سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:22 

ڪليرنس: اسپينسر جا خيال به ڪي قدر اوهان جهڙا هئا. هن جو خيال هو ته صنعتي دور کان اڳ وارن جنگجو گروهن ۾ فطرت کان مٿاهين هستين ۾ پڪو ايمان هو انڪري جو ان زماني ۾ ماڻهن ۾ اطاعت پئدا ڪرڻ ضروري هو، پر صنعت، جيڪا عقل وڌائيندي آهي ان سان ايمان ڪمزور ٿي پيو. منهنجي خيال ۾ صنعت مذهب لاءِ انڪري به هاڃيڪار آهي جو اها جدا جدا مذهبن جي پوئلڳن کي وڏن شهرن ۾ گڏ ڪندي آهي، هو هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا آهن، جنهن سان آهستي آهستي مذهب جو اثر گهٽبو آهي. صنعت مان جمهوريت جنم وٺندي آهي ان ڪري آمريت واري تصور واري خدا جو تصور ڪمزور ٿي ويو ۽ هن جي جاءِ هڪ آئين پسند خدا ورتي ۽ پوءِ انگن جي اهيمت سان انسان- دوستيءَ وارو مذهب وجود ۾ آيو.

اينڊريو: اوهان اسان جي ڪفر جا سبب ڄاڻائيندي تعليم کي نه وسارجو. اڄ جي شاگرد کي ڪيميائي ۽ طبعياتي تجربيگاهن ۾ اڇلايو ٿو وڃي. جتي هو خدا جي حوالي کان سواءِ دنيا کي ختم ٿيندو ۽ وري ٺهندو ٿو ڏسي. هو حياتيات پڙهندو آهي ۽ جيڪڏهن خوش قسمتي يا بدقسمتي سان هو ڪنهن اهڙي رياست جو شهري نه آهي جتي سائنسي مسئلا ووٽ يا آئين سازيءَ سان حل ڪيا ويندا آهن ته پوءِ هن کي خبر پوندي آهي ته تخليق جو مقصد هڪ ڪارائتو ارتقائي حادثو آهي. هو جڏهن انسان بابت علم ۽ تقابلي مذهب مان پرائيندو آهي، سرجيمز جون لکڻيون پڙهندو آهي ۽ پنهنجي ايمان ۽ رسم رواج کي هڪ وسيع منظرنامي ۾ جاچيندو آهي. تڏهن اُهي هن کي پرائي دور واري جهالت جا يادگار لڳندا آهن. ان ڪري اسان جا پوڙها بزرگ اسان جي ڪاليجن کي دهريت جا ٻيجارا سڏيندا آهن. هي پراڻي دور جا ماڻهو آهن ۽ مجبور آهن.

وليئم: اوهان سڀني اها ڳالهه وساري ڇڏي ته لادينيت جو هڪ سبب جنگ به آهي. جنگ سان نادارن جو طبقو مذهب جي وڌيڪ ويجهو اچي ويو پر خوشحال ماڻهن ۾ مذهب بابت شڪ وڌيو. ان وقت اها ڳالهه مڃڻ ۾ نٿي آئي ته دنيا جيڪا پنهنجو انت پئي آڻي سا ڪنهن سڳوري قادر جي تخليق آهي.

فلپ: سبب ڪهڙا به هجن پر مڃڻو پوندو ته مذهب اولهه جي دنيا ۾ پنهنجو اثر وڃائي چڪو آهي ۽ لادينيت جي لهر زندگيءَ جي انهن سڀني رخن کي وڪوڙيندي ٿي وڃي جيڪي ڪڏهن مذهب جي اثر هيٺ هئا، هي ڪاليج جن جو اوهان ذڪر ڪيو ڪڏهن مذهبي فرقن جي نمائندگي ڪندا هئا. پر صنعتي دور ۾ اندازو ٿيو ته اسان جا ڪاليج، فلاسافر، شاعر، خطيب، دينيات جا ماهر ٿا پئدا ڪن جڏهن ته صنعت کي انجنيئرن، اڪاؤٽنٽن ۽ ڪلارڪن جي ضرورت هئي جيڪي اُهي پئدا نٿا ڪن. صنعت شڪايت ڪئي ۽ جڏهن ڪاليجن ڏٺو ته شڪايت ڪرڻ وارو مالدار آهي ته انهن پادرين کي ڪڍي سرمائيدارن کي پنهنجو سرپرست بنايو، فرقي واري آئين کي ختم ڪيو، پينشن جا اصول ٺاهيا ۽ ادب ۽ فلسفي جي جاءِ طبعيات ۽ ڪيميا ورتي. سائنس مذهب کان يونيورسٽيون کسي ڇڏيون آهن.

اسان جي لامذهبيت جو سرچشمو اهو آهي. ان چشمي مان اهو واه به نڪتو جنهن اسان جي زندگيءَ جي هر رُخ کي ٻوڙي ڇڏيو، اڳ ڪن مقدس هستين جي ڏينهن تي موڪلون ٿينديون هيون جيڪي غم ۽ خوشي ٻنهي جا ڏِڻَ هوندا هئا، اهي هستيون هاڻي وسري ويون آهن. زراعت لاءِ ڪڏهن دعائون ۽ ڪي مذهبي رسمون ضروري هيون. هاڻي زراعت ٽريڪٽرن ۽ ڪيميائي ڀاڻن جي محتاج آهي. قانون رب جي رضا جو اظهار هو هاڻي ڪانگريس جي ليڊرن جي رضا جو اظهار آهي. رياست جي شناخت مذهب هو هاڻي اها هر اصول کان آجي آهي ۽ مذهب کي پڇاڻو ڪرڻ واري حيثيت ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي. اسان جي حڪومت سال ۾ رڳو ”شڪراني“ واري ڏينهن مسيحي ٿيندي آهي ۽ پوءِ پورو سال ان ڏينهن جو ڪفارو ادا ڪندي آهي. ڪمال اتا ترڪ جمهوري رياست کي غير مذهبي بڻايو ته ترڪيءَ ۾ ڪن ٿورن اخبارن ان ڳالهه کي ذڪر لائق سمجهيو.

اها به حقيقت آهي ته ڪيترن گروهن ۽ روشن خيال ذهنن جي ڪُنڊن ۾ اڄ به اجايا وهم ۽ عقيدا موجود آهن. پر پراڻي دور جي خوني رسمن ۽ اجاين عقيدن جي ڀيٽ ۾ اهي گهڻي قدر چڱا آهن. اسان اولهه يورپ ۽ اوڀر جي ڀيٽ ڪيون ته اسان کي پنهنجي لامذهبيت جو اندازو ٿي ويندو. گبن ٿو چئي ته اوائلي دور جا مسيحي سمجهندا هئا ته هر پاسي کان شيطان هنن تي حملا پيا ڪن ۽ گرجا جي رحم ۽ ڪرم جي ڪري کين بک، بيماري، ايستائين جو موت کان به ڇوٽڪارو ملي ٿو وڃي. اڄ انهن عقيدن مان ڪوبه نه بچيو آهي. تهذيب جي تاريخ اصل ۾ لامذهبيت جي تاريخ آهي. اڄ جيڪي خطبا اسين ٻڌون ٿا انهن ۾ شيطانن، مذهبي اڳ ڪٿين ۽ جهنم جو ذڪر نه هوندو آهي. خوف، بيمارين ۽ خود موت جون ڳالهيون به نه هونديون آهن. هر شيءِ کي عقل جي روشني ۾ ڏٺو ٿو وڃي ۽ دينيات پنهنجو پراڻو اُتساه ڇڏي فلسفي ۽ اخلاقيات جو ميلاپ ٿي پئي آهي. اخلاقيات ڪڏهن گرجا جي ملڪيت هئي هاڻي گرجا ۽ رياست ٻنهي کان اڳتي نڪري وئي آهي. اخلاقيات جا آسماني احڪامن وارا بنياد ڪمزور ٿي ويا آهن ۽ گناه جو احساس ختم ٿيندو پيو وڃي. اسان جي نوجوان نسل جي اخلاقيات جو مدار نيڪيءَ تي نه پر احتياط تي آهي.

اينڊريو: مذهب بابت مون ڪي انگ اکر گڏ ڪيا آهن. چارلس بوٿ جي رپورٽ مطابق لنڊن جا 75 سيڪڙو ماڻهو گرجا جو اندريون حصو نٿا ڏسن. ٽيني ٿو چئي ته 1890ع واري دور  ۾ به پئرس شهر ۾ جتي 10,00,000 ڪيٿولڪ آباد هئا انهن مان رڳو 1,00,000 ايسٽر جو فرض ادا ڪندا هئا جيڪو سال جو هڪ مقدس فرض آهي. فرانس جي 3,20,00,000 ڪيٿولڪن جي آبادي مان رڳو 20,00,000 اعتراف لاءِ پادرين وٽ ويندا آهن. لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ عورت لاءِ مذهب جنس کان ٻئي نمبر تي آهي. فرانس جي عاليشان عباتگاهن جو عبادت جي ڪري نه پر سياحن جي ڪري خيال رکيو ويندو آهي...... لنڊن جي ڊيلي نيوز پڙهندڙن لاءِ هڪ سوالنامو جاري ڪيو جنهن سان انڪشاف ٿيو ته جن ماڻهن وٽ اهو سوالنامو پهتو انهن مان ٽيهه سيڪڙو دهريا هئا، چاليهه سيڪڙو ماڻهن مسيح جي خدا وارين وصفن کان انڪار ڪيو. انجيل جي پئدائش واري نظريي کي نٿي مڃيو. اهو ساڳيو سوالنامو لنڊن جي ٻن اخبارن جي پڙهندڙن ڏانهن موڪليو ويو. انهن مان پنجاهه سيڪڙو دانشور دهريا هئا ۽ 10088 جواب ڏيڻ وارن مان رڳو 88 سيڪڙو ماڻهن Pentateuch جي صداقت قبول ڪئي. نيويارڪ ورلڊ جي ڪرايل سروي مان ظاهر ٿيو ته 7,500 ايمان وارا ۽ 2,924 دهريا هئا. 6,292 موت کان پوءِ واري حياتي تي اعتماد رکن پيا ۽ 3951 نه پيا رکن. 6,327 جو عبادت ۾ ويساهه هو ۽ 4063 جو نه هو. 5,556 جو انجيل جي روحانيت ۾ ايمان هو ۽ 4614 جو نه هو. 4951 عبادت لاءِ گرجا ۾ ويندا هئا ۽ 5388 نه ويندا هئا. 2684 ماڻهو پنهنجي خاندان سان گهر ۾ عبادت ڪندا هئا ۽ 7320 نه ڪندا هئا........

اهي انگ اکر رڳو نيويارڪ شهر جا آهن ۽ جيڪڏهن قومي سطح تي سروي ڪرائجي ها ته پڙهيل توڙي اڻ پڙهيل لامذهب وارن جو انگ ايمان وارن کان گهڻو وڌيڪ هجي ها.

