سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:13 

باب تيرهون

حسن ڇا آهي؟

 

1- فلاسفرن جو حسن لاءِ تصور:

اناطول فرانس چيو ”مان نٿو مڃان ته اسان ڪڏهن به پوريءَ طرح ڄاڻي سگهنداسين ته ڪا شيءِ حسين ڇو آهي“، هن عظيم فنڪار ۽ عالم جو هي خيال شايد اسان کي جماليات جي مسئلي تان هٿ کڻائي ڇڏي، پر پوءِ به اسان ان مسئلي تي ان خيال کان سوچينداسين ته فلاسافيءَ ۾ مطلق رايا ته هوندا آهن ۽ ڪا به ڳالهه يقيني نه هوندي آهي، اها عجيب ڳالهه آهي ته فلاسافيءَ ۽ نفسيات ان مسئلي تي گهڻو ڌيان نه ڏنو آهي. هر ڪارِل حسن جو سڏ ٻڌندي آهي پر حسن جي تشريح ٻه چار ماڻهو ئي ڪندا آهن. وحشي ماڻهن کي ٿلهن چپن ۽ بت تي نڪتل نيرن ڪارن ليڪن ۾ حسن نظر ايندو آهي. يونانين کي حسن جواني ۽ توازن ۾ نظر ايندو هو ۽ رومين لاءِ تناسب، عظمت ۽ طاقت جو نالو حسن هو. نشاة الثانيه حسن کي رنگ ۾ ڏٺو ۽ جديد روح کي موسيقي ۽ ناچ ۾ حسن نظر آيو. هر جاءِ تي ۽ هر زماني ۾ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن نموني حسن کان متاثر ٿيندا رهيا آهن، ۽ ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هنن زندگيون ڏيئي ڇڏيون آهن، رڳو فلاسفرن ان جي فطرت ۽ طاقت جو راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

اصل ۾ هي مسئلو نفسيات جو آهي پر نفسيات جي ماهرن ان کي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هرڪا سائنس پنهنجن مسئلن کي حل ڪري نه سگهندي آهي ته اهي فلاسافيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندي آهي (انڪري وڏا اهم مسئلا فلاسافيءَ جي دائري ۾ آهن ۽ انهن جو بي مزي هجڻ جو سبب آهي) جديد سائنس جي ماديت تي زور، ان جي تجربيگاهن ۽ تجربن جي جوش، هرهڪ شيءِ لاءِ حساسي ۽ مقدار فارمولا ڳولڻ جي لاڙي ان کي حسن جهڙي غير مادي حقيقتن جي باري ۾ بيوس ڪري ڇڏيو آهي. جيستائين نفسيات حياتياتي نظريي کي قبول نه ٿي ڪري تيستائين جماليات جي مسئلي جي صحيح مقام جو تعين ٿي نه سگهندو. في الحال فلاسافيءَ کي اهو حق آهي ته اها انهن معاملن ۾ دخل ڏي جن ۾ سائنس دخل ڏيڻ کان نٽائي ٿي، ۽ جڏهن حسن وقتي طور سچ ۽ ڏاهپ وٽ قبوليت ٿو ڳولهي ته مابعدالطبعيات جون سڪل هڏيون ڪنبڻ ٿيون لڳن.

بهرحال فلاسفرن هن هرکائيندڙ سبجيڪٽ ڏانهن ڌيان نه ڏنو ۽ ان کي گمناميءَ ۾ ڇڏي ڏنو هن ۾ اوائلي دور جي فطرت پرستن جا ڪي عنصر موجود هئا جيڪي مذهبي ماڻهن کي پسند نه آيا، هن ۾ عقل کان ماورا به ڪي عنصر هئا جنهن جي ڪري شڪ ڪرڻ وارا دانشور ان کان متاثر نه ٿيا. باؤم گارٽن پهريون مفڪر هو جنهن حسن کي الڳ موضوع سمجهيو ۽ ان کي جماليات جو نالو ڏنو ۽ اهڙي عام موضوع کي فلاسافيءَ جي ايوانن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ هلڪي معافي جو اظهار ڪرڻ لاءِ معذرت ڪئي، هن کي ان ڳالهه جو انديشو هو ته ان موضوع کي هڪ علمي نالو ڏيڻ کان پوءِ به فلسفو پڙهڻ وارن جي ذهن ۾ بتن ۽ حسين عورتن جو تصور ايندو. ان اديشي جي ڪري هن کي ٿوري شرمساري به هئي.

جيتوڻيڪ قديم يونان ۾ حسن تمام گهڻو تخليق ٿيندو هو ۽ ان کي قابلِ احترام به سمجهيو ويندو هو پر پوءِ به فلاسافر ان جي سحر کي سمجهي نه سگهيا. پيٿاگورس جماليات جي راند ائين کيڏي جو موسيقيءَ کي علم رياضيءَ جي قائدن ۾ آندو ۽ ڪائنات جي دائرن ۾ توازن ۽ هم آهنگيءَ جي ڳالهه ڪئي، سقراط کان اڳ جا يوناني، ڊارون کان اڳ جي سائنسدانن وانگر، حسن کي طبعيات ۽ علم رياضيءَ جي دائري ۾ آڻي ان جي مڪان ۽ مقدار جي ٻوليءَ ۾ تشريح ڪندا هئا. هنن لاءِ موسيقي آوازن جي ترتيب ۽ مادي حسن نسبتن جي ترتيب هو.

افلاطون، جيڪو بنيادي طرح اخلاق جو ماهر هو (جنهن پنهنجن هم وطنن کي زوال کان روڪڻ ٿي گهريو) ٻي حد تي پهتو ۽ هن حسن کي نيڪي سڏيو. هن جي خيال ۾ فن اخلاقيات جو حصو هو. موسقيءَ جا تعليمي فائدا هئا ۽ هن جي زميني تصوراتي جنت ۾ موسيقي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به فن جي اجازت نه هئي. ارسطوءَ وٽان اسان کي اسان جي سوال جو خاص يوناني جواب ملي ٿو ته حسن توازن، تناسب ۽ مربوط ڪُلَ ۾ ان جي جزن جي فطري ترتيب جو نالو آهي. هي اهو تصور آهي جيڪو جُز ۽ ڪُلَ جي ان تصور سان نهايت وڻندڙ انداز ۾ مطابقت ٿو رکي. جنهن بابت اسان پوئين بابن ۾ ڳالهه ڪري آيا آهيون. هتي اسان ترتيب ۽ اصول ٺاهڻ جي خواهش کي روڪي نٿا سگهون. سوال آهي ته توازن ۽ تناسب، نظم ۽ وحدت روح کي سرور ڇو ٿا ڏين؟ اهو سوال اسان کي اسان جي فارمولن کان اڳتي وٺي ٿو وڃي. ونڪلمئن ۽ ليسنگ به ان سلسلي ۾ ڪي خاص جواب ڏيئي نه سگهيا. هنن به اکيون ٻوٽي يونانين جي پيروي ڪئي. حسن ۽ جمال جو مسئلو جوڙجڪ ۽ هيئت، تراشيل سنگ مرمر ۽ پهاڙن تي ٺهيل مندرن جو مسئلو رهيو جيڪو پارٿينن ۽ سندن آرائشن لاءِ مخصوص ٿي ويو. اها حقيقت ته ڪوبه بت ڪنهن گرم ۽ زندهه حسن جو نقل آهي ۽ حسن جو راز نقل کان وڌيڪ اصل ۾ لڪل آهي انهن سخت ۽ علمي ذهنن لاءِ مڃڻ جهڙو نه هو.

ڪانٽ ۽ شوپنهار هڪ نئين ڳالهه ٿا ڪن، چون ٿا ته حسن اها صفت آهي جنهن جي ڪري ڪابه شيءِ ان جي فائدن کانسواءِ اسان کي وڻي ٿي ۽ اسان ۾ بنان ارادي واري سوچ ۽ هڪ بنان غرض وارو سرور ٿي جاڳائي. ان معروضي ۽ غيرجانبدار مشاهدي ۾ شوپنهار لاءِ جمالياتي ۽ فني ڪمال جا اسرار لڪل آهن. ٿوري دير لاءِ ذهن خواهش کان آزاد ٿي ٿو وڃي ۽ انهن ازلي هيئتن يا افلاطون وارن تصورن جو شعور ٿو حاصل ڪري، جيڪي شوپنهار جي ڪائناتي ارادي جا ٻاهريان پاسا آهن. پر هيگل وري اسان کي يونانين ڏانهن موٽائي وٺي ٿو هلي. حسن هڪ دفعو وري ڪثرت ۾ وحدت، هيئت جي مادي تي فتح ۽ ڪنهن مابعدالطبعيات آدرش جو حسياتي اظهار آهي. اها عجب جي ڳالهه نه آهي ته دنيا ۾ سڀ کان خشڪ ڪتاب حسن جي باري ۾ لکيل آهن.

