سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:11 

باب يارهون

ٻارن بابت هڪ اعتراف

والدين جي باري ۾ قصيدو پڙهڻ کان پوءِ اسان ٻارن جي نيپاج ۽ انهن جي پرورش جهڙي ڏکئي ۽ نهايت ئي پراڻي فرض جي باري ۾ سوچينداسين، جيڪو ادا ڪندي اسان کي جانور ۽ وحشي ٻارن کي مهذب مرد ۽ زالون بڻائڻو هوندو آهي. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين مان پنهنجا ذاتي تجربا بيان ڪرڻ جي اجازت گهرندس ڇاڪاڻ ته جن طريقن ۽ نتيجن جو مان ذڪر ڪندس اهي هڪ تمام محدود تجربي جو تَتَ هوندا ۽ مان ان کي جيئن جو تيئن پيش ڪندس. اهو تجربو ڪهڙو آهي. اهو پيءُ ماءُ لاءِ هڪ ٻار کي پالڻ جي جوکم وارو فرض آهي. مان شروع ۾ ئي اهو اعتراف ڪندو هلان ته مون کي رڳو ٽن شخصيتن ۾ دلچسپي آهي. ايڏي دلچسپي جنهن جي صورتحال اجازت ڏيئي سگهي ٿي. قدرت اسان ۾ انانيت پيدا ڪندي آهي ته جيئن اسان زندهه رهڻ تي راضي ٿيون، اسان مان ڪهڙو شخص پنهنجو پاڻ کي بقاءَ جي نقطئه نظر سان ڏسي سگهي ٿو.

مون کي هڪ ٻار سان تمام گهڻي محبت آهي، منهنجي لاءِ اهو تصور ڪرڻ ڏکيو آهي ته ڪو ٻيو ٻار صحت، ذهانت، ڳاڙهن ڳلن ۽ گهاٽن وارن ۾ هن کان وڌيڪ هوندو. مان جڏهن پنهنجي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏڻ ويندو آهيان ۽ اسڪول جي ڀرسان کيس موڪلائڻ وارو سلام ڪندو آهيان ۽ ڏسندو آهيان ته هوءَ ڪهڙي نه آسماني حياتيءَ جي جذبي سان ڪُڏندي پنهنجي ڪلاس ڏانهن ٿي وڃي ته مون کي دنيا جا سڀ ڏک سور حقير لڳندا آهن. هيءَ ٽپ ڏيندڙ ڇوڪري سڀني مامرن جي تشريح ۽ سڀني ڏکن جو علاج آهي. مان جڏهن پنهنجي گهر ڏانهن موٽندو آهيان ته هڪ کل جهڙو پراڻو سرور مون کي وڪوڙي ويندو آهي ۽ ڏک ۽ موت مطلب ته ان ڪائنات ۾ هر شيءِ قابلِ معافي لڳندي آهي. جنهن جي اڻ ڌريو ظلم ۽ رحم، سمجهه ۾ اچڻ واري سور سان، هڪ نهايت پياري ٻار کي دنيا ۾ ٿو آڻي.

ان مان ظاهر آهي ته ان معاملي ۾ مان تعصب کان ڪم پيو وٺان ۽ اهو به ناممڪن آهي ته مان والدين جي مسئلي بابت، اڻ ڌريو ٿي سچائيءَ جي عالمي اصولن مطابق ڳالهائي سگهان. هي ڪو اصولي بحث نه هوندو پر اعتراف هوندو، هي ٻارن جي تربيت جي باري ۾ ڪو درسي ڪتاب ڪونهي پر پنهنجي عمل جو بيان آهي جيڪو ٿي سگهي ٿو ته قابل قبول نه هجي. هن مسئلي جي باري ۾ منهنجو يقين ايترو ئي گهٽ آهي جيترو مابعدالطبعيات جي مسئلن جي باري ۾ آهي. پر تنهن هوندي به مان دل ۾ سوچيان ٿو ته منهنجا خيال وڏا فلاسفاڻا ۽ اونها آهن ۽ روشن نسلن جي وجود جي چاٻي آهن ۽ مان اميد ٿو ڪيان ته شايد ٻيا ماڻهو منهنجن انهن اعترافن مان پنهنجن گهرن ۽ پنهنجي اولاد لاءِ ڪا ٿوري روشني حاصل ڪن. 

1- جسماني:

منهنجو خيال آهي ته اسان شروع کان وٺي ايٿل کي روح ۽ جسم جو ميلاپ سمجهندا رهيا آهيون، بدن پهريان پيدا ٿيو ۽ روح تڏهن جڏهن ايٿل پهريون دفعو مسڪرائي. تڏهن کان اسان کي احساس ٿيڻ لڳو ته هي اڇو ۽ ڳاڙهو جسم، هي ماسيريون ٻانهون ۽ ڄنگهون، نيريون اکيون، ڳاڙها چپ، سنهري وار، جيتوڻيڪ پنهنجي ليکي ڏاڍا وڻندڙ آهن پر اصل ۾ اهي هڪ غير مرئي زندگي جي اظهار جو انداز آهن. اها زندگي جيڪا تمام جلد نفرت ۽ محبت جي جذبن سان ٽمٽار هوندي. خواهشون ڪندي، خواب ڏسندي، حيرت ۾ پوندي، وڌندي، هڪ نئين شخصيت ٿيندي ۽ هڪ اهڙو مرڪز بڻبي جنهن جي چوڌاري ساري دنيا گهمندي. ان زندگيءَ جو مدار ان بدن تي هوندو. اسان سوچيو ته جيڪڏهن هي بدن طاقتور ۽ مضبوط ٿي وڃي ته ان ۾ زندگيءَ جو شعلو وڌيڪ روشن ٿيندو. اسان پڪو ارادو ڪيو ته جيستائين ايٿل ڏهن ورهين جي نه ٿئي تيستائين هن جي بدن جي حفاظت کي اسان پنهنجو سڀ کان پهريون فرض سمجهنداسين. اسان کي فطرت تي پورو يقين هو ته اها هڪ مڪمل جسم مان رحمدلي ۽ ذهانت کي پيدا ڪندي. اسان جو خيال هو ته ڪنهن جسماني مرض جي ڪري خراب ڪردار ۽ مڏو ذهن پيدا ٿيندو آهي ۽ اسان ايٿل جو نفسياتي تجزيو ڪرڻ ۽ کيس اخلاقي تعليم ڏيڻ جي بدران هن کي تازي هوا ۽ سٺي خوراڪ ڏياريون.

پهرين ٽن مهينن ۾ اسان هڪ خوفناڪ غلطي ڪئي. اسان هڪ نئين قسم جي کير جي آزمائش لاءِ پنهنجي ٻارڙيءَ کي هڪ تجربيگاه بنايو. هي اسان جو اهو ڏوهه هو جنهن جي ياد ڪيترن سالن واري پراڻي شفقت ۽ مامتا به اسان جي دلين مان مٽائي نه سگهي. اسان بين فرينڪلن جي ان ڳالهه سان متفق آهيون ته انساني نسل کي نون ڊاڪٽرن ۽ حجامن کان بچائڻ گهرجي. خوش قسمتيءَ سان اسان جي غلطي جو هن تي ڪو اثر نه ٿيو. غلط غذا جي باوجود ايٿل تندرست رهي ۽ ڏينهون ڏينهن سندس صحت سٺي ٿيندي وئي. اسان کي جڏهن غلطيءَ جو احساس ٿيو ته اسان پنهنجي خوش نصيبيءَ جو سبب ان تازي هوا کي ڄاتو جيڪا ايٿل کي پهرين ٽن مهينن ۾ نصيب ٿي هئي. هڪ ماٺيڻي ڳوٺ جي هوا جتي ساهه کڻڻ ڪُل بڻجڻ آهي. ان وقت کان اهو اسان جو پهريون اصول ٿي ويو آهي ته هوا پهرين نمبر تي آهي، قادر مطلق جي معجزي يعني کير کان به وڌيڪ آهي. ڪابه موسم هجي هر رات کليل دريون هوا کي سڏينديون آهن ته اها اچي ايٿل جي ڳلن کي گُلن ۽ شعلن ۾ بدلائي.

