باب پنڌرهون
ڇا ترقي سراب آهي
ترقي جي جواني:
يونانين ۽ اسان جي وچ ۾ جيئن ته گهڻو وقت گذري چڪو
آهي انڪري اسان وقت جي فاصلي جي ڪري سمجهون ٿا ته
تاريخ ۾ ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ يونانين جلد ترقي ڪئي.
پر هنن پنهنجي ان ترقيءَ جي باري ۾ پنهنجي ادب ۾
ڪجهه ڪونه ٻڌايو آهي. ايسڪيلس
Aeschylus
جي ڊرامي ۾ پراميٿس
Prometheus
ٻڌائي
ٿو ته هن انسانيت کي باهه کان واقف ڪرايو ۽ انسان
ڪيڏي نه تهذيبي ترقي ڪئي. پنجاهه سٽن ۾ هو ثقافتي
اوسر جي منزلن جو ائين ذڪر ٿو ڪري جو آمريڪا جي ڪن
رياستن ۾ هن جي ان ذڪر کي غير اخلاقي حد تائين
جديد سمجهيو ٿو وڃي.
يوريپيڊس
Euripides
وٽ به اسان کي ترقي بابت ڪي اشارا ملن ٿا. پر اهڙو
ذڪر نه زينوفن
Xenophon
جي ”سقراط“ ۾ ٿو ملي ۽ نه افلاطون وٽ ارسطو ته
پنهنجي بي نيازيءَ واري رجعت پسنديءَ جي ڪري ان
ڳالهه کي ڌيان لائق ئي نٿو سمجهي. يوناني گهڻو ڪري
تاريخ کي خرابيءَ وارو چڪر سمجهندا هئا. اسٽيگريٽStagyrite
جو خيال آهي ته سڀئي فن ۽ علم ايجاد ٿيندا ۽ فنا
ٿيندا رهيا آهن. ٿيلسThales
کان وٺي مارڪَس آريلس تائين يوناني ڏاهن جي اها
سوچ رهي آهي، رواقين اسٽاڪس ماڻهن کي صلاح ڏني ته
آئيندي ۾ ڪا اميد نه رکن. ايستائين جو ايپيڪيورئين
به خوشي کي اداسي سان قبول ڪندا هئا ۽ مسٽر بريڊلي
Mr. Bradley
جي چواڻيءَ سمجهندا هئا ته ممڪن دنيائن مان هيءَ
دنيا بهترين آهي ۽ هتان جي هر شيءِ لازمي بدي آهي.
هيگيسيئس
Hegesias
جنهن لذت پرستي جي تعليم ڏني، زندگيءَ کي اجائي ۽
بيڪار شيءِ سمجهندو هو ۽ خودڪشيءَ جي صلاح ڏني
هئائين پر هن پاڻ شوپنهار جيڏي ڊگهي عمر ماڻي.
آزادي کسجڻ کانپوءِ ايٿنس وارن ۾ مايوسي لازمي هئي
پر روم جي تاريخ جي هر مرحلي تي اسان کي مايوسي
ڏسڻ ۾ ٿي اچي. ليوڪريٽيئس
Lucretias
انسان لاءِ چئي ٿو ته هو آهستي آهستي ترقي ٿو ڪري.
پر هو اسان جي ان سوال جو جواب ته ڇا ترقي سراب
آهي. ڏاڍو مختصر ٿو جواب ڏي ۽ اها ئي ڳالهه ٿو ڪري
ته سڀ شيون ساڳيون آهن، اج جيڪڏهن اهو عظيم شاعر ۽
فلاسفر اسان ۾ هجي ته ڇا هاڻي به هو اهو ئي جواب
ڏيندو. هو پڪ سان اسان جي مشينن ۽ اوزارن جي رعب ۾
اچي وڃي جيڪي اسان جون سڀ خواهشون پوريون ڪنديون
ٿيون رهن. پر شايد ته هو پنهنجي اُداس انداز ۾ پڇي
ته ڇا اهي عورتون ۽ مرد جيڪي وڏيون وڏيون مشينون
ٿا استعمال ڪن، اخلاقي، ذهني ۽ جسمانيءَ طرح
پنهنجن ابن ڏاڏن کان بهتر آهن. هو اها خبر ڏاڍي
ڌيان سان پڙهي ته هڪ نوجوان زال دريءَ جي چوڪٺ
سان پنهنجي مڙس کي ٻڌي ماري ڇڏيو ۽ کيس خبر پوي ته
ڪيترين نه صدين کانپوءِ ماڻهو کي دريءَ جي چوڪٽ جي
فائديمند استعمال جي خبر پئي آهي. هو پڪ سان چئي
ها ته ان معاملي ۾ مقصد ساڳيو آهي پر اوزار جو فرق
آهي ڇاڪاڻ ته مڙس کي مارڻ پراڻو ڪاروبار آهي.
زندگي ۾ جيتريون گهڻيون تبديليون اچن ٿيون اوتريون
ئي شيون پنهنجي اصلي حالت ۾ قائم رهن ٿيون. شايد
ته اسان جي ترقي مقصدن جي نه پر طريقن جي ترقي
آهي.
رومي ته ليوڪريٽس کان به ويل آهن. هو نه رڳو
مستقبل کي سنڪ جي نگاهه سان ٿا ڏسن پر ماضي جي
تعريف به ٿا ڪن، هورسِ
Horace
ماضي جا قصيدا ٿو پڙهي. ٽيسيٽس
Tacitus
۽ جووينال
Juvenal
پنهنجي دور جي زوال جو افسوس ٿا ڪن. ورجل پنهنجي
سهڻي تخيل سان نغما ڳائيندي ڳائيندي اوچتو ”ازلي
ورجاءُ واري المناڪ تصور ۾ گم ٿو ٿي وڃي.
”پوءِ هو قديم پيغمبر
Tiplys
پئدا ٿيندو ۽
Argo
هڪ ٻيو جنم وٺندو.
۽ اسان جي محبوب مجاهدن کي وٺي ويندو.
وري جنگيون ٿينديون ۽ عظيم رُتبي واري اڪيليس کي
ٽرائي ڏانهن موڪليو ويندو.
واريءَ واري گهڙيال کي اُبتو رکيو ويندو ۽ ماضي
جيئن جو تيئن حال ۾ موٽي ايندو.
دنيا ۾ ڪا شيءِ نئين نه آهي.
سڀ نظر جو فريب ۽ هوا جي پٺيان ڊوڙڻ آهي.“
مارڪس آريليس
Marcus Aurelius
انساني وجود جو ڪمال حاصل ڪرڻ
۽ پنهنجو پاڻ ۾ سياست ۽ فلسفي کي سهڻي نموني ملائڻ
کانپوءِ لکي ٿو:
”عقل وارو روح ساري دنيا جو سفر ٿو ڪري، پولار ۾
چڪر ٿو هڻي ۽ لافانيت ڏانهن نهاري ٿو. ڪائنات جي
تباهي ۽ نئين تعمير جي دورن تي ويچاري ٿو ۽ سوچي
ٿو ته اسان کانپوءِ وارا نسل ڪا به نئين شيءِ نه
ڏسندا ۽ اسان جي ابن ڏاڏن اسان کان وڌيڪ ڪي به
نيون شيون نه ڏٺيون هيون، ڪنهن به وچولي درجي جي
ذهانت واري چاليهن ورهين جي عمر جي ماڻهوءَ لاءِ
چئي سگهجي ٿو ته هو ماضي ۽ مستقبل جا واقعا ڏسي ٿو
وٺي. دنيا ۾ ايڏي هڪجهڙائي آهي.“
ترقيءَ جي تصور سان يونانين جي بيزاري يا دشمني جا
سبب ڪهڙا هئا. ڇا ان جو سبب اهو هو ته هنن کي
تاريخ جو ڪو گهڻو تجربو نه ٿيو هو. هنن جي تهذيب
وڏي تيزيءَ سان عروج تي پهتي ۽ ان کي زوال به اچي
ويو. يا هنن وٽ تاريخي داستانن جي اڻاٺ هئي جنهن
جي ڪري هنن ۾ اها نظر پئدا ٿي نه سگهي جيڪا کين
سندن ترقيءَ جي معيار کان آگاهه ڪري. هنن وٽ به
وچولو دور آيو ۽ هڪ هزار سالن جي عرصي ۾ هو بربريت
جي منزل کان فلسفي جي منزل تائين پهچي ويا. ان
عرصي کانپوءِ هنن ادب جي تخليق شروع ڪئي. يا ان
وقت ڪاغذ ايڏو مهانگو هو جو ان کي تاريخ لکڻ لاءِ
ضايع ڪرڻ نٿي گهريائون، يا وري ترقي ۾ هنن جو
ويساهه انڪري نه هو جو يوناني صنعت گهڻي ترقي ڪري
نه سگهي هئي ۽ هوCrete
جي صنعت کان اڳتي وڌي نه سگهيا هئا. يا هو مادي
آسائش وارو ايڏو سامان پئدا ڪري نه سگهيا هئا.
جيڪو جديد دور جي ترقيءَ جي ايمان جو بنياد آهي.
وچين دور ۾ آسائشن جي سامان جي گهٽتائيءَ ترقيءَ
جي تصور کي اُڀرڻ جو موقعو نه ڏنو. اڳئين جهان ۾
جنت حاصل ٿيڻ جي اميد زندگيءَ جو محور هئي. موت
کانپوءِ واري حياتيءَ ۾ ماڻهن جو ايمان هنن جي
انفرادي ۽ اجتماعي مالي حالتن سان بدلجندو رهيو
آهي. جڏهن دولت وڌندي آهي ته جنت ماڻڻ جي خواهش
گهٽبي آهي. جنت ۾ آسائشون ماڻڻ جو تصور هزارن سالن
تائين ماڻهن جي ذهنن تي ڇانيل رهيو.
مغربي يورپ ۾ علم جي واڌاري ۽ صنعتي انقلاب سان
دولت آئي. دولت جي واڌاري سان ترقيءَ لاءِ اُتساهه
وڌيو ۽ واپار جي اميد گهٽي. جديد تاريخ جو اهم
واقعو اهو آهي ته
Copernican
انڪشاف ڪيو ته ڪائنات جي سيارن ۾ زمين جي ڪا حيثيت
نه آهي. ان انڪشاف ڪيترن نازڪ مزاج ماڻهن کي ناخوش
ڪري ڇڏيو ۽ جنت آسمان ۾ بدلجي وئي ۽ پنهنجو پاڻ کي
حالتن سان هم آهنگ ڪندڙ انساني روح ۾ جنت جي
آسائشن واري تصور ٽٽڻ سان هڪ زميني جنت ۾ ايمان
پئدا ٿيو. ڪيمپ نيلا
Campanella
مور
More
۽ بيڪن
Bacon
زميني جنت تي ڪتاب لکيا ۽ عالمگير مسرت جي ابدي
هجڻ جو اعلان ڪيو. يورپ آسائشون ۽ لذتون ٻاهران
گهرايون ۽ صوفين ۽ ساڌن کي ٻاهر موڪلي ڇڏيو. واپار
شهر ٺاهيا، شهرن يونيورسٽيون ٺاهيون، يونيورسٽين
سائنس کي ترقي ڏني، سائنس صنعت جو بنياد وڌو ۽
صنعت ترقيءَ جا امڪان پئدا ڪيا. گير گينٽوا
Gargantua
پينٽاگو ويل
Pentagruel
کي لکي ٿو ”ساري دنيا عالمن فاضلن، مدرسن ۽ وڏن
وڏن ڪتاب گهرن سان ڀريل آهي.“ پير ڊي لا رمي
Pierre de la Ramee 1550-1450
ع
واري دور جي باري ۾ لکيو.