2- جانورن ۾ حسن جو احساس:

ٿي سگهي ٿو ته مٿيون نظريو غلط هجي، ڪهڙي خبر ته حسن زندگيءَ تي مدار رکندو هجي ۽ نه ڪه مادي ۽ هيئت تي، جتي علم رياضي ۽ طبعيات ناڪام ٿيا آهن اُتي حياتيات اسان جي مدد ڪري.

اچو ته حيوانن جو مطالعو ڪيون ۽ حسن جي احساس جي بنياد تائين پڄون. اسان جو هي خيال غلط آهي ته حسن جو احساس رڳو انسان کي عطا ٿيو آهي. ڪيترا ئي حيوان آهن جيڪي هن پرن کانسواءِ ۽ ٻن ٽنگن تي هلڻ واري جاندار کان وڌيڪ سهڻا آهن ۽ جيڪو عارضي طور ڌرتيءَ تي حڪومت ٿو ڪري، جانور حسن کي اسان کان وڌيڪ محسوس ڪندا هجن ۽ اسان کي جيئن اسان محسوس ڪيو آهي، حقارت سان ڏسندا هجن، اسان سمجهندا آهيون ته حسن جو احساس رڳو اسان ۾ آهي ڇاڪاڻ جو اسان حسن کي نظر ايندڙ شين سان ڳنڍيندا آهيون. حيوانن ۾ جمالياتي لهرون سنگهڻ سان پئدا ٿينديون آهن. موسيوبرجر جو ڪتو چئي ٿو ته ڪتي جي بوءِ ڏاڍي مزي واري هوندي آهي. هن لاءِ انسانن جي بوءِ پڪ اڻ وڻندڙ هوندي.

جانورن ۾ ٻڌڻ واري  حس ۾ به حسن هوندو، ڪن چوپاين جي وڏن ۾ موسيقيءَ جو خاص احساس هو. هيولاڪ ايلس لکي ٿو ”چڙيا گهر ۾ جدا جدا حيوانن تي جيڪي تجربا ٿيا آهن انهن مان خبر پئي ته لڌڙي کانسواءِ ڪوبه جانور موسيقي جي احساس کان خالي نه هو ۽ سڀني جانورن خراب آواز کي پسند نه ٿي ڪيو، چيتي کي وائلن ٻڌڻ سان سڪون ٿي محسوس ٿيو، پر جڏهن پڪولو ٻڌائين ته غضبناڪ ٿي ويو. ڪيترن جانورن کي وائلن ۽ بئنسري پسندا هئا، ايلس جو ڪتو شوپان جي هڪ خواب ڏيندڙ نغمي تي ڀوڪندو رهيو پر جڏهن شاديءَ جو نغمو وڳو ته سمهي پيو. ڊين سُوِفٽ ٿو چئي ته ڇا ايليئن اسان کي اهو نٿو ٻڌائي ته لبيا جون گهوڙيون موسيقي ٻڌي بگين ۾ ڍڪجڻ لاءِ تيار ٿي وينديون هيون. (شريف عورتن کي ان واقعي مان اوپيرا ۾ گهڻو وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي).

حيوانن جي اکين ۾ حسن جو احساس هوندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته ڪي پکي پنهنجن آکيرن کي رنگين پنن ۽ ڪوڏين، پٿرن، پرن ۽ ڪپڙي جي انهن ٽڪرن سان سجائيندا آهن جيڪي انسانن جي گهرن ۾ هوندا آهن. شاهي ڪڪڙ پنهنجي ماديءَ لاءِ آکيرو ٺاهيندو آهي جيڪو گهاٽين ٽارين سان ڍڪيل هوندو آهي، فرش تي گاهه وڇائيندو آهي ويجهي تلاءَ مان پٿر چونڊي انهن کي فنڪاراڻي نموني سان ٻنهي پاسن ۾ رکندو آهي، ديوارن کي چمڪندڙ پرن، ڳاڙهن ٻيرن ۽ ٻين سهڻي شين سان سجائيندو آهي. آخر ۾ هو دروازي کي سِپن ۽ چمڪندڙ پٿرين سان سجائي ان کي حسن ۽ وقار بخشيندو آهي، بوش جو چوڻ آهي ته رڳو هڪ دفعو ان ”محل“ کي ڏسڻ سان يقين ٿي ويندو آهي ته حسن مان مزو وٺڻ ان پکيءَ جي فطرت ۾ شامل آهي. ڪجهه پکي پاڻ کي آئيني ۾ ڏسندا آهن، آئيني کي سج جي روشنيءَ سان چمڪايو ته ڪيترا چڪور گڏ ٿي ويندا، هنن تي گوليون وسنديون ته به هو انڌ ۾ آئيني ڏانهن وڌندا، مينا، ٽاڪرو ڪانءُ ۽ ٻيا پکي، چمڪندڙ شيون، چاندي ۽ جواهر  چورائيندا آهن، خبر نه آهي ته اها خودپسندي آهي، هوس آهي يا تجسس آهي، ڇا آهي جيڪو هنن کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندو آهي. بي جان شين ۾ رڳو جانور حسن ڏسندا آهن ۽ هنن جو جمالياتي شعور معمولي ۽ ٻئي درجي جو هوندو آهي. پکي لڳ جي موسم ۾ ماديءَ آڏو پاڻ ڏيکاريندو آهي، ڊارون جو چوڻ آهي ته گهڻن حيوانن ۾ حسن جو احساس رڳو مخالف جنس جي ڪشش تائين محدود هوندو آهي. اسان جي مطالعي لاءِ هن نهٺي سائنسدان جو هي سادو قول وڏو فائدي وارو آهي ته سهڻي شيءِ اها آهي جنهن کي اسان جنسي طرح پسند ٿا ڪيون، ۽ جيڪڏهن ٻيون شيون اسان کي سٺيون ٿيون لڳن ته رڳو ثانوي طور تي سٺيون ٿيون لڳن، ۽ جمالياتي احساس جي ان سرچشمي سان لاڳاپيل هجڻ جي ڪري سٺيون ٿيون لڳن، شوپنهار جڏهن پنهنجي مضمون ”حسن جي مابعدالطبعيات“ ۾ پنهنجي خاص انداز سان چئي ٿو ته حسين شيءِ مان مزو وٺڻ ارادي کانسواءِ ڪيئن ممڪن آهي؟ ان سوال جو جواب آهي ته اهو ممڪن نه آهي، حسين شيءِ اندرونيءَ طرح اسان جي ارادي سان لاڳاپيل آهي ۽ شوپنهار جي پنهنجي مفروضي مطابق فرد ۾ بنيادي ارادو نسلي واڌ جو ارادو آهي.

3- بنيادي حسن ماڻهن جو:

سڀ کان پهرين ڪابه شيءِ ان لاءِ حسين آهي جو اسان ان جي خواهش ڪندا آهيون، پر اسپنوزا جي چواڻي اسان ڪنهن شيءِ جي ان لاءِ خواهش نه ڪندا آهيون جو اها حسين هوندي آهي پر ان کي انڪري حسين سمجهندا آهيون جو اها اسان جي خواهش جو مقصد هوندي آهي.

ڪا شيءِ جيڪا اسان جي فطرت جي ڪنهن بنيادي ضرورت کي پورو ٿي ڪري ان ۾ جمالياتي مزو ڏيڻ جا امڪان موجود هوندا آهن، بکئي ماڻهوءَ لاءِ کاڌي جي پليٽ ايتري ئي حسين آهي جيتري حسين هڪ صحتمند شاگرد لاءِ بالغ عورت. ان شاگرد کي بکيو رکو ته حسين کان حسين عورت ۾ به هن کي ڪشش محسوس نه ٿيندي. ان کي رڳو کائڻ جي شيءِ سمجهندو. اها بنيادي بک هميشه اسان جي محبت ۾ موجود رهندي آهي هڪ اهڙو ليکڪ جنهن کي سالن کان پنهنجي ڪتاب جي ڇپجڻ جي خواهش هجي، نيٺ هن جي خواهش پوري ٿئي ته هن کي پنهنجي ڪتاب جو پهريون ڇپيل صفحو دنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ حسين لڳندو، اهڙو حسين جنهن کي ڪابه قوم ضايع ٿيڻ نه ڏيندي. پر هڪ هاري يا پورهيت لاءِ جنهن جون ڪتاب لکڻ کان وڌيڪ صحتمند خواهشون هونديون آهن، ان لاءِ ان ساڳئي صفحي جي اهڙي ردي ڪاغذ کان وڌيڪ ڪا حيثيت نه هوندي جنهن سان هو ڏاڙهي ڪوڙڻ کانپوءِ پنهنجي پاڪي صاف ڪندو آهي، حسين شيءِ اها آهي جيڪا پنهنجي هيٺاهين سطح تي ان شيءِ جو حسياتي رُخ آهي جيڪا اسان جي ڪنهن وڏي خواهش کي پورو ٿي ڪري، اصل ۾ اها مفيد شيءِ کان رڳو ضرورت جي شدت جي ڪري جدا آهي.