ڪليرنس: تنهنجا آخري اکر وڌيڪ هاڃيڪار آهن. مسيحيت لاءِ حالتون انهن انگن اکرن کان وڌيڪ خراب آهن. ان سروي ۾ جن  هاڪاري جواب ڏاها انهن ۾ رڳو مسيحي نه هئا پر ٿيو سو فسٽ ۽ انهن جهڙا عقيدا رکڻ وارا به هئا. آثار ٻڌائن ٿا ته اڄ مسيحيت اهڙي ئي زوال جو شڪار آهي جهڙي زوال سافسٽس جي عروج ۽ روشن خياليءَ سان يوناني مذهب جو ٿيو هو. والٽيئر يونان جو پروٽيگورس، ڊيڊيرو ڊيموڪريٽس، ڪانٽ افلاطون، اسپينسر ارسطو ۽ اناطول فرانس ايپي ڪيورس هو. اسان خدائن جي لهندڙ سج جي شفق ۾ زندگي پيا گذاريون.

مذهب جو منصب

پال: ڪليرنس، اوهان جي ڳالهين مان اُداسي ٿي بکي. اوهان جو محسوس ڪرڻ جو انداز اسان جهڙو ئي مذهبي آهي، اوهان جو تجزيو ڪرڻ وارو ذهن، جنهن تي اوهان ڀاڙيو ٿا، اوهان کي ايمان کان پري ٿو رکي. ڇا اوهان کي يقين آهي ته اوهان جو منطق اوهان جي دل کان وڌيڪ اعتماد جوڳو آهي. ڇا هي فلڪيات، هي طبعيات هي حياتيات جا علم ايترا مستند آهن جو انهن جي ڪري اوهان ان اميد کي ختم ڪيو جيڪا عقيدي لکين ماڻهن ۾ پئدا ڪئي آهي.

ڪليرنس: مون کي خبر آهي ته ايمان سان دل کي ڪيڏو سڪون ٿو ملي. منهنجو هڪ پوڙهو چاچو جابلو علائقن ۾ رهندو آهي. هن ساري حياتي هر هلايو ۽ جڏهن سندس ٽنگون هلڻ کان لاچار ٿي پيون تڏهن باهه جي ڀر ۾ ويهي زندگيءَ جا ڏينهن گذارڻ لڳو. هو چوندو آهي. ”مان ايڏو خراب نه آهيان. زندگيءَ ۾ ٻه چار گناهه ڪيا اٿم پر خدا وڏو رحيم آهي هو مون کي ضرور معاف ڪندو.“ هن جي پوڙهي زال هن جي ڀر ۾ ويهي انجيل پڙهندي آهي ۽ مسيح جي هر لفظ کي وڏي خوشيءَ سان پنهنجي اندر ۾ جذب ڪندي آهي. مان هنن جي اميدن کي ٽوڙڻ نٿو گهران. هنن کان سندن سڪون ڇو کسجي؟ ويجهي ڳوٺ ۾ اڇي رنگ جي هڪ صاف گرجا آهي. لکن ماڻهن جا روح اُتان ايمان جي دولت حاصل ڪندا آهن. گرجا جي پٺيان هڪ قبرستان آهي. اتي هر قبر تي ڪنهن فرشتي جو مجسمو يا صليب جو نشان لڳل آهي ۽ هر قبر جي تختيءَ تي مڙدي کي مسيح جي شفقت جي هنج ۾ اچڻ لاءِ آجيان جا اکر لکيل آهن. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو سچ تي آهن ته پوءِ دنيا يقيناً زياده حسين آهي.

اينڊريو: اوهان ڏاڍا جذباتي آهيو. ميٿيو جي ڳالهه ورجائيندي اوهان چيو ته جنت جي اميد زندگيءَ کي خوشگوا ٿي بڻائي پر اوهان اهو نٿا ٻڌايو ته ماڻهن کي سزا طور هميشه لاءِ جهنم جي باهه ۾ سڙڻ جو ڊپ ڏياري اوهان سندن زندگي کي جهنم بنائي ڇڏيو آهي. مقدس ڪتاب چوي ٿو ته گهڻي قدر ماڻهو دوزخ ۾ ويندا. اوهان ميٿيو کي ڇونه ٿا ٻڌايو نه مذهب ماڻهن جي زندگي کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي. عقيده پرستي ۽ معمولي مذهبي اختلافن جي ڪري ڪيترا خاندان وڇڙي ويا آهن. فرقي پرستيءَ لکين انسانن کي جنگين ۾ وچڙائي ڇڏيو آهي. ڪيترن مردن توڙي عورتن کي رڳو ان ڳالهه جي ڪري ماريو ويو ته ڪٿي هنن جو معمولي شرڪ مقدس ڪتاب تي داغ نه لڳائي ڇڏي. اوهان جي ڳالهين سان مون کي اسپينگلر جو قول ٿو ياد اچي ته دهريت صحيح مذهبيت جي خواهش سان مطابقت ٿي رکي، اها به هڪ نوع جي رومانيت آهي جيڪا ڪڏهن واپس نه موٽڻ واري ماضيءَ کي واپس ٿي موٽائي. اسان جي صديءَ جي اوائل ۾ اهڙا ڪيترا دهريا پئدا ٿيا جيئن اناطول فرانس، جارج مور، جارع سنٽايانا جن پنهنجي مئل ايمان تي ماتم ٿي ڪيو. هو هڪ عبوري دور جا ماڻهو هئا. هنن جو اولاد هنن وانگر محسوس نٿو ڪري ۽ شايد انهن جو اولاد ان مذهبي ڪيفيت کان بلڪل اڻ ڄاڻ هوندو. اسين جيڪڏهن ٻن ٽن نسلن تائين ماڻهن کي موت کان پوءِ واري حياتيءَ جي تصور کان پري رکون ته اها شاعراڻي اداسي ختم ٿي ويندي.

ولئم: منهنجي خيال ۾ ائين نه آهي اينڊريو! ايمان فطري آهي. اهو سڌو سنئون انسان جي جبلتن ۽ جذباتي گهرجن مان پئدا ٿو ٿئي، جان جي بچاءَ جي جبلت مان، اُجوري رفاقت ۽ تحفظ ۽ پيش پوڻ جي خواهش مان ٿو اُسري. ڪڏهن ڪڏهن خوش قسمتيءَ جو احساس اسان تي حاوي ٿي ويندو آهي ۽ اسان جي دل چوندي اهي ته روح ڪائنات اسان جي شڪراني کان آگاهه ٿئي نٽشي ٿو چئي ته جنهن نموني بدنصيبي خوش قسمتيءَ ۾ بدلبي آهي ان سان ماڻهوءَ ۾ خدا ۾ ايمان جو لاڙو پئدا ٿيندو آهي. اوهان هڪ صديءَ لاءِ مذهب کي دٻائي ڇڏيو سال کان پوءِ ان کي آجو ڪندا ته مذهب وري اُڀري ايندو. ايمان شڪ کان وڌيڪ فطري آهي انڪري ايمان جو پئدا ٿيڻ سولو آهي. شڪ اسان جي شخصيت کي سُسائيندو آهي جڏهن ته ايمان ان کي وسعت ڏيندو آهي. اسان جي هاضمي ۽ رت جي دوري کي بهتر ڪندو آهي. هر شڪ ڪرڻ واري جو هاضمو خراب هوندو آهي. ان ڪري پراُميدي مايوسيءَ کان وڌيڪ عام آهي. نيپولئن چيو هو ته اميد پئدا ڪرڻ وارا ليکڪ ماڻهن ۾ وڌيڪ مقبول هوندا آهن. شڪ ڪرڻ وارن کي ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي ۽ ماڻهو فطريءَ طرح آرام طلب آهي. گهڻي ڀاڱي ماڻهو ٻين جي پورهي تي پلجڻ وارا هوندا آهن ۽ ڪي ٿورا ماڻهو محنت ڪندا آهن. رڳو مضبوط شخصيتون شڪ ڪري سگهنديون اهن. شڪ ڪرڻ جوکم جو ڪم آهي.

ميٿيو: اوهان مذهب جو هڪ ٻيو ماخذ وساري ڇڏيو. اهو ماڻهوءِ جي شخصيت جو شاعراڻو رخ آهي. مذهب نه رڳو موت مان ڏنگ ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ زندگيءَ کي رسمن، تعميراتي فن، بت تراشي، مصوري ۽ موسيقي سان وڌيڪ حسين بڻايو آهي، ڄم کان وٺي شاديءَ کان پوءِ تائين جي واقعن کي اهڙو تقدس ڏنو آهي جو اهي عام موقعا انسان جي گهرن جذبن سان لاڳاپجي ويا آهن ۽ انهن فنن سان حسين ٿي پيا آهن ۽ ائين زندگيءَ جي الميي کي هڪ منزل ڏانهن شاعراڻي سفر ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. انهن کان سواءِ زندگي ائين ڦڪي آهي جيئن روح کان سواءِ جسم، ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ته آچر جي رات جو جڏهن گرجا جون گهنٽيون وڄنديون آهن ان وقت دهريو ڇا محسوس ڪندو آهي. ڇا هن کي اڪيلي هجڻ جو احساس نه ٿيندو اهي. ڇا اوهان لاءِ مقدس ڏينهن ٻين عام ڏينهن جهڙا هوندا آهن. منهنجي خيال ۾ ته اوهان جا ناچ گانا آچر جي ڏينهن سينٽ پيٽر ۽ سينٽ ٿامس جي جاءِ ولاري نٿا سگهن.

اينڊريو: سچ ٻڌاءِ ميٿيو، ڇا اوهين گرجا ۾ بور نه ٿيندا آهيو؟

ميٿيو: ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دير لاءِ ٿيندو آهيان پر پوءِ جڏهن منهنجو ذهن روشن ٿيندو آهي ته مون کي خبر پوندي آهي ته گرجا ۾ هڪ ڪلاڪ گذارڻ سان مان پورو هفتو خوش گذاري سگهندو آهيان ۽ مون ۾ وڏو اتساهه پئدا ٿيندو آهي. اسان جي ڀيٽ ۾ اوهان لاءِ ڪرسمس جو ڏينهن ڪيترو نه بي مزي هوندو. مون کي ياد آهي ته ڪرسمس کان هڪ ڏينهن اڳ اسان خاندان جا سڀ ڀاتي دعا ڪندا هئاسين، ڪرسمس جي ڏينهن به عبادت ڪندا هئاسين. هرڪو ماڻهو خوش نظر ايندو هو. برف سان سارو ماحول اُجرو ٿي ويندو هو. گهنٽيون وڄنديون هيون. ڪرسمس جا وڻ جرڪندا هئا. ٻار سوکڙيون وٺي ۽ وڏا سوکڙيون ڏيئي خوش ٿيندا هئا. نئين سال جي ڏينهن اسان سڀ ٻار پيءُ اڳيان جهڪندا هئاسين. کانئس شفقت گهرندا هئاسين، انهن ڏينهن ۾ ڪٽنب اهڙا هوندا هئا. اڄ اهو تقدس ختم ٿي ويو آهي. ڏوهه وڌندا ٿا وڃن ۽ احترام ختم ٿيندو ٿو وڃي.

