سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:18 

باب ارڙهون

ڇا جمهوريت ناڪام ٿي آهي

 

جمهوريت، جنهن لاءِ مونٽسڪو montesquieU چيو هو ته ان جو اصول نيڪي آهي تنهن توپن ۽ بندوقن سان جاگيرداري نظام کي ٽڪرا ڪيو. جاگيردار شهسوارن کي پيادي فوج هٿان ماريو، جنگ ۾ آقا ۽ غلام کي برابريءَ جو درجو ڏنو ۽ پيٿاگورس کان پوءِ پهريون دفعو انگن کي اهميت ڏني. سِڪَن ۽ قرض سان واپار سولو بڻايو. تجارتي شاهراهن تي وڏا شهر آباد ڪيا ۽ بندرگاهن تي اهڙيون آباديون قائم ڪيون جن سان غلام هارين کي غلاميءَ جو ڳَٽُ لاڇا جمهوريت ناڪام ٿي آهيهڻ ممڪن ٿيو. هڪ بيڪار رئيسيت جي ڀيٽ ۾ هڪ برجستو قومي تجارتي طبقو پئدا ڪيو جيڪو پنهنجي اقتصادي قوت مطابق سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هو.

والٽيئر ۽ روسيو هڪ وڏي تبديليءَ جا نقيب هئا. هنن جي آزادي، برابري ۽ ڀائپيءَ جي نعري جي لئي تي وچون طبقو پنهنجي سياسي برتريءَ لاءِ وکون وڌائڻ لڳو. هنن جنهن آزاديءَ جي ڳالهه ٿي ڪئي. ان جو مقصد جاگيرداري جبر ۽ بيگر کان نجات حاصل ڪرڻ هو. برابريءَ جو مقصد رئيسن ۽ پادرين جي لُٿ ۾ تجارتي طبقي جو ڀائيوار ٿيڻ هو ۽ اندازو آهي ته ان وقت ڀائپيءَ جو مقصد اهو هوندو ته سرمائيدار واپاري، ڪاسائي، نانوائي، مشعلون ٺاهڻ وارا، رئيسن ۽ پادرين جي محلن تائين پڄي سگهن. ان آزاديءَ جي دعويدارن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ان آزاديءَ ۾ عام ماڻهو ۽ عورتون به شامل هونديون. جمهوري نظريي جي خالق روسيو جو خيال هو ته عورتن ۽ جائداد نه رکڻ وارن ماڻهن کي سياسي اقتدار ۾ حصو نه ملڻ گهرجي. هن جي خيال ۾ اهي ٻئي طبقا عوام ۾ شامل نه هئا. فرانس جي انقلاب کان پوءِ جيڪا اسيمبلي ٺهي تنهن جيڪو آئين ٺاهيو ان ۾ ملڪ جي رڳو ٽي ڀاڱي چار مڙد آدمشماريءَ کي ووٽ ڏيڻ جو حق هو، پهريان آمريڪا جي ڪن رياستن ۾ به ووٽ ڏيڻ لاءِ ٿوري ڪي گهڻي ملڪيت هجڻ لازمي هو. پر پوءِ اينڊريو جيڪسن Anderew Jackson جي ڏينهن ۾ حالتون بدليون، جمهوريت جو مقصد شروع کان وٺي وچولي طبقي يعني ٻئي نمبر وارن بهترين ماڻهن جي حڪومت آهي.

جمهوريت جي ترقيءَ ۾ معاشي سببن سان گڏ ڪي ٻيا سبب به هئا جيئن پروٽيسٽن جي مذهبي اصلاح جي تحريڪ، اِن تحريڪ اُن باغياڻي انفراديت لاءِ رستو صفا ڪيو جيڪا انساني ڀائپيءَ جي جمهوري تصور ۾ پوشيده آهي. COpernicus وٺي ڊارون تائين سائنسدانن ۽ مفڪرن تعصب ۽ وهمن تي جيڪي حملا ڪيا انهن جي وڏي پئماني تي تشهير هنن مان جنت جو انڌو ويساه گهٽائي ڇڏيو ۽ هنن ڌرتيءَ جي جنت تي ويساه ڪرڻ شروع ڪيو جنهن ۾ داناءَ توڙي بيوقوف هڪ جيتري طاقت ۽ خوشي ماڻي ٿي سگهيا. صنعتي انقلاب ماڻهن جي حسب نسب جي بدران سندن حقيقي قوتن جو قدر ڪرڻ سيکاريو. حڪومتي خرچن بادشاهن کي مجبور ڪيو ته هو واپارين سان چڱي هلت هلن ۽ اسيمبليءَ کي وڌيڪ طاقتور بڻائن. هڪٻئي جي مخالف طاقتور گروهن اقليتي گروهن کي ووٽ جو حق ڏياريو ته جيئن سندن برتري وڌي. آقا پٺتي هٽيا ته عوام اڳتي آيو. مڙد پٺتي هٽيا ته عورتون اڳتي آيون هاڻي اها حالت آهي جو اسان سڀ دُٻڻ ۾ قاتل آهيون ۽ سوال آهي ته جنهن صورت ۾ اسان سڀ ان ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون ته پوءِ اسان کي ان مان ٻاهر ڪير ڪڍندو.

يورپ ۾ جڏهن اهي سبب پئدا ٿيا هئا جن جي ڪري انگلستان، فرانس ۽ جرمني ۾ 1688- 1789ع ۽ 1918ع ۾ انقلاب آيا ۽ 1917ع ۾ روس جي انقلاب ۾ پهريون دور شروع ٿيو تڏهن آمريڪا جي جمهوري اوسر انهن انقلابن کي هٿي ڏني هئي. اسان جو 1776ع وارو انقلاب، جيڪو هاڻي ايڏو ته پري آهي جوان جي پوريءَ طرح تشريح ڪري نٿي سگهجي، اها رڳو انگلستان جي بُيٺڪ جي جنگ نه هئي پر اهو شايد ته ٻاهران آيل رئيسيت جي خلاف وچولي طبقي جي جنگ هئي. اهو انقلاب ان سياسي زلزلي جو حصو هو جنهن اولهه جي دنيا جي سماجي سطح کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ جاگيرداراڻي رئيسيت کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري عوامي حڪومت جو بنياد وڌو.

جيئن يورپ ۾ هارين جي بغاوتن سرمائيدار طبقي کي جاگيردار نوابن تي برتريءَ کي سولو بنائي ڇڏيو، ائين اسان جي ملڪ ۾ واندي پيل زمين جي گهڻائيءَ وچولي طبقي جي اوسر کي آسان ڪري ڇڏيو ۽ آمريڪا لاءِ جمهوري نظام فطري ٿي پيو ۽ آمريڪا شروعات ئي هڪ جهڙائي ۽ آزاديءَ سان ڪئي. اشتراڪيت وانگر جمهوريت به شروعاتي مرحلن ۾ سولي لڳندي آهي پر پوءِ آرام وارين منزلن ۾ ڏاڍي ڏکي ٿي پوندي آهي. 1830ع ۾ ڊي ٽوڪيوِل DE TOcQUVILLE هتان جي اقتصادي مساوات ڏسي حيران ٿي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ ڪانگريس کان زمين گهربي هئي ته سولائي سان ملي ويندي هئي پر هاڻي رڳو ڪارپوريشنز کي ٿي ملي، تڏهن هتي حقيقي جمهوريت هئي جو سياسي برابري ڪيتري قدر زمين جي مالڪيءَ جي برابريءَ تي ٻڌل هئي. اهي ماڻهو پنهنجي زمين تي پير کوڙي بيٺا هئا. هنن جي جمهوريت رڳو ووٽ تائين محدود نه هئي پر هو اهي ماڻهو هئا جن جيفرسن کي پنهنجو صدر بڻايو جيڪو ٽام پين وانگر ڪٽر ۽ ان ماڻهوءَ جهڙو قدامت پسند هو جيڪو هر اڻويهن سالن کان پوءِ انقلاب گهرندو آهي. هي اُهي ماڻهو هئا جن ايمرسن جي خود اعتماد انفراديت ۽ وِٽمين جي عام ماڻهوءَ کي سربلندي بخشڻ جا بنياد فراهم ڪيا. هي ئي اُهي ماڻهو هئا جن يورپ ۾ آمريڪي شهريءَ جو اهو تصور قائم ڪرايو ته آمريڪي شهري، هوشيار، منفرد ۽ خودمختيار هوندو آهي. اڄڪلهه جي حالتن ۾ آمريڪي شهريءَ جو اهو تصور اهڙو ئي ناممڪن آهي جهڙو جيفرسن جو صدر چونڊجڻ.

