باب ڏهون
شاديءَ جو ٽُٽڻ
هاڻي اسان شاديءَ ڏانهن ٿا اچون، شايد ته برنارڊشا
لکيو هو ته دنيا ۾ جيتريون اجايون ڳالهيون شاديءَ
جي باري ۾ لکيون ويون آهن ٻيو ڪنهن به موضوع تي
ناهن لکيون ويون. شاديءَ جي باري ۾ بنان ڪنهن سبب
جي بيوقوف بنجڻ ايترو سولو آهي جيترو محبت جي باري
۾، اها ڳالهه ته هڪ ڪنڊائتو ٿي ويٺل دانشور به
مڃيندو ته ٻن جنسن جي تعلقات تي خيالن جو اثر تمام
گهٽ هوندو آهي ۽ اهو ته معاشي تبديليون فلاسافي ۽
اخلاق کي ٽوڙي مروڙي ڇڏينديون آهن. سوچ جو ڪم رڳو
اهو آهي ته اها انهن تبديلين جو تجزيو ڪري، انهن
جي اڳتي ٿيندڙ واڌ ۽ نتيجن جو اندازو لڳائي ۽
مناسب روين جي نشاندهي ڪري، جن سان فرد ۽ نسل جو
بچاءُ ٿي سگهي. هتي تبليغ ڪرڻ اجائي ۽ سمجهه کان
ڪم وٺڻ فائدي وارو آهي.
اسان پنهنجن جنگين ۽ مشقن ۾ اهو وساري ڇڏيو آهي ته
زندگيءَ جي بنيادي حقيقت سياست يا صنعت نه پر
انساني تعلقات آهن، مرد جا عورت سان ۽ ماءُ پيءُ
جا اولاد سان تعلقات، اهي ٻئي محبت جون بنيادي
قوتون آهن جن جي چوڌاري زندگي گردش ٿي ڪري. ان
باغي ڇوڪريءَ کي ياد ڪيو جنهن جو عاشق ڊسمبر 1917ع
جي ماسڪو واري بغاوت ۾ مارجي ويو هو، ماڻهو هن جي
لاش کي دفن ڪرڻ لڳا ته هوءَ پنهنجي عاشق جي ڪفن کي
ڀاڪر پائي چوڻ لڳي ته مون کي به دفن ڪيو، منهنجو
جڏهن محبوب مري ويو آهي ته مون کي انقلاب جي ڪا
پرواه ڪانهي.“ پر هن کي ان وقت شايد اندازو نه هو
ته هوءَ ان غلط فهميءَ ۾ هئي ته هن جي مڙس جو ڪو
مَٽُ نه هو ۽ هن جي جاءِ ڪو ٻيو ڀري نٿي سگهيو.
اسان ۾ ايتري ته هڪ جهڙائي آهي جو اسان کي ڀڳل
دليون ۽ ڀڳل واعدا بي عقليءَ وارا لڳندا آهن، هوءَ
ان ڏاهپ مان جيڪا عورت جي رت ۾ رچيل هوندي آهي
اندازو لڳائي ٿي سگهي ته روس جي عظيم انقلاب جي
حيثيت محبت، اولاد ۽ موت جي ڀيٽ ۾، جيڪي انساني
زندگيءَ جو مرڪزي سرچشمو آهن، معمولي حيثيت آهي.
هوءَ شايد ته ان جو اظهار ڪري نٿي سگهي پر هن
سمجهيو ٿي ته اندرونيءَ طرح، خاندان رياست کان
وڌيڪ عظيم آهي، محبت ۽ مايوسي معاشي هڻ وٺ کان
وڌيڪ دل جي اوناهين ۾ لهي وينديون آهن. پر آخرڪار
اسان کي خوشي ملڪيت، جائيداد ۽ طاقت مان نه پر
محبت ڏيڻ ۽ وٺڻ مان ملندي آهي.
شاديءَ جي اوسر:
شاديءَ جو مطلب ڇا آهي؟ اسان کي جيڪڏهن شاديءَ جي
شروعات جي خبر پئجي ويندي ته اسان ان جي اهميت کي
وڌيڪ چڱيءَ طرح سمجهي سگهنداسين. اوهان هڪ تازي
مڇيءَ کي تصور ۾ آڻيون جيڪا پنهنجا پَلَوَ پنهنجن
آنن تي ٿي رکي. هيءَ هن جي فطرت جي بنيادي حيثيت
يعني مامتا جي شروعاتي شڪل آهي. نباتات ۽ حيوانن
جو دنيا ۾ نسل مامتا سان نه پر گهڻي لڳ سان قائم
رهندو آهي. آهستي آهستي قدرت جنس جي اهڙيءَ طرح
اجائي ضايع ٿيڻ جي بجاءِ پيءُ ماءُ ۾ پڌراڻي شفقت
۽ مامتا پيدا ڪئي. جيئن جيئن خاندان جو دائرو ننڍو
ٿيندو ويو تيئن تيئن پيءُ ماءُ جي شفقت وڌندي وئي.
انسانن ۾ شاديءَ جو رواج انڪري ڪونه پيو هو ته
جيئن محبت جي جوڙي کي جنسي ميلاپ جو اجازت نامو
ملي، پر انڪري پيو هو ته جيئن هنن کي مستقل رشتي ۾
ٻڌي ڇڏجي ۽ هو ٻارن جي نيپاج ۽ تربيت چڱي نموني
سان ڪري سگهن ۽ زندگي وڌيڪ چڱي ٿي سگهي.
شاديءَ جو رواج رڳو ماڻهن ۾ آهي، ڪن پکين ۾ به هڪ
نر هڪ ماديءَ جي تعلق جو رواج آهي، ڊي ڪرسپيني
بورنيو جي انسانن جهڙن باندرن لاءِ لکيو آهي ته
اهي خاندانن ۾ رهندا آهن. وڻن تي ويڪرا گهرڙا
ٺاهيندا آهن ۽ جيترو مان ڏسي سگهيس ته مون ڏٺو ته
انهن گهرن ۾ رڳو مادي ۽ انهن جا ٻچا رهندا آهن ۽
نر ڀر واري وڻ جي ڏار تي رات گذاريندو آهي.“
ويسٽرمارڪ گوريلي لاءِ لکي ٿو ته ”گوريلا خاندانن
۾ رهندا آهن، نر گهرڙو ٺاهيندو آهي ۽ خاندان جي
حفاظت ڪندو آهي، اهوئي حال چمپينزيءَ جو آهي.“
سيويج ٿو چئي ته ” گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته گوريلا
خاندان جا بزرگ وڻ جي هيٺان ويهي ميوا کائيندا آهن
۽ ڪچهريون ڪندا آهن ۽ هنن جا ٻچا هنن جي ڀرسان
ٺينگ ٽپا ڏيندا ۽ گوڙ ڪندا وڻن جي شاخن تي ٽپندا
آهن.“
آهستي آهستي ٻارن جي حفاظت نه ڪرڻ وارو نسل ختم ٿي
ويندو آهي ۽ قدرت گهڻي ڀاڱي نسلن ۾ ماءُ پيءُ واري
شفقت پيدا ڪندي آهي جيڪا فرد ۽ نسل لاءِ چڱائيءَ
جو سبب ٿيندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن باندريون پنهنجن ٻچن
جي مرڻ جي ڏک ۾ پاڻ ماري ڇڏينديون آهن. باندرن جي
هڪ نسل ۾ مادي پنهنجي ٻار کي ڪيترن مهينن تائين
لڳاتار پنهنجي هڪ ٻانهن تي کڻي گهمندي آهي، انسانن
۾ گهڻو ڪري اها جبلت محبت جي جذبي کان به وڌيڪ
طاقتور هوندي آهي. هرهڪ عورت پنهنجي ٻار کي پنهنجي
مڙس کان وڌيڪ پيار ڪندي آهي. پٺتي پيل ماڻهن جون
عورتون پنهنجي ٻار کي ٻارنهن سالن جي عمر تائين ڪڇ
تي کڻي گهمائينديون آهن ۽ ڪن قبيلن ۾ (جيئن نيو
هيبريڊز ۾) ڪي مائون پنهنجي ٻار جي موت تي خودڪشي
ڪنديون آهن ته جيئن هو مرڻ کانپوءِ پنهنجي ٻار جي
حفاظت ڪري سگهن. انسان جي تاريخ ۾ ڪي گهٽ ڳالهيون
اهڙيون حيرتناڪ آهن جهڙي اها ڳالهه ته عورت جي انا
مڪمل طرح سان (جيتوڻيڪ عارضي طور) پنهنجي ٻار ۾
منتقل ٿي ويندي آهي.
