باب نائون
اڄوڪي
دور جي عورت
هڪ وڏي
تبديلي:
هاڻي کان اڳ تائين اسان جيڪو تجزيو ڪري آيا آهيون
ان اسان کي بحث لاءِ هڪ نئون موضوع ڏنو آهي ۽ اهو
آهي اسان جي جديد صنعتي شهرن جون عورتون. انهن کي
ڪنهن سان به ڀيٽي نٿو سگهجي جو تاريخ ۾ انهن جو
مثال نٿو ملي. اسان جيڪڏهن تصور ۾ پنهنجو پاڻ کي
2000 جي سن ۾ بيهاريون ۽ پڇون ته ويهين صديءَ جي
شروعات ۾ انساني نقطئه نگاهه کان ڪهڙو اهم واقعو
پيش آيو ته جواب هوندو ته اهو واقعو نه عالمي جنگ
هو ۽ نه روسي انقلاب هو، پر عورت جي حيثيت ۾
تبديلي هو ۽ تاريخ شايد ئي ايتري ٿوري عرصي ۾ ايڏو
وڏو انقلاب ڏٺو هجي. خاندان جيڪو مقدس ۽ اجتماعي
نظام جو بنياد هو، شادي جيڪا شهوت ۽ انسان جي ڦرڻي
گهرڻي طبيعت لاءِ وڏو بچاءُ هئي ۽ اخلاقي نظام
جنهن اسان کي بربريت مان کڻي اخلاق جي بلندين تي
پهچايو هو، اهي سڀ تبديليءَ جي ان واچوڙي ۾ ڦاسي
پيا آهن ۽ اهو واچوڙو اسان جي سڀني ادارن، زندگي
گذارڻ جي طريقن ۽ اسان جي اجتماعي سوچ ۾ نظر اچي
ٿو. اسان انتشار جي هن دور ۾ ڪو هروڀرو پريشان نه
آهيون.
عورت جي حيثيت جيڪا گهريلو ٻانهي، ذاتي ملڪيت ۽
جنسي سهولت واري هئي هاڻي ڪا ٻي ٿيندي ٿي وڃي.
عورت جي اهڙي حيثيت جي باري ۾ اسان جي اڳ به اهڙي
سوچ هئي، پر ان سوچ (يا بغاوت) کي ڪا گهڻي اهميت
ڪانه هئي پاڻ اهڙي سوچ تي ماڻهو حيران ٿيندا هئا.
افلاطون چيو ته عورت کي هر ميدان ۾ قسمت آزمائڻ جو
موقعو ڏنو وڃي. سندس جنس جو خيال رکڻ کانسواءِ کيس
مردن جيترا ئي موقعا ملڻ گهرجن. پر ارسطو عورت
لاءِ مرداڻي تعصب جو حامي هو. هن چيو ته عورت هڪ
هنڌ رُڪجي ويل ترقي آهي. فطرت هڪ مرد بنائڻ ٿي
گهريو ۽ ناڪام ٿي ۽ فطرت جي اها ناڪامي عورت آهي.
عورت جي حيثيت غلام واري آهي. انڪري سياسي ۽ سماجي
معاملن ۾ شريڪ ٿيڻ جي لائق نه آهي. يهودين جي
خداوند جو به اهوئي خيال هو. هن پنهنجي آخري حڪم
۾، جيڪو چيو وڃي ٿو ته هن حضرت موسيٰ کي ڏنو، مائن
۽ زالن کي چوپائي مال ۽ جاندار وارو رتبو ڏنو هو.
يهودين جو خدا يهودين جي شخصيت جو عڪس هو، جيڪي
ٻين جنگجو قومن وانگر عورت کي بدقسمتي ۽ هڪ ضروري
بدي سمجهندا هئا، جيڪا انڪري برداشت ڪئي ٿي وئي جو
اها سپاهين جو اڪيلو وسيلو هئي. يهودين جي گهر ۾
ڌيءَ ڄمندي هئي ته ڏيئا نه ٻاريندا هئا، ڇوڪريءَ
جي ماءُ کي ٻيهر پاڪ ڪيو ويندو هو ۽ يهودي ڇوڪرا
دعا گهرندا هئا ته ”اي خدا! مان تنهنجو ٿورائتو
آهيان جو تو مون کي ڪافر يا عورت نه ٺاهيو.“ يهودي
ان معاملي ۾ ٻين قومن جهڙائي هئا پر ڪيترن معاملن
۾ هو پنهنجي زماني جي اخلاقي نظام کان گهڻو اڳتي
هئا. اوڀر جا ماڻهو عورت کي تيستائين گهٽ نظر سان
ڏسندا هئا جيستائين هو پُٽن جي ماءُ نه بڻبي هئي ۽
جيستائين سندس پٽ ڪنهن جنگ ۾ شهيد نه ٿيندا هئا.
خود افلاطون جيڪو عورتن جو وڏو حامي هو تنهن به
خدا جو احسان مڃيو هو ته خدا کيس مرد بڻايو هو.
تڏهن کان هاڻي تائين عورت جي حيثيت ۾ وڏيون
تبديليون آيون آهن، اسين هتي اهي سڀ تبديليون
ٻڌائي نٿا سگهون. يونان ۾ پراڻي ايٿنز جي زندگيءَ
کي رنگين بڻائيندڙ وئشيائن ۽ نئين دور جي بادشاهن
جي درٻار ۾ وڃي ناچ ڪندڙ نچڻين جنسي ڪشش جي فن کي
وڏي ترقي ڏني ۽ مرد جي حاڪميت کان ڇوٽڪارو حاصل
ڪيو. اپيشيا ۽ فرائن نالي وارين مشهور وئشيائن جا
فلاسافرن ۽ فنڪارن سان تعلقات هئا. ڊوباري ۽
پومپاڊور جون محفلون دنيا جي اعليٰ تهذيب جون ذهني
مرڪز ٿي ويون هيون. ڪجهه وقت تائين فرانس ۾ انقلاب
دنيا جي آزاديءَ جو علمبردار رهيو. ڪنڊورسي قومي
اسيمبليءَ ۾ عورتن جي ووٽ ڏيڻ جي حق جو بل پيش ڪيو
۽ ميري وول اسٽون ڪرافٽ مردن جي حقن ۾ عورتن جا حق
به شامل ڪيا. پر جڏهن رت جي راند ختم ٿي ۽ فرانس
جي آزاديءَ لاءِ عورتن پنهنجا پنج لک پٽ قربان ڪيا
تڏهن هنن ڏٺو ته آزاديءَ جي دعويٰ ڪرڻ وارا مرد
آزاديءَ کي پنهنجي گهر ۾ به ڏسڻ لاءِ تيار نه هئا،
آزادي رڳو مردن لاءِ هئي ۽ رڳو گرامر جي لحاظ کان
مؤنث هئي.
