سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:12 

باب ٻارهون

شخصيتن جي نئين سر تعمير

1- شخصيت جا جزا

ٻارن جي ذهني ۽ اخلاقي تربيت جو ذڪر ٿي چڪو، هاڻي وڏن جي ٿا ڳالهه ڪيون، ڇا اسان وڏن وٽ ڪو اهڙو طريقو آهي جنهن سان اسان پنهنجي شخصيتن کي بهتر بڻائي سگهون.

هن زور آور ۽ ڳتيل دور ۾ هڪ ذهين دماغ لاءِ هي نادر موقعو آهي ته هو سائنس جي پيداش تي نظر رکي، تجربيگاهن ۾ جيڪو شور متل آهي ان مان ظاهر آهي ته فلاسافي، جيڪا ناشڪرگذار سائنس جي ماءُ آهي، هڪ ٻئي ٻار کي جنم پئي ڏئي ۽ ذهن جو مطالعو مابعدالطبعيات جي اونداهيءَ ڪک مان آهستي آهستي مشاهدي ۽ تجربي جي روشنيءَ ۾ ايندو ٿو وڃي. اڃا تائين ڄمڻ جو عمل پورو نه ٿيو آهي ايستائين جو فرائڊ وٽ به هي ٻار اڃا تائين پنهنجي ماءُ سان لاڳاپيل آهي ۽ نظريي ۽ ڏندڪٿا جي وچ ۾ هن جو ساهه ٿو ٻوساٽجي.

اڄ نفسيات جو مقام اهوئي آهي جيڪو ٽي سؤ سال اڳ طبعيات جو هو جڏهن فرانسس بيڪن ”ايڊوانسمينٽ آف لرننگ“ لکيو هو ۽ ايڏي جرائت سان لکيو هئائين جو هن نشاة الثانيه جي جرائت کي به حيران ڪري ڇڏيو هو. بيڪن سائنس لاءِ هڪ منشور تيار ڪيو هو ۽ انهن اهم مسئلن ڏانهن اشارو ڪيو هو جنهن کي حل ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ انهن ڪاميابين جي اڳڪٿي ڪئي هئي جيڪي ان علم سان اسان کي حاصل ٿي سگهيون ٿي. اڄ اهي حقيقت بڻجي چڪيون آهن ۽ بيڪن جي تصور کان به اڳتي وڌي ويون آهن، طبعيات ۽ ڪيميا، حساب ۽ مڪينڪس دنيا جي شڪل ائين بدلائي آهي جو دنيا ماڻهوءَ جي مرضيءَ جي محتاج ٿي پئي آهي. رڳو ماڻهوءَ ۽ سندس عزم ۽ سندس شخصيت ۾ ڪو تفاوت ڪونه آيو آهي.

ٿي سگهي ٿو ته نفسيات به اهڙيون ڪاميابيون ماڻڻ واري هجي، جيڪڏهن ڪو ٻيو بيڪن ان جي مسئلن جي وضاحت ڪري ۽ ان جي ڪاميابين جي اڳڪٿي ڪري ته ڇا دنيا ان تي يقين ڪندي؟ اسان هڪ عظيم ۽ نئين سمنڊ جي ڪناري تي بيٺا آهيون، جيڪو اڃا تائين وهمن ۽ ڏندڪٿائن جي اوندهه ۾ وڪوڙيل آهي. اسان ان جي فاصلن ۽ رستن کان واقف نه آهيون ۽ اسان کي خبر ڪانهي ته ڪيترا خوشين سان ڀريل جزيرا ان جي هن پار آهن. پر هيءَ نئين سائنس وڌندي ۽ آزمائشون ڪندي تعصب ۽ جهالت جي بادلن ۾ پاڻ پنهنجو رستو ٺاهيندي ٿي رهي. سو ورهين کان پوءِ نفسيات اُتي هوندي جتي اڄ طبعيات آهي يعني روڊان جي ڪنهن بت وانگر اڻ پوري پر ڳولاؤ، سائنس جو هٿ هن جي ”ذهن“، ”دل“ يا ”روح“ تي هوندو ۽ اسان جي وکريل ارادن جي ڪچي مال کي نئون علم هڪ اعليٰ نسل جي طاقت ۽ رحمدليءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو.

اسان بنيادي طرح پنهنجو پاڻ ۾ دلچسپي وٺندا آهيون ۽ نفسيات جيڪا رڳو مجرد خيالن تي ٻڌل نه آهي. ان جو اسان سان واسطو آهي. اها هڪ وڻندڙ ناٽڪ جهڙي آهي جنهن جا هيرو اسان پاڻ آهيون، اسان نيٺ ڇا آهيون؟ باندر يا ديوتا؟ يا اهڙا باندر جيڪي ديوتا ٿيڻ وارا آهن؟ آخر ”انساني فطرت“ ڇا آهي جيڪا انسان کي اڻٽر الميي ڏانهن وٺي ويندي آهي. شخصيت ۽ عمل جا جزا ڪهڙا آهن؟ ڇا اهي ايترا وسيع ۽ گهرا آهن جو شخصيت ڪڏهن به بدلجي نٿي سگهي. ڇا اسان بيرن منشاؤزن وانگر پنهنجون پاڻ کي، پنهنجن بوٽن جي تسمن جيئان پنهنجي ورثي جي وهڪري مان ٻاهر ڪڍي سگهون ٿا؟ هن وقت اسان کي ٻيو سڀ وساري شخصيت جي نوعيت تي غور ڪرڻ گهرجي. اسان ان کي سمجهڻ ۽ ان جي مشاهدي لاءِ ان جا ٽڪرا ڪنداسين ۽ ٿي سگهيو ته انهن ٽڪرن کي پوءِ پاڻ ۾ ڳنڍينداسين.

پراڻي نفسيات انساني ڪردار تي غور ڪندي ماڻهن جي شخصيتن کي دموي، سوداوي، صفراوي، ۽ بلغمي سڀائن ۾ ورهايو هو. اهي لفظ هونئن ته عجيب ٿا لڳن پر انهن جو مطلب اهوئي آهي ته ماڻهو خوش طبع، غمگين، جوشيلا يا انگريزن وانگر بردبار سڀاءَ وارا هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انساني سڀائن جي اها ورڇ صحيح هجي پر اهي لفظ رڳو وصفن ڏانهن اشارو ٿا ڪن. اهي انساني ڪردار جي وضاحت نٿا ڪن، جنهن جو تعين خانداني ورثي سان ٿيندو آهي. اهڙي ورڇ ڪرڻ وارن لاءِ اسان ايترو اندازو لڳائي ٿا سگهون ته انساني شخصيت جي باري ۾ هنن جو هڪ دلچسپ نظريو بدني نظريو هو جنهن جو تعين رت يا سودا، صفرا يا بلغم سان ٿيندو هو. ”بين“ Baine شخصيتن کي عقلي، جذباتي يا ارادي واري شخصيتن ۾ ورهايو جيڪي عقل، جذبات يا ارادي جي حاوي هجڻ سان ٺهنديون آهن، پر جيئن ته ارادي واري شخصيت جذباتي به ٿي سگهي ٿي (جيئن الزابيٿ يا سڪندر جي هئي) يا عقلي به ٿي سگهي ٿي (جيئن نيپولين ۽ سيزر جي) ۽ عقلي شخصيت جذباتي ٿي سگهي ٿي (جيئن افلاطون، ايپي لارڊ، والٽيئر يا نٽشي) اسان جنهن دروازي مان داخل ٿيا هئاسين ان مان ئي ٻاهر ٿا نڪرون. جيئن اسان ڏسي چڪا آهيون ته انسان جو مطالعي ڪرڻ جا ٻه طريقا آهن، هڪ طريقو ماحول کان شروع ٿو ٿئي ۽ ماڻهوءَ کي ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ واري مشين ٿو سمجهي، اهو فڪر کي شين ۾ ۽ ذهن کي مادي ۾ ٿو بدلائي، ۽ اسپينسر جي ماديت ۽ واٽسن جي ڪردار جي نظريي جو ويس ٿو پارائي. هي اهڙو نظريو آهي جنهن جا نمائندا وڏا وڏا مفڪر آهن جيئن ڊيموڪريٽس، ايپي ڪيورس، ليوڪريٽس، هابز ۽ نرم طبيعت وارو اسپونزا. حياتيات ۾ ان اسان کي ڊارون ۽ ”قدرت جي چونڊ“ جو نظريو ڏنو. اجتماعيت ۾ بڪل، اسپينسر ۽ مارڪس ڏنا ۽ اقتصادي اثرن ۽ غير شخصي ۽ غير ارادي وارن واقعن جي تصور سان تاريخ جي تشريح ڪئي.

ٻيو طريقو داخلي ڪيفيتن سان شروعات ٿو ڪري، هي انسان کي حاجتن، محرڪات ۽ خواهشن جو نظام ٿو سمجهي ۽ کيس ماحول جي مطالعي، استعمال ۽ ان تي حاوي ٿيڻ تي مجبور ٿو ڪري. هي شين کي فڪر ۽ مادي کي ذهن ۾ ٿو تحليل ڪري. هي نظريو ارسطوءَ جي روح مان شروع ٿو ٿئي ۽ برگسان ۽ ولئم جيمز جي اراديت ۾ ڪمال تي ٿو پڄي، انهن ٽن مفڪرن کانسواءِ افلاطون، ڊي ڪارٽ، لينٽز، ڪانٽ  ۽ شوپنهار به ان نظريي جا حامي آهن. حياتيات ۾ ان نظريي اسان کي ليمارڪ ۽ ارتقا جي نظريي جي تشريح ڏني ته ارتقا خواهشن جي لڳاتار ڪوششن سان عمل ۾ ايندي آهي. اجتماعيت ۾ ان اسان کي گوئٽي، ڪارلائل ۽ نٽشي ڏنا ۽ تاريخ جي تشريح ان نفسياتي اثر، ايجاد ڪرڻ واري ذهانت ۽ مضبوط ارادن جي تصورن جي ذريعي ڪئي. شخصيت جو اهو تجزيو جيڪو اسان پيش ڪرڻ وارا آهيون اهو هي ٻيو نظريو اختيار ٿو ڪري جيتوڻيڪ اسان انهن مشڪلاتن کان آگاهه آهيون جيڪي ان جي رستي ۾ اسان کي پيش اينديون. اهو طريقو انسان تي ماحول جو ايترو اثر ٿيندو نٿو ڏسي جيترو انسان کي ماحول کي بدلائيندو ٿو ڏسي. روڊ جي ڪناري وارو باغ ۽ آسمان ۾ اڏامندڙ جهاز ان ڳالهه جي علامت آهن ته ماڻهو ڪيترو عمل ڪرڻ وارو آهي. ان نقطئه نگاهه کان ماڻهوءَ جي شخصيت سندس جبلتي خواهشن جو مرڪب آهي. هي انهن جبلتن جو نظام آهي جيڪي ماحول، پيشي ۽ تجربي کان متاثر ٿينديون رهنديون آهن، هتي اسان انساني شخصيت جي بنيادي محرڪات جي فهرست ٿا ڏيون جيڪي انسان جي بنيادي صفتن ۽ حاصل ڪيل صفتن ۾ فرق ٿيون ٻڌائن.