نٽشي چيو هو ته حسين ۽ بدصورت حياتياتي تصور آهن، جيڪا شيءِ نسل لاءِ نقصان ڪار آهي اها بدصورت آهي، اسان کنڊ ان لاءِ نه کائيندا آهيون ته اها مٺي آهي پر ان لاءِ ته ان مان اسان کي ٿوري طاقت ٿي ملي. سڀ فائديمند شيون ٿوري وقت کان پوءِ حسين ٿي وينديون آهن، اوڀر ايشيا جي ماڻهن کي ڳريل مڇي وڻندي آهي، انڪري جو اها واحد غذا آهي. جنهن مان هنن کي نائٽروجن حاصل ٿيندي آهي، سولينڊ جو چوڻ آهي ته آسمان انڪري نيرو نه آهي ته جيئن اسان جي اکين کي سهڻو لڳي پر انڪري نيرو آهي جو اسان جون اکيون آسمان جي نيراڻ سان هري ويون آهن ۽ ان کي پسند ڪنديون آهن. سڀ هيئتون ۽ رنگ اسان کي ايترو وڻندا آهن جيترو هو اسان جي نسل جي تجربي ۾ عام ٿي چڪا هوندا آهن. سائو گاهه ۽ نيرو آسمان حسين آهي پر عادت هڪ سائي آسمان ۽ نيري گاهه کي به اسان لاءِ وڻندڙ بڻائي سگهي ٿي.

ظاهر آهي ته فائدي کانسواءِ وارو حسن سڪون جي شدت سان لاڳاپيل آهي جيڪا خواهش جي شدت کي ٿي ظاهر ڪري، ڪنجوس لاءِ مال ۽ زر فائدي وارو نه آهي پر حسين آهي، هر اها شيءِ حسين آهي جيڪا شخصيت ۾ تحرڪ پئدا ڪري ماڻهوءَ کي توانو بڻائي. انڪري ئي روشني، مٺو آواز ۽ نرم ڇهاءُ حسين آهن. بدصورتي اسان جي توانائيءَ کي گهٽائيندي ۽ اسان جي هاضمي ۽ تنتن کي خراب ڪندي آهي ڪراهيت پئدا ڪندي آهي، ڏند کٽا ڪندي آهي يا شاعرن کي انقلاب جي دعوت ڏيندي آهي، ستيانا چوي ٿو ته حسن معروضي مزو آهي يا جيئن اسٽينڊهال غير شعوري طور هابز جي پيروي ڪندي چيو هو ”حسن مزي جو امڪان آهي.“

جيئن قومن ۾ فن تڏهن تخليق ٿيندو آهي جڏهن انهن ۾ دولت جي گهڻائي ۽ بيڪار طبقو پئدا ٿيندو آهي، ائين ماڻهوءَ ۾ به فن تڏهن پئدا ٿيندو آهي جڏهن بک هن کي تنگ نه ڪندي آهي ۽ سندس جنسي خواهش وڌي ويندي آهي، ان جو جوش حسن جي احساس ۾ به ظاهر ٿيندو آهي، حسن جو احساس اسان جي جنسي قوت جي گهٽجڻ ۽ وڌڻ سان گهٽندو ۽ وڌندو آهي، محبت ايترو حسن کي تخليق ڪندي آهي جيترو حسن محبت کي تخليق ڪندو آهي. هر عاشق پنهنجي محبوبه کي سڀ کان سهڻي عورت سمجهندو آهي، ڊي گورمنٽ ٿو چئي ته هڪ بڇڙي ڏيڏر کان پڇو ته حسن ڇا آهي ته جواب ڏيندو: ”منهنجي مادي، جنهن جون ٻه گول اکيون هن جي ننڍي مٿي مان نڪتل هونديون آهن، جنهن جو منهن ڦٿل، پيٽ هيڊو ۽ پٺي ڀوري آهي.“

حسن ايترو ته محبت سان لاڳاپيل آهي جو ان جو مدار انساني جسم جي انهن حصن تي آهي جن جي حيثيت جنسي لحاظ کان ٻئي نمبر جي آهي. مثال ڇاتيون، وار، ٻنڍڻ، بت جا ونگ ۽ نرم آواز. هيٺاهين نسل جون عورتون هٿرادو طور جسم جي انهن حصن کي وڌائينديون آهن ۽ جڏهن ته مٿاهين نسل جا ماڻهو ڪجهه وقت لاءِ انهن حصن کي لڪائيندا آهن ڇاڪاڻ ته لڪائڻ مبالغي وانگر اثرائتو هوندو آهي، لباس (حياءَ وانگر) حسن ۾ واڌارو ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته اهو روڪڻ جو هڪ انداز آهي ۽ روڪڻ خواهش کي وڌائيندو آهي، ستيانا چئي ٿو ”ديويون پنهنجو لباس لاهي نه سگهنديون آهن ڇاڪاڻ جو هنن جون وصفون هو پاڻ هونديون آهن.“ شايد ته ستيانا محتاط انداز ۾ هيءَ ڳالهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اڄوڪي مهذب ۽ تخليقي زماني ۾ لباس حسن لاءِ لازمي آهي.

اسان جي نسل لاءِ عورت جو حسن، حسن جي سڀ کان اعليٰ صورت آهي ان مان ئي حسن جون ٻيون صورتون جنم ٿيون وٺن. اهوئي حسن جو معيار آهي. مشهور ڊرامي تائيس ۾ پاپنوچي جو تصور هن کي چئي ٿو ”مان عورت جو حسن آهيان. بيوقوف، تون مونکان ڀڄي ڪيڏانهن ويندين. تون منهنجي هڪ جهڙائي گلن جي چمڪ، کجيءَ جي وڻن جي حسن، ڪبوترن جي اُڏام، هرڻن جي ڇالن ۾، ندين جي لهرن ۽ چنڊ جي نرم روشنيءَ ۾ ڏسندين ۽ جيڪڏهن تون اکيون بند ڪندين ته مون کي پنهنجي اندر ۾ ڏسندين.“

جيڪڏهن حسن جو معيار يوناني رهي ها ته اسان جي جمالياتي شعور تي مرد جو حسن حاوي هجي ها. يونان ۾ دوستي محبت تي حاوي هئي. اسپارٽا ۽ ايٿنز ۾ حسن جو آدرش خوبصورت ۽ بهادر جوان هو، انڪري يوناني آرٽ ۾ هڪ مڪمل مرد ۽ راندين جي ميدان جو عڪس نظر ايندو، پر اسان جي حسن جو احساس اسان جي دلين ۽ زندگين تي عورت جي حاوي هجڻ جي عڪاسي ٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن هن زماني ۾ اسان کي ڪڏهن ڪنهن مرد جو حسن متاثر ڪيو آهي ته اهو انڪري ته جيئن دوستيءَ واري محبت مضبوط ٿئي.

عورت حسن جو سرچشمو ۽ معيار انڪري ٿي بڻجي جو عورت لاءِ مرد جي محبت، عورت جي مرد لاءِ محبت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ گهري هوندي آهي، ۽ مرد جي طلب جو جوش عورت جي حسن کي تخليق ڪندو آهي، عورت مرد جي ان تصور کي قبول ڪندي آهي. ته هوءَ مرد کان وڌيڪ حسين آهي ۽ ڇاڪاڻ ته هن ۾ ملڪيت حاصل ڪرڻ جي خواهش کان وڌيڪ محبوب بڻجڻ جي خواهش هوندي آهي، انڪري هوءَ پاڻ ۾ انهن هرکائڻ وارن صفتن کي اُڀاريندي آهي جيڪي خواهش کي وڌائينديون آهن. ٻيو هي ته عورت مرد ۾ حسن نه ڳولهيندي آهي ۽ نه ئي پنهنجي محبوب ۾ حسن جو تصور ڪندي آهي. هوءَ مرد ۾ طاقت ۽ ٻارن جي حفاظت ڪري سگهڻ جي صلاحيت کي ڳولهيندي آهي. هوءَ اهو به ڏسندي آهي. هن کان جيترو پڄندو هو دنيا جا خزانا هن جي قدمن ۾ آڻي رکندو.