هڪ صديءَ ۾ اسان انسانن ۽ علمي ڪارنامن ۾ ايتري
ترقي ڪئي آهي جيڪا اسان جا ابا ڏاڏا گذريل چوڏهن
صدينءَ ۾ به ڪري نه سگهيا هئا.“
اهي لفظ پوري دور جو آواز آهن. ڪهڙي صديءَ پنهنجو
پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن ڪارنامي سان ياد نه ڪيو آهي.
پر هيءَ خود اعتمادي نشاةالثانيه جي جان هئي. ان
خود اعتماديءَ جي جهلڪ اسان کي فرانسس بئڪن جي هڪ
هڪ سٽ ۾ نظر اچي ٿي ۽ اها خود اعتمادي ايشيا جي
ڀيٽ ۾ يورپ جي برتريءَ جي علامت آهي. ظاهر آهي ته
ان ترقيءَ جو تصور صنعتي ۽ گرجا جي حاڪميت کان آجي
تهذيب وارو هو ۽ اهو تصور وچين دور جي سياست جي
جنت جي خواهش جهڙو هو. اهو جديد ذهن جو سڀ کان من
پسند تصور هو جيڪو اسان جي سماجي فلسفي جو تَتُ
آهي. ترقي ۽ جمهوريت وارو تصور آهي. جيڪڏهن انهن
ٻنهي تصورن کي ڇڏيو وڃي ته پوءِ ذهني طور اسين
اگهاڙا ۽ کل جهڙا ٿي پونداسين ۽ اسان جي تاريخ ۾
وري اُسرڻ جي ڪا اميد ڪانه رهندي.
ترقيءَ جو عروج
ترقي ۾ پر اُميديءَ جو اظهار ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو،
روسيو پنهنجي زماني جي لحاظ کان نرالو ماڻهو هو.
پئرس جي ظالمن هن جي اعصابي سرشتي کي لوڏي ڇڏيو
هو. انهن کان هن آمريڪي ريڊ انڊئنز، جن کي هن ڏٺو
به نه هو. وڌيڪ مٿڀرو ٿي سمجهيو. هن جو خيال هو ته
سوچ ماڻهوءَ جي زوال جو سبب ٿي بڻجي. هو ماضيءَ جي
عاليشان دور جي واکاڻ ڪندو هو، جيڪو جنت وانگر هو
۽ جڏهن آدم جو زوال اڃان ڪونه ٿيو هو. پر جڏهن
اسان جي نظر اتساهيندڙ ۽ وڏي همت واري والٽيئر تي
ٿي پوي ته اسان کي روشن دور جي وڻندڙ فضا ڏسڻ ۾
اچي ٿي. ذهانت جي هن مالڪ کي ريڊ انڊئنز جي باري ۾
ڪا غلط فهمي ڪانه هئي. هن کي خبر هئي ته ماڻهو
وحشت جي دور کان تهذيب جي هن دور ۾ وڌيڪ سٺي زندگي
ٿو گذاري. هو وحشي انسان جي آهستي آهستي مهذب ٿيڻ
واري عمل کي عزت جي نگاهه سان ڏسندو ۽ پئرس کي جنت
کان وڌيڪ سمجهندو هو. هن جي پوئلڳن ٽرگو
Turgot
۽ ڪنڊورسي
Condorcat
ترقيءَ کي جديد دور جو روح بڻايو. 1793 ۾ هڪڙو
رئيس زادو ڪنڊورسي ڪنڌڪپڻ واري ڪات جي ڊپ کان ڀڄي
پئرس کان ڪنهن ڏرانهين هنڌ وڃي لڪو
هو. روبس پير
Robespierre
هن کي دعوت ڏني هئي ته هو موت کي اچي قبول ڪري
ڇاڪاڻ ته هن ٽام پين
Tom paine
وانگر بادشاهه جي قتل جي خلاف ووٽ ڏنو هو. هو
ٻهراڙيءَ ۾ اڪيلي ڪمري ۾ رهيل هو جتي هن وٽ نه
ڪتاب هئا ۽ نه ڪو دوست هو. اهڙي حالت ۾ جيڪر وڏا
وڏا بهادر به مايوسي ۽ نااميديءَ جي ور چڙهي وڃن
پر ڪنڊورسي اهڙي حالت ۾ به هڪڙو وڏو اميد ڏياريندڙ
ڪتاب لکيو جنهن کي انساني ترقيءَ بابت هڪ نهايت
اهم ڪتاب مڃيو وڃي ٿو. انسان جي شاندار آئيندي جي
اڳ ڪٿي ڪري هو پئرس مان ڀڳو ۽ ٻهراڙيءَ ۾ وڃي لڪو.
هو هڪڙي مسافر خاني ۾ رهيل هو ۽ پنهنجو پاڻ کي
محفوظ ٿي سمجهيائين. هو بستري تي ليٽيو ته ننڊ کڻي
ويس ۽ جڏهن ننڊ مان جاڳ ٿيس ته هو سپاهين جي گهيري
۾ هو. سپاهين هن کي آڻي جيل ۾ وڌو ۽ ٻئي ڏينهن هو
جيل ۾ مئل پيو هو. ڪنڌ ڪپڻ واري ڪات سان موت کان
بچڻ لاءِ هو پاڻ سان زهر جي شيشي کڻي ويو هو.
هن جو ڪتاب پڙهي خبر پوي ٿي ته اسان ڪيڏي نه زوال
واري ۽ بي ويساهي نسل مان آهيون. پر اوهين ان
ماڻهوءَ کي ڏسو جيڪو ظاهري طرح سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو
هو جنهن پنهنجي دولت ۽ سماجي رتبو انقلاب لاءِ
قربان ڪري ڇڏيا هئا. جنهن جي انقلاب کانپوءِ
اقتدار ۾ اچڻ وارن وحشين ڳولها ٿي ڪئي. جنهن
انقلاب کي آئيندي جي روشني ٿي سمجهيو ان انقلاب کي
هن ڀڃ ڊاهه ۽ افراتفري واري حالت ۾ ڏٺو پر تنهن
هوندي به هن جو ڪتاب ماڻهن کي اميد ڏيارڻ جو
شاهڪار هو. هن کان اڳ ڪنهن جو به انسانيت ۾ ايڏو
ويساهه نه ٿيو ۽ شايد هن کانپوءِ به نه ٿيندو. ڏسو
ته ڇپائيءَ جي باري ۾ هو ڪيڏي نه روانيءَ سان ٿو
پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري. هن کي پڪ آهي ته پريس
ماڻهو کي آزادي ڏياريندي. هن کي اندازو نه هو ته
پريس کي سنسني خيزيءَ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو.
هو لکي ٿو ته فطرت علم جي واڌاري کي آزادي، نيڪي ۽
انساني حقن جي احترام سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. خوشحالي
ماڻهوءَ ۾ ماڻهپي، فراخدلي ۽ عدل ڏانهن لاڙو پئدا
ڪندي آهي. ان کانپوءِ هو روشن دور جي سڀ کان اهم
عقيدي جو ذڪر ٿو ڪري. چئي ٿو ته انسان جي صلاحيت
جي ترقي جون ڪي حدون نه آهن. انسان انتها ڪمال
حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪمال حاصل ڪرڻ واري ترقي ان جي
راهه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ واري طاقت کان مٿاهين آهي.
جيستائين هيءَ دنيا جنهن ۾ اسان کي پئدا ڪيو ويو
آهي قائم آهي تيستائين ترقي ٿيندي رهندي. آخر ۾ هو
انسان جي آئيندي يعني اسان جي دور جي ڏاڍي سهڻي
تصوير ٿو پيش ڪري. لکي ٿو ته علم جي واڌاري سان
طبقن ۽ قومن جي غلامي ختم ٿي ويندي ۽ وقت ايندو جو
سج ڌرتيءَ تي رڳو آزاد قومون ڏسندو جيڪي رڳو عقل
کي پنهنجو آقا مڃينديون. ان وقت ظالم ۽ مظلوم،
پادري ۽ هنن جا پوئلڳ رڳو تاريخ جي ورقن يا اسٽيج
تي پيش ٿيندڙ ڊرامن ۾ نظر ايندا. سائنس زندگيءَ جي
معيار کي وڌائي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيندي. عورت مرد
جي، مزدور سرمائيدار جي ۽ غلام بادشاهه جي پابندين
کان آزاد ٿي ويندا، شايد ته انسانيت جنگ کي وساري
ڇڏي. اها ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ هو وري وڏي اتساهه سان
ڳالهه ٿو ڪري ته:
هيءَ سوچ اهڙي فلاسفر کي ڪيڏو نه آٿت ڏيندي آهي
جيڪو دنيا جي غلط ڪاري، ناانصافي ۽ ڏوهه پسنديءَ
تي افسوس ڪندو ٿو رهي. هو آئيندي جي امڪان تي غور
ٿو ڪري ۽ هن کي اهڙي سوچ سان ڄڻ ته عقل ۽ علم جي
ترقي لاءِ ڪيل سندس ڪوششن جو اُجورو ملي ٿو وڃي.
هو انهن سڀني ڪوششن کي انسانيت جي تقدير جي سلسلي
جون ڪڙيون ٿو سمجهي ۽ ان تصور سان هن کي نيڪي جي
صحيح خوشيءَ ۾ هڪ قائم رهندڙ خدمت ڪرڻ جو سُرور ٿو
حاصل ٿئي ۽ ان کي زماني جا انقلاب مٽائي نٿا
سگهن. اهو جذبو هن جي اهڙي پناهه گاهه آهي جتي هن
سان ظلم ڪرڻ وارن جي ياد به سندس پيڇو ڪندي ڀڄي
نٿي سگهي. پنهنجي تصور ۾ هو پاڻ کي ان انسان سان
ڳنڍي ٿو جيڪو پنهنجا حق حاصل ڪري چڪو آهي، جيڪو
ظلم کان نجات ماڻي چڪو آهي ۽ جيڪو تکين وکن سان
خوشيءَ جي راهه تي هلندو ٿو وڃي. هو پنهنجا ڏک
وساري ٿو ڇڏي ۽ تڪليفن، ڪيني ۽ تهمتن کان آجو ٿو
ٿي وڃي ۽ هو اهڙن ڏاهن ۽ خوش نصيبن جي محفل ۾ ٿو
ويهي جن جون اهي ريس ڪرڻ جهڙيون حالتون پئدا ڪرڻ ۾
ڪوششون شامل هيون.