ڪيترا دفعا ايٿل نرم لفظن جي خوشامد ۽ ڳچيءَ ۾ نرم ٻانهون وجهي اسان کان اجازت گهرندي آهي ته اسين کيس مقرر وقت کان وڌيڪ جاڳڻ جي اجازت ڏيون، پر ان معاملي ۾ اسان پنهنجي اصول تان هٽڻ وارا نه آهيون. اسان سندس ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ جي بدران ان کي هڪ مجرماڻو خيال سمجهي رد ڪري کيس مقرر وقت تي سمهاري ڇڏيندا آهيون. هاڻي جڏهن هوءَ ڏهن ورهين جي آهي تڏهن به هوءَ روز پوري اٺين لڳي سمهڻ لاءِ هلي ويندي آهي ۽ ڏاڪڻ تان اسان کي خدا حافظ ۽ شب بخير چوندي آهي. ساڍي اٺين لڳي هوءَ بستري تي ليٽيل هوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو قانون ٽوڙيو به ويندو آهي، مثال جڏهن ڪو موسيقي جو ڪو ماهر اسان جي گهر پيانو وڄائڻ آيو هجي پر گهڻي ڀاڱي اسان ان قانون کي مقدس قانون سمجهي ان جي پيروي ڪندا آهيون هي اسان جي زندگيءَ ۾ هڪ نهايت اهم اصول جي حيثيت ٿو رکي.

هوا کان پوءِ خوراڪ، اسان ڏٺو ته ايٿل کي ڀاڄيون، کير ۽ ڪڻڪ جي ڊبل روٽي ڀانءِ ٿي پئي. هوءَ مضبوط، ڊگهي ۽ تندرست ٿيندي وئي. اسان محسوس ڪيو ته کيس پنهنجي مڪمل اوسر لاءِ سڀ شيون ملن ٿيون. جيڪي ضروري آهن. ڀاڄيون کائڻ وارن کي اها ڳالهه نه وڻندي ته اسان هفتي ۾ ٻه دفعا کيس ڪُڪڙ جو گوشت به کارائڻ شروع ڪيو. اسان پيار مان کيس ”ڪُڪڙ، ڀاڄي خور“ چوندا آهيون ان عجيب غير اصولي خوراڪ تي هي ننڍو گهراڻو وڌندو رهيو. ايٿل جي صحت هميشه سٺي ڪانه رهي. ننڍپڻ ۾ کيس ننڍي مائي نڪتي پر هفتي اندر هن کلندي کيڏندي ان کي ختم ڪيو، چئن ورهين جي عمر ۾ هن کي هڪ ساهيڙيءَ کان ڪاري کنگهه لڳي پر اها به جلدئي ختم ٿي وئي، اٺن ورهين جي ٿي ته هن کي ڪَليون ٿيون پر آپريشن سان ٺيڪ ٿي ويون. هن جي صحت جي رڪارڊ تي اهي ٻه چار داغ آهن. هونئن ايٿل جو ڊاڪٽرن ۽ بيمارين سان ڪو گهڻو واسطو ڪونه پيو. هوءَ گهڻو ڪري پڇندي آهي ته پيٽ ۾ سور ڪيئن ٿيندو آهي.

خوراڪ کان پوءِ راند جيڪا حواسن ۽ عضون ۾ مطابقت پيدا ڪندي آهي، ڦڙتي ۽ هڪجهڙو عمل سيکاريندي آهي. عقلمند ماءُ پيءُ کي خبر هوندي آهي ته ڪهڙا ڪهڙا رانديڪا جدا جدا عضون جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ انهن جي تربيت لاءِ مناسب آهن. ان لاءِ پهريون اصول اهو آهي ته رانديڪا اهي هجن جيڪي صحيح مشاهدي، هٿن جي تيزي ۽ کليل هوا ۾ چرپر جي قوتن کي ڪم ۾ آڻين. رولر سيڪٽس اسڪوٽرز، تيرڪمان، چڪر ٽپڻ جي رسي، بيس بال ۽ ٽينس جو سامان ۽ جيڪڏهن اوهان گهٽين کان ٻاهر ڳوٺ ۾ ٿا رهو ته سائيڪليون، اهي رانديڪا فطرت جي مدد ڪندا آهن جيڪي اسان ۾ راند کيڏڻ جو شوق پيدا ڪندي آهي ته جيئن اسان جون صلاحيتون ڪمال تي پهچن. انهن مان سڀ کان سٺيون رانديون آهن ترڻ ۽ اسڪيٽنگ ڪرڻ. گرم اونهاري ۽ سياري جون مندون انهن ئي راندين لاءِ آهن. هر عضوو هم آهنگي سان ڪم ڪندو آهي. ساهه اونهو ۽ تيز کڄندو آهي، رت جو دورو وڌندو آهي ۽ دل ۾ خوشيءَ جي لهر اُڀرندي آهي. مان افسوس سان اها ڳالهه مڃان ٿو ته مان اسڪيٽنگ ڪري نه ڄاڻان. پر مان واعدو ٿو ڪيان ته ايندڙ سياري جڏهن ايٿل اسڪيٽنگ ڪرڻ سکندي ته مان ڌڪ کائي به سکندس. تصور ۾ مان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ٻانهن ۾ ٻانهون وجهي يا چيلهن ۾ هٿ وجهي، مرڪندڙ اکين ۽ چمڪندڙ ڳلن سان سياري جي آسمان هيٺ مڪمل چرپر جا گيت ڳائيندي برف تي ترندو ٿو ڏسان. اسان ٻئي اها راند کيڏڻ وينداسين. هڪ پوڙهو ليکڪ به اها راند کيڏي سگهي ٿو. جڏهن برف جا گولا آسمان ۾ اُڏامندا ته اسان ٽيئي ڪيڏو نه مزو وٺنداسين.

3- اخلاقي:

جسم کي پهريون درجو حاصل آهي ۽ ان جي پرورش ۽ اوسر جو حسن خوشيءَ جو سرچشمو آهي. جڏهن ان جا بنياد پڪا ٿي وڃن. تندرست هاضمو اهڙي نموني باقاعدي ڪم ڪري جو ان جي باري ۾ سوچڻ جي ضرورت ئي نه ٿئي، تڏهن ڪردار جي تربيت جي مسئلن تي سوچڻ شروع ڪبو آهي. جيڪڏهن ٻار کائڻ ۾ هٻڇي، رانديڪن جي معاملن ۾ ڪنجوس، راند ۾ جهيڙاڪ، مغرور، گهڻو ڳالهائڻ ۽ ڦرندڙ گهرندڙ طبيعت وارو، اڪيلائپ پسند ۽ صفائيءَ کان ڀڄڻ وارو آهي ته اهڙي حالت ۾ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي.

پهرين ڳالهه ته ٻار تي ڪابه پابندي نه وجهو. جيڪڏهن ڪو ٻار اڻ وڻندڙ حرڪت ڪري ته ان لاءِ اوهان کي معافي وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته يا ته اوهان کيس غلط خوراڪ کارائي آهي يا ساڻس خراب رويو رکيو آهي. پابنديون ضروري آهن پر اهي تمام گهٽ هئڻ گهرجن. والدين لاءِ اهو چڱو ٿيندو ته هو پهرين جنوريءَ تي پويون پابنديون ختم ڪري پابندين جي نئين لسٽ تيار ڪري، جيئن شراب جي عاديءَ جو علاج ڪرڻ وارا ڊاڪٽر ڪندا آهن، يا عام طور تي مريضن لاءِ ڊاڪٽر ڪندا آهن. گهڻا ماءُ پيءُ جيڪي دولت يا محبت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ٻار تي پابنديون وجهي زندگيءَ کان انتقام وٺندا آهن. ٻار سان حڪم هلائڻ واري انداز ۾ ڳالهائڻ ڪمزوريءَ جي نشاني آهي. حڪم هلائڻ بيوقوفن جو ڪم آهي، شاديءَ ۾ جيڪي کين تلخيون نصيب ٿينديون آهن انهن لاءِ ڳالهه ڳالهه تي اعتراض ڪري پاڻ کي تسڪين ڏيندا آهن، ٻار کي خوش رهڻ ڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دوکو نه ڏيو ته اوهان مستقبل لاءِ حال جي تمام وڏي قرباني پيا ڏيو. اسان پاڻ سان واعدو ڪيو آهي ته جيستائين ايٿل جي شادي نه ٿيندي، اسان کيس  خوش رکنداسين، ان کان پوءِ هن جو خدا حافظ آهي.