اسان جي زماني ۾ به ماڻهن جا اهڙائي خيال آهن،
اسان مان ڪيترا مرد جن جي عمر چاليهن سالن کان مٿي
ٿي وئي هجي، اوٽووينگر
Otto weininger
جي ان قول تي هلندا آهن ته عورت ۾ روح ڪونهي، اسان
مان ڪهڙو اهڙو مرد آهي جنهن شوپنهار جي ڪتاب
”عورتن بابت مضمون“ ۾ هيءَ ڳالهه مزو وٺي نه پڙهي
هجي ته ”عورت هڪ ننڍي قد، سوڙهن پٺن، ويڪرن ڪلهن ۽
ننڍين ڄنگهن واري جنس آهي“. نٽشي جڏهن اسان کي
تاڪيد ڪيو ته ”اوهان جڏهن عورت وٽ وڃو ته پنهنجو
چهبڪ نه وساريندا ڪيو“ تڏهن اسان مردن کي فخر
محسوس ٿيو. اسان اها ڳالهه وساري ڇڏيندا آهيون ته
اهي اسان کي وڻندڙ ڪتاب مرد ۽ عورت جي دائمي جهيڙي
جو هڪ حصو آهن، گهيري ۾ آيل سپاهين جي بچاءُ جا
اُپاءَ ۽ هارايل مردن جي ڏاهپ جا آواز آهن. اسان
ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ته هڪ سهڻي عورت بائرن جي
حسن ۽ رتبي جي اثر ۾ اچي شوپنهار کي ٺڪرائي ڇڏيو
هو. نٽشي يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ لؤسيلومي جو پيڇو
ڪندو ۽ کيس پنهنجي علم ۽ دانش سان متاثر ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو رهيو پر هن کي حاصل ڪري نه سگهيو. مغرور
جرمن ويئنيگر هوٽل ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت تي عاشق ٿيو
۽ ان جڏهن کيس ٺڪرائي ڇڏيو ته بيٿون جي گهر ۾
خودڪشي ڪري ڇڏي، اهڙا ڪتاب اسان خوشيءَ سان پڙهندا
آهيون ڇاڪاڻ جو اهي ڪتاب اسان جي اُن مخالف جنس
لاءِ دشمنيءَ جو اظهار هوندا آهن جنهن سان اسان
هميشه محبت ڪندا رهنداسين.
سن 1900ع تائين عورتن کي ڪي به آئيني حق حاصل نه
هئا. اڻويهين صديءَ ۾ آفريقا ۾ عورتون زراعت جي
مشينن وانگر وڪامنديون هيون. تاهيٽي ۽ نيويرٽن ۾
عورتون سوئرن کي ٿڃ پيارينديون هيون. راڻي ميري
واري انگلستان ۾ مڙس زال کي مار ڏيئي سگهندو هو. ۽
کيس اڌ مئو ڇڏي ويندو هو. قانون هن کي ڪجهه به ڪري
نه سگهندو هو. هو هر رات زنا ڪري سگهندو هو ۽ سندس
زال وٽ ان کانسواءِ ٻيو ڪو رستو نه هو ته هوءَ به
سندس پيرن تي هلي. زال جيڪڏهن پئسا ڪمائيندي هئي
ته انهن جو مالڪ مڙس هو ۽ جيڪڏهن ڏاج ۾ ملڪيت
آڻيندي هئي ته ان جو مالڪ به مڙس ٿي ويندو هو. اها
ڳالهه ته مرد سوچي به نه ٿي سگهيا ته عورت ڪارخاني
۾ ڪم ڪندي ۽ کيس ووٽ جو حق ملندو.
پوءِ هي عظيم انقلاب آيو جو انهن حسين ٻانهين
آزادي ۽ هڪجهڙائي جا نعرا هنيا. هنن دريون ڀڳيون،
پوسٽ جا دٻا ساڙيا، وڏا وڏا جلوس ڪڍيا ۽ جوشيلي
تقريرون ڪيون. هنن پڪي ارادي کان ڪم ورتو ۽ پنهنجو
مقصد ماڻيائون. هاڻي اسين کين مار ڏيئي نٿا سگهون.
هو اسان لاءِ کاڌو نه ٿيون رڌن، شام جو اسان سان
گهر ۾ نٿيون ويهن ۽ اسان جي گناهن لاءِ پريشان ٿيڻ
بدران پنهنجن گناهن لاءِ پريشان آهن. هنن کي ان
وقت روح مليا جڏهن مرد پنهنجا روح وڃائي چڪا هئا ۽
تڏهن ووٽ جو حق مليو جڏهن مردن ان حق کي وساري
ڇڏيو هو. هاڻي عورتون سگريٽ پيئنديون آهن، گاريون
ڏينديون آهن، شراب پيئنديون آهن ۽ سوچينديون آهن ۽
اهو مغرور مرد جيڪو ڪنهن زماني ۾ انهن هنرن ۾
اڪيلو ماهر هو اڄ گهر ۾ ٻارن جي پرگهور ٿو لهي.
سبب:
اسان پنهنجي دور جي انهن احترام لائق رسمن ۽ ادارن
جي زوال جو ڪهڙو سبب ٻڌائي سگهون ٿا جيڪي مسيحي
دور کان به گهڻو پراڻا هئا. ان تبديليءَ جو بنيادي
سبب مشينن جي گهڻائي هو. عورتن جي آزادي صنعتي
انقلاب جو هڪ حادثو هئي.
هن تبديلي ايڏي وڏي انگ ۾ عورتن کي صنعت ۾ آندو
جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، هنن جو اجورو مرد
مزورن کان گهڻو گهٽ هو. مزور مرد اُجورو وڌيڪ
گهرندا ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏا ڪندا هئا. گذريل
صديءَ ۾ انگلستان ۾ مردن کي مزوري ملڻ ڏکيو ٿي پيو
هو پر سندن زالن ۽ ٻارن کي سولائيءَ سان ڪم ملي
ويندو هو. سرمائيدار هميشه نفعو ڪمائڻ جا طريقا
ڳوليندو آهي. هن کي اخلاقي ادارن سان ڪو واسطو نه
هوندو آهي. اڻويهين صديءَ ۾ انگلستان جي وطن پرست
سرمائيدارن گهرن کي تباهه ڪرڻ جي غير شعوري سازش
ڪئي هئي.
اسان جي ڏاڏين جي آزاديءَ لاءِ پهريون آئيني قدم
1882ع ۾ کنيو ويو، ان سان فرمان جاري ٿيو ته
عورتون پنهنجي مزوري جي اُجوري جي رقم پاڻ وٽ رکي
سگهن ٿيون. اهو هڪ وڏو اخلاقي قانون هو ۽ مسيحت جي
بنيادي اصولن جي عين مطابق هو. اها رٿ ڪارخانن جي
مالڪن انڪري اسيمبليءَ ۾ پيش ڪئي هئي ته جيئن
انگسلتان جون عورتون مشينن تي ڪم ڪري سگهن. ان وقت
کان وٺي هاڻي تائين نفعي ڪمائڻ جو شوق عورتن کي
گهر مان ڪڍي دڪانن جو غلام پيو بڻائي. اڄ انگلستان
۾ ٻن عورتن مان هڪ عورت ڪنهن آفيس يا ڪارخاني ۾ ڪم
ٿي ڪري. صنعتن ۾ عورتن جو انگ مردن کان چؤڻ تي وڌي
رهيو آهي. مستقبل ۾ شايد ته هرڪا عورت گهر کان
ٻاهر ڪم ڪندي (ويم واري نادر موقعي کانسواءِ) اسان
مان ڪن لاءِ اهو تصور اڻ وڻندڙ آهي پر اسان به ڏهن
ويهن سالن ۾ ان تبديليءَ سان هري وينداسين. هر
عادت مرد کي سياڻپ واري لڳندي آهي.