اها ڪيڏي ته فراخدليءَ واري اميد پرستي آهي. ڪيڏي
نه جرائتمندي ۽ خواب پرستي ۽ انسانيت لاءِ ڪيڏو نه
اعليٰ جذبو. ڇا اسان ڪنڊورسي جي ان معصوم اتساهه
کي کل جهڙو چئي رد ڪري ڇڏيون يا پنهنجي دور جي بي
همتيءَ کي ننديون جنهن جي ڪري ڪي ٿورا خواب پورا
ٿي سگهيا آهن، پر پنهنجن ٻين خوابن کي پورو ڪرڻ جي
هن دور ۾ جرائت ڪانهي.
ان روشن فلسفي جو سبب تجارتي ۽ صنعتي انقلاب هو.
مشينن جي ايجاد جا نوان نوان معجزا ٿي ٿيا. مشينن
تمام گهڻي انگ ۾ ۽ تمام گهڻي تيزي سان زندگيءَ جو
ضرورتون ۽ آسائشون ٿي پئدا ڪيون. مفلسي کي ختم ڪرڻ
۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تمام ٿورو وقت گهربو
هو. بينٿم
Bentham
۽ وڏي مل
Elder Milll(1830ع)
سمجهيو ٿي ته هاڻي انگلينڊ ملڪ جي سڀني ماڻهن لاءِ
تعليم جون سهولتون مهيا ڪري سگهندو ۽ وڏي پيماني
تي تعليم سان ان صدي جي آخر تائين مسئلا حل ٿي
ويندا. ڪامٽي
Comete
تاريخ کي ٽن مرحلن ۾ ورهايو. گرجا جي برتري، مابعد
الطعيات، ۽ سانئس. بڪل پنهنجي ڪتاب تهذيب جي تاريخ
(1857ع) سان اها اميد پئدا ڪئي ته علم جي واڌاري
سان سڀ خرابيون ختم ٿي وينديون. ٻن سالن کانپوءِ
ڊارون پنهنجو ارتقا جو نظريو پيش ڪيو. نئون ذهن
نئين دنيا جي اثر ۾ آيو. ڊانٽي جي جنت ۽ روسيو جي
ماضيءَ جي سنهري دور جي تصور جي جاءِ دنيا جي جنت
ورتي. اسپينسر
Spencer
ترقيءَ کي ارتقا سان ڳنڍيو ۽ چيو ته ترقي زماني جو
لازمي ۽ اڻ ٽر مقدر آهي. ان سان گڏ هر طرف کان
نئين ايجادن جو مارو شروع ٿي ويو. دولت وڌڻ لڳي.
گرجا جي گرفت کان آزاد ٿيل سائنس سڀ ڳالهه کي ممڪن
بڻائي ڇڏيو. سيارن جي پيمائش ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهو وڏي
جراُت ۽ اُڏام ۾ پکين جو مقابلو ڪرڻ لڳو. 1914-
1918ع واري مهاڀاري لڙائي کان اڳ انسان جي صلاحيتن
جي باري ۾ هر نوع وارو عقيدو جائز هو.
ترقيءَ جي خلاف ڪي ڳالهيون
دولت، طاقت ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تيز رفتاريءَ،
جيڪي مغربي دنيا جي خاص سڃاڻ ٿي ويون هيون، انهن
هوندي به ترقيءَ جي حقيقت ۽ ضرورت جي باري ۾ ڪي
آواز اُٿاريا ويا. ميڪاؤلي
Mechiavelle
نشاة الثانيه جي عروج جي زماني
۾ چيو:
هر زماني ۾ دنيا هڪ جهڙي رهي آهي. ملڪ هڪ ٻئي کان
مختلف آهن پر سڀ جو نقشو ساڳيو آهي. ڪي قومون ترقي
ڪنديون ۽ ڪي پٺتي رهنديون وينديون آهن.“
فونٽينل پنهنجي ڪتاب ”مُردن جي گفتگو(1683ع)“.
سقراط ۽ مونٽين
Montaigne
کي دوزخ ۾ ڏيکاريو آهي جيڪا سندس خيال ۾، فلاسفرن
جي جاءِ آهي. هو ترقي جي مسئلي تي گفتگو ٿا ڪن.
سقراط پنهنجي موت کانپوءِ، ماڻهن جيڪا ترقي ڪئي
آهي ان بابت پڇي ٿو ۽ اهو ٻڌي سخت ڏکوئجي ٿو ته
ماڻهو اڃا وحشي آهن. مونٽين هن کي پڪ ٿو ڏياري ته
دنيا زوال ڏانهن پئي وڃي. هاڻي دنيا ۾ پيريڪلس
Pericles
آرسٽيڊس
Aristides
۽ سقراط جهڙيون مضبوط شخصيتون ڪونهن ۽ پوڙهو فلسفي
ڪلها لوڏي چئي ٿو:
اسان پنهنجي زماني ۾ پنهنجن ابن ڏاڏن جو ان کان
وڌيڪ احترام ڪندا هئاسين جيترو هنن لهڻو ٿي. هاڻي
اسان جو نئون نسل ان کان وڌيڪ اسان جو احترام ٿو
ڪري جيترو اسين لهڻون. اسان جي ابن ڏاڏن ۾، اسان ۾
۽ اسان جي اولاد ۾،
ڪو فرق ڪونهي.
۽ فونٽيلين
Fontellene
ان سموري بحث جو تَتُ هنئين ٿو پيش ڪري:
”ماڻهوءَ جي دل سدائين هڪ جهڙي ٿي رهي پر عقل
پنهنجي تڪميل لاءِ ڪوشان ٿو رهي. جذبا، نيڪيون ۽
بديون اڄ به ساڳيون آهن پر علم وڌندو ٿو وڃي.“
ايڪرمن
Eckermann
چيو: انسان جي ترقي هزار سالن جي ڳالهه آهي.
گوئٽي
Goethe
چيو: ”ڪهڙي خبر ته لکين سالن جي ڳالهه هجي.
انسانيت جيترو وقت قائم رهندي ان کي ترقيءَ لاءِ
رستي جون رڪاوٽون ڏسڻيون پونديون. ماڻهو وڌيڪ
هشيار ۽ چالاڪ ته ٿيندا ويندا پر هو رڳو محدود
عرصي لاءِ وڌيڪ سٺا، وڌيڪ خوش ۽ پنهنجي عمل ۾ وڌيڪ
چالاڪ نه هوندا. مان اهو وقت ڏسان پيو جڏهن خدا
انسان کان بيزار ٿيندو ۽ هڪ نئون نسل تخليق ڪندو.
شوپنهار چيو هو ته: ”تاريخ جو اصل اصول آهي هڪ
موضوع ۽ پر تفصيلن جو اختلاف“
نٽشي چيو: ”انسانيت ترقي نه پئي ڪري، انسانيت جو
ڪو وجود ڪونهي. دنيا هڪ وڏي جسماني تجربيگاهه آهي
جنهن ۾ بيرحم فطرت پنهنجا تجربا پئي ڪري ۽ جنهن ۾
ڪي تجربا ڪامياب ٿا ٿين پر گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿا
ٿين.“ ان جرمن رومانوي ڏاهي بحث کي ائين ختم ڪيو.
ڊزرائلي
Disreali
انهن ماڻهن مان هو جن سڀ کان پهرين مادي ۽ اخلاقي
ترقي، طاقت ۾ واڌاري ۽ اخلاق ۾ بهتريءَ ۾ فرق ڪيو
يورپ ترقي جي انڪري ڳالهه ٿو ڪري جو هن ڪن سائنسي
انڪشافن جي مدد سان هڪ اهڙي سماج جو بنياد وڌو
جنهن ۾ سائنس جي آسائشن کي تهذيب سمجهيو ٿو وڃي.
”مهذب يورپ خوش نه آهي. هن جو وجود بخار ۾ ورتل
آهي ۽ ان کي هو ترقي ٿو چئي. پر سوال آهي ته ڪهڙي
مقصد لاءِ ترقي. رسڪن
Ruskin
ترقي جي معنيٰ دولت سمجهڻ واري ڳالهه کان انڪار
ڪيو ۽ سوال ڪيو ته ڇا هي آسودا دڪاندار ۽ واپاري
جانسن، شڪسپيئر يا ڇاسر جي دور جي انگريزن کان
وڌيڪ سٺا انسان آهن.“ ڪار لائل ۽ ٽالسٽاءِ اها
ڳالهه مڃي ته انسان کي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ
وسيلا ايجاد ڪرڻ گهرجن پر ان ايڏي طاقت مان ڪهڙو
فائدو جو اها طاقت جيئن پهرين متضاد بيوقوفي ۽
خودڪشي وارن مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي هئي. هاڻي
به ٿيندي رهي.
1890ع ۾ ارٿر بالفر
Arthur Belfourپنهنجي
حڪيماڻي ۽ زوردار انداز ۾ چيو ته انساني ڪردار ۽
اجتماعي تنظيم فڪر (جيڪو ترقي ڪندو ٿو رهي) تي ٻڌل
نه آهي پر احساس ۽ جبلت تي ٻڌل آهي جيڪي هزارن
سالن ۾ به نٿا بدلجن. هن جو خيال آهي ته ان
ناڪاميءَ جو سبب اهو آهي جو اسين پنهنجي وڌندڙ علم
کي وڌيڪ خوشي ۽ دائمي امن حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال
ڪري نه سگهيا آهيون. ٿي سگهي ٿو ته اهو وڌندڙ علم
ئي اسان جي دور جي مايوسي جو سبب هجي
Ecclesiastes
(اهلِ مدرسه) چيو هو ته علم ۾ واڌارو ڏک ۾ واڌاري
برابر آهي. هنن جو جديد دور جو هم خيال اوتار
اناطول فرانس ٿو چئي.
”ساري ڪائنات ۾ سڀ کان غمگين مخلوق انسان آهي.
انسان کي اشرف المخلوقات چوندا آهن. پر منهنجا
دوست! ڇا انسان اشرف الخلوؤات آهي؟“
جديد صنعت تي اشتراڪن جي تنقيد اسان جي ترقي ۾
ايمان کي ڪنهن حد تائين لوڏي ڇڏيو. ماڻهن کي اسان
جي زماني جي ناانصافين جو احساس ڏيارڻ لاءِ
اشتراڪن ماضيءَ جي امن ۽ سڪون کي ساراهڻ شروع ڪيو.
رسڪن، ڪارلائل، مورس ۽ ڪروپٽڪن وچولي دور جو اهڙو
نقشو چٽيو جو هر ڪو ماڻهو حسرت سان سوچڻ لڳو ته
جيڪر هو ان دور ۾ هاري هجي ها، ٻني کيڙي ها ۽ فصل
جو مقرر حصو زميندار کان وٺي ها ۾ ان سان گڏ هنن
جديد سياست تي تنقيد ڪري آفيسن ۾ بداخلاقي ۽
نااهليت کي بي نقاب ڪري، ان جمهوريت تي شڪ ڪرڻ
لاءِ مجبور ڪيو جنهن کي اسان صديءَ کان ديوي
بڻايو ويٺا هئاسين. پريس ۽ عوامي اخبارن جي ايجاد
گهٽ ذهنن کي بلند ڪرڻ بدران بلند فطرتن کي هيٺ آڻي
ڇڏيو. سياست، مذهب، ادب، ايستائين جو سائنس تي به
پوري پني اهليت وارا ماڻهو ڇانئجي ويا. نارڊڪ ”علم
الانسان ۽ يقين ڪرڻ جي ارادي وارو فلسفو“ عام
ماڻهن جي سطح جي علم ”نسل جي اصلاح جو علم“ ۽
ويانا جي نفسيات سان مقابلو ڪرڻ لڳو. صحافت ادب جي
جاءِ ورتي. فلم جي ايجاد ڊرامي جي فن کي پٺتي ڌڪي
ڇڏيو. فوٽوگرافيءَ مصوريءَ جي فن کي ڇيهو رسايو ۽
ان کي حقيقت پرستي، مستقبل پرستي، ڪيوبزم ۽
Pointillism
۽ ٻيون خوفناڪ شڪليون اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
Rodin
۾ بت، تراش، ڇلڻ ۽ گهڙڻ کي ڇڏي مصوري شروع ڪئي.