ان جبلت جي اوسر سان گڏ خاندان وارو مرڪزي ادارو
قائم ٿيو. خاندانن جو بنياد ٻار جي بي وسي ۽ کيس
تعليم ڏيڻ ۽ سندس تربيت ڪرڻ جو احساس هو. حيوانن
جي ارتقا بنياديءَ طرح حياتياتي آهي ڇاڪاڻ ته ان
جو تعلق نون عضون جي تخليق سان آهي جڏهن ته انسانن
جي ارتقا اجتماعي نوع جي آهي ۽ ان ارتقا جو تعلق
هڪ نسل جي علم ۽ هنرن جي ورثي کي ٻين نسلن تائين
پهچائڻ آهي. قدرت پاران خاندان انڪري شروع ٿيو ته
جيئن نر ماديءَ جي خدمت ڪندو رهي ۽ مادي ٻارن جي
پرورش ڪندي رهي. فطريءَ طرح مرد عورتن جا غلام آهن
۽ عورتون فطريءَ طرح ٻارن ۽ نسل جون غلام آهن. ان
فطري غلاميءَ ۾ هنن جي اونهي ۽ سدائين رهندڙ دلي
سڪون جو راز لڪل آهي تنهنڪري اسان کي سمجهي ڇڏڻ
گهرجي ته شادي جو بنياد مرد ۽ عورت جي جنسي لاڳاپن
کي قانوني حيثيت ڏيڻ نه پر ماءُ پيءُ ۽ ٻارن جو
تعلق آهي ۽ ان جو مقصد نسل کي قائم رکڻ ۽ مضبوط
بنائڻ آهي. جيڪڏهن شادي رڳو ذاتي معاملو هجي ها ته
سڀ کان پهرين ان کي قانون ۽ رسمن رواجن ۾ نه جڪڙيو
وڃي ها. حڪومتون مرد ۽ عورت جي محبت کي ڪنهن نظام
۾ آڻڻ لاءِ ايڏي ڌيان سان قانون ڇو ٺاهن ها.
شاديءَ جي رسمن رواجن جو آخر ايڏو گوڙ ڇو آهي؟ رڳو
ان لاءِ ته شادي سڀ کان اهم ۽ بنيادي ادارو آهي،
جيڪو زندگيءَ جي سرچشمي جي حفاظت ٿو ڪري، زندگيءَ
جي وهڪري ۾ تازو پاڻي شامل ڪري ان کي تيز ڪندو ٿو
رهي. خدا شاهد آهي ته شاديءَ جو مقصد مڙس ۽ زال جي
خوشي نه هو پر ٻار پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي پرورش هو.
پراڻي زماني ۾ زندگيءَ جو عرصو ٿورو هو انڪري ڪنهن
به ان تي ويچار نه ڪيو. هاڻوڪي زماني ۾ زندگي ڊگهي
ٿيندي ٿي وڃي ۽ ماڻهو وڌندا ٿا وڃن انڪري فرد
پنهنجو پاڻ کان پڇي ٿو ته نسل جي بقا ته ٿي پر هن
جي شخصي خوشيءَ کي اهميت ڇو نه ڏني وڃي؟ انفراديت
جي هن دور ۾ شاديءَ جي خلاف بغاوت هاڻي معراج تي
آهي.
شاديءَ جي ارتقا نسلي مفاد جي صورت ۾ ٿي آهي.
تاريخ جي شروعاتي دور کان وٺي زال يا مڙس جي چونڊ
هميشه اجتماعي ضرورتن هيٺ رهي آهي. پهريون ماءُ
پيءُ سان ٻارن جي جنسي لاڳاپن تي پابنديون وڌيون
ويون، پوءِ ڀينرن ۽ ڀائرن تي ۽ ان کانپوءِ پابندي
پئي ته ڪو مرد پنهنجي قبيلي جي عورت سان جنسي تعلق
نه رکي. سماجي سائنسدان جيئن لوئيس مورگن انهن
پابندين جو سبب ٻڌايو ته اوائلي دور جو انسان
مائٽن ۾ جنسي لاڳاپا رکڻ جي نقصانن کي غير شعوري
طور محسوس ٿي ڪيو. ان کان پوءِ ويسٽر مارڪ ۽ ايلس
ان جو سبب ٻڌائيندي چيو ته ويجهن مائٽن جي هڪٻئي
سان گهرائپ ۽ حجت هوندي آهي جنهن جي ڪري پاڻ ۾
نفرت ۽ حقارت جا امڪان وڌي ويندا آهن. پر اسان
جيڪڏهن سمجهون ٿا ته هنن ۾ ايترو سماجي شعور نه هو
ته اسان پنهنجن قديم دور جي وڏڙن ۾ ناسمجهي جي
معاملي ۾ مبالغو ٿا ڪيون. هنن ۾ حالتن جو اندازو
لڳائڻ ۽ پنهنجي اجتماعي نظام کي تعمير ڪرڻ جي وڏي
صلاحيت هئي ۽ شايد ته هنن فرد تي انڪري پابنديون
وڌيون جو هنن جي آڏو نسل جو مفاد هو، معاشي لاڳاپن
سان شاديءَ جو ادارو بدليو آهي. خانه بدوشيءَ جي
زماني ۾ ڪو حيوان مرد هٿ ۾ ڏنڊو کڻي ٻئي قبيلي جي
ڪنهن تنبوءَ ۾ گهڙي ڪنهن ڇوڪريءَ کي زوري کڻي
ايندو هو. پر دولت جي گهڻائيءَ ۽ امن جي ڪري اخلاق
به سڌريو ۽ هاڻي مرد گهربل عورت جي پيءُ وٽ ڏنڊو
کڻي نٿو وڃي پر ڪا سوغات کڻي ٿو وڃي. هاڻي کسڻ
واري شاديءَ جي جاءِ ڪاروباري شاديءَ ورتي، اڄڪلهه
شادي، کسڻ ۽ ڪاروبار جو، عجيب ميلاپ ٿي وئي آهي.
ان اوائلي زماني ۾ جنگيون گهڻيون ٿينديون هيون ۽
خطرا وڌيڪ هئا. مرد عورت کان گهڻو اڳ موت جو شڪار
ٿيندا هئا ۽ جيڪي بچندا هئا انهن کي گهڻيون شاديون
ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون وينديون ته جيئن عورتن جي
وڌندڙ انگ جو مسئلو حل ٿي سگهي. ان کانسواءِ
عورتون ڪيترن سالن تائين ٻار جي پرورش ڪنديون هيون
۽ جيستائين ٻار جو کير نه ڇڏائبو هو تيستائين هم
بستري نه ڪنديون هيون انڪري مرد وڌيڪ شاديون ڪيون
۽ جنسي لاڳاپن ۾ نواڻ سان پنهنجي جنسي خواهشن جي
پورائيءَ لاءِ مرد اهو سولو رستو ڳولهيو. ان
کانسواءِ گهڻن زالن جي ڪري ٻار به گهڻا پيدا ٿيندا
هئا ۽ گهڻا ٻار جنگن، حادثن ۽ بيمارين جي خوف ۾
رهندڙ ماڻهن لاءِ خدا جي رحمت هئا.
پر جڏهن جنگن جو دور ختم ٿيو، ماڻهن جي صحت ۽
زندگي محفوظ ٿي ۽ عورتن ۽ مردن جو انگ ذري گهٽ هڪ
جيترو ٿيو تڏهن هڪ شاديءَ جو رواج پيو، اهو رواج
ٻارن لاءِ فائدي وارو هو ڇاڪاڻ جو هاڻي کين ماءُ ۽
پيءُ جي گڏيل محبت ملي ۽ ڪٽنب ننڍو ٿيو ته هنن کي
کائڻ لاءِ وڌيڪ مليو. اهو رواج مرد لاءِ به سٺو هو
جو هو پنهنجي جائداد کي متحد رکي ٿي سگهيو ۽ ساڳئي
وقت آزاد به هو ته هو لڪ ڇپ ۾ پنهنجون جنسي
خواهشون پوريون ڪري ۽ سماج جي رواج ۽ پنهنجي طاقت
وسيلي زال کي وفادار رکي ۽ سندس جائداد سندس اصلي
اولاد کي ملي. هڪ شاديءَ جورواج عورت لاءِ به
فائدي وارو هو. ان سان حسد جو مسئلو به ختم ٿي ويو
جنهن گهڻين زالن جي ڪري گهر کي پاڳل خانو بڻائي
ڇڏيو هو. هڪ شاديءَ سان عورت ۽ مرد کي جنسي برابري
ملي.
شادي جي باقي تاريخ عورت ۽ جائداد، دولت ۽ محبت جي
وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ٻڌل آهي. سمجهيو ته ائين ٿي ويو ته
دولت زال يا مڙس جي چونڊ ۾ هڪڙو بنيادي سبب ثابت
ٿيندي ۽ عورت جي محڪومي هڪ هميشه واري رسم ٿي
ويندي. پر حقيقت انجي ابتڙ هئي. دولت تعليم کي جنم
ڏنو، تعليم مرد جي وحشي جذبن ۾ نرمي پيدا ڪئي ۽
صدين جي ارتقا کانپوءِ جسم جي جسم لاءِ هوس روماني
محبت ۾ بدلجي وئي. ڪن ملڪن ۾ پيءُ ماءُ پنهنجي
مرضيءَ سان ڇوڪريءَ جي شادي ڪنهن دولتمند سان ڪندا
هئا پر پوءِ آمريڪا، انگلستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪٿي
ڪٿي روماني شاديءَ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳيون.
آهستي آهستي عورت جيڪا مرد جي بربريت جي ڪري نرم
طبيعت جي ٿي وئي هئي ان پنهنجي ان نرم طبيعت سان
مرد جي طبيعت ۾ نرمي آندي. پنهنجي شرافت ۽ خلوص
سان مرد کي سندس وحشي حالت مان مٿي ڪيو ۽ کيس اها
سکيا ڏني ته هو عورت ۾ ڪي ٻيون صفتون ڳولهي،
اهڙيءَ طرح جسم جي طلب جي بنياد تي تهذيب روماني
محبت جي نازڪ پر سهڻي عمارت تعمير ڪئي.