ڪليرنس: منهنجو هڪ عزيز دوست چوندو آهي ته مذهب کي سمجهڻ جون چار منزلون آهن. پهرين منزل جذباتي اعتماد آهي، ٻي منزل الاهياتي اعتقاد آهي. ٽين منزل مڪمل مايوسي آهي ۽ چوٿين منزل مذهب جو جمالياتي شعور آهي. ميٿيو مان اوهان سان چوٿين منزل تي هجڻ پسند ڪندس. پر ڏکي ڳالهه اها آهي ته اوهان ان کي سچ ٿا سمجهو.

ميٿيو: سچ نه سمجهون ته پوءِ سڀ مذاق لڳندو. ڪا شيءِ نه هوندي ته پوءِ حسين ڪيئن هوندي.

پال: اوهان مذهب جي رڳو هڪ رخ کي ظاهر ڪيو آهي ۽ رڳو ماڻهن لاءِ ان جي اهميت ٻڌائي آهي جڏهن ته سماج لاءِ به مذهب جي اهميت ايڏي ئي وڏي آهي. شاديءَ جون مذهبي رسمون رڳو مڙد ۽ عورت کي هڪ هنڌ گڏ نه ٿيون ڪن پر ان واقعي کي جذباتي جوش ۽ عقيدت به ٿيون بخشن. انهن مذهبي رسمن کان سواءِ شادي رڳو عورت مڙد جي گڏ رهڻ جي اجازت ٿي پوي. اهڙيءَ طرح خاندان ۽ رياست مضبوط رشتن ۾ ڳنڍجي ويندا آهن. اسان ڏسندا آهيون ته انساني زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن انفرادي جبلتون اجتماعي جبلتن کان گهڻيون طاقتور هونديون آهن. ٻار پئدا ڪرڻ واري جبلت لاءِ ضروري نه آهي ته اها سماجي هجي ڇاڪاڻ جو اها جبلت انتشار به پکيڙي سگهي ٿي. مذهب جي عظيم سوکڙي اها آهي ته مذهب تقدس جي احساس، اخلاقي تعليم ۽ جنت جي واعدي سان........

اينڊريو: ۽ جهنم جي ڊپ سان

پال: ماڻهو جيڪو هزارين صدين تائين جيئڻ جي جنگ ۾ مانيءَ لاءِ وڙهندو ۽ طاقت سان حڪمراني ڪندو هو ان ۾ خود غرضيءَ ۽ لالچ جي جيڪا جبلت پئدا ٿي هئي ان جي جاءِ تي اجتماعي جبلت کي مضبوط ڪيو. جهنم ۾ منهنجو ويساه نه آهي پر جهنم جي تصور لکين ڪروڙين ماڻهن کي شر کان پري رکيو آهي. جيڪڏهن ڪو نوجوان سمجهي ٿو ته جهنم ڪونهي ته پوءِ شيطان جي قبضي ۾ اچي ٿو وڃي اخلاق فرد کان اجتماعيت ۽ حال کان مستقبل کي اهميت ٿو ڏي. ائين مذهب جي ڪري ٿو ٿئي. هاف ڊنگ چيو آهي ته مذهب قدرن جي تحفظ جو نالو آهي. مذهب کان سواءِ اخلاق رڳو حساب ڪتاب ٿي ويندو. فرض جو احساس مٽجي ٿو وڃي ۽ هر نوجوان پنهنجي سموري ذهانت ۽ تعليم کي اخلاقي حڪمن جي انحرافي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿو ڪري.

فلپ: ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته تاريخ ۾ اسڪول قائم ٿيڻ کان اڳ مذهب ماڻهوءَ کي مهذب بنائڻ لاءِ وڏي قوت رهيو آهي. بنجامن ڪڊ جو خيال هو ته تهذيب مذهبي اخلاق جي بنيادن تي بيٺل آهي. نارڊ جو چوڻ آهي ته ڪن دهرين جي اعليٰ اخلاقي زندگيءَ جو سبب هنن جي مذهبي تهذيب، مذهبي تربيت آهي جنهن کي ڪارلاتل مذهب جي ڇڏيل روشني ٿو چئي. ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪندي رينان چيو آهي ته اسان هڪ پاڇي جي پاڇي تي زندگي پيا گذاريون. اسان کان پوءِ ماڻهو ڇا تي زندگي گذاريندا؟ اها ڇڏيل روشني به نه رهندي ته پوءِ ماڻهو جي ڪوڙ ڳالهائڻ، چوري ڪرڻ، قتل ڪرڻ جي لاڙن کي ڪير روڪي سگهندو؟ رينان جي خيال ۾ مذهب هڪ لازمي خود فريبي آهي. دستوفسڪي اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ دنيا جا عظيم ناول لکيا ته جڏهن ماڻهو خدا کي ڇڏي ٿا ڏين ته پوءِ شيطان سندن دماغن تي قبضو ٿو ڪري. فرانس ۽ آمريڪا جي انقلابن کان اڳ رياست هميشه پاڻ کي مذهب سان لاڳاپيل رکيو ۽ مذهب جي اخلاقي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ان کي مالي ۽ فوجي امداد ڏني. گرجا ۽ رياست ۾ ڇڪتاڻ جو سبب اهو آهي ته مسيحت هاڻي قومي مذهب نه آهي پر عالمي مذهب ٿي وئي آهي. گرجا هاڻي خادم جي بدران آقا آهي ۽ هرڪا جديد رياست پنهنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ گرجا جي طاقت خلاف وڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پئي آهي. ٻنهي جو هڪٻئي کان جدا ٿيڻ نر ۽ ماديءَ جي جدا ٿيڻ جهڙو آهي جيڪا هڪ عجيب ڳالهه آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو وقتي هجي.

پلوٽارڪ هڪ هنڌ چيو آهي ته علائقي کان سواءِ ڪو شهر ته قائم ٿي سگهي ٿو. پر ڪا رياست خدا تي ايمان کان سواءِ قائم ٿي نٿي سگهي. بيل جو چوڻ هونه خدا جي تصور کانسواءِ به رياست قائم ٿي سگهي ٿي تنهن تي والٽيئر چيو ته جيڪڏهن بيل کي ڇهه سؤ هارين تي حڪومت ڪرڻي پوي ته هو به انتظام هلائڻ لاءِ کين خدا جو ڊپ ڏيارڻ لاءِ مجبور ٿي پوندو. نيپولئين جو چوڻ آهي ته مسيحيت جو سڀ کان وڏو معجزو هي آهي ته هن مفلسن کي اميرن کي قتل ڪرڻ کان جهليو آهي. روم جي وڏي پادريءَ جو وجود نه هجي ها ته پوءِ مون کي روم جو وڏو پادري ايجاد ڪرڻو پوي ها، هڪ اجتماعي مذهب پنهنجن پوئلڳن ۾ اجتماعي ٻڌي ۽ اجتماعي اُتساه پئدا ڪندو آهي جنهن جي ڪري هو سر ڏيڻ لاءِ تيار هوندا آهن ان جو وڏو مثال مسلمان ۽ جپاني آهن.

اينڊريو: حڪومت ۽ اخلاق لاءِ مذهب کي ضروري سمجهڻ اجايو آهي. ڊين سُوِفٽ مذهب جو وڏو عالم هو. هن چيو آهي ته مذهب محبت کان وڌيڪ نفرت ٿو سيکاري. مذهب ماڻهن ۾ ويڇا به ٿو وجهي ته انهن کي ملائي به ٿو. ان لاءِ 1928ع وارين چونڊن کي ٿورو ياد ڪيو. هڪ آئرستانيءَ چيو آهي ته مذهب اسان لاءِ مصيبت آهي. اسان مان ڪو پروٽيشنٽ ۽ ڪو ڪيٿولڪ آهي. جيڪڏهن اسين سڀ دهريا هجون ته اسين سٺن مسيحن وانگر گڏجي رهي سگهون. جنهن کي اوهان اتحاد ٿا چئو ان کي مان وڏو جمود ٿو چوان، اهو اتحاد جيڪو مذهب ڪنهن قوم کي ڏيندو آهي. جيستائين ان ڳالهه جو سوال آهي ته مذهب وحشي ماڻهوءَ کي مهذب ٿو بڻائي ان لاءِ اوهان پراڻن مذهبن ۾ انساني قربانيءَ لاءِ ڇا چوندا ۽ جديد گرجا غلاميءَ کي ۽ موجود کي جيئن جو تيئن قائم رکڻ جي جيڪا حمايت ڪندي رهي ان لاءِ اوهان ڇا ٿا چئو. گهڻو وقت اڳ هيوم ان ڳالهه کي رد ڪيو ته مذهب اخلاق جو بنياد آهي. هن جي خيال ۾ مذهب اخلاق کان پوءِ جنم ورتو آهي ۽ جيڪڏهن مذهب ۽ اخلاق ۾ ڪو تعلق مڃون ته اهو هي آهي ته اخلاق تعليم ۽ تحفظ جي ذريعي مذهب کي بهتر بنايو آهي. سمنر اها ساڳي ڳالهه وڏي جرات منديءَ سان ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته گرجا ڪڏهن به پنهنجي دور جي اعليٰ قدرن جي حمايت نه ڪئي آهي. تحقيق سان ثابت ٿو ٿئي ته گرجا ڪڏهن به ڪنهن اعليٰ خيال جي پٺڀرائي نه ڪئي آهي. پر حقيقت هيءَ آهي ته روحاني قدرن کي حق جي انهن سپاهين اختيار ڪيو آهي جيڪي هميشه گرجا جي مخالفت ڪندا هئا.

ميٿيو: پر ڇا ان ڳالهه جي سڀني کي خبر نه آهي ته مذهبي عقيدي جي ڪمزور ٿيڻ سان اخلاقي اتشار پئدا ٿيو آهي. ماڻهوءَ جي ذهني اٿل پٿل، جنسي ٻي راهه روي، فحش ادب ۽ نماءُ پسند ڊراما، اهي اوهان کي گرجا جي پوئلڳن ۾ نظر نه ايندا. ڊارون جي نظريي اسان ۾ قسمت پرستي، مايوسي ۽ هڪ اداسيءَ واري لذت پرستي پئدا ڪئي آهي. ٿامس هارڊي ان پراڻي اداسيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪا مهذب ماڻهن جي ذهنن کي وڪوڙي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو هو هڪ ٻاجهاري خدا جي ايمان کان محروم ٿي ويا آهن. اسان جو نسل هڪ اداس نسل آهي. جيڪو مسرت پرستي ۽ پيٽ ڀرائيءَ سان پنهنجي اندر جي خال کي وسارڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. اوهان کي اهو قول ياد آهي ته مذهب قوم جي عروج جي علامت ۽ فلسفو ان جي موت جي نشاني آهي.

فلپ: نيپولئين چيو هو ته هڪ سٺو فلاسافر خراب شهري هوندو آهي.