حسن جو خواهش سان لاڳاپيل هجڻ جو وڏو مثال هي آهي ته جڏهن محبوب شيءِ حاصل ٿي ٿئي ته ان جي حسن جو احساس گهٽجي ٿو وڃي. تمام ٿورا مرد ان فلاسافي صفت وارا هوندا آهن، جو ان شيءِ کي به چاهيندا آهن جيڪا هنن وٽ موجود هوندي آهي، ۽ اهڙن ماڻهن کان به گهٽ اهي ماڻهو آهن جيڪي اهڙي شيءِ ۾ به حسن ڏسندا آهن، جيڪا خواهش کي نه جاڳائيندي آهي، ها جيڪڏهن موت اسان کان اسان جي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي کسي وٺي يا وري ڪو ڳڀرو جوان اسان جي ملڪيت تي قاصباڻي نظر وجهي ته خواهش وري جاڳي پوندي آهي ۽ حسن ۾ وري ڪشش پئدا ڪندي آهي، اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته اهو چهرو جيڪو هاڻي عام ٿي ويو آهي اهو ساڳيو چهرو انهن اکين لاءِ جيڪي سدائين کيس ڏسنديون رهيون آهن، هڪ دفعو وري رومان ۽ شاعريءَ جو مجسمو بڻجي سگهي ٿو. خدا اسان کي توفيق ڏي ته اسان پنهنجي زندگيءَ جي ساٿيءَ کي انهن نظرن سان ڏسي سگهون جن نظرن سان ٻيا هن کي ڏسندا آهن.

4- ثانوي سونهن- فطرت:

محبت حسن جي ماءُ آهي ان جو ٻار نه آهي، اها شين جي حسن جي نه پر انساني حسن جو بنياد آهي پر اسين انهن لکين شين جي حسن جي ڪهڙي تشريح ڪري سگهون ٿا، جيڪي اسان کي سهڻيون لڳنديون آهن، پر انهن جو محبت سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اسان پنهنجي چوڌاري پکڙيل حسن جي ڪيئن وضاحت ڪري سگهون ٿا.

جيئن لغتن ۾ ڪن لفظن جي معنيٰ هڪ بنيادي ۽ ٻي ثانوي هوندي آهي، اهڙيءَ طرح هر جبلت جا مقصد ۽ مزا بنيادي ۽ ثانوي هوندا آهن، خوراڪ حاصل ڪرڻ جي جبلت ملڪيت جي عام جبلت بڻجي ويندي آهي، جيڪا هر قيمتي شيءِ کي حاصل ڪرڻ گهرندي. خوراڪ يا محبوب لاءِ وڙهڻ جي جبلت وڙهڻ جي عام جبلت ٿي ويندي آهي ۽ اهڙو وڙهڻ جو مقصد وڙهڻ کانسواءِ ٻيو نه هوندو آهي. اهڙيءَ طرح جمالياتي جذبو به محبوب، هن سان واسطو رکندڙ شين، هن جي عادتن، هن جي قول ۽ فعل جي انداز هن جي شين ۽ انهن جهڙن ٻين شين تائين پکڙجي ويندو آهي ۽ ساري دنيا محبوب جي حسن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳندي آهي.

انهن شين تي غور ڪيو جيڪي اسان کي ڇهڻ سان سهڻيون لڳنديون آهن، گول شيون، نرم شيون، وريل شيون، اهي اسان کي ڇو مزو ڏينديون آهن، رڳو انڪري ته اهي گول، نرم ۽ وريل آهن. ڪابه چوڪنڊي شيءِ ڪنهن ذهنن لاءِ سهڻي ٿي سگهي ٿي جيئن ارسطوءَ لاءِ چوڪنڊو انصاف جي علامت هو. ڇا اسين گول، نرم ۽ وريل شين کي انڪري پسند ڪندا آهيون جو اهي اسان کي محبوب جو جسم ياد ڏيارينديون آهن.

هاڻي ٿورو سنگهڻ جي احساس تي غور ڪيو. اسان ڌوتل جسمن جي پاڪائي، گلن جي خوشبو جي اٿل مان ڇو مزو وٺندا آهيون. ڇا ان لاءِ جو اوائلي دور ۾ جنس لاءِ سنگهي چونڊ ڪئي ويندي هئي. گل، ٻوٽن جي نسلي جزن کي محفوظ ڪندا آهن. ۽ اسان جون محبوب خوشبوئون (ڪيميا واري خوشبوئن کان پهرين) ڪن جانورن جي جنسي عضوي مان ٺهنديون هيون ۽ عورت دِلين کي ڌُتارڻ وارين خوشبوئن جي ماهر هوندي آهي.

ٿورو ٻڌڻ واري خوبصورتيءَ جي احساس تي غور ڪيو، آواز جي حسن جو تصور اصل ۾ گفتگو يا گاني مان پئدا ٿيو آهي، عورت جو نرم آواز هڪ نهايت حسين شيءِ آهي هن جي ديدار کان وڌيڪ وڻندڙ ٿي سگهي ٿو. ڪنهن کهري آواز جي ڪري جسم جي ڪشش اڌ ٿي ويندي آهي. مانئي گازا جو چوڻ آهي ته ڪن عورتن جو آواز تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي. ايلس ٿو چئي ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت ڳري آواز کي پسند ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري هوءَ حسن کان وڌيڪ طاقت کي پسند ڪندي آهي ۽ مرد جو رعبدار آواز جيڪو طاقت جي جنسي چونڊ مان پئدا ٿيو آهي، سو ڄڻ ته تحفظ ۽ خوشحاليءَ جو واعدو آهي.

ٿي سگهي ٿو ته شروع ۾ آواز جنس جو سڏ هجي، هڪ سرلو ڪن ڏيڏرن جي آواز ۽ پکين جي لاتين ۾ هومر جي شاعري  جون قسمين قسمين موجون ۽ شيڪسپيئر جي تصور جا سمنڊ ٻڌي سگهي ٿو. آواز مان نغمو پئدا ٿيو جيڪو لازمي طرح محبت سان لاڳاپيل آهي. (جيتوڻيڪ مذهب ۽ جنگ ان کي ڪي قدر چورايو آهي) نغمي مان ناچ پئدا ٿيو جيڪو محبت جي هڪ رسم آهي ۽ نغمي ۽ ناچ موسيقيءَ مان جنم ورتو. ان عشق واري ابتدا جي ڪري موسيقي تمام پري تائين پهتي ۽ موسيقيءَ، جنهن عشق مان جنم ورتو آهي اها ان سان اڃا تائين لاڳاپيل آهي ۽ ڪابه ڇوڪري ان کانسواءِ محبت ڪري نٿي سگهي. اها ڇوڪري جيڪا موسيقيءَ جي ذريعي محبت جو اظهار ڪندي آهي شاديءَ کانپوءِ ٻه ٽي سال پيانو جي ويجهو نه ويندي آهي، جڏهن هڪ حيوان قبضي ۾ اچي چڪو هجي ته ان کي وڌيڪ مسحور ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟ مرد پنهنجي محبوبه آڏو وڏي آواز ۾ گيت ڳائيندو هو. شاديءَ جي سخت ذميوارين جي بار هيٺان دٻجي هو موسيقيءَ جون صلاحيتون وڃائي ڇڏيندو آهي، ۽ رڳو مجبوريءَ جي ڪري اسٽراونسڪي، شوئن برگ ۽ رچرڊ اسٽراؤس جي سنگت ۾ ويهندو آهي.

پر رڳو محبت ٻڌڻ واري حسن جي انهن پاسن جي تشريح ڪري نٿي سگهي. مٺي آواز جو مزو هڪ خودمختيار جزو آهي. ساهه جو اچڻ وڃڻ، دل جو دهڪو، ايستائين جو جسم جو ٻه طرفو توازن اسان کي آواز جي ترنم جي هيٺاهين مٿاهين ڏانهن ڇڪي ٿو ۽ رڳو محبت جو جذبو ئي نه پر سمورو روح ان مان تسڪين حاصل ڪري ٿو. اسان گهڙيءَ جي ٽڪ ٽڪ ۽ قدمن جي باقاعدي آواز ۾ ترنم ڳولهي لهندا آهيون، اسان جهولڻ، شعر، ناچ ۾ اُبتي چڪر، تضادن ۽ انتهائن کي پسند ڪندا آهيون.