روماني محبت وجود ۾ اچي چڪي هئي. جوانيءَ ۾ نوجوان
خلوص سان ٽمٽار شاعري تخليق ڪرڻ لڳا. مرد عورتن جي
اڳيان گوڏا کوڙڻ، هنن جي هٿن کي چمڻ لاءِ جهڪڻ ۽
هنن جي نرم جسم جي نرميءَ کانسواءِ سندن ڪن ٻين
خاصيتن جي ڪري ساڻن محبت ڪرڻ لڳا. جڏهن ڪيترين
دلين ۾ خواهش عورت کي ملڪيت سمجهڻ جي بدران ارپڻ
جي صورت اختيار ڪئي ۽ جڏهن مرد عورت سان مرڻ گهڙي
تائين محبت ڪرڻ جو خلوص وارو وعدو ڪيو ته شادي
پنهنجي ارتقا جي آخري منزل تي پهچي وئي. شايد ته
اسان ان جو معراج ڏسي نه سگهنداسين.
شاديءَ جو زوال:
هي دور مشين جو آهي ۽ هن ۾ هر شيءِ جو بدلجندو رهڻ
لازمي آهي. جتي اجتماعي تحفظ وڌيو آهي اتي انفرادي
تحفظ گهٽيو آهي. جسماني زندگي اڳ کان وڌيڪ محفوظ
آهي پر معاشي زندگيءَ ۾ وڏا مونجهارا پيدا ٿيا آهن
۽ روز نوان خطرا پيدا ٿيندا ٿا رهن. جوان مرد جيڪي
پهرين زماني کان وڌيڪ بهادر ۽ مغرور آهن، معاشي
طرح بيوس ۽ اڻ ڄاڻ ٿي ويا آهن. هو محبت ڪندا آهن
پر مفلسيءَ جي ڪري شادي ڪري نه سگهندا آهن، محبت
وري ايندي آهي (ڪيترا سال گذري ويا آهن) پر هيڻي
هوندي آهي، وري به شاديءَ لاءِ کيسا ڀريل نه هوندا
آهن. محبت هڪ دفعو وري نازل ٿيندي آهي، پر هاڻي ان
۾ تازگي ڪانه هوندي آهي (جو ڪيترا سال گذري چڪا
آهن) هاڻي کيسا ڀريل آهن ۽ شادي محبت جي موت جو
جشن ملهائيندي آهي.
ايتري وقت تائين انتظار ڪرڻ سان شهري ڇوڪري ٿڪجي
پوندي آهي. سندس عمر وڏي ٿي ويندي آهي. هوءَ هڪ
خوفناڪ مجبوريءَ ۾ ڦاسندي آهي. جنسي نماءَ ۽ پاڻ
ارپڻ سان هوءَ مردن جو ڌيان ڇڪائيندي آهي، مرد کيس
سوکڙيون ڏيندا، ساڻس گهمندا ڦرندا ۽ کيس شراب
پيئاريندا آهن پر هن سان ڪڏهن به شادي نه ڪندا
آهن. ڪڏهن ڪڏهن هن جي ڪردار جي آزاديءَ جو سبب
سندس معاشي آزادي هوندو آهي. هاڻي هوءَ مرد جي
محتاج نه آهي، مرد وري گهڻو ڪري اهڙي عورت سان
شادي ڪرڻ لاءِ تيار ته هوندو آهي جيڪا جنسي معاملن
۾ تجربيڪار هجي، پر هن جي معاشي خودمختياري کيس
ساڻس شاديءَ کان روڪيندي آهي. پر اهو به مسئلو
هوندو آهي ته مرد جي ٿوري آمدني ٻنهي جي هاڻوڪي
زندگيءَ جي معيار کي ڪيئن قائم رکي سگهي ٿي.
نيٺ ڪو مرد ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندو
آهي، ٻئي شادي ڪندا آهن، ڪنهن به عبادتگاهه ۾ نه
جو هو ٻئي آزاد هوندا آهن ۽ ٻنهي جو مذهب سان
واسطو نه هوندو آهي ۽ جنهن اخلاق جو بنياد مذهب هو
۽ جنهن جون پاڙون ننڍپڻ ۾ هنن جي دلين ۾ کتل هيون
هاڻي ان جو اثر سندن دلين مان ختم ٿي چڪو آهي. هو
ڪنهن ڪارپوريشن ۾ شادي ڪندا آهن جنهن ۾ ڪنهن به
نوع جو مقدس واعدو ڪونه ٿيندو آهي پر هڪڙو
ڪاروباري واعدو هوندو آهي جنهن کي هو پنهنجي
مرضيءَ سان ڪنهن به وقت ٽوڙي سگهن ٿا. هنن جي
شاديءَ ۾ ڪي به مقدس رسمون ادا نه ٿينديون آهن، ڪا
پروقار تقرير ڪانه ٿيندي آهي، ڪا اعليٰ موسيقي
ڪانه هوندي آهي، جذبات جي ڪا گهرائي ڪانه هوندي
آهي جيڪا هنن جي شادي ۾ هڪ ٻئي سان ڪيل وفاداريءَ
وارا واعدا ياد ڏياريندي رهي. هو هڪ ٻئي کي چمي
ڏيندا آهن ۽ لاپرواهيءَ واري انداز سان گهر هليا
ويندا آهن.
نه، هو گهر نه ويندا آهن، ڪوبه گلن سان ڀريل ۽ وڻن
سان گهيريل گهر آڌرڀا ڪرڻ لاءِ سندن منتظر نه
هوندو آهي، گلن ۽ ميوي وارو ڪو باغ هنن جي واٽ نه
نهاريندو آهي. هو سوڙهن ۽ اونداهن ڪمرن ۾ پناهه
وٺندا آهن جن ۾ هو گهڻي وقت تائين ماپي نه سگهندا
آهن ۽ جن کي سينگاري هو پنهنجي شخصيت جو اظهار نه
ڪندا آهن. هنن جي گهر جو روحاني وجود نه هوندو
آهي، ان جي رڳو مادي حيثيت هوندي آهي ۽ پناهه گاهه
وانگر لاتعلق هوندو آهي. هو گوڙ شور، سرن ۽ فولاد
جي سيخن ۾ قيد هوندو آهي، بهار جي فضا ان گهر ۾
داخل ٿي نه سگهندي آهي ۽ بهار جي سوکڙي کين نه
ملندي آهي، رڳو کين مينهن نصيب ٿيندا آهن، خزان
آسمان ۾ انڊلٺ جا رنگ ناهي وکيريندي، پن روز نوان
روپ اختيار نٿا ڪن. خزان ۾ هنن کي رڳو سستي ۽ اداس
يادون نصيب ٿينديون آهن.
عورت مايوس ٿي ويندي آهي، هوءَ ان چوديواريءَ کي
خوشگوار بنائڻ لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندي آهي ۽
ڪنهن به طرح هوءَ ان مان ڀڄندي آهي ۽ صبح جو واپس
ايندي آهي. مرد مايوس ٿيندو آهي جو ساري ڏينهن جي
محنت کان پوءِ هن کي گهر ۾ گهر جهڙو آرام ۽ سڪون
نه ملندو آهي. آهستي آهستي کيس محسوس ٿيندو آهي ته
هي ڪمرا اهڙائي آهن جهڙا شاديءَ کان اڳ هئا. هو
اهو به محسوس ڪندو آهي ته هن جا زال سان اهڙائي بي
چسا لاڳاپا آهن جهڙا ڪڏهن سولائيءَ سان حاصل ٿيندڙ
عورتن سان هئا. شاديءَ سان ڪا نئين ڳالهه ڪانه ٿي
آهي. ٻار جو آواز رات جو ننڊ نٿو ڦٽائي. ٻارن جي
راند ڏينهن کي روشن نٿي ڪري، ٻار پنهنجن نرم ٻانهن
سان آڌرڀا ڪري ڏينهن جي محنت مزوريءَ جي ٿڪ کي ختم
نٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته ٻار پيدا ٿيندو ته اهو کيڏندو
ڪٿي؟ هو ٻار جي ڪري هڪڙو ٻيو ڪمرو ڪيئن ڪرائي تي
وٺي ٿا سگهن؟ ٻار جي تعليم جو خرچ ڪيئن برداشت ڪري
ٿا سگهن، انڪري هو سوچيندا آهن ته احتياط چڱو آهي
۽ هو فيصلو ڪندا آهن ته تيستائين هو ٻار پيدا نه
ڪندا جيستائين هو هڪ ٻئي کي طلاق نٿا ڏين.
هنن جي شادي شادي نه هوندي آهي، اهو ماءُ پيءُ
بڻجڻ وارو تعلق نه هوندو آهي پر هڪڙو جنسي تعلق
هوندو آهي، انڪري اهو وڌندو نه آهي ۽ آبياريءَ کان
محروم هجڻ جي ڪري ڪومائجي ويندو آهي. اهو انڪري
ختم ٿي ويندو آهي جو ان جو بنياد نسل جي زندگي تي
نه هوندو آهي. زال مڙس پنهنجو پاڻ تائين محدود ٿي
ويندا آهن. محبت جي فراخدلي انفراديت ۾ بدلجي
ويندي آهي، مرد جي فطري نواڻ پسندي اُڀري ايندي
آهي، هڪ ٻئي سان حجت هنن ۾ هڪ ٻئي لاءِ ڌڪار پيدا
ڪري ڇڏيندي آهي، پنهنجي سخاوت ۽ ارپڻ ۾ عورت ڪا
نئين شيءِ ڏيڻ جهڙي نه رهندي آهي.