انهن کانسواءِ ٻيا به سبب آهن، اسان جي ملڪ جي جمهوريت جي شروعاتي ڏينهن جي ڇٽا ڀيٽيءَ اسان جي شخصيت جي آزادي ۽ خود اختياريءَ کي وڏي هٿي ڏني، لڳي ٿو ته ان زماني ۾ هنرمند مزور اڄڪلهه کان وڌيڪ هئا. اڄڪلهه ته يورپ مان بي هنر هاري آمريڪا جي شهرن جي بي وس ۽ بي هنر هارين جي انگ ۾ واڌارو ٿا ڪندا وڃن. ان زماني ۾ ماڻهو رڳو مزور نه هئا پر ڪنهن هنر جا ڄاڻو به هئا جنهن جي ڪري هنن کي پنهنجي الڳ پُراعتماد ۽ خودمختيار شخصيت هئي جيڪا اڄڪلهه اسان کي معياري تعليم ۽ اخبارن وسيلي حاصل ٿي ٿئي. ان زماني ۾ ٻهراڙين ۾ رهڻ وارن کي الڳ رهڻ جي ڪري انفرادي آزادي وڌيڪ حاصل هئي جنهن جي ڪري کين جمهوريت مان فائدو وٺڻ جو وڌيڪ موقعو مليو، بلڪل ائين جيئن هڪ قوم جي حيثيت ۾ عظيم سمنڊن جي حفاظت ۾ رهندي اسان کي آزاديءَ ۽ تحفظ حاصل آهي... اهي ۽ ٻيا سوين سبب هئا جن گڏجي آمريڪي جمهوريت کي حقيقي بڻايو.

جمهوريت جو زوال:

پر هاڻي اهي حالتون نه رهيون آهن. واپار، هڪ جاءِ تان ٻي جاءِ تي مال ڍوئڻ جي وڌندڙ وسيلن، تباهي آڻيندڙ مشينن جي ايجاد، جن سان ٻين ملڪن تي حملو ڪرڻ سولو ٿي پيو آهي، جي ڪري اسان جي قومي علحدگي ختم ٿي وئي آهي ۽ جيئن ته مال پئدا ڪندڙ، مال ورهائيندڙ ۽ مال استعمال ڪندڙ ٽيئي هڪٻئي جي ضرورت ٿي پيا آهن انڪري فرد جي شخصي آزادي ختم ٿي وئي آهي. هاڻي جڏهن ڪلون ٿيون ڪلن کي هلائن تڏهن هنرمند ماڻهو ورلي ٿا نظر اچن ۽ سائنسي انداز جي انتظام جي ڪري هنر جي حيثيت روزاني جي معمول واري ٿي پئي آهي. چٽاڀيٽي ختم ٿيندي ٿي وڃي ۽ هاڻي شايد اها رڳو موٽرن جي ڪاروبار ۾ رهندي، چٽاڀيٽي هڪ هٿيءَ ۾ بدلجندي ٿي وڃي. دڪاندار خود مختيار هو پر هاڻي مال ورهائڻ واري جي قبضي ۾ آهي. هاڻي هڪ مالڪ جو دڪانن جا سلسلا آهن، هڪڙي مالڪ جو هوٽلن جو سلسلو آهي ته ٻئي جو جنرل اسٽورن جو، ايستائين جو ڪو ايڊيٽر جيڪو اخبار جو مالڪ به هوندو آهي ۽ ڪوڙ کي پنهنجي انداز سان پيش ڪرڻ گهرندو آهي، هاڻي اهو به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڇاڪاڻ ته هاڻي هرهنڌ هزارين اخبارون هڪ ئي ڪوڙ کي وڌيڪ سٺي نموني سان شايع ڪن ٿيون. ڪاروبار جي مئنيجرن سان گڏ بئنڪون ۽ ڊائريڪٽرن جو انگ گهٽبو ٿو وڃي. پر ماڻهن جي زندگين ۽ پورهي تي سندن اختيار وڌندو ٿو وڃي. جاگيردارن کان بغاوت ڪندڙ وچولي طبقي ۾ هڪ نيئن رئيسيت پئدا ٿي آهي، برابري، آزادي ۽ ڀائپي هاڻي واپاري طبقي جا آدرش نه آهن. وچولي طبقي ۾ به هر سال اقتصادي آزادي گهٽبي ٿي وڃي. جڏهن آزاد چٽا ڀيٽي. برابري ۽ اجتماعي ڀائپي ختم ٿيڻ شروع ٿئي تڏهن سياسي آزادي نظر جو فريب ۽ جمهوريت رڳو خواب بڻجي ويندي آهي.

هيءَ جيڪا تبديلي آئي آهي اها ماڻهن جي غلط ڪمن جي ڪري ناهي آئي (جيئن اسان جواني ۾ سمجهندا هئاسين) پر اقتصادي اوسر جي غير شخصي قوتن جي ڪري آئي آهي ماڻهو تڏهن آزاد ٿي سگهن ٿا. جڏهن هو طاقت ۽ صلاحيت ۾ برابر هجن پر ان صورت ۾ به هنن جي آزادي سندن برابريءَ کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. نسلي ورثي جي ڪري ماڻهن جي طاقت ۽ صلاحيت ۾ جيڪو فرق هوندو آهي. ان سان سماجي ۽ مصنوعي فرق پئدا ٿيندو آهي ۽ هر نئين کوجنا ايجاد سان طاقت وڌيڪ مضبوط ۽ هيڻائپ وڌيڪ هيڻي ٿيندي آهي. برابريءَ ۾ هڪ غير برابريءَ وارو تعلق آهي جيئن تارازيءَ جي ٻن پڙن ۾ هوندو آهي جن کي مصنوعيءَ طرح برابري بڻايو ويندو آهي. جيئن تنظيم ۽ پيچيدگيون وڌنديون آهن تيئن برابري گهٽبي آهي. سماجي ارتقا لاءِ برابريءَ جو نه هجڻ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته ارتقا جو اهو عمل جدا جدا ڪم کي جدا جدا ماڻهن ۾ ورهائيندو آهي. صلاحيت ۽ اهليتن جي فرق کي ظاهر ڪندو آهي ۽ ماڻهن ۾ صلاحيتن جي فرق کي سوسائٽيءَ لاءِ ڪارائتو بڻائيندو آهي ”برابري ٻن نظامن جي وچ۾ عبوري دور جي هڪ منزل آهي جيئن آزادي ٻن بندوبستن جي وچ۾ هڪ رستو آهي“ ڏسو ته آمريڪا جي اوائلي دور واري برابري ڪيئن هزارين اقتصادي ۽ سياسي فرقن جي هيٺان دٻجي وئي آهي ۽ اڄڪلهه امير ۽ غريب جي وچ۾ فرق ايڏو وڌي ويو آهي جيڏو روم جي تهذيب کان پوءِ، تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نظر نٿو اچي. ووٽ جي برابريءَ مان ڪهڙو فائدو جڏهن طاقت غير برابريءَ سان وراهجي ۽ سياسي فيصلا ماڻهن جي گهٽائيءَ جي بدران ڊالرن جي گهٽائيءَ سان ٿين.