موسيقي پنهنجي ترنم سان اسان کي آٿت ڏيندي آهي ۽ پنهنجي لورين سان اسان کي انهن دنيائن ۾ وٺي ويندي آهي جيڪي هن دنيا کان گهٽ ظالم آهن. موسيقي ڏک ختم ڪري سگهي ٿي. هاضمي کي بهتر ڪري سگهي ٿي، محبت لاءِ تحرڪ پئدا ڪري سگهي ٿي ۽ ڀڄي ويل چرين کي جهلڻ ۾ مدد ڏيئي سگهي ٿي. موسيقيءَ وسيلي پيراگوئي جي عيسائين انڊين غلامن ۾ ڪم وڌارو ۽ ڪم جي تڪليف کي گهٽايو. هن جي ذريعي هڪ سپاهي سريلي تسڪين سان موت جي منهن ۾ وڃي سگهي ٿو. هائيڊين ڪنهن جرنيل کان وڌيڪ هيلپس برگ خاندان جي خدمت ڪئي ۽ ان جي ڪنهن کي خبر ڪانهي ته روس جي زار جي فوجن جي همت روس جي عظيم قومي تراني ڪيئن وڌائي. ٿُورو جو خيال هو ته موسيقي کان وڌيڪ انقلاب پئدا ڪرڻ واري ڪا شيءِ ڪانهي. هو حيران هو ته اسان جا ٻيا ادارا ان کان اثرانداز ڇو نٿا ٿين، ٿورو هڪ انقلابي  هو. موسيقي اسان کي بي عملي ۾ آڻي سگهي ٿي ته اسان ۾ عمل جو جذبو به پئدا ڪري سگهي ٿي. ٽالسٽاءِ گورڪيءَ کي چيو هو. تون جتي غلام رکڻ چاهين اُتي توکي وڌ کان وڌ موسيقي پهچائڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو موسيقي ذهن کي مڏو ڪري ڇڏيندي آهي. هي پوڙهو روسي پيوريٽن، افلاطون سان اتفاق ڪري ها، جنهن جي زميني تصوراتي جنت ۾ ڪوبه شخص سورهن ورهين جي عمر کان پوءِ موسيقيءَ مان مزو وٺي نه ٿي سگهيو.

آخر ۾ ٿورو نظر جي حسن تي به غور ڪيو. ماڻهو جڏهن ٻن ٽنگن تي سڌو ٿي بيٺو ته هن جي سنگهڻ واري طاقت ۽ ان جي اوليت ۽ اڳواڻي ختم ٿي ۽ نظر جلدئي جمالياتي احساس تي حاوي ٿي وئي. نظر جو حسن به ٻڌڻ جي حسن وانگر اسان کي هڪ محبوب عورت جي حسن کان پري ڪري ڇڏيو. ۽ اسان وري جماليات جي مسئلي جي وچ ۾ پهچي ويا آهيون. بدن جا ور وڪڙ، توازن ۽ تناسب ۽ ڪثرت ۾ وحدت شخصي حسن جا سبب آهن يا نتيجو؟ انهن جي حيثيت بنيادي آهي يا ٻئي درجي جي. ڇا اسان عورت سان انڪري محبت ٿا ڪيون جو هوءَ توازن، وحدت ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ رنگ جو مجسمو هوندي آهي يا اهي خاصيتون جتي به اسين ڏسون ٿا ته اهي انڪري اسان کي متاثر ٿيون ڪن جو اهي اسان کي هڪ مڪمل عورت ياد ٿيون ڏيارين. اسان چوندا آهيون ته هن عورت جي ڳچي بدڪ جي ڳچيءَ جهڙي آهي اهڙيءَ طرح اسان بدڪ کي حسن جو معيار ٺاهيندا آهيون، شايد شروع ۾ اسان محسوس ڪندا هئاسين ته بدڪ جي ڳچي هڪ حسين عورت جي ڳچيءَ جهڙي آهي. حسين شيءِ اها آهي جنهن سان محبت ڪئي وڃي، شايد فن جو سرچشمو حيوان يا انسان جي اها صلاحيت آهي ته اهو انهن رنگن کي نقل ڪندا آهن جيڪو قدرت لڳ جي مند ۾ پکين ۽ جانورن ۾ پئدا ڪندي آهي ۽ جيڪي محبوب جي نظرن جي سامهون چلڪندا چمڪندا آهن جيئن اسان ڏسي آيا آهيون ته پکي پنهنجي آکيري کي چمڪندڙ شين سان سجائيندو آهي جيڪي خواهش کي اُڀارينديون آهن، پوءِ جڏهن ماڻهو لباس پائڻ شروع ڪيو ته رنگ جسم مان لباس ۾ اچي ويا انهن جو مقصد اهوئي هو ته اهي نظرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪن ۽ سڀني رنگن ۾ ڳاڙهو رنگ اهڙو هو جنهن سڀني کان وڌيڪ رت ۾ جوش ٿي پئدا ڪيو. اهڙيءَ طرح نغمو ۽ ناچ، موسيقي ۽ بت تراشي جا قسم محبت مان پئدا ٿيندا آهن. عمارت سازي هڪ اهڙو فن آهي جيڪو خودمختيار ٿو لڳي. ان لاءِ جو ان جي ڪشش حسن ۾ نه پر ان جي عظمت ۾ آهي. عظمت جو حسن سان اهڙوئي تعلق آهي جهڙو نر جو ماديءَ سان. پر لذت عورت جي محبوب جمال مان نه مرد جي تعريف جهڙي توانائيءَ مان ٿي پئدا ٿئي. عورت شايد ته عظمت کان وڌيڪ متاثر ٿي ٿئي ۽ مرد حسن کان وڌيڪ متاثر ٿو ٿئي. مرد حسن جي استعمال ۾ وڌيڪ اڳرو، ان جي خواهش ۾ وڌيڪ پرجوش ۽ هن جي تخليق ڪرڻ ۾ وڌيڪ مستقل مزاج هوندو آهي. جيئن اسان کي برڪ ٻڌايو آهي ته عظمت محفوظ ماڻهوءَ لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ۽ طاقتور ٿيندي آهي. هني بال ۽ سيزر ايلپس جي بلنديءَ تي ڪو تبصرو نه ڪيو آهي. هنن لاءِ ان جي حيثيت حسن جي نظاري واري نه پر سموري دهشت واري هئي. هنن جي ان مرداڻي بي نيازيءَ جي ڀيٽ روسوي يوناني احساس سان ڪئي جنهن جديد انسان جي روح لاءِ ايلپس کي ڳولهي لڌو. روسو محفوظ هو هن کي انهن ويران بلندين تي فوجون نه چاڙهڻيون هيون. شايد (جيئن سُرجي ٿو چئي) يونانين فطرت جي مصوري ان لاءِ نه ڪئي جو فطرت هنن لاءِ خطرو هئي جنهن کي هو بي نياز ٿي ڏسي نه ٿي سگهيا.

فطرت جي نظارن جي تعريف ۾ حسن محبت واري سرچشمي کان گهڻو پري ٿي ويندو آهي. قدرت جي نظارن کي ڏسي اسان کي جيڪا خوشي ٿيندي آهي اها مرداڻي عظمت جي ڪري آهي پر ان مان گهڻي خوشي ان آرام واري حسد مان پئدا ٿيندي آهي جيڪو حسن ڪنهن سهڻي عورت جي سيني تي مٿو رکڻ جهڙو هوندو آهي. ٿورو ڪورو کي ڏسو، لڏندڙ سايون ٻنيون، ڇانو ڪندڙ شاهه بلوطه ۽ اهي واهڙ جيڪي جهڪيل شاخن جي هيٺان وهن پيا، ان قدرتي حسن ۾ عورت جو حسن ڪٿي لڪل آهي؟

اسان کي ڪنهن اهڙي اصول جي ڳولها ڪرڻ نه گهرجي جيڪا ساري دنيا سان لاڳو هجي. فطرت کي انهن اصولن کان نفرت آهي جيڪي هن جي لامحدود قسمن کي نظرانداز ڪندا آهن. فطرت اسان جي مقرر ڪيل عالمگير اصولن جي ڀڃڪڙين جا ڪيترا مثال اسان جي آڏو آڻي سگهي ٿي. اسان کي رڳو ان ڳالهه تي مطمئن ٿي وڃڻ گهرجي ته ڪو احساس جيڪو اصل ۾ جنسي آهي، انهن شين تي ڦهلجي سگهي ٿو جن جو محبت سان ڪو تعلق ڪونهي. جنس جي وڌندڙ قوت جي شدت نظاري جي ديدار ۾ استعمال ٿي سگهي ٿي. جهڙيءَ طرح اها قوت مذهب، دوستي، اجتماعي تصور پرستيءَ ۽ فن جي آبياري ڪري سگهي ٿي.