اولاد نه هجڻ جي ڪري کين اختلاف جا هزارين موقعا
ملي ويندا آهن. محبت جي شروعات وارا جملا هاڻي به
استعمال ته ٿيندا آهن پر انهن ۾ خلوص نه هوندو
آهي. عورت شروعات واري زماني جي محبت کي ياد ڪندي
آهي. هوءَ گهر ۾ پنهنجي جسم، لباس، قول ۽ عمل جي
پرواهه نه ڪندي آهي جن جي ڪري مرد ڏانهس ڇڪجي آيو
هو. جيڪڏهن ڪو جنسي نقص پيدا ٿئي ته اهو وڏي وڇوٽي
بڻجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن لاءِ شادي رڳو جنسي
تعلق آهي. جيڪڏهن هو غريب آهن ته مرد پنهنجن وڌي
ويل ذميوارين جي ڪري دل ۾ پيو ڪڙهندو آهي ۽ عورت
راڻي بڻجڻ جا خواب ڏسندي آهي، جيڪڏهن مالدار آهن
ته حرص ۽ ڊپ واري انفراديت، محبت ۽ شاديءَ جي ڪوڙي
برابري سان ٽڪر ۾ ايندي آهي. پئسن جا جهيڙا محبت
جي ختم ٿيڻ سان شروع ٿي ويندا آهن. جيڪڏهن مهذب
آهن ته برابريءَ جون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ جيستائين
هڪڙو ٻئي تي حاوي نه ٿئي تيستائين سندن جنگ ختم نه
ٿيندي آهي. جيڪڏهن عورت ڪمائيندي آهي ته پنهنجي
غلاميءَ جي شڪايت ڪندي آهي. جيڪڏهن بيڪار آهي ته
وقت گذارڻ هن لاءِ عذاب ٿي ويندو آهي ۽ نيٺ شيطان
کيس ڪانه ڪا مصروفيت ڏيئي ڇڏيندو آهي. هو سمجهندا
هئا ته هو ٻار پالي نٿي سگهيا، هو بالزاڪ وانگر ان
ڳالهه جو اظهار ڪندا آهن ته ”بدي ڪٽنب کي پالڻ کان
سستي هوندي آهي.“ جيڪڏهن هنن مان هڪ جا گهڻا دوست
آهن ته ٻيو انهن سان ساڙ ڪندو آهي. جيڪڏهن ٻنهي جو
ڪو دوست ڪونهي ته ٻئي مجبوريءَ کان بي مزي واري
زندگي گذاريندا آهن، ملڪيت ۽ هڪ ٻئي جي باري ۾
کوجنا جي ڪري محبت جي آزادي ختم ٿي ويندي آهي روح
کي ڪٿي به امن ۽ اطمينان نصيب نه آهي ٿيندو. محبت
هڪ مستقل جنگ ۾ بدلجي ويندي آهي جنهن ۾ رڳو رات جي
ميلاپ وقت صلح هوندو آهي.
مرد ۽ عورت محسوس ڪندا آهن ته محبت جو جوش هنن جي
پنهنجي خوشيءَ لاءِ نه پر نسل جي بقا لاءِ هو.
عورت ديويءَ مان بورچڻ بڻجي ويندي آهي (پر ڪڏهن
ڪڏهن کيس اهڙو شريف طبيعت وارو مڙس ملي ويندو آهي
جيڪو کيس بورچڻ مان ديوي بڻائي ڇڏيندو آهي) هوءَ
مرد جي نواڻ پسنديءَ کي سمجهندي آهي ۽ مٿس سخت نظر
رکندي آهي. هن کي خبر هوندي آهي ته مرد تي ڀروسو
ڪري نٿو سگهجي. هوءَ ڏسندي آهي ته مرد جي محبت
گهٽبي ٿي وڃي ۽ هو دل سان محبت نٿو ڪري. مڙس
پنهنجي زال کي هڪ اوپري ماڻهوءَ جي نگاهه سان ڏسڻ
جو عادي نه هوندو آهي. زال ۽ مڙس ٻنهي کي پريان جا
دهل سٺا لڳندا آهن. ۽ نئون محبوب سڀ کان سهڻو
لڳندو آهي. عورت جيڪڏهن بي اولاد آهي ۽ ڪو ڪم ڪار
نه ڪندي آهي ته پوءِ هوءَ هڪ اهڙي نئين مرد جي
خواهش ڪندي آهي جيڪو هن جي خواهشن کي، دل کي
ڌتاريندڙ خوشامد سان وڌائي. ٻئي زنا ڪرڻ نه گهرندا
آهن رڳو زندگيءَ کي رنگين بنائڻ گهرندا آهن پر
پوءِ اوچتو حواس شعور تي حاوي ٿي ويندا آهن، وفا
غائب ٿي ويندي آهي ۽ ٻئي جي باري ۾ شڪ شبها پيدا
ٿي ويندا آهن ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي بي وفائي تي هڪ ٻئي
سان وڙهندا آهن، پر ساڳئي وقت ان صورتحال جو
خيرمقدم به ڪندا آهن. سرچاءُ نه ڪندا آهن، ڇاڪاڻ
جو اهڙيءَ طرح کين ڇوٽڪاري ۽ عليحدگيءَ جي سولي
واٽ ملي ويندي آهي. پوءِ هو الڳ ٿي ويندا آهن، هنن
کي طلاق جي عدالت ۾ ڏسو. عدالت ۾ جڏهن ٻيا پنهنجا
ڏک ڀريا داستان بيان ڪندا آهن تڏهن هو ڏکويل ۽
اُداس حالت ۾ پنهنجي واري جو انتظار ڪندا آهن ۽
هنن جو جڏهن وارو ايندو آهي تڏهن هو هڪ ٻئي جي ظلم
جو وڏي وڌاءَ سان اظهار ڪندا آهن ۽ ٻئي ماضيءَ جي
محبوب کي گاريون ڏيندا آهن، هو هڪ ٻئي کان نفرت
ڪندا آهن. اها ڳالهه رڳو اهي ڪري سگهن ٿا جن کي
محبت جا واعدا ياد هجن. هو جلدئي آزاد ٿي ويندا
آهن، طلاق ٿي ويندي آهي، هاڻي هو وري نئين سر
تجربا ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن حالتون ۽ ماڻهو ساڳيا
هجن ته پوءِ نون تجربن جو انجام ڪيئن ٻيو ٿي
سگهندو.
گهڻو ڪري شاديءَ کان جلدئي پوءِ ٻئي جدا ٿي ويندا
آهن، ۽ تمام ٿورا ماڻهو وفاداري ڪري سگهندا آهن،
پر طلاق وٺڻ وارن جو انگ انهن ماڻهن جي انگ کان
تمام گهٽ آهي جيڪي شاديءَ ۾ خوش نه هوندا آهن.
جيڪي ماڻهو الڳ نه ٿيندا آهن انهن ۾ الڳ ٿيڻ جي
جرائت جي بدران بدناموسيءَ جو ڊپ به هوندو آهي.
محبت جي بدران دلين ۾ بيزاري ۽ وفاداريءَ جي بدران
دوکو هوندو آهي. جيڪڏهن اهڙا جوڙا به الڳ ٿي وڃن
ها ته چڱو ٿئي ها جو ائين شادي جو زوال وڌيڪ ظاهر
ٿئي ها ۽ سوچڻ سمجهڻ واري سياستدان (جيڪو صديءَ ۾
هڪ هوندو آهي) ۽ عاشق کي، جيڪو محبت کي ايڏو جلد
مرندو ڏسي نه ٿو سگهي، سوچڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ مواد
ملي ها.
شاديءَ جي نئين سر تعمير:
مرض جي سڃاڻ سولي آهي پر ان جي دوا ٻڌائڻ ڏکيو
آهي. ان مرض جو اهو ڪهڙو نئون علاج آهي جيڪو
هزارين دفعا پهرين نه ٻڌايو ويو آهي ۽ اهو ڪهڙو
نسخو آهي جيڪو آزمائڻ ۾ ناڪام نه ٿيو آهي. اسان
ڪهڙي نصيحت ڪيون ڇاڪاڻ جو هر نصيحت سڌارو نٿي آڻي
پر زخمن تي لوڻ ٿي ٻُرڪي.
شايد اسان کي گهرجي ته ان مسئلي کي پاسيرو رکون ۽
پراڻن مسيحي مذهبن وانگر اهو چئون ته ڀڄڻ جون سڀ
راهون بند ڪري ڇڏيون ته جيئن قيدي سمجهن ته هو قيد
۾ نه آهن. جيڪڏهن شادي ٻارن ۽ نسل لاءِ آهي ته
پوءِ ٻارن لاءِ شاديءَ کي اهڙو مضبوط بنايو ته
جيئن جيڪي رشتا خدا جوڙيا آهن اهي انسان ٽوڙي نه
سگهي. انسان ايترا ته هڪجهڙا آهن جو اسان جيڪڏهن
هڪ سان نباهه ڪري نه سگهياسين ته پڪ ٻئي سان به
ڪري نه سگهنداسين ۽ ساڳيا مونجهارا پيدا ٿيندا.
انسان ڏک سهڻ لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، هو شاديءَ جي
ڏک سک کي به صبر سان برداشت ڪري.
