باب ٽيون
مابعدالطبعيات
مادو،
زندگي ۽ ذهن
دنيا جي فطرت ڪهڙي آهي؟ هن جا عناصر ۽ جوڙجڪ، هن
جو اصل مواد ۽ قانون؟ مادو پنهنجي اصلي خاصيت ۽
پنهنجي وجود جي ڳجهي جوهر ۾ ڇا آهي؟ ذهن ڇا آهي؟
ڇا اهو مادي کان بنهه مختلف ۽ ان تي حاوي آهي يا
مادي مان نڪتل ۽ ان جو غلام آهي؟ ڇا هيءَ خارجي
دنيا جنهن جو اسان مشاهدو ٿا ڪيون ۽ اسان جي داخلي
دنيا جنهن کي اسان شعور ۾ محسوس ٿا ڪيون ميڪانڪي ۽
جبريت جي قانونن جي ماتحت آهن يعني ته:
تخليق جي پهرين صبح جو جيڪو لکيو ويو اهو حساب
واري صبح تي پڙهيو ويندو.
يا ڇا مادي يا ذهن ۾ يا ٻنهي ۾ حادثي، بي ساختگي ۽
آزاديءَ جو به ڪو عنصر موجود آهي؟ هي سوال ڪي ٿورا
ماڻهو پڇندا آهن ۽ انهن جا جواب سڀ ماڻهو ڏيندا
آهن. پر اهي سوال اسان جي فلاسفرن جا آخري وسيلا
آهن جن تي خِلا جي هڪ مربوط سلسلي ۾ ئي هرهڪ شيءِ
جو مدار آهي ۽ اسان انهن سوالن جي ڄاڻ کي دنيا جي
سڀني شين کان وڌيڪ سمجهنداسين.
اسان کي شروع ۾ ناڪامي ٿيندي جنهن تي اسان کي قانع
ٿيڻ گهرجي، ائين نه آهي ته فلاسافيءَ جي هن دنيا
کي فتح ڪرڻ لاءِ حساب، علم الافلاڪ، علم
الطبعيات، علم الڪيميا، ميڪانڪيات، حياتيات ۽
نفسيات سان مڪمل واقفيت ضروري آهي پر اها ڳالهه
ممڪن نٿي لڳي ته ’جز‘ ڪل کي سمجهي. اهڙي مڪمل
زاويه نظر لاءِ جيڪو اسان فلاسفرن ۾ ڳولهيندا
آهيون. اسان کي سوچ جي سڀني مونجهارن ۽ واسطو نه
رکندڙ واٽن کان پاڻ بچائڻو آهي. ٿوري ديانت ۽
نهٺائي اسان کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻ لاءِ ڪافي
آهي ته زندگي ۽ ڪائنات جون وسعتون اسان جي محدود
ذهنن جي احاطي کان ٻاهر آهن. ٿي سگهي ٿو ته سڀ
ڪجهه ڄاڻندڙ ديوتا اسان جي محبوب نظرين تي کلن ۽
اهو به ممڪن آهي ته اسان کي پنهنجو پاڻ ۾ فخر جي
رڳو هڪڙي ڳالهه نظر اچي ۽ اها هيءَ ته اسان پنهنجي
اڻ ڄاڻائيءَ جو انت ڳولهي لڌو آهي. جيترو وڌيڪ
اسين سکون ٿا اوترو وڌيڪ اسان کي پنهنجي اڻ
ڄاڻائيءَ جو احساس ٿو ٿئي. ترقيءَ جو هر قدم اسان
کي نون مسئلن ۽ نون شڪن ۾ منجهائي ٿو.
Molecule
مان ذرو، ذري مان بجلي، بجليءَ مان
Quantum
پيدا ٿين ٿا ۽ اهي اسان جي سوچ ۽
اسان جي قانونن جي پهچ کان ٻاهر آهن. تعليم مقرر
ڪيل قانونن جي شڪست ۽ شڪ جي فن ۾ ترقيءَ جو نالو
آهي. اسان ڏسون ٿا ته اسان جا اوزار مادي سان
لاڳاپيل آهن ۽ اسان جا حواس اسان جي ذهنن سان، ان
ڪوهيڙي ۾ اسان جيڪي درياهه جي مٿاڇري تي ڪک پن
وانگر آهيون. سمنڊ جي اونهائين جو علم حاصل
ڪنداسين.