ٻار سان حاڪماڻو سلوڪ هن ۾ بغاوت پيدا ڪندو آهي. اهو اصول نيوٽن جي حرڪت وارن قانونن وانگر يقيني آهي ۽ شايد آئن اسٽائن کان پوءِ به اهو اصول يقيناً صحيح رهندو. اسان جڏهن حڪم ڏيندا آهيون تڏهن ٻار جي خودداريءَ جي لڪل صلاحيتن کي اُڀاريندا آهيون. هر فرمان سان اسان مدافعت جي فوجن کي دعوت ڏيندا آهيون. گهُرو ته اهو اوهان کي ملي ويندو، حڪم ڏيندؤ ته توهان کي مايوس ٿيڻو پوندو. ٻار سان سٺو سلوڪ ڪيو، هن جي محبت ۽ هن جو اعتماد حاصل ڪيو، اوهان جون درخواستون ۽ نصيحتون اوهان جي حڪمن کان وڌيڪ اثرائتيون ٿينديون. ايٿل جا پيءُ ماءُ اشارن سان هن کان گهڻو ڪم وٺي ويندا آهن. اسان ايٿل کي سندس اسڪول تائين پهچائڻ ويندا آهيون، هن جي شاگرديءَ واري سٺي زندگيءَ تي رشڪ ڪندا آهيون، اسان سوچيندا آهيون ته جڏهن هو ڏسندي آهي ته اسان هن جي شاگرديءَ واري زماني جو قدر ٿا ڪيون تڏهن ڇا هوءَ پنهنجي ننڍپڻ جي خوشين کي وڌيڪ جوش مان محسوس نه ڪندي هوندي. منجهند جي مانيءَ مهل اسان هن کان سندس تعليم بابت سوال ڪندا آهيون ته هوءَ خوش ٿيندي آهي ته اسان هن جي تعليم ۾ ايڏي دلچسپي ٿا وٺون. اسان تاريخ، جاگرافي ايستائين جو حساب ۾ دلچسپي وٺندا آهيون ۽ اسان جي دلچسپي جي ڪري هوءَ به انهن سبجيڪٽس ۾ دلچسپي وٺڻ لڳي آهي، هوءَ محسوس ڪندي آهي ته اهو ضروري نه آهي ته انهن سبجيڪٽس جو مطالعو بي مزي هجي. اهي هڪ جنگ، هڪ سفر، هڪ محبت نامي يا هڪ انڪم ٽيڪس رپورٽ وانگر دلچسپ ٿي سگهن ٿا.

اهو ساڳيو حال پيانو جو آهي، هي آمريڪا جي هر گهر جو مسئلو آهي. ”وڃو ۽ رياض ڪيو“ هي هڪ اجايو جملو آهي ڇاڪاڻ جو ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته پيانو وڄائڻ هڪ بوريت وارو ڪم آهي، ۽ رياض ايذاءُ وارو ۽ اسان حڪم ڏيندا آهيون ته وڃو ۽ ان ايذاءَ کي برداشت ڪيو. تون ان سزا جو حقدار آهين. اسان ايٿل سان هڪ ٻيو طريقو اختيار ڪيو. اسان هن کي رڳو ايترو چيو ته جيڪڏهن تون پيانو سکڻ گهرين ته سک. اسان اهو فيصلو هن تي ڇڏيو. پر اهو طريقو استعمال ڪرڻ کان اڳ اسان هن سان موسيقي جي شان ۽ ان کي تخليق ڪرڻ جي عظمت جون ڳالهيون ڪيون، ان کان پوءِ اسان اهڙو استاد ڳولهڻ شروع ڪيو جيڪو بي جان ميزان سيکارڻ جي بدران هن کي اهڙا وڻندڙ سُر سيکاري جن سان سارو گهر گونجڻ لڳي. اسان کي اهڙو استاد ملي ويو ۽ جلدئي اسان جو گهر اهڙن نغمن سان ڀرجي ويو جيڪي ننڍڙن پر تندرست هٿن جو ڪرشمون هئا. اسان وڏا به هن سان ملي اهو گيت ڳائڻ لڳاسين. هوءَ اسان جي خوشيءَ کي ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ پنهنجو پاڻ کي فنڪار سمجهڻ لڳي. شروع کان ئي پيانو هن لاءِ گوڙ شور ۽ تڪليفن جي نه پر موسيقيءَ جي علامت ٿي ويو.

ٿوري وقت کان پوءِ هن جي پيانو سکڻ جي رفتار هڪ هنڌ بيهي رهي، هوءَ وڌيڪ رياض ڪرڻ کان نٽائڻ لڳي ۽ اسان کي جذبات ۽ رسمن وارن دشمنن سان مقابلو ڪرڻو پيو جن اسان کي هن تي جبر ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو، مان پاڻ پيانو جي سامهون ويهي رياض ڪندو هيس. پوءِ مان ايٿل کي چوندو هيس ته هوءَ مون سان ملي پيانو وڄائي، هوءَ مون سان پيانو وڄائڻ ۾ شامل نه ٿيندي هئي ته مان اڪيلو ئي وڄائيندو هيس. هن جي استاد اسان کي اهڙو گانو سيکاريو هو جيڪو اسان گڏجي ڳائيندا هئاسين. (هينئر ايٿل مون کي سڏ ڪيو آهي ته بابا، اچ مون سان گڏ رياض ڪر) هن جو ذوق جلدئي اُڀري آيو ۽ ٿوري عرصي ۾ هوءَ بيٿوون، موزارٽ، شومان، شوبرٽ، هينڊل ۽ باخ جا نغما وڄائڻ لڳي. اسان وڏي شوق سان اهي گيت ڳائڻ لڳاسين. اسان هن جو ٿورو مڃيو ته هن اسان جي دلين کي نغمن جي نور سان روشن ڪري ڇڏيو آهي. هن کي احساس ٿيڻ لڳو ته موسيقي هڪ نعمت آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون سهڻ اجايو نه آهي. پيانو تي خيرباد وارو نغمو وڄائي هن چيو ”هاڻي مون کي خبر پئي آهي ته اوهان بيٿون تي ايترا فدا ڇو آهيو.“

پنهنجي ڳالهه سمجهائڻ لاءِ هاڻي مان ترڻ جي ڳالهه ڪندس. جيتوڻيڪ موسيقي کان پوءِ ترڻ جي ڳالهه مناسب نه ٿي لڳي، ڇا اوهان ڪڏهن ڏٺو آهي ته والدين ٻارن کي ترڻ ڪيئن سيکاريندا آهن. پهريان هو ٻار کي ترڻ واري حالت ۾ پاڻيءَ تي ليٽائيندا آهن، پوءِ هن کي ڇنڀيندا آهن ۽ پوءِ زوريءَ کيس پاڻيءَ ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن، ٿوري وقت لاءِ اهو طريقو ڪامياب ٿيندو آهي پر ان سان ٻار جي دل ۾ پاڻيءَ جي دهشت پيدا ٿي ويندي آهي ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن هن جي ترڻ تان دل ئي کڄي ويندي آهي. ان سلسلي ۾ ڪو ننڍو مثال ڏيئي سمجهائڻ جبر کان هزار دفعا وڌيڪ ڪامياب ٿيندو آهي. ايٿل هر ٻار وانگر پاڻيءَ کان ڊڄندي آهي. هن جو ڊپ قدرتي هو جيڪو پوئين نسلن جي خطرناڪ تجربن تي ٻڌل هو. اسان هن کي ترڻ جو لباس پارايو ۽ هن کي واريءَ تي کيڏڻ لاءِ ڇڏي ڏنو ۽ پاڻ هن جي سامهون ترندا رهياسين ٿورن ڏينهن کان پوءِ هن اسان جي ترڻ ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ هوءَ پاڻيءَ سان کيڏڻ لڳي. اسان هن کي بچاءَ وارو پٽو وٺي ڏنو. اهو پٽو اسان هن جي چيلهه ۾ ٻڌو ۽ کيس ٻڌايو ته ان پٽي جي مدد سان هوءَ پنهنجا وار پسائڻ کانسواءِ اونهي پاڻيءَ ۾ تري سگهي ٿي. هن ٻين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏٺو ۽ انهن جي اهل ڪندي هر پاسي ترڻ لڳي. اسان هن جو پٽو لاهي ڇڏيو ۽ هن کي وڏي حيرت ٿي ته هوءَ پوءِ به تري سگهي ٿي. ٻئي سال هن هڪ دوست جي مدد سان ترڻ جا ٻيا طريقا به سکي ورتا. هاڻي هوءَ پنهنجي پيءُ کي ترڻ سيکاريندي آهي ۽ پنهنجي ترڻ جي مهارت ۽ نوان طريقا ڏيکاري کيس شرمسار ڪندي آهي. انهيءَ ڪري چئجي ٿو ته جيڪڏهن مثال سٺو آهي ته ڏاڍو اثرائتو ٿيندو آهي ۽ ٻي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانه پوندي آهي. سڀ کان سٺو گهر ۽ اسڪول اهو آهي جتي جبر ۽ حڪم تمام گهٽ هجي. هيءَ ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته سزا ۽ حڪم کانسواءِ ٻار جو اخلاق ڪيترو سڌري ٿو وڃي. آزاد تعليم جو طريقو انڪري ناڪام ٿيندو آهي جو اسان انهن اصولن جي خلاف ڪم ڪندا آهيون جن جي اسان پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيندا آهيون. اسان ٻارن کي گهٽ کائڻ جي سکيا ڏيندا آهيون ۽ پاڻ ڏٽي کائيندا آهيون، اسان دوستيءَ وڌائڻ جي تعليم ڏيندا آهيون ۽ پاڻ سڀني جي اڳيان وڙهندا آهيون. اسان مٺائين ۽ فلمن جي مخالفت ڪندا آهيون ۽ پاڻ لڪي ان مان مزا وٺندا آهيون ۽ هڪ ڏينهن ٻار اسان جي چوري جهلي وٺندو آهي اسان وڏي سختيءَ سان نرمي پيدا ڪرڻ جي گهر ڪندا آهيون ۽ سختيءَ سان حليم ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندا آهيون. اسان انڪساريءَ جي نصيحت ڪندا آهيون ۽ پاڻ ديوتا بڻجي ويندا آهيون. ٻار اسان جي نصيحتن سان نه پر اسان جي مثال مان اثر وٺندا آهن. جيڪي ٻار والدين کي تڪليف ڏيندا آهن سي ٿي سگهي ٿو ته اسان جي ماضيءَ کي ورجائيندا هجن. اوهان مون کي پنهنجن ٻارن سان ملايو ته مان اوهان کي ٻڌايان ته اوهين ڇا آهيو.

جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار حليم ٿين ته پهرين پاڻ حليم ٿيو. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار صفائي پسند ٿين ته پهريان پاڻ صفائي پسند ٿيو. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ جي ضرورت ڪانهي. ٻار سان سختيءَ سان ڳالهائڻ هن جي دل ۾ سخت گفتگوءَ جو نقش ويهارڻ آهي جنهن جي هو پاڻ اهل ڪري سگهي ٿو. سٺيون خاصيتون رڳو سدائين سٺي مثال سان ئي پيدا ٿي سگهن ٿيون. اهو ڏکيو ڪم آهي، ان لاءِ اسان جي شخصيتن کي نئين سر تعليم ۽ تربيت جي ضرورت آهي، اهڙيءَ طرح ٻار اسان جي تربيت ڪندا آهن. ڪيترا دفعا هن مصنف انهن اعليٰ اصولن کي ٽوڙيو آهي ۽ عقل وڃائي ڪاوڙ ۾ جبر ۽ حڪم کان ڪم ورتو آهي، مون اهي سارا معياري اصول انڪري قائم ڪيا آهن جو مان پنهنجي تهذيب ڪري سگهان ۽ پنهنجي قول ۽ فعل کي هڪ جهڙو بڻائي سگهان.

اسان ايٿل جي شخصيت ۽ هر جبلت کي ڪنهن سٺي مقصد تي مرڪوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پهرين هوءَ ننڍڙي حيوان وانگر حريص هئي ۽ پنهنجن رانديڪن ۾ ڪنهن ٻئي کي حصيدار ٿيڻ نه ڏيندي هئي، پر هوءَ اسان جي ان ڳالهه کان متاثر ٿي آهي ته اسين هن کي هر شيءِ ۾ حصيدار بڻائيندا هئاسين جنهن سان هن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿي ۽ هوءَ ٻين سان وڏيءَ دل وارو ۽ دوستانو ورتاءُ ڪرڻ لڳي. ڪجهه عرصي تائين هوءَ پئسن جي شوق ۾ هئي، اسان هن جي ماهاني خرچي مقرر ڪئي پر شرط وڌا ته هوءَ پنهنجو ڪمرو صاف رکندي، پنهنجو بسترو پاڻ ٺاهيندي، صبح جو سوير اُٿندي، وقت تي اسڪول پهچندي ۽ پنهنجو سبق چڱيءَ طرح ياد ڪندي. منهنجي دوستن مون کي جهليو ته مان ايٿل جي ماهاڻي خرچي مقرر نه ڪريان. ائين هن جي عادت خراب ٿيندي مون کي پاڻ به پنهنجي ان ڳالهه جي درست هجڻ تي شڪ ٿيڻ لڳو. مان چئي نٿو سگهان ته منهنجا دوست غلط ٿا چون يا صحيح. پر منهنجو خيال آهي ته هنن جي ڳالهه صحيح نه آهي. خرچيءَ سان ايٿل جو حرص وڌيو نه آهي پر گهٽيو آهي. ان خرچيءَ مان هوءَ رانديڪا وٺندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان لاءِ به ڪا سوکڙي وٺي ايندي آهي. ايندڙ سال سالگره لاءِ مون کي سوکڙي ڏيڻ لاءِ هن پنهنجي خرچيءَ مان ٿورا پئسا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا آهن. هاڻي هن اسان کي راضي ڪيو آهي ته اسين کيس هڪ اسڪاٽلينڊ جو ڊگهي نڪ ۽ بُج وارو ڪتو وٺي ڏيون، اسان جڏهن سندس ڳالهه مڃي ته هن چيو ته ان جي قيمت مان پنهنجي خرچي مان ڀريندس، پر هن دفعي هن جي خرچي پوري نه پوندي.

ساڳيو حال خودداريءَ جو آهي، خودداري هڪ مصيبت بڻجي سگهي ٿي يا وري اها شخصيت جي اوسر ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. مان نٿو چاهيان ته ڪو ٻار نهايت نوڙت وارو ۽ حقير ٿئي ۽ ايٿل جڏهن ارڏائي ڏيکاريندي آهي ته مان اهو سوچي مطمئن ٿي ويندو آهيان ته جڏهن هوءَ وڏي ٿيندي ۽ ڪو ماڻهو هن مان ناجائز فائدو وٺڻ گهرندو ته هوءَ سندس زندگي حرام ڪري ڇڏيندي. ٿوري طبيعت جي تيزي ۽ مدافعت جو جذبو، شخصيت جي جوڙجڪ لاءِ ضروري آهي، خودداري عزت جي ماءُ آهي ۽ همٿ ۽ جرائت جا جذبا پيدا ڪندي آهي اها آخر تائين ڪنهن سٺي مقصد لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. اسان ايٿل کي چوندا آهيون ته هوءَ ايتري خوددار آهي جو هوءَ ڪڏهن به برداشت ڪري نه سگهندي ته ڪو هن کي گندو يا ميرو ڏسي. هن جي خودداري هن کي پنهنجي حق کان وڌيڪ وٺڻ، سوکڙين جي پٺيان ڀڄڻ ۽ ڪم ۾ ٻئي کي پاڻ کان اڳتي وڌڻ نه ٿي ڏئي. (اسانکي اميد آهي ته هن تي اسان جا اهي راز ظاهر نه ٿيندا) خودداري سزا جو سٺو نعم البدل آهي. اها هڪ هاڪاري محرڪ آهي ناڪاري نه آهي، اها بهادري ۽ مستقل مزاجي پيدا ڪندي آهي ۽ بزدلي کي چيڀاٽي ڇڏيندي آهي. نٽشي پڇيو هو ته نيڪي ڇا آهي؟ ۽ پاڻ ئي جواب ڏنو هو ته ”بهادري“. پر خودداريءَ کانسواءِ ڪو ڪيئن بهادر ٿي سگهي ٿو.