پر ڇا اسان ڪچيءَ عمر جي نوجوانن جي جذبات ۾ اچي
ڪيل واعدن کي ڪڏهن نه ٽٽڻ وارا چئي سگهون ٿا. ڇا
اسان ٻن روحن کي سدائين لاءِ پاڻ ۾ ملائي سگهون
ٿا، خاص ڪري تڏهن جڏهن هنن جي محبت نفرت ۾ بدلجي
وئي آهي. نسل جي ارتقا جو راز ان ۾ آهي ته ان لاءِ
فردن کي پنهنجي شخصيتن جي قرباني تمام گهٽ ڏيڻي
پوي. نسل کي فرد تي فوقيت حاصل آهي پر رڳو انڪري
ته هو اعليٰ فرد پيدا ڪري. نه ته نسل رڳو هڪ اکر
آهي، رڳو خيال آهي.
اسان جي انفراديت پسند زماني ۾ شاديءَ جو هڪ بلڪل
ٻيو نظريو پيدا ٿيو آهي جنهن کي ”آزاد محبت“ جو
وڻندڙ نالو ڏنو ٿو وڃي. ان نظريي مطابق جيڪڏهن
واعدا ٽوڙڻ لاءِ ئي ڪرڻا آهن ته پوءِ واعدا ڪجن ئي
ڇو. جيڪڏهن شاديءَ جو انجام طلاق آهي ته پوءِ اسان
رڳو رسمي شادي ڇو ڪيون. جيڪڏهن شادي محبت جي ڪري
آهي ته پوءِ محبت جو موت طلاق لاءِ جائز سبب آهي،
عاشق ۽ محبوب کي ذاتي ديانت ۽ اعتماد جي بنياد تي
هڪ ٿيڻ گهرجي. پر جڏهن محبت ختم ٿي وڃي ته پوءِ
کين زندگي ۽ جوانيءَ خاطر نئون محبوب ڳولهڻ گهرجي.
شاديءَ جي مسئلي جو اهو حل ڏينهون ڏينهن وڌيڪ عام
ٿيندو ٿو وڃي. لنڊزي جج جو چوڻ آهي ته 1922ع ۾
شاديءَ جون درخواستون 1921ع جي ڀيٽ ۾ گهٽ هيون. ان
جو سبب هو آزاد محبت جي تصور جو ماڻهن ۾ مقبول ٿيڻ
اهو ٻڌائي ٿو ته شاديءَ جي مسئلي جو سولو ۽ سٺو حل
اهو آزاد اتحاد آهي پر مسئلو هي آهي ته عورت معاشي
۽ نفسياتي طرح مرد جي محتاج آهي. ماهواري ۽ حمل هن
کي وقت بوقت بيڪار ڪري سندس ڪمائڻ جي صلاحيت کي
گهٽائي ڇڏيندا آهن. جيستائين هوءَ گهر نه ٺاهي ۽
انهن خطرن کان هميشه لاءِ پاڻ کي محفوظ نه ڪري
تيستائين آزاديءَ جا سمورا فائدا مردن کي حاصل ٿا
ٿين. اڄڪلهه جيتوڻيڪ اهو احساس گهٽبو ٿو وڃي پر
اهو پنهنجيءَ جاءِ تي موجود آهي ته عورت پنهنجو
پاڻ کي مرد جي حوالي ڪري سندس نظرن ۾ پنهنجي اهميت
گهٽائي ڇڏيندي آهي. مرد هڪ جنگجو حيوان آهي، جي نه
به آهي ته پاڻ کي هو اهڙوئي سمجهندو آهي. هو ان
ڳالهه کي پسند نه ڪندو آهي ته سندس ڳالهه نه مڃي
وڃي. جيڪڏهن ڪو هٿرادو نموني سندس مدافعت ڪندو آهي
ته اها به هن کي نه وڻندي آهي. هو جڏهن پوريءَ طرح
فتح ڪري وٺندو آهي ته نئين فتح لاءِ نئون ميدان
ڳولهيندو آهي. هن جي خواهش هوندي آهي ته هن جي زال
پهريان ڪنهن مرد سان تعلق ۾ نه رهي هجي. هو
سمجهندو آهي ته تجربيڪار عورت شاديءَ جي شروعاتي
جذباتي جوش کان پوءِ وري نواڻ جي شوق جو شڪار ٿي
ويندي، پر هو پنهنجو تجزيو نه ڪندو آهي. هن جا
احساس شاديءَ جي ان پراڻي رسم تي ٻڌل آهن جڏهن
عورت پئسن سان خريد ڪئي ويندي هئي ۽ مرد جي ملڪيت
ٿي ويندي هئي.
اهي حالتون بدلبيون ۽ شايد ته جڏهن عورت جي
خوداختياري مڪمل ٿي ويندي ۽ ڄم روڪ جا اوزار جنسي
لاڳاپن کي اولاد کان الڳ ڪري ڇڏيندا، تڏهن مرد به
عورت کي ان معيار تي پرکيندو جنهن تي هو پاڻ کي ٿو
پرکي. اهڙيءَ طرح اسان جو پراڻو اخلاقي نظام
پوريءَ طرح ختم ٿي ويندو، پر ان جي خاتمي کان اڳ
مرد جي انانيت ۽ غيرذميواريءَ جي ڪري عورت کي
تڪليفون سهڻيون پونديون. آزاد محبت رڳو مرد کي
آزادي ٿي ڏئي پر ڪنهن ڏينهن عورت پنهنجي زندگيءَ
جون واڳون پنهنجي هٿن ۾ وٺندي ۽ مامتا کيس ڪنهن
نواڻ پسند مرد جو محتاج نه ڪندي. ڪنهن ڏورانهين
آئيندي ۾ اسان ڪنهن ڏينهن شايد عورت کي مرد جو
محتاج بڻائڻ کانسواءِ ٻارن جي نيپاج جي ڪا واٽ
ڳولهي ڪڍنداسين. ان وقت آزاد محبت سڀني لاءِ نعمت
هوندي پر تيستائين اسان کي قانون جو پابند رهڻ
گهرجي. عورت جي ذهن ۾ آزاد محبت ۽ رفاقت واري
شاديءَ جا تصور منجهي پيا آهن. رفاقت واري شاديءَ
جي قانوني تشريح اها آهي ته اهڙي قانوني شادي جنهن
۾ ويم روڪ جي قانوني اجازت هجي ۽ بنان اولاد وارن
جوڙن کي هڪ ٻئي جي رضا خوشيءَ سان طلاق جو حق حاصل
هجي ۽ گهڻو ڪري ان خرچ پکي کانسواءِ هجي جيڪو مڙس
طلاق واري زال کي ڏيندو آهي. ان ۾ رڳو ”خرچ پکي“
واري ڳالهه کانسواءِ ڪابه خوفناڪ ڳالهه ڪانهي ۽
اها ان عام شاديءَ کان گهڻو الڳ به نه آهي. هڪ ٻئي
جي رضامنديءَ سان بنان اولاد واري جوڙي جي طلاق،
جهيڙي يا هڪ ٻئي سان بيوفائي جي نتيجي ۾ طلاق کان
بهتر آهي ماڻهن کي رڳو اهو انديشو آهي ته اهو تصور
مرد ۽ عورت جي برابريءَ کي مڪمل ڪري ٿو ڇڏي، تمام
جلد امير گهراڻن جي عيش پسند عورتن جي ڪري هيءَ
نازڪ جنس ٿڪل مرد جي انتقام جو مرڪز بڻجڻ واري
آهي. شاديءَ جو نمونو بدلجي پيو. هاڻي شادي بيڪار
عورتن کي برداشت نه ڪندي جن جي ڪيترن گهرن ۾ رڳو
خوفناڪ نماءَ واري حيثيت آهي. مرد پنهنجن زالن کي
دعوت پيا ڏين ته هو پاڻ ڪمائن ۽ پنهنجو خرچ پورو
ڪن. رفاقت واري شاديءَ ۾ ٻار پيدا ڪرڻ تائين عورت
کي پاڻ ڪمائڻو آهي عورت جي آزادي تڏهن مڪمل ٿي
سگهي ٿي جڏهن هوءَ پنهنجي روزي پاڻ ڪمائي ۽ اها ئي
صنعتي انقلاب جي بيرحم منطقي حد آهي، عورت ڪارخاني
۾ مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪندي، هوءَ محنت
۽ اجوري، فرضن ۽ حقن ۾ مرد جي معزز شريڪ هوندي، ان
جو نالو آزادي آهي.
اهو ماڻهو تعريف جي لائق آهي جنهن پراڻن عقيدن سان
مقابلو ڪري جديد شاديءَ جي آزارن جو اهو علاج پيش
ڪيو آهي. پر اهو نهايت سخت علاج آهي. ان کي ڪوبه
ماڻهو تيستائين صحيح نه سمجهندو جيستائين عورت جي
معاشي خودمختياري مڪمل نه ٿي ويندي جيئن اسان ڏسي
آيا آهيون ته مرد فطري طور هوس ناڪ ۽ نواڻ پسند
آهي. هن کي اهڙي شادي گهرجي جنهن ۾ جيئن ئي سندس
ساٿيءَ مان نواڻ واري ڪشش ختم ٿئي ته نئين ڪشش ۽
نوان قلعا فتح ڪرڻ لاءِ هن جي بيتابي شروع ٿئي.
