌون ۽ قلم لڳندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ سانوڻيءَ جي موسم چڱي آهي. هن مان خوشبودار تيل ۽ عطر ڪڍندا آهن. هن جا ٽيهارو کن قسم مشهور آهن. جن جو هيٺ ڌار ڌار مختصر بيان ڏيون ٿا.

جاءِ

هيءَ سچي پچي چمبيلي آهي. هن کي هندستاني ماڻهو جاٽي ۽ ڪٿ بيل به سڏيندا آهن. انگريزيءَ ۾ هن کي سپانش جاسمن (يعني اسپين جي ياسمين) چوندا آهن. هن جا پن چڱا ٿيندا آهن. اونهاري ۽ سانوڻ جي ڏينهن ۾ گل ڪندي آهي، جي وچولي قد جا ۽ اڇا ۽ سرها ٿيندا آهن. گل سنگهڻ لاءِ يا هارن ۾ پوئڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا آهن. سڪي کان پوءِ به گلن مان بوءِ ڪين ويندي آهي. هن جو ٻوڙو تمام گهڻي گيل ڪري ٿو، وڌي ٿو ۽ ان جون ٽاريون اندر زمين ۾ وڃي، اوڌن وانگي اتي پاڙون ٿيون هڻن. جي سنڀال ڪبي ته هڪڙي ٿڙ تي به بيهاري سگهبو، جو ٻانهن جهڙو ٿلهو ٿيندو ۽ ٻه ٽي فوٽ وڏو ٿيندو.

ٽانگر

هن چمبيليءَ جي قسم کي هندستاني ماڻهو جُوئي چوندا آهن. هن جا پن وڏيرڙا دل جي شڪل جهڙا ٿا ٿين. هي به تارن جهڙا اڇا ۽ سرها گل ڪري ٿو، جي اڪثر اپريل ۾ ظاهر ٿيندا آهن.

موتيو

هي به چمبيليءَ جو قسم،تمام چڱي خوشبوءِ رکندو آهي. ڪي سنڌي ماڻهو هن کي رابيل به سڏيندا آهن. هندستاني ۾ موتيا به چونس ۽ بيل به چونس. انگريزي ماڻهو هن کي عربي ياسمين چوندا آهن. هن جو ٻوڙو اڍائي فوٽن جيڏو ٿئي ٿو. پن بيضوي، چار پنج انچ ڊگها ۽ ٽي انچ ويڪرا ٿيندا اٿس.

موگرو

هي به ياسمين جي ذات جو وڏو ۽ ڀريل گل آهي. هن کي به عربي ياسمين چوندا آهن. هن جا گل اڇي گلاب جي گل جهڙا ٿيندا آهن. هن جا هار پوئي ماڻهو ڳچيءَ ۾ وجهندا آهن. منجهن موچاري خوشبوءِ ٿيندي آهي.

عربي ياسمين جا ٽي قسم آهن: هڪڙو هلڪن ۽ يڪن پنن وارا گل ڪري ٿو. اهو ٻوڙي جيڏو آهي، ٻه اڍائي فوٽ مس وڏو ٿو ٿئي. هن جا پن اڪثر ڪينئن کاڌل يا سڙيل رهندا آهن. هن کي هندستاني ماڻهو بيل چوندا آهن، يا جنهن کي موتيو چون ٿا. ٻيو قسم انهيءَ کان وڏيرڙا گل ڪندو آهي، جنهن کي انگريز ماڻهو ڊبل گلن واري عربي ياسمين چوندا آهن. ٽيون وري اڃا به وڏا گل ڪندو آهي، جنهن کي موگرو چون ٿا ۽ انگريزي ماڻهو انهيءَ کي وڏن ڊبل گلن واري عربي ياسمين جو نالو ڏين ٿا.