ويهين صديءَ ۾ موسيقي چيني جي ٿانون جي رقيب بڻجي
وئي.
فن جي زوال ۽ جنگ ان صديءَ جي ايمان کي لوڏي ڇڏيو.
صنعتن جي واڌاري ۽ رئيست (Aristocracy)
جي زوال گڏجي فني هئيتن کي تباهه ڪيو. مشينن جڏهن
ڪاريگريءَ جي جاءِ ورتي ته ڪاريگري ختم ٿي وئي. ۽
جڏهن مشين وڏن مارڪيٽن جي ڳولها لاءِ مجبور ٿي ۽
پنهنجي پئداوار کي عام ماڻهن جي ضرورتن مطابق
بڻايو ۽ مال جي گهڻائيءَ جي ڪري هڪ جهڙائيءَ ۽ بد
ذوقي حسن ۽ هئيت جي جاءِ ورتي. جيڪڏهن رئسيت بچي
وڃي ها ۽ اها عوام جي ذوق جي پرورش جو وسيلو هجي
ها ته ٿي سگهيو ٿي ته
صنعت ۽ فن ٻئي ترقي ڪن ها. پر جمهوريت ۾ سياست ۽
فن، ٻنهي ۾ عوام جي پسند ۽ قبوليت کي معيار بنائڻو
پئجي ويو. وچولي درجي جي لاتعداد انسانن جو ذوق
ڊراما نگار، فلمي منظر نگار، ناول نويس، مصور، بت
تراش ۽ معمار جو رهبر ٿي ويو. شين جي قيمت ۽ سائيز
انهن جي قدر جو معيار ٿي وئي. حسن ۽ هنرمندي جيڪي
فن جا مقصد هئا، انهن جي جاءِ عجيب غريب نواڻ
ورتي. رئيسيت جي ذوق جي پرورش مهذب صدين ڪئي هئي
هاڻي فنڪار ان جي رهنمائيءَ کان محروم ٿي ويو ۽ هر
هڪ فن ڪمال کي ڇڏي ڇرڪائيندڙ تاثر پئدا ڪرڻ لڳو.
جيڪو بيشڪ ته نواڻ ۽ انفراديت آهي. مصوري ذهني مرض
جي علامت ٿي وئي. معمار صدين لاءِ نه پر محدود
عرصي لاءِ عمارتون ٺاهڻ لڳا، ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي
فن جي ترقي جون راهون بند ڪري ڇڏيائون، موسيقيءَ
عام ماڻهن جي علائقن ۽ ڪارخانن ۾ پڄي، ڪاسائن ۽
نوڪرياڻين جي اعصابي سرشتي مطابق، نوان نوان انداز
اختيار ڪرڻ شروع ڪيا. بت تراشي لباس جي غير
مقبوليت جي باوجود زوال جو شڪار ٿيندي وئي. موٽرن
۽ ميڪ اپ جي سامان کان سواءِ ويهين صديءَ ۾ فن ڄڻ
ته بلڪل ختم ٿي ويو آهي.
پوءِ عظيم جنون جو دور آيو ته ماڻهن کي خبر پئي ته
هنن جي تهذيب جو تَہُه ڪيترو نه سنهون ۽ نازڪ آهي.
هنن جو تحفظ ڪيترو عارضي ۽ هنن جي آزادي ڪيتري
ڪمزور آهي. جنگيون لڳڻ بيشڪ ته گهٽجي ويون آهن. پر
انهن جي شدت وڌي آهي. سائنس جيڪا اڳ ترقيءَ جي
ضامن هئي هاڻي موت جو فرشتو ٿي پئي آهي. ان سان
ايڏي ته تيزيءَ سان خونريزي ٿي جو وچولي دور جون
جنگيون ڪاليج جون رانديون ٿيون لڳن. بهادر هوا
بازن، عورتن ۽ ٻارن تي بم ٿي اڇلايا ۽ ڪيميا جي
ماهرن زهريلي گئس جون خوبيون ٿي بيان ڪيون. هڪ صدي
جي ترجمان ادب، سائنسدان جي تعاون سان ۽ تجارتي
تعلقات ۽ مالي ضرورتن جي ڪري، جيڪا بين الاقوامي
دوستي پئدا ڪئي هئي اها تباهه ٿي وئي ۽ يورپ جدا
جدا قومن ۾ وراهجي ويو جيڪي هڪ ٻئي جي رت جون
اُڃيون هيون. جنگ ختم ٿي ته خبر پئي ته فاتح ۽
مفتوح ٻنهي اهي شيون وڃايون جن لاءِ وڙهيا ٿي ۽ هڪ
حريص بيٺڪيت پوٽسڊم
Potsdam
مان پئرس منتقل ٿي ۽ منظم آئيني حڪومت جي جاءِ
جنگجُو آمريت ورتي. جمهوريت هونئن
ته وڌندي پئي وئي پر اصل ۾ مري چڪي هئي. اميد به
مري وئي هئي ۽ جنهن نسل جنگ ڏٺي هئي ان جو هاڻي
ڪنهن شيءِ ۾ ويساهه نه رهيو هو. بيزاري ۽ مايوسيءَ
گهٽ تجربي وارن روحن کانسواءِ هر ماڻهوءَ کي
پنهنجي چنبي ۾ روتو. هاڻي ترقيءَ جو تصور کوکلو
فريب ٿي لڳو جنهن ماڻهوءَ جي ايذائن تي اهڙي ٺٺولي
ٿي ڪئي جهڙي پهريان ڪڏهن ڪانه ٿي هئي يا وري کيس
تمام اجائي ۽ بي معنيٰ خواب پرستيءَ ۾ ڌڪي ٿي
ڇڏيو.
ڪي اڻ لاڳاپيل ڳالهيون:
والٽيئر چيو هو ته جيڪڏهن ”تون مون سان ڳالهيون
ڪرڻ ٿو گهرين ته پهرين پنهنجن اکرن کي چٽو ڪر.“
ترقيءَ سان اسان جو مطلب ڇا آهي، موضوعي وضاحتن
سان ڪم نه هلندو. ترقيءَ جي تصور کي اسان ڪنهن هڪ
مذهب يا ڪنهن هڪ اخلاقي نظام جي نقطهء نگاهه کان
پرکي نٿا سگهون. مثال اخلاقي نقطهء نظر کان ائين
چوڻ ته ماڻهوءَ کي وڌيڪ رحمدل ٿيڻ گهرجي نٽشي جي
پوئلڳن کي نه وڻندو. ائين ئي ترقيءَ کي خوشيءَ جو
واڌارو به چئي نٿا سگهون ڇاڪاڻ جو دنيا ۾ عقلمند
کان وڌيڪ بيوقوف خوش آهن ۽ جن شخصيتن جو اسين
احترام ڪيون ٿا انهن لاءِ خوشيءَ کان وڌيڪ انساني
عظمت اهم آهي. ڇا ترقيءَ جي ڪا اهڙي معروضي تشريح
ٿي سگهي ٿي جيڪا هر فرد، هر جماعت ۽ هر جنس لاءِ
قابلِ قبول هجي؟ في الحال اسان ترقيءَ جي هيءَ
معنيٰ ٿا ڪڍون ته ترقي انساني ماحول تي زندگيءَ جو
وڌندڙ غلبو آهي ۽ ماحول انهن حالتن جو نالو آهي
جيڪي اسان جي خواهشن جي پورائيءَ ۾ اسان جي مدد
ٿيون ڪن. انتشار تي ذهن ۽ مقصد جو، ۽ مادي تي هيئت
۽ عزم جو غلبو اصل ترقي آهي.
ترقي لاءِ ضروري نه آهي ته اها لڳاتار هجي. ترقيءَ
۾ اوندها ۽ مايوسيءَ وارا دور به اچي سگهن ٿا. پر
جي آخري منزل بلند آهي ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته
اسان ترقي ڪئي آهي. ترقيءَ جي حوالي سان قومن ۽
دورن جي ڪٿَ ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي سوچ صحيح
رکڻي پوندي. صحيح ڪٿ ڪرڻ لاءِ اسان کي ٻن اهڙن
قومن جي ڀيٽ ناهي ڪرڻي جن مان، هڪ جوانيءَ مان
لنگهندي هجي ۽ ٻي ثقافتيءَ طرح پڪي وهيءَ ۾ هجي.
هڪ دور جي اوڻائين کي ٻئي دور جي چڱائين سان به
ڀيٽڻو نه آهي. جيڪڏهن اسين ڏسون ٿا ته آسٽريليا ۽
آمريڪا جهڙين ننڍي عمر واري قومن ۾ ذهني لاڙو
تنظيمي، سياحتي ۽ سياسي معاملن ڏانهن آهي ۽ مصوري،
شاعري، ۽ بت تراشيءَ ڏانهن نه آهي ته اسان کي
سمجهڻ گهرجي ته هر دور کي هڪ خاص ذهن جي ضرورت
هوندي آهي ۽ ثقافتي نوع جا ذهن تڏهن پئدا ٿيندا
آهن جڏهن عملي نوع جا ذهن هنن لاءِ رستو صاف ڪري
چڪا هوندا آهن. جڏهن اسان سمجهون ته تهذيب جا دور
ايندا ۽ گذري ويندا آهن ۽ انسان جي هر عمل جو
انجام فنا آهي ته پوءِ اسان کي گهرجي ته اسين موت
کي برحق سمجهون ۽ پاڻ کي تسلي ڏيون ته قومن
پنهنجي پنهنجي محدود زندگيءَ ۾، ٿوري ڪي گهڻي ترقي
ڪئي آهي ۽ پهريان کان ڪي قدر بهتر آهن... اسان
ڏسون ته اسان جي دور جا ڏاها، سقراط ۽ افلاطون
جهڙا نه آهن ۽ اسان جا بت تراش، ڊوناٽيلو
Donatello
يا اينجلو
Angalo
جو درجو حاصل نه ڪري سگهيا آهن. اسان جا مصور
مرتبي ۾ ويلاسيڪوز
Velaseqez
کان گهٽ آهن، اسان جا شاعر شيلي ۽ باخ
Bach
جهڙيون بلنديون حاصل ڪري نه سگهيا آهن ته اسان کي
مايوس ٿيڻ نه گهرجي ۽ سمجهڻ گهرجي ته سڀ ستارا هڪ
ئي وقت ۾ نه آهن چمڪندا.... ڏسڻو رڳو اهو آهي ته
ڇا انسان جي سمورين يا وچولي صلاحيتن ۾ پهريان جي
ڀيٽ ۾ واڌارو ٿيو آهي يا نه. ۽ ڇا اهي پوري
بلنديءَ تي پهتيون آهن يا نه.