جلد ئي هو الوداع چئي. رفاقت واري شاديءَ ۾ ڌرين
جي مرضيءَ سان ٿيل طلاق واري ڳالهه کي ڪا ايتري
اهميت ڪانهي. نئين دور جي عورت ترت طلاق جي
درخواست منظور ڪري ڇڏيندي. هاڻي هوءَ پاڻ ڇا ڪندي.
هوءَ پاڻ هڪ دفعو وري آزاد صنعت جي ٿي ويندي، صنعت
جي جهنم ۾ پاڻ کي اُڇلائيندي ۽ هن جي وقعت مرد کان
تمام گهڻو گهٽجي ويندي.
هي عام مشڪلاتون آهن جن کي تجربو گهٽائي ۽ وڌائي
سگهي ٿو. هن علاج ۾ سڀ کان تعميري جزو هي آهي ته
هن ۾ نوجواني ۾ شادي ڪرڻ جي ڳالهه ڪيل آهي، اهوئي
اسان جي اخلاقي مسئلي جي جان آهي. اسان جيڪڏهن
ڪنهن نموني شاديءَ جي فطري عمر کي بحال ڪري سگهون
ته جسم فروشي، لڪل مرضن، غير صحتمند پاڪيزگي ۽
جنسي بي راهه رويءَ ۾ فوراً گهٽتائي اچي ويندي.
وري ٿورو غور ڪيو ته ڪيترا ماڻهو انهن شخصيتن سان
شادي ڪري سگهن ٿا جن کي هو سڀ کان وڌيڪ چاهين ٿا،
جوانيءَ جا جذبا اسان جي مالي خوداختياريءَ کان اڳ
ئي جاڳن ٿا، اسان شاديءَ جي عظيم تجربي کان
نٽائيندا آهيون ۽ محبت کي ختم ڪري ڇڏيندا آهيون،
جوانيءَ جي شروعات واري محبت تازي ۽ اونهي هوندي
آهي. ٽيهن سالن جي عمر کانپوءِ ڪوبه مرد جوانيءَ
جي جوش ۽ پاڻ ارپڻ واري جذبي سان محبت نٿو ڪري
سگهي. پهرين محبت روح ۾ جيڪا پاڻ ارپڻ واري ڪيفيت
پيدا ڪندي آهي اها هڪ سال جي ميلاپ ۽ آزمائش سان
ختم نه ٿيندي آهي. ڇوڪري جي معصوم هوس ۽ ڇوڪريءَ
جو بي ڊپائتو اعتماد زندگيءَ کي هميشه خوش رکندو ۽
ساري زندگي هنن کي انهن ڏينهن جي يادگيريءَ جي
خوشبوءِ ايندي رهندي. پهرين محبت جي شاديءَ جو
تصور ڪيو، نئين جوڙي رهڻ لاءِ ڪو سوڙهو ۽ اونداهو
ڪمرو نه ورتو آهي پر اهڙي هنڌ گهر ورتو آهي جتي
قدرت جي معصوميت گهڻي ڀاڱي اڃا قائم آهي، گهر کي
سينگارڻ لاءِ ڪيترا بحث ٿيندا آهن. ڇا ڇا وٺجي ۽
ڪٿي ڪٿي رکجي. زال مڙس گهر جي باغيچي ۾ گل
لڳائيندا آهن ۽ انهن سان گڏ پاڻ به ٽڙندا آهن، گهر
کي رنگن، نغمن، ڪتابن ۽ دوستن سان وسائيندا آهن، ۽
بازار جي رونق کان وڌيڪ پرڪشش بڻائيندا آهن ۽ نيٺ
هڪ ٻار جي ارڏائين ۽ مسرتن سان گهر جي تڪميل ٿي
ويندي آهي. اسان سدائين شاديءَ جي پابندين جو مذاق
اڏائيندا آهيون پر اسان جي دلين ۾ انهن ڏينهن جي
ياد هميشه ڪنڊي وانگر چڀندي آهي جن ڏينهن ۾ محبت
جوان هئي.
نئين جواني جي شاديءَ لاءِ ڪيترا اعتراض ٿي سگهن
ٿا. نصيحتون ڪرڻ اجايو آهي، نوجوانن جي مالي
احتياط کي اسين اخلاقي نصيحتن سان ختم ڪري نٿا
سگهون، پر نوجوان پاڻ نه، هنن جا ماءُ پيءُ کين
دير سان شادي ڪرڻ جون نصيحتون ڪندا آهن ۽ مٿن مالي
پابنديون وجهي ان کي ممڪن بڻائيندا آهن. ان کان
وڌيڪ اسان جوشيلي جوانيءَ کان ڇا ٿا گهري سگهون.
اسان کي پيءُ ماءُ کي اهو سمجهائڻ گهرجي ته هو
پنهنجي اولاد جي شاديءَ کي ملتوي ڪري انهن ۾ جنسي
بي راهه روي پيدا ٿا ڪن. سياڻپ ان ۾ آهي ته تندرست
نوجوان جي شاديءَ ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن، هنن کي
پوري پوري مالي امداد ڏني وڃي ته جيئن هنن ۾ مالي
مضبوطي اچي ۽ هنن ۾ زندگيءَ جي مشڪلاتن کي منهن
ڏيڻ جي طاقت وڌي. اها امداد عزت وارو قرض هوندي،
جيڪا سندن اولاد کين ادا ڪري ڇڏيندي. ان ۾ ڪنهن کي
نقصان ڪونهي. هر شخص فائدي ۾ رهندو، ڪو زمانو اهڙو
به هو جو ماءُ پيءُ اهڙي فراخدلي ڏيکاريندا هئا.
اهڙيءَ امداد سان هڪ محتاط نوجوان به محبت جو سڏ
سڻي وٺندو ۽ نوجوان به جيڪو شادي ڪرڻ لاءِ تيار
هجي اهو هن چوڻيءَ جي سچ کي سمجهي ويندو ته ”خدا
تنهنجي حفاظت ڪندو“ غيرت هن ۾ جرائت پيدا ڪندي، هن
جي ٻانهن کي ٻَلُ ڏيندي ۽ هن کي همت ۽ ارادي جي
مضبوطي عطا ڪندي، ذميداري جون مجبوريون هن جي
شخصيت ۾ گهرائي پيدا ڪنديون ۽ شادي هن کي مرد
بڻائي ڇڏيندي. جيڪڏهن ڪا ٻي واٽ نه هجي ته پوءِ
شاديءَ کان اڳ ڇوڪريءَ کي ڪو ڪم ڪرڻ گهرجي،
ڇوڪريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهر جي سينگار جو نازڪ سامان
بڻجڻ کان بهتر آهي. شاديءَ ۾ دير ڪرائڻ کان چڱو
آهي ته نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون شادي ڪري ٻار ڄڻڻ ۾
دير ڪن. اسان لاءِ ضروري آهي ته اسين شادي ۽ ٻار
ڄڻڻ جي عمل کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪيون ته جيئن اسان
شاديءَ کي جنسي عمل کان ڌار ڪرڻ کي روڪي سگهون.
جيڪڏهن ڪو مرد ان ذميواريءَ کانپوءِ به سستيءَ کان
ڪم وٺي ته اهڙي مرد جو علاج اهوئي آهي ته هن کي
پيءُ بڻجڻ گهرجي. ٻار هن ۾ مردانگيءَ واري غيرت
پيدا ڪندو، پر ڏسڻو آهي ته هن ۾ مردانگي آهي يا
نه.
ٻي ڏکيائي اها آهي ته نوجوان گهڻو ڪري دنيا جي
حالتن کان اڻ واقف هوندا آهن. نٽشي چيو هو ته
”جڏهن ڪو مرد محبت ۾ ورتل هجي ته هن کي پنهنجي
زندگيءَ جي باري ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان جنون جي ڪري
سماج ۾ پنهنجي لاءِ ڪو ڪردار مقرر ڪرڻ جي اجازت نه
هئڻ گهرجي. اسان کي وڏي واڪي عاشق ۽ معشوق جي هڪ
ٻئي سان واعدن کي غلط چوڻ گهرجي ۽ کين شاديءَ جي
اجازت ڏيڻ نه گهرجي.“ اها ڳالهه صحيح آهي ته جواني
انڌي هوندي آهي انڪري ڪو عقل وارو فيصلو ڪري نه
سگهندي آهي. پر محبت پوڙهائپ ۾ نه ٿيندي آهي. شايد
ته اسان کي ڪنهن به وقت ڪنهن آخري فيصلي ڪرڻ جي
اجازت نه هئڻ گهرجي، اها ڳالهه به حتمي نه آهي ته
مرد ويهن سالن جي عمر کان ٽيهن سالن جي عمر ۾ سٺي
زال جي چونڊ ڪري سگهندو آهي ۽ ڇاڪاڻ ته سڀ مڙس ۽
زالون بنيادي طرح هڪجهڙا هوندا آهن انڪري ان ڳالهه
سان ڪو گهڻو فرق نٿو پوي. جيڪڏهن ڪو مڙس پنهنجي
زال سان مطابقت پيدا ڪري نٿو سگهي ته گهڻو ڪري ان
جو سبب هن جي پنهنجي ڪردار يا رويي جي خامي هوندو
آهي. جيڪڏهن هو ڪنهن ٻي عورت سان شادي ڪندو ته به
سندس انجام اهو ئي ٿيندو. طلاق هڪ سفر آهي. جيڪڏهن
اسان پاڻ کي نٿا بدلائي سگهون ته اهو سفر بيڪار
آهي. اها بهرحال حقيقت آهي ته نوجوان اڻڄاڻ هوندا
آهن. پر اها به حقيقت آهي ته انهن معاملن ۾ هرڪو
اڻڄاڻ هوندو آهي. اسان مان ڪهڙو مرد عورتن کي
سمجهي ٿو ۽ انهن سان صحيح ورتاءُ ڪري سگهي ٿو،
اڻڄاڻائيءَ کي گهٽائڻ لاءِ بهتر آهي ته شاديءَ کان
ڇهه مهينا اڳ مڱڻي جي پراڻي رسم کي بحال ڪيو وڃي.