اسان ٻار جي شخصيت جي تعمير ۾ ڇنڀڻ جي بدران تعريف کي رکي سگهون ٿا. ڇنڀڻ  ۽ نندڻ سان روح ڪومائجي ويندو آهي ۽ ڪنهن خاميءَ کي هميشه لاءِ نفرت جي قابل بڻائي ڇڏيندو آهي. تعريف هر جيوگهرڙي کي وڌائيندي ۽ هر عضوي کي قوت بخشيندي آهي. ۽ ڪنهن به ڏکئي ڪم کي مقابلي ۽ فتح ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي. انانيت سان اسان دنيا کي متحرڪ ڪري سگهون ٿا. ڪنهن ڪم جي خامين کي نندڻ جي بدران اسان کي گهرجي ته اسين جيترو ڪم ٿيل آهي ان تي نظر رکون ۽ ان جي تعريف ڪريون. اسان جا تعريفي لفظ دماغ ۾ محفوظ رهندا ۽ ڪم ڪرڻ وارن کي چڱيءَ طرح ڪم پورو ڪرڻ لاءِ هرکائيندا. جيڪڏهن ايٿل اسان کي ٻڌائي ها ته هوءَ حساب چڱيءَ طرح ڪري نه سگهي آهي. (حساب هن لاءِ مسئلو آهي) ته اسان افسوس جو اظهار ڪيون ها ۽ هن کي ڌڙڪا ڏيڻ يا نندڻ نه چاهيون ها. ڌڻي نه ڪري ته کيس ان راز جي خبر پوي ته هن جون مارڪون اسان جي مارڪن کان سٺيون آهن جيڪي اسان شاگرديءَ جي زماني ۾ کڻندا هئاسين. جڏهن هو گهر اچي وڌيڪ مارڪون کڻڻ جي خوشخبري ٻڌائيندي آهي ته اسان خوشيءَ ۾ جهومندا آهيون ۽ هن جي ڪاميابيءَ جو هر جشن نت نون طريقن سان ملهائيندا آهيون. هوءَ جڏهن ڪو ڪارنامو ڪندي آهي ته اسان هن جي کاتي ۾ هڪ ڊالر جمع ڪري ڇڏيندا آهيون (جيتوڻيڪ منهنجا دوست اهو ٻڌي سخت ناراض ٿيندا آهن). جيڪڏهن نندڻ ۽ سزا جي بدران تعريف جو طريقو ناڪام ٿيو ته پوءِ؟ اسان پهرين طريقي جي ڪاميابيءَ تي ٻئي درجي جي ناڪاميءَ کي ترجيح ڏينداسين. اسان هر ان منصوبي جي پٺڀرائي ڪنداسين جيڪو ايٿل جي خوشيءَ ۾ اضافو ڪري. جيڪڏهن اسان کي چونڊ ڪرڻي پئي ته اسان گهڻي محبت سان هن جون عادتون خراب ڪرڻ کي تڪليفن سان کيس سخت بنائڻ کان وڌيڪ سٺو سمجهنداسين. ڏکين مرحلن ۾ سختي نه پر محبت اسان جي مدد ڪندي. خدا کي خبر ته اها رحمت آهي يا زحمت، جو قسمت اسان کي رڳو هڪ ٻار ڏنو آهي. جيڪڏهن اسان جا ٻيا ٻار به هجن ها ته اسان ايٿل ڏانهن ايڏو ڌيان ڏيئي نه سگهون ها. مون ٻن چئن ٻارن وارا گهر ڏٺا آهن، هنن جو گوڙ مون کي نه وڻندو آهي. مان پنهنجو ڪم گهر ۾ ئي ڪندو آهيان ۽ ايٿل مون سان گڏ هوندي آهي، پر جيڪڏهن هن جون ڀينرون ۽ ڀائر به هجن ها ته شايد مان گهر کان هڪ ميل پري ڪمرو وٺي رهان ها. هاڻي ايٿل جي ويجهڙائي منهنجي ڪم ۾ رنڊڪ نه ٿيندي آهي، ٻين ڪمرن ۾ هن جو آواز يا ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمري تي هن جو حملو مون کي تازو توانو ڪري ڇڏيندو آهي. مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهندو آهيان ته مان پنهنجو ڪم شهر جي گوڙ ۾ نه پر هڪ شخصيت جي وڻندڙ نيپاج جي ساٿ ۾ ڪري رهيو آهيان.

اڪيلو ٻار هجڻ نعمت آهي پر ان سان گڏ ڪي تڪليفون به هونديون آهن، اسان انهن کي ائين منهن ڏيندا آهيون جو سندس ساهيڙن کي گهرائيندا آهيون يا وري ڪڏهن ايٿل کي انهن ڏانهن موڪلي ڏيندا آهيون. پنهنجي هڪ ڀاڻيجي کي موڪلن ۾ پاڻ وٽ رهائي ڇڏيندا آهيون. ڪڏهن ڪڏهن هن جا ٻين جي گهرن ۾ ڇنڇر ۽ آچر گذرندا آهن. سڀ کان اهم ڳالهه ته اسان پاڻ ٻار ٿي ويندا آهيون ۽ ايٿل جي پڙهائي ۽ راندين ۾ هن سان شريڪ ٿيندا آهيون. هوءَ فرانسيسي ٻوليءَ جا سبق پئي وٺي. اسان سارو هفتو هن جي ڪم ۾ شامل ٿينداسين، ۽ انهن سبقن کي مقابلي جي راند بڻائي کيڏنداسين، ۽ هرهڪ اکر کي ان جي هم معنيٰ اکر سان ملائي ۽ ڪنهن مشڪريءَ واري جملي ۾ استعمال ڪري هن جي ذهن ۾ وجهنداسين. يا وري حساب ۾ هن کي ڏکيو ڪم ملندو آهي ته اسين کاڌي جي ميز تي ويهي واڌو، ڪاٽو، ۽ ضربيان ڪندا آهيون. ڇا والدين لاءِ ائين ڪرڻ وقت ضايع ڪرڻ نه آهي. پر اوهان ڪيئن ٿا پنهنجو وقت وڃايو؟ اسان پنهنجو واندڪائيءَ جو وقت ٻيو ڪهڙي سٺي نموني سان گذاري سگهون ٿا. والدين ٿيڻ جو راز ان ۾ آهي ته اسان وري ٻار ٿيون، پنهنجو رتبو وساري ٻار جي برابر ٿي ساڻس کيڏون. شايد اهڙيءَ طرح اسان ٻار جي محبت ۽ اعتماد حاصل ڪري سگهون، جيڪي تعليم جو روح آهن پر سوال آهي ته ڇا اسان ديانتداريءَ سان ٻار جي فطري اخلاق جو سرچشمو آهيون؟ اسان ايٿل کي ٻڌائيندا آهيون ته سندس هر خيال هن جي چهري مان ظاهر ٿيندو آهي. اڳتي هلي شخصيت جو هر جزو چهري تي لکجي ويندو آهي، جنهن کي هر ڪو پڙهي سگهندو آهي.، پر اهڙن ڪمزور عقلي اصولن سان اسان مطمئن نه ٿيندا آهيون. اسان جيڪڏهن کيس سچ ڳالهائڻ وارو بنائڻ ٿا گهرون ته اسان کي پاڻ کي به سچ ڳالهائڻ وارو ٿيڻو پوندو، پوءِ کڻي ان سان ٻين کي تڪليف ئي ڇو نه رسي. اسان کي کيس ڪا سزا ڏيڻ نه گهرجي، صرف ايترو سمجهائڻ گهرجي ته سندس غلطيءَ سان سڀني کي ڏاڍو ڏک رسيو آهي، اسان کي يقين آهي ته مثال ۽ محبت سان هوءَ اسان سان ديانتداريءَ سان هلندي. وڏن جو ڪوڙ ڪڏهن ڪڏهن جائز هوندو آهي ڇاڪاڻ جو هو سچ سان ناراض ٿيندا آهن. پر ٻارن لاءِ ڪوڙ شايد ته ڪڏهن به مفيد ثابت نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ جو هو علم جا اُڃيا هوندا آهن. پر اخلاق جا ماهر حقيقت کان نٽائيندا آهن. خاص ڪري تڏهن جڏهن ٻار حقيقت ڄاڻڻ گهرندا آهن. ايٿل ٻين ڪيترن معاملن وانگر هن معاملي ۾ به معيار تي پوري نه لهندي آهي. ان جو سبب اهو آهي جو هن جي پيءَ هميشه هن سان هميشه ديانتدار نه رهيو آهي. ديانتدار ٿيڻ جي اسين وري ڪوشش ڪنداسين.

 

4- جنسي:

ديانتداريءَ جو سڀ کان ڏکيو امتحان ٻار جي جنسي تعليم وقت سامهون ايندو آهي. اسان هن جي جوشيلي تجسس جو ڇو بچاءُ ڪندا آهيون، جيڪو سائنس ۽ تعليم جو بنياد آهي. منهنجو خيال آهي ته آمريڪا ۾ پروٽيسٽنٽ ورثي، اسان کي محبت جي جسماني پاسي کان ڊيڄاري ڇڏيو آهي. تاريخي لحاظ کان ان جو سبب اهو آهي ته حيوان به پاسيرو ٿي لڳ ڪندا آهن ته جيئن ٻاهرين خطري کان محفوظ رهن. انساني لحاط کان جيئن ته اسان شاديءَ جي عمر وڌائي ڇڏي آهي ۽ شادي جوانيءَ کان پري ٿي وئي آهي انڪري اسان پنهنجي ان بنيادي جبلت جي هر غير ضروري تحرڪ کان بچڻ شروع ڪيو آهي، هي هڪ ڏکيو سوال آهي ۽ اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسان حقيقت جو ساٿ ڏينداسين. اسان آخري گهڙيءَ تائين ايٿل جي ذهن کان ان سوال کي پري رکنداسين. نئين دور جي هڻ وٺ جي زندگيءَ ۾ اهي سوال جلد پيدا ٿي ويندا ۽ ان کان اڳ جو ٻيا ڇوڪرا پنهنجي تصور مان انهن سوالن جا کيس جواب ڏين اسان پاڻ انهن جا جواب ڏيڻ ٿا گهرون، اسان انهن جا جواب به ٻين سوالن وانگر ڏينداسين. ان معاملي ۾ تقدس کي وچ ۾ آڻڻ شرارت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ کي وچ ۾ آڻڻ آهي، اسان کي هاضمي ۽ ساهه وانگر هڪ سائنسدان واري معروضيت سان ان جو ذڪر ڪرڻ گهرجي. حقيقت پنهنجي ليکي ايتري صحتمند آهي جو ان کي تقدس جي چادر ڍڪائڻ جي ضرورت ڪانهي. علم ۽ صحت ئي بهترين ماهرِ نفسيات آهن. جتي جسم مضبوط ۽ ذهن صاف هجي ته ذهني مرض پيدا نه ٿيندا ڊڊرو چيو آهي ته سڀ کان پهرين هو پنهنجي ڌيءَ کي علم بدن جي تجزيي جو علم سيکاريندو، ان سلسلي ۾ مان تڪڙ نه ڪندس، ان معاملي ۾ جوانن جون پريشانيون اسان لاءِ تڪليفن جو سبب ٿيڻ نه گهرجن. اسان کي گهرجي ته فطرت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيون ۽ خطبي ڏيڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪيون. اسان ٻار کي سڀني راندين جو سامان ڏينداسين ۽ هن کي وائکي فضا ۾ وٺي اينداسين. جڏهن ڪو ڇوڪرو وڏي ڌيان ۽ جوش سان بيس بال کيڏي ته مون لاءِ هن جو اخلاق بلڪل ٺيڪ آهي.