شخصيتن جي خاصيتن جو نقشو

 

       جبلتون               عادتون              احساس

 

هاڪاري

ناڪاري

هاڪاري

ناڪاري

هاڪاري

ناڪاري

خوراڪ ڳولڻ

نٽائڻ

شڪار

صفائي

بک

دل ڀرجي وڃڻ

 

 

چيرڦاڙ

 

ظلم

 

 

 

گڏ ڪرڻ

 

طمع

 

 

 

حرص

 

 

 

وڙهڻ

ڀڄڻ

ويجهو وڃڻ

پٺتي هٽڻ

ڪاوڙ

ڊپ

 

 

تجسس

فيصلو نه ڪري سگهڻ

حيرت

شڪ

 

 

عمل

سوچ

 

 

 

 

حاوي ٿيڻ

ارپڻ

غرور

نوڙت

عمل

سمهڻ

کيڏڻ

آرام

خوشي

 

 

ڳالهائڻ

اڪيلائي پسندي

مخمل پسندي

 

 

 

اثروئڻ

 

 

 

 

 

اهل ڪرڻ

 

 

 

 

 

مقبوليت جي خواهش

 

 

غرور

شرم

هم بستري

انڪار

مخالف جنس جو قرب

ڳاڙهو ٿي وڃڻ

جنسي خواهش

انڪساري

والدين جي پرگهور

 

 

 

والدين سان محبت

 

اهي جبلتون، عادتون ۽ احساس انساني شخصيت جا اهڙا جزا آهن جيڪي سڀني ۾ آهن، هر مرد ۽ عورت ۾ آهن. اسان جون شخصيتون هڪ ٻئي کان انڪري جدا آهن جو اهي جزا ٻن شخصن ۾ ساڳئي مقدار ۾ ظاهر نٿا ٿين. اسان جو نسل ۽ اسان جو قبيلو اسان ۾ جبلتون پيدا ڪندو آهي، ماحول ان ڳالهه جو تعين ڪندو آهي ته اسان ڪهڙين شين جي ڳولها ڪيون ۽ ڪهڙيون عادتون اختيار ڪيون. خطري کان خالي ماحول اسان جي ڪاوڙ جي جذبي کي رعب ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي. خطرو وڌيڪ هوندو ته ڪاوڙ ۽ غضب چالاڪي ۽ مڪاريءَ ۾ بدلجي ويندا. جبلت ساڳي هوندي آهي پر ان جو اظهار ٻيو ٿي ويندو آهي. معمولي زخم فرار کي عقلمنديءَ ۾ بدلائيندو آهي. هڪ وڏو زخم بزدل بڻائيندو آهي، ائين ماڻهوءَ جو سمورو تجربو سندس جبلتن کي اُڀارڻ ۽ دٻائڻ جو عمل بنجي ويندو آهي. روز ڪو لاڙو ڪاميابيءَ جي ڪري پڪو ٿيندو آهي، ۽ ڪو ناڪامي يا بي عملي جي ڪري ڪمزور ٿي ويندو آهي. اسان سڀني ۾ ستل صلاحيتون آهن جن مان ماحول ڪنهن هڪ کي ڇڪي ان کي مضبوط بڻائيندو آهي. جيئن مقناطيس لوهه جي ٽڪرن کي ڪاٺيءَ مان ڇڪيندو آهي، انڪري شخصيت کي بدلائڻ جو پهريون اصول اهو آهي ته ماحول کي بدلائجي، پنهنجي شخصيت جي ساز جي استعمال نه ٿيندڙ تارن کي نئين طاقتن جي اثر ۾ آڻي انهن مان سٺي موسيقي پيدا ڪجي.

انهن عناصر کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ انهن جي باري ۾ اسان کي ٻه چار ٻيون ڳالهيون به ڌيان ۾ رکڻ گهرجن. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته هر جبلت هڪ بدني نظام جو نفسياتي اظهار آهي. بک خالي ۽ پريشان جيوگهرڙن جو نتيجو آهي. وڙهڻ ۽ ڀڄڻ ٻانهن ۽ ڄنگهن جي ڪري آهي (”لنڪن چيو ته جيڪڏهن خدا هڪ انسان کي ڪمزور ٽنگون ڏنيون آهن“، ”ته پوءِ هو ڀڄڻ لاءِ مجبور آهي“) عمل جو جبلتون (رڙهڻ، هلڻ، ڊوڙڻ، ٽپڻ، اُڇلائڻ وغيره) جسم جي سڀني عضون جي شاعراڻي هم آهنگي جو اظهار آهن، جنسي عمل گهٽيل عناصر جو نتيجو آهي ۽ اجتماعي ربط جيڪو ڪٽنب کان شروع ٿو ٿئي جنس جو نتيجو آهي. هر جبلت اسان جي طبعي نظام ۾ پاڙ هڻندي آهي ۽ شخصيت جي هر تبديلي جيڪا جبلت کي مسخ ٿي ڪري، بدن ۽ روح ٻنهي کي مجروح ڪندي آهي.

اهو به ڏسو ته هر جبلت سان هڪ جذبو لاڳاپيل هوندو آهي، اهو جذبو جبلت وانگر فطري ۽ گهرو هوندو آهي، بک خوراڪ جي ڳولها سان لاڳاپيل آهي، ڪراهت جو جذبو پاسو ڪرڻ سان، اهڙيءَ طرح جهيڙي واري جبلت سان ڪاوڙ جو جذبو ۽ ڀڄڻ واري جبلت سان ڊپ جو جذبو، تجسس سان حيرت ۽ هٻڪڻ سان شڪ، حاوي ٿيڻ سان غرور، ۽ پيش پوڻ سان انڪساري، عمل سان خوشي ۽ آرام سان ٿڪ، محفل مچائڻ سان گڏيل تسڪين ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائيءَ سان هڪ بي نانءُ سڪون، هم بستري سان خواهش ۽ پوئتي هٽڻ سان شرم، ٻارن جي پرگهور سان مامتا. هر جبلت اسان ۾ داخل آهي ۽ اسان جي احساسن جي باهه سان اسان جي فطرت سان ڳنڍيل آهي.

آخر ۾ ڏسو ته هر شخص ۾ ڪنهن حد تائين هر جبلت جو تضاد موجود آهي، ايمپڊوڪليس چيو هو ته هر شيءِ جو هاڪاري ۽ ناڪاري پاسو هوندو آهي. جبلتن جي باري ۾ به اهو قول صحيح آهي، اسان ۾ خوراڪ جي ڳولها ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين کان پاسو ڪرڻ واريون جبلتون آهن، وڙهڻ، ڀڄڻ، حاوي ۽ مطيع ٿيڻ، تجسس سان اڳتي وڌڻ ۽ شڪ سان بيهي رهڻ. حرڪت ڪرڻ ۽ شين کي انهن جي اصلي حالت مان بدلائڻ، ويهڻ، آرام ڪرڻ ۽ سمهڻ، محبوب سان پيار لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ پاسو ڪرڻ، نمائش ڪرڻ ۽ شرم ۾ ڳاڙهو ٿيڻ، اڳواڻي ڪرڻ ۽ پٺيان لڳڻ، ڪنهن ڳالهه جي شروعات ڪرڻ ۽ اهل ڪرڻ، محفلون مچائڻ ۽ اڪيلائي پسنديءَ جون جبلتون اسان ۾ هڪ ئي وقت موجود آهن. گهڻي ڀاڱي اسين فطري طور (۽ پنهنجي ذاتي ڪردار ۾) ڪنهن محرڪ، ڪنهن مسئلي ۽ ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ساڳئي وقت ان کان نٽائڻ لاءِ تيار هوندا آهيون.

شخصيت جي انهن عناصر جي تضادن سان اسان کي انساني شخصيتن جي بنيادي فرق جو پتو پوي ٿو. اسان جيڪڏهن ماڻهن کي خوش ۽ اداس رهڻ وارن يا نيڪ ۽ خراب ۾ ورهائينداسين ته اسان تاريخي واقعن کي سمجهڻ يا پنهنجي پاڙيسرين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهنداسين. قدرت ۽ تاريخ آڏو شخصيتن جو رڳو هڪ فرق قبول پوي ٿو ۽ اهو آهي هاڪاري ۽ ناڪاري، ڪمزور ۽ مضبوط هجڻ جو فرق. اسان نيڪي ۽ بديءَ جي فرق جي مدد سان هزارين تصوراتي منصوبا ٺاهيندا آهيون، پر حقيقت، طاقت جي حوالي سان، انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ظاهر آهي ته ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ هاڪاري اهڃاڻ (جيئن ويجهو وڃڻ، ڳولها، مغلوب ڪرڻ ۽ قابض ٿيڻ جي صلاحيت) وڌيڪ هوندا آهن. انهن کي اسان هاڪاري شخصيتون سڏينداسين. ڪن ماڻهن ۾ ناڪاري اهڃاڻ وڌيڪ هوندا آهن. (جيئن فيصلو نه ڪري سگهڻ، ڀڄي وڃڻ، ڪنڊائتو ٿي وڃڻ ۽ نيازمندي). ڪوبه مرد يا عورت مڪمل طرح سان هاڪاري يا ناڪاري نه هوندو آهي، سڀني ۾ ٻئي لاڙا ۽ اهڃاڻ هوندا آهن، جيڪڏهن اسان انهن لاڙن ۽ اهڃاڻن کي مڪمل طور تصور ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان کي انهن حدن جي ڄاڻ ٿيندي جن ۾ انساني ڪردار هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو رهندو آهي.