ان عرصي ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ذهني طرح سان هڪ ٻئي کي
سمجهي سگهندا. شايد ان عرصي ۾ هو هڪ ٻئي سان زال ۽
مڙس وانگر وڙهڻ به شروع ڪن، اهڙيءَ طرح شاديءَ کان
اڳ ئي کين الڳ ٿيڻ جو موقعو ملي ويندو. ڇهن مهينن
جو اهو عرصو اسان جي شاديءَ کي اهو حسن ۽ اخلاقي
قوت عطا ڪندو جنهن جي ان کي سخت ضرورت آهي.
آخري ۽ سڀ کان ڏکي ڳالهه اها آهي ته تجربي جي پڪي
ٿيڻ کان پهرين ئي نوجوانن کي اهو ذهن نشين ڪرايو
وڃي ته هو هڪ اهڙي گهر ۾ داخل ٿي رهيو آهي جيڪو
سندس لاءِ ساري زندگيءَ جو قيدخانو ٿي سگهي ٿو.
جيڪڏهن ننڍي عمر جي شاديءَ کي ڪامياب بڻائڻو آهي
ته پوءِ ان گهر ۾ داخل ٿيڻ سان گڏ ان مان نڪرڻ جو
رستو به هئڻ گهرجي ۽ ڌرين جي رضامنديءَ سان طلاق
ٿيڻ گهرجي. پر ائين چوڻ ته طلاق هڪ نهايت ڏکوئيندڙ
حقيقت آهي ۽ شادي مرد ۽ عورت جي خوشيءَ لاءِ نه پر
ٻارن جي نيپاج لاءِ ڪئي ٿي وڃي، انڪري طلاق نه ٿيڻ
گهرجي، غلط آهي. اهو ڪير ٿو چئي ته ڌرين جي
رضامنديءَ سان طلاق جي ڪري طلاق جو انگ وڌي ويندو
يا ٻارن جي نيپاج ۽ تربيت لاءِ اهي ماءُ پيءُ سٺا
آهن جيڪي نه هڪ ٻئي سان محبت ٿا ڪن ۽ نه هڪ ٻئي تي
اعتماد ٿا ڪن پر پوءِ به ٻارن جي مجبوري جي ڪري گڏ
ٿا رهن يا اهي جيڪي هڪ ٻئي جي مرضيءَ سان جدا ٿا
ٿين، اسان جيڪڏهن مرد ۽ عورت جي مرضيءَ سان طلاق
کي رد ڪري ڇڏيون ته پوءِ جدا ٿيڻ لاءِ هنن ۾
ٽڪراءُ ٿيندو جنهن مان خبر پوندي ته اسان جي سندن
مرضيءَ سان طلاق کي رد ڪرڻ واري ڳالهه ڪيتري نه
غلط هئي، طلاق کان اڳ مرد ۽ عورت کي آزمائشي طور
ڪجهه عرصي لاءِ هڪ ٻئي کان الڳ رهڻ گهرجي ته متان
ان عرصي ۾ هو عقل کان ڪم وٺن، متان مرد ۽ عورت
اڪيلائيءَ کي پاڻ ۾ جهيڙي کان وڌيڪ خراب سمجهن ۽
هڪ ٻئي کان پري رهڻ سان هنن تي هڪ ٻئي جون اهي
چڱايون ظاهر ٿين جيڪي ويجهي رهڻ جي ڪري لڪل هيون.
آمريڪي ڪانگريس جي هڪ ميمبر ۽ سندس زال گڏجي طلاق
جي درخواست ڏني جيڪا ان بنياد تي رد ٿي وئي ته هنن
ڪنهن به خدائي قانون جي ايڏي ڀڃڪڙي نه ڪئي هئي ۽
نه ئي ڪو انساني قانون ٽوڙيو هو جو هنن لاءِ طلاق
ضرور ٿئي ۽ طلاق لاءِ هنن گڏجي پنهنجي جيڪا مرضي
ڏيکاري هئي ان تي طلاق ٿي نٿي سگهي، هنن کي ساري
زندگيءَ لاءِ هڪ ٻئي سان جڪڙيو ويو. اهڙيون حالتون
زنا جي ترغيب ڏين ٿيون. ڪيترن سالن کان جپان ۾
ٻنهي ڌرين جي مرضيءَ سان طلاق ٿي ويندي آهي پر
پوءِ به اتي طلاق جو سراسري انگ آمريڪا ۾ طلاق جي
انگ کان گهڻو گهٽ آهي. روس ۾ 1907ع کان اهڙي قسم
جو قانون نافذ آهي. روم ۾ اهڙو قانون هو جنهن کي
پوءِ بوناپارٽ پنهنجي آئين ۾ شامل ڪيو هو پر
بوربون خاندان جي جاهل فردن ان کي رد ڪري ڇڏيو هو.
اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن ٿي سگهي ته اهڙي ترميم ڪئي
وڃي ته شايد ان سان طلاق جي انگ ۾ ڪو اضافو نه
ٿئي، پر ان ترميم سان اسان جو ۽ اسان جي عدالتن جو
اخلاق گهڻو بهتر ٿي ويندو. اسان کي خبر نه آهي ته
اسان جي انهن تجربن جو نتيجو ڇا نڪرندو. شايد جيڪو
نتيجو نڪرندو سو اسان جي خواهشن مطابق نه هوندو.
اسان هڪ انقلاب جي لهرن ۾ ٿا لڙهون ۽ پڪ سان اهڙن
هنڌن ڏانهن وهندا ٿا وڃون جن جو اسان جي خواهشن
سان ڪو واسطو ڪونهي. رسمن رواجن ۽ ادارن جي ان بي
بنياد تبديليءَ سان الائجي ڪهڙيون حالتون پيدا
ٿين. اسان جي شهرن ۾ جتي گهرن جي اهميت ختم ٿيندي
ٿي وڃي اتي هڪ شاديءَ جو رواج به گهٽبو ٿو وڃي.
جيئن جيئن ٻار ڄڻڻ لاءِ شاديءَ جو ارادو گهٽبو
ويندو تيئن تيئن رفاقت واري شادي جو رواج وڌندو
ويندو ۽ آزاديءَ سان گڏ رهڻ جي اجازت هوندي يا نه
هوندي پر ان جو رواج وڌي ويندو ۽ جيتوڻيڪ آزادي
سان گڏ رهڻ مرد لاءِ فائدي وارو هوندو پر عورت ان
کي شادي کان الڳ واري بيڪار اڪيلائي کان وڌيڪ سٺو
سمجهندي. مرد ۽ عورت لاءِ اخلاق جو ٻٽو معيار ختم
ٿيندو ۽ ٻنهي لاءِ هڪ جهڙو معيار هوندو ۽ عورت ان
ڳالهه ۾ مرد جي اهل ڪندي ته شاديءَ کان پهريان
جنسي تجربا حاصل ڪري. طلاق جو انگ وڌي ويندو ۽ ٽٽل
۽ ڀڳل رفاقتن جا هر شهر ۾ ٽڪرا وکريل هوندا.
شاديءَ جو ادارو هڪ نئين صورت وٺندو عورت جڏهن
پوريءَ طرح صنعت جو شڪار ٿي ويندي ته پوءِ هر طبقو
ڄم روڪ اختيار ڪندو، ٻار ڄڻڻ عورت جي زندگيءَ جو
هڪ حادثو ٿي ويندو ۽ ٻارن جي پرورش گهرن جي بدران
سرڪاري ادارن ۾ ٿيندي.
4- ٻار پيدا ڪرڻ:
هڪ شادي رفاقت جو بهترين قسم آهي، شاديءَ جو معراج
اهو آهي ته مرد ۽ عورت مرڻ گهڙيءَ تائين گڏ رهن.