اقتصادي غير برابري ۽ آزاديءَ جي ختم ٿيڻ سان ئي سياسي منافقت ۽ زوال جي شروعات ٿي. پر انهن کان سواءِ ٻيا به ڪيترا سبب هئا ۽ جيستائين اسين اهي سبب نه سمجهنداسين تيستائين زوال جي مسئلن کي پوريءَ طرح سمجهي نه سگهنداسين. انڪري ضروري آهي ته انهن سببن جو مختصر جائزو وٺون. ان جو هڪ سبب سياست جي دائري جو وڏو ٿيڻ ۽ آمريڪا جي بيٺڪي راڄ جو وڌڻ آهي. جيتري رياست وڏي هوندي اوترو ئي شخصيت ۽ جمهوريت کي قائم رکڻ ڏکيو هوندو. چوندا آهن ته پنجن ميلن تي جمهوريت مري ويندي آهي. جمهوريت شهرن لاءِ هئي جتي ماڻهو پاڻ وڃي ووٽ ڏيئي سگهندا هئا. وڏين آبادين تي حڪومت ڪرڻ سولو آهي. ڇاڪاڻ ته هنن کي جيڪي شڪايتون هونديون آهن. انهن لاءِ يڪراءِ ٿيڻ، قدم کڻڻ ۽ متحد ٿيڻ ڏکيو هوندو آهي. پيريڪلس pericles ۽ ڪيلئون cleon جو جيتوڻيڪ ٻين ڳالهين ۾ هڪٻئي سان اختلاف هو پر هو ٻئي ان ڳالهه تي متفق هئا ته وڏن رياستن ۾ جمهوريت جو هلڻ ڏکيو آهي. وري ٿورو حڪومتن جي انتظامي ۽ معاشي طرح پيچيدي ٿيندڙ جوڙجڪ تي غور ڪيون. ڪو وقت هو جو حڪومت بادشاهه، سندس درٻارن ۽ حرم تي ٻڌل هئي پر اڄڪلهه هزارين اهڙن گروهن جي پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو سرشتو آهي، جيڪي پاڻ ۾ ٺهيل نه هوندا آهن. ان سرشتي ۾ جن جو ڪردار گهڻو نه هوندو آهي انهن کي به پورو وقت ڏيڻو پوندو آهي. اڄ ججن جي عارضي ۽ واري وٽيءَ سان مقرري ۽ اڻ ڄاڻ ماڻهن جي اسيمبلين ۾ اُٻاهرن فيصلن جي ڪري به جديد رياست تي حڪومت هلائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي. انهن سببن جي ڪري ايٿنز جي ماڻهن کي خود اختياري ملي پر پوءِ ترت ئي جمهوريت کي قبر داخل ٿيڻو پيو. ساري دنيا ۾ فطري طريقو اهو آهي ته هر جماعت، هر اداري ۽ پارليامينٽ ۾ مشين جون ڪلون پئدا ٿينديون آهن. جمهوريت ان گروهه بندي لاءِ بنياد مهيا ڪندي آهي. ووٽ ڏيڻ وارا جيڪي اصل حاڪم هوندا آهن اٽي ۽ لٽي جي چڪر ۾ ڦاٿل هوندا آهن. هو انهن هزارين قسم جي مسئلن بابت ڪيئن باخبر رهي ٿا سگهن. جيڪي سندن جماعت، تنظيم يا اداري کي درپيش هوندا آهن. هو پنهنجي جماعت جي باري ۾ سوالن جا جواب ڏيئي نه سگهندا آهن جو هنن کي خبر ئي ڪانه هوندي آهي. جمهوريت بي خبر ماڻهن جي حڪومت جو نالو آهي.

جنگ ۾ جمهوريت سڀ کان پهرين مجروح ٿيندي آهي. ڊي ٽوڪيوِل De TocQuvIlle اڳڪٿي ڪئي هئي ته ان وقت آمريڪا کي جمهوريت تان هٿ کڻڻو پوندو. جڏهن هو پنهنجو پاڻ کي يورپ جي سياست ۽ جنگين ۾ ڦاسائيندو. ميڪالي چيو هو ته فوج خراب سالار جي ڪمان ۾ ته ترقي ڪري سگهي ٿي. پر بحث ڪندڙ سماج ترقي ڪري نٿو سگهي. مزور انجمنن جو گهڻو لاڙو به ٿورن ماڻهن جي حڪومت ڏانهن هوندو آهي جو اهي به هڪ نوع جون فوجي تنظيمون هونديون آهن، جن جو ڪم بچاءُ ۽ حملو ڪرڻ هوندو آهي. رجعت پرستن کي ان ڳالهه جي خبر هوندي آهي. ان ڪري هو ملڪ مان آدم گهٽائڻ لاءِ يا وري قومي اتحاد لاءِ جنگ شروع ڪندا آهن. جمهوريت جنگ جو علاج نه آهي پر جنگ جمهوريت جو علاج آهي. شايد اسان جا اڳواڻ جڏهن عالمي جنگ شروع ڪندا ته اهو علاج مستقل ٿيندو.

جمهوريت جي ناڪاميءَ جو آخري سبب جهالت آهي. ايمرسن چيو هو ته ”عوام جي ناداني هميشه طاقت کي بي ڊپو بڻائيندي آهي. جن ماڻهن ويهن سالن جي چونڊن جو معائنو ڪيو انهن جي راءِ صحيح ثابت ٿي آهي. جمهوريت جي نظريي وارن اها پڪ ڪري ورتي هئي ته انسان هڪ باشعور حيوان آهي. اها ڳالهه هنن پڪ منطق جي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهي هوندي. انسان بنياديءَ طرح جذباتي حيوان آهي جيڪو ڪڏهن ڪڏهن سمجهدار به ٿي ويندو آهي ۽ پنهنجي جذبات جي ڪري هو وڏي آرام سان هزارين فريب به کائيندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته لنڪن جو هي قول صحيح هجي ته اوهان سڀني ماڻهن کي هر وقت بيوقوف بڻائي نٿا سگهو. پر اوهان هڪ وڏي اڪثريت کي بيوقوف بڻائي هڪ وڏي ملڪ تي حڪومت ڪري سگهو ٿا. هڪ اندازي مطابق هڪ منٽ ۾ ڌرتيءَ تي هڪ سؤ نوان احمق ٿا پئدا ٿين جيڪو جمهوريت لاءِ خراب سوڻ آهي. ان مان ظاهر آهي ته رڳو جمهوريت ناڪام نه ٿي آهي پر اسان پاڻ به ناڪام ٿيا آهيون. اسان جڏهن طاقت حاصل ڪئي. تڏهن اسان پاڻ کي ذهين بنائڻ وساري ڇڏيو. اسان سمجهيو ته وڏي انگ ۾ طاقت آهي پر وڏي انگ مان اسان کي سطحي ذهانت ملي. ووٽ ڏيڻ وارن جو جيترو وڏو انگ هوندو. اوترو ئي ووٽ وٺڻ وارو معمولي ماڻهو هوندو يا معمولي صلاحيتن وارو هوندو جن کان متاثر ٿي ووٽ ڏيڻ وارا کيس ووٽ ڏيندا. اسان پنهنجن چونڊيل حڪمرانن کان عظمت ۽ دور انديشيءَ جي گهر نٿا ڪيون. رڳو ايتري گهر ٿا ڪيون ته هو سٺي تقرير ڪري سگهن ۽ اسان کي بک نه مارن. بيڪن چيو هو ته پراڻي زماني ۾ سياستدان جمهوريتن لاءِ چوندا هئا ته ماڻهو سمنڊ وانگر آهن ۽ تقرير ڪرڻ وارو هوا وانگر هوندو آهي. اصل ۾ اسان کي ان ڳالهه جو احساس ئي نه هوندو آهي ته اسان تي ڪير ٿو حڪومت ڪري يا اسان تي حڪومت ڪئي پئي وڃي. جيئن اڳئين زماني ۾ جاگيردارن جي ذريعي محصول ڏيندا هئاسين ته اسان کي محسوس ئي نه ٿيندو هو ته محصول ٿا ڏيون.

والٽيئر بادشاهت کي جمهوريت کان وڌيڪ چڱو سمجهندو هو. هن جو خيال هو ته بادشاهت ۾ رڳو هڪ ماڻهوءَ کي تعليم ڏيڻ جي ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته جمهوريت ۾ لکين ماڻهن کي تعليم ڏيڻي پوندي آهي جن مان اڃا رڳو ڏهه سيڪڙو ماڻهو مس تعليم پرائي سگهندا آهن ته اجل جو کين سڏ اچي ويندو آهي. اسان کي اندازو ئي نه آهي ته ڄم جو انگ اسان جي نظرين ۽ دليلن تي ڪيتري قدر اثر انداز ٿيندو آهي. جيڪي ٿورائي ۾ آهن. انهن جا خاندان ننڍا آهن ۽ اهي تعليم پرائيندا آهن. جيڪي گهڻائيءَ ۾ آهن انهن جا خاندان وڏا آهن ۽ انهن وٽ تعليم پرائڻ لاءِ وقت ڪونهي. هر نسل جا گهڻي ڀاڱي ماڻهو غريب گهراڻن ۾ پئدا ٿين ٿا. جيڪي علم حاصل ڪرڻ جي عياشي ڪري نٿا سگهن. ان ڪري سياسي سوچ جي آزادي اجائي ٿي ثابت ٿئي. جنهن تيزيءَ سان جهالت ٿي وڌي ان کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ذهانت وڌائڻ لاءِ زور ڀرڻ اجايو آهي. پروٽيسٽنٽ، مذهب جي اهائي وڏي ڪمزوري آهي. مذهب کي قومن وانگر جنگ ڪري بچائي نٿو سگهجي. مذهب کي چڱو نسل پئدا ڪري بچائي سگهجي ٿو.