سچ سان ڌوپجڻ کانپوءِ ٻار جي محبت سندس آسي پاسي جي ٻين شين جهڙي ئي هوندي آهي، حسين ۽ خوشي ڏيندڙ، مثال طور ايٿل اسڪول مان اچي ٿي ۽ پنهنجون ٻانهون منهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي چوي ٿي، ”بابا، مون کي محبت ٿي وئي آهي“ اهڙي حالت ۾ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ هن کي هن جي ان خطرناڪ رومان تي ڇنڀڻ گهرجي؟ مان ائين نٿو ڪري سگهان. مان هن جي ڳالهه ٻڌي کلان ٿو ۽ کانئس ساري تفصيل ٿو پڇان. مان هن روشن روح  کي اخلاق سان ڇو اونداهو بڻايان؟

پر جڏهن هوءَ بالغ ٿئي تڏهن اسين ڇا ڪيون، ان جي پهرين نشانيءَ تي اسان ايٿل کي علم سان ڀري ڇڏينداسين. اسان ڪوشش ڪنداسين ته هن تي اها حساسيت، اهو پنهنجو پاڻ ۾ گم رهڻ ۽ اهو شرميل پڻو طاري نه ٿئي  جيڪو گهڻو ڪري زندگيءَ جي ان منزل کي المناڪ بنائي ڇڏيندو آهي. جوانيءَ جي دور کي ڏک ۽ غم جو دور نه ٿيڻ گهرجي، پر روح جي بهار، ارپڻ ۽ ٻين مقصدن ۽ شاعريءَ جي موسم هئڻ گهرجي. ان زماني ۾ نئين ذهانت ڦٽندي آهي. ان منزل کان جسم جي اهميت گهٽجي ويندي آهي، شخصيت جي تعمير پوري ٿيندي آهي ۽ تعليم جي ماهر جو ڪم اهو هوندو آهي ته هو هاڻي ذهن جي مسئلن تي غور ڪري.

 

5- ذهني:

مون کي خبر نه آهي ته ايٿل جي ”ذهن“ جي شروعات ڪڏهن ٿي. پر جيستائين هن ائين نه چيو ته مان ڇهن ورهين جي ٿي وئي آهيان تيستائين اسان ان بابت سوچيو ئي ڪونه، هوءَ ڪڏهن به اهو نه چاهيندي ته ڪنهن به طرح مان اهو چوڻ ٿو چاهيان ته ان کان اڳ هن جو ذهن هوئي ڪونه، ڇا هن انگريزي زبان جا هر ڪلاڪ کان پوءِ، اڻ وڻندڙ بي قاعدگيءَ سان، سبق وٺڻ شروع نه ڪيا هئا؟ ان معاملي ۾ به حڪمن کان وڌيڪ مثال اثرائتو ٿيو، انڪري اسان کي مڃڻو پيو ته جيڪڏهن ايٿل کي صحيح انگريزي ڳالهائڻي آهي ته پوءِ اسان به صحيح انگريزي ڳالهايون. جيڪڏهن اسان ايٿل جي ٻوليءَ ۾ خراب اکر شامل ڪرائڻ نٿا گهرون ته اسان جي زبان تي به اهي اکر نه اچڻ گهرجن. اسان روز استعمال ٿيندڙ محاورن کي ترڪ نه ڪيون ڇاڪاڻ ته انهن مان ڪيترا محاورا زبان کي رنگين بڻائيندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ ۾ ئي مطلب ادا ٿي ويندو آهي جنهن کي ڊاڪٽر جانسن جي ٻوليءَ ۾ ادا ڪرڻ لاءِ هڪ پيراگراف جي ضرورت پوي. پر اسان هن کي ڍلي زبان سيکارڻ جي بدران صحيح زبان سيکاري ۽ هن کي سندس عمر مطابق بهترين ادب پڙهڻ لاءِ ڏنو.

پوءِ اسان کي اسڪول چونڊڻو پيو. سوال پيدا ٿيو ته اسان ايٿل کي پاڙي جي عام اسڪول ۾ موڪليون يا هڪ خاص مشهور اسڪول ۾ جيڪو گهر کان چڱو پري آهي. اسان ٻئي اسڪول ڏسڻ وياسين. انوقت جي ڀيٽ ۾ هاڻي اسڪولن جي ترقي ڏسي حيران ٿي وياسين، مان جڏهن هفتي جا ڏهه ڊالر وٺي پڙهائيندو هيس ان جي ڀيٽ ۾ روشن ڪمرا ننڍا ڪلاس، هر شاگرد لاءِ جدا ڊيسڪ، پنهنجي سبجيڪٽ جا ماهر ۽ زندهه دل استاد، هر مادي ۽ علمي سهولت، اسان کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه ٿي آيو. مون انهن اسڪولن جي خلاف گهڻو ڪي ٻڌو هو ۽ لکيو هو ته اهي اسڪول قيد خانا آهن، جن ۾ ٻار معصوم ديوتائن وانگر ايندا آهن ۽ تباهه حال ديوتا بڻجي نڪرندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته مون رڳو لفظن جو مداري پڻو ڏيکاريو هجي.

اسان ايٿل کي عام اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اهو هن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو، اسڪول ۾ وطن پرستيءَ جي حد کان وڌيڪ سکيا ڏني ويندي هئي. اسان کي ان لاءِ ڪو اعتراض ڪونه هو ته ايٿل پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ سکي. پر ساڳئي وقت هن کي ٻين قومن جي عزت ڪرڻ به سکڻ گهرجي. ايٿل چئن اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي. اهي چارئي اسڪول انسانيت ۽ مهارت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪي وري اسڪول جي حيثيت سان نه پر روايتن ۽ لاڳاپن جي لحاظ کان اعليٰ هئا. ايٿل جڏهن هڪ اسڪول مان ٻئي اسڪول ۾ ويندي هئي ته هن جي عادتن ۾ فرق اچي ويندو هو. هاڻي هوءَ هڪ تمام سٺي اسڪول ۾ آهي ۽ ڏاڍي خوش ۽ مطمئن آهي.

ان تجربي جي بنياد تي مان اسڪولن جي باري ۾ ڪو رايو قائم نه ڪندس پر ڪن علائقن ۾ عام اسڪولن جي حالت صحيح نه آهي. لاڳاپا ۽ روايتون اسڪول جو هڪ اهم جزو آهن. ايمرسن چيو هو ته پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلبو، اسڪول جا ڇوڪرا هن جي تربيت ڪندا. هن جي ان ڳالهه کان متاثر ٿي اسان نيويارڪ جي هڪ وڏي اعليٰ اسڪول جو تجربو ڪيو. اسان کي جلد ئي احساس ٿيو ته ايٿل کي اهو اسڪول پسند نه آهي. هن کي اهو گوڙ ۽ وڳوڙ ڪونه ٿي وڻيو، جنهن کي اسڪول جي پرنسيپال آزادي ٿي سمجهيو. جيتوڻيڪ هن اُتي ڪي هنر سکيا ۽ کليل فضا ۾ رانديون کيڏيون پر هوءَ اسان کان پڇندي رهندي هئي ته اسڪول وارا نيٺ ڪڏهن مون کي پڙهائڻ شروع ڪندا. سال کان پوءِ اسان هن کي هڪ عام اسڪول ۾ داخل ڪرايو ۽ اسان ڏٺو ته اعليٰ ذهانت جي باوجود هوءَ ڪلاس ۾ سڀ کان پٺتي هئي. اسان هن کي پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ هن جون اونهاري جون موڪلون خراب ڪيون.