عورت جي صنعت ۾ اچڻ جو مطلب گهريلو زندگيءَ جو
لازمي خاتمو آهي. جيئن جيئن مشينن جي اُٿل ٿي ۽
صنعت جي نون طريقن قيمتن ۾ گهٽتائي آندي. ڪارخانن
گهريلو هنر کي ختم ڪري عورتن جي گهريلو وندر کي
ختم ڪري ڇڏيو. آهستي آهستي هو پنهنجي پراڻن فرضن
کان آجيون ٿيون، گهر جو ماحول بي مزي ٿيو ۽ عورتون
بيڪار ۽ غير مطمئن ٿيون.
عورت تعريف جي لائق آهي جو هوءَ گهر کي ڇڏي
ڪارخاني ۾ وئي. هن وري ڪم هٿ ڪري ورتو جيڪو هن جي
هٿان نڪري ويو هو، هن کي خبر هئي ته ڪم کانسواءِ
هوءَ هڪ بيڪار بوجهه ٿي پوندي ۽ ڪنهن خوشحال گهر
جو سينگار يا ڪنهن جسماني طور ختم ٿيندڙ شخص جي
زال ٿي سگهندي، هن پنهنجو پگهار اهڙي خوشيءَ سان
ٿي ورتو جهڙيءَ خوشي ان ڇوڪريءَ کي اسڪول کي خدا
حافظ ڪندي ٿيندي آهي جنهن کي ڪنهن صنعت ۾ نوڪري
ڪرڻ سان بالغ سمجهيو ويندو آهي. عورتن هيءُ نئين
غلامي انڪري قبول ڪئي ته جيئن کين ڪنهن ڪم ڪرڻ جي
خوشي حاصل ٿئي.
هاڻي جيئن ته گهر ۾ ڪو ڪم ڪار ڪونه بچيو هو جنهن
سان گهر ۾ سک ملي انڪري مردن ۽ عورتن گهرن کي ڇڏيو
۽ فليٽن ۾ رهڻ لڳا. هنن جي زندگي صبح شام گهر کان
ٻاهر گهٽين جي گوڙ ۾ گذرڻ لڳي، ۽ اهڙيءَ طرح هڪ
ادارو جيڪو ڏهن هزار سالن کان قائم هو هڪ ئي نسل ۾
ختم ٿي ويو. اجتماع جي نفسيات جا ماهر چوندا هئا
ته ادارا، رسمون ۽ رواج آهستي آهستي بدلبا آهن پر
تهذيب جي تاريخ جو هي عظيم انقلاب اک ڇنڀ ۾ اچي
ويو. اسان جي مدبرن، مبلغن ۽ سياستدانن اسان کي
تنبيهه ڪئي هئي ته اشتراڪي گهرن کي تباهه ڪندا پر
ڏسندي ڏسندي اقتصادي انقلاب جي غير شخصي قوتن هن
ڏک واري ناٽڪ جو انت آڻي ڇڏيو.
ٻار پنهنجن حرڪتن ۽ شور سان گهر کي زندهه رکي ٿي
سگهيا پر صنعتي انقلاب هنن کي به وهائي کڻي ويو.
اڳ ٻار، ٻني ٻاري ۾ مدد ڪندا هئا ۽ خوشيءَ جو سبب
هوندا هئا، هاڻي ڀريل شهرن ۽ ننڍن گهرن ۾ مصيبت ٿي
پيا. دنيا ۾ مزور گهڻا هئا، اولاد جو پيدا ٿيڻ
گهٽجي ويو ته متان ماڻهو هميشه لاءِ مفلسي ۽ جاهل
نه رهجي وڃن. مشينن جي اچڻ سان ڪارخانا لڳا،
ڪارخانن جي ڪري شهر ٺهيا ۽ شهرن جمهوريت، اشتراڪيت
۽ ڄم روڪ کي جنم ڏنو. هي انقلاب ڪنهن جي به اختيار
۾ نه هو. ٻارن ڄڻڻ لاءِ عورتن جي حقن واريون ۽
ٻيون تحريڪون هاڻي مذهبي ماڻهن ۽ پادرين جي اثر ۾
نه رهيون ۽ سندن آواز کي ڪا اهميت ڪانه هئي. انهن
جي نتيجن کان بچڻ جي رڳو هڪ واٽ هئي ته يورپ ۽
آمريڪا جي گذريل سو سالن جي تاريخ کي بدلائي ڇڏجي.
پر تاريخ کي توانائيءَ وانگر ڪڏهن به موٽائي نه
سگهبو آهي. تاريخ ۾ تقدير لڪل هوندي آهي ۽ اُها
تاريخ پنهنجي راهه تي هلندي رهندي آهي.
شهرن ۾ ٻار پالڻ وڏي عياشي هو ڇاڪاڻ ته پنجن سالن
جو ٻار ڪوبه ڪم ڪري نه ٿي سگهيو ۽ خاندان ۾ هڪ
نئين ٻار جي واڌاري سان مسواڙ ٿي وڌي. ويم هاڻي
عام طريقي سان نه ٿي ٿيو، پر آپريشن سان ٿي ٿيو.
ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ سان عورت ڪمزور ٿي وئي. جديد دور
جي مردن جي حسن جو معيار ڪرندو ويو ۽ هن نازڪ بدن
عورت جي تعريف ٿي ڪئي جنهن جي ڪري ڳالهه وڌيڪ خراب
ٿيندي وئي. تندرست عورتن اسان جي فنڪارن ۽ ڪامياب
مردن جي حسن جي معيار تي پوريون نه ٿي لٿيون جو
هنن لاءِ حسن، تندرست مامتا جي امڪانن کان وڌيڪ
قيمتي جنسي ڪشش جو نالو هو. عورتون ٻار پيدا ڪرڻ
جي قابل نه رهيون هيون ۽ جيترو کانئن پڄندو هو هو
ٻار ڄڻڻ کان نٽائينديون هيون ۽ مرد به گهڻو ڪري
هنن سان اتفاق ڪندا هئا. پر هنن بيوقوفن کي خبر نه
هئي ته ٻارن تي ناچ گاني کان گهٽ خرچ ٿيندو آهي.
ڄم تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اوزارن عورت جي آزاديءَ کي
هٿي ڏني، ٻارن جي پرورش جي فرض کان آزاد ٿي عورت
آفيسن ۽ ڪارخانن ۾ داخل ٿي وئي. ڪارخانن ۾ هو مرد
سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هنن جهڙا ڪم ڪرڻ لڳي. هنن
جي سوچ مردن جهڙي ٿي وئي ۽ هوءَ مردن جهڙي زبان
ڳالهائڻ لڳي. عورتن کي نقاليءَ جي ذريعي آزادي
حاصل ٿي. نئين دور جي عورت روايتي مرد جون چڱيون ۽
خراب سڀ عادتون اختيار ڪيون. هن سگريٽ پيئڻ،
گاريون ڏيڻ، بي پرواهه ٿيڻ، وار ڪٽرائڻ ۽ سوٽ پائڻ
۾ مرد جي اهل شروع ڪئي. نئين حالتن مردن ۾ زالن
واريون ۽ زالن ۾ مردن واريون خاصيتون پيدا ڪيون.