 ان ڪري جمهوريت قدامت پرست هوندي آهي، اناطول فرانس ان ڳالهه تي سخت افسوس ڪندو هو ته گروهه نئن شين کان ڊڄندا آهن. بسمارڪ جي خيال ۾ عام ماڻهن کي ووٽ جو حق ملڻ سان بادشاهي پاليسين جي حمايت حاصل ٿيندي آهي. شين جو اونداهو رُخ ڏسڻ واري ان پوڙهي چيو هو ته ”منهنجي خيال ۾ ڪنهن به قدامت پرستيءَ واري قدم کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سڌي سنئين چونڊ جو طريقو ۽ عام ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ جو حق اسيمبليءَ جي ٺاهيل قانون کان وڌيڪ ڪارائتا آهن.“ عورتن ان ڪري سولائيءَ سان ووٽ جو حق حاصل ڪري ورتو جو جدا جدا جماعتن جي اڳواڻن جي خيال هو ته عورتون قدامت پرستيءَ جي حمايت ڪنديون. سئزرلينڊ ۾ فرد جي خودمختياري جي حمايت ڪرڻ وارن ڪي سڌارا ڪيا جن ۾ هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جي حق وارو سڌارو به شامل هو. قدامت پرستن اهي سڌارا ووٽ لاءِ عوام آڏو پيش ڪيا ۽ عوام هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ ڏيڻ جي حق سوڌو سڀ سڌارا رد ڪري ڇڏيا. 1918ع ۾ انگلستان ۾ هرهڪ ماڻهوءَ کي ووٽ جو حق مليو ته اَڌ صديءَ اندر هڪ رجعت پسند حڪومت قائم ٿي وئي. آسٽريليا ۾ زوري ووٽ ڏيڻ جي قانون جي ڪري اهڙن ماڻهن جو انگ، جيڪي ووٽ ڏيئي ٿي سگهيا، 1912ع ۾ سٺ سيڪڙو هو 1925ع ۾ نوي سيڪڙو ٿي ويو. نتيجو اهو نڪتو جو قدامت پرستن وڏي انگ ۾ حڪومت حاصل ڪري ورتي. آمريڪا ۾ ووٽ جو حق وڌيڪ ماڻهن کي ڏيڻ جي باري ۾ سرهينري مين اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته اها ڳالهه اجائي آهي ته ووٽ جو حق وڌيڪ ماڻهن کي ملڻ سان ترقيءَ ۾ واڌارو ٿيندو. نئين سوچ، نوان انڪشاف، نيون ايجادون، کوجناؤن ۽ زندگيءَ جا نوان فَنَ وڌندا پر ان ڳالهه جو انديشو آهي ته ان سان هڪ قسم جي هاڃيڪار قدامت پرستي پکڙبي. اسان کي ان تعصبي انگريز سان اتفاق ڪرڻو پوندو ته جمهوريت عظيم دماغن جي دشمن آهي ۽ فن سان ان جو ڪو تعلق ڪونهي. جمهوريت انهن شين جو قدر ڪندي آهي جيڪي وچولي ذهن جي ماڻهن کي سمجهه ۾ اينديون آهن. هوءَ اهڙا محلات ٺاهيندي آهي جيڪي فلمن ۾ نظر ايندا آهن ۽ سمجهندي آهي نه هن پارٿينون ٺاهيو آهي. جيڪڏهن ايٿنز اسيمبليءَ جي ڳالهه مڃي ها ته پارٿينون ڪڏهن ٺهي نه سگهي ها.

جمهوريت ۾ اڪثريت جو ذهنن تي جبر ايڏو ئي ٿي سگهي ٿو جيڏو بادشاهت ۾ سياسي جبر هوندو آهي. ڪن آمريڪي رياستن ۾ ٿوري علم کان ٿورو وڌيڪ علم هجي ته اهو خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي. انفراديت لاءِ اهڙي نوع جي بدگمانيءَ جو سبب برابريءَ وارو نظريو آهي.

جمهوريت ۾ جيئن ته سڀ ماڻهو برابر هوندا آهن ان ڪري اڪثريت جي ووٽ سان ڪابه حقيقت ثابت ڪري سگهجي ٿي ۽ ڪنهن به رسم کي مقدس بڻائي سگهجي ٿو. جمهوريت رڳو مشيني دور جو نتيجو نه آهي ۽ نه ئي جمهوريت مشينن ذريعي حڪومت هلائيندي آهي پر خود جمهوريت ۾ خطرناڪ مشين واري طاقت هوندي آهي. اها طاقت جاهلاڻي جبر جو اهو وزن هوندو آهي جيڪو اختلافن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. اعليٰ ذهنن کي چيڀاٽيندو آهي ۽ غير معمولي صلاحيتن کي اُسرڻ نه ڏيندو آهي، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ تعليم تي ايتري فياضيءَ سان خرچ نٿو ٿئي جيترو آمريڪا ۾ ٿو ٿئي. پر ساڳئي وقت ڪنهن به ملڪ ۾ تعليم جو ايترو گهٽ احترام ۽ ان جو ايترو گهٽ استعمال نٿو ڪيو وڃي جيترو آمريڪا ۾ ٿو ڪيو وڃي. اسان وڏي فياضيءَ سان اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهيون آهن ۽ هاڻي جڏهن اهي سڀ ادارا ٺهي ويا آهن ۽ سڀ ڀريل ٿا نظر اچن تڏهن اسان تعليم کي انتظامي عهدن لاءِ نااهليت جو معيار بڻائي ڇڏيو آهي.

جمهوريت جي عمل جا طريقا :

ڪنهن به قوم ۾ جيڪي ٿورا ماڻهو واقعي حڪومت ڪندا آهن انهن کي عوامي راءِ حاصل ڪرڻ جو ڏيک ڪرڻو پوندو آهي. اهڙيءَ طرح هڪ خاص طبقو پئدا ٿيندو آهي. جنهن جو ڪم حڪومت هلائڻ نه پر ان حڪمران طبقي جي منصوبن لاءِ عوام کان منظوري وٺڻ هوندو آهي، جيڪو طبقو جمهوري رياست جي دل هوندو آهي. ان طبقي کي اسين سياستدانن جو طبقو ٿا چئون، چڱو ٿيندو ته ان طبقي جي باري ۾ وڌيڪ گفتگو نه ڪيون.

سياستدان جماعتن ۾ وراهيل هوندا آهن ۽ ماڻهن کي هڪٻئي جي مخالف گروهن ۾ ورهائيندا اهن. ماڻهوءَ جي اها فطرت آهي ته هو ٻين سان گڏجي رهندو آهي ۽ هن جي ان فطري لاڙي جي ڪري سياسي جماعتون ٺاهڻ سولو هوندو آهي. جماعتون ٺاهڻ ان دور جون نشانيون آهن جڏهن ماڻهن جون قبائلي جنگين ۾ پنهنجي پنهنجي قبيلي سان وفاداريون هونديون هيون. آسٽريليا جا وحشي پنهنجي قبائلي نشان واري قبيلي جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ هيڏي وڏي کنڊ جي هڪ  ڪنڊ مان ٻي ڪنڊ ۾ ويندا هئا. ان زماني ۾ قبائلي نشان (ٽوٽم) اڄ به تنظيم سازيءَ ۾ وڏو مددگار ٿيو آهي ۽ اڄ به اهي جماعتون جيڪي پنهنجو چونڊ نشان هاڻي گڏه چونڊينديون آهن، انهن ماڻهن کان وڌيڪ ماڻهن جون وفاداريون حاصل ڪري سگهنديون آهن جيڪي، سادگيءَ وچان پنهنجو چونڊ نشان بيٽري وغيره رکنديون آهن.