 

2- ناڪاري شخصيت:

ناڪاري شخصيت واري ماڻهوءَ جو قد گهڻو ڪري ننڍو هوندو آهي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي چهري، هڏ ڪاٺ ۽ ذهن جي هر خوبيءَ کي ساراهيندو آهي، پر اصل ۾ هن کي پنهنجي جسماني گهٽتائيءَ جو احساس هوندو آهي ۽ قدآور ۽ طاقتور مزور يا ڪم ڪندڙ ماڻهن کي حسرت سان ڏسندو آهي، ناڪاري شخصيت ۾ جسم جي مضبوطي ۽ طاقت جو فقدان هوندو آهي. هن کي کاڌو کائيندو ڏسو. هن ۾ اشتها بلڪل نه آهي ۽ کاڌي جي باري ۾ حساس آهي، جلدئي بي مزي کاڌن کان بيزار ٿي ويندو آهي، هو ڪوس گهر جي تصور کانسواءِ گوشت کائي نه سگهندو آهي ۽ مڇي جي شڪار کي وحشي پڻو سمجهندو آهي، هو شوق سان ماني کائڻ جي بدران کاڌي کي ان پکيءَ وانگر چڳندو آهي جنهن ڪڏهن به ڪو جيت چهنب ۾ نه جهليو هجي. وڏي ڌيان سان آڱريون صاف ڪندو آهي ۽ کاڌي کانپوءِ هميشه سوچيندو آهي ته ڪٿي مون بيري کي گهٽ ٽپ ته ڪانه ڏني. هوٽل مان نڪرڻ مهل سوچيندو آهي ته ڪوبه کيس نه ڏسندو پر ساڳئي وقت کيس محسوس ٿيندو آهي ته سڀ ماڻهو کيس ڏسن ٿا.

هو ٻين کي اهڙي نموني ڏسندو آهي ته جيئن ٻيا کيس نه ڏسن ته هو کين ڏسي پيو. هو جنهن کي ڏسندو آهي ان جي اکين ۾ نهارڻ جي بدران سندس پورو جائزو وٺندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح سندس طاقت ۽ نيت جو اندازو لڳائيندو آهي. جيڪڏهن هن کي بيعزتيءَ جو يا ڪو ٻيو خطرو محسوس ٿيندو آهي ته سارو ڏڪندو آهي. هن کي اهڙي ڪاوڙ نه ايندي جنهن جي ڪري هو ڪو قدم کڻي. پنهنجي ڪاوڙ ۾ پيو پڄرندو آهي، اهڙي ماڻهوءَ تي ڪاوڙ ڏيکاريندو آهي جنهن لاءِ هن کي پڪ هوندي آهي، ته اهو سندس پيش پوندو. هو ذميواري ۽ آزمائش کان گهٻرائيندو آهي ۽ گهر ۾ حفاظت ۽ آرام سان رهڻ پسند ڪندو آهي، هو خطرن، ڪارنامن ۽ عزم جا افسانا ۽ طاقت جي فلاسافي پڙهڻ پسند ڪندو آهي. هو آمريڪا جي ڪاؤبواءِ ۽ سپرمين کي هيرو سمجهندو آهي ۽ سوچيندو آهي ته جيڪڏهن دنيا وارا ٿورا به عقلمند هجن ته کيس پنهنجو ليڊر تسليم ڪن. ڪنهن ڪم ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته ان جو ذميوار پاڻ کي سمجهندو آهي ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيندو آهي ته ان جو ڏوهه ٻين تي مڙهيندو آهي، اهو ماحول (يعني ٻين ماڻهن) حڪومت يا قسمت جو ڏوهه هو جو هو ناڪام ٿيو. هو دنيا جي باري ۾ مايوسي ۽ پنهنجي باري ۾ اميد ڏيکاريندو آهي. جسماني ڪمزورين جي ڪري هو تصور پرست هوندو آهي ۽ اها تصور پرستي ئي ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪاميابي ڏيندي آهي. هن جو تصور ڪنهن عمل يا مشاهدي کانسواءِ مابعدالطبعيات ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ آزاد گهمندو آهي. هو جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ تصور جي انهن اڻ ڏٺل دنيائن کي ڇڏي ۽ محنت ڪري ته مثالي حسن ۽ مثالي فلاسافي تخليق ڪري سگهندو آهي، ادب ۽ فن ۾ نيون هيئتون روشناس ڪرائيندو آهي، اهڙو ماڻهو پنهنجي ڪمال ۾ هڪ عظيم فنڪار ٿي سگهي ٿو ۽ زوال ۾ هو سوچڻ وارو مفڪر نه پر اهڙو شخص ٿي سگهي ٿو جنهن جي عادت رڳو سوچڻ هجي. هاڻي جيئن جيئن تهذيب ترقي ٿي ڪري ۽ زندگي ڳتيل ٿيندي ٿي وڃي ۽ زندگيءَ جي بقا لاءِ جسماني طاقت لازمي نه آهي رهي تيئن تيئن شهر ۾ اهڙن ڦرندڙ گهرندڙ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳارڻ وارن روحن جي گهڻائي ٿيندي ٿي وڃي. اهڙي قسم جي ماڻهوءَ ۾ عمل جا لاڙا گهٽ ۽ ڪمزور هوندا آهن، هو راندين جو شوقين نه هوندو آهي ۽ رڳو سوچ ۽ زبان جا کيڏ کيڏندو آهي. هو لفظن سان کيڏندو آهي هو راند ڏسندو آهي پر ان ۾ حصو نه وٺندو آهي راند ڏسڻ راند کيڏڻ کان سولو آهي. آرام جي خواهش هن تي حاوي هوندي آهي، هن کي گهوڙي جي سواري ملي ته پيدل نه هلندو ۽ ويهي سگهندو ته اُٿي نه بيهندو. سمهندو ته جاڳڻ نه چاهيندو جو هو چڱيءَ طرح ننڊ ڪري نه سگهندو آهي. هو ايترو جاڳيل نه هوندو آهي جو کيس ننڊ اچي. هن جون تنتون ته ٿڪبيون آهن پر عضوا ناهن ٿڪبا ڇاڪاڻ ته عمل سان هن جي قوت استعمال ۾ نه ايندي آهي ۽ هن جي جذبن جو اظهار جسماني عمل سان نه ٿيندو آهي، انڪري هو هميشه بي چين رهندو آهي ۽ کيس ڪڏهن به آرام نه ملندو آهي.

پسپائي ۽ بي عملي هن جو اصل سڀاءُ آهي. هو ڪڙين حقيقتن کان پاسو ڪري خوابن جي دنيا ۾ پناهه ٿو وٺي جتي هو ڪيتريون ڪاميابيون ٿو ماڻي، هن جو شرميلو هجڻ هڪ لڪل گوشه نشيني ٿي ويندو آهي. اها هڪ قسم جي چالاڪي  ۽ رياڪاري آهي جيڪا گهڻو ڪري ڪمزور ماڻهن ۾ هوندي آهي. هو محفل پسند به هوندو آهي، اڪيلائيءَ کان گهٻرائجي ڪڏهن ڪڏهن ڪن دوستن جي محفل ۾ شريڪ ٿيندو آهي، جيڪڏهن کيس ڪو سندس ڳالهه ٻڌڻ وارو ملي وڃي ته هو پاڻ کي جنت ۾ سمجهندو آهي. اهڙا ماڻهو گهڻو ڪري هوٽلن ۾ گڏ ٿيندا آهن. شهرت جا بکيا هوندا آهن همٿ نه هئڻ جي ڪري بزدليءَ سان رسمن رواجن جي پابندي ڪندا آهن. جيئن ته هن جو عزت جو تصور رئيسن وارو نه هوندو آهي. انڪري هو وڏيءَ حد تائين جمهوري ضمير جو مالڪ هوندو آهي، جيڪو وفاداريءَ سان اجتماعي اخلاق جي نمائندگي ڪندو آهي. هو گهڻو ڪري نرم دل، شفيق، ٿورائتو، وفادار ۽ احترام ڪرڻ وارو هوندو آهي. هن جي سڀاءَ ۾ سختي نه هوندي آهي ۽ هو ظلم نه ڪندو آهي. هن ۾ جنسي بي راهه رويءَ جو لاڙو هوندو آهي ۽ هو ننڍا ننڍا ڏوهه ڪندو آهي.

اهي آهن هن جا لاڙا. هو ان ڪري ڪمزور هوندو آهي جو هن جا لاڙا ڪنهن مقصد ۾ هڪ ٿي نه سگهندا آهن. هو هميشه بي قرار هوندو آهي ۽ قرار ڳولهيندو آهي. پنهنجي بيقراريءَ کي هڪ کان ٻئي منصوبي ۽ هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي بدلائيندو آهي، مال سان ڀريل اهڙي جهاز وانگر هوندو آهي جيڪو ڪنهن هڪ ڪناري تي لنگر نه هڻي ۽ جنهن جو مال سڙندو رهي، هن ۾ باقاعدگي ۽ محنت جي اهليت نه هوندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن هو مصروف نظر ايندو آهي، پر ڪنهن خاص مقصد لاءِ ڄمي ڪم نه ڪندو آهي، هن جا ارادا جوشيلا هوندا آهن پر عمل ۾ سست هوندو آهي، هو ڪڏهن ڪڏهن سخت جذباتيت جو اظهار ڪندو آهي جنهن مان اها غلط فهمي ٿيندي آهي ته هن ۾ وڏي توانائي آهي، پر اها جذباتيت جلدئي ختم ٿي ويندي آهي، هن جون هزارين خواهشون هونديون آهن، پر هن ۾ انهن کي پورو ڪرڻ جو غرور نه هوندو آهي.

محبت ۾ هو محبت ڪندو نه آهي پر چاهيندو آهي ته هن سان محبت ڪئي وڃي. ظاهري طرح هو محبوبه جي ويجهو ويندو آهي ۽ هن جي دل جيتندو آهي پر اصل ۾ هن جي محبوبه هڪ سياستدان واري حرفت سان هن کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيندي آهي، حقيقت ۾ هو محبت ۾ جيت لاءِ شرمسار هوندو آهي، هو سوچيندو آهي ته شايد هو پنهنجي تصوراتي محبت سان وڌيڪ محفوظ هجي ها. پر هو تقدير جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندو آهي ۽ هڪ وفادار ۽ محنتي مڙس ٿي ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻارن جو پيءُ ٿيندو آهي ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ سخت محنت ڪندو آهي. ان احساس سان ته هن پاڻ کي ضايع ڪري ڇڏيو هن جي زندگي اونداهي ٿي ويندي آهي، ۽ هو سوچيندو آهي ته جيڪڏهن هو پيدا نه ٿئي ها ته چڱو هو. ان احساس سان هو وقت کان اڳ مري ويندو آهي.