ميٿيو: هڪ خراب شهري سٺو فلاسافر ٿي نٿو سگهي. ڪوبه چڱو شهري اهو برداشت نه ڪندو ته هڪ سطحي ۽ وقتي سائنس ان مذهب کي ختم ڪري جنهن اسان جي تهذيب ۽ اخلاق جي تعمير ڪئي. بي دين يورپ ڪيستائين پنهنجي خود غرض طبقاتي مفاد ۽ انفرادي لالچ سان اهڙي اوڀر جو مقابلو ڪري سگهندو جنهن وٽ صنعت به آهي ته مذهب به آهي. جيڪڏهن اوهان پنهنجي تعليم سان ماڻهن کي اميد کان محروم ڪندا جيڪو هنن جو سڀ کان پيارو سرمايو آهي ته پوءِ اوهان کيس مايوسيءَ کان ڪيئن بچائي سگهندا؟ ڊي موسي پنهنجي ڪتاب صديءَ جي هڪ ٻار جا اعتراف جي شروعات ۾ هڪڙو سوال پڇيو آهي جنهن جو اوهان وٽ جواب ڪونهي:

مسيح جي مخالفن مفلس کان پڇيو، تون وڏي صبر سان يومِ حساب جو انتظار ٿو ڪرين، جڏهن ته يومِ حساب جو ڪو وجود ڪونهي. تون پنهنجن ڏکن ڏولا..ن جي بدلي لاءِ دائمي زندگيءَ جو انتظار ٿو ڪرين جڏهن ته ان جو وجود ڪونهي. تون پنهنجن ۽ پنهنجن ٻارن ٻچن جي لڙڪن کي گڏ ٿو ڪرين. ٻارن جي روڄ راڙي ۽ آهن دانهن کي گڏ ٿو ڪرين ته موت وقت تون اهي خدا آڏو پيش ڪرين جڏهن ته خدا جو وجود ڪونهي.

مفلس انسان پنهنجا لڙڪ اُگهيا؟ زال کي سُڏڪا ڀرڻ کان جهليو ۽ ٻارن کي ساڻس گڏ بيهڻ لاءِ چيو. پوءِ هن پاڏي جهڙي طاقت سان زمين تي پير کوڙيا ۽ سرمائيدار کي چيائين: تو مون کي پيڙهيو آهي، تون به انسان آهين.“ هن پادريءَ کي چيو: ”تون مون کي دلاسا ڏنا. تون ڪوڙو هئين“. شايد ته مسيح جا مخالف اهو ئي چاهن پيا. شايد هنن سمجهيو ٿي ته هنن کي خوشي ڏيارڻ جو اهوئي طريقو آهي ته هو آزاديءَ کي ڳولهي لهن. جيڪڏهن مفلس ماڻهوءَ کي يقين ٿي وڃي ته پادري هن کي فريب ٿا ڏين ۽ سرمائيدار کين ڦرن ٿا ۽ سڀني ماڻهن کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. دنيا جي خوشحالي ئي اصل نيڪي آهي، ناداري سڀ کان وڏو گناهه آهي. ته پوءِ هو پنهنجو پاڻ تي ۽ پنهنجن ٻانهن جي ٻل تي ڀروسو ڪندي ڪنهن ڏينهن چئي ڏيندو ته اميرن سان وڙهڻو آهي. مون کي هن دنيا ۾ خوشيون گهرجن ڇاڪاڻ ته موت کان پوءِ زندگي ڪانهي. مون کي ڌرتي گهرجي ڇاڪاڻ جو جنت رڳو خيال آهي. سڀ ماڻهو برابر آهن ۽ سڀني کي ڌرتيءَ جي دولت ۾ هڪ جيترو حصو ملڻ گهرجي. اهڙي صورتحال ۾ اعليٰ دليل ڏيڻ وارن کي سمجهڻ گهرجي ته ان مقام تي کين هنن پهچايو آهي. پرجي ان جنگ ۾ هن شڪست کاڌي ته پوءِ؟

اوهان کي خبر نه آهي ته گرجا جو هڪڙو مقصد اهو رهيو آهي ته اها ڪمزور کي طاقتور آڏو پيش پوڻ واري اڻ ٽر حقيقت کي ڪمزورن کان مڃرائي. اوهان مفلس کي بغاوت لاءِ اُتساهيو ٿا پر اوهان نٿا سمجهو ته اوهين مفلسن کي چالاڪ، طاقتور، ۽ بي اصول سرمائيدارن سان مقابلو ٿا ڪرايو جن کان هو شڪست کائيندا. اوهين هنن کان خدا کي کسي کين آزادي ٿا ڏيو. پر علم ۽ طاقت کان سواءِ آزادي ڪيئن حاصل ٿي سگهي ٿي؟ جي هنن شڪست کاڌي ته پوءِ اوهين کين ڪهڙو جواب ڏيندا. جڏهن انقلاب ۾ گهٽين ۾ هنن جو رت وهندو ۽ جڏهن جيئاپي جي جنگ ۾ طاقتور ڪامياب ٿيندو ۽ پراڻن جابرن جي جاءِ نوان جا بر وِلاريندا.

فلپ: ٿي سگهي ٿو ته الاهيائي عقيدن جي وکرڻ سان اسان جو سماج ڀڄي ڀُري پوي. ڇاڪاڻ ته اهي عقيدا ئي اسان جي اخلاقي نظام جو بنياد آهن. شايد سائنس انهن عقيدن جي متبادل ٿي نه سگهي. اسان رڳو علم جي واڌاري تي ڀاڙي سگهون ٿا.

ميٿيو: پر ٿورو علم خطرناڪ ٿيندو آهي ۽ ماڻهو ٿورو علم ئي حاصل ڪري سگهي ٿو. تعليم رڳو هڪ مشين آهي جيڪا مڙدن ۽ عورتن کي موقعه پرست بڻائيندي آهي.

فلپ: ها، اسان اڃا ٿوري علم واري منزل تي آهيون پر اسين اڳتي وڌنداسين. ڪنهن ڏينهن علم دانائي ٿي ويندو. گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ليڊرن لاءِ ته ضروري ٿيندو ۽ پوءِ ثابت ٿيندو ته سقراط صحيح هو. مذهب ۽ عقيدي جي موت سان جيڪا اخلاقيات بچي سگهي ٿي اها ذهانت ۽ دانش جي اخلاقيات آهي. اهو اخلاق مستقل حيثيت رکي ٿو جيڪو علم جي بنيادن تي بيٺل آهي. جيڪڏهن اسان تعليم تي ڀروسو نٿا ڪيون ته پوءِ ڪنهن به شيءِ تي ڪري نٿا سگهون.

ميٿيو: اوهان مان ڪي رواقين وانگر فطري اخلاق اختيار ڪندا. گهڻا کائيندا پيئندا ۽ طلاقون وٺندا. شايد ٻن نسلن کان پوءِ اوهان کي خبر پوندي ته بي اعتمادي ماڻهوءَ کي ڪٿي ٿي پهچائي. پال! تنهنجا خالي گرجا وري ڀرجي ويندا. اسان کي خبر هئڻ گهرجي ته رڳو ڪي ٿورا ماڻهو دهريت جي اثر هيٺ آهن. اسان جي چوڌاري ۽ هر هنڌ سادا ماڻهو آهن جيڪي اڄ به خدا جي عبادت ڪندا آهن. اوهان سڀ هليا ويندا پر پويان گرجا قائم هوندا. پهريان کان وڌيڪ مضبوط ۽ فائديمند هوندا. پنهنجي ٻارن کي رحمدلي ۽ وفاداريءَ جي سکيا پيا ڏيندا. تقديس جي مثالن سان سندن دلين کي مٿي پيا ڪندا ۽ ماڻهن کي زندگيءَ جي شر ۽ موت جي اڻ ٽر اونداهي حقيقت لاءِ تيار پيا ڪندا. دنيا توهان کي ائين وساري ڇڏيندي جيئن دنيا ڊيموڪريٽس ۽ لبوڪريٽس کي وساري ڇڏيو آهي ۽ دنيا مسيح ڏانهن موٽندي.

ڪليرنس: شايد ائين ٿئي.

خدا  جو  نئون  تصور

پال: ميٿيو! مان اوهان جون ڳالهيون ٿو ٻڌان ته گرجا جو پوئلڳ ٿيڻ تي دل ٿي چوي، پر شايد مستقبل اوهان جو ساٿ نه ڏي. جيئن جيئن تعليم وڌندي ماڻهو حسن ۽ حق ۾ فرق محسوس ڪندا. جيڪڏهن مسيحيت رڳو اڻ ڄاڻ ماڻهن جي دلين جي آٿت جو وسيلو ٿيڻ نٿي گهري ته پوءِ هن کي ڪاپرنيڪس Capernicus ۽ ڊارون جي دنيا ۾ پنهنجون عبادتگاهون تعمير ڪرڻيون پونديون. شايد ته مذهب لاءِ هي ڏکيا ڏينهن اصل ۾ چڱائيءَ جا ڏينهن آهن. هاڻي مذهب کي نئين حقيقت سان مطابقت پئدا ڪرڻي پوندي. ڊڊيراٽ، جيڪو دهريو هو چيو هو ته ”خدا جي تصور کي وسعت ڏيڻي پوندي.“ هن سچ چيو هو. اسان کي واقعي خدا جي تصور کي وسيع ڪرڻو پوندو. لارڊ مورلي چيو ته سائنس جو وڏو ڪم اهو آهي ته اها انسانيت لاءِ هڪ نئون مذهب تخليق ڪري. مذهب ڪڏهن به فنا نه ٿيندو. اسان سدائين پاڻ کان اعليٰ هستيءَ کي ڳولهيندا رهنداسين ته جيئن ان جي عبادت ڪيون. ماڻهو ڪائنات جي هڪ مڪمل تشريح ڪندو ۽ اها فلاسافي هوندي. ان فلاسافيءَ ۾ هو جذبات جي گرمي پئدا ڪندو ۽ اها مذهب ٿي ويندي. ائين انسان مذهب ۽ سائنس کي هڪ روح ۾ گڏ ڪري سگهي ٿو جيئن اهي ٻئي ليونارڊو، اسپينوزا ۽ گوئٽي جي روحن ۾ گڏ ٿيا هئا.