هڪ جهڙي پيشي ۽ هڪ جهڙين حالتن ٻنهي جنسن کي هڪ ئي
سانچي ۾ وجهي ڇڏيو. هڪ نسل کان پوءِ افسوسناڪ
مونجهارن کان بچڻ لاءِ ڪن هٿرادو علامتن جي ذريعي
مردن ۽ عورتن جو تفاوت معلوم ڪرڻو پوندو. اڄ هنن ۾
فرق کي سمجهڻ ڏکيو آهي.
ڪو زمانو هو جو عورت جي سنڍ هجڻ جي خيال سان ئي
ماڻهو ڏڪي ويندا هئا پر اڄ هڪ تمام وڏي تبديلي اچي
وئي آهي جو عورت لاءِ سنڍ هجڻ يا هڪ ٻار جي ماءُ
هجڻ فيشن ٿي پيو آهي اسان جي زماني ۾ ٻارن جي انگ
مطابق عورت جو احترام ٿيندو هو. عورت جو ڪم ماءُ
يا طوائف ٿيڻ هو ۽ سمجهيو ويندو هو ته هوءَ پنهنجو
ڪم پوريءَ طرح ڪندي، هر روز عيسائي توڙي غير
عيسائي پنهنجن خدائن ۽ ديوتائن کان ٻارن جي دعا
گهرندا هئا، وظيفا پڙهندا هئا، پاڪ جاين جي زيارت
لاءِ ويندا هئا ۽ ٻيون رسمون پوريون ڪندا هئا.
مايا قوم جا بي اولاد ماڻهو اولاد لاءِ روزا رکندا
هئا. عبادتون ڪندا ۽ اولاد ڏيڻ واري ديوين کي خوش
ڪرڻ لاءِ نذرانا ڏيندا هئا. ڪنهن هڪ آفريقي
بادشاهه کان پڇيو. ”اوهان کي گهڻا ٻار آهن“ ته هن
وڏي ڏک مان چيو تمام ٿورا رڳو ستر.“ مامتا جون
تصويرون اسان کي ڇو ايترو وڻنديون آهن جو انهن کي
ڏسڻ سان اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا آهن، ان جو سبب اهو
آهي ته وڏن شهرن جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ گهڻن ٻارن
جي ضرورت پوندي هئي ۽ اسان جا احساس به ان ضرورت
جو عڪس هوندا هئا. هاڻي شهرن ٻار ڄڻڻ ڇڏي ڏنا آهن،
شهر هاڻي پنهنجن روشن ۽ پرڪشش ڊگهين راتين سان
تندرست ڳوٺاڻن کي پاڻ ڏانهن ٿا ڇڪين. نئون ديوتا
پنهنجون رنگين نور سان چمڪندڙ ٻانهون وڌائي ٿو ۽
هر سال ڳوٺاڻا ٻار هزارن جي انگ ۾ سندس ٻانهن ۾
ايندا ٿا وڃن. جلد ئي هو عقلمند ٿيندا ۽ پنهنجي
زرخيزي وڃائيندا ٿا رهن. شهري ٻارن جي ضرورت کي
نٿا مڃن. تنهنڪري هو عورتن کي طوائف بڻجڻ جي سکيا
ڏيندا آهن ۽ کين ٻارن جي پيدائش لاءِ زرخيز ٿيڻ نه
ڏيندا آهن. ٻارن جو شوق، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اسان جي
شڪي ۽ ٿڌن روحن ۾ گرمي پيدا ڪندو آهي، اسان جي ان
ڳوٺاڻي زندگيءَ جو يادگار آهي جڏهن عورتون ٻار
ڄڻينديون هيون، هاڻي اهي حالتون ختم ٿي ويون آهن
پر اسان جا احساس اڃا جيئرا آهن. اسان مان اهي
ماڻهو جيڪي اڻويهين صديءَ ۾ پيدا ٿيا ۽ ٻنين جي
فضا ۾ پليا نپنا، اهي مرڻ گهڙيءَ تائين ان چوڻيءَ
کي مڃيندا ته ”جن کي ٻار نه آهن اُهي خوش نصيب نٿا
ٿي سگهن.“ هو هي به مڃيندا ته تندرست ۽ توانن پٽن
۽ نيڪ ۽ سٻاجهن نياڻين جو وجود هڪ تمام وڏي حاصلات
آهي جنهن لاءِ مضبوط ڪردار جي ضرورت آهي ۽ اها
حاصلات جديد آرٽ جون تصويرون ٺاهڻ، جديد موسيقي
تخليق ڪرڻ يا نئين دور جي عورت تي مضمون لکڻ کان
وڌيڪ آهي.
اسان جون نياڻيون:
عورت جي آزادي اقتصادي تبديلين جي ڪري آهي. ان
لاءِ هن پاڻ خواهش نه ڏيکاري آهي انڪري ان لاءِ هن
کي نندي نٿو سگهجي. اها ڳالهه اسان کي ذهن ۾ رکڻ
گهرجي ته اسين عورت جو مطالعو ڪنهن حد تائين اڻ
ڌريو ٿا ڪيون.
عورت پنهنجو پاڻ ۾ وڏي لچڪ پيدا ڪري صنعتي زندگيءَ
جي گهُرَ کي پورو ڪري رهي آهي. گهڻي ڀاڱي اهڙا
ذهانت وارا طريقا، جن کي نئين نفسيات بنيادي طرح
مرداڻا طريقا ٿي چئي، عورتون وڏي تيزيءَ سان
اختيار پيون ڪن. آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارين ڇوڪرين کي
ڏسو. ٻين معاملن ۾ هنن ۾ ڪو ٽيون ڪم شروع ڪرڻ جي
صلاحيت شايد گهٽ هجي. (جنسي معاملن کانسواءِ) پر
هنن جي خاموش قابليت، سدائينءَ واري خوش اخلاقي، ۽
ڏيکاءَ کانسواءِ آفيس جو سارو ڪم ڪرڻ جي صلاحيت.
هنن جي ڀيٽ ۾ مرد کي آرام ڪرسيءَ تي آهلي سگار
پيئندو ۽ مربيانه انداز سان هيڏانهن هوڏانهن
نهاريندو ڏسي، اسان ۾ ڇوڪرين لاءِ تعريف جا جذبا
جاڳندا آهن. ٻن نسلن ۾ نازڪ صنف صنعت ۾ اهو مقام
حاصل ڪيو آهي ۽ جسماني ڪم ڪار وارن پيشن کانسواءِ
ٻين سڀني پيشن تي ڇانئجي ويون آهن. اڄ جيڪڏهن
اسٽوئرٽ مل هجي ها ته حيران ٿي وڃي ها ته هن عورتن
کان ڪيتريون گهٽ اميدون ڪيون هيون. (اڄ اسين تصور
۾ هن کي قسطنطنيه جي مصروف ترين ڪاروباري گهٽين ۾
پوليس عورتن کي ٽريفڪ ڪنٽرول ڪندو ڏسي حيرت ۾ بيٺل
ڏسون ٿا) اسان چئي نٿا سگهون ته صنعت ۾ عورتن جي
شموليت ڪيتري وڌندي. شايد اهڙو وقت به اچي جو
عورتن جي موقعه شناسي ۽ معاملن کي تفصيل سان ڄاڻڻ
جي ڏات جي ڪري هنن جي طاقت مردن جي طاقت جي برابر
ٿي وڃي. جڏهن بجلي صنعت مان غلاظت ۽ جسماني طاقت
جا امڪان ختم ڪري ڇڏيندي تڏهن مرد کي به اقتصادي
دنيا ۾ پنهنجي حيثيت کي قائم رکڻ لاءِ ذهانت کان
ڪم وٺڻو پوندو.