 

هاڪاري شخصيت:

هن ماڻهوءَ جي شخصيت هاڪاري آهي، هن وٽ صحت، توانائي ۽ رت گهڻو آهي، هو دنيا جي اکين ۾ اکيون وجهي نراڙ تي ٽوپي رکي سگهي ٿو. هو اوهان کي ڏسي ٿو ته اکين ۾ اکيون وجهي ٿو ڏسي، پر اصل ۾ هو اوهان کي نٿو ڏسي هو پنهنجي ڪم ۾ مصروف ۽ پنهنجي مقصد ۾ پورو آهي. هو ماڻهن ۾ نه پر مقصدن ۾ دلچسپي وٺندو آهي.

هن جا سڀئي لاڙا طاقتور آهن، هو وڏي شوق سان کاڌو کائيندو آهي، هن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٽن سڱن واري ديومالائي جانور کي قربان ڪري سگهجي ٿو. زمين مان پيدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ تي قبضو ڪرڻ جو سندس فطري لاڙو ملڪيت حاصل ڪرڻ جو جنون به ٿي سگهي ٿو. حاصل ڪرڻ ۽ قابض ٿيڻ هن جي زندگيءَ جو اصول هوندو آهي. جيئن ته هو ناڪاري شخصيت واري ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪامياب آهي انڪري هو چاهيندو آهي ته هر جديد قوم سندس جهڙي ٿئي. يعني هوس ناڪ ٿئي (يا شايد ته هن جي زال اجايو خرچ ڪرڻ واري آهي).

گذريل زماني ۾ اهڙو ماڻهو آفيسر، واپاري، ٽريڊ يونين ليڊر يا انجنيئر ٿيڻ جي بدران سپاهي ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ها. هن جي اها جنگ جوئي واري صفت هن ۾ اڃا موجود آهي. سندس اها صفت اڄڪلهه گهٽجي وئي آهي، ۽ لڪل آهي پر اوتري ئي طاقتور آهي جيتري هن جي ننڍپڻ ۾ هئي، جنگ جوئيءَ جي صفت هن جي مقصدن کي طاقتور بڻائيندي آهي، هن جون خواهشون بزدلن واريون سَڌون نه پر مضبوط قوتون هونديون آهن، هو پنهنجي خواهشن لاءِ ذميواريون ۽ خطرا کڻندو آهي ۽ سخت محنت ڪندو آهي. هن ۾ نيڪي گهٽ ۽ جرائت زياده، ضمير گهٽ ۽ خودداري زياده هوندي آهي، هن جا مقصد عظيم الشان هوندا آهن، هو پابندين کي نفرت سان ۽ انڪساريءَ کي شڪ سان ڏسندو آهي، جيڪڏهن هن جو اهڙي ماڻهوءَ سان واسطو پوي جيڪو هن کان وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ پڪي ارادي وارو هجي ته به اُن جي آڏو جهڪندو نه آهي، پر رشڪ ۽ رقابت سان هن جي عزت ڪندو آهي. هو آڻ مڃيندو آهي ته وڏي جنگ کانپوءِ مڃيندو آهي. ہو هميشه ڳولها ۾ هوندو آهي، هرهڪ شيءِ هن کي دلڪش لڳندي آهي ۽ هن جو جاڳندڙ ذهن عجيب غريب شين سان کيڏندو آهي. هن جو نظرين سان واسطو نه هوندو آهي، هن جي سوچ جو واسطو سڌوسنئون پنهنجي ڪم ۽ مقصد سان هوندو آهي. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ڪو ماڻهو اعليٰ حساب، شاعري، مصوري يا فلاسافيءَ جي تعريف ڇو ٿو ڪري، جيڪڏهن هو مفڪر آهي ته فڪر سان گڏ عمل سان به هن جو اهڙوئي تعلق هوندو آهي، هو ارسطو نه سينيڪا آهي، برڪلي نه بيڪن آهي، ڪانٽ نه والٽيئر آهي.

هن جو رڳو سوچ تي نه پر عمل تي يقين هوندو آهي ۽ سيزر وانگر سمجهندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪم جو ٿورو حصو به رهجي وڃي ته ان ڪم کي پورو نه چئبو، هن کي گوڙ واري زندگي وڻندي آهي. هو ڳوٺ جي سادي زندگي ۽ امن کي پسند نه ڪندو آهي، هن جي خيال ۾ امن پوڙهائپ لاءِ آهي ۽ مرد کي ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هو رعب ۽ دٻدٻي سان زندگي گذاريندو آهي. هن کي ان احساس سان خوشي ٿيندي آهي ته ٻيا ماڻهو سِرُن وانگر آهن جن کي هو هڪ اُستي وانگر جيئن وڻيس تيئن استعمال ڪري، هو ايترو ته پاڻ تي ڀاڙڻ وارو ۽ خوش طبع آهي جو گهڻا ماڻهو هن جي اڳواڻيءَ کي مڃڻ ۾ هڪ لڪل خوشي محسوس ڪندا آهن، لڳاتار عمل ڪرڻ سان هن جي صحت سٺي رهندي آهي، ۽ پريشان ٿيڻ لاءِ کيس واندڪائي ئي ڪانه ملندي آهي، هو زندگي جو مزو ماڻيندو آهي ۽ ماضي ۽ مستقبل جي باري ۾ گهڻو نه سوچيندو آهي، هو ڌرتيءَ جي جنت واري تصور کي بي اعتماديءَ سان ڏسندو آهي ۽ هيءَ خبر هن لاءِ وڏي خوشيءَ واري ٿئي جي هو ٻڌي ته سڀاڻي سڀني انقلاب پسندن کي ڦاهي ڏني ويندي. هن کي سڀني خيال پرستن کان نفرت آهي يعني انهن ماڻهن کان جيڪي تقريرون ڪندا آهن، مضمون لکندا آهن ۽ پنهنجن وڏن مرتبن جي بلنديءَ تان عالمي مسئلا حل ڪندا آهن.

پر ڪن حالتن ۾ هي شخص مفڪر ٿي سگهي ٿو، شاعر يا مصور نه، فلاسفر يا سائسندان نه جيڪو پنهنجن ڪلن ۽ پرزن يا پراڻن ڪتابن ۾ وڃايل رهندو آهي پر نيون ايجادون ڪرڻ وارو هڪ معمار جنهن ۾ نيون ڊيزائنون ٺاهڻ جي صلاحيت هوندي آهي. هڪ انجنيئر جيڪو لوهه کي شاعريءَ واري شڪل ڏيئي، درياهن جي ڪنارن کي ڳنڍيندو آهي، هڪ سنگتراش جيڪو سنگ مرمر ۾ زندگي ڦوڪيندو آهي، هڪ سائنسدان جيڪو پنهنجي سوچ جي بچاءَ لاءِ ساري دنيا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هوندو آهي، پوءِ به جتي هو سوچ جي هڪ زندگي گذاريندو آهي، اُتي هو عمل جون سوين زندگيون گذاريندو آهي.

گهڻو ڪري هو ملڻسار هوندو آهي، هو انهن ماڻهن کانسواءِ جن جا خيال عام ماڻهن جهڙا نه هوندا آهن، سڀني سان سٺي نموني ملندو آهي، هو شام جو اڪيلو رهڻ پسند ڪندو آهي پر هن جي اها اڪيلائي پاڻ لاءِ نه گهر لاءِ هوندي آهي. هو پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسڻ جو قائل نه هوندو آهي. هن کي به ڪي نفسياتي مونجهارا هوندا آهن پر هو نفسيات جي ڳالهه نه ڪندو آهي. هن جي زال هن کي پريشان ڪندي آهي ته هو ڪلب ويندو آهي ۽ ڪلب مان بيزار ٿيندو آهي ته ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو آهي. هن جي عمل واري زندگيءَ جون پابنديون هن ۾ ذهني انتشار پيدا ٿيڻ نه ڏينديون آهن. هو وڏي عزم وارو انسان آهي، هن جا ارادا وکريل نه آهن پر هڪ عزم ۾ پوتل آهن، خواهشن جو انتشار نه آهي، جنهن جي ڪري خواهشون پاڻ ۾ ٽڪرائجي هڪ ٻئي کي ختم ڪري ڇڏين، پر هن جون خواهشون هڪ مقصد ۾ ڳنڍيل آهن. مقصدن جو هڪ پوري طرح ڳنڍيل نظام آهي. جيڪو هن جي شخصيت ۾ ڪنهن غالب ۽ مستقل تصور سان پيدا ٿيو آهي. هن جو عزم هڪ منظم عزم آهي. هو امڪانن جون حدون مقرر ڪري مسقتل مزاجيءَ سان مقصدن ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ وارن وسيلن تي حاوي ٿيندو آهي. هو سڀ ڪم مڪمل ڪندو آهي. ڪو ڪم اڌ ۾ نه ڇڏيندو آهي. هو پنهنجي ڪم ۾ ايترو ته رُڌل هوندو آهي جو هو سوچيندو ئي نه آهي ته ماڻهو هن جي ڪم تي ڪهڙو تبصرو ڪندا. هو ماٺيڻو آهي، گهڻو نٿو ڳالهائي، هو ڪم يا گفتگو جي جوش ۽ شدت ۾ پنهنجي طاقت نٿو وڃائي. هن جا جذبا سچا هوندا آهن. جيڪي وکريل نه هوندا آهن جو انهن جو نتيجو انتشار ٿئي پر هن جا جذبا پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ جذبو ٿي ويندا آهن، نفس کي پنهنجي وس ۾ ڪرڻ ۾ جيڪو مزو آهي، اُن جي هن کي ڄاڻ هوندي آهي. هو خواهشن کي اُڀارڻ وارن محرڪات تي حاوي ٿي سگهندو آهي. ائين پنهنجي تڪميل ڪندو آهي. هن جي شخصيت جي تعمير، صحت ۽ ذهانت جي ميلاپ سان ٿيندي آهي.

هو محبت ۾ پاڻ اڳتي وڌندو آهي ۽ سچائي ۽ ثابت قدمي جي ڪري عورتن ۾ مقبول هوندو آهي. هو محبت ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، هو جلدي شادي ڪندو آهي ڇاڪاڻ جو هو جلدي فيصلو ڪري سگهندو آهي. هو تجسس سان اڳتي وڌڻ کي احتياط سان واپس ورڻ تي ترجيح ڏيندو آهي. هو يارن ۽ زال جي ذميوارين کي ۽ اڪيلائيءَ کي پيشه ور ڇوڪرين کان سٺو سمجهندو آهي. ڪٽنب جون ذميواريون کيس مضبوط بڻائينديون آهن. هن کي خبر هوندي آهي ته طبيعت جي نرمي ۽ شرافت کي طاقت سان ڪيئن ملائجي، هن جا ٻار هن سان رڳو محبت نه ڪندا آهن پر سندس عزت به ڪندا آهن. پڪي وهيءَ ۾ آرام جو هنر سکندو آهي ۽ پوڙهائپ ۾ پوٽن ۽ ڏوهٽن جي موجودگيءَ مان نئين زندگي حاصل ڪندو آهي، هو مرڻ گهڙيءَ تائين ان ڳالهه تي ٿورو به شڪ نه ڪندو آهي ته زندگي نعمت آهي. هن کي رڳو ان ڳالهه تي افسوس ٿيندو آهي ته زندگيءَ جي راند هن کي هاڻي نون رانديگرن جي حوالي ڪرڻي پوندي.