ايريئل: اهو ڪيئن؟

پال: جنهن خدا ۾ منهنجو اعتقاد آهي اهو اوائلي دور جي انسان جي تصور وارو خدا آهي. جيڪو وحشي انسان لاءِ حياتيءَ جو سرچشمو آهي جنهن مان سڀ زنده شيون پئدا ٿين ٿيون ۽ سڪون ڏيندڙ خدا زندگي آهي. تخليقي قوت آهي. سينٽ ٿامس ان کي نج عمل سڏيو. جتي مون گهرائيءَ سان نهاريو آهي اُتي مون ان بيتاب، ڦٽندڙ قوت کي ڏٺو آهي. دنيا جي هميشه هميشه واري تخليقي بيتابي ۽ تڙپ. هيريڪليس کان وٺي هيولاڪ ايلس تائين هر سنجيده شخصيت بي جان شين ۾ به حياتيءَ جي لهر کي محسوس ڪيو آهي- ايلس چئي ٿو هيءَ دنيا لامحدود ۽ زندگيءَ سان ڀريل آهي. اهو انڪشاف ڪنهن ڪيو، هيگل صحيح ٿو چئي ته خدا اهو ارتقائي عمل آهي جيڪو هر مرحلي تي تضادن ۾ ورهائجي ٿو وڃي ته جيئن وڌيڪ ارتقا ٿي سگهي.  برگسان صحيح چيو هو ته زندگي ۾ اهي چونڊ ٻه راز آهن، برگسان غلط چيو هو، زندگي ۽ مادي ۾ سٺو تضاد ڪونهي، پر ان ۾ داخلي قوت جو مظهر آهي.سائنس ڪيو!

جنهن لاءِ سمجهندا آهيون ته ان اسان کان حسن ۽ چڱائي کسي ورتي آهي. اهو انڪشاف ان ئي ڪيو آهي.“

طبعيات ۽ حياتيات اسان کي خدا جو نئون تصور ڏيندي. طبعيات هرهڪ ذري ۾ تمام وڏي قوت ڳولهي آهي. حياتيات اسان کي ارتقا جي معجزي کان آگاهه ڪيو آهي. مذهب سچ چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان اهم حقيقت تخليقي قوت آهي يعني اها زندگي جنهن کان سواءِ بقول اسپينوزا ڪابه شيءِ وجود ۾ اچي نٿي سگهي. اسپينوزا سچ چيو هو ته سڀ شيون ڪنهن نه ڪنهن انداز سان زنده آهن. شوپنهار ۽ نٽشي صحيح هئا ته مادي جي پٺيان عزم ٿو ڪم ڪري. هيگل صحيح چيو آهي ته سڀني شين ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجن صلاحيتن جي تڪميل جو عزم لڪل آهي. ارسطو سچ ٿو چئي، ته ان جي ڪري ئي هر شيءِ پنهنجي پوري تڪميل حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندي آهي. برگسان صحيح چيو هو ته زندگي ۽ چونڊ اهي ٻه زندگي جا راز آهن پريرگسان اهو غلط چوندو هو ته مادو ۽ زندگي ٻه متضاد حقيقتون آهن. مادو زندگيءَ جي شڪل آهي، مصيبت ۾ ان داخلي قوت جي زندگي هڪ آرزو آهي جيڪا ليمارڪ جي حياتياتيءَ واري فلاسافيءَ ۾ عضون پٺيان عضوا تخليق ڪندي آهي.

منهنجو مذهب سائنس آهي. ارتقا جو نظريو منهنجي خدا جي وجود جو ثبوت آهي. اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ٿي وجود ۾ اچي سگهيو. اهو سڀ ڪجهه انجيل جي ڪهاڻين، جيڪي علامتن ۽ شاعريءَ جي ڪري سچ کان به وڌيڪ سچيون ٿيون لڳن. انهن وانگر ناقابل يقين هجي ها. ارتقا کي ڊارون جي نظريي سان نه ڏسو ان کي ليمارڪ، شوپنهار ۽ نٽشي جي نظر سان ڏسو ته حياتيءَ کي ماحول تشڪيل نٿو ڏئي پر حياتي ماحول تي اثرانداز ٿي ٿئي. جنهن جو روح ۽ بقول اسپينوزا هڪ ڪڏهن به پوري نه ٿيندڙ خواهش آهي. ڇا اوهان حقير نطفي کي بلندين ڏانهن اسرندو ۽ پوءِ آئن اسٽائن، اناطول فرانس ۽ ايڊسن جي صورت اختيار ڪندو ڏسي. هن جنسار کي خدا جو لباس ڇو نٿا سمجهو. اسين ڪيڏا عجيب جاندار آهيون. اسان پاڻيءَ تي ڦوٽي جيئن پئدا ٿا ٿيون ۽ پوءِ ختم ٿا ٿي وڃون، دنيا جي اقتصادي ميدان ۾ وڙهون ٿا. قتل ٿا ڪيون، ڪڏهن موسيقي ۽ شاعريءَ جا شاهڪار ٿا تخليق ڪيون ته ڪڏهن پنهنجن ٻارن ۽ نسل لاءِ جان ٿا ڏيون. اسان جو بلندين ڏانهن سفر اڃا هاڻي شروع ٿيو آهي. اسان پنهنجي ترقيءَ جي اڃا بلوغت واري دور ۾ آهيون. هر شيءِ اسان جي چوڌاري ۽ اسان جي اندر ۾ مکڙين وانگر ٽڙي پئي آهي. اسان هن مهل تائين جيڪي ڪيو آهي سو شاهد آهي ته اسين اڳتي ڇا ڪرڻ وارا آهيون. ڪنهن به نظريي اسان کي ٿڪايو نه آهي ۽ نه ئي اسان جي تشريح ڪري سگهيو آهي. اوهان ان کي شاعري ۽ جذباتيت چئي سگهو ٿا. پر مان جڏهن ڪنهن سائي ٻوٽي کي ڌرتيءَ مان ڦٽندو ڏسندو آهيان ته چوندو آهيان ته هي خدا آهي. ڪنهن ماءُ جي هنج ۾ ٻار کي ڏسندو آهيان ته چوندو آهيان ته هي خدا آهي. اها رڳو هڪ ماءُ نه هوندي آهي ۽ نه ئي ڪنهن عقيدي جي علامت هوندي آهي پر هوءَ ان تخليقي قوت جي علامت هوندي آهي جيڪا هر سرشتي جي پٺيان لڪل آهي، جيڪا، جيئن ڊانٽي چيو آهي، ”زمين ۽ ٻين سيارن کي حرڪت ۾ آڻي ٿي.“

اينڊريو: اوهان جو خدا جو جيڪو تصور آهي ان جي جنس جي باري ۾ چئي نٿو سگهجي. خدا کي زندگيءَ جهڙو سمجهڻ هن کي شخصيت کان محروم ڪرڻ آهي. خاص ڪري اوهان هن کي مامتا ۾ ٿا ڏسو. شايد برنارڊشا کان متاثر ٿي اوهان خدا کي ماءُ سمجهڻ لڳا آهيو.

پال: نر ۽ ماديءَ جو تفاوت پوءِ پئدا ٿيو، جيڪو مٿاڇرو آهي. شخصيت به پوءِ آئي ۽ اها به اڃا وڌيڪ مٿاڇري آهي. خدا انهن کان مٿاهون ۽ انهن جي ويجهو آهي. خدا سان شخصيت کي منسوب ڪرڻ خدا کي انساني روپ ۾ آڻڻ واري خودپرستي آهي. ان لاءِ اسان کي وري زينوفينس کي پڙهڻ گهرجي جنهن جي خيال ۾ شخصيت جي معنيٰ الڳ وجود آهي جنهن کي پنهنجو ڪردار ۽ ارادي جي صلاحيت هجي ۽ خدا الڳ ۽ جزوي ٿي انا نٿو سگهي. خدا ڪائناتي قوت ۽ روح آهي. جنهن جا اسان جون ننڍيون ننڍيون اناؤن حصا آهن. خدا کي شخصيت ڏيڻ خدا کي محدود ڪرڻ آهي. اسين جڏهن سچ لاءِ مذڪر جو صيغو استعمال ٿا ڪيون ته پوءِ ان لاءِ مذڪر جو صيغو استعمال ڇو نه ڪيون جيڪو اسان جي خيال ۾ سڀني شخصيتن جو ماخذ آهي انڪري مان خدا لاءِ مذڪر جو صيغو استعمال ڪندس.

برنارڊشا صحيح چيو آهي ته نر تخليق جو هڪ حادثاتي واسطو آهي جڏهن ته مادي زندگيءَ جي تسلسل جي سڌي سنئين ذميوار آهي. هوءَ جسماني تخليق جو مجسمو آهي ۽ رڳو جينيئس ئي هن جي برابر ٿي سگهي ٿو جيڪو روحاني تخليق جو وسيلو ۽ نون قدرن ۽ علم جو خالق هوندو آهي. ماءُ ۽ جينيئس کان مٿاهون خدا آهي. ڪامٽي جو خيال غلط هو ته انسانيت خدا آهي. جيڪو انسانيت کي ڄاڻي ٿو اهو ڪڏهن به ان کي پرتش جي لائق سمجهي نٿو سگهي. اسان گهڻي ڀاڱي خام مواد آهيون. اهڙي عمارت جو سرون آهيون جنهن جي نقشي کي سمجهي نٿا سگهون. بلندين ڏانهن اسرڻ جي اذيتناڪ خواهش يا جينيئس جي تخليق جي درد وارين گهڙين ۾ اسان خدا کي محسوس ڪندا آهيون اها ڪيفيت به جوڻ مٽائڻ ۽ صليب تي چڙهڻ جي برابر آهي. خدا کي هڪ خارجي حقيقت مڃڻ سان ارادي جي آزادي ۽ جينيئس رڳو نظر جو دوکو ٿو ٿي پئي ۽ جيڪڏهن اسان ڪائنات کي مشين سمجهون (ڪائنات کي مشين سمجهڻ ڪالوِنِزم Calvinism کي صنعتي لباس پارائڻ برابر آهي) ته پوءِ ارادي جي تمام ٿوري آزادي ۽ جينيئس ۾ تاثير پئدا ڪري سگهڻ جا امڪان پئدا ٿي ٿا پون. جيڪڏهن خدا اسان جي اندر ۾ ان مستقل زندگيءَ جي صورت ۾ موجود آهي جيڪا هڪ ذري مان فيڊياس Pheidias جي فن، مسيح جي الهام جي تخليق جو سبب ٿي بڻجي، ته پوءِ هي مادي شيءِ کي زندگيءَ جو لباس، ۽ اوائلي انسان وانگر هرهڪ وڻ، حيوان، محبت، پئدائش، ذهن ۽ روح جي هر عظمت. زوال ۽ موت ۾ خدا کي ڏسي ٿا سگهون. جز جي حيثيت ۾ ڪُل ۾ شامل ٿي زندگيءَ جي نشونما کي هٿي ڏيئي ٿا سگهون. جيڪڏهن اسان ائين ڪيو ته اها خدا جي عبادت هوندي.

اينڊريو: اوهان جون ڳالهيون شاعراڻيون ۽ حقيقت کان پري آهن، اهڙي زندگيءَ کي خدا سمجهڻ لاءِ هر سائنسدان اوهان تي کلندا جيڪا سنڌيانا جي چوڻ مطابق هڪ گولي جي حرارت جي گهٽجڻ، وڌڻ ۽ هوا ۾ آڪيسجن جي گهٽجڻ سان ختم ٿي وڃي ٿي، ۽ هر نيڪ ماڻهو ان ڳالهه تي کلندو ته اوهان خدا کي آسمان ۾ نه پر گلن، ڪنڊن جانورن، ٿلهن مائن ۽ گدلن ٻارن ۽ موسيقي جي تاريخ جي عظيم عطائي موسيقار رچرڊ واگنر جي موسيقي ۾ ٿا ڏسؤ.