هتي به اسان کي نازڪ رشتا ملندا، هڪ ٻار زمين ۽ آسمان جي حسن کان متاثر نه ٿيندو آهي، پر تعليم ذريعي ۽ ٻين جي اهل ڪندي انهن مان مزو وٺندو آهي، پر جڏهن محبت روح ۾ گرمي پئدا ڪندي آهي تڏهن هر قدرتي شيءِ سهڻي لڳندي آهي، عاشق ندين، وڻن، روشن محبت ۾ پنهنجي محبت اوتيندو آهي، گل سڀني سهڻن شين کان وڌيڪ سهڻا آهن. اهي ئي گل تناسل جا ذريعا ۽ اهڃاڻ ۽ مردن ۾ نرمي ۽ پاڻ ارپڻ جون نشانيون آهن. جڏهن وقت جو ورجاءُ ساڳيو ٿو رهي ۽ زندگيءَ ۾ ڪا نواڻ نٿي رهي ۽ محبت جو جذبو مري ٿو وڃي ته پوءِ فطرت جي حسن جو مزو به ختم ٿو ٿي وڃي ۽ وڌيڪ پوڙها ماڻهو ننڍي عمر وارن وانگر جهنگ جي رنگت ۽ خوشبوئن، ستارن جي دل کي ڌتاريندڙ عظمت، سمنڊ جي بي ڊپائتي لهرن کان متاثر نه ٿيندا آهن. زمين ۽ آسمان جي هر حسن تي جنس جي ديوتا جا پيرا نظر اچن ٿا.

5- ٽيون حسن، فن:

پيار جي اُٿل جيڪا شخصن مان شين تائين پکڙجي ٿي ۽ اسان جي زمين کي سونهن بخشي ٿي، سا نيٺ تخليقي جذبي جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٿئي. مرد حسن سان روشناس ٿي ان جي تصور کي ذهن ۾ رکندو آهي ۽ ڪيترين حسين شين جي تصورن کي ملائي هڪ آدرشي حسن تخليق ڪندو آهي جنهن ۾ ٻين حسين شين جو حسن ڳنڍجي هڪ ٿي ويندو آهي.

حياتياتي نقطئه نگاهه کان فن حيوانن جي لڳ جي مُندَ ۾ ناچ ۽ راڳ مان پئدا ٿئي ٿو. فن پاري ۾ ۽ انهن جي رنگن ۽ هيئتن جي گهڻائيءَ مان جنم ٿو وٺي جن سان قدرت لڳ جي مند کي سينگاريندي آهي. جڏهن پکيءَ پنهنجي محبوبه لاءِ آکيرو ٺاهيو تڏهن فن پئدا ٿيو. تاريخي لحاظ کان فن بت تراشي، لباس ۽ اڻ سڌريل ماڻهن جي بت تي ڪارا ڳاڙها ليڪا ڪڍڻ جي رسم سان شروع ٿيو. گروس ٿو چئي ته آسٽريليا جا جهنگلي جتي ويندا آهن ته پاڻ سان ٻوريءَ ۾ اڇو، ڳاڙهو ۽ هيڊو رنگ کڻي ويندا آهن. عام ڏينهن ۾ هو ڳلن تي هلڪا رنگ لڳائيندا آهن ۽ جنگ جي ڏينهن ۾ بدن تي قسمين قسمين رنگ ملي عجيب غريب شڪليون ٺاهيندا آهن ته جيئن دشمن ڊڄي وڃي. ڏِڻن ۽ محبت جي موقعن تي هو ساري جسم تي رنگ مليندا آهن ته جيئن ڇوڪرين جو ڌيان ڇڪائي سگهن. جنگ ۽ محبت جي موقعن لاءِ ڳاڙهو رنگ دل پسند رنگ آهي. ڪي قبيلا ڳاڙهو رنگ ايترو ته پسند ڪندا آهن جو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سفر جو سختيون سهندا آهن. مرد عورتن کان وڌيڪ بت تي رنگ مليندا آهن ۽ ڪن علائقن ۾ ڪنواري عورتن کي ڪنڌ تي رنگ ملڻ جي اجازت نه آهي.

پر رنگ ڌوپجي ٿا وڃن انڪري اڻ سڌريل ماڻهن يونانين وانگر (جيڪي رنگ جي ڌوپجي وڃڻ جي ڪري مصوريءَ کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا) ڪنهن پائيدار فن کي ڳولهڻ شروع ڪندا آهن. هو پنهنجي جسم ۾ سوئيءَ سان رنگ ٿو ڀري، ڪڏهن ڪڏهن هو کَل کي ڪٽي زخم ۾ مٽي ڀري ان کي پکيڙي ٿو ڇڏي، ٽورز اسٽريش ۾ مرد پنهنجن ڪلهن کي زخمي ڪندا آهن، انهن مان سڀ کان ڏکيو فن ڪنن ۽ هيٺين چپ کي ٽوپڻ وارو آهي. بوٽوڪيوڊو قبيلي جو نالو ٽبوڪ مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي سيخ، جيڪا جوانيءَ جي شروعات ۾ ڪنن ۽ هيٺين چپ کي ٽوپڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهي سيخون چڱيون ٿلهيون هونديون آهن، ايستائين جو انهن سان ڪيل ٽنگ چار انچ قطر جو به هوندو آهي. شهري عورتن کي جڏهن انهن جون ڳالهيون ٻڌائبيون آهن ته ڊپ مان پنهنجي ڪنن جا ايرينگ لوڏائڻ شروع ڪنديون آهن.

لباس جو پهريون ڪم فائدو ڏيڻ نه هو پر جمالياتي هو، ڊارون جڏهن فيوجي جي هڪ سيءَ ۾ ٿڙڪندڙ رهاڪوءَ تي ترس کائي کيس بت کي ڍڪڻ لاءِ ڳاڙهو ڪپڙو ڏنو ته هن وڏي خوشيءَ سان قيمتي ڪپڙي جا ڪيترا ٽڪرا ڪيا ۽ اهي پنهنجن دوستن ۾ ورهايا ۽ هن جي دوستن سينگار لاءِ انهن ٽڪرن کي بت تي ٻڌي ڇڏيو. لباس جو حسن لاءِ افاديت کي قربان ڪرڻ جو مثال اڄ جي دور جي نوجوان ڇوڪري آهي، جيڪا اونهاري ۾ گرم مفلر گلي ۾ ويڙهندي آهي ۽ سياري ۾ گلو اگهاڙو ڪندي آهي.

پنهنجي جسم کي سينگارڻ کانپوءِ اوائلي دور جي انسان شين کي سينگارڻ شروع ڪيو. دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ هن ايڪيليز جي ڍال وانگر پنهنجن هٿيارن کي رڱيو. پٿر جي اوزارن تي چٽسالي ڪئي جيڪي اڄ به موجود آهن، غارن جي ديوارن تي انهن جانورن جون تصويرون ٺاهيون جن جو هن شڪار ڪرڻ  ٿي گهريو يا جن جي هو پوڄا ڪندو هو.

مذهب جيتوڻيڪ حسن جو سرچشمو نه آهي، پر محبت کانپوءِ مذهب فنن جي ترقيءَ ۾ سڀ کان وڌڪ حصو ورتو. اسان جي ڄاڻ مطابق بت تراشي قبرن جي منارن جي تعمير سان شروع ٿي جيڪي قبرن جي سڄاڻ لاءِ ٺاهيا ويندا هئا. فن وڏي ترقي ڪئي ته مناري جي مٿين حصي کي انساني شڪل وانگر ۽ پوءِ پوري مناري کي انسان جهڙو ٺاهيو ويو ۽ پوءِ ماڻهوءَ ۾ صبر وڌيو ته هنن وڏي تحمل ۽ استقلال سان بتن کي وڌيڪ سهڻو بنائڻ شروع ڪيو ۽ انهن کي غير فاني بڻائڻ لاءِ انهن ۾ ديوتائن جا وصف اُڀاريا، رڳو اعليٰ درجي واري بت تراشي ئي محبت سان ڪئي ويندي آهي. تعمير جو فن قبرن جي تعمير سان شروع ٿيو. دنيا ۾ سڀ کان پراڻيون عمارتون مصر جا احرام آهن جيڪي قبرون آهن. شروع ۾ گرجائون، مقبرا هئا جتي مئل بزرگن جي عبادت ٿيندي هئي. آهستي آهستي مُردن کي عمارت سان لڳ واري ميدان ۾ دفن ڪرڻ شروع ڪيائون، اڄ به ويسٽ منسٽرايبي ۾ پراڻن بزرگن جون قبرون گرجا جي عمارت جي اندر آهن. اهڙيءَ شروعات سان اهي عظيم الشان مندر وجود ۾ آيا جيڪي يونانين پيلازائين ۽ ٻين ديوتائن جي مان ۾ ٺاهيا هئا ۽ اهڙي شروعات سان انسان جون اهي تخليقون يعني گاٿا گرجائون، جيڪي مقدس بزرگن جا مقبرا هيا، ناٽڪ جو سرچشمو، به مذهبي رسمون ۽ ڏِڻَ هئا. شڪ ڪرڻ واري پوريڊيز جي وقت تائين ناٽڪ کي ايٿنز ۾ مقدس سمجهيو ويندو هو ۽ اڄڪلهه جو ناٽڪ جيڪو جديد فنن ۾ سڀ کان وڌيڪ غيرمذهبي آهي اهو به انهن عبادتن ۽ پاڪ رسمن مان پئدا ٿيو جيڪي وچين دور ۾ حضرت عيسيٰؑ جي زندگي ۽ موت جي منظرن جي عڪاسي ڪنديون هيون. گرجائن جي سجاوٽ ۾ بت تراشيءَ هڪ نئون شان ۽ نئين بلندي حاصل ڪئي ۽ مصوري عيسائيت جي اثر هيٺ اوج تي پهتي.