 

4- شخصيت جي ٻيهر تعمير:

اسان شخصيتن جا ٻه مثالي نمونا پيش ڪيا آهن ۽ انسان جي شخصيت کي مضبوط ۽ ڪمزور ۾ ورهايو آهي. شخصيتن جي ان تفاوت کي آخري سمجهيو وڃي ته پوءِ اسان جا نمونا بيڪار آهن. پر جيڪڏهن ٻنهي نمونن کي هڪ ٻئي جي برابر رکون ته اسان لاءِ اهو سولو ٿيندو ته اسين پنهنجو تجزيو ڪيون ۽ شايد پنهنجو پاڻ کي سڃاڻون. ڇا اسان پنهنجو پاڻ کي معموليءَ طرح به ناڪاري شخصيت جي خامين کان آجو ڪري پنهنجو پاڻ ۾ هاڪاري شخصيت واري اها مضبوطي پيدا ڪري سگهون ٿا جيڪا اسان جي اندر جي خواهش آهي؟ ڇا اسان سمجهداريءَ سان پنهنجو قد وڌائي سگهون ٿا.

گهڻا ماڻهو ان سوال جو جواب مايوسيءَ واري ناڪار ۾ ڏيندا آهن. اسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته اسان جي شخصيت اسانجي قسمت ٺاهي آهي ۽ جهڙا اسان پيدائش وقت هوندا آهيون اهڙا اسان مرڻ گهڙيءَ تائين رهندا آهيون، ڪڏهن وري شخصيت جون صفتون جسماني حالت، صحت ۽ طاقت، بدني جوڙجڪ ۽ عضون جي ڪم ڪري سگهڻ واري اهليت تي مدار رکنديون آهن. انهن کي ڪيئن بدلائي سگهجي ٿو؟

پر ڪيترا مثال آهن جن سان ماڻهوءَ جي قسمت واري عقيدي تي شڪ ٿو پيدا ٿئي. اسان جي پنهنجي زماني جي تاريخ ۾ ناڪاري شخصيت جي هاڪاري شخصيت ۾ بدلجڻ جا عجيب مثال موجود آهن. پنجاهه سال اڳ عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ ناڪاري سمجهيو ويندو هو ۽ هنن ۾ اهي سڀ اوڻايون ٻڌايون وينديون هيون، جيڪي اسان ڪمزور شخصيتن لاءِ ٻڌائي آيا آهيون. هنن جي جسماني ڪمزوري سندن احساس ڪمتريءَ جو بنياد بڻجي وئي هئي، جنهن جي ڪري عورتن کي به ان ڳالهه جو افسوس هوندو هو ته هو مرد ڇونه ٿيون. اهو افسوس هنن جي ذهنن ۾ باهه وانگر ٻرندو رهندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سندن زبان باهه اوڳاڇيندي آهي. هنن جي اها فطرت هئي ته هو پنهنجي عمل ۾ نرميءَ کان ڪم وٺنديون هيون ۽ جيڪڏهن هو زبان درازي ڪنديون هيون ته اها رڳو سندن جسماني گهٽتائيءَ جو ردِعمل هوندو هو. بنيادي طرح ”صنفِ نازڪ“ ئي هيون.

عورت جي حياءُ ۽ نوڙت جو سبب هن جي جسم جي ڪري هو. مرد وانگر هوءَ پنهنجن ڪارنامن لاءِ ايڏو پرجوش نه ٿيندي هئي. هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هن جي تقدير ماءُ بڻجڻ هو. هوءَ پنهنجي آقا جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندي ۽ وڏي محبت سان هن جي مارڪُٽ برداشت ڪندي هئي. پنهنجو بدن، پنهنجو نانءُ ۽ پنهنجي جائداد هن جي حوالي ڪندي هئي ۽ هن جي رضا تي راضي رهندي هئي. انڪري هن لاءِ زندگي ايذاءُ ۽ بي مزي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوءَ شعر ۽ افساني ۾ ٻڏي پنهنجي لاءِ هڪ خيالي روشن دنيا تخليق ڪندي هئي.

۽ پوءِ هن کي صنعت پنهنجي شڪنجي ۾ جڪڙي ورتو. هن جي زندگيءَ ۾ نواڻ جي ٻوڏ اچي وئي. هن کي شخصي ذميواري ۽ اقتصادي خودمختياري ملي، هن کي پنهنجي محنت جي ڪمائي حاصل ٿي ۽ هن پنهنجي اخلاق جي پاڻ تربيت ڪئي، هن مرد جي برتريءَ تي شڪ ڪرڻ شروع ڪيو. هن شروع کان ئي ڏٺو هو ته مرد کي سولائيءَ سان هٿ ڪري سگهجي ٿو. هاڻي هن تي انڪشاف ٿيو ۽ مرد تي پڻ ٿيو ته جديد دور ۾ تيز رفتاري سان گوءِ نٿي کٽي سگهجي. جنگ ۾ طاقتور نٿو کٽي ۽ چونڊ هاڻي جسماني طاقت سان نه پر ذهانت ۽ چالاڪيءَ سان ٿي ٿئي. هن کي اهو ڄاڻي خوشي ٿي ته جسماني گهٽتائي ڪاميابيءَ جي رستي ۾ اهڙي رنڊڪ نه آهي جيڪا هٽائي نه سگهجي. ڪيترا جينيئس جسمانيءَ طرح ڪمزور هئا. هن کي اها به خبر پئي ته هوءَ پنهنجي سوڙهي لباس ۽ ساهه ٻوساٽڻ وارن روايتن کان پوءِ به قيادت ۽ طاقت حاصل ڪري پنهنجي روح جي مالڪياڻي ٿي سگهي ٿي. انڪري جيئن ئي صنعتي انقلاب آيو ته هن پنهنجن ناڪاري خاصيتن کي ڇڏي پاڻ ۾ هاڪاري صفتون پيدا ڪيون، هاڻي هوءَ هڪ شخصيت ٿي وئي. جيڪا قدم کڻڻ، انتظام رکڻ ۽ معروضي سوچ جي اهل هئي. هن پنهنجو پاڻ ۾ ملڪيت جو حرص پيدا ڪيو ۽ دولت حاصل ڪرڻ جا هزارين طريقا ڳولهيا. هن بازارن جي رونقن لاءِ گهر جي خاموشيءَ کي ترڪ ڪيو ۽ پاڻيءَ بدران پاؤڊر استعمال ڪيو، هن پنهنجي لباس کي ڪترڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجو گلو اگهاڙو ڪيو. عبادت مان دلچسپي گهٽائي هن راند ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي، پنهنجي نئين آزاديءَ جي وڌندڙ هوا کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ روحانيءَ طرح طاقتور ۽ بهادر ٿي وئي. اٽڪل هڪ ئي نسل ۾ هن غير معمولي تيزيءَ سان پنهنجو پاڻ ۾ هاڪاري وصفون پيدا ڪيون.

مرد حيران ٿي ويو ۽ هن جديد عورت جي باري ۾ اخلاقي شڪايت شروع ڪئي. پر اهو انقلاب هن جي مرضي ۽ تدبير کانسواءِ آيو ۽ هن جي اجازت کانسواءِ جاري رهيو. هن عورت کي صنعت، تجارت، تعليم ۽ ٻين کاتن ۾ پنهنجي مقابلي ۾ ڏٺو. اهي کاتا ازل کان هن جي ملڪيت هئا. هو ڪم ۽ ارادي ۾ عورت جي خوداختياريءَ جي شڪايت ڪرڻ لڳو. هن جي دل پراڻي زماني جي حيا وارين دوشيزائن، انگور جي ولين ۽ ٻارن سان گهريلو قسم جي مزن لاءِ تڙپڻ لڳي. هن بهادري ۽ حيرانيءَ سان ان حملي جو مقابلو ڪيو.

هو ناڪام ٿيو، آمريڪا ۾ عورت ناڪاري اطاعت کان هاڪاري غلبي تائين واري سفر جو عبوري دور پورو ڪري ورتو هو. ڪنواري هجڻ وارو حياءَ ۽ نڪاح سان وفاداريءَ واريون پراڻيون چڱايون ختم ٿي ويون. هاڻي مرد حجاب کان اکيون هيٺ ڪندو آهي ۽ جديد جوان ڇوڪريءَ جي پنبڻين، ڀيڏن، گوڏن ۽ ٻين ڪشش وارن هنڌن کي حياءَ واري حيرت سان ڏسندو آهي. محبت، اطاعت ۽ وفا جا اکر هاڻي شاديءَ جي رسم مان خارج ٿي ويا آهن. جلدئي اهي لفظ وري استعمال ٿيڻ شروع ٿيندا، پر هاڻي اهي لفظ مرد استعمال ڪندا، هاڻي اهي اکر بي معنيٰ ٿي چڪا آهن.

ان تيز آيل انقلاب سان شخصيت جي بدلجڻ جي امڪانن جو اندازو لڳايو. ظاهر آهي ته اهي صفتون جن کي اسان هاڪاري ۽ ناڪاري ٿا چئون، هميشه لاءِ بدن سان چهٽيل نه ٿيون رهن، ها انهن جو مدار بدن جي طاقت ۽ ڪمزوريءَ تي آهي، پر اهي ڪنهن به حد کان سواءِ بدلجي سگهن ٿيون، لکين عورتن پنهنجو پاڻ ۾ گهٽ همٿ کي جرائت ۾ ۽ اطاعت کي حاوي ٿيڻ ۾ بدلايو آهي. ان مان ظاهر آهي ته جيڪڏهن اسان ارادو ڪيون ته شخصيت کي بدلائي سگهون ٿا.