تنهنڪري انهن مسئلن تي اسان ان پادريءَ وانگر غور
ڪيون جيڪو پهريون دفعو عبادت جو خطبو ڏيڻ لاءِ
منبر تي چڙهندو آهي. اسان انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي
بدران وڌ ۾ وڌ اهو ڪري سگهنداسين ته هڪ ٻئي تي
پنهنجون لڪل خواهشون ظاهر ڪيون. جيڪڏهن مذهب حد
کان وڌيڪ عقيدي تي زور ڏيئي اسان کي چيڙائي ڇڏيو
ته اسان جرائتمند ماديت جي تبليغ ڪنداسين، جهڙيءَ
طرح شيلي، جيڪو خدا ۽ روح جي بقا کي مڃيندو هو پر
رجعت پرست ڪليسا کي چئلينج ڪرڻ لاءِ پاڻ کي دهريو
چوندو هو. اسين جيڪڏهن نرم دل آهيون ته ايمان کي
نه ڇڏينداسين ۽ هڪ ميڪانڪي ۽ خدا کانسواءِ ڪائنات
کي برداشت نه ڪنداسين. شايد عمر جي ڪري اسين وڌيڪ
سنجيده ٿيندا ٿا وڃون، ۽ جوانيءَ جون بغاوتون اسان
کي هاڻي غيرضروري ۽ انتها پسندي واريون ٿيون لڳن.
اُنهن پراڻن خيالن مان حقيقت جي روشني اسان تائين
پهچي رهي آهي، جيڪي ڪڏهن اسان کي غداريءَ وارا ۽
بي بنياد لڳندا هئا ۽ اسان سائنس ۽ تاريخ مان هر
اهڙي خبر جو آڌرڀاءُ ٿا ڪيون جيڪا اسان جي پراڻي
عقيدي جي روشنيءَ کي بحال ڪري. اسان جي طبعيات ۽
ڪيميا، اسان جي فلڪيات ۽ حياتيات، اهي سڀ اهڙا
ميدان آهن جن ۾ اسان پنهنجن مفروضن جي تصديق ۽
اميدن جي پورائي تلاش ڪنداسين.
ماديت:
ماديت اهڙي فلاسافي آهي جنهن کي انهن ذهنن قبول
ڪيو، جن فطرت کان مٿاهن اعتقادن کي رد ڪري ڇڏيو۔
انڪري هي دنيا جي باري ۾ پهريون تصور آهي جيڪو
ڪنهن اهڙي قوم ۾ اُڀري ٿو، جنهن ۾ سرڪاري مذهبي
عقيدا ختم ٿيڻ وارا هوندا آهن. سقراط کان اڳ وارن
مفڪرن کي، بيڪن ۽ فٽشي انهن فلاسافرن کان وڌيڪ
سمجهندا هئا جن جو مقام هنن کانپوءِ اچڻ وارن
فلاسافرن کان مٿاهون هو ۽ جيڪي ماده پرست هئا.