اڄڪلهه تنظيم يا جماعت هلائڻ لاءِ پئسن جي ضرورت هوندي آهي، ۽ ان لاءِ وري فرشتن جي ضرورت پوندي آهي. جيڪي ”حقيقت پسند تصور پرست “ هوندا آهن ۽ جيڪي ڪلبن، سير سفر ۽ چونڊ مهم هلائڻ جا خرچ ڀريندا آهن جنهن جي بدلي ۾ هو پنهنجي پسند جا نمائيندا چونڊائيندا آهن، ڪي عهدا ۽ ٺيڪا حاصل ڪندا آهن، تڪليف ڏيندڙ قانونن کان پاڻ بچائيندا آهن ۽ قانون سازيءَ جهڙي ڏکي ڪم ۾ خاموشيءَ سان دست اندازي ڪري خوش ٿيندا آهن. ڪروزيئر crozier چيو آهي ته جيڪي عيوضي مقرر ڪندا آهن اصل ۾ اهي ئي حڪومت ڪندا آهن. عوام جيئن ته بدنظمي ۽ جهالت ۾ ڦاٿل هوندي آهي انڪري هر ڪنهن کي نامزد ڪري نه سگهندو آهي. ماڻهن تي ايترو اعتماد ڪري سگهجي ٿو ته هو نوازشون ڪرڻ مهل انصاف کان ڪم وٺندا. هڪ ننڍي ۽ منظم اقليت سڀ ووٽ هڪ پاسي وجهي ڪنهن معاهدي، اهم مسئلي ۽ چونڊ ۾ فيصلو ڪرڻ واري طاقت حاصل ڪري سگهي ٿي. اها مشين انڪري ڪامياب ٿيندي آهي جو اها هڪ ورهايل اڪثريت جي ڀيٽ ۾ منظم اقليت هوندي آهي. ڪارلائل جو اشارو شايد ته ان ڳالهه ڏانهن هو جڏهن هن چيو هو ته ”جمهوريت جي اها فطرت آهي ته اها پاڻ پنهنجو پاڻ کي رد ڪندي آهي ۽ آخر ۾ ان جو نتيجو ٻڙي نڪرندو آهي“ روسيو، جيڪو جوشيلو جمهوريت پرست هو جو چوڻ آهي ته: حقيقي جمهوريت ڪڏهن به وجود ۾ نه آئي آهي ۽ نه ئي ڪڏهن اچي سگهندي ڇاڪاڻ ته اهو فطري نظام جي خلاف آهي ته اڪثريت اقليت تي حڪومت ڪري. ساري سياست منظم اقليتن جي پاڻ ۾ رقابت تي ٻڌل آهي. ووٽ ڏيڻ وارا رڳو تماشو ڏسندا آهن. کٽڻ واري جي همت افزائي ۽ هارڻ واري تي ٺٺولي ڪندا آهن. جماعتن جي جنگ ۾ هنن جو ڪو حصو نه هوندو آهي.“

انهن حالتن ۾ ووٽ جي ڪا معنيٰ ڪانه هوندي آهي پر ووٽ ان ڪري ضروري سمجهيو ويندو آهي ته جيئن ماڻهن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهارجي ته هوئي قانون ٺاهڻ وارا آهن. مونٽيسڪو چيو آهي ته جمهوري ملڪ ۾ ٻين ملڪن کان وڌيڪ ٽيڪسون هونديون ته به ماڻهو احتجاج نه ڪندا جو سمجهندا ته هو پنهنجو پاڻ کي پيا ٽيڪس ڏين. جمهوريت ۾ هر شهري پاڻ رياست هوندو آهي ۽ ملڪ جو صدر سندس سڀني نوڪرن جي مٿان وڏو نوڪر! اوهان ماڻهوءَ کي ٿوري ٽيڳر ڏيو ۽ هو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.

رومي حڪمران ناچ گاني جون سرڪسون ڪرائي ماڻهن تي حڪومت ڪندا هئا. اسان جي حڪمرانن کي ناچ گاني جي سرڪس ڪرائڻي آهي، اسين ان لاءِ پيسا ڏينداسين ۽ پنهنجو پيٽ پاڻ پالينداسين.

انهن حالتن ۾ رڳو هڪڙو فائدو ٿيو آهي ته چونڊن ماڻهن جو ڌيان تعليم ڏانهن ڇڪايو آهي. ان سان تعليم جا موقعا وڌندا آهن. پر اصل مسئلن کي چالاڪيءَ سان لڪائڻ سان تعليم جا اهي موقعا به ختم ٿي ويندا آهن. اهو سياستدان ئي نه آهي جيڪو اصل مسئلن تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي. 1917ع ۾ ڪئناڊا جي چونڊن ۾ زوري ڀرتيءَ جي مسئلي کي ائين چئي لڪايو ويو هو ته جيڪڏهن زوري ڀرتيءَ واري رٿ منظور نه ٿي ته ڪئناڊا ۾ فرانسي ٻولي ڳالهائڻ وارن جي سرسي ٿيندي، ان ڪري انگريز طبقو پنهنجو اثر وڌائڻ لاءِ اُٿيو ۽ زوري ڀرتيءَ واري رٿ ڪامياب ٿي وئي. ظاهري ڏيک سان ڪنهن به واهيات پڻي کي قابل قبول بڻائي سگهجي ٿو. چونڊون رياڪاري ۽ گوڙ جو مقابلو بڻجي وينديون آهن. پر جيئن ته مضبوط دليلن سان گهٽ گوڙ ٿيندو آهي. ان ڪري سچ چونڊن جي وڳوڙ ۾ گم ٿي ويندو آهي. ان کان سواءِ چونڊن جي سلسلي ۾ اهي ڳالهيون به ذهن ۾ رکو ته سڀ ضلعا چاهيندا آهن ته اختيارَ ٻهراڙين جي قدامت پرستن وٽ هجن، لڏپلاڻ ۾ رهڻ وارا ٻهراڙي جا ماڻهو ووٽ جو حق استعمال ڪري نه سگهندا. بدديانتي ۽ طاقت کان ڪم ورتو ويندو.... اهو آهي جمهوريت جو نقشو! انهن حالتن ۾ ووٽ جو قدر ايترو هوندو جيترو ان ٽرين جي ٽڪيٽ جو جنهن جي ريلوي لائين هميشه لاءِ خراب ٿيل هجي. ڀلا اها ڪا تعجب جي ڳالهه آهي ته 1885ع ۾ اسي سيڪڙو ووٽرن ووٽ ڏنا جڏهن ته 1924ع ۾ رڳو پنجاهه سيڪڙو ووٽرن ووٽ ڏنا. يا وري سوچيو ته هڪ ذهني ڪم ڪندڙ ماڻهو هڪ ڪلاڪ ووٽ داخل ڪرائڻ ۽، ”هڪ ڪلاڪ ووٽ ڏيڻ ۾ ڪيئن وڃائيندو. اهو به ان حالت ۾ جو هن کي خبر هوندي ته ٻن الف ۽ ب اميدوارن مان هن کي هڪ جي چونڊ ڪرڻي آهي جڏهن ته ٻئي پ جا ماڻهو آهن.

پر پوءِ به سمجهو ته اسان ووٽ ڏنا، چونڊون ختم ٿيون، چونڊيل ماڻهو واشنگٽن پهتا ته جيئن هو اسان جي ڪانگريس ۽ پارليامنٽ ٺاهين. اتي پهچي هنن کي بيچين ڪرڻ واريون حيرتون ٿينديون آهن. ان ڪري نه ته اسيمبليءَ ۾ پهچڻ سان هنن جا ڪن وڌيڪ سرلا ٿي ويندا آهن. پر انڪري جو هنن کي هنن جي آمريڪي معيار وارين صلاحيتن مطابق چونڊيو ويندو آهي. يعني ته هن ۾ پنهنجو پاڻ کي اميدوار مقرر ڪرائڻ، پنهنجي تشهير ڪرائڻ، پنهنجي لاءِ، نعرا لڳرائڻ ۽ پاڻ کي چونڊائڻ جون صلاحيتون هئڻ گهرجن ۽ انهن چونڊيل ميمبرن ۾ اهي صلاحيتون اعليٰ پيماني تي موجود هونديون آهن. عام طور هو ٻين جي اثر ۾ رهڻ ۽ ڍلي ضمير وارا ۽ خطري واري ذهانت کان وانجهيل هوندا آهن. يعني ته هنن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ڪانه هوندي آهي جنهن جي ڪري هو نااهل ٿيڻ جا اهل هجن. هاڻي اها ڳالهه واضع ٿيڻ گهرجي ته جنهن ماڻهوءَ جي مشهوري هوندي ته هو معمولي ذهن ۽ معمولي صلاحيت وارو آهي ته ان ماڻهوءَ جي اعليٰ عهدي تي پهچڻ جا امڪان وڌيڪ هوندا.

اسان جي نمائندي جو واسطو اوچتو اهڙن مسئلن سان پوندو آهي جيڪي هن لاءِ بنهه نوان هوندا آهن. اڳ هن کي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ پنهنجي تڪ، علائقي ۽ ضلعي جي بااختيار ماڻهن سان وفاداري، لڪي اثر وجهڻ ۽ لڪل معاهدو ڪري سگهڻ جي صلاحيت جي ضرورت هئي. هن کي تقريرون ڪرڻ، الزام هڻڻ ۽ ٻين جي الزامن جي ترديد ڪرڻ ۽ پاڻ ڏيکارڻ ۾ ماهر هجڻ جي ضرورت هئي. پاڻ مرادو چندا ملڻ، ۽ قانون کان بچائي، اهي خرچ ڪرڻ، بااختيار ماڻهن تي مهربانيون ڪرڻ ۽ هر هڪ سان واعدو ڪرڻ ۾ مهارت جي ضرورت هئي. پر هاڻي جن مسئلن سان واشنگٽن ۾ هن جو واسطو ٿو پوي اهي اقتصادي آهن جهڙوڪ؛ زمين جي مالڪي، خام مواد، ڪوئلي جي کاڻن، تيل جي کوهن. پاڻي سان بجلي حاصل ڪرڻ پئداوار، چٽاڀيٽي، مال برداري، جهاز راني، هوابازي، پئنچائت، مال جي ورڇ، وڪرو ۽ مالي مسئلا. انهن مسئلن جي تفصيل جي ڄاڻ رڳو ماهرن کي هوندي آهي ۽ اهي مسئلا انهن ماڻهن لاءِ مسئلو ٿي پوندا آهن جن کي رڳو ڀڃ ڊاهه ۾ مهارت هوندي آهي. اسان جو نمائندو ميمبر اخبارن جي پٺيان لڪندو آهي ۽ جيئن کيس چيو ويندو آهي تيئن ووٽ ڏيندو آهي.