اسين جڏهن زندگيءَ کي اجتماعي نقطهء نگاهه کان
ڏسون ٿا ۽ پنهنجي خطرن ۽ انتشار واري زندگيءَ جي
وحشي دور جي ماڻهن جي جهالت، حيوانيت، آدم خوري ۽
بيمارين سان ڀريل زندگيءَ سان ڀيٽ ڪيون ٿا ته اسان
کي وڏو آٿت ٿو ملي، اسان جي نسل جا هيٺاهين سطح تي
جيئڻ وارا انسان وحشين کان شايد ئي مٿڀرا هجن، پر
انهن کان مٿاهين سطح تي جيئڻ وارن اهڙي ذهني ۽
اخلاقي سربلندي حاصل ڪئي آهي. جنهن لاءِ وحشي
ماڻهو سوچي به نٿي سگهيا. اسان شهر جي ڳتيل زندگي
گهاريندي ڪڏهن ڪڏهن وحشي دور جي ماٺيڻيءَ سادي
زندگي جي وڻندڙ تصور ۾ پناه وٺندا آهيون پر
زندگيءَ جي غير روماني گهڙين ۾ اسان کي خبر هوندي
آهي ته اهو زندگيءَ جي فرضن کان فرار آهي ۽ ماضيءَ
جي وحشي پڻي ۽ بربريت سان ريس ڪرڻ اسان جي شخصيت
جي نا پختگي جي علامت آهي. هنن جي زندگي جي مطالعي
مان خبر ٿي پئي ته هنن جي ٻارن جو موت گهڻو ٿيندو
هو ۽ زندگيءَ جو معيار گهٽ هوندو هو. هنن جي رفتار
گهٽ، هنن ۾ سهپ گهٽ، هنن جو عزم ڪمزور ۽ هنن ۾
پکڙجندڙ بيماريون تمام گهڻيون هيون. دوستاڻو ۽
روانيءَ وارو وحشي بيشڪ ته فطرت جهڙو آهي پر هو
ماڻهن لاءِ نه، ڪيڙن ۽ غلاظت لاءِ دلپسند آهي.
اهو وحشي اسان جي انهن دليلن جو رُخ اسان ڏانهن
ڦيري اسان کان پڇي سگهي ٿو ته اوهان پنهنجي سياست
۽ جنگين جي باري ۾ ڇا ٿا چئو؟ ڇا اوهين ماضيءَ جي
انهن وحشين کان وڌيڪ خوش آهيو جن جي قبيلن جا نالا
اوهان علم الانسان ۾ پڙهندا آهيو. اسان ترقيءَ جي
ڳالهه ڪرڻ وارن کي مڃڻو پوندو ته اسان جنگ جي هنر
۾ وڏي ترقي ڪئي آهي ۽ اسان جا سياستدان (ڪن ٿورن
کان سواءِ) ميلو
Milo
ڪلاڊيئس
Clodius
جي زماني جي رومي سياستدانن لاءِ فخر جو باعث هجن
ها ۽ مسٽر ڪولج
Mr: Colidge
روم جي بادشاهه نيرو جي وڌيڪ سڌريل صورت هو.
جيستائين خوشيءَ جو تعلق آهي ته چئي نٿو سگهجي ته
اها ڇا آهي. شايد ته مشاهدي ۾ نه اچڻ واري فرشتي
جهڙي آهي جنهن کي مشاهدي ۾ آڻبو ته غائب ٿي ويندو.
خوشيءَ جي ڪٿ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. خوشي جو گهڻو
دارومدار صحت تي آهي. پوءِ محبت تي ۽ پوءِ دولت
تي.... دولت اسان ائين ٿا حاصل ڪيون جو اها دانشور
طبقي جي ضمير تي بار ٿي ٿئي. اسان جي محبت ۾
گهرائي ڪانه هوندي آهي ۽ اسان پنهنجي محبت جي
گهرائيءَ جي ڪمي ۽ گهٽتائيءَ کي نواڻ سان ٿا پورو
ڪريون. خوراڪ ۽ دوائن جي گهڻي استعمال جي ڪري اسان
سمجهون ٿا ته ماضيءَ جي .... وحشين جي ڀيٽ ۾ اسان
وڌيڪ مرضن ۾ مبتلا آهيون. پر ائين نه آهي. اسان ۾
ماضيءَ جي ماڻهن کان بيماريون وڌيڪ نه آهن. اسان،
اهو انڪري ٿا سمجهون جو اسان جي خيال ۾ جتي ڊاڪٽر
گهڻا هوندا آهن اُتي مرض به گهڻا هوندا آهن پر
حقيقت هي: اُهي ته اسان وٽ اڳي کان مرض بلڪل نه
وڌيا آهن. اسان وٽ دولت ايتري وڌي آهي جو ان سان
اسين انهن بيمارين جو علاج ڪرائي ٿا سگهون جن ۾
مبتلا ٿي ماضيءَ جا ماڻهو، انهن جا يوناني نالا
ڄاڻڻ کان سواءِ، مري ويندا هئا.
ماضي ۽ حال ۾ صحت ۽ خوشيءَ جي حالت کي جاچڻ لاءِ
اسان وٽ هڪڙو معروضي ۽ اعتبار جوڳو پيمانو آهي ۽
اهو آهي ويمي ڪمپنين جا. موت بابت انگ اکر- ڪن
حالتن ۾ انهن انگن اکرن سان اسين گذريل صدين جي
جاچ به لهي سگهون ٿا. مثال جينوا ۾ 1600ع ۾ ماڻهن
جي سراسري عمر ويهه ورهيه ۽ 1900ع ۾ چاليهه ورهيه
هئي. 1902ع ۾ آمريڪا ۾ سفيد ماڻهن جي سراسري عمر
ٽيونجاهه سال هئي ۽ 1926ع ۾ ڇاونجاهه سال ٿي.
اهڙا انگ اکر اسان کي جرمنيءَ مان به مليا آهن جن
مطابق اتي 1920ع ۾ ماڻهوءَ جي سراسر عمر ويهه سال
هئي. 1750ع ۾ ٽيهه سال. 1870ع ۾ چاليهه سال. 1910ع
۾ پنجاهه سال ۽ 1920ع ۾ سٺ سال ٿي. جيڪڏهن اهي انگ
اکر صحيح آهن ته پوءِ چئي سگهجي ٿو ته زندگي نعمت
آهي، اسان ان نعمت ۾ واڌارو ڪيو آهي ۽ اسان کي
اميد آهي ته اسين واڌاري جي ان رفتار کي قائم
رکنداسين. تازو قبرون کوٽڻ وارن پنهنجي سالياني
اجلاس ۾ انديشو ڏيکاريو آهي ته عمر ۾ سراسري واڌ
جي ڪري سندن پيشي کي خطرو ٿي پيو آهي.... جيڪڏهن
قبرون کوٽڻ وارا پريشان آهن ته پوءِ اسان جي
ترقيءَ ۾ ٿورو به شڪ ڪري نٿو سگهجي.
تاريخ جو تَتُ:
تاريخ جي موضوع بابت هاڻي تائين جيڪي اعتراض ۽
ترميمون سامهون آيون آهن. انهن جي روشنيءَ ۾
ترقيءَ جي مسئلي کي وڏي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي.
رياسيت پرستن جي نقطهء نظر کي رد ڪرڻ نه گهرجي پر
هنن جي سچ کي به پنهنجي سچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اسين
جڏهن تاريخ کي وڏي پسمنظر ۾ ٿا ڏسون ته تاريخ اسان
کي قومن جي عروج ۽ زوال جو نقشو ٿي نظر اچي جنهن ۾
ڪي گهڙيون انسان جي عروج واريون آهن جيڪي ترقيءَ
جا ڪڏهن به فنا نه ٿيندڙ مرحلا آهن. انسان آهستي
آهستي اهي مرحلا لنگهندو سائنس جي منزل تي پهتو
آهي. هن جي ترقيءَ جي مرحلن جو تفصيل هن ريت آهي.
پهرين منزل: ٻولي:
ٻولي اوچتو پئدا نه ٿي آهي ۽ نه ديوتائن وٽان مليل
سوکڙي آهي. پر اظهار جو هي وسيلو صدين جي ڪوششن
کان پوءِ حاصل ٿيو آهي. ان جي شروعات مرد جي
پنهنجي ماديءَ کي سڏڻ وارن آوازن سان ٿي ۽ انهن
آوازن ارتقا جون منزلون لنگهي، شاعريءَ جي شڪل
اختيار ڪئي. لفظن يا شَيِن جي نالن کان سواءِ جن
سان ذهن ۾ خاص تصور ٿا اچن، شين جا اجتماعي تصور
قائم ٿي نه سگهن ها. ۽ عقل ڪڏهن به وحشي پڻي جي
منزل کان اڳتي وڌي نه سگهي ها. لفظن کان سواءِ
فلسفو، شاعري، تاريخ ۽ نثر سڀ ناممڪن هئا. لفظن
کان سواءِ ڪڏهن به آئن اسٽائن ۽ اناطول فرانس جي
ذهنن جون باريڪيون حاصل ٿي نه سگهن ها. لفظن کان
سواءِ نه مرد مرد هجي ها ۽ نه عورت عورت.
ٻي منزل: باهه:
باهه ماڻهوءَ کي آب و هوا جي محتاجيءَ کان آجو ڪيو
۽ کيس دنيا تي ڇانئجڻ جي اهليت ڏني. باهه سان ئي
ماڻهوءَ جا اوزار مضبوط ٿيا ۽ اهڙيون شيون جيڪي اڳ
هو کائي نٿي سگهيو سندس خوراڪ جو حصو ٿيون. سڀ کان
اهم ڳالهه اها ٿي ته باهه ماڻهوءَ کي رات جو مالڪ
بڻايو ۽ هن جي شامن ۽ صبحن کي روشن ڪيو. ٿوري دير
لاءِ ان زماني جو تصور ڪيو جڏهن ماڻهو اوندهه تي
غالب نه ٿيو هو. اڃا تائين اسان جي روايتن ۽ شايد
ته اسان جي رت ۾ ان دور جو روپ موجود آهي. ڪو وقت
هو جو اوندهه ماڻهوءَ لاءِ عذاب هئي ۽ اونده کان
ڊڄي هو پنهنجي غار ۾ هليو ويندو هو. هاڻي اسين صبح
کان اڳ غارن ۾ نٿا وڃون. صبح جو سج اڀرڻ جي نظاري
کان محروم ٿيڻ وڏي بيوقوفي آهي پر اوندهه جي ڊپ
کان آزاد ٿيڻ به وڏي نعمت آهي. ماڻهوءَ جڏهن
پنهنجن هٿن سان روشن ڪيل ستارن سان رات کي روشن
ڪيو ته هن جو روح روشن ٿي ويو ۽ زندگيءَ جي چرپر ۽
خوشي ماڻڻ جا امڪان وڌي ويا. اسان شايد ڪڏهن به
هٿرادو روشنيءَ جي ايجاد جا ٿورا لاهي نه
سگهنداسين.