پال: واگنر کي وساريو ۽ مسيح کي ياد ڪيو. منهنجي مذهب ۾ ٻه عنصر هوندا، زنده خدا ۽ ٻيو انسان مسيح، جيئن اوائلي مسيحيت علامتي طور مسيح کي خدا جو اوتارن مڃيو. زندگيءَ جي سڀ کان عظيم تخليق فڪر نه پر محبت آهي. انساني جينيئس جو سڀ کان وڏو ڪارنامو شيڪسپيئر جا ڊراما، پارٿينن جا بت خانا نه آهن پر مسيح جو اخلاق آهي. ماءُ پيءَ جيڪا پر گهور ٿو لهي ان کان پوءِ هي نيڪيءَ جي بهترين قوت آهي. مون کي خبر آهي فلپ! ته اوهان مسيح جي اخلاق کي ناقابل عمل ٿا سمجهو. پر اوهان پاڻ اسپنوزا جي اخلاق جو آخري جملو ٻڌايو هو ته ”سڀ سٺا ڪم ڏکيا ۽ اڻ ٿيڻ جهڙا هوندا آهن.“ ڪنهن ڪم کي ڏکيو چوڻ ان تي اعتراض نه سمجهڻ گهرجي. اخلاق لاءِ ضروري آهي ته اهو اسان کي جبلتن کان بلند ڪري، تهذيب ۽ گڏيل سهڪار کي ممڪن بڻائي. مسيح  جو نظريو ڇا آهي؟ هن جو نظريو آهي ته وچون رستو اختيار ڪيو. ڇا اعتدال ڏکيو ۽ ناقابل عمل آهي. اهو ته اسان جي هڪٻئي سان تعلق جو بنياد آهي. مون ڏٺو آهي ته جتي مان بچاءُ ٿو ڪيان اتي جهيڙو وڌي ٿو. جتي مان رحمدلي ٿو ڏيکاريان اتي ان جي بدلي ۾ مون کي هزارين نعمتون ٿيون ملن. جتي به مون محبت کان ڪم ورتو اتي مون کي ڪاميابي ٿي. منهنجي خيال ۾ دهريو اهو آهي جيڪو زندگيءَ جي اوسر جو منڪر آهي ۽ مسيحي اهو آهي جيڪو مسيح جي اخلاقي نظام تي سچيءَ دل سان عمل ٿو ڪري.

پال: ائين ڇو نه ٿو ٿي سگهي ته جيئن ڪن ڳالهين تي اسان اختلاف ٿا ڪيون تيئن ڪن ڳالهين تي اتفاق ڪيون. اسان جو رڳو اکرن تي اختلاف آهي. اسان کان اڳ واري نسل به اهي ئي ڳالهيون ٿي ڪيون جيڪي اسان ٿا ڪيون. هنن ٻين اکرن ۽ علامتن ۾ اسان واري ڳالهه ڪئي هئي ته زندگيءَ جو احترام ۽ ڪُل سان وفاداري ڪيو. هاڻي جڏهن اختلافن جي جنگ ختم ٿي آهي تڏهن خبر پئي آهي ته اسان هڪ ٻئي جي ويجها هئاسين ۽ هاڻي به هڪ ٿي ويا آهيون. منهنجي تصور جي مثالي گرجا ۾ هرڪو ماڻهو جنهن جو اعتدال ۾ يقين آهي شامل ٿي سگهي ٿو. اوهان سڀ ان ۾ شامل ٿي سگهو ٿا. فلپ به ٿي سگهي ٿو جيڪو مسيح جي تعليم کي ناقابل عمل ٿو سمجهي. اينڊريو به جيڪو پاڻ کي مشين ٿو سمجهي. ڪليرنس به جيڪو هر ڳالهه تي شڪ ٿو ڪري پر هر شيءِ سان پيار ٿو ڪري. اها گرجا حسن ۽ حق ۾ چڱائيءَ جو احترام ڪندي. هر فن جي اشاعت ڪندي. سڀ گرجاؤن بالغن جي تعليم جا مرڪز هونديون. جي سائنس، تاريخ، ادب فلاسافي، موسيقي ۽ فن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري وڏي عمر جي انهن ماڻهن کي پڙهايو ويندو جيڪي علم حاصل ڪرڻ لاءِ اڃا پوريءَ عمر ڇا آهن. جتي ڀائپيءَ کان سواءِ علم بيڪار هوندو. هر قسم جي اختلاف جي اجازت هوندي رڳو ان هڪ ڳالهه تي اختلاف نه هوندو ته پيار ئي سڀ کان وڏي دانش آهي.

ايريئل: هتي هي بحث ختم ٿا ڪيون. هن ڪتاب گهر ۾ جتي سوين سرزمينن جي عظيم دماغن جي دانش موجود آهي اسين اقرار ڪيون ته اسين ڀائر آهيون. مذهب ۽ ڀائپي هڪ ئي سچ جا ٻه نان ؤ آهن. ڪنفيوٽسس، ٻڌ، يسعياه ۽ مسيح، اسپينوزا ۽ وٽمين هڪ ئي مذهب جا پيغمبر هئا. هنن جي تعليم ۾ جيڪي هڪ جهڙيون ڳالهيون هيون جيڪڏهن اسان اُهي مڃون ته اها اسان لاءِ تمام وڏي ڳالهه ٿيندي.

موت  ۽  زندگي

ڇا اسان هڪ باب ۾ انساني زندگيءَ جي هيڏي وڏي منظرنامي ۾ سموئي سگهون ٿا؟ اهو ناممڪن آهي، زندگي اسرار آهي. اهڙو درياه آهي جنهن جي خبر ڪانهيءَ ته ڪٿان ٿو نڪري. جيڪا اوچتو اسري ايتري ته ڳتيل ۽ منجهيل ٿي ٿئي جو ان کي سمجهڻ ڏکيو ۽ بيان ڪرڻ ناممڪن آهي. پرپوءِ به ان سان لاڳاپيل رهڻ جي خواهش اسان کي اڳتي وٺي ٿي وڃي. تجربي ۽ تاريخ جي هن صحرا جو نقشو چٽڻ، ماضيءَ جي ڪڏهن جهڪي ۽ ڪڏهن تيز روشني مستقبل تي وجهڻ، احساس ۽ خواهش جي انتشار کي اهميت ۽ مقصديت ڏيڻ. ان جي وهڪري جي رخ جو اندازو لڳائي ان کي قبضي ۾ آڻڻ، اها ڪڏهن ته اجهامڻ واري مابعد الطبعياتي اڃ اسان جي قابل اعتراض نسل جي رخن جو هڪ اعليٰ رخ آهي، ان ڪري اسان هن باب ۾ ڪوشش ڪنداسين، پوءِ اها کڻي اڄائي ئي ڇو نه هجي، ته اسان زندگيءَ کي تڏهن کان وٺي جڏهن کان اسان پڇڻ کان سواءِ اسان کي دنيا ۾ اڇلايو ويو هو ۽ تيستائين جيستائين زندگيءَ جو ڦيٿو بيهي رهندو، ان ساري پسمنظر ۾ ڏسون.

ننڍپڻ:

والٽ وٽمين چئي ٿو ته ”بحث کان پوءِ ننڍن ٻارن جو هڪ ٽولو داخل ٿيو. هنن جي ٻاراڻي انداز ۽ ڳالهين منهنجي ٿڪل اعصابن ۽ ٻرندڙ بُت تي پوندڙ ٿڌي پاڻيءَ جهڙيون لهرون پئدا ڪيون“.

اسان ٻارن کي ان لاءِ پسند ڪندا آهيون جو هو اسان جا ۽ اسان جي شخصيت جو تسلسل هوندا آهن. هنن ۾ ڪي اهڙيون وڻندڙ خاصيتون هونديون آهن جيڪي اسان ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجو پاڻ ۾ پئدا ڪري نه سگهندا آهيون. هنن جي سادگي ۽ سندن بي ساخته حرڪتون اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي فلاسافر وڏي ڪوشش ۽ پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ سان پاڻ ۾ ٻيهر پئدا ڪري سگهندا آهن. اسان هنن جي منافقت کان پاڪ گفتگو پسند ڪندا آهيون. جيڪڏهن اسين کين ڪونه وڻندا آهيون ته هو اسان ڏانهن ڪوڙي مرڪ سان به ڪونه نهاريندا آهن. ٻار ۽ احمق هميشه سچ ڳالهائيندا آهن ۽ اهڙي خلوص ۾ هنن کي راحت ملندي آهي. تازي ڄاول ٻار ڏانهن نهاريو، گدلو پر حيرت انگيز، کل جهڙو پر بيشمار امڪانن ۽ ان ازلي اسرار يعني زندگيءَ جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جي صلاحيتن سان ڀريل، ڇا اوهان اهو تصور ڪري سگهو ٿا ته آواز ۽ سور جي هي ڳٺڙي ڪنهن وقت ۾ محبت، فڪر، دعا، سُور، تخليق ۽ موت جي رمزن سان آشنا ٿيندي؟ هو رئندو آهي جو هيتري وقت تائين هو ماءُ جي پيٽ ۾ آرام سان ستل هو هاڻي هن کي ساهه کڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي ۽ ساهه کڻڻ سان هن کي تڪليف ٿي ٿئي. هو روشني کي ڏسي ٿو جيڪا کيس تڪليف ٿي ڏئي، هو گوڙ ٻڌڻ لاءِ مجبور آهي جنهن سان هو بي چين ٿو ٿئي، هن کي سيءُ ٿو لڳي جنهن سان هن کي بي آرامي ٿي ٿئي. قدرت هن کي دنيا جي انهن حملن کان بچائڻ لاءِ کيس گهٽ حساس ٺاهيو آهي. هن کي روشني گهٽ نظر ايندي آهي، آواز گهٽ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ائين ڄڻ پريان کان پيو اچي ۽ هن جو گهڻو وقت ننڊ ۾ گذرندو آهي.

هن جي ماءُ کيس ڀولڙو چوندي آهي. گهمڻ سکڻ کان اڳ هو ڀولڙي جهڙو هوندو آهي ۽ پوءِ ماڻهو ٿيندو آهي. ٿورو سوچيو ته ڪيئن هو شين کي جهلي ۽ ڇهي دنيا جي واقفيت حاصل ڪندو آهي. هن لاءِ دنيا ڳجهارت آهي ۽ اها ڳجهارت ڀڃڻ لاءِ قدرت هن ۾ علم حاصل ڪرڻ جي هوس پئدا ڪٿي آهي ۽ هو هر شيءِ کي ڏسندو ۽ چکندو آهي.