پر ان سلسلي ۾ اسان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو. اسان مان ڪي ماڻهو پنهنجي شخصيت کي بدلائڻ ئي نٿا گهرن. اسان پنهنجو پاڻ کي ايترو ته مڪمل ۽ پنهنجن خامين کي ايڏو ته سٺو سمجهندا آهيون جو انهن کي ٿورو به بدلائڻ اسان کي نه وڻندو آهي. ان سان هڪ اخلاقي مسئلو به لاڳاپيل آهي. اهو ضروري نه آهي ته هاڪاري شخصيت نيڪ به هجي. ڪابه قوم جنهن ۾ رڳو هاڪاري شخصيت جا اعليٰ عزم وارا انسان هجن اها پاڳل خانو ٿي پوي. اسان کي اهو مڃڻ گهرجي ته اسان هت نيڪيءَ جي تلقين نٿا ڪيون ۽ اسان جا نسخا ڪي قدر غير اخلاقي هوندا. جيڪڏهن اسان وقتي طور نيڪي نه پر طاقت پيدا ڪرڻ تي زور ٿا ڏيون ته اهو انڪري جو شخصيت جي مضبوطي هڪ اعليٰ سٺائي آهي. حالتن جي سختي لکين شخصيتن کي ڀڃي ڀوري ۽ لکين ڪنڌن کي جهڪائي ڇڏيندي. اسان کي جيڪڏهن پنهنجو پاڻ کي مضبوط بڻائڻو آهي ته سڀ کان پهرين اسان کي عزم جو مطلب سمجهڻ گهرجي. عزم ڪا سمجهه کان مٿاهين حقيقت نه آهي، جنهن جي حيثيت اهڙي مٿاهين هجي جهڙي شخصيت جي عناصر ۾ آرڪيسٽرا ۾ ڪنڊنڪٽر جي هوندي آهي جيڪو ڪڏهن هڪ طرف ته ڪڏهن ٻئي طرف جهڪندو آهي، پر عزم انسان جي سڀني محرڪات ۽ لاڙن جي مجموعي جو نالو آهي، اهي محرڪات جن سان شخصيت جو تاڃي پيٽو تيار ٿيندو آهي. انهن جو پاڻ کان ٻاهر ڪو اهڙو اڳواڻ نه هوندو آهي، جنهن جي پيروي ڪن. انهن لاڙن مان ئي ڪي طاقتور لاڙا ٻين لاڙن تي غلبو حاصل ڪندا آهن ۽ انهن کي پاڻ ۾ ڳنڍيندا آهن. اهائي عزم جي قوت آهي، يعني هڪ حاوي ٿيل خواهش ٻين سڀني خواهشن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندي آهي ۽ سڀ خواهشون ۽ لاڙا هڪ ئي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. جيڪڏهن اسان جي آڏو اهڙو خواهشن ۽ لاڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي هڪ ڪرڻ وارو مقصد ڪونهي جنهن لاءِ اسان ٻيون خواهشون قربان ڪري سگهون ته پوءِ اسان ۾ عزم پيدا ٿي نٿو سگهي، ۽ اسان جي حيثيت ٻئي جي گهر جي ڀت ۾ لڳل سِرَ کان وڌيڪ نه هوندي. انڪري اهي ڪتاب پڙهڻ اجايا آهن جيڪي شخصيت جي تعمير جا سولا طريقا ٻڌائيندا آهن ڇاڪاڻ ته شخصيت جي تعمير جي واٽ ڏکي به آهي ۽ ڊگهي به.

اها واٽ زندگيءَ جي واٽ آهي، عزم خواهشن جي ڳنڍجڻ جو نالو آهي ۽ جيئن شوپنهار چيو هو ته عزم وڌندڙ زندگيءَ جو اهڃاڻ آهي ۽ ان جي طاقت ۽ مقام ان صورت ۾ وڌي سگهي ٿو جڏهن زندگي نون ڪمن ۽ نئين فتحن سان دوچار ٿئي. اسان جيڪڏهن مضبوط ٿيڻ ٿا گهرون ته اسان کي پنهنجي ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جا وسيلا مقرر ڪرڻ گهرجن ۽ مشڪلات هوندي به ان مقصد سان سچا رهون. چڱو آهي ته سڀ کان پهرين اسان اهو ڪم ڪيون جنهن لاءِ اسان کي پڪ هجي ته  اسين اهو ڪم ڪري سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته هر ناڪامي اسان کي ڪمزور ۽ هر ڪاميابي اسان کي طاقتور ڪندي آهي. هڪ ڪاميابيءَ مان ٻيون ڪاميابيون پيدا ٿينديون آهن. ننڍيون فتحن مان اسان کي وڏين فتحن جي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيندو آهي. مشق ڪرڻ سان عزم ٺهندو آهي پر اسان ضرورت کان وڌيڪ احتياط به ڪري سگهون ٿا. وڏن وڏن ڏکين ڪمن جي دعوت کي ٽاري پاڻ کي هميشه لاءِ هڪ معمولي مقام تي رکي سگهون ٿا. ان ڳالهه جو خيال ڪيون ته ننڍين فتحن سان اسان مطمئن نه ٿي وڃون هڪ ڏينهن پنهنجي فتح جي خوشي ملهائي ٻئي ڏينهن ڪنهن اعليٰ ۽ سٺي ڪم لاءِ تيار ٿيون. خطري جو مقابلو ڪيون ۽ ذميواريءَ جو بار کڻون. اهو صحيح آهي ته ان ۾ اوهان کي شڪست ٿي سگهي ٿي ۽ اوهان تباهه به ٿي سگهو ٿا. پر موت جي تاريخ جنهن تي ماڻهوءَ کي مرڻو آهي ان جو انديشو اوهان جي نقطئه نظر تي اثر انداز ٿيڻ نه گهرجي. جيڪڏهن خطرا ۽ ذميواريون اوهان کي ختم نه ٿيون ڪن ته اُهي اوهان کي مضبوط بڻائي ڇڏينديون ۽ اوهان کي عظمت ڏانهن وڌائينديون. پاڻ کي ٺاهيو يا ڊهي پئو!

نفسياتي تجزيي تي اعتبار نه ڪرڻ جو هي دور اسان لاءِ انساني شخصيت ۽ تقدير جي لچڪ جو هڪ ٻيو مثال پيش ٿو ڪري. ايڊلر جي روشن نظريي مطابق جينيئس ۽ ذهني مرض جو بنياد ڪو جسماني نقص هوندو آهي. جسم جو اهڙو نقص جيڪو هميشه لاءِ هجڻ جي ڪري روح کي مجروح ڪندو آهي ۽ ماڻهوءَ کي مجبور ڪندو آهي ته هو ان خاميءَ کي ختم ڪري. فرانسس بيڪن چيو هو ته جنهن جي شخصيت ۾ ڪو مستقل ڌڪار جهڙو عيب هجي ان ۾ هر وقت اها خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي ان ٺٺوليءَ کان بچائي. انڪري ئي بائرن جنهن جو پير ڦريل هو وڏي مهارت سان ناچ ڪرڻ سکيو ۽ ايترا گناهه ڪيائين جو سماج ۾ شينهن مڙس مڃجڻ لڳو. هٻڪڻ وارو ڊيموٿينس تمام وڏو مقرر ٿيو ۽ بيٿوون ٻڌڻ جي قوت وڃائي بيمثال موسيقي پيدا ڪئي. عورت پنهنجي جسماني ڪمزوري ۽ محڪوميءَ خلاف ”مرداڻي احتجاج“ ۾ جلندي، روايتن ۽ مشڪلاتن جا زنجير ٽوڙي ڇڏيا. ايڊلر ٿوچئي ته ”ماڻهوءَ جو گهٽتائيءَ جو احساس هن ۾ ترقي ڪرڻ جي خواهش پيدا ڪندو آهي.“ جيڪي پٺتي رهجي ويل هئا ڪوشش ڪري اڳيان آيا ۽ ڊوڙ ۾ ٻين جي اڳواڻي ڪيائون. مزورن جي طبقي ۾ ايجادون ڪرڻ وارا پيدا ٿيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن بيمار جسمن اعليٰ روحن کي پناهه ڏني آهي ۽ انهن ۾ تحرڪ پيدا ڪيو آهي.

 

5- نسخا:

پر هي سڀ ڳالهيون عام ۽ اڻ چٽيون آهن. اسان کي پنهنجي سوال جو وڌيڪ گهرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ گهرجي. سوال آهي ته ذهني ۽ اخلاقي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟

سڀ کان پهريان تندرست رهڻ گهرجي، ٻيون چڱايون پنهنجو پاڻ پيدا ٿي وينديون يا انهن جي ڪمي ۽ انهن جو قدر محسوس نه ٿيندو. جيئن نٽشي چيو هو ته ”هڪ شريف ماڻهوءَ جو پهريون فرض آهي ته هو پورو حيوان ٿئي.“ صحتمند هجڻ لاءِ لازمي آهي ته اسان کي مناسب بزرگن جي چونڊ ڪرڻ گهرجي، پر اهو جيئن ته اسان جي وس ۾ نه آهي انڪري اسان گهٽ ۾ گهٽ سٺي خوراڪ ۽ سٺي عادتن جي چونڊ ڪري سگهون ٿا. مولشاٽ چيو هو ته ماڻهو وڏيءَ حد تائين اهوئي آهي جيڪي هو کائي ٿو. خوراڪ جي باري ۾ ڪوبه عالمگير اصول قائم ڪري نٿو سگهجي. هر ماڻهوءَ کي اهڙين غذائن کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي نقصان ڪار هجن. جيڪي شيون هاضمو خراب ڪن انهن تي ليڪو پايو ۽ انهن جي ويجهو نه وڃو. جيڪا غذا اوهان جي معدي کي ڀانءِ پئي ان کي کاڌي ۾ شامل ڪيو ۽ جيڪڏهن اوهان دوا کانسواءِ پيٽئون نه ويهو ته پاڻ کان پڇو ته اهو ڪهڙو خطرناڪ مادو آهي جيڪو اوهان کي ڪمزور ٿو ڪري، اهو اڇو اٽو آهي يا ڪيڪ ۽ مٺايون آهن يا کاڌو جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ ميوو شامل نه آهي. پنهنجي معدي کي کليل ۽ وات کي بند رکو، اها ڏاهپ جي ڪنجي آهي.