سٺو ۽ صحيح اسڪول ڳولهڻ کانپوءِ اهو ضروري آهي ته ان اسڪول سان سهڪار ڪجي، والدين جو ڪم آهي ته هو ڏسن ته ٻار اسڪول کان گسائي ته نٿو، دير سان نه ٿو پڄي، ائين ڪرڻ سان اسان نه رڳو اسڪول سان سهڪار ٿا ڪيون پر ٻار جي مدد به ٿا ڪيون. هڪ لائقيءَ واري باقاعدگي شخصيت لاءِ رحمت آهي. جڏهن اسان جهنگن ۽ ٻنين ۾ گهمڻ ويندا آهيون ته اسان ڳالهين جو رخ تاريخ، جاگرافي يا ادب ڏانهن ڦيري ڇڏيندا آهيون ۽ اسان لاءِ وڏن ماڻهن جون وڻندڙ ڪهاڻيون پرين جي ڪهاڻين ۽ افسانن کان وڌيڪ وڻندڙ هونديون آهن.

چون ٿا ته جاگرافي هڪ بي مزو سبجيڪٽ آهي اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته جهاز بندرگاهه تي بيٺو هجي يا ان سڙهه کوليا هجن ۽ وچ سِير ڏانهن روانو هجي ۽ پوءِ به اهو هڪ محرڪ رومان نه لڳي. هر ٻار ٻيا ملڪ ڏسڻ گهرندو آهي. انڪري جاگرافي پڙهائڻ جو رڳو هڪڙو طريقو آهي ۽ اهو آهي حقيقي يا مصنوعي سفر! استاد شاگردن کي شنگهائي يا سنگاپور وٺي ويندو آهي. ۽ ايشيا جا سارا عجائبات هنن جو خير مقدم ڪندا آهن يا هو نيل درياهه جي ڪناري سان سڪندريه کان حبشه جو سفر ڪندا آهن ۽ هزارين نون قبيلن کي ڏسندا، هو جوهنسبرگ يا ڪيپ ٽائون پهچي ويندا آهن ۽ آفريقا رڳو هڪ نالي جي بدران حقيقت بڻجي ويندو آهي. هر اسڪول وٽ هومز ۽ نيومين جا فلمي سفرناما هئڻ گهرجن، جيڪي عام واهيات فلمن کان هزارين دفعا وڌيڪ وڻندڙ هوندا آهن ۽ تاريخ کي ڪارلائل جي چواڻي ”وڏن ماڻهن جون آتم ڪهاڻيون“ هئڻ گهرجي. ٻار جي دل ۾ هڪ دفعو عظيم انسانن جو احترام ويهارجي ته عمر سان ٻيون شيون کڻي ذهن تان ميسارجي وينديون آهن پر اهو احترام ختم نه ٿيندو آهي.

ذهن جي ان ملڪ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ يادن ۾ زندهه شخصيتون هاڻي به موجود آهن ۽ سکيا ٿيون ڏين، رڳو پڙهڻ ۽ ڏسڻ ضروري آهي. بنان تڪڙ جي اهي بت ڏسڻ جن جي وجود يا چهري تي فنڪارن پنهنجي زندگيءَ جي فلاسافي تحرير ڪري ڇڏي آهي. پارٿينن جي عظمت يا چار ٽريس جي حسن ۽ نزاڪت جو دل جي سڪون سان مشاهدو ڪرڻ يا دل جي سڪون سان اهي ڪتاب پڙهڻ جن کي وقت هر دور جي علمي ڪک پن کان جدا ڪري اسان تائين پڄايو آهي، اصل تعليم آهي. ايٿل جڏهن اسان کي رافيل ۽ ريمبرانٽ، ليونارڊ ۽ مائيڪل اينجلو، رينالڊز ۽ گينزبرو، ريوينز ۽ وان ڊائيڪ جا افسانا ٻڌائيندي آهي (جيڪي هن جا اسڪول ۾ ٻڌل هوندا آهن) تڏهن اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي. هن جي عمر ۾ مون کي انهن اعليٰ شخصيتن جي ٿوري به خبر ڪانه هئي. ان کان وڌيڪ دلچسپ ڳالهه هن کي ادب جي دنيا کان واقف ڪرائڻ ۽ کيس شڪسپيئر ۽ شيلي، ملٽن ۽ بائرن، گوئٽي ۽ هيوگو، وٽمين ۽ پو جا افسانا ٻڌائڻ آهي. هوءَ تازو ان ادب جي مطالعي مان واندي ٿي رهي آهي جيڪو خاص ڪري هن جي عمر جي ٻارن لاءِ لکيو ويو آهي. ان ادب جا پراڻا شاهڪار مثال ”ايلس ان ونڊرلينڊ“ ۽ لئز جو نان سينس بڪ تعريف لائق آهن پر ان کانپوءِ وارا ڪتاب گهڻو ڪري ٻار جي ذهانت کي گهٽ سمجهي لکيا ويا آهن. ۽ اهڙي طرح ٻارن جي ذهانت جي توهين ڪئي وئي آهي. انهن سان ٻارن ۾ ڪو تحرڪ پيدا نٿو ٿئي، هنن ۾ متحرڪ مطالعو نٿو پيدا ٿئي. انهن سان ٻارن ۾ ذهني سستي ٿي پيدا ٿئي. ٻار پنهنجي ذهني چستي وڃائي ٿا سگهن. ڪيترا ڪتاب جيڪي ظاهريءَ طرح بالغن لاءِ لکيا ويا آهن اهي نون ڏهن سالن جي ٻارن لاءِ وندر پيدا ڪري سگهن ٿا، جيئن ”دي ٿري مسڪيٽيئرز“، ”دي ٽليسمن“ ۽ ”ليس مزرابل“ ٻار ان ڪتاب کي وڌيڪ پسند ڪندو آهي. جنهن لاءِ کيس ٻڌايل هجي ته اهو وڏن لاءِ لکيل آهي. ٻارن لاءِ دنيا جو ڪوبه ڪتاب ”رابسن ڪروس“ ۽ ”گليور جي سفر“ کان وڌيڪ فائدي وارو نه آهي ۽ اهي ڪتاب ٻارن لاءِ نه لکيا ويا آهن پويون ڪتاب ته اڃا تائين ڪيترن بالغن کي به سمجهه ۾ نه آيو آهي.

هر اهڙي گهر ۾ جتي ڪتابن جو قدر ٿيندو هجي هفتي جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ شام وڏي آواز ۾ ڪتاب پڙهڻ لاءِ مقرر ٿيڻ گهرجي، ننڍا وڏا واري سان ڪتاب پڙهي سگهن ٿا، غلطين جي درستگي مطالعي کان پوءِ اڪيلائيءَ ۾ ٿي سگهي ٿي، مون کي ياد آهي ته ايٿل ۽ هن جي ڪارين اکين وارو سوٽ، لوئي ۽ اسان ٽن بزرگن گڏجي ايلوخ آرڊن پڙهيو هو ۽ ٻارن هڪ هڪ جملي ۾ دلچسپي ڏيکاري هئي. ڪتاب ختم ٿيو ته اسان سڀ ماٺ ٿي وياسين، ۽ ايٿل پنهنجي ماءُ جي ٻانهن ۾ لڪي روئڻ لڳي. هاڻي اسان ”وينس جي واپاري“ جون گهڻيون ڪاپيون وٺنداسين ۽ ڊرامي جا ڪردار ورهائي ٻرندڙ باهه جي ڀرسان پنهنجي سٺي آواز جا جوهر ڏيکارينداسين.