هي ٻار اسان جي فلسفي جي شروعات ۽ انت ٿي سگهي ٿو. هن جي ڄاڻ لاءِ اورا کورا ۾ اسان جي مابعد الطبعيات جو راز لڪل آهي، هن کي پينگهي ۾ يا فرش تي ريڙهيون پائيندو ڏسون ٿا ته اسان لاءِ زندگي رڳو تصور نٿي رهي پر اهڙي روانيءَ واري حقيقت ٿي ٿي پوي جيڪا اسان جي مقرر ڪيل درجي بندي ۽ اصولن کي غلط ٿي ثابت ڪري، هي وڌڻ جو عزم، هي لڳاتار ڪوشش ۽ تعمير، هي بي وسيءَ مان طاقت ۾ اچڻ، ڪچي وهيءَ مان بالغ ٿيڻ ۽ حيرت مان حڪمت تائين پڄڻ، اها ارتقا ئي فلاسفرن جي حقيقتِ مطلق آهي جنهن کي جدا جدا فلاسفرن جدا جدا نالا ڏنا آهن، هن کي ڏسي اسان مادي جي وزن ۽ مشين جي ڦيٿن جي بدران شين جي اصل حقيقت جي ويجهو پڄي ويندا آهيون. زندگي بي تابي آهي. جيڪا ڳولهي ۽ پاڻ پتوڙي ٿي ۽ جيڪا آخر تائين وڙهندي ٿي رهي.

جواني:

ننڍپڻ کي اسين راند جو زمانو چئي سگهون ٿا انڪري ڪن ٻارن ۾ ننڍپڻ نه هوندو آهي ۽ ڪي جوان ڪڏهن به پوڙها نه ٿيندا آهن. جواني، راند کان عمر ڏانهن ۽ ڪٽنب جي محتاجيءَ کان پاڻ تي ڀاڙڻ طرف وڌڻ جو نالو آهي. ان عمر ۾ اچڻ سان ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ انتشار پئدا ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر خواهش پوري نه ٿيندي آهي. دنيا ۾ داخل ٿيندي ئي نوجوان آزاديءَ جي مستيءَ ۾ مست ٿي دنيا کي زير ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي مرضيءَ مطابق بنائڻ لاءِ ميدان ۾ لهندو آهي. ڊيموسٿينز چيو هو ته سٺي خطابت جا ٽي اصول آهن: عمل- عمل ۽ عمل، اها ڳالهه جوانيءَ سان به لاڳو ٿئي ٿي. جوان ماڻهوءَ ۾ ديوتا جهڙي خود اعتمادي هوندي آهي. هو کاڌي کان وڌيڪ خطري کي پسند ڪندو آهي، هو وڌاءَ وارن ڳالهين ۽ غير محدود فضائن جو شوقين هوندو آهي ۽ پنهنجي اڻ مئي قوت جي اظهار لاءِ نت نوان وسيلا ڳولهيندو آهي. خطرو هن کي زندگيءَ جي هر شيءِ کان وڌيڪ پيارو هوندو آهي.

نوجوان پابندين کي مجبوريءَ سان قبول ڪندو آهي. شور ۽ گوڙ هن جي زندگي هوندو آهي پر کيس ماٺ رهڻ لاءِ چيو ويندو آهي. هو ڪجهه ڪرڻ گهرندو آهي پر هن کي آرام سان ويهڻ جي نصيحت ڪئي ويندي آهي. هن جو رت جو دورو هن کي سرمستيءَ لاءِ اُڀاريندو آهي پر ماڻهو هن کي بردباريءَ ۽ اعتدال لاءِ چوندا آهن. هي اُبتا پير کڻڻ جي عمر آهي ۽ هن جو اصول آهي ته ابتا پير کڻڻ کان سواءِ ڪاميابي حاصل ٿي نٿي سگهي. نوجوان ڪڏهن به ٿڪبو نه آهي. هو اڄ ۾ جيئندو آهي، ڪالهه تي افسوس نه ڪندو آهي ۽ سڀاڻ کان ڊڄندو نه آهي. هو وڏي بي ڊپائيءَ سان اهڙي پهاڙ تي چڙهندو آهي جنهن جو پريون پاسو ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. هيءَ حواسن سان حاصل ٿيندڙ تيز ڇهائڻ ۽ ڪڏهن به ٿڌيون نه ٿيندڙ خواهشن جي عمر آهي. هن جي تجربن ۾ وري وري ورجائڻ ۽ مايوسين سان ڪڙاڻ پئدا ڪانه ٿيندي آهي ۽ تجربو هڪ اعليٰ شيءِ هوندو آهي. هن عمر ۾ هر گهڙي پياري هوندي آهي. دنيا جو هڪ جمالياتي رخ آهي جنهن مان تمام گهڻو مزو ماڻي سگهجي ٿو جنهن لاءِ شاعري ڪري سگهجي ٿي ۽ پنهنجي قسمت تي ناز ڪري سگهجي ٿو.

خوشي جوانيءَ وانگر ڇڙواڳ جبلتن جي راند آهي. اسان مان گهڻا ماڻهو ان دور ۾ ئي جيئندا آهن. چاليهن ورهن ۾ هو ان دور جو يادگار ٿي ويندا آهن، هڪ شعلي جي وساڻيل رک! زندگي جو الميو هي آهي ته زندگي اسان کي ان وقت سمجهه ۾ ايندي آهي جڏهن جواني ڦري وٺندي آهي.

صحت ڪم سان حاصل ٿيندي آهي ۽ جوانيءَ کي حسن بخشيندي آهي. مصروفيت سان اندر جو سڪون ملندو آهي. اسان کي خدا کان دولت گهرڻ جي بدران ڪم ڪري سگهڻ جي طاقت گهرڻ گهرجي. ٿُورو چيو هو ته ڌرتيءَ جي تصوراتي جنت ۾ هر ڪو پنهنجو گهر پاڻ ٺاهيندو ۽ دلين ۾ وري نغما ڦٽندا جيئن آکيرو ٺاهڻ واري پکيءَ جي دل ۾ نغما ڦٽندا آهن. اسان پنهنجو گهر پاڻ ٺاهي نٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ هلي ڦري ۽ ڊوڙي ته سگهون ٿا. اسان کي ڪڏهن به ايترو پوڙهو ٿيڻ نه گهرجي جو اسان پاڻ راند کيڏڻ جي بدران ٻين کي راند کيڏندو ڏسون. راند دعا وانگر ضروري آهي ۽ ان جا نتيجا لازمي نڪرن ٿا.

ان ڪري نوجوان جڏهن ڪلاس روم کان راند کي ۽ بيس بال کان فلسفي کي وڌيڪ سمجهندو آهي ته عقلمندي ڏيکاريندو آهي. جڏهن هڪ اکين تي چشمو چاڙهيل چينيءَ آمريڪي يونيورسٽن لاءِ چيو ته هي ڪسرت جا آکاڙا آهن. اسان سمجهو هن اسان جي يونيورسٽين جي خلاف ڳالهه نه ڪئي هئي. پر هن اسان جي يونيورسٽن جي فائدي ۾ ڳالهه ڪئي هئي. هر ڏاهي ماڻهوءَ کي افلاطون وانگر ڪسرتي هئڻ گهرجي. جي هو ڪسرتي نه آهي ته پوءِ هن جي فلاسفيءَ تي به شڪ ڪرڻ گهرجي. نٽشي چيو هو ته شريف ماڻهوءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پورو حيوان هجي، ان بنياد تي ئي تعليم جي عمارت بيهارڻ گهرجي جسماني صحت جي سکيا. دماغي صحبت جيتري ئي ضروري آهي.

انهيءَ وچ۾ اسان جو نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ شروع ٿو ڪري. هن کي خبر ٿي پئي ته اها تعليم هو ڪيئن ۽ ڪٿان حاصل ڪري جنهن جي هن کي اڳتي هلي ضرورت پوندي، جيڪا ڪاليج جي سڀني علمن مان اعليٰ آهي. ڪتابن مان حاصل ڪيل علم تيستائين اجايو آهي. جيستائين اهو زندگيءَ ۾ ڪم نٿو اچي ۽ اهڙو علم ئي ماڻهوءَ جي خواهشن ۽ اُٿڻي ويهڻيءَ تي اثرانداز ٿئي ٿو. اها زندگي آهي جيڪا سيکاري ٿي ۽ شايد ته زندگيءَ ۾ محبت سڀ کان وڌيڪ سيکاري ٿي.

اوچتو بلوغت اچي ٿي وڃي. نوجوان جي لاپرواهيءَ واري عمل مان بي ساختگي ختم ٿي ٿي وڃي ۽ مٿس پريشانين جا پاڇا پوڻ شروع ٿا ٿين، ڇوڪري پنهنجو گهڻو وقت ۽ پئسا پاڻ کي سينگارڻ سنوارڻ ۾ خرچ ٿي ڪري، ڇوڪرو منهن ڌوئڻ ۽ بوٽ کي پالش ڪرڻ ۾ پورو هوندو آهي. هن جي اڌ ڪمائي ڇوڪريءَ تي ۽ اڌ ڪمائي درزيءَ تي خرچ ٿيندي آهن. ڇوڪري شرمائڻ جو انداز سکي ويندي آهي ۽ ڇوڪرو حسن جي ساٿ ۾ ائين گهمندو آهي. ”ڄڻ هن جون ڄنگهون هن جون پنهنجون نه آهن. پر ورتل آهن.“

جنس جي وڌندڙ شعور سان ذهن ترقي ڪندو آهي. جبلتن جي جاءِ سوچ ۽ عمل جي جاءِ فڪر وٺندو آهي. نوجوان هر شيءِ جو معائنو ڪندو آهي ۽ ان جي وجود ۾ اچڻ ۽ ان جي مقصد تي ويچاريندو آهي. هن جي ذهن ۾ سُر، شين جي اصل حقيقت ۽ ارتقا، تقدير، روح ۽ خدا لاءِ سوال اُڀرندا آهن. ذهن ۾ ڦوڪڻا پيا ڦوڪبا آهن. هر لفظ ۽ سوچ جون ڪيتريون ئي معناؤن هونديون آهن. هو بالغ ٿي لفظن سان کيڏندو آهي ۽ ڇوڪري هروڀرو ٽهڪڙا ڏيندي آهي. جذبن سان ڀريل دل نغمن ۽ ناچ جي روپ ۾ ٽڙندي آهي. جمالياتي احساس جي پٺيان خواهشون اُڀرنديون آهن ۽ اهڙيءَ طرح موسيقي ۽ ٻيا فن جنم وٺندا آهن.