ٽين منزل: جانورن کي قبضي ۾ ڪرڻ:
اسان جي يادگيري ڪمزور آهي ۽ اسان جو تصور به
ڪمزور آهي. ان ڪري اسان اندازو لڳائي نٿا سگهون ته
جديد حالتن ۾ اسان خونخوار حيوانن کان ڪيترا محفوظ
آهيون. حيوان هاڻي اسان جي وندر ۽ خوراڪ جو حصو
آهن. پر ڪو زمانو هو جو انسان شڪاري به هو ته شڪار
به هو. ۽ هن لاءِ غار يا جهڳيءَ کان پير ٻاهر رکڻ
خطري کان خالي نه هو ۽ نه ئي هن لاءِ زمين تي
پکڙجڻ ممڪن هو. انسان جي هن ڌرتيءَ تي حاوي ٿيڻ جي
جنگ انساني تاريخ جي تمام وڏي جنگ هئي. ان جنگ
کانسواءِ ٻيون سڀ جنگيون ڄڻ ته معمولي گهرو
لڙائيون هيون. جسماني طاقت ۽ ذهني قوت جي هيءَ جنگ
تمام گهڻو عرصو هلي ۽ نيٺ جڏهن انسان جي ذهني قوت
جي فتح ٿي ته انسان دنيا ۾ محفوظ ٿي ويو ۽ هاڻي
اها حفاظت هڪ نسل کان ٻئي نسل کي ميراث ۾ ٿي ملي ۽
ڄمڻ جي وقت کان ماڻهوءَ جي ملڪيت آهي. اهڙيءَ جنگ
۽ اهڙيءَ فتح ۾ وقتي پٺتي هٽڻ ڪا وڏي ڳالهه نه
آهي.
چوٿين منزل: اجتماعي تنظيم:
ٻه ماڻهو پاڻ ۾ وڙهن ٿا، هڪ ٻئي کي ڪيرائي کيس قتل
ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته جيڪو جيئرو آهي اهو صحيح آهي ۽
جيڪو قتل ٿيو اهو غلطيءَ تي هو. اهو اڄ به بين
الاقوامي جهيڙا نبيرڻ جو اهوئي طريقو آهي. هنن جي
ڀيٽ ۾ ٻه ماڻهو ٻيا ڏسو. هي به وڙهن ٿا. هڪ ٻئي کي
چئي ٿو ته جهيڙو ڇڏيون جو متان جهيڙي ۾ مارجي نه
وڃون، ان ڪري هل ته ڪنهن چڱي مڙس وٽ هلي نبيرو
ڪرايون. جنهن وقت هن هڪ ٻئي کي ائين ٿي چيو اهو
وقت انسان جي تاريخ جو سڀ کان اهم وقت هو. انهن
مان هڪ ڄڻي جي به ناڪار سان وحشي پڻو جاري رهي ها.
پر هنن جي هاڪار سان تهذيب هڪ ٻيو مرحلو طي ڪري
ورتو. اهو مرحلو انتشار جي جاءِ تي تنظيم، وحشي
پڻي جي جاءِ تي تدبر ۽ ڏاڍائيءَ جي جاءِ تي قانون
جو احترام هو اجتماعي تنظيم فطرت کان مليل سوکڙي
آهي جنهن جي پناهه ۾ رهڻ جي ڪري اسان ان جي اهميت
کي نٿا سمجهون. ان جي اهميت جي خبر تڏهن ٿي پئي
جڏهن اسان دنيا جي اهڙن حصن ۾ سفر ٿا ڪيون جتي اڃا
تائين انتشار ۽ بدنظمي آهي. اسان جون اسمبليون سچ
پچ ته اهڙيون ايجادون آهن جن تي اعتبار ڪري نٿو
سگهجي ۽ جيڪي وچولي ذهن جي نمائندگي ٿيون ڪن. پر
ان هوندي به اسان کي زندگي ۽ جائداد جو تحفظ حاصل
آهي ۽ ان جو قدر اسان تڏهن ٿا ڪيون جڏهن ڪو انقلاب
يا ڪا گهرو لڙائي ان کي وحشي پڻي ۽ بربريت ۾
بدلائي ٿي ڇڏي. اڄ جي دور جي سفر جي وچولي دور
واري يورپ ۾ سفر سان ڀيٽ ڪيو جڏهن هرطرف رهزن هئا.
تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ اهڙو انتظام ۽ اهڙي آزادي
نظر نٿي اچي جيڪا اڄڪلهه جي انگلستان ۾ نظر ٿي
اچي. آمريڪا ۾ به جيڪڏهن اتان جي ميونسپالٽين ۾
قابل ماڻهن کي جاءِ ملي ته اتي به اهڙا امڪان پئدا
ٿي وڃن. اسان کي بهرحال سياسي خرابين ۽ جمهوري
بدنظميءَ کان ايڏو پريشان ٿيڻ نه گهرجي. سياست
زندگي نه آهي زندگيءَ جو رڳو هڪڙو رُخ آهي.....
انهن جي خرابين جي تَہه هيٺ سماج ۾ روايتي نظام
قائم آهي جيڪو ڪٽنبن، اسڪولن ۽ ٻين هزارين ادارن
جي صورت ۾ اسان جي تخريب پرست فطرت کي تعاون ۽
نيڪيءَ ۾ بدلائي ٿو. اسان کي ان ڳالهه جو خيال نٿو
رهي ته اسين هڪ اهڙي سماجي نظام جو جزو آهيون جيڪو
سوين نسلن جي ڪوشش ۽ ناڪامين، صدين جي علم ۽ دولت
جو ڦل آهي.
پنجين منزل: اخلاق:
هاڻي اسان مسئلي جي نبض تي هٿ رکيو آهي. ڇا اسان
اخلاقي طرح وحشين کان چڱا آهيون؟ ذهانت جيئن ته
اخلاق جو حصو آهي انڪري اسان چئي ٿا سگهون ته اسان
اخلاقيءَ طرح انهن کان بهتر آهيون، اسان ذهنيءَ
طور ترقي ڪئي آهي ۽ سنجيده ذهنن جو انگ هاڻي وڌيڪ
آهي جيستائين ڪردار جو تعلق آهي ته اسان شايد ته
تنزل ڏانهن وڌيا آهيون. سوچ ۾ بي ساختگي وڌي آهي
پر روح جي مضبوطي گهٽي آهي. اسان جيڪي هنن کان
وڌيڪ ذهين آهيون، پنهنجن ابن ڏاڏن جي آڏو محسوس ٿا
ڪيون. ته جيتوڻيڪ سوچ ۾ اسان هنن کان وڌ آهيون،
اسان پاڻ کي انهن وهمن کان آزاد ڪيو آهي جيڪي هنن
جو سهارو هئا پر اسان همت، عمل، مقصدن جي سچائي ۽
شخصيت جي پختائي ۾ هنن کان گهڻو پوئتي آهيون. پر
جي اخلاق جي معنيٰ اهي عمل آهن جن کي حضرت عيسيٰ
چڱو چيو آهي ته پوءِ اسان پنهنجن کاڻين ۽ ڪچي
آبادين جي خراب حالت، جمهوري خرابين ۽ جنسي بي
راهه روين جي باوجود، ٿوري گهڻي ترقي ڪئي آهي.
پنهنجن وڏن جي ڀيٽ ۾ اسان وڌيڪ نرم دل آهيون. غير
ملڪين ۽ پنهنجن تازن دشمنن سان جن کي اسان ڏٺو به
نه آهي، رحمدلي ۽ سخاوت سان پيش اچڻ جي اسان ۾
وڌيڪ صلاحيت آهي. هڪ سال (1928ع) ۾ اسان جي ملڪ جي
ماڻهن سخاوت ۾ 08 کرب ڊالر (جيڪا آمريڪا جي سڪي جي
اڌ جيتري رقم آهي) خرچ ڪيا. اسان هاڻي به قاتلن کي
ڦاهيءَ جي سزا ڏيون ٿا پر اسان خون جو بدلو خون
واري انصاف کي چڱو نٿا سمجهون ۽ اهڙا ڏوهه گهٽيا
آهن جن ۾ اهڙي سزا ڏني ٿي وڃي. ٻه سو سال اڳ
انگلستان ۾ هڪ شلنگ چورائڻ جي سزا ڦاسي ٿي سگهي
ٿي. هاڻي به جيڪڏهن ڪو وڏي چوري ڪري ته کيس سزا
ملي ٿي. هڪ سو چاليهه ورهه ٿيا جو اسڪاٽ لينڊ جي
کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ وارا غلام هئا. فرانس ۾ ڏوهاري کي
ايذاءِ ڏيئي ماريو ويندو هو. انگلستان ۾ مقروض
ماڻهن کي ساري ڄمار جيل ڪاٽڻو پوندو هو ۽ معزز
ماڻهو غلام ڦاسائڻ لاءِ آفريڪا جي ڪنارن تي حملا
ڪندا هئا. پنجاهه سال اڳ تائين اسان جي جيلن ۾
غلاظتن جا ڍير هئا ۽ جتي ننڍا وڏا ڏوهاري، ڏوهاري
ٿيڻ جي سکيا وٺندا هئا. هاڻي اسان جا جيل ٿڪل
قاتلن جون سيرگاهون آهن. هاڻي به اسان مزورن جي
مزوريءَ مان ناجائز فائدو ٿا وٺون. پر اسان
”اصلاحي ڪم“ ڪري پنهنجن ضميرن کي مطمئن ڪندا
آهيون. انساني نسل جي سڌاري جي علم، فطري چونڊ جي
ان طريقي ۾ جيڪو ڪمزور ۽ هيڻي کي مٽائي ڇڏيندو هو،
رحمدلي ۽ انسانيت کي شامل ڪيو آهي. ۽ اهڙيءَ طرح
هٿرادو چونڊ جي ذريعي ان ۾ توازن پئدا ڪيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته دنيا ۾ پهريان کان تشدد وڌيو
آهي پر حقيقت هيءَ آهي ته تشدد ناهي وڌيو اخبارن
وڌيون آهن. وڏا ۽ اثر وارا ادارا، دنيا جي ڪُنڊَ
ڪڙڇ مان ڏوهن ۽ جنس سان لاڳاپيل خبرون گڏ ڪندا آهن
ته جيئن آفيسن جي ڪَمَ ۽ هڪ زال کان بيزار ٿيل
پڙهڻ وارن کي ٿوري وندر ڏيئي سگهن. اسان جي ناشتي
کي وڻندڙ بنائڻ لاءِ پنهنجن ئي کنڊن جي بدعنوانين
۽ سياست جون خبرون هڪ صفحي تي گڏ ڪندا آهن جنهن
مان لڳندو آهي ته دنيا جو اڌ حصو ٻئي اڌ حصي کي
تباهه پيو ڪري ۽ جيڪي ان تباهيءَ مان بچي ٿا وڃن
اهي خودڪشي ٿا ڪن پر اسان کي ڪٿي به، گهرن، ادارن
يا آمدرفت جي وسيلن ۾ قاتل ۽ خودڪشي ڪرڻ وارا نظر
نه ايندا آهن هر هنڌ رڳو جمهوري ۽ بنان ڏيکاءَ
واري خوش اخلاقي نظر ايندي آهي جيڪا ان وقت جي
اخلاق کان سوين درجا بهتر آهي جڏهن مڙد نماءَ واري
مهمان نوازي ڏيکاريندا هئا ۽ جڏهن بيت المقدس ۾
وڙهڻ ويندا هئا ته پنهنجن زالن جي عصمت جي حفاظت
لاءِ کين زنجيرن ۾ جڪڙي ويندا هئا.