اسان جون نياڻيون سياست ۾ شايد ايترو ڪامياب ٿي نه
سگهن. صنعتي دور جي عورت کي سياست جي راند ۾ ان
ڪري ڦاسڻو پيو هو ته جيئن هو مردن جي بڻايل قانونن
کان پاڻ کي تحفظ ڏيئي سگهن. ڇا مردن هزارين قانوني
حدبندين سان پنهنجن جارحاڻي حقن جي حفاظت نه ڪئي
هئي. انهن حدبندين کي ٽٽڻو هو ۽ گهر ۽ مامتا جي
ذميوارين کان آجي ٿيل عورت لاءِ هر واٽ کي کُلڻو
هو. ڪيتري لڳاتار ڪوشش ۽ قابليت سان هو پنهنجي ووٽ
ڏيڻ جي حق واريءَ جنگ ۾ شريڪ ٿيون ۽ مخالفت جي هر
آواز کي دٻايو. ان زماني ۾ ئي انگلستان ۽ آمريڪا
جي باغي مزورن ناانصافيءَ خلاف سياسي احتجاج ڪيو
پر ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهيا. عورتن سپاهين وانگر
هيءَ جنگ جوٽي ۽ حڪومت جا دروازا کڙڪايا، تان جو
اهي دروازا کلي ويا ۽ جمهوريت هنن کي پنهنجي ٻانهن
۾ پناهه ڏيڻ لاءِ مجبور ٿي وئي. اڄ کان پنجاهه سال
پوءِ کين خبر پوندي ته هنن سان ڪيڏو نه وڻندڙ کيڏ
ٿيو هو.
ڪجهه عورتون اڄ به اها ڳالهه سمجهن ٿيون ته آدم
شماري آزادي نه آهي، نه آزادي ڪا سياسي شيءِ آهي.
آزادي هڪ ذهني حالت آهي، لکين هوشيار ۽ خوش باش
ڇوڪريون انهن ڪاليجن ۽ اسڪولن جي ڪلاسن ۾ پنهنجن
رنگينين ۽ ڪشش سان نظر اچن ٿيون جتي اڳ رڳو مرد
نظر ايندا هئا. هزارين تعليمي ادارن ۾ اسان جي هنن
سان ملاقات ٿيندي آهي. هنن جي چهرن تي سائنس ۽ ادب
مان حاصل ٿيل سنجيدگي، هنن جي اکين ۾ علم جي ڳولها
جي روشني ۽ هنن جي جسم ۾ زندگيءَ جو احساس پيو
ڇلڪندو آهي. هنن جو حسن اسان کي انڌو ڪري ڇڏيندو
آهي ۽ اسان وڏي مهربانيءَ سان هنن جي لاپرواه ۽
خوش هجڻ جو اندازو لڳائيندا آهيون. پر ڇا اوهان
هنن کي ڪلاس ۾ سوال ڪندي ٻڌو آهي. ڇا اوهان هنن کي
ڪنهن نظريي جا بخيا اُڊيڙيندي ۽ پنهنجي مرضيءَ
مطابق دنيا جي نئين سر تعمير ڪندي ڏٺو آهي.
ان ساري تعليم جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ اها تعليم نئين
دور جي ان عورت سان تعاون ڪندي جنهن جي زندگيءَ کي
هن جون مصروفيتون ۽ تجربا نوان رُخ پيا ڏين، ۽ ڇا
هن کي اهڙي ذهانت ڏيئي سگهندي جنهن سان هوءَ
بدلجندڙ دنيا کي منهن ڏيئي سگهي. ڇا هن جي ذهن جي
نئين وسعت ۽ دلچسپين جي گهڻائي هن جي جبلتن جي
ذهانت ۽ اتحاد کي ٽوڙي نه ڇڏينديون جن سان هوءَ
هٻڪندڙ ۽ ذهين دشمن مرد سان جنگ وڙهندي رهي آهي.
هن جي نئين ذهانت هن جي ٿيڻ واري گهوٽ کي ڇرڪائي ۽
ڀڄائي نه ڇڏيندي ۽ پڙهيل عورت لاءِ گهوٽ ڳولهڻ
ڏکيو ٿي نه پوندو، ٻڌو آهي ته پراڻي زماني ۾ روم
جا شهري پڙهيل زال جو ٻڌي ڇرڪي ويندا هئا. اصل
ڳالهه هيءَ آهي ته هرڪو مرد اهڙي عورت جي ساٿ ۾
خوش نه هوندو آهي جنهن جو دماغ هن جي دماغ جي
برابر هجي. هو رڳو اهڙي عورت سان محبت ڪري سگهي ٿو
جيڪا ڪمزور هجي جيئن عورت رڳو اهڙي مرد سان محبت
ڪري سگهي ٿي جيڪو کانئس وڌيڪ طاقتور هجي. انڪري
اهڙي ڇوڪري جنهن جي ثقافت، علم ۽ فڪر هجي ۽ جنهن
جي شخصيت جو انحصار قدرتي حسن ۽ اهڙي هنر تي هجي
جنهن ۾ شعور جو گهٽ دخل هجي، ان کي سولائيءَ سان
مڙس نه ملندو آهي. ڇاڪاڻ جو هو انهن ڪمن ۾ به
مداخلت ڪندي آهي جيڪي صدين کان رڳو مرد ڪندو آيو
آهي. عورتن جي ڪاليجن جون سٺ سيڪڙو گريجوئيٽ
ڇوڪريون شادي ڪري نه سگهنديون آهن. هڪ وڏي
سائنسدان سونيا ڪاونليوسڪي شڪايت ڪئي هئي ته مرد
مون سان شادي ڪرڻ نٿا گهرن، مون سان ڪو ماڻهو ڇو
محبت نٿو ڪري جڏهن ته مان ٻين عورتن کان وڌيڪ سندن
زندگيءَ کي بهتر بڻائي سگهان ٿي. پر پوءِ به مرد
نهايت هيٺاهين درجي جي عورتن سان محبت ڪن ٿا، مون
سان نٿا ڪن. هڪ سمجهدار ڇوڪري خاص عمر تائين
پنهنجي ذهني برتريءَ کي لڪائيندي آهي.