ٿيلس، اناڪسي مينڊر
Anaximander
۽ اناڪسي مينس
Anaximenes
ڪائنات جي تشريح ڪئي ته اها پاڻي، باهه ۽ هوا مان
پيدا ٿي آهي. ليوسي پس
Leucippus
۽ ڊيموڪريٽس
Democritus
ماديت کي ايٽمن جي شڪل ڏني جنهن جي ڪري قدامت پرست
تيستائين مطمئن رهيا جيستائين جديد طبعيات ۾
ڪيميا، ائٽم کي ڀڃي ذرن ۾ نه ورهايو. انهن سادين
فلاسافين کي ڪيترن سالن تائين زينو جي شڪ پسندي ۽
اناڪسي گورس
Anaxagoras
جي دوئي وارن نظرين سان گڏ پنهنجو
پاڻ کي قائم رکيو. تنهن کان پوءِ سقراط خارجي دنيا
کان منهن ڦيريو ۽ خوديءَ کي ڳولهي ڪڍيو جيڪا مادي
کان ايتري ته مختلف هئي جو سقراط ان کي موت کان
مٿاهون سمجهيو، افلاطون مادي کي ڪجهه نه چيو ۽ ٻين
سڀني ذهن کي احترام لائق شين کان وڌيڪ احترام سان
ڏٺو. هن خارجي دنيا کي ذهن جا تصور ۽ ان جي جوڙجڪ
۽ عمل کي
Idea
جي اثر هيٺ سمجهيو ۽ ڪائنات هن کي ڪنهن تخليقي روح
جي سوچيل ڪائنات جو نقل لڳي. حياتيات جي ماهر
ارسطو کي دنيا بدلجندڙ ۽ پتوڙيندڙ لڳي، جنهن کي هو
ائٽمن ۽ خال ۾ بدلائي نه سگهيو. هن لاءِ دنيا جي
اصليت روح آهي. هر مادي ۾ فعاليت آهي جيڪا
تيستائين مطمئن نٿي ٿئي جيستائين ان جي تڪميل نٿي
ٿئي. هر هيئت اعليٰ درجي جو مادو آهي ۽ هر حقيقت ۾
ترقيءَ جو جوهر موجود آهي. جنهن کي ماديت پوريءَ
طرح بيان ڪري نٿي سگهي. سو سالن ۾ ماڻهن ڊيموڪريٽس
کي وساري ڇڏيو. ايپي ڪيورس هن جو اوتار ۽ انتقام
هو. هڪ لحاظ کان هو پلانڪ، بوهر ۽ ڪيوريز جو پيشرو
هو. هن ائٽم ۾ آزادي ۽ غير يقينيت کي ڏٺو ۽ ان کي
تخريب ۽ فنا جي علامت سمجهيائين. سڀ شيون آزاد
هيون ۽ سڀني کي ختم ٿيڻو هو. ليوڪريٽس
Lucretius
جيڪو زندگيءَ کان بيزار هوندو هو
ان جو ٻڌو ته هر شيءِ مرندي ته هن کي ڏاڍي خوشي
ٿي. هن کي اها ڳالهه سٺي پر ڏکوئيندڙ لڳي ته شاعر
به ائٽم جا ٺهيل آهن ۽ هر شيءِ ۽ هر ائٽم ختم ٿي
ويندو ۽ سڀني کي زندگيءَ جي ڏکن کان نجات ملندي.
پوءِ مسيحيت آئي ۽ پندرنهن سو سالن تائين
فلاسافيءَ ۾ مادي جي اهميت ختم ٿي وئي. شروع وارن
ڪن
مسيحي مدرسن لاءِ روح هڪ اعليٰ قسم جو گيس هو، پر
گهڻي ڀاڱي مادو زوال ماڻيندڙ فرشتو هو۔
فلاسافيءَ جو شيطان هو ۽ روح جي آزمائش جو قيدخانو
هو. عجيب ڳالهه آهي ته اڪئناس
Aquinas
جي فلاسافي ۾ مادي کي اعليٰ رتبو مليو. مادي کي
قوت جي لحاظ کان وقت جيترو قديم سمجهيو ويو ۽ اهو
”انفراديت جو اصول“ بڻجي ويو. پنهنجي محدوديت ۽
هيئت جي وسيلي وحدت ڪثرت ۾ بدلجي وئي ۽ روح جي
سمنڊ کي ننڍن ننڍن نالن ۾ ورهائي انهن کي غيرفاني
روح سڏيو ويو.
بهرحال ڊي ڪارٽ جي زماني ۾ مادي جي حقيقت کي مڃيو
ويو. پر اها حقيقت آهي ته فرانس جي ان مفڪر مادي
کي واحد حقيقت نه مڃيو ۽ پنهنجي فلاسافيءَ ۾ خودي
۽ فڪر جي شروعات ڪري هن تصور پرستيءَ جا دروازا
کولي ڇڏيا. اهي ٻئي اڳتي هلي مادي جا زبردست دشمن
ثابت ٿيا. هن خارجي دنيا کي ميڪانڪي مڃيو ۽ هن
لاءِ اعليٰ ترين جانور به مشين هو. ماڻهوءَ جي روح
کانسواءِ هر شيءِ طبعيات جي اصولن جي پابند هئي.
ايستائين جو هاضمو، ساهه کڻڻ، جسم جي پاڻياٺ ۽ ٻار
جو ڄمڻ سڀني ميڪانڪيت جي عظمت جو اعلان ٿي ڪيو. ڊي
ڪارٽ جي سخت فلاسافيءَ جي ڪري ماديت کي هڪ نئين
جواني ملي.
جديد فلاسافي ٻن وڏين تحريڪن جو مجموعو آهي ۽ هيگل
جي لفظن ۾ ”ٻن متضاد تصورن جو مرڪب آهي“، پهرين
فلاسافي خارجي دنيا کان شروع ٿي ٿئي. جنهن ۾ مادو،
طبعيات، مڪينڪس ۽ حساب شامل آهن. هيءَ فلاسافي
ڪائنات جي فطرت کان مٿاهين تشريح جي خلاف احتجاج
جي نمائندگي ٿي ڪري، ان شخص جي اندر جي احتجاج
جهڙي، جيڪو خودفريبين کان آجو ٿي ويو هجي. اها
ڪائنات جي مشاهدي مان حقيقت جا اصول ٺاهيندي آهي ۽
پوءِ انهن قانونن مطابق ذهن جي تشريح ڪندي آهي. ان
جا لازمي نتيجا ماديت، ميڪانڪيت، جبريت ۽ عمليت
هوندا آهن. اها فلاسفي ان ڳالهه تي فخر ڪندي آهي
ته اها مادي کان شعور تائين پڄي نٿي سگهي، هن جا
سورما گليلو، ڊي ڪارٽ، هابس، نيوٽن، ڊيڊرا، هال
باخ، لاميٽري، هائيڪل، اسپينسر، رسل ۽ ويسٽن آهن،
ان جي برابر ۽ ان جي مخالف تحريڪ شعور کان شروع
ٿئي ٿي پر شعور کان مادي تائين نٿي پڄي، ان جي
شروعات داخلي دنيا ۾ يقين سان ٿي ٿئي. هن جو واسطو
ذهن، نفسيات، علم جي فلسفي ۽ اخلاق جي فلسفي سان
آهي. هيءَ فلاسافي مادي نظريه حيات جي خلاف احتجاج
جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ سڀ شيءِ کي احساس ۽ خيال
سمجهندي آهي ۽ مادي کي ذهن جي ڪيفيت کان وڌ نه
سمجهندي آهي، هن جا لازمي نتيجا آهن. روحانيت،
تصور پرستي، قوت ۽ ارادي جي آزادي ان جا سورما
آهن. ڊي ڪارٽ، برڪلي، فٽشي، هيگل، شوپنهار، نٽشي،
برگسان ۽ وليم جيمس، اهي متضاد فلاسافيون پاڻ ۾ نر
۽ ماديءَ وارو اختلاف رکن ٿيون. اهي تڏهن فائديمند
ٿينديون جڏهن انهن جا اختلاف ختم ٿيندا.
پهرين تحريڪ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي فلاسافيءَ
واري فڪر تي حاوي رهي. اسپينوزا ان تحريڪ کان
پاسيرو رهيو ۽ ڪنڊ ۾ ويهي ان مسئلي کي منهن ڏيندو
رهيو. هن دنيا کي وحدة الوجود جو حل ڏنو، هن جي
خيال ۾ مادو ۽ ذهن حقيقت جا داخلي ۽ خارجي رُخَ
آهن، هرهڪ شيءِ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نموني زندگي موجزن
آهي. يورپ ان تي اعتبار نه ڪيو، ان جي ابتڙ هابس
حقيقت کي مادي ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ هر ان لفظ ۽ محاوري
کي بي معنيٰ چيو جنهن سان مادي حالت جو اظهار نٿي
ٿيو۔
گيسينڊي وڏي نيازمنديءَ سان ڊي ڪارٽ جي ورثي واري
ان تصور تي ته مادو ۽ ذهن هڪ ٻئي کان مختلف آهن،
اعتراض ڪيا ۽ اعلان ڪيو ته فلاسافي ڊيموڪريٽس کان
اڳتي نه وڌي آهي. نيوٽن وڏي خلوص سان پنهنجي
دينداريءَ جو اعلان ڪيو ۽ خروج جون عجيب ۽ غريب
تفسيرون ڪيون ساڳئي وقت هن خارجي دنيا جو حرڪت جي
قانون جي روشنيءَ ۾ اهڙو صاف ۽ ترتيب وارو تجزيو
ڪيو جو سندس تجزيو جڏهن فرانس پهتو ته اتان جي
منطق پسندن کي ان نتيجي تي پڄڻو پيو ته اهي قانون
صوف
جي ڪرڻ کان وٺي ڪنهن ڇوڪريءَ جي عبادت ڪرڻ جي عمل
تي حاوي آهن. لاميٽري
La Mattrie
وڏي بي باڪيءَ سان ”ماڻهو مشين آهي“ ڪتاب لکيو ۽
ٻڌايو ته ڪيئن مختلف جسماني حالتون جيئن جوش يا
بيماري، ماڻهوءَ جي ذهن تي اثر ڪن ٿيون ۽ ان جي
جسماني ساخت جو پتو ڏين ٿيون. هولباغ
ماڻهوءَ ۽ مادي کي منطق جي سخت نظام ۾ آندو.
هيليٽيس اخلاق ۾ نيڪيءَ کي مادي قانون ۾ آندو.
ڊڊرو کي پڪ نه هئي ته فلسفي جو علم شعور جي تشريح
ڪري سگهي ٿو. هو اسپينوزا جي پيروي ۾ چوڻ تي مجبور
ٿيو ته مادو ۽ ذهن هڪ آهن پر هن ان وقت تائين پاڻ
کي ماده پرست چوڻ جو قسم کنيو جيستائين دنيا جي هر
بادشاهه ۽ هر پادريءَ کي ڦاهي نه ٿي ڏني وڃي.
ماديت ۽ اشتراڪيت ٻئي ڀائر آهن، هڪ باغي ۽ ٿڙيل
نوجوانن جو جبر ۽ رجعت پسند جي منهن ۾ لهرائيندڙ
جهنڊو آهي ۽ ٻيو پڪي وهيءَ جي انهن ماڻهن جو جهنڊو
آهي جيڪي وڏي سڪون سان ان کي لهرائن ٿا ۽ پوءِ اهو
سوچي ان کي ويڙهي ٿا ڇڏن ته هيءَ سندن ذهني بلوغت
جي عمر آهي جنهن ۾ نوڙت ۽ نرمي پيدا ٿيندي آهي ۽
هو هن دنيا جي غير دانشمنديءَ وارن مسئلن کي محسوس
ڪندا آهن.
عينيت:
تصور پرست تحريڪ جو پيغمبر پادري برڪلي هو. هن چيو
ته مادي کي اوهان احساس ۽ مشاهدي جي ذريعي سڃاڻو
ٿا ان جي حقيقت حواسن جي شاهديءَ ۾ آهي، جيڪڏن ڪو
ذهن ان جو مشاهدو نه ڪري ته ان جو وجود (جيتريقدر
اسان چئي سگهون ٿا) ئي نه هجي. نه رڳو ايترو
پرڪانٽ ان ۾ وڌيڪ واڌارو ٿو ڪري ۽ چئي ٿو ته اهي
احساس پنهنجي ليکي بي معنيٰ مجموعو آهن، اها
مشاهدي جي قوت آهي جيڪا انهن وکريل احساسن کي
ترتيب ڏيئي ڪا بامعنيٰ صورت ٿي ڏي. يعني احساسن ۾
ترتيب ذهن آڻي ٿو ۽ انهن کي هڪُ به ذهن ٿو ڪري ۽
اهڙيءَ طرح ڪنهن به شيءِ جي رڳو اڌ کي مشاهدو ڪندڙ
ذهن تخليق ٿو ڪري. سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو ذهن
جيڪو شين کي جوڙي ٿو يا تخليق ٿو ڪري پاڻ ڪيئن
مادي جي پيداوار ٿي سگهي ٿو.
”اوهان ٺيڪ ٿا چئو“ انهن مان سڀ کان صاف ذهن رکڻ
واري شوپنهار چيو: ”جنهن حقيقت کي اسين پوريءَ طرح
سمجهي سگهون ٿا اها اسان جو پاڻ آهي، اها کِل جهڙي
ڳالهه آهي ته اسان پنهنجي ان ”پاڻ“ کي اهڙي مادي ۾
بدلائي ڇڏيون جنهن کي اسان خيال جي صورت ۾ پنهنجن
اڻ پورن حواسن سان حاصل ٿيل شاهدين سان سڃاڻون ٿا.
جيڪڏهن اسان مادي کي اندران ۽ ٻاهران اهڙيءَ طرح
ڄاڻي سگهون ها جهڙيءَ طرح اسان پنهنجي پاڻ کي ٿا
ڄاڻيون ته اسان مادي جي اصليت ۽ ارادي جي اها قوت
ڏسون ها جيڪا اسان جي جسمن کان وڌيڪ اسان جي ذهنن
جي ويجهو آهي. اهڙين حالتن ۾ منطق جي نقطئه نگاهه
کان ماديت لاءِ جاءِ ڪانهي، بخرموشوف ۽ مائرباغ
ساده فلاسافر آهن:
اها ڪچي ڦڪي ماديت جيڪا اڻويهين صديءَ جي وچ ۾ ان
خودفريبيءَ سان پيش ڪئي وئي ته هيءَ هڪ نئين
فلاسافي آهي، اها احمقاڻي انداز سان حياتيءَ جي
ارادي کان انڪار ٿي ڪري ۽ سڀ کان پهرين زندگيءَ جي
حقيقتن جي طبعياتي ۽ ميڪانڪي قوتن سان تشريح ڪرڻ
جي ڪوشش ٿي ڪري ۽ پوءِ انهن کي مادي جا ميڪانڪي
اثر ٿي چوي. روشني، حدت ۽ بجليءَ جون خاصيتون پري
جي ڳالهه آهن مان اهو به نٿو مڃي سگهان ته عام
ڪيميائي مرڪبن جي به ميڪانڪي تشريح ٿي سگهي ٿي.
انهن جي تشريح قوت سان ئي ڪري سگهجي ٿي.
نٽشي کي ماده جو اهو نظريو ۽ ارادي جي قوت جو تصور
ورثي ۾ مليو هو جيڪو هن شوپنهار جي ارادي واري
نظريي کان ورتو هو. ڪو ديندار به ماديت جي ايترو
خلاف نه هوندو جيترو راهبن ۽ دينيات جو مذاق
اڏائيندڙ هي فلاسافر هو. هن جو پروگرام هو ته
”ميڪانڪيت ۽ مادي کان بلڪل پرهيز.“ ڇاڪاڻ ته اهي
ٻئي هيٺين درجي لاءِ اظهار جا طريقا آهن ۽ اها
نهايت گهٽيا شڪل آهي جيڪا ارادي جي قوت اختيار
ڪندي آهي.“ هڪ سٺي جرمن وانگر تصور پرستيءَ جي
فلاسافيءَ کي هو پوريءَ طرح هضم ڪري ويو. هن جو
چوڻ آهي ته مادو فريب آهي، اهڙو وهم آهي جيڪو اسان
حواسن مان حاصل ٿيندڙ شاهدين جي تشريح لاءِ گهڙيو
آهي. جيستائين مادي ائٽمن جو تعلق آهي هي هڪ اهڙي
فلاسافي آهي جنهن جي پوريءَ طرح ترديد ٿي چڪي آهي
۽ يورپ جي علمي دنيا ۾ ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي جيڪو
ان کي اهميت ڏي. هو شونپهار وانگر ان نتيجي تي پڳو
ته اهو مفروضو پيش ڪري سگهجي ٿو ته ساري ميڪانڪي
عمل ۾ جيڪا به قوت ڪم ڪري ٿي اها ارادي جي طاقت يا
ارادي جو اثر آهي. هڪ ائٽم ارادي جي قوت جو هڪ
معمولي مقدار آهي.
تصور پرستيءَ انهن باغين تي حيرتناڪ اثر ڪيو جيڪي
ماديت ڏانهن مائل هئا ته اها مذهبي عقيدن جي خلاف
استعمال ٿي سگهي ٿي، هربرٽ اسپينر چيو ته مون کي
جيڪڏهن چيو وڃي ته ٻن مان هڪ جي چونڊ ڪر، هڪُ ذهني
واقعن کي مادي واقعن جي وسيلي سمجهڻ، ۽ ٻيو مادي
واقعن کي ذهني واقعن جي وسيلي سمجهڻ ته مان پهرين
جي چونڊ ڪندس، ۽ مايوسيءَ جو دلچسپ پيغمبر
برٽرينڊرسل لکي ٿو:
اهو عقيدو ته رڳو مادوئي حقيقت آهي انهن شڪ وارن
دليلن جي آڏو بيهي نه سگهندو جيڪي حواسن جي طبعي
احساسن جي ميڪانڪيت مان اڀرن ٿا، تاريخي لحاظ کان
اسان ماديت کي عقيدن جو اهڙو نظام ٿا سمجهون جيڪو
روايتي عقيدن جي ترديد لاءِ قائم ڪيو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح اسين ڏسون ٿا ته جيئن جيئن پراڻا عقيدا
وکرندا ٿا وڃن ماديت ميڪانڪيت ۾ بدلبي ٿي وڃي،
اڄڪلهه ماديت جي تشهير جا وڏا اڳواڻ آمريڪا جا ڪي
سائنسدان ۽ روس جا ڪي سياستدان آهن ڇاڪاڻ ته انهن
ٻن ملڪن ۾ مذهب جي روايتي فلاسافي اڄ به اقتدار ۾
آهي.“
مادو ڇا آهي؟
پوئين صفحن ۾ فلاسافيءَ جي باري ۾ شڪ شُبهن تي غور
ڪرڻ کانپوءِ اسان سمجهي ويا آهيون ته خارجي دنيا
پنهنجي باري ۾ ثابتي ڏيندي ٿي رهي ته اها معروضي
طور حقيقي آهي. هاڻي اڳتي هلون ۽ ان جي جوڙجڪ تي
غور ڪيون، غور ڪندي اسان تي جيڪا پهرين ڳالهه ظاهر
ٿي ٿئي سا هيءَ آهي ته اڻهوين صديءَ وارو پراڻو ۽
جامد مادو ختم ٿي چڪو آهي. ٽينڊل ۽ هڪسلي وارو
مادو جيڪو تباهه ٿي نٿي سگهيو هاڻي پڪ وڪ پيپرز جي
ٿلهي ڇوڪري وانگر ٿي ويو آهي، جنهن کي هڪ هنڌ رکبو
هو ته اتي ئي آرام سان سمهي رهندو هو، يا وري چرپر
کان لنوائي پنهنجي جاءِ نه مٽائيندو هو. برگسان
وڏي سولائيءَ سان ثابت ڪيو ته زندگي ۽ ذهن جي
تخليق ته پري جي ڳالهه آهي بي جان مادو ته پنهنجي
چرپر جي وضاحت به ڪري نٿو سگهي، برگسان جڏهن مادي
جي باري ۾ پنهنجو اهو تصور پيش ٿي ڪيو تڏهن طبعيات
جا ماهر مادي جي جامد هجڻ وارو تصور ترڪ ڪري ان ۾
هڪ قوت ڳولهي رهيا هئا. مثال بجلي هئي جنهن جي
وضاحت مادي ۽ ذرن جي وسيلي ٿي ٿي سگهي. ان ۾ اها
ڪهڙي پراسرار قوت هئي جنهن ماده ۾ ان جو وزن ۽ رخن
۾ ڪابه تبديلي آڻڻ کانسواءِ ان جي قوت وڌائي ٿي
ڇڏي، بجليءَ جي لهر ڪيئن ٿي تارن يا هوا مان
لنگهي. ڇا اها ڪا اهڙي شيءِ هئي جيڪا تار جي ايٽمن
مان ٿي لنگهي؟ ۽ ڇا اتي ائٽمن کان به ننڍا ائٽم
هئا؟ بجليءَ جي انهن لهرن ۾ جيڪي روشنيءَ جهڙيون
هلڪيون هيون، اها ڪهڙي شيءِ هئي جنهن ان ۾ حرڪت ٿي
پيدا ڪئي. اهو ائٽم هو، ايٽم هو يا ڪجهه به نه هو؟
۽ جڏهن ايڪس ري ۾ بجليءَ جو شعلو خال مان لنگهندي
ٽيوب جي ديوارن ۾ داخل ٿي ٿيو ته اُن ڪيميائي طرح
حساس پليٽ کي بدلائي ٿي ڇڏيو، اهو ڇا هو جيڪو خلا
يا ديوارن مان لنگهيو. مادو جڏهن ريڊيئم وانگر
پوري طرح تحرڪ ۾ اچڻ جهڙو نظر آيو ۽ ائٽم (جن کي
ڪٽي نٿو سگهجي) حد کان وڌيڪ ورهائجي سگهڻ جهڙا نظر
آيا ته هر ائٽم بجليءَ جي لهرن جو هڪ نظام بڻجي
ويو جيڪو بجليءَ جي لهر جي چوڌاري ٿي گهميو. مادي
ڪيئن پنهنجون حجم، وزن، ڊيگهه، ويڪر ۽ ٺوس پڻي،
جنهن مان ڪا شيءِ لنگهي نٿي سگهي، واريون خاصيتون
وڃايون ۽ اهي خاصيتون به ختم ڪري ڇڏيون جن جي هر
حقيقت پسند ذهن احترام ٿي ڪيو. ڇا مادي جو جمود
وهم هو؟ ڇا اهو ٿي سگهي ٿو ته مادو زندهه هجي.
مادي ۾ ان ”قوت“ جا آثار اڳ ئي موجود هئا جن جا،
ڳنڍڻ، هڪ ٿيڻ ۽ ڌڪڻ وارين خاصيتن مان اشارا ٿي
مليا. هاڻي ان جا امڪان نظر آيا ته اهي ۽ انهن سان
گڏ بجلي ۽ مقناطيس ائٽم جي طاقت جون صورتون هيون
جن جو سبب هڪ ائٽم ۾ اليڪٽران جي لهرن جي بي تابي
هو. اليڪٽران ڇا آهي؟ ڇا اهو مادي جو هڪ حصو آهي
جيڪو قوت ۾ اظهار ڪندو آهي يا هي قوت جو ماپو آهي
جيڪو مادي شيءِ کان بلڪل لاتعلق آهي؟ پوئين ڳالهه
سمجهه کان ٻاهر آهي. لي بون
Le Bone
ٿو چئي ته بيشڪ اهو ته اعليٰ ذهنن لاءِ ممڪن آهي
ته اهي مادي کانسواءِ قوت جو تصور ڪري سگهن. پر
اهڙو تصور اسان ڪري نٿا سگهون. اسان شين کي تڏهن
سمجهي سگهون ٿا جڏهن انهن کي پنهنجي روزاني جي
خيالن مطابق بڻايون. اسان جيئن ته قوت جي اصليت
کان واقف نه آهيون انڪري مجبور آهيون ته ان کي
مادي شڪل ڏيون ۽ اهڙيءَ طرح ان جي باري ۾ غور ڪري
سگهون. برگسان چيو ته اسان جي جوڙجڪ ماديت پرست
واري، اسان جو واهپو مادي ۽ ميڪانڪيت سان رهيو آهي
۽ جيستائين اسان انهن کان پاسيرا ٿي پنهنجي اندر ۾
نه نهارينداسين تيستائين اسان هر شيءِ کي مادي
مشين سمجهنداسين. تنهن هوندي به آسولڊ
Oswald
مادي کي رڳو قوت جي هڪ صورت ٿو سمجهي. رٿرفورڊ
Rutherford
ائٽم کي بجليءَ جا نگيٽيو ۽ پازيٽو يونٽ ٿو سمجهي.
لاج
Lodge
ٿو سمجهي ته اليڪٽرانس جي لهرن کانسواءِ ڪوبه مادي
مرڪز نه آهي ۽ لي بون رڳو ايترو ٿو چئي ته مادو
قوت جو هڪ قسم آهي، جي بي ايس هولڊن جو خيال آهي
ته هاڻوڪي زماني