اسان جو شاديءَ وارو ادارو جيتوڻيڪ زوال جو شڪار
ٿيو آهي پر پوءِ به ان دور جي طريقي کان گهڻو بهتر
آهي جڏهن عورت تي قبضو ڪيو يا کين خريد ڪيو ويندو
هو. اڄ ماءُ پيءُ ۽ اولاد، استاد ۽ شاگرد جي وچ۾
بربريت، تاريخ جي ڪنهن به دور کان گهڻو گهٽ آهي.
عورت جي آزادي ۽ مڙد تي سندس فوقيت ان ڳالهه جي
علامت آهي ته ان مڙد جي جذبن ۾ نفاست پئدا ٿي آهي
جيڪو اڳ ان معاملي ۾ رت وهائيندو هو. محبت، جنهن
کان وحشي انسان اڻ ڄاڻ هو ۽ محبت کي رڳو جسم جي بک
سمجهندو هو، اها اڄ گيتن ۽ احساسن جو هڪ سهڻو
گلدستو ٿي وئي آهي جنهن ۾ مرد جي عورت لاءِ گهرج
جو بنياد جيتوڻيڪ اڄ به جسماني هوس آهي پر اها
گهرج هاڻي شاعريءَ ۾ خوشبو بڻجي وئي آهي. نوجوان
جن جا ننڍا ننڍا گناه سندن پوڙهن بزرگن کي پريشان
ٿا ڪن، انهن جو ڪفارو هو اتساه ۽ اخلاقي جرائت سان
ادا ٿا ڪن. ان جو قدر اسان کي تڏهن پوندو جڏهن
تعليم عام ٿيندي ۽ اسان جي سماجي زندگيءَ کي ڌوئي
پاڪ ڪندي.
ڇهين منزل: اوزار:
روماني ماڻهو مشينن جا دشمن ماضي (جيڪو ڌوڙ،
هرڦار، نانگ بلاؤن، ڪوريئڙا ۽ منگهڻ آهي) ڏانهن
موٽ کائڻ جي صلاح ٿا ڏين پر اسان هنن جي سامهون
انسانن کي غلام بنائيندڙ پر ساڳئي وقت کين آزادي
عطا ڪندڙ اوزارن، انجڻن ۽ مشينن جا گيت ٿا ڳايون،
اسان کي پنهنجي خوشحاليءَ تي شرمسار ٿيڻو ناهي.
اها تمام سٺي ڳالهه آهي ته جيڪي آسائشون ۽ موقعا
اڳ رڳو نوابن ۽ جاگيردارن کي ملي سگهندا هئا. هاڻي
ڪوشش ڪرڻ سان سڀ کي ملي سگهن ٿا. واندڪائي ماڻهن
لاءِ ضروري هئي. پهريان ان کي غلط استعمال ڪيو ويو
پر ان سان ثقافت کي وسعت ملي. اسان جون وڌندڙ
ايجادون ماحول تي حاوي ٿيڻ ۾ اسان جي مدد ٿيون ڪن
۽ اسان لاءِ ضروري نه آهي ته جانورن وانگر اسان
انهن کي پنهنجو پاڻ سان چنبڙائي ڇڏيون. اسان انهن
کي ايجاد ڪندا آهيون ۽ جيستائين انهن جي ٻيهر
ضرورت نه پئي انهن کي پاسيرو رکي ڇڏيندا آهيون.
اسان تمام وڏيون ٻانهون ٺاهيون جيڪو مهيني اندر
اهرام ٺاهي ٿيون ڇڏين جيڪي اڳ لکين مزور ٺاهيندا
هئا، اسان اهي عظيم اکيون ٿا ٺاهيون جيڪي آسمان جي
ستارن جون خبرون ٿيون آڻين ۽ اهڙيون ننڍيون اکيون
ٺاهيون ٿا جيڪي حياتيءَ جي نظر نه ايندڙ جزن کي
ڳولهي ٿيون لهن. اسان جي مرضي پوي ته اسين کنڊن ۽
سمنڊن جي هن پار خاموش آوازن سان گفتگو ڪري سگهون
ٿا. اسان زمين تي ۽ هوائن ۾ غير فاني ديوتائن
وانگر سير ڪري سگهون ٿا. مڃون ٿا ته رڳو رفتار بي
معنيٰ آهي پر اسان کي هوائي جهاز ان ڪري ٿو وڻي جو
اهو اسان جي جرائت ۽ عزم جي علامت آهي. اسان
پراميٿيئس وانگر زمانن تائين ڌرتي سان جڪڙيل
رهياسين هاڻي اسان آزاد ٿيا آهيون ۽ باز سان اکيون
ملائي سگهون ٿا. اوزار اسان کي غلام نٿا بڻائن.
مشينن کان شڪست وقتي ۽ غلاميءَ کان آزاديءَ ڏانهن
سفر ۾ ساهه کڻڻ لاءِ وِٿي آهي. اهو پورهيو جيڪو اڳ
آقا ۽ غلام ٻنهي لاءِ ذلت هو اهو اسان هاڻي ماڻهن
جي ڪلهن تان لاهي لوه جي ڪڏهن نه ٿڪجندڙ عضون تي
رکيو آهي. جلد ئي آبشار ۽ هواؤن پنهنجي فائديمند
طاقت گهرن ۽ ڪارخانن ۾ اوتينديون ۽ ماڻهوءَ کي
ذهني ڪم ڪرڻ جي واندڪائي ملندي. غلام انقلابن سان
نه پر ايجادن سان آزادي حاصل ڪندا.
ستين منزل: سائنس:
بڪل
Buckle
سچ چيو هو ته اسين رڳو علم ۾ ترقي ٿا ڪيون ۽ هي
ٻيون برڪتون آهستي آهستي ذهن جي روشنيءَ کي وڌائن
ٿيون: تحقيق بنان نالي وارن شرافت آهي، تجربيگاهن
۾ هلندڙ تحقيق اهڙو داستان آهي. جيڪو سياست جي
بدعنوانين ۽ جنگ جي اجائي رتوڇاڻ جو ڪفارو آهي.
تجربيگاهن ۾ ڪم ڪندڙ انسان واقعي اعليٰ مخلوق
لڳندو آهي. هو تاريڪي ۽ ظلم کي چيريندو ثابت
قدميءَ سان نور ڏانهن وڌندو ٿو وڃي. هن کي ڌرتيءَ
جي گولي تي بيٺل ڏسو. ڏسو ته ڪيئن ته آسمان جي
ستارن ۽ نظر نه ايندڙ سيارن جي ڪٿ، تور ۽ تجزيو ٿو
ڪري. اوهان هن حساب جي ماهر کي ڏسو، ڪيئن نه
منجهيل واٽن مان واٽ پيو ڪڍي. انهن ۾ اڻ ڳڻيل
ايجادن لاءِ رستو ٿو صاف ڪري جيڪي اسان جي نسل جي
طاقت ۾ واڌارو ڪنديون. هو ڏس، ڪيئن فولادي چادرن
تي لکين ٽن لوه پيو لڙڪي ۽ هڪ ڪناري کي ٻئي ڪناري
سان ٿو ملائي جنهن تان ڪروڙين انسان ٿا لنگهن،
هيءَ به شاعري آهي جنهن جهڙي شاعري شيڪسپيئر به
ڪري نه سگهيو. هن شهر جي هن عمارت ڏانهن ڏسو جيڪا
بنان رنڊڪ جي آسمان ڏانهن اُسرندي ٿي وڃي ۽ جنهن
تي اسان جي حساب واري علم جي ڪري ڪوبه بار نٿو پوي
۽ جيڪا رات ۾ ائين ٿي جرڪي ڄڻ ان تي هيرا جڙيل
هجن. سائنس جي طبعيات واري شاخ ۾ نوان رخ، نوان
عناصر، نوان ائٽم ۽ نيون قوتون پيون اُجاگر ٿين.
هتي پهاڙن تي زندگيءَ جي آتم ڪٿا لکيل آهي. هتي
تجربيگاهن ۾ سائنس جي بائيولاجيءَ واري برانچ
حياتيءَ کي ائين ٿي بدلائي جيئن طبعيات مادي کي ٿي
بدلائي. هر هنڌ اوهان کي نهٺا ۽ گمنام ماڻهو
مطالعي ۽ مشاهدي ۾ مصروف نظر ايندا جن لاءِ سمجهي
نٿو سگهجي ته هنن کي ائين پاڻ ارپڻ لاءِ اتساهيندڙ
قوت ڪهڙي آهي. هنن کي خبر آهي ته جيستائين هنن جو
پوکيل وڻ ڦر ڏيندو تيستائين هو مري چڪا هوندا پر
پوءِ به هو ڪم ڪندا ٿا رهن.
اها ڳالهه صحيح آهي ته جيئن انسان مادي کي قبضي ۾
ڪيو آهي ائين هو پنهنجو پاڻ کي قبضي ۾ ڪري نه
سگهيو آهي. اتي اسان جا ترقيءَ لاءِ ڏنل سڀ دليل
بي معنيٰ ٿي وڃن ٿا. نفسيات جي سائنس ماڻهوءَ جي
عمل کي بدلائڻ ته ڇا ماڻهوءَ کي پوريءَ طرح سمجهيو
به نه آهي. نفسيات کي اڃا تائين پراسراريت وارن
عقيدن، مابعد الطبعيات، تجزيه نفسي، ڪردار جي
نظريي جي ڏند ڪٿائن ۽ ڪچي وهيءَ جي ٻين مرضن سان
ڳنڍيو ٿو وڃي. نفسيات جا رڳو اهي ماهر خيال سان
بيان ڏيندا آهن جن جي نالي جي به اسان کي خبر نه
هوندي آهي. اسان وٽ وڏا وڏا بيان ڏيڻ جمهوري جنون
آهي جنهن هر سائنس کي فيشن بڻائي ڇڏيو آهي. نيٺ
نفسيات انهن بيمارين مان جان ڇڏائيندي، ٻين سائنس
وانگر ذميواري کڻندي ۽ عروج حاصل ڪندي. ان سائنس ۾
جيڪڏهن ڪو ٻيو بيڪن پئدا ٿيو ته اهو ان سائنس جو
دائرو مقرر ڪندو، ان کي چٽو ڪندو ۽ انهن مسئلن کي
چٽو ڪندو جيڪي هن سائنس سان حل ٿي سگهن ٿا. اسان
مان ڪير آهي جيڪو تاريخ جي حيرتن ۽ انسان جي عزم
مان واقف آهي جيڪو انسان جي انهن حاصلات جي حدبندي
ڪري سگهندو جيڪي هن جي ترقي ڪندڙ ذهني قوتن سان
کيس پلئه پونديون، هاڻي ئي ماڻهوءَ پنهنجي نئين سر
ٺاهيل ماحول تان نظرون هٽائي پنهنجي سر تعمير شروع
ڪئي آهي.
اٺين منزل: تعليم:
اسان ماضي جي تجربن کي گهڻي کان گهڻي انگ ۾ پنهنجي
نئين نسل ڏانهن منتقل ٿا ڪيون. هيءَ اسان جي زماني
جي ڳالهه آهي جو اسڪول جي سامان ۽ پڙهائيءَ تي
شايد ته ٻين سڀني اسمن کان وڌيڪ خرچ ٿو ڪيو وڃي.
ڪنهن زماني ۾ تعليم عياشي هئي ڪاليج جي تعليم رڳو
امير گهراڻن جا ڇوڪرا حاصل ڪندا هئا. هاڻي ايڏيون
يونيورسٽيون آهن جو ڪوبه پي ايڇ ڊي ڪري ٿو سگهي.
اسان بيشڪ پراڻي زماني جي اعليٰ دماغن کان وڌيڪ ٿي
نه سگهيا آهيون پر سراسري طور اسان علم کي وڌايو
آهي ۽ اهڙو مثال تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نٿو ملي.
افلاطون ۽ ارسطوءَ جي ڳالهه ڇڏيو. ايٿنز جي
بيوقوفن، وحشن ۽ هيٺاهين درجي جي اسيمبليءَ جو
تصور ڪيو، ووٽ جي حق کان محروم ماڻهو، جادوءَ
واريون مذهبي رسمون، مجبور ۽ ڏاڍ جو شڪار عورتون،
انهن جي باري ۾ سوچيو... ان دور جي ان ايٿنز ۾ رڳو
طوائفون تعليم پرائي ٿي سگهون.
ڪوبه اهو ٻاراڻو سوال ڪري ٿو سگهي ته گڏيل تعليم
وارا اسڪول ۽ يونيورسٽيون دنيا ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي
سگهيون آهن. ان جو جواب آهي ته تاريخ جي پسمنظر ۾
تعليم جو تجربو اڃا هاڻي شروع ٿيو آهي. تعليم کي
اڃا پنهنجي اهميت ثابت ڪرڻ جو وقت نه مليو آهي.
ڏهه هزار سالن جي جهالت ۽ وهم پرستيءَ کي هڪ نسل
جي عمر واري عرصي ۾ ختم ڪري نٿو سگهجي. پر ٿي
سگهيؤ ته وڌندڙ جهالت ۽ چونڊن ذريعي بنياد پرستي
وڌي ۽ تعليم تي حاوي ٿي وڃي. تعليم جيڪا ترقيءَ جي
رڳو هڪ وِک آهي تنهن لاءِ چئي نٿو سگهجي ته اها
انسان جو مستقل ڪارنامو ثابت ٿيندي تعليم جا ڪي
چڱا نتيجا هاڻي ظاهر ٿيا آهن. ان جو ڪهڙو سبب آهي
ته ذهني سهپ ۽ آزادي آمريڪا جي اُتر ۾ وڌيڪ ۽ ڏکڻ
۾ گهٽ آهي. ان جو سبب رڳو اهو آهي ته ڏکڻ ۾ ايتري
دولت ڪانهي جو اتي گهڻا اسڪول کلي سگهن. شايد اسان
جي سياسي عهدن لاءِ وچين درجي وارين صلاحيتن وارن
ماڻهن جي مقبوليت انڪري آهي جو اهي ماڻهو انهن
علائقن مان ٿا چونڊجن ۽ کين مالي ضرورتن ۽ سياسي
مصروفيتن جي ڪري ذهنن جي تربيت لاءِ وقت نٿو ملي.
ان وقت اسان جي تعليم جا نيتجا ڪهڙا نڪرندا جڏهن
اسان مان هر شخص ويهن ورهن جي عمر تائين تعليم
پرائي چڪو هوندو ۽ ان کان پوءِ انسانيت جا ذهني
خزانا هنن لاءِ کليل هوندا. اوهان ٿورو مامتا جي
جبلت تي غور ڪيو. هر هڪ صحت مند پيءُ ماءُ جي دل
چوندي آهي ته هنن جو اولاد هنن کان سٺو ٿئي. اها
آهي انساني ترقيءَ پٺيان وڏي قوت جنهن تي قانون
سازي يا ڪنهن به اخلاقي تعليم کان وڌيڪ ويساهه ڪري
سگهجي ٿو انڪري جو ان جون پاڙون انساني فطرت ۾
آهن. جوانيءَ جو زمانو ڊگهو هوندو آهي. اسان
شروعات بي وسيءَ سان ڪئي پر آهستي آهستي اسان ان
اعليٰ انسان ڏانهن ترقي پيا ڪيون جيڪو اسان جي
تاريڪ روحن مان پئدا ٿيندو. اسان تهذيب جو خام مال
آهيون.
اسان جو تعليم ڏانهن گهڻو لاڙو نه آهي ان ڪري جو
جوانيءَ ۾ اسان کي تعليم جي اهميت نه ٻڌائي وئي.
تعليم واقعن ۽ تاريخن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ واري وڏي
تحقيق جو نالو نه آهي. تعليم عظيم شخصيت جي ڄاڻ
حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. تعليم کي روزي ڪمائڻ جو
وسيلو نه پر فرد جي صلاحيتن کي اُڀارڻ جو ذريعو
سمجهڻ گهرجي. تعليم سان دنيا کي سمجهڻ، ان تي حاوي
ٿيڻ جي صلاحيت ٿي پئدا ٿئي. اڃا به تعليم کي
ٽيڪنالوجي، ذهني، اخلاقي ۽ فني ورثي کي گهڻي مان
گهڻي انداز ۾ ٻين تائين پهچائڻ جو طريقو سمجهڻ
گهرجي جنهن سان قوم فرد جي شخصيت جي تعمير ڪري کيس
صحيح انسان بڻائي سگهي. اسين پئدا ٿيڻ سان انسان
نه هوندا آهيون. ڄمڻ وقت اسان کِل جهڙا ۽ بدبودار
هوندا آهيون ۽ اسان کي انسان ٺاهيو ويندو آهي.
اسان تي انهن سوين طريقن مان انسانيت مڙهي ويندي
آهي جن مان ماضيءَ اسان جي ذهني ۽ ثقافتي ميراث کي
حال جي شڪل ڏني. اها ميراث اسان جن احمقن ۽ جاهلن
جي باوجود هر گذريل دور تي اسان کي فوقيت ڏيندي
آهي.
نائين ۽ آخري منزل، لکائي ڇپائي:
ان لاءِ به اسان جو تصور ڪمزور آهي ۽ اسين ماضيءَ
جي صورتحال جو اندازو لڳائي نٿا سگهون. ان جهالت ۽
بي طاقتيءَ وارن زمانن کي پوريءَ طرح سمجهي نٿا
سگهون جيڪي لکائيءَ جي ايجاد کان اڳ گذريا. ان
زماني ۾ ماڻهو رڳو ڳالهين جي ذريعي پنهنجو علم
اولاد ڏانهن منتقل ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو نسل ٻُڌل
علم وساري ويهندو هو يا ان کي غلط سمجهندو هو ته
وري نيئن سر علم حاصل ڪيو ويندو هو. لکائيءَ ذهني
ڪارنامن کي پائيدار بڻايو ۽ وهم پرستيءَ جي زماني
۾ ڏاهپ، ڊرامي ۽ شاعريءَ جي حسن کي محفوظ ڪيو ۽
جدا جدا نسلن کي گڏيل ميراث جي ذريعي متحد ڪيو ۽
ذهن جي اهڙي دنيا تخليق ڪئي جنهن ۾ عظيم شخصيت جو
موت ٿي نٿي سگهيو.
جيئن لکائيءَ نسلن کي ملايو ائين ڇپائيءَ هزارين
خامين هوندي به تهذيب کي هم آهنگ ڪري سگهي ٿي.
هاڻي هن دنيا جي فنا ٿيڻ کان اڳ اسان جي تهذيب فنا
ٿي نه سگهندي. تهذيب پنهنجي جاءِ مٽائيندي آهي.
ڪنهن هڪ ملڪ ۾ زمين آباديءَ لائق نه رهندي آهي ته
ٻيون آباديءَ لائق زمينون ماڻهن کي پاڻ ڏانهن
ڇڪينديون آهن. پر تهذيب مادي شيءِ نه آهي جيڪا
ڪنهن هڪ ٽُڪر سان ائين لاڳاپيل هجي جيئن هاري
ٻنيءَ جي ٽُڪر سان لاڳاپيل هوندو آهي. تهذيب
سائنسي، علمي ۽ ثقافتي تخليق جو مجموعو ڪنهن ٻي
وڌيڪ خوشحال سر زمين ڏانهن منتقل ٿي سگهي ته پوءِ
تهذيب مادي شيءِ نه آهي جيڪا ڪنهن هڪ ٽُڪر سان
ائين لاڳاپيل هجي جيئن هاري ٻنيءَ جي ٽُڪر سان
لاڳاپيل هوندو آهي. تهذيب مري نه سگهندي اُهي رڳو
پنهنجو گهر مٽائيندي آهي. دنيا ۾ رڳو دانش ۽ حسن
ئي بقا جا مستحق آهن. دانشور لاءِ ضروري ناهي ته
هن جو گهر قائم رهي. هو ان ڳالهه تي خوش ٿيندو آهي
ته هن جي شهر جا علمي ڪارناما انسانيت جي پائيدار
ميراث ٿي وڃن.
اسان کي مستقبل جي باري ۾ مايوس ٿيڻ نه گهرجي.
اسان جنگين کان بيزار ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجي ذهني
ٿڪاوٽ ۾ اسپنگلر جي ان اڳ ڪٿيءَ تي ويساهه ٿا ڪيون
ته مغربي تهذيب ختم ٿيڻ واري آهي. پر هن تهذيب جي
عروج ۽ زوال جو عالمي نقشو ضرورت کان وڌيڪ مختصر
چٽيو آهي. اسان کي پڪ آهي ته اسان جو مستقبل ان
حساب ڪتاب تي کِلندو. پهرين به جنگيون ٿيون آهن
جيڪي اسان جي عالمي جنگ کان وڌيڪ خوفناڪ هيون. پر
انسان ۽ سندس تهذيب ٻئي زنده آهن. واٽرلو کان پوءِ
فرانس ايترا دانشور پئدا ڪيا جو پئرس انهن سان
ڀرجي ويو. اسان جي تهذيب ۽ تمدن جي ميراث ڪڏهن به
هاڻي جيتري محفوظ نه هئي ۽ نه هاڻي جهڙي شاهوڪار
هئي. اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته اسان ان ۾ اضافو
ڪيون ۽ ان کي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪيون ۽ اهو
يقين رکون ته وقت ان جي خرابين کي ختم ڪندو ۽ ان
جي اعليٰ چڱاين کي گهڻن نسلن جي ضمير کي روشن ڪرڻ
لاءِ، قائم رکندو. |