پنجاهه سالن ۾ عورتن ثابت ڪري ڏيکاريو ته مرد ۽
عورت جا ذهني فرق فطري نه پر هٿرادو آهن. ان جي
معنيٰ اها نه آهي ته عورتون جلدئي انهن ذهني
مشڪلاتن تي حاوي ٿي وينديون جيڪي وقت، رسم ۽ رواج
هنن لاءِ پيدا ڪيون آهن. عورتن جي ثقافتي اوسر اڃا
هاڻي شروع ٿي آهي. هنن جي ثقافت جي پسمنظر ۾ ڪا
پراڻي روايت ۽ ڪا تحريڪ ڪانهي. هنن جي آڏو ڪي اهڙا
مثال ڪونهن جيڪي هنن ۾ خوداعتمادي پيدا ڪرڻ جو سبب
بڻجن. اهو رڳو اسان جي زماني ۾ ٿيو آهي جو عورت کي
تعليم حاصل ڪرڻ جا مردن جهڙا موقعا مليا آهن.
ڪيتري وقت تائين ڪاليجن ۾ مردن ۽ عورتن جي سراسري
انگ ملڪ جي آدم شماريءَ جي سراسري انگ کان گهٽ
رهندو؟ ٿي سگهي ٿو ته عورتن جي قوت جو ڪجهه حصو
ٻارن ۾ پورو ٿي وڃي. هوءَ شايد وري مامتا کي
پنهنجو سڀ کان وڏو ڪارنامو سمجهڻ شروع ڪري ۽ ادب ۽
فن جي وقتي گوڙ کي غير جنسي مردن جي سپرد ڪري
مطمئن ٿي وڃي. هنن کي شايد خبر پئجي وڃي ته دنيا ۾
لکيل لفظن کان وڌيڪ سٺيون شيون به آهن ۽ شعور ۽
علم ۾ وڏو فرق آهي.
جديد عورت جي جسم جي ڪهڙي حالت آهي، ڇا گهر کان
ٻاهر اچڻ ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ سان هن جي جسماني صحت
خراب ٿي وئي آهي. هوءَ ٻني ٻاري جو ڪم ڪرڻ واري
پنهنجي ڏاڏيءَ وانگر تندرست ۽ تواني نٿي نظر اچي.
هن جي منهن جو اصلي رنگ جهڪو ٿي ويو آهي ۽ هوءَ
بيوسي ۽ سور جو ڊگهو عرصو گذارڻ کانپوءِ ٻار
ڄڻيندي آهي، اها رڳو جديد عورت نه آهي جنهن جي
تندرستي خراب ٿي آهي پر مرد به جڏهن کان ٻني ٻاري
جو ڪم ڇڏيو آهي تڏهن کان ان زماني جهڙو تندرست نه
رهيو آهي. نئين دور جو ذهن پهريان کان وڌيڪ تيز
آهي. اهو ذهن لکين مشينن ۽ اوزارن کي سولائيءَ سان
ڪم آڻيندو آهي. پر اڄ جو جسم اڳوڻي زندگيءَ جو
وزن برداشت ڪرڻ جهڙو نه رهيو آهي. انهن سڀني مسئلن
کان پوءِ اڄ جي عورت ايتري ته حسين آهي جو فلاسفر
به کيس ڏسي مست ٿا ٿي وڃن. اسان عورت جا ٿورائتا
آهيون جو هوءَ وڏا حيلا هلائي پنهنجي ڪشش کي ان
وهيءَ تائين قائم ٿي رکي جنهن وهيءَ تائين اڳ جون
عورتون پوڙهيون ٿي وينديون هيون. ڪنهن زماني ۾
عورت چاليهن ورهين ۾ پوڙهي ۽ ڪمزور نظر ايندي هئي
۽ اعتماد جي لائق سمجهي ويندي هئي. پر اڄ دنيا ۾
هن جهڙي خطرناڪ هستي ڪانهي، هن جي ميڪ اپ جي سامان
کي به برداشت ڪري سگهجي ٿو. جو سندس ڳاڙها ڳل ۽
ڳاڙها چپ فن ۽ تهذيب سان لاڳاپيل آهن، جيتوڻيڪ ڳلن
۽ چپن جو فطري رنگ لپ اسٽڪ ۽ روج جي رنگت کان
بهرحال سٺو آهي.
شايد جديد عورت جي حسين نزاڪت ۽ جسماني ڪمزوري هڪ
وقتي ۽ سطحي حالت آهي. جڏهن دنيا جو مشيني ڪم ڪار
بجليءَ جي طاقت سان هلندو تڌهن ڪارخانن ۾ به ايڏي
صفائي هوندي جيڏي گهرن ۾ هوندي هئي. شهر پکڙجي
ويندا ۽ ماڻهو وري تازي هوا کائڻ شروع ڪندا. گهمڻ
ڦرڻ، ٽينس ۽ باسڪيٽ بال جي ڪري شايد گلاب جا گل
وري تازا ٿي وڃن، جن کي شهري صنعت ڪومائي ڇڏيو هو.
نئين دور جي ڇوڪريءَ جو جسم ضرورت کان وڌيڪ ڪپڙن
کان آجو ٿي ويو آهي، ننڍا اسڪرٽ درزين کانسواءِ
سموري دنيا لاءِ نعمت آهن. ننڍي اسڪرٽ جو رڳو هڪڙو
نقصان آهي ته ان سان مرد جو تخيل ختم ٿيندو ٿو وڃي
۽ جيڪڏهن مردن ۾ تخيل نه هجي ها ته شايد عورتن ۾
حسن به نه هجي ها. مطلب ته نئين عورت زندگيءَ جي
رنگيني ۾ گهڻو واڌارو ڪيو آهي. هوءَ پنهنجي نئين
آزاديءَ جي ڪري ڏاڍي خوش ٿي نظر اچي. پر اسان مان
ڪن لاءِ اها ڏکي ڳالهه آهي ته هو پنهنجي پاڻ کي
عورت جي ڪتريل وارن ۽ سگريٽ پيئڻ جي عادت سان
هيرائي سگهن. پر اچڻ وارا نسلَ ان تبديليءَ کي
خراب نه سمجهندا. سهڻي عورت جيڪو به ڪم لڳاتار
ڪندي رهندي مرد ان کي پسند ڪندو ويندو. رسم ۽ رواج
جو احساس حسن تي وڏو اثر ڪندو آهي. اڳوڻي زماني ۾
پوڙهيون حقو پيئنديون هيون ۽ مرد ان کي خراب نه
سمجهندا هئا. دنيا ائين ئي پنهنجو ڪم هلائيندي
رهندي. هاڻي جڏهن پوڙهيون بدمعاش آهن ۽ جوان
عورتون پنهنجن عاشقن جي اکين ۾ دونهون ٿيون هڻن
تڏهن سگريٽ پيئڻ نقصانڪار به آهي ته وڻندڙ به، پر
جي مرد ۽ عورتون ٿوري پر خوش زندگيءَ کي ترجيح ٿا
ڏين ته اسين ڪير ٿيندا آهيون جو کين جهليون، اسان
اها ڳالهه ڪيئن پڪ سان چئي ٿا سگهون ته خوشي ڏاهپ
کان وڌيڪ ڏاهپ واري نه آهي.