اهوئي مقصد هوندو آهي جنهن لاءِ هڪ سچو عاشق
شاديءَ جو واعدو ڪندو آهي، طلاق ميدانِ جنگ مان
ڀڄڻ واري بزدلي لڳندي آهي. جيڪو ماڻهو نون نون
محبوبائن جو شوقين هوندو آهي ان جي شخصيت مٿاڇري ۽
ڦرندڙ گهرندڙ هوندي آهي. مضبوط شخصيت وارا مرد ۽
عورتون فرار اختيار ڪرڻ جي بدران ان خيال کان
پنهنجن مشڪلاتن کي منهن ڏيندا آهن جو هو سمجهندا
آهن ته هر ميدان ۾ کين اهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو
پوندو. جڏهن لاڳاپن ۽ گڏيل سهڪار سان اهو ڏکيو دور
ختم ٿيندو ته انهن جو کين اجر ملندو، هنن جي دل ۾
هڪ سدائين لاءِ رهندڙ محبت جو جهنڊو هوندو، جنهن
جو اظهار ٻارن جي تربيت جي گڏيل ذميواري جي صورت ۾
ٿيندو رهندو ۽ زندگيءَ جي هزارين لاهن چاڙهن ۾
جسماني خواهش جي وقتي جوش جي جاءِ والاريندو ۽ ٻه
دليون ۽ دماغ هڪ ٿي ويندا. جڏهن روح جي اها آزمائش
پوري ٿيندي تڏهن کين محبت جي ڪمال جو شعور ٿيندو
پر اهو ڪمال ٻارن کانسواءِ حاصل ٿي نٿو سگهي. ٻارن
لاءِ ئي شاديءَ جو رواج پيو هو ان جو مقصد مرد ۽
عورت جو جسماني ميلاپ به هو پر ان کان وڌيڪ ان جو
مقصد عورت ۽ مرد کي اولاد سان وفا ۽ پيار جي ناتي
۾ ڳنڍي نسل کي قائم ۽ جاري رکڻ هو. اسان ڪيترا به
آزاد خيال ٿي وڃون، ماضيءَ جي تعصبن کان مٿاهان ٿي
وڃون پر تڏهن به اها عورت جيڪا ڄاڻي واڻي ٻار نٿي
ڄڻي اها اسان ۾ اڻ وڻندڙ ۽ مريضاڻو تاثر پيدا ڪندي
آهي. معروضي حسن داخلي مسرت وانگر فطري مقصدن جي
پورائيءَ سان پيدا ٿيندو آهي انڪري اهي عورتون
جيڪي ٻار پيدا نه ٿيون ڪن عجيب کل جهڙيون لڳنديون
آهن، اهي ڪڏهن به اسان کي يقين ڏياري نه ٿيون سگهن
ته کين دل جو آرام ۽ اطمينان نصيب آهي. جيڪڏهن
ڪنهن عورت پنهنجي قوت مامتا جي بدران ڪنهن ٻئي
طريقي سان صرف ڪئي ته فطرت ان کي برداشت ڪندي پر
جيڪڏهن هوءَ غير مطمئن ٿي هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، هڪ
مرد وٽان ٻئي وٽ، هڪڙي شغل کان پوءِ ٻيو شغل
ڳولهيندي رهندي ۽ ڪٿي به کيس پنهنجي دلچسپين جو
مرڪز نه ملندو ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هن
محبت جي فطري مقصد کي وساري ڇڏيو آهي. نٽشي چيو هو
”عورت هڪ مامرو آهي جنهن جو حل ٻار آهي.“
نئين دور جي عورت اهڙن پراڻن خيالن تي کلندي ۽
چوندي ته اهو زمانو گذري ويو جڏهن کيس ٻار ڄڻڻ جي
مشين سمجهيو ويندو هو. ڪوبه شخص جنهن کي تاريخي
شعور آهي. ڪنهن عورت کي چئي نٿو سگهي ته هوءَ ڪنهن
ڳوٺاڻي عورت وانگر هڪ وڏي ڪٽنب جو بنياد رکي. جيڪو
شخص اهو ڄاڻي ٿو (سوائي انهن ڳوٺاڻن کان جيڪي اڃان
تائين اسان جي قانون جوڙيندڙ ادارن تي حاوي آهن)
ته مشينن جي گهڻائي ۽ موت جي انگ ۾ گهٽتائيءَ وڏي
انگ ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي ضرورت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن اسان سمجهون ٿا ته سماج جي ڀلائي ۽ ترقي
وڏي آدم شماريءَ ۾ آهي ته اهو انڪري ٿا سمجهون جو
اسان تعداد کي وڏي اهميت ڏيئي پنهنجو پاڻ کي فريب
۾ ٿا رکون. يا وري اسان فوجي طاقت حاصل ڪرڻ ۽
بيٺڪي راڄ قائم ڪرڻ ٿا گهرون، يا اسان جي ذهن ۾
آباديءَ جي لحاظ کان زرخيز چين جو تصور آهي. جنهن
جو وهڪرو مغرب ڏانهن آهي. پر تعداد سان ڪڏهن به
جنگ نه کٽبي آهي. جنگ هميشه ذهن ۽ هٿيارن سان کٽبي
آهي. پر جڏهن چيني مشينن جي معاملن ۾ اسان جي
برابري ڪرڻ شروع ڪندا تڏهن اهي به آباديءَ تي
پابندي لڳائڻ جا اهي ئي ذريعا استعمال ڪندا جيڪي
اسين ڪندا رهيا آهيون. وڏن ڪٽنبن جي اڄ نه قوم کي
ضرورت آهي ۽ نه اخلاق کي ۽ جڏهن اسين چؤن ٿا ته
عورت کي هڪ خاص حد تائين مامتا جو فرض پورو ڪرڻ
گهرجي ته رڳو انڪري جو ان سان سماج جي نه پر هن جي
پنهنجي تڪميل ۽ مسرت جا امڪان پيدا ٿين ٿا.
ٻار نه هجن ته شاديءَ جو گل ڪومائجي ويندو آهي ۽
ٻارن سان اهو گل ٽڙي پوندو آهي. ان کان اڳ شادي هڪ
واپاري معاهدي وانگر هئي جنهن جو مقصد جسماني
ضرورتن جي پورائي هو. هاڻي شادي پنهنجو فطري مقصد
پورو ڪندي آهي. ننڍين ننڍين شخصيتن کي هڪ وسيع ڪُل
۾ ڳنڍيندي آهي ۽ اهو اتحاد هڪ شاداب ٻوٽي وانگر
اسرندو آهي. عورت کي انهن ڏکيائين مان عجيب سڪون
ملندو آهي جنهن ۾ هڪ خاموش مزو لڪل هوندو آهي.
هوءَ پنهنجي بيڪاري ۽ عيش ۾ ايڏي خوش نه هئي.
جيتري انهن فرضن ۽ پابندين ۾ خوش آهي جن سان هن جي
تڪميل ٿيندي آهي. ظاهريءَ طرح هوءَ پنهنجي سک ۽
آرام کي نسل جي لاءِ قربان ڪندي آهي ۽ مرد هن کي
ڏسي هن سان ٻيهر محبت ڪرڻ شروع ڪندو آهي. هيءَ هڪ
نئين عورت آهي. نئين صلاحيتن سان ڀريل، ان صبر ۽
نرم دليءَ واري خاصيتن سان معمور آهي جيڪي پهرين
محبت جي شدت ۾ نظر نه اينديون هيون. هاڻي هن جو
منهن پيلو آهي ۽ هن جي شڪل ۾ بدمعاش اکين لاءِ ڪشش
ڪانهي. هن جي مڙس کي لڳندو آهي ته هوءَ موت جي واٽ
مان هن لاءِ هڪ اهڙو وڏو قيمتي تحفو کڻي آئي آهي
جنهن جو عيوضو هو ڏيئي نه سگهندو. اڻ وڻندڙ ڪم
هاڻي وڻندا آهن ۽ اهو گهر جيڪو اڳ رڳو چارديواري ۽
بسترو هو هاڻي نئين زندگيءَ جي خوشين سان ڀريل ٿو
نظر اچي ۽ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مرد پاڻ کي مڪمل
محسوس ٿو ڪري.
ٻار پيدا ڪرڻ سان مرد رڳو سماج ۽ نسل جي فرد هجڻ
جا فرض ادا نه ڪندو آهي پر پنهنجي تڪميل به ڪندو
آهي. هو انهن ذميوارين کي قبول ڪندو آهي جيڪي بالغ
ٿيڻ سان هن تي پونديون آهن. هو پيءُ ٿيڻ واري
پنهنجي جبلت جي تسڪين ڪندو آهي ۽ ٻارن کي پنهنجي
پوڙهائپ جي خوشيءَ جو ضامن سمجهندو آهي ۽ گهڻي
ڀاڱي موت جي صياد کان بچي ويندو آهي. موت اسان جو
گوشت ۽ رت کڻي ويندو آهي ۽ جوانن لاءِ جاءِ پيدا
ڪندو آهي. پر اهي جوان اسان جو رت، اسان جي زندگي
۽ اسان جو روح آهن. اسان موت کي پنهنجي زندگيءَ جو
رڳو هڪ حصو ڏيندا آهيون ۽ اسان جي زندگيءَ جو بچيل
حصو، اسان کان نيپاج وٺي، زندگيءَ جي وهڪري مان
نئون جسم وٺندو آهي. اسان جا ٻار اسان کي ڏک ڏيندا
آهن پر اهي اسان کي تمام گهڻي خوشي به ڏيندا آهن
جيڪا محبت جي نشي کان به وڌيڪ مستي ڏيندڙ هوندي
آهي. مرد کي تڪميل حاصل ڪرڻ گهرجي پر هڪ الڳ شخصيت
وانگر نه جيڪو مقابلي جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي، پر هڪ
وسيع شخصيت جي جُزَ جي حيثيت ۾، هڪ عاشق جي حيثيت
۾ جيڪو وٺڻ کان وڌيڪ ڏيندو آهي، هڪ پيءُ جي حيثيت
۾ جيڪو نسل جي بقاءَ لاءِ خوشيءَ سان زندگيءَ جي
تسلسل ۽ بقا ۾ شريڪ ٿيندو آهي ڇاڪاڻ ته جُزَ جي ڪل
سان سهڪار ئي اخلاق جي جان، زندگيءَ جو راز ۽
خوشيءَ جو سرچشمو آهي. |