جيڪڏهن اسان کي پنهنجو پاڻ کي نئين سر تعمير ڪرڻو آهي ته اسان کي پنهنجي معدي کان شروعات ڪرڻ گهرجي، ائين ڪرڻ سان بدن جي هر حصي کي وڌڻ جو وارو ملندو، قدرت اسان کي عام، ڪلارڪ، صحافي ۽ فلاسافر بڻجڻ لاءِ پيدا نه ڪيو هو. پر اسان کي ان لاءِ پيدا ڪيو هو ته اسين عمل ڪيون، ڳرو وزن کڻون، ڀڄون، ڊُڪون ۽ ٽپا ڏيون. فطرت اسان جي ٽنگن ۽ ٻانهن کي اهڙو ٺاهيو آهي ته جيئن اسان انهن سان زندگي گذاريون، بهترين زندگي اها آهي جيڪا جسماني ۽ ذهني ٻئي هجي، ولئم قيصر کي ڪاٺيون وڍڻ جي عادت هئي هن جي ان عادت ۾ ضرور ڪا ڏاهپ هوندي پر هيءَ هڪ اهڙي عياشي آهي جيڪا هرڪو ڪري نٿو سگهي. زندگي ايتري ڳُتيل ۽ چٽاڀيٽيءَ واري آهي جو اسان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ هڪ ئي مقصد لاءِ طاقت ۽ وقت ٻئي لڳائڻا پوندا آهن. پر اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي باغيچن جو گاهه پاڻ ڪٽڻ گهرجي. وڻن جون شاخون پاڻ ڇانگڻ گهرجڻ ۽ اسان کي گهر سان لڳ هڪ باغيچو لڳائڻ لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. شايد ڪنهن ڏينهن اسان کي هڪ پوري باغ کي ٺيڪ ڪرڻ جي واندڪائي ملي سگهي. صحت شهرت کان وڌيڪ چڱي آهي ڇاڪاڻ ته جينيئس جيستائين جيئرو هوندو آهي تڪليفون سهندو آهي، ۽ مرڻ کان پوءِ ئي مشهور ٿيندو آهي.

صحت ۽ طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ نئين ماحول جي ضرورت آهي ۽ اها ڳالهه اسان جي خوشيءَ جو باعث ٿيڻ گهرجي ته جيڪي اسان کي ابن ڏاڏن کان مليو آهي اسين ان کي بدلائي نٿا سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن حالتن کي ته بدلائي سگهون ٿا. اڻويهين صديءَ جي جبر جي فلسفي مطابق انسان ورثي ۽ ماحول جو مرڪب آهي. پر انسان جو اهو تصور غلط آهي. ڇاڪاڻ ته انسان اباڻي ورثي، ماحول ۽ ان عجيب ترقي پسند طاقت جو مرڪب آهي جنهن کي زندگي ٿو چئجي. اها ڳالهه ايتري ته صحيح آهي (۽ اسان کي اها ڳالهه دل تي لکي ڇڏڻ گهرجي) ته جيستائين اسان انهن خارجي محرڪات کي نٿا بدليون جيڪي هر وقت اسان تي اثر ڪندا ٿا رهن تيستائين اسان پنهنجو پاڻ کي بنيادي طرح بدلائي نٿا سگهون. ڇاڪاڻ جو اهي محرڪات اسان کي پنهنجي مرضيءَ جهڙو بڻائي ٿا ڇڏين. ڇا اسان صاف نه رهڻ وارن ماڻهن ۾ زندگي ٿا گذاريون يا وري اهڙن اڻ پڙهيلن ۾ جن کي رڳو مادي شين ۽ کاڌي پيتي سان دلچسپي آهي. هر حالت ۾ اسان کي اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪري ڪا چڱي صحبت ڳولڻ گهرجي. ڇا اسان جي پسگردائي  ۾ ڪو چڱي روح، چڱي ذهن يا مضبوط شخصيت وارو ماڻهو آهي؟ اسان ان کي ڳولهيون ۽ ڪجهه وقت ان جي صحبت ۾ رهون ته جيئن هن جي هلت کي پاڻ لاءِ نمونو بڻائي سگهون. ان کان پوءِ وڌيڪ سٺي شخصيت کي ڳولهيون، عظيم شخصيتن جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ان مان پرائڻ بيوقوفن تي حڪومت ڪرڻ کان هزار دفعا سٺو آهي. سيزر جو قول هو ته روم ۾ ٻئي نمبر تي هجڻ کان چڱو آهي ته اسين وحشين جي سرداري ڪيون.

جيڪڏهن (جيئن اوهان جو خيال آهي) اوهان جي سڃاڻپ وارن ماڻهن ۾ اوهان کان وڌيڪ ڪو چڱو ماڻهو ڪونهي ته پوءِ ماضيءَ جي عظيم شخصيتن سان صحبت قائم ڪيو، تمام ٿورا پئسا خرچ ڪري اوهان هن جي خيالن مان پرائي سگهو ٿا. هنن جي تقرير ٻڌي سگهو ٿا ۽ ان صاف شفاف فضا ۾ پاڻ کي داخل ڪري سگهو ٿا جيڪا انهن شخصيتن جي چوڌاري هوندي آهي. اهو سوچڻ غلط آهي ته ڪتاب پڙهڻ سان اثر نه ٿيندو آهي. اهو اثر آهستي آهستي ٿيندو آهي جيئن پاڻي سِمندو آهي. هر سال ان جو اثر وڌندو ويندو آهي ۽ ڪوبه انهن عظيم شخصيتن جي صحبت مان ڪجهه پرائڻ کانسواءِ نه آهي اُٿندو. نيپوليئن جي صحبت ۾ رهڻ، والٽ وٽمين سان گڏجي سير ڪرڻ ۽ فريڊرڪ ۽ والٽيئر سان اڌ رات جو گڏ هجڻ جي موقعن کانپوءِ به معمولي انسان ٿي رهڻ جو ڪو سبب ڪونهي. اهو ته ٿيو ٻاهريون ماحول، اندر جي ماحول جو معاملو وڌيڪ ڏکيو آهي، ڪيتريون نه ويرانيون آهن اسان جي اندر ۾، خواهشن جي ڪنڊن جو جهنگ! اسان کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙن ٻوٽن کي پاڻي ڏيڻو آهي. ۽ ڪهڙن ٻوٽن کي ڇڏي ڏيڻو آهي ته اهي سڪي وڃن.

شخصيت جو پهريون اصول آهي اِڪي. اهائي ڳالهه گوئٽي هنن لفظن ۾ چئي آهي ته ”ڪُل ٿيو يا ڪُل ۾ شامل ٿيو“ ۽ ٻيو اصول ڳولها جو آهي، ڳولها ڪيو ۽ پٺتي نه هٽو. اها  آهي اوسر جي راهه جنهن تان ڪو به عقلمند ماڻهو نه هٽندو ۽ جي هٽندو ته ان کي اصول نه بڻائيندو. جبلتن جي پهرين گروهه ۾ صفائيءَ جو خيال رکڻ گهرجي. اها وصف بيزاري (غلاظت کان) واري ناڪاري جبلت مان ٿي ڦٽي. نٽشي چيو آهي ته ”ٻار ۾ ننڍي لاءِ ئي صفائيءَ جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي ان کان پوءِ هو پاڻ ۾ پنهنجو پاڻ ٻيون چڱايون پيدا ڪندو.“ صفائي جو جذبو خدائي کانپوءِ واري درجي تي آهي، پر جيڪڏهن خدائن جو وجود نه هجي ته پوءِ؟ پر اسان راهب ٿيڻ ته ڪونه ٿا گهرون، اسان ان ديندار سياستدان کي هميشه رشڪ سان ڏسنداسين جيڪو دينداريءَ کي پنهنجي اشتها کي پورو ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجڻ ٿو ڏئي.

جنگ جوئي ۽ خودداريءَ جي جبلت بابت به اسان جو رويو اهو هئڻ گهرجي. اهي خرابيون نه آهن، چڱايون آهن، انهن کي به ”ڇانگڻ“ جي ضرورت آهي ته جيئن انهن جي اوسر ٿئي. نه جهيڙاگري ۽ نه مغروري. مغروري مستقبل ۾ جيڪي فتحون ٿينديون انهن جو تصور آهي ۽ خودداري وري ماضيءَ جي فتحن جي يادگيري آهي. جهيڙاگري ڪمزور ماڻهوءَ جي جنگ جوئي آهي. وڙهڻ جو مطلب اهو نه آهي ته گوڙ ڪجي ۽ حملو ڪجي. ان جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته ماٺ ۾ پڪي ارادي سان هڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي، وڏا ارادا رکڻ جو مطلب اهو نه آهي ته ماڻهو ظالم ۽ هٻڇي ٿئي. مضبوط ماڻهو کي ڏيڻ ۾ به اهڙوئي مزو ايندو آهي جهڙو وٺڻ ۾، هو ملڪيت حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ تعمير ڪرڻ ۾ خوش ٿيندو آهي. هو گهرَ ٺاهيندو آهي ته جيئن ٻيا ان ۾ رهن ۽ پئسا ڪمائيندو آهي ته جيئن ٻيا خرچ ڪن. ماڻهوءَ جي شخصيت پاڻ تي گهڻو خرچ ڪرڻ سان نه ٺهندي آهي، پر تعمير ۽ تخليق سان نکرندي آهي ۽ عمل سان وڌندي آهي. اسان اهڙن پيشن کان پاسو ڪيون جن ۾ رڳو عقل ۽ فهم جو ڪم هجي ۽ ڪجهه ڪرڻ جو موقعو نه ملي. چڱو آهي ته واڍا ٿيون ۽ سج جي روشنيءَ ۾ خوشبودار ڪاٺي وڍيون ۽ هٿوڙي جي ڌڪن سان شين کي ٺهندو ڏسون، اهو ان کان چڱو آهي جو اوهان نفعي نقصان جو حساب ڪندا رهو يا اڪيلائي ۾ ٻاهرين دنيا جي حقيقت لاءِ دليل جوڙيندا رهو. سَوَ گيت ٻڌڻ کان سٺو آهي ته اوهين پاڻ هڪ گيت ڳايو، اچو ته کيڏون ۽ کلون ۽ جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن زندگي هڪ ڪڙو مذاق لڳي ته ان جي ڪڙاڻ کي وساري مذاق کي ياد رکون.

شادي ڪيو جيئن مقدس ڪتاب ۾ لکيل آهي ”اندر ئي اندر پڄرڻ کان شادي بهتر آهي. شادي انڪري به سٺي آهي جو شادي اسان کي پنهنجو پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي باري ۾ سوچڻ جي قابل بڻائيندي آهي.“ نٽشي جهڙي ذهني مريض لاءِ ڀيڻ زال کان سٺي هئي. پر هڪ صحتمند ماڻهوءَ لاءِ ڀيڻ جو قرب ڪافي نه هوندو آهي. هڪ وار اهو بنيادي مسئلو حل ٿي وڃي ته پوءِ اسان دنيا جي هر عورت جي هر ادا کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ پنهنجي ڪم ڪار ۾ لڳا پيا هونداسين. شاديءَ کان پوءِ اسان کي خبر پئجي ويندي آهي ته عورتن جا لباس بيشڪ ته هڪ ٻئي کان جدا هوندا آهن، پر هو پاڻ بنيادي طرح هڪ جهڙيون هونديون آهن. فلاسافيءَ جي ٻوليءَ ۾ اسان چئي سگهون ٿا ته جدا جدا مجازي صورتن جي پٺيان حقيقت هڪ ئي هوندي آهي. اهڙيءَ طرح جو احساس ٿيڻ کانپوءِ اسان گهڻي قدر مطمئن ٿي ويندا آهيون ۽ پنهنجن زالن سان محبت ڪرڻ شروع ڪندا آهيون، شايد اها ڳالهه صحيح هجي ته هڪ پرڻيل مرد پئسن لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو آهي، پر پرڻيل مرد ئي اهڙين نئين نئين دلچسپين جي قابل ٿي سگهندو آهي.