آخر اسان جديد ناچ جي باري ۾ ڇا چونداسين. اهو ناچ
عورتن جي ايجاد آهي يا ڪنهن چرياڻ مرد جي؟ ڇا ائين
ٿيو هو ته جڏهن رئيسيت جي دور ۾ بي حيائيءَ واري
ناچ والٽز جو رواج ٿيو تڏهن اسان جا وڏا به ڪاوڙيا
هئا. ٻيو ته ڌاڙي، قتل ۽ سياست جي شريفاڻي هنر ۾
عورتن جي وڌندڙ مهارت جي باري ۾ اسان جو ڇا خيال
آهي؟ 1946ع ۾ هڪ گمنام ماڻهوءَ کي اسپتال آندو
ويو. چيو ٿي ويو ته ٽن ڇوڪرين هن کي زخمي ڪيو هو.
هو پيدل ٿي ويو ته انهن ڇوڪرين کيس سندس ڪار ۾
ويهڻ لاءِ چيو، هو راضي ٿي ويو. ٿورو اڳتي هلي هنن
ڪار بيهاري ساڻس ڀاڪر ۽ چميون شروع ڪيون. سندن
چمين ۽ ڀاڪرن جي جواب ۾ مرد گرمي ڏيکاري ته انهن
مان هڪ ڇوڪريءَ کي ڪاوڙ اچي وئي، ٻن ڇوڪرين هن کي
جهليو ۽ ٽينءَ کيس هڪ پِن سان زخم ڏيڻ شروع ڪيا. ۽
پوءِ هن کي زمين تي اُڇلائي ڀڄي ويون. ڇا اڃا اسان
عورتن جي آزادي جي باري ۾ شڪ ٿا ڪيون؟
شايد هڪسلي ٺيڪ چيو هو ته عورتن جي نيڪي مردن جي
تصور جو گهڙيل سڀ کان وڏو افسانو آهي. عورتن ۾
شروع کان وٺي جذبات رهيا آهن پر ڪنهن زماني ۾ هو
انهن کي سولائيءَ سان لڪائي سگهنديون هيون ڇاڪاڻ
جو سمجهنديون هيون ته مردن کي حياءُ پسند آهي. پر
هاڻي جڏهن مرد بي حيائيءَ کان وڌيڪ متاثر ٿا ٿين
تڏهن جديد ڇوڪري جسماني ۽ ذهني بي حيائيءَ کان
وڌيڪ ڪم ٿي وٺي. هوءَ وقتي طور حواسن کي هرکائي ٿي
پر روح کي لاپرواهه ڇڏي ٿي ڏي. هڪ بالغ مرد عورت
جي مدافعت مان مزو وٺندو آهي ۽ ساڳئي وقت عورتن جي
نازڪ مدافعت کي پسند ڪندو آهي. پر جڏهن مرد ذهني
طرح بالغ نه هجي. جنسي نواڻ جو شڪار ٿي وڃي. وفا ۽
رفاقت جي مزن کان محروم هجي ۽ جسماني ڪشش کانسواءِ
ٻي ڪا ڪشش محسوس نه ڪري ته پوءِ هن کي شادي لاءِ
راضي ڪرڻ ۾ وڏا جتن ڪرڻا پوندا آهن. پر شاديءَ کان
پوءِ جڏهن رت جي گرمي گهٽبي آهي ۽ جذبات وسامي
ويندا آهن تڏهن شاديءَ جو انجام گهڻو ڪري خراب
ٿيندو آهي. برنارڊشا جو اهو خيال غلط هو ته شاديءَ
وڌ ۾ وڌ هرکائڻ ۽ وڌ ۾ وڌ تسڪين جا موقعا ڏيڻ جو
نالو آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته هرکجڻ ختم ٿي
ويندو آهي رڳو موقعا رهجي ويندا آهن.
اسان جون وڏڙيون:
هڪ پورهيت عورت جي تصوير جيڪا پنهنجي ڪم ۾ رُڌل ۽
توانائيءَ ۽ آزاديءَ جي جذبي سان سرشار آهي، هڪ
وچولي درجي جي پرڻيل عورت کان وڌيڪ سهڻي آهي.
وچولي طبقي جي عورت آمدنيءَ جي هڪ ذريعي سان
لاڳاپيل آهي ۽ پتي راند کيڏڻ، خريداري ڪرڻ ۽
اجتماعي سڌارن جي ڪم ۾ مصروف رهندي آهي.
اچو ته اسان پاڻ کي هڪ ٻئي ملڪ جي رهواسيءَ جي نظر
سان ڏسون، ڪاؤنٽ ڪيسلنگ چئي ٿو ته آمريڪا ۾ مڙس
پراڻي زماني جي عورتن جهڙو مجبور ۽ معذور آهي ۽ ان
سان گڏ هن ۾ لازمي زوال پيدا ٿي رهيو آهي. هن هي
به چيو آهي ته آمريڪي عورتون بنان ڇاتين جي
ٿينديون ٿيون وڃن ۽ بي نيازي، ڪڙي سڀاءَ ۽ بنان
روح واريون هجڻ جو تاثر ڏين ٿيون ، پر سوال آهي ته
ڪاؤنٽ ڪيسلنگ آمريڪي عورت سان پهرين ملاقات ۾ ان
کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي رويي جي اميد ٿي رکي. اسان کي
اهڙن خيالن ڏانهن ڌيان ڏيڻ نه گهرجي جو اهي خيال
برينڊن برگ جي رئيسيت ۾ وڌيا آهن. پر انهن ۾ ايتري
صداقت ضرور آهي ته اهي مرد جي مظلوميت جي اڳڪٿي ٿا
ڪن. اهو حال رهيو ته پڪ اسان وٽ جلدئي ”غلام مڙس“
جا ادارا قائم ٿي ويندا ۽ ظالم عورتون مظلوم محنتي
مزورن جون حويليون ٺاهي، انهن ۾ کين بند ڪري
ڇڏينديون ۽ انهن جي حفاظت مخنث عورتون ڪنديون.
شايد ته مستقبل ۾ اسان ڪيولين ۽ ماکيءَ جي مکين
وانگر ٽن جنسن وارا هونداسين. ڪي عورتون نسل پيدا
ڪرڻ جو ڪم ڪنديون ۽ ٻيون عورتون اقتصادي معاملن ۾
اهڙيون ڦاسنديون جو پهريان ته سندن ٻار ڄڻڻ جي
خواهش ختم ٿيندي ۽ پوءِ ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت به ختم
ٿي ويندي. ارتقا اصول جي مطابق اسان وٽ ان ڳالهه
جي اميد رکڻ جو ڪو سبب ڪونهي ته مستقبل ماضيءَ کي
ورجائيندو.