 

هار سينگار

هي به ياسمين جي جماعت ۾ داخل ڪيو اٿن، مگر هي وڻ اٽڪل ڏهه فوٽ وڏو آهي. هي تمام گهڻا ۽ اڇا تارن جهڙا گل ڪري ٿو، جن جي وچ ۾ واڱڻائي نشان آهي. سيپٽمبر مهيني کان وٺي نومبر تائين، ڏهاڙي رات جو گل جهليندو آهي ۽ آسپاس وارن هنڌن کي خوشبوءِ سان ڀري ڦٽو ڪندو آهي. صبح جو سڀ گل پاڻهئي هيٺ ڇڻي پوندا آهن. هن کي سال بسال ڇانگ ڪرڻ کپي، خاص ڪري گلن جي وقت کان پوءِ. برسات جي ڏينهن ۾ هن جو ٻج پوکيندا آهن. سڀ ڪنهن ٽئين ورهيه نوان وڻ رکجن.

هن کي انگريزيءَ ۾ نائيٽ بلومنگ ٽري آف ساڊنيس (يعني رات جو گل ڪندڙ غم جو وڻ) چوندا آهن. ڪتابي نالو نڪٽانٿيز اٿس.

گل چاندني

هي هندستان ۾ عام آهي. هندستاني چاندني چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾ به سون بيم نالو اٿس. ڪتابي نالو ٽابرني مانٽَنا اٿس. هي تمام سهڻو ۽ ننڍو وڻ آهي. چئن کان ڇهن فوٽن تائين ٿيندو آهي. پن لسا ۽ نوڪدار ٿيندا اٿس، جي پنج ڇهه انچ ڊگها ٿيندا آهن. گل وڏا، ڀريل، اڇا ۽ چمڪندڙ اٿس. هميشھ پيا کُلندا آهن. ڏينهن جو منجهن بوءِ ڪانهي، باقي رات جو سرهاڻ ڪندا آهن. هي پيوند يا قلمن سان پيدا ٿيندو آهي. هن جا پنج اٺ قسم آهن. جنوريءَ ۽ فيبروريءَ ۾ پوکبا آهن.

سدا ڦُل

هن کي فارسيءَ توڙي هندستاني ۾ گل فرنگ چون ٿا. انگريزي نالو پيري وِنڪل اٿس. اولڊميڊ (يعني ڪراڙي زال) به چونس ٿا. ڪتابي نالو اٿس وهنڪا. هي ننڍڙو ٻن فوٽن جيڏو وڻ ٿئي ٿو. گلابي رنگ جا گل ڪندو آهي، جي هميشھ ٿيندا اٿس. ٻج جهليندو آهي، جو پوکڻ ۾ ايندو آهي. هن جا پيوند به لڳندا آهن. هن جا ٻه ٽي قسم آهن. هڪڙو ته بلڪل اڇا گل ڪندو آهي. ٻيو نيلا گل ڪندو آهي. هي ولايتي آهي، مارچ ۽ فيبروريءَ ۾ گل جهليندو آهي. بعضي بعضي هن کي انگريز ماڻهو گريوهه يارڊ فلائوئر (يعني قبرستان جو گل به چوندا آهن.).

گل چين

گلچين کي گُلاچين به چوندا آهن. هندستاني ماڻهو سون چمپا يا خير چمپا به چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ سپانش جاسمن (يعني اسپين جي ياسمين) چوندا اٿس. ڪتابي نالو اٿس پليو ميريا.

هي هڪڙو ننڍو وڻ آهي، ڏهه ٻارهن فوٽ وڏو ٿيندو آهي. جڏهن پنن سان ڀريل هوندو آهي، تڏهن ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي، پر سياري ۾ جڏهن پن ڇڻي پوندا اٿس، ڏاڍو بڇڙو لڳندو آهي. اونهاري ۽ سانوڻ جي موسم ۾ وڏا ۽ اڇا گلن جا جهمٽ جهلي بيهندو آهي، جن ۾ خوشبوءِ به ڏاڍي ٿيندي آهي. سياري ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهو هڪ ٻه جوڙو ڦرين جو ڏيندو آهي. مکريون هن گل جون ڳاڙهي رنگ جون ٿينديون آهن. گل کي چڱيءَ طرح کولي ڏسبو ته هيٺئين پاسي اڌ ڳاڙهو اٿس ۽ اڌ اڇو. گل جا ڪنارا مٿي جيڪي وريل آهن ۽ رنگ جا به قرمزي ٿين ٿا، تنهنڪري لڳن به ڏاڍا سهڻا ٿا. هن جا ٻه چار قسم آهن. هڪڙو پيلو ٿيندو آهي، پر سادي قسم جو آهي.