دوست ٺاهيو، جيڪڏهن دوست ٺاهي نٿا سگهو ته پاڻ کي اهڙو بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو جو دوست ٺاهي سگهو. اڪيلائي هڪ دوا آهي، صحت لاءِ هڪ روزو آهي، پر غذا نه آهي. گوئٽي سچ چيو هو ته شخصيت دنيا جي وهڪري ۾ وهڻ سان ئي ٺهندي آهي. اسان جيڪڏهن رڳو پنهنجو جائزو وٺندا رهنداسين ته ڪٿان جا نه رهنداسين پوءِ ڀل کڻي اسان جو پيشو نفسيات ئي ڇو نه هجي. هر وقت پنهنجي اندر نهارڻ ائين ئي خطرناڪ آهي جيئن ٽينس جي رانديگر لاءِ کيڏڻ وقت، فاصلي، رفتار، ڪُنڊ ۽ ڌڪ بابت سوچيندو رهڻ، يا پيانو وڄائڻ واري لاءِ پيانو وڄائڻ وقت آڱرين جي چرپر تي غور ڪرڻ. دوست ان لاءِ فائدي وارا آهن جو هو اسان جون ڳالهيون ٻڌندا آهن، اسان تي کلندا آهن. هنن جي ذريعي اسان کي ڪنهن حدتائين معروضيت، انڪساري ۽ خوش خلقيءَ جو سبق ملندو آهي، اسان زندگيءَ جي راند جا قاعدا سکندا آهيون ۽ ان راند جا بهترين رانديگر ٿي ويندا آهيون. جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته ماڻهو اوهان سان پيار ڪن ته انڪساري پيدا ڪيو. جيڪڏهن تعريف ڪرائڻ ٿا گهرو ته خودداري کان ڪم وٺو. جيڪڏهن اوهان ماڻهن وٽان محبت ۽ تعريف ٻئي چاهيو ٿا ته ٻاهر جي انڪساريءَ سان گڏ اندر جي خودداري پيدا ڪيو. پر خودداري به انڪساري ٿي سگهي ٿي. خودداري تڏهن انڪساري ٿي سگهي ٿي جڏهن اها ڏيکاءُ ۽ تشهير لاءِ نه هجي. گهڻو چالاڪ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو. چڀندڙ ۽ تکا جملا خراب آهن، اهو اسان جو اصول هئڻ گهرجي ته ڪنهن کي به اسان غلط ثابت نه ڪيون. ائين ڪرڻ سان ٻيو هميشه دل ۾ بغض رکندو. ”ڪجهه نه“. دنيا جو وڏو فائدي وارو اصول آهي، دنيا جي ڪابه شيءِ وڏي فائدي واري نه آهي، ڪڏهن ڪڏهن ڪم نه ڪرڻ سٺو هوندو آهي پر چوڻ سدائين سٺو هوندو آهي. سچ چوڻ لاءِ گهڻو پريشان نه رهو. اوهان سوسائٽيءَ جي رواجن کي مڃو ته جيئن ڪڏهن ڪڏهن اوهان سوسائٽيءَ جي رواجن کي ٽوڙي سگهو، سوسائٽي اوهان کي پنهنجن رواجن جي خلاف ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيئي سگهي ٿي پر شرط اهو آهي ته اهو ڪم اوهان سٺي نموني ڪيو ۽ ان جي مشهوري نه ڪيو، ماٺ ۾ اڳتي وڌو ۽ اجائي دشمني نه پرايو. اڳتي وڌو، تجربي جو آڌرڀا ڪيو. زندگيءَ کي هرکايو ته جيئن اها هميشه اوهان کي ٽمٽار رکي ان کان اڳ جو اوهان زندگيءَ کي الوداع چئو ۽ زندگيءَ جي شعلي کي پنهنجي ٻارن جي حفاظت ۾ ڏيئي وڃو.

پر ان سموري بيان ۾ ذهانت ڪٿي آهي؟ ڇا شخصيت رڳو جبلتن جي راند آهي جنهن ۾ عقل ۽ تصور شامل نٿا ٿي سگهن، جيڪر ائين ٿي سگهي، ائين هجي ته پوءِ شخصيت جو مسئلو حل ٿي وڃي ۽ رڳو مضبوط جذبن سان ئي مضبوط انسان بڻجي وڃن.

پر ائين نه آهي، هڪ ڪامل روح ۾ تخيل ائين جلوه گر ٿيندو آهي جيئن باهه ۾ روشني، اسان تصورن ۾ گُم ٿي سگهون ٿا پر دورانديشيءَ سان وڏيون فتحون به ڪري سگهون ٿا. ايمرسن چيو آهي ته ڪا جنگ وڙهڻ کان اڳ نيپوليئن اهو گهٽ سوچيندو هو ته فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ هو ڇا ڪندو. ان کان وڌيڪ هو اهو سوچيندو هو ته شڪست کانپوءِ هو ڇا ڪندو. مان جڏهن ڪنهن جنگ جو منصوبو ٺاهيندو آهيان ته مان هر ممڪن خطري ۽ مصيبت کي تمام گهڻو وڌائي تصور ۾ آڻيندو آهيان. تصور اسان کي برباد ڪري سگهي ٿو جيئن ان 1812ع ۾ نيپوليئن کي برباد ڪيو هو. عمل کان پهريون گهڻن امڪانن جو جائزو وٺڻ سان اسين ڪيترين بربادين کان بچي سگهون ٿا.

عقل جو فرض آهي ته اهو عمل کي راهه ڏيکاري، عقل جڏهن پنهنجي ليکي ڪم ڪري ته پوءِ عقل هيمليٽ ۽ منطقي پيدا ڪندو آهي. رسه ڪشيءَ جو ڪو فيصلو نه ٿيندو آهي ۽ عضوا ۽ شخصيت ڳرندا ۽ سڙندا آهن، ۽ جڏهن عقل هڪ خواهش جي ٻي خواهش سان راند، هڪ جبلت جي ٻي جبلت تي تنقيد ۽ هڪ جذبي جو ٻئي جذبي جو احتساب بڻبو آهي تڏهن انسان ان مقام تي رسندو آهي جتي هن جا سڀ منتشر عناصر هڪ اِڪي ۽ هڪ ڳانڍاپي ۾ هڪ ٿي، هڪ ڳنڍيل نقطئه نظر ۽ هڪ جامع طرزِ عمل ۾ ظاهر ٿيندا آهن.

اسان جون جبلتون اسان جي بادبانن لاءِ هوا جو ڪم ڪنديون آهن، پر جيڪڏهن اهي بنان ڪنهن پابنديءَ جي جدا جدا ڪم ڪن ته پوءِ اهي اسان کي غلامن وانگر پنهنجي پٺيان گهلينديون وينديون. ڪنهن به اهڙو انسان ڏٺو آهي جيڪو رڳو حرص، رڳو جنس، رڳو جنگ، رڳو سٺي گفتگو يا رڳو راند هجي؟ هر جبلت جي مڪمل آزادي شخصيت کي ختم ڪري ڇڏيندي، جهڙيءَ طرح ان سائرس جي پٽن کي تباهه ڪيو هو جن کي عورتن پاليو ۽ سندن هر خواهش پوري ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح هو ڪمزور انسان ٿي پيا. انڪري خواهش تي ان علم جي اثر ۾، جيڪو ڏاهپ جي جان آهي، شخصيت جي تنظيم جو سامان موجود آهي، اسان کي انهن ٻن واٽن مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي. دنيا اسان جي تربيت ڪري يا اسان پاڻ پنهنجي تربيت ڪيون، شخصيت، جيئن مل چيو آهي، هڪ مڪمل طرح منظم عمل جو نالو آهي.

ترڪيب تجزيي کان سدائين ڏکي هوندي آهي. نفسيات اڃا تائين انسان جي وکريل فطرت کي اِڪيءَ ۾ اُڻي نه سگهي آهي. انسان جيئن آهي تيئن سندس تشريح ڪرڻ سولي آهي، پر اهو ٻڌائڻ ته هن کي ڇا بڻجڻ گهرجي يا هو ڪيئن پاڻ بدلائي سگهي ٿو ڏکيو آهي. اسان هڪ تمام وڏي موضوع جي رڳو هڪ پاسي تي بحث ڪيو آهي. جيڪو اسان جي دور جي گهڻن روشن ذهنن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو. اسان وٽ علم آهي هاڻي اسان کي فن جي ضرورت آهي ته جيئن اسان پاڻ کي نئين سر ٺاهيون. جيئن اسان کنڊن ۽ سمنڊن کي نئين سر ٺاهيو آهي، پر علم طاقت آهي ۽ هر سائنس نيٺ فن ٿي وڃي ٿي ته جيئن ان جا نتيجا انساني سلطنت کي وسيع ڪن. ايندڙ نسل ۾ ماڻهو اهڙيءَ طرح دل ۽ دماغ جي تعمير ڪندا جهڙيءَ طرح هو جهاز ۽ هوائي جهاز جي تعمير ڪن ٿا. انساني جبلتون جيڪي هن بدلجندڙ دنيا ۾ جامد ٿي ويون آهن. ايجادن جي هن تيز رفتار ڪائنات ۾ شعوري طرح نئين صورت اختيار ڪنديون، هاڻي به انسان جي ذهني طاقت وڌي وئي آهي، ايستائين جو اڄ جو هڪ اعليٰ دماغ بنيادي طرح هاريءَ جي سادي دماغ کان ٻيو ٿو لڳي. ڪنهن ڏينهن اسان جا ذهن اسان جي اوزارن جي، اسان جي ڏاهپ اسان جي علم جي ۽ اسان جا مقصد اسان جي صلاحيتن جي مطابق ٿي ويندا. ان وقت اسان آخرڪار انسانن وانگر عمل ڪنداسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org