پر مذهب جي خدمت ڪندي به فن محبت سان پنهنجي تعلق جو اظهار ڪندو رهيو. نشاة الثانيه جي مقدس تصويرن ۾ حسين جسم جي پوڄا جو عنصر به شامل آهي. نشاة الثانيه جڏهن روم کان وينس پهتو ۽ شين جو رُخ ڪيو ته فطرت پرستي حاوي رهي ۽ مقدس محبت جي جاءِ غيرمقدس محبت ورتي.

جهڙيءَ طرح مذهبي جنس جي ديوتا کان طاقت ٿو حائل ڪري. اهڙيءَ طرح حسن جي تخليق جو هر عنصر جنس جي ديوتا جو محتاج آهي. سُر محبت سان واسطو ڳنڍي راڳ، ناچ ۽ شاعريءَ کي تخليق ٿو ڪري نقالي، سنگ تراشي ۽ مصوري جي اوسر ۾ مدد ٿي ڏي. پر اها محبت ئي آهي جيڪا ان شيءِ جي چونڊ ٿي ڪري جنهن جي اسان نقالي ٿا ڪيون. سُر ۽ نقاليءَ کي محبت جي جذبي سان ملايو ته اوهان کي گهڻي قدر ادب جي وجود ۾ اچڻ جو سبب ملي ويندو. ايستائين جو ڊانٽي جو خدائي نغمو، جيڪو ظاهريءَ طرح انساني زندگيءَ جي تمثيل آهي، حقيقت ۾ محبت جو نغمو آهي.

جنسي قوت جو هي اندرئي اندر ڇوليون هڻندڙ درياهه فنڪار جي تخليقي جذبي جي آبياري ٿو ڪري، ڪن فنڪارن ۾ جنس ۽ فن جي هڪ ئي وقت اوسر ٿيندي آهي. اهڙي ميلاپ سان روماني نوع جا جينيئس پئدا ٿيندا آهن. سيفو، سڪندر، ليوڪريٽس، بائرن، شبلي، ڪيٽس، سون برن، هيوگو، روسو، پيٽرارڪ، برونو، گيورجيئن، شلر، هائيني، پو، شؤمن، شوبرٽ، شوپين،اسٽرينڊ برگ، آرزي بيشيف ۽ چئيو ڪوئسڪي، اهي اهڙا جينيئس آهن جن جي لکڻين ۾ تخيل عقل تي حاوي هوندو آهي ۽ جن ۾ جنس ۽ فن هڪ ئي سرچشمي مان توانائي حاصل ڪري، فنڪار کي ختم ڪري کيس جوانيءَ جي پڄاڻيءَ کان اڳ ئي جسماني ۽ روحاني طرح مئل بڻائي ڇڏيندا آهن. جيئن ته خواهش هنن ۾ مستقل غم جي صورت اختيار ڪندي آهي انڪري هو حساس، جذباتي، غم جا عادي ۽ حد کان وڌيڪ تخيل پرست هوندا آهن، عجيب غريب ۽ نادر شين ۾ هنن لاءِ وڏي ڪشش هوندي آهي. اهڙا ماڻهو محبت جي شاعري، مصوري، موسيقي ۽ فلاسافي پئدا ڪندا آهن ۽ هر عاشق هنن جي تخليقات کي پسند ڪندو آهي.

پر ٻين فنڪارن ۾ جنس جي اُٿل سراسر تخليق جي راهه اختيار ڪندي آهي، محبت جو زور گهٽبو آهي، جذبات وس ۾ ٿي ويندا آهن، عقل ۽ ذهن  هر شيءِ تي ڇانئجي ويندو آهي. ان عظيم بلنديءَ مان ڪلاسيڪيءَ جينيئس پئدا ٿيندو آهي. جيئن سقراط، سفوڪلس، ارسطو، آرشميدس، سيزر، گيليليو، گيوٽو، لونارڊو، ٽئيئن، بيڪن، ملٽن، نيوٽن، هابز، باخ، ڪانٽ، گوئٽي، هيگل، ترگنيف، فلابيئر، رنبان، اناطول فرانس. اهي ٿڌي دماغ وارا ماڻهو آهن جن خواهش تي حاوي ٿي پنهنجي ذهني انتشار کي بلندي تي پهچائي ان کي نچندڙ ستاري ۾ بدلائي ڇڏيو. اهي ماڻهو وڏي صبر ۽ استقلال سان آهستي آهستي ڪم ڪندا آهن. الهام ۽ وجدان جا منتظر نه هوندا آهن. هنن جي قول ۽ فعل ۾ توازن ۽ ضابطو هوندو آهي. هو آهستي آهستي وڌندا آهن ۽ ٽيهن ورهين جي عمصر کان پوءِ هو اعليٰ تخليق ڪندا آهن، کين سٺي شهرت ملندي آهي ۽ گهڻو ڪري ڊگهي عمر ماڻيندا آهن. هنن ۾ روماني نوع جي فنڪار کان وڌيڪ اعليٰ قوت نه هوندي آهي. جيڪا سموري عظمت جو سرچشمو ۽ ٻين کان الڳ ۽ اعليٰ هجڻ جي نشاني هوندي آهي. پر ان سرچشمي مان هو جنس لاءِ گهٽ ۽ فن لاءِ وڌيڪ طاقت حاصل ڪندا آهن، مائيڪل اينجيلو، بيٿون ۽ نيپوليئن کي ان لاءِ عظمت حاصل هئي جو هنن ۾ جينيئس جا ٻئي قسم انسان کان مٿاهين مقام تي، پاڻ ۾ هڪ ٿي ويا هئا.

نٽشي چيو آهي ته ”ماڻهوءَ جي ذهانت هڪ خوفناڪ چمڙي جهڙي هوندي آهي.“ اها پنهنجي شعلي ۾ کيس ساڙي ڇڏيندي آهي. محبت جو به اهو ئي طريقو آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي هڪ ئي وقت ڪنهن ماڻهوءَ تي حاوي ٿي وڃن ته پوءِ اهو ماڻهو اعليٰ تخليق ته ڪندو، پر سندس آواز جلدئي بند ٿي ويندو. حسن ۽ فن وانگر جينيئس به پنهنجي طاقت ان تخليقي سرچشمي مان حاصل ڪندو آهي جيڪو هميشه نسل کي تازو ڪندو رهندو آهي، ۽ زندگيءَ کي غيرفاني بڻائيندو آهي.

6- معروضي حسن:

اسان کي جن سوالن جو جواب ملي نه سگهيو آهي انهن مان هڪ سوال خاص ڪري وڏي  اهميت وارو آهي ته ڇا حسن جي ڪا معروضي حيثيت آهي يا اهو هڪ ذاتي ۽ داخلي ڪيفيت آهي. ايلس جنهن جو رايو بيشڪ ته احترام لائق آهي (ڇاڪاڻ جو اهو سندس علمي تجربي تي ٻڌل آهن) تنهن جو چوڻ آهي ته حسن ڏسڻ واري جو محتاج نه آهي پر خودمختيار آهي، پنهنجي ان راءِ جي حمايت ۾ هن چيو آهي ته دنيا جي گهڻي ڀاڱي نسلن جا جمالياتي لاڙا بنياديءَ طرح هڪجهڙا آهن. پر جڏهن اسان چيني موسيقي ۽ زولو قبيلي جي وَڍَ ڪُٽَ کي ڏسون ٿا ته اهو خيال ايترو صحيح نٿو لڳي. حسن به اخلاق وانگر جاگرافيائي حالتن سان بدلجي ٿو، ڊارون ٻڌائي ٿو ته ناهيٽي ۽ جهنگلي ماڻهو بيني نڪ کي پسند ڪندا آهن ۽ ٻارن کي سهڻو بنائڻ لاءِ سندن نَڪُ ۽ نراڙ کي دٻائيندا آهن. مايا قبيلي جا ماڻهو زيورن سان پنهنجن ٻارن جا نَڪ ۽ ڪن ٽوپيندا آهن، سندن ڏندن کي گسي انهن تي ڪو فريم چاڙهيندا آهن، سندن مٿا تختي هيٺان دٻائيندا آهن ۽ کين ٽيڏو ٿيڻ سيکاريندا آهن جوان ۾ ئي هنن کي حسن نظر ايندو آهي، منگوپارڪ اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته ڪارن حبشين سندس اڇي رنگ جو مذاق ٿي اڏايو. اوڀر آفريقا جي ڪناري تي جڏهن حبشي ٻارن رچرڊ برٽن کي ڏٺو ته دانهون ڪرڻ لڳا ته ”هن اڇي ماڻهوءَ کي ڏسو، هي اڇي باندر جهڙو نٿو لڳي؟“ ۽ اسان وري ائين چئي سگهون ٿا ته زولو شيدي هڪ ڪاري گوريلي وانگر آهي. شايد اسان ٻئي صحيح نٿا چئون.