زنگي

زنگي گل کي جهنگي گل به سڏيندا آهن. فارسيءَ ۾ خرزهره چونس ٿا. هنديءَ ۾ ڪو نيل به چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾ اوليانڊر ۽ روزبي. ڪتابي نالو نِيريَم اٿس. هي وڻ اٺن فوٽن تائين مٿي ويندو آهي. جتي ڪٿي مشهور آهي. گهڻيون ٽاريون ڪڍندو آهي، جي گلابي، ڳُوڙها ڳاڙها، اڇا ۽ ٻين رنگن جا يڪا توڙي ڊبل يعني ڀريل گل ڪندا آهن. هميشھ منجهس گل رهي سگهن ٿا. گلن ۾ هڪڙي قسم جي خوشبوءِ به رهندي آهي. دکن ۾ هي وڻ جهنگلي ٿين ٿا. هن وڻ جي ڪاٺيءَ جي رس، چون ٿا ته زهر جو اثر رکي ٿي. ٻج به منجهانئس پيدا ٿيندو آهي پر اڪثر سندس قلم لڳندا آهن. هڪٻئي ۾ پيوند به ٿيندا آهن. هن جي لاءِ وارياسي يا پٿرن واري زمين چڱي آهي. پاڻيءَ جا ڪنارا هن کي وڌيڪ پسند ايندا آهن. گلن ڪرڻ کان پوءِ، ٽاريونوڍي، ٽينءَ پتيءَ جيڏيون ڪري ڇڏجن. پاڙ واري زمين کوٽي ڀاڻ ڏيڻ گهرجي.

هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي زرد زنگي يا زرد ڪونيل چون ٿا. پر حقيقت ڪري هي آهي ٻيءَ ذات جو. اهو انگشتان جي شڪل جهڙا پيلا گل ڪري ٿو. اصل ڏکڻ آمريڪا جو آهي. اٺ ڏهه فوٽ وڏو ٿيندو آهي. انگريزي ڪتابي نالو ٿِيو يِٽا اٿس. بادامي جهڙو ڦر به جهليندو آهي، جو ٻج ڪري پوکبو آهي.

نازبو

هي هن ملڪ ۾ مشهور آهي. فارسيءَ ۾ ريحان چوندا اٿس. انگريزيءَ ۾ بيسل يا سوئيٽ بيسل (يعني مٺي بيسل) چونس ٿا. ڪتابي نالو آسيمم اٿس. هي ساون پنن وارو ٻوڙو آهي، جنهن ۾ خوشبوءِ ٿي ٿئي. ساوڙا ڪارڙا ۽ سنهڙا گل ڪندو آهي، جي سنگ وانگي ٿيندا آهن. هي ٻج مان ٿئي ٿو. هن کي سبزو به چوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن گُلال تلسي به چوندا اٿس.

تلسي

هيءَ نازبوءِ واري ذات مان آهي، يعني بيسل آهي؛ مگر هن کي پاڪ بيسل ڪري چوندا آهن، هندن وٽ هي ٻوڙو پاڪ سمجهيل آهي ۽ تنهنڪري انهيءَ کي پوڄيندا آهن. واڱڻائي رنگ جا ننڍڙا گل اٿس. ٻج مان پيدا ٿئي ٿي، جو منجهانئس گهڻو نڪري ٿو.

هن جي هڪڙي قسم کي گلال تلسي چوندا آهن؛ جنهن جا پن وڏا ۽ چنهنبيارا ٿيندا آهن. ڪي ته نازبوءِ کي اهو نالو ڏيندا آهن. سچي پچي تلسيءَ کي ڪاري تلسي چوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي قسم آهن تن کي رام تُلسي (پيلن گلن واري ۽ لال تلسيءَ کي (واڱڻائي ڳاڙهن گلن واري) ۽ ٻين نالن سان سڏيندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25  26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org