ان سموري تبديليءَ جا سبب ڪهڙا آهن؟ شايد هي ته
وقار جو تصور جسماني برتري نه رهيو آهي، مرد جي
جسماني برتريءَ جي ڪري عورت محڪوم ۽ مرد حاڪم هو
انڪري هو عورت کي مار ڏيئي ٿي سگهيو. اڄ به هو
عورت کي مار ڏيئي سگهي ٿو ۽ اهو فلاسافيءَ جو هڪ
نازڪ مسئلو ٿي پيو آهي ته مرد اها پراڻي رسم ڇو
ڇڏي ڏني آهي. شايد ته مرد جي اخلاقي شعور جي
ترقيءَ هن کان اها رسم کسي ورتي آهي ۽ عورت جي
آزاديءَ جي خواهش هن کي هڪ اهڙي حيثيت ڏيئي ڇڏي
آهي ته هوءَ پنهنجو پاڻ پنهنجي طالب جي حوالي ڪري
ڇڏي. پر ان ۾ ان ٻي حيثيت کان وڌيڪ هڪ بنيادي
اقتصادي حقيقت لڪل آهي ته نئين حالتن ۾ جسماني
طاقت کان وڌيڪ ذهني طاقت جي ضرورت آهي ۽ جسماني
طاقت جي اهميت گهٽجي وئي آهي جنهن جي ڪري وچولي
طبقي جي مرد کان سندس برتري کسجي وئي آهي، ان
کانپوءِ عورت جي ذهن جي تيزي ۽ سندس محڪم ارادو
مرد جي حجاب، حساسيت ۽ ٿڪاوٽ تي حاوي ٿي ويا آهن،
پر جتي به مرد جي جسماني قوت جي اهميت قائم آهي
(مثال مزدور طبقو) اُتي مرد گهر جو حاڪم آهي ۽
عورت پنهنجي خوداختياريءَ کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ
پنهنجي روزي ڪمائيندي آهي.
ٿورو مفت جي ماني کائڻ واري عورت تي غور ڪريو.
هوءَ گهر جي ڪم ڪار کان آزاد ٿي، ڄم روڪ جي
اوزارن، نرسن ۽ نوڪرياڻين جي ڪري مامتا جي پابندين
کان پاڻ بچائي، بيڪاريءَ جو شڪار آهي ۽ اوپري تخم
لاءِ زرخيز زمين ٿي وئي آهي. هوءَ جيترو گهٽ ڪم ٿي
ڪري اوتري وڌيڪ سست ٿيندي ٿي وڃي. هوءَ اُن ڪم کان
پوريءَ طرح نٽائي ٿي جنهن ڪم ڪڏهن کيس هڪ حسين
گڏيءَ جي بدران مرد جي مددگار بڻايو هو.
اسان گهر يا آفيس ۾ ڪم ڪرڻ واري عورت جي گهٽتائي
ڪرڻ نه ٿا گهرون ڇاڪاڻ ته ڪم ڪندي هوءَ زندگيءَ جي
يا وري فائديمند شين جي تخليق ڪندي آهي. اسان رڳو
ان عورت جي گهٽتائي ٿا ڪيون جيڪا پنهنجي جسم جو
واپار ٿي ڪري ۽ جيڪا پنهنجي محبت ۽ عشق، دولت جي
بدلي ۾ ٿي ڏي. جيڪا پنهنجا ڏينهن سينگار ۾ ۽
راتيون عيش ۾ گذاريندي آهي، جديد زندگيءَ جي
منظرنامي ۾ عورتن جي عيش واري آرام طلبيءَ کان
وڌيڪ چڙ ڏيارڻ واري ٻي ڪا ڳالهه ڪانهي. هنن کي ٻار
يا ته ٿيندا ئي نه آهن يا گهٽ ٿيندا آهن. پر هنن
کي تمام گهڻن نوڪرن جي ضرورت هوندي آهي. هنن کي ڪو
ڪم ڪار ڪونه هوندو آهي پر هنن جون ضرورتون تمام
گهڻيون هونديون آهن، هو بيڪاري جي فن ۾ هزارين
طريقن سان مهارت حاصل ڪنديون آهن جنهن جو نتيجو
اهو نڪرندو آهي ته مرد کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي
پوندي آهي ۽ هن جي حيثيت هڪ دولت ٺاهيندڙ مشين
واري ٿي ويندي آهي.
اڄ عورتون منتظر رهنديون آهن ته سندن لاءِ ڪا مِٽي
اچي. اها صورتحال انهن مفت خور عورتن پيدا ڪئي
آهي. ڇاڪاڻ جو اهڙي قسم جي عورت پنهنجي گهر واري
کي جيڪي ڏيندي آهي اهو هو ٿورا پئسا خرچ ڪري
سولائيءَ سان خريد ڪري سگهندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾
اڻ پرڻيل مرد لاءِ شادي سندس شخصيت جي تڪميل جو
وسيلو نه پر سندس روحاني بربادي جو ذريعو بڻجي
ويندي آهي. لکين عورتون پنهنجي زندگي اڪيلائي ۾
گذاري ڇڏينديون آهن ڇاڪاڻ ته لکين زالون پنهنجو
شڪار ڦاسائڻ کان پوءِ ان کي ائين چٻاڙينديون آهن
جو سوين مرد شاديءَ کان ڀڄي ويندا آهن. اسان جي
زماني جي بداخلاقيءَ جو راز ڪتريل وارن ۽ ننڍن
اسڪرٽن ۾ نه آهي پر انهن حالتن ۾ آهي.
اسان اميد ٿا ڪيون ته هي مشڪلاتون عبوري آهن. اسان
جو ذهني، اخلاقي، سياسي ۽ فني انتشار هڪ ختم ٿيندڙ
منظم سرشتي ۽ هڪ نئين اڀرندڙ سرشتي ۾ وقفو آهي،
جيڪو اسان جي هاءِ گهوڙا ۽ دليل بازيءَ مان نه پر
صنعتي شهرن جي نئين حالتن ۽ سيڪيولر دور سان اسان
جي اندر جي اُٿلن جي مطابقت پيدا ڪرڻ لاءِ اسان جي
ناڪامين ۽ ڪاميابين مان جنم وٺندو. جوانيءَ جي دور
جي ڊگهي ٿيڻ، جنهن جي ڪري شادي دير سان ٿيڻ لڳي
آهي ۽ اخلاقي نظام بدلجي ويو آهي، شايد ته ان
اعليٰ معيار جي علامت آهي جنهن تي انسان جلدئي
پهچڻ وارو آهي ڇاڪاڻ ته انساني تاريخ ۾ جواني جي
ڊگهي ٿيڻ سان تعليم ۽ سکيا جو حصول انساني نسل جي
اعليٰ مقام تي پهچڻ جي ماپن مان هڪ ماپو آهي. شايد
اسان تهذيب جو انت نه ڏسنداسين جيئن اخلاقيات جا
علمبردار سمجهن ٿا. اسان جيڪي غير رواجي ۽ بداخلاق
ماڻهو آهيون سي ٿورائي ۾ آهيون. شايد اسان ذهني
مريض ۽ بيمار آهيون انهن جو مقدر آهي ته هو ڄم روڪ
سان فنا ٿين. پر اسان جي چوڌاري ماڻهو شاديون ٿا
ڪن ۽ ٻار ٿا ڄڻن جن کي هيءَ ڌرتي ورثي ۾ ملندي.
اسان لاءِ، اها ڳالهه مڃڻ لاءِ هر دليل موجود آهي
ته اُهي هن دنيا کي قائم رکندا جيستائين هڪ نئون
اخلاقي نظام، سوچ ۽ عمل جا نوان محڪم ادارا
انسانيت کي بلند ۽ اعليٰ سطح تي نٿا پهچائين، جنهن
ڏانهن اسان جا انڌا تجربا اسان کي وٺيو ٿا هلن. |