دنيا کي ڳولهي لهڻ واري عمل ۾ هو شر کان واقف ٿيندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي اصل فطرت ڏسي ڊڄي ويندو آهي. هن جو خاندان سهڪار ۽ محبت تي بيٺل هو. هيڻي جي مدد ڪئي ويندي هئي ۽ آمدني پاڻ ۾ وراهيي هئي پر هن کي خبر پوندي آهي ته سوسائٽي چٽا ڀيٽي، جيئڻ جي جنگ، هيڻي جي خاتمي ۽ طاقتور جي زنده رهڻ واري اصول تي بيٺل آهي. هي سڀ ڏسي هو پريشان ٿيندو آهي ۽ بغاوت ڪندو آهي ۽ دانهون ڪندو آهي ته اچو ته هن دنيا کي هڪ خاندان بڻايون جيڪو هن کي گهر وارو تحفظ ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول ڏي ۽ اهڙي طرح هن جي ذهن ۾ اشتراڪيت جنم وٺندي آهي. پر ٿوري وقت کان پوءِ چٽاڀيٽيءَ جو نشو هن جي رت ۾ شامل ٿي ويندو آهي ۽ دولت جي هوس ۾ هو هٿ پير هڻڻ شروع ڪندو آهي. بغاوت ختم ٿيندي آهي ۽ چٽاڀيٽي جاري رهندي آهي.

آخر ۾ هو محبت ڳولهي لهندو آهي. ان کي ”وَڇِ واري محبت“ چوندا آهن جيڪا ننڍپڻ ۾ به معصوميت ۽ شدت سان محسوس ڪئي ويندي آهي پر هاڻي ان محبت ۾ روح ۽ جسم ٻنهي جي خواهش شديد ٿي ويندي آهي. هي ڇوڪرو ڇوڪري جن جي دلين ۾ محبت جنم ورتو آهي اوهان ٿورو انهن ڏانهن ڏسو، ڇوڪريءَ جي اندر ۾ زندگيءَ جي لهر پئدا ٿيندي آهي هن کي هن جي اندر جي تخليق جو شعور ٿيندو آهي ته هوءَ يڪدم سنجيده ٿي ويندي آهي. جڏهن ته ڇوڪرو بي چين ۽ بي تاب ٿي ويندو آهي ۽ وڏي صبر سان ڇوڪريءَ جي دل کي جيتڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. زندگيءَ جو هي حسن دنيا جي سڀني خرابين تي حاوي آهي. اهوئي اسان جي تهذيب جو معراج آهي.

جيڪڏهن ڇوڪرو سمجهدار آهي ته هو محبت کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏيندو، ڇوڪريءَ جي دل جيتڻ لاءِ محبت ۽ احتياط کان ڪم وٺندو ۽ دل جي نغمن سان شادي ڪندو. هو زندگيءَ جي هر رُخ کي محبت جي تابع ڪندو. عقلمندي جيڪڏهن جوان هوندي ته اها محبت جي پرورش ڪندي، پاڻ ارپيندي ۽ قربانيءَ سان ان ۾ گهرائي پئدا ڪندي، ٻارن جي پئدائش سان ان کي مضبوط ڪندي ۽ سڀني شين کي ان جي زير ڪندي تان جو زندگي پنهنجي انت کي پڄندي. محبت جيتوڻيڪ اسان کي ڳاري ۽ المناڪ نتيجن سان اسان کي تباهه ٿي ڪري، هجر جي غم ۾ اسان کي جهوري ٿي. پر پوءِ به محبت جو مقام سڀ کان اعليٰ آهي.

پڪي عمر:

نوجوان جي شادي ٿيندي آهي ۽ جواني پڄاڻيءَ تي ايندي آهي.

مڙد ۽ عورت شاديءَ جي ٻئي ڏينهن تي پنهنجي عمر پنج سال وڌائي ڇڏيندا آهن. حياتياتي لحاظ کان پڪي عمر شاديءَ سان ئي شروع ٿي ويندي آهي. لاپرواهي ختم ٿيندي آهي ۽ محنت ۽ ذميواريءَ جو دور شروع ٿيندو آهي. جذباتيت جي جاءِ تي سماجي حد بنديون ۽ شاعريءَ جي جاءِ نثر وٺندي آهي. پڪي وهي جدا جدا ملڪن ۾ جدا جدا عمرن ۾ شروع ٿيندي آهي ۽ محنت ۽ مقامي ريتن ۽ آب و هوا سان ايندي آهي. اڄڪلهه جي شهرن ۾ شاديون دير سان ٿينديون آهن پر ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ شادي جلدي ٿيندي آهي ۽ اسٽينلي هال چيو آهي ته جيڪي نوجوان تيرهن ورهن ۾ شادي ڪندا آهن اهي ٽيهن سالن جي عمر ۾ پوڙها ٿي ويندا آهن. ۽ پوءِ .... طاقت جون دواؤن کائيندا آهن. گرم ملڪن ۾ عورتون ٽيهن سالن ۾ پوڙهيون ٿي وينديون آهن. هيءَ ڳالهه گهڻي ڀاڱي صحيح آهي ته جيڪي ماڻهو دير سان بالغ ٿيندا آهن اهي دير سان پوڙها ٿيندا آهن، اسين جيڪڏهن جنسي بلوغت کي اقتصادي خود اختياري جي زماني تائين وڌايون ته اسين جوانيءَ کي ۽ تعليم جي زماني کي ڊگهو ڪري ماضيءَ کان وڌيڪ سٺي تهذيب پئدا ڪري سگهون ٿا. زندگيءَ جي هر دور جون پنهنجون چڱايون ۽ مندائيون، فرض ۽ مزا هوندا آهن. ارسطوءَ اعتدال کي ڪمال ۽ وڏي عقلمندي چيو آهي، ائين اسان جواني، بلوغت جي خصلتن جي فهرست ٺاهي سگهون ٿا:

جواني

پڪي عمر

پوڙهائپ

جبلت

اندازو

چونڊ

نواڻ

عادت

رسم

ايجاد

عمل

رڪاوٽ

راند

ڪم

آرام

فن

سائنس

مذهب

تصور

ذهن

يادگيري

مفروضو

علم

ڏاهپ

رجائيت

اميد

ياسيت

انقلاب پرستي

حريت پرستي

رجعت پرستي

مستقبل جي باري ۾ سوچ

حال جي باري ۾ سوچ

ماضيءَ جي باري ۾ سوچ

جرائت

شعور

احتياط

آزادي

تنظيم

اختيار

ڪچو ارادو

پڪو ارادو

هڪ هنڌ بيهي رهڻ

اها فهرست تمام ڊگهي آهي. ان فهرست مان پڪيءَ عمر جي ماڻهوءَ کي ان ڳالهه سان سڪون ملي سگهي ٿو ته پڪي وهي وڏا ڪم ڪري سگهڻ جي عمر آهي. پنجٽيهن سالن جي عمر ۾ مڙد پنهنجي عمر جي ڪمال تي هوندو آهي. هو پنهنجي تجربي ۽ سمجهه سان جذبات جي تيزيءَ کي تخليقي ڪمن لاءِ استعمال ڪري سگهندو آهي. شايد ته ذهني ڪمال جنس جي پختگيءَ سان حاصل ٿيندو آهي. جيڪا ماڻهوءَ ۾ گهڻو ڪري ٻٽيهن سالن جي عمر ۾ ايندي آهي. ايلس ٿو چئي ته انگلستان جون اعليٰ شخصيتون ان وقت پئدا ٿيون جڏهن سندن ماءُ پيءُ جي عمر ٻٽيهن ۽ چوٽيهن سالن جي وچواري هئي.

اسان جڏهن مالي طرح محفوظ ٿي ويندا آهيون تڏهن جوانيءَ وارا باغياڻا جذبا دٻجي ويندا آهن. اسان جا پير زمين تي هوندا ته اسين زلزلن کي ضرور خراب چونداسين. اسان پنهنجي انقلاب پسنديءَ کي آزاد خياليءَ ۾ بدلائيندا آهيون. اسان جي انقلاب پسندي اسان جي بئنڪ اڪاؤنٽ جي وڌڻ سان گهٽجي ويندي آهي. جيئن جيئن اسان ماحول سان مطابقت پئدا ڪندا آهيون. تيئن تيئن اسان بنيادي تبديليءَ کان ڊڄندا آهيون جو اسان کي وري ان نئين تبديليءَ سان مطابقت پئدا ڪرڻي پوندي، چاليهن ورهن جي عمر کان پوءِ اسان جي دل چوندي آهي ته دنيا ۽ زندگيءَ جو وهڪرو هڪ هنڌ بيهي رهي.

پڪي وهيءَ ۾ قدامت پسنديءَ جو هڪڙو سبب عقلمندي آهي. ان عمر ۾ اسان کي ادارن جي منجهيل ڪارڪردگي ۽ پنهنجن خواهشن جي خامين جي خبر پئجي ويندي آهي. ٻيو سبب اهو آهي ته ماڻهوءَ جي طاقت گهٽبي آهي جيڪا ٿڪل ماڻهوءَ جي بي داغ اخلاقيات ۾ ظاهر ٿيندي آهي. پهريان اسين پنهنجي گهٽجندڙ قوت کي محسوس نه ڪندا آهيون. پر پوءِ مايوس ٿي ان کي قبول ڪندا آهيون، شوپنهار واري ڳالهه ته پهرين اسين پنهنجي ڪمائيءَ تي پر هاڻيءَ پنهنجي موڙيءَ تي گذاريندا آهيون. پهرين اسين موت لاءِ ڪونه سوچيندا هئاسين ۽ جي سوچيندا هئاسين ته رڳو علمي نقطهء نگاه کان سوچيندا هئاسين پر هاڻي موت ويجهو ۽ اڻ ٽر لڳندو آهي، اسان ڪم ۽ لڳاتار ڪم ۽ نوجوانن جي سنگت ۾ ٿوريءَ دير لاءِ ان المناڪ حقيقت کي وساري ڇڏيندا آهيون.

پڪي وهي ڪم ۽ ٻارن جي پرگهور لهڻ ۾ سڪون حاصل ڪندي آهي. جوانيءَ جي پراميدي جڏهن وچين عمر جي تحمل ۽ احتياط ۾ بدلبي آهي تڏهن اها پنهنجن ڪيل ڪمن ڏانهن ڌيان ڏيندي آهي، دنيا کي فتح ڪرڻ جي خواهش کان لنوائيندي آهي.

جوانيءَ جو ڪم آهي ته اها حالتن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ لاءِ نوان نوان خيال پئدا ڪري، پوڙهائپ جو ڪم آهي ته اها اهو ڏسڻ لاءِ ته انهن خيالن ۾ جان آهي يا نه، انهن جي مخالفت ڪري ۽ پڪي وهيءَ جو ڪم آهي ته اها انهن خيالن کي قابل عمل بنائڻ لاءِ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري، جواني تجويز ڏيندي آهي. پوڙهائپ ان جي مخالفت ڪندي آهي ۽ پڪي وهي وچون فيصلو ڪندي آهي. جواني انقلاب جي دور تي، پوڙهائپ رسم ۽ رواج جي دور تي ۽ پڪي وهي تعميري دور تي حاوي هوندي آهي، نٽشي چيو آهي ته ”انسان جهنگ جي باهه وانگر هوندا آهن، جڏهن هو وسامي ويندا آهن تڏهن فائديمند ٿي پوندا آهن، جڏهن هو پڙڪندا ۽ دونهون ڇڏيندا آهن تڏهن هو وڻندا ته آهن پر گهڻو ڪري تڪليف ڏيندڙ هوندا آهن ۽ هنن مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org