جيئن جيئن حڪومتي سرشتو وڌيڪ پيچيدو ٿيندو ٿو وڃي تيئن تيئن چونڊيل نمائندا گهٽ ۽ ماهر هنرمند وڌيڪ اهم ٿيندا ٿا وڃن. انتظاميه قانون سازي ڪرڻ وارن جي معاملن ۾ دست اندازي ڪندي آهي ڇاڪاڻ جو انتظاميه کي ماهرن جي ڪميٽن جي ٽيڪ هوندي آهي. جيئن فيڊرل رزرو بورڊس. فيڊرل ٽريڊنگ ڪميشنس، ليبربورڊس، انٽراسٽيٽ ڪامرس، ڪميشنس، ڊيٽ ڪميشنس، آمريڪي صدر هارڊنگ جي زماني ۾ ڪانگريس جي ميمبرن کي اهو ڏسي صدمو ٿيو هو ته هڪ پيريڊ ۾ هنن کي ماهرن جي پٺيان ڪرسيون ڏنيون ويون هيون. ان لاءِ سينيٽ احتجاج ڪيو هو پر هارڊنگ سياڻپ سان کين مطمئن ڪري ڇڏيو هو. اهڙي سياڻپ جي ڪري ئي هو صدر ٿيو هو. پر ان مان هڪڙي ڳالهه ته ظاهر ٿي ته حالتون بدلجي ويون آهن. نمائنده حڪومت ختم ٿي وئي آهي ۽ جمهوريت اعليٰ عهدن لاءِ ذهين ماڻهن کي چونڊائڻ جو ڪو طريقو ڳولهي نه سگهي آهي. ذهين ماڻهو ان وقت عهدن تي مقرر ٿيل هئا. جڏهن جمهوريت اخبارون ٿي پڙهيون ۽ تقريرون ٿي ڪيون. ڪٿي اهو سبب ته نه آهي جو اسين دشمن ملڪ کي جمهوري سرشتو اختيار ڪرڻ جون صلاحون ڏيندا آهيون. نٽشي اهڙي رجحان جي ڳالهه ٿو ڪري جنهن تحت ماڻهو دشمن ملڪ کي جمهوريت اختيار ڪرڻ جي صلاح ڏيندا آهن جو اهو حڪومتي سرشتو ان ملڪ کي ڪمزور ڪندو آهي ۽ کيس ٻين معاملن ۾ اٽڪائي کائنس جنگ ڪرڻ جي اهليت کسي وٺندو آهي. جمهوريت حڪومت نااهل، بداخلاق ۽ بيوقوف جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندي آهي؛ شايد انڪري ئي اٽلي، اسپين، يونان، روس پولينڊ ۽ پورچوگيز ۾ گهڻو ڪري جمهوريت آمريت ۾ بدلي آهي ۽ شايد ته فرانس ۾ به ائين ٿئي پيو. جيستائين اسان جو تعلق آهي. ڏسو ته اسان وٽ ڇا ٿيو آهي. سياسي سڌارن جي قوت هار کاڌي آهي ۽ جتي ان کي ڪاميابي ٿي آهي اها حڪومت جي پٺڀرائيءَ جي ڪري ٿي آهي. سياست تي هاڻي پوريءَ طرح حڪمرانن جو قبضو ٿي چڪو آهي جيئن اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ ٿيو هو. پيشه ور سياستدان پهرين کان وڌيڪ آقا بڻجي چڪا آهن. پنجاهه سالن جي جدوجهد کان پوءِ هنن نيٺ پنهنجي دشمن کي مات ڪيو آهي ۽ هنن جو اهو دشمن آهي سڌارا ڪرڻ وارو! وچولو ذهن ڪامياب ٿي چڪو آهي ۽ هر هنڌ ذهانت جمهوريت کان پناهه ٿي گهري جيئن چؤطرف چڙهندڙ سامونڊي وير کان پناهه گهربي آهي.

مڃون ٿا ته اهو جانبداراڻو تجزيو آهي، الزام هڻڻ واري جو نقطه نگاهه آهي ۽ مڪمل تجزيو نه آهي. جمهوريت جي چڱاين جي ايتري ته واکاڻ ٿي چڪي آهي جو هتي ان جي وڌيڪ واکاڻ جي ضرورت ڪانهي. اهو صحيح آهي ته اقليت جي اڪثريت تي جبر کان اڪثريت جو اقليت تي جبر چڱو آهي. اهو به صحيح آهي ته جمهوريت ۾ پڙهيل ماڻهن جي بي وسي قابليت جي ان غلاميءَ کان چڱي آهي جيڪا رئيسيت جي خانداني اقتدار جي تشدد جي ڪري هئي. اهو صحيح آهي ته جمهوريت عام ماڻهوءَ جي خودداريءَ کي وڌايو آهي جيئن هن غير معمولي ذهن کي چٿيو آهي. اڄ ووٽ ڏيڻ واري کي وڏي آزادي آهي ۽ هن ۾ وڏي جرات ۽ انفراديت پئدا ٿي آهي. اهو به صحيح آهي ته اسان ۾ هاڻي ٻانهپ ڪانهي (يا ان جو احساس ڪونهي) هر شخص سمجهي ٿو ته هو ملڪ جو صدر ٿي سگهي ٿو. برائس bryce وڏي صبر کان ڪم وٺي چيو هو ته حڪومت جا ڪيترا سرشتا آهن جيڪي جمهوريت کان وڌيڪ خراب آهن.

جيئن ٿا جمهوريت جو وڌيڪ تجزيو ڪيون تيئن ٿا ان جي نااهليت ۽ خلوص جي گهٽتائيءَ کي ڏسي پريشان ٿيون ۽ جيئن اقتصادي ۽ فوجي طاقت جي پٺڀرائيءَ کان سواءِ سياسي طاقت اجائي آهي تيئن هرهڪ شهريءَ کي ووٽ جو حق ملڻ واري ڳالهه به هڪ قيمتي ڏيکاءُ آهي. آمريت جي اها خاصيت آهي ته اها وڌيڪ ديانتدار هوندي آهي. نيپوليئن چيو هو: ”مڪمل طاقت کي ڪوڙ ڳالهائڻ جي ضرورت ئي ڪانه پوندي آهي، اُها ڪم ڪندي ۽ زبان بند رکندي آهي“. تعليم کان سواءِ جمهوريت معنيٰ بيحد منافقت، معنيٰ تدبر جو هيٺين درجي تي ڪري سياستدان بڻجڻ، معنيٰ حڪمراني ڪرڻ وارن سان گڏ، وڏي خرچ سان سياستدانن جي طبقي کي پالڻ جيڪو حاڪمن جي خدمت ڪري ۽ جن تي حڪومت ڪئي ٿي وڃي انهن سان ڪوڙ ڳالهائي.

جمهوريت جي آخري خرابي اها آهي ته ان ۾ بدمعاشن جو راڄ هوندو آهي. اسان جي وڏن شهرن ۾ بدمعاشن جو راڄ آهي، اهي آرام سان ٿا رهن ڇاڪاڻ جو کين قانون جو پورو تحفظ ۽ تعاون حاصل آهي. جيڪڏهن هنن جو ڪنهن طاقتور تنظيم سان واسطو هوندو آهي يا ان ۾ سندن ڪو دوست هوندو آهي ته پوءِ کين يقين ڏياريل هوندو آهي ته هو ڏوهه ڪندا ته گرفتار نه ٿيندا، گرفتار ٿيا ته ڪورٽ کين سزا نه ڏيندي. سزا ملندن ته جيل نه ويندا. جيل ويا ته جيل ڀڃڻ جي کين سهولت ملندي، ڏوهه ڪندي جي مارجي ويا ته وڏي شان شوڪت سان کين دفنايو ويندو ۽ سندن نالي تي يادگار قائم ڪيا ويندا. اسان جيڪڏهن خواهشن مان جنم وٺندڙ ان بديءَ کي برداشت ڪندا رهياسين ته پوءِ اسين اول درجي جا بزدل هونداسين. جيڪڏهن اسان جمهوريت ۾ ڪا اهڙي تبديلي آڻي نٿا سگهون جنهن سان ان جون خاميون ختم ٿي وڃي ته پوءِ اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجو آئين ڪنهن ننڍي قوم جي حوالي ڪيون ۽ ٻاهران ڪو بادشاهه گهرائي وٺون.

هڪ هٿرادو نسخو

سوال آهي ته نيٺ اسان ڇا ڪيون؟

ڪنهن به سڌارا آڻڻ واري کي خبر هئڻ گهرجي ته رڳو ٿورا ڪي سڌارا آڻي سگهجن ٿا. اهي به جلدي آڻي نٿا سگهجن. سڌارن لاءِ اعليٰ منصوبو جوڙڻو پوندو جنهن تي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري وسيلن مان وڏو خرچ ايندو، اُهو هي هوندو ته تعليم، ايجاد ۽ سائنسي کوجنا سان ذهن جي پرورش ٿئي، پنهنجو انگ گهٽايون، جسم مشينن وانگر مضبوط ٿئي. غربت ختم ٿئي ۽ انسانن کي هڪ عظيم سماج کي اڏڻ لاءِ آزاد ڪيو وڃي. تعليم کان سواءِ انهن مسئلن جو ڪو حل ڪونهي. جيستائين ماڻهو ذهانت کان ڪم نه وٺندا شهرن مان خرابيون ختم نه ٿينديون. پر جنهن صورت ۾ دنيا اهو سڀ ڪي افلاطون لاءِ نه ڪيو ته اسان لاءِ ڪيئن ڪندي. اسين ڏسي چڪا آهيون ته ڄم جو انگ تعليم سان ڪهڙو کيڏ پيو کيڏي. ٻيو طريقو اهو آهي ته ذهين ۽ پڙهيل ماڻهن کي گڏ ڪجي جيڪي جدا جدا پيشي مان چونڊيا وڃن. هو گڏجي اسان جي آئين ۾ نئون روح ڦوڪن ڪانگريس ۽ رياستن ۾ ترميمون آڻڻ جون رٿون ڏين ۽ پنهنجي پيشي جي وقار ۽ دولت مندن جي دولت سان انهن جي پٺڀرائي ڪن، دولتمند سڌارڪ ان ڪم لاءِ دولت خرچڻ لاءِ تيار هوندا،  ٽين بهترين رٿ هيٺ ڏجي ٿي.

جديد جمهوريت جي خرابين جو سبب سياستدان ۽ چونڊ لاءِ پارٽيءَ پاران سندن نامزدگي آهي، اچو ته سياستدان ۽ سندن نامزدگيءَ کي ختم ڪيون. ڪو زمانو هو جو هر ماڻهو پنهنجو طبيب پاڻ هو ۽ هر گهر ۾ ضرورت جون دوائون هونديون هيون پر جيئن جيئن طب جو علم وڌيو ماڻهن لاءِ دوائن جا نالا ياد رکڻ ڏکيو ٿي پيو. ماڻهن جي هڪڙي طبقي طب جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ وقت ڪڍيو ۽ ماڻهن نيم حڪيمن ۽ انهن پاڙيسرين کان پاڻ بچائڻ شروع ڪيو جن ۾ نئون تجربو ڪرڻ لاءِ شاگرد وارو اُتساه هوندو آهي ۽ طب جي ماهرن کي سَندون ڏنيون ويون ۽ پوءِ ڳالهه ايستائين پهتي جو جيستائين ڪنهن وٽ طب جي سند نه هئي تيستائين هو قانوني طرح طبابت ڪري نٿي سگهيو. هاڻي اسان نيم حڪيمن کي اجازت نٿا ڏيون ته هو اسان جي بيمارين جو علاج ڪن ۽ اسان جي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهن، اسان اميد ڪندا آهيون ته اسان جي بيماريءَ جو علاج ڪرڻ يا اسان جو ڏند ڪڍڻ کان اڳ طبيب پنهنجي زندگيءَ جو وڏو حصو طب جو علم حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ڪيو هوندو، پر جيڪي اسان جي اجتماعي مرضن جو علاج ٿا ڪن ۽ ڪروڙين ماڻهن کي جنگ جي خطري ۾ ٿا وجهن ۽ جن جي اختيار ۾ اسان جي ملڪيت ۽ آزادي آهي انهن کي مهارت ۽ مطالعي جي ضرورت ڪانهي. انهن لاءِ ايترو ڪافي آهي ته هو صدر جا دوست هجن پارٽيءَ جا وفادار هجن، شڪل ۽ اخلاق جا سٺا هجن، گرمجوشيءِ سان هٿ ملائيندا هجن. ڪلهن تي هٿ هڻن، ٻارن کي چمي ڏين، خوشيءَ سان حڪم جي بجا آوري ڪن ۽ موسمن کي ماپڻ واري اوزار وانگر آئيندي لاءِ خوش ڪندڙ واعدن سان ڀريل هجن. باقي هو کڻي ڇا به هجن، ڪاسائي، حجم، ٻهراڙيءَ جا وڪيل ۽ صحافي، سوئر جو گوشت دٻن ۾ بند ڪرڻ وارا، شراب وڪڻڻ وارا، ڪير به هجن ان سان اسان جو واسطو نه آهي.

اچو ته تصور ۾ اسان هڪڙو سهڻو نقشو ٺاهيون. سمجهو ته اسان جون وڏيون يونيورسٽيون جيڪي اسان جي ملڪ کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارن جا ٻيجارا آهن، اهي سياسي انتظام جو شعبو ٿيون کولن جيڪو رڳو نظرين تائين محدود نه آهي پر عملي سياست ۽ عملي تفصيلن سان به لاڳاپيل آهي. جنهن ۾ سياست جي تاريخ يا رياست جو فلسفو نٿو پڙهايو وڃي. بادشاهت، رئيسيت، جمهوريت، اشتراڪيت، انفراديت ۽ انارڪزم تي بحث ۽ انهن جي ڀيٽ نه ٿي ڪئي وڃي پر اهو شعبو پنهنجي شاگردن سان ميونسپالٽيءَ جي نظام جو عملي مشاهدو ٿو ڪري، جيڪو شهري مسئلن کي هڪ سياسي مقرر يا وفادار هاٿي ۽ گڏهه وانگر نه ڏسي پر هڪ سياستدان يا ان ناظم وانگر ڏسي جيڪو پنهنجي تربيت ۽ اهليت جي ڪري انتظام کي فن سمجهندو آهي. جيڪڏهن اهڙي قسم جو نصاب طبي ادارن جي نصاب وانگر مڪمل ۽ باقاعدي ٺاهيو وڃي ته پوءِ پڪ سنجيدا ماڻهو ان طرف ڇڪبا. ۽ اهو طريقو انهن ماڻهن کي ميدان مان ڀڄائي ڪڍندو جيڪي هاڻي رڳو ڏيکاءَ ۽ تقرير بازي ذريعي اقتدار حاصل ڪندا رهن ٿا. شروع ۾ ان نصاب لاءِ رڳو ٿورا ماڻهو هوندا، ڇاڪاڻ جو هنن کي ان نصاب جي تربيت مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪو سياسي عهدو حاصل ڪرڻ جو يقين نه هوندو پر شهر جي تنظيمن جي منصوبي جي وڌڻ سان سندن لاءِ نوان رستا نڪرندا ۽ اهڙا شعبا ايئن وڌندا جيئن ميڊيڪل ڪاليج وڌيا آهن ۽ اهڙن شعبن ۾ استادن جي مٿان انهن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويندو جيڪي شهري انتظام هلائڻ جا ماهر هوندا.

اهو سڀ ٿي سگهي ٿو. هاڻي به اسان جي وڏن يونيورسٽين ۾ اهڙا نصاب آهن جن کي بنياد بڻائي انتظامي اسڪول قائم ڪري سگهجن ٿا. جمهوريت ۾ اسان جي ان تبديليءَ جي سلسلي ۾ ٻيو قدم کڻڻ لاءِ وڌيڪ سوچ جي ضرورت آهي. سمجهو ته جتي اهي انتظامي اسڪول ماڻهن کي انتظامي تربيت ڏيئي کين حڪومت هلائڻ لاءِ تيار ٿا ڪن، اُتي ٻين ادارن کي گهرجي ته هو تحرير ۽ تقرير سان ماڻهن کي سمجهائن ته پنهنجن نمائندن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ چون. ساڳئي وقت هنن کي پگهارون به ڏيڻ گهرجن. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو ان ڳالهه تي يڪراءِ ٿين ته ڪابه سياسي جماعت ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي نامزد نه ڪندي جنهن کي انتظام هلائڻ جي تربيت مليل نه هوندي. اهو ته ٿي سگهي ٿو ته نامزدگيءَ کي بنہه ختم ڪيو وڃي ۽ رڳو تربيت حاصل ڪيل ماڻهو ميدان ۾ لهن ۽ چونڊڻ وارن جي مرضي به اهڙين تربيت ورتل ماڻهن تائين محدود هئڻ گهرجي ۽ اهڙن ماڻهن مان ڪنهن کي چونڊڻ جو اختيار کين اڄ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ حاصل هوندو. جڏهن اهڙن ماڻهن مان چونڊ ڪئي ويندي ته پوءِ چونڊيل ماڻهو پڪ اهل هوندا ۽ اها صحيح معنيٰ ۾ جمهوريت هوندي، اهڙي جمهوريت ئي هن حقيقت پسند دنيا ۾ قائم رهي سگهي ٿي.

سوال آهي ته جمهوريت ۾ جيڪڏهن اهڙي تبديلي آندي وئي ته ڇا ان سان جمهوريت جو روح ختم ٿي ويندو؟ نه ائين نه ٿيندو. جمهوريت لاءِ ضروري آهي ته هر بالغ ماڻهو پنهنجن نمائندن جي چونڊ ۾ حصو وٺي، پر اهو ضروري ناهي ته هر بالغ ماڻهو سياسي عهدن جو خواهشمند به هجي ته اهل به هجي. چونڊ لاءِ پئدائش، عمر ۽ رهائش جا شرط ته اڳ ۾ ئي آهن انهن ۾ رڳو خاص تعليم جي شرط وڌائڻ هاڻوڪي پيچيدي حڪومتي سرشتي لاءِ ضروري آهي. هيءَ رٿ نمائندن جي انگ ۾ واڌارو ڪري جمهوريت کي وسيع ڪندي ۽ اميدوارن لاءِ ڪي خاص شرط رکڻ سان جمهوريت محدود نه ٿيندي. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جو هاڻوڪو نظام غير جمهوري آهي جو ان ۾ رڳو ٻن اميدوارن مان هڪ جي چونڊ ڪئي ويندي آهي ۽ اها جمهوريت ماڻهن کي تعليم ۽ معاشيات ۾ برابريءَ وارا موقعا نٿي مهيا ڪري. جيڪڏهن هر ڪنهن شخص کي جيڪو تعليم جي اعليٰ معيار تي پورو لهي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ رياست وٽان خرچ ملي ته پوءِ هر شخص لاءِ اعليٰ عهدو ماڻڻ سولو ٿي پوندو. موقعن جي مساوات جمهوريت جي جان آهي. اسان جمهوريت جو ڀوسو کنيو آهي ۽ اناج ڇڏي ڏنو آهي. اچو ته جتي به ڪو جوهر وارو ماڻهو هجي ان کي موقعا ڏيون، باقي اسان کي حڪومتي سرشتن بابت مٿو کپائڻ نه گهرجي.

مڃون ٿا ته اسان جي هن رٿ ۾ خاميون آهن. پر اسان کي انهن خامين جي ڀيٽ ڌرتيءَ جي خيالي جنت جي بدران هاڻوڪي صورتحال سان ڪرڻ گهرجي. هوٽلن ۽ شراب خانن جي بدران يونيورسٽن مان اميدوار مقرر ڪرڻ جي رٿ ڏيئي اسان اهو ڪونه وساريو آهي ته يونيورسٽن ۾ به خرابيون آهن. گريجوئيشن کي به خريد ڪري سگهجي ٿو. ڳالهه جدا جدا درجي جي آهي. اسان جي خيال ۾ سائنسي تربيت حاصل ڪيل شخص يا اهڙو شخص جنهن پاڻ لاءِ چونڊيل نصاب لاءِ ڊگهي عرصي تائين سخت محنت ڪئي هجي اهو پنهنجي خودداري ۽ ديانتداريءَ جو وڌيڪ خيال رکندو، سياستدانن جي ڀيٽ ۾ سائنسدانن جو اخلاق وڌيڪ سٺو هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ طب جي شعبي ۾ به چور ۽ عطائي هوندا آهن پر طب جو پيشو انهن ٿورن پيشن مان آهي جن ۾ ديانت سان آمدني وڌندي آهي.

 جيستائين يونيورسٽيءَ جو تعلق آهي سوال اهو نه آهي ته اُتي جدت پسندي يا قدامت پرستيءَ جي تعليم ڏني ٿي وڃي يا نه، ڇاڪاڻ ته انتظام واري سائنس جو اهڙن اعليٰ پر اجاين ڳالهين سان واسطو نه هوندو آهي. اها حقيقت آهي ته اسان واري ان رٿ تي عمل ڪرڻ کان پوءِ طاقت جي ئي حڪومت رهندي پر ان حڪومت جي ڪارڪردگي وڌيڪ سٺي هوندي ۽ ان ۾ بيوقوفي، بدمعاشي ۽ بي حرمتي نه هوندي. اسان هتي ڪنهن اهڙي اجتماعي مسئلي جو حل پيش نٿا ڪيون جنهن سان هيڻا زور آورن تي حڪومت ڪري سگهن. شايد ته هميشه ائين ئي ٿيندو ته هڪ هشيار اقليت کائنس گهٽ هوشياريءَ واري اڪثريت تي حڪومت ڪندي رهندي. اسان وٽ ڪو اهڙو پراسرار نسخو ناهي جنهن سان جمهوريت قدرت جي ان غير اخلاقي فرمان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ شروع ڪري. اسان جو مقصد اهو نه آهي ته هن رٿ سان ”چشمن ۾ شراب وهڻ شروع ٿيندو ۽ هوائن ۾ نغما گونجندا“ پر اسان جو مقصد اهو آهي ته جيڪا به حڪومت هجي ان کي انساني حدن ۾ رهندي سٺو ۽ قابليت وارو بڻائجي. اهو ئي سياست جو مسئلو آهي ۽ اسان جو واسطو سياست جي مسئلي سان آهي.

اڄڪلهه سمجهيو ٿو وڃي ته بداخلاقي ۽ جهالت چونڊيل نمائندن جو ڄڻ ته فطري حق آهي ۽ حب الوطنيءَ واري ان روايت کي بدلائڻ واري هرهڪ رٿ کي اسين کل جهڙو سمجهندا آهيون. پر اها حقيقت آهي ته حڪومت سدائين نااهل ناهي هوندي. اها ڳالهه مڃي ٿي وڃي ته انگريز اڄ به پنهنجن سياستدانن کي تربيت ڏيندا ۽ ججن ۾ وقار پئدا ڪندا آهن ۽ جرمنيءَ جي شهري حڪمرانن پنهنجن شهرن کي بهترين بڻايو آهي جن ۾ بهترين انتظام پيو هلي. ڪا شيءِ ناممڪن نه آهي رڳو اسان جي سوچ ان کي ناممڪن ٿي بڻائي.

اسان جيڪا رٿ ڏني آهي اها ڪا نئين ڪانهي اها رٿ سقراط، افلاطون، بيڪن، ڪار لائل، والٽيئر ۽ رينا جو خواب آهي پر اهو خواب ساڀيان ٿي سگهي ٿو يا وري جڏهن اسان خواب ٿي وينداسين تڏهن اهو ساڀيان ٿيندو. بيشڪ ته گهڻي وقت تائين اهو خواب خواب ئي رهندو ۽ تعليم ۽ تربيت جي ڪيترن زمانن کان پوءِ ماڻهن جي سوچ بدلبي. پر جيستائين اسان قابل ماڻهن کي سياسي عهدن تي مقرر نه ڪنداسين. جمهوريت جي علم دشمنيءَ ڏانهن ڌيان نه ڏينداسين، جيستائين اسان اعليٰ صلاحيتن کي ڪتب نه آڻينداسين جيڪي هينئر ذاتي مفاد جي ڪري خانگي واپاري شعبي ۾ پيون ڪتب اچن، پنهنجن آفيسن، سياسي عهدن، قانون ساز اسيمبلن ۾ اهڙا ماڻهو مقرر نه ڪنداسين جن انتظامي معاملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايتري تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي هجي جيتري ٻين پيشن ۾ حاصل ڪئي ويندي آهي تيستائين جمهوريت ڪامياب نه ٿيندي ۽ اهو بهتر ٿئي ها جيڪڏهن آمريڪا ماڻهن کي جمهوريت لاءِ نه هرکائي ها ۽ نه ڪا اميد ڏياري ها.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org