يا وري ڪن آفريقي حسينائن جي بت تي چرٻي چاڙهڻ جي شوق تي غور ڪريو. ڊارون ٿو چئي ته ڪيترن ماڻهن کي اها ڄاڻ آهي ته هاٽن ٽوٽ عورتن جا ٻنڍڻ تمام گهڻو ٻاهر نڪتل هوندا آهن ۽ سر اينڊريو سمٿ کي پڪ آهي ته هنن جي مردن کي سندن اها خاصيت وڻندي آهي، هڪ دفعي هن هڪ عورت کي ڏٺو جيڪا قبيلن ۾ پنهنجي حسن جي ڪري مشهور هئي هن جا ٻنڍڻ ايترا ته وڌيل هئا جو جڏهن هوءَ سڌي زمين تي ويهندي هئي ته اٿي نه سگهندي هئي ۽ رڙهندي رڙهندي لاهيءَ تي پڄندي هئي ۽ پوءِ اُٿي سگهندي هئي. جدا جدا قبيلن جي ڪن عورتن ۾ اهائي صفت هئي ۽ برٽن ٿو چئي ته سومال قبيلي جي مردن لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو عورتن کي هڪ قطار ۾ بيهاريندا آهن ۽ جنهن جا ٻنڍڻ وڌيڪ ماسيرا هوندا آهن انهن کي پنهنجي زال بڻائيندا آهن، هڪ حبشيءَ لاءِ سنهن ٻنڍڻن کان وڌيڪ ڌڪار جهڙي ڪا شيءِ ڪانهي.

يورپ ۾ حسن جو معيار زمان ۽ مقام مطابق رهيو آهي. ڪڏهن مضبوط ۽ ماسيري هجڻ جي رسم هئي، روبين ۽ مرمبران جي ٿلهن ڇوڪرين ڏانهن ڏسو، ايستائين جو ريفيل جون عورتون به ٿلهيون آهن، پر وري رينالڊز، گينزبرو ۽ رومني جون حسينائون بت ۾ گهٽ آهن ۽ وسلر جون عورتون ڪمزور ۽ نفيس آهن. اسان جي پنهنجي زماني ۾ عورتن جي حسن جو معيار ٿولهه مان نزاڪت ۾ بدلجي ويو آهي، جسمن جو فيشن به لباس جي فيشن وانگر بدلجي ٿو.

ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته جمالياتي احساس ۾ هڪ داخلي، نسلي ۽ شخصي جُز آهي. رڳو هڪڙو جُز معروضي آهي ۽ اهو هي ته ذري گهٽ دنيا جا سب تندرست مرد انهن عورتن کي ترجيح ڏيندا آهن جن جي شڪل صورت مان خبر پوندي آهي ته هي سٺيون مائرون ٿي سگهنديون. بنيادي طرح فطرت جي عمل جي ڪماليت جو اظهار تندرستيءَ کي پسند ڪرڻ جي صورت ۾ ٿئي ٿو. پهرين اهو اظهار عورت ۾ ۽ پوءِ اسان ڪنهن ٻئي شيءِ ۾ پسند ٿا ڪيون، مثال جيئن ڪو سٺو ڪم جيڪو سليقي سان ڪيو ويو هجي، ڪا زندگي جيڪا سٺي نموني گذري هجي، ڪو ڪٽنب جنهن جي تمام سٺي پرورش ٿي هجي، ڪو اوزار جيڪو تمام سٺي نموني ڪم ڪندو هجي، انهن شين کي اسين سٺو چوڻ لاءِ مجبور ٿيندا آهيون، اسان جو دماغ جيڪڏهن بلڪل صحيح آهي ته اسان ڪنهن تندرست عورت کي جيڪا هڪ تندرست ٻار جي پرورش ڪري رهي هجي، دنيا جي سموري حسن جو معراج سمجهنداسين، ان معاملي ۾ وچين دور ۽ نشاة الثانيه وارا پنهنجن ”مريمن ۽ ٻارن“ جي ”ذوقِ حسن“ ۾ اسان کان وڌيڪ سٺا هئا. هڪڙي زوال پذير فن جي ذريعي اسان گمراهه ٿي ڪمزور ۽ سنهي عورت جي پٺيان ڊوڙندا آهيون، جيڪي ٻار پئدا ڪرڻ نه ڄاڻنديون آهن پر چيلاٽي وانگر ڏنگ هڻڻ ۾ ماهر هونديون آهن.

جيڪڏهن اسان جون جبلتون ٺاهه ٺوهه سان دوکو نه کائن يا مال ۽ دولت سان گمراهه نه ٿي وڃن ته اسان جي حسن جو احساس حياتياتي طور تي صحيح هوندو ۽ محبت بهترين اولاد جو وسيلو. حسن وري به فطرت جي مرضيءَ وانگر تندرستيءَ جو گُل ۽ پيغامي هوندو ۽ تندرست ۽ اعليٰ اولاد جو ضامن هوندو ۽ هڪ وار وري نسل کي ڪمزور نه پر مضبوط بڻائيندو، اخلاقيات ۽ جماليات پاڻ ۾ ملي ويندا ۽ افلاطون وانگر اسان ان نتيجي تي پهچنداسين ته نيڪيءَ جو اصول حسن جي قانون ۾ سموئجي ويندو آهي.“

افلاطون ان معاملي ۾ هٻڪندو رهيو، هن کي خبر نه هئي ته هو ڪنهن جو پاسو کڻي، ايٿنز جي سخت ڏاهپ جو يا افرڊائٽي جي مرڪندڙ سونهن جو. شايد پاسو کڻڻ لاءِ هن عقل کان ڪم ٿي ورتو، جو پاسو کڻڻ لاءِ هٻڪيو ٿي. اهو حسن جيئن اسان وٽ موجود آهي. ان جو هڪ مڪمل رياست جو بنياد بڻجڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. پر ان ڏاهپ مان ڪهڙو فائدو جيڪا اسان کي حسن سان محبت ڪرڻ ۽ فطرت جي حسن کان وڌيڪ حسن تخليق ڪرڻ نه سيکاري. ڏاهپ هڪ وسيلو آهي، جسم ۽ روح جو حسن هڪ مقصد آهي، فن سائنس کانسواءِ ناداري آهي پر سائنس فن کان سواءِ بربريت آهي. ايستائين جو آسماني فلاسافي به هڪ وسيلو آهي پر جيڪڏهن اسان ان جي اُڏام کي هڪ ڀرپور زندگيءَ جي لاڳاپيل قدرن تي ڦهلائي ڇڏيون ته پوءِ اها مقصد بڻجي ٿي وڃي. جيڪا به فلاسافي حسن ۽ جمال کان متاثر نه ٿئي اها انسان جي قابل نه آهي.

مصر جو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو سواءِ انهن عاليشان عمارتن جي جيڪي هن صحرا ۾ اڏيون، يونان جو به سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو سواءِ هن جي ڏاهپ ۽ فن جي. زندهه حسن بهترين آهي پر عمر ۽ وقت سان گڏ اهو ڪومائجي ٿو وڃي، رڳو فنڪار ئي عارضي حسن کي گرفت ۾ آڻي سگهي ٿو ۽ ان کي غير فاني صورت ڏيئي سگهي ٿو، ٿورو گوئٽي کي ٻڌو:

سڀ شيون فاني آهن، فن جي عظمت ئي بقا کان واقف ٿي سگهي ٿي.

سنگ مرمر جو بت رياست جي فنا ٿيڻ کان پوءِ به باقي هوندو آهي.

۽ هڪ پُر عظمت ٻلو جنهن کي ڪو مزور زمين مان کوٽي ڪڍي ٿو، شهنشاهه جي ياد کي جيئرو رکندو آهي.

ديوتا مري ويندا پر شاعري جي ملڪه لازوال آهي، اها موت کان به طاقتور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org