منهنجو خيال آهي ته اعليٰ تعليم اسان اسڪولن ۽ ڪاليجن مان نه پر ”آزاد تعليم“ سان حاصل ڪندا آهيون. مسٽر ايوريٽ ڊين مارٽن آزاد تعليم جي محاوري جي سٺي وضاحت ڪئي آهي ۽ مان وڏي پرزور انداز ۾ هن جو ڪتاب انهن ماڻهن کي پڙهڻ جي صلاح ٿو ڏيان جيڪي ڄاڻڻ ٿا گهرن ته بالغ ٿيڻ ڇا آهي، اڄ اسان ان ماڻهوءَ کي پڙهيل ٿا چئون جيڪو صبح منجهند يا شام جو اخبار پڙهي ۽ اسان جا ڪاليج جيتوڻيڪ اسٽينڊرڊ موٽرڪارن وانگر هر سال گريجوئيٽ پيدا ڪندا آهن پر ان هوندي به اسان جي زندگيءَ ۾ صحيح تهذيب جي گهٽتائي آهي. اسان اها قوم آهيون جنهن وٽ لکين اسڪول آهن پر ٻه چار درجا پڙهيل ماڻهو مس آهن، اها ڪا حيرت جي ڳالهه ڪانهي، مسٽر ويلز ۽ ٻين ليکڪن ڪاليج جي تعليم جي فائدي جي باري ۾ شڪ ڏيکاريو آهي. اها وڏي مايوسي آهي جيڪا هنن ليکڪن پنهنجي ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڏيکاريو آهي پر تنهن هوندي به چڱو ٿيندو ته اسان مان ڪو ڏسي ته ڇا اسڪولن ۽ ڪاليجن جي وڌندڙ انگ اسان کي وڌيڪ ذهين بڻايو آهي. اسان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي اسپينسر جي ان خيال سان سخت نقصان رسيو آهي ته تعليم فرد ۽ ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ سيکاريندي آهي تعليم جي اها تشريح هڪ بي جان ۽ ميڪانڪي هئي جيڪا ميڪانڪي فلاسافيءَ مان ورتي وئي هئي ۽ جيڪا هر تخليقي روح لاءِ اڻ وڻندڙ هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو ميڪانڪي ۽ نظرياتي سائنس اسان جي اسڪولن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ ”بنا فائدي وارن“ سبجيڪٽس يعني ادب، تاريخ فلاسافي ۽ آرٽ کي وڏي حد تائين نظرانداز ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح اسان سٺا پٽيوالا، سٺا ڪلارڪ ۽ سٺا ڪاريگر ته پيدا ڪندا آهيون ۽ جڏهن ڪم مان ٿڪجي پوندا آهيون ته پنهنجي واندڪائيءَ جي گهڙين کي عام اخبارن جي مطالعي ۾ وڃائيندا آهيون ۽ انهن ٿيٽرن ۾ گڏ ٿيندا آهيون جيڪي اسان کي هڪ ئي محبت جا لڳاتار منظر ڏيکاريندا رهندا آهن.

اها ميڪانڪي ۽ عملي تعليم مڪمل شخصيتن جي جاءِ تي اڻپوريون شخصيتون پيدا ڪندي آهي، اها تهذيب کي صنعت جي، علم بدن کي طبعيات جي ۽ ذوق ۽ اخلاق کي دولت جي تابع ڪندي آهي. تعليم کي شخصيت جي تڪميل ڪرڻ گهرجي، انسان جي هر تخليقي صلاحيت کي اُڀارڻ گهرجي، ۽ سندس ذهن کي دنيا جي هرهڪ دلچسپ ۽ سکيا ڏيندڙ رُخ کان واقف ڪرائڻ گهرجي. اهو ماڻهو جيڪو ڪروڙن جو مالڪ آهي پر جنهن لاءِ بيٿون، ڪورويا هارڊي يا سج لهڻ مهل خزان جي جهنگن جي روشني اجايون شيون آهن، اهو انسان نه پر انسانيت جو خام مواد آهي ۽ اڌ دنيا هن جي روح جي ڪوهيڙي ڇانيل جهروڪن لاءِ بند آهي. اها تعليم جيڪا نج سائنٽيفڪ آهي ماڻهن کي سندن ايجاد جو رڳو اوزار بنائيندي آهي. اها هن کي حسن کان بي خبر ڪري کيس اها طاقت ڏيندي آهي جيڪا ڏاهپ کان عاري هوندي آهي، جيڪڏهن اسپينسر تعليم بابت ڪجهه نه لکي ها ته جيڪر دنيا لاءِ ڏاڍو چڱو ٿئي ها.

اهو چڱو ٿيو آهي جو هاڻي اسان جي ڪاليجن ۾ لاطيني ۽ يوناني زبانون پهرين وانگر جوش سان نه ٿيون پڙهايون وڃن، ڇاڪاڻ جو انهن تي انهن جي اهميت کان وڌيڪ محنت جي ضرورت هوندي آهي. هيني Heine چيو هو ته ”رومين کي جيڪڏهن پهريان لاطيني زبان پڙهڻي پوي ها ته هنن وٽ ساري دنيا کي فتح ڪرڻ لاءِ وقت ئي نه هجي ها.“ جيتوڻيڪ يونان ۽ روم جون زبانون سکڻ زبانن جي ماهرن لاءِ لازمي آهي. پر انهن قومن جو ادب تعليم لاءِ لازمي آهي، ڇا ڪو شخص ورجل، هوريس، ليوڪريٽس، سسِرو، ٽرسيٽس ۽ مارڪس اوريليئس نظرانداز ڪري ذهني بلوغت حاصل ڪري سگهي ٿو. پر تعليم جي سڀني امڪاني ذريعن جن جي مون کي ڄاڻ آهي. ڪوبه ذريعو يوناني زندگيءَ جي مطالع کان وڌيڪ جامع ۽ حسين نه آهي، يوناني زندگي پنهنجي جمهوريت ۽ استعماريت، پنهنجي خطابت ۽ ڊرامي، شاعري ۽ تاريخ، تعمير ۽ ڀت تراشي، سائنس ۽ فلاسافي جي جدا جدا رخن سان تعليم جو بهترين ذريعو آهي. جيڪڏهن ڪو شاگرد پيريڪلين ۽ نشاة الثانيه جي دور جي ادب مان واقفيت حاصل ڪري ته هو اهڙي تعليم حاصل ڪري وٺندو جيڪا ڪوبه ڪاليج ڏيئي نٿو سگهي. تعليم جو مطلب اهو نه آهي ته اسان واپار، کاڻن، نباتات جي علم، صحافت يا فلاسافيءَ جي علم ۾ مهارت حاصل ڪريون پر اهو آهي ته اسان پنهنجي نسل جي اخلاقي، ذهني ۽ جمالياتي ورثي کي جذب ڪري پنهنجو پاڻ تي ۽ خارجي دنيا تي حاوي ٿي سگهون، روح ۽ بدن لاءِ بهترين ساٿي چونڊيون ۽ تهذيب ۾ خوش اخلاقي، علم ۾ ڏاهپ ۽ شعور ۾ درگذر جو واڌارو ڪرڻ سکون. اسان جا ڪاليج ڪڏهن اهڙا انسان پيدا ڪندا؟

6- وجد جهڙو سرور:

شام جو ايٿل باهه جي ڀرسان ويٺل ڪيڏي نه سٺي لڳندي آهي، هن جون مضبوط ڳاڙهيون ڄنگهون ڪرسيءَ کان اڳتي وڌيل، هن جون ماسيريون ٻانهون، هن جي بلاؤز تي چمڪندڙ ڳاڙهي ربن، هن جا ڪتاب تي ڪرندڙ وار، هن جو دلچسپي ۽ شوق سان چمڪندڙ چهرو، هن جو روح ڏورانهن هنڌن جو سفر ڪندو آهي. هو پنهنجو سرحدون وڌائيندي آهي ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ کي روز عظيم شخصيتن جي سنگت جي قابل بڻائيندي آهي. آهستي آهستي هوءَ سيفو کان ڊيوز، ايمپيڊوڪليس کان نٽشي، ٻڌ کان دستوفسڪي، لاؤٽزي کان اناطول فرانس تائين گفتگو ڪندي آهي. اسان هن کي وڌندو ۽ سقراط کان ڏاهپ، ليونارڊ کان پاڻ ارپڻ، مسيح کان دل جي نرمي سکندي ڏسون ٿا، هوءَ اسان کي خوابن ۾ هڪ عظيم الشان شخصيت بڻجندي نظر ايندي آهي.

اسان کي اميد آهي ته هوءَ اهڙي عالم به نه ٿيندي جو زندگيءَ سان محبت ڪري نه سگهي، ۽ ڪڏهن به ڪتابن کي دوستي، فطرت ۽ مامتا کان وڌيڪ سٺو نه سمجهندي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن هن هڪ ٻار کي کڻي پنهنجي قد کان وڏو نه ڪيو (جيئن اسان ٿا هن کي کڻون) ته اسان هن کي مڪمل نه سمجهنداسين. پر هوءَ آزاد هوندي، ايستائين جو اسان کي نااميد ڪرڻ ۾ به آزاد هوندي. ڪوبه ماڻهو ٻئي لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو نظام ٺاهي نٿو سگهي. هوءَ پنهنجي واٽ پاڻ ڳولهيندي ۽ پنهنجو نيڪيءَ جو تصور پاڻ قائم ڪندي. اسان لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هوءَ اسان جي ڌيءَ آهي ۽ اسان جي هِن زندگيءَ ۾ جنهن جي اصليت قابلِ اعتراض ۽ جنهن جي قسمت مبهم آهي ان ۾ هوءَ پنهنجي خوش طبعي ۽ ٽهڪن سان خوشيءَ جو چشمو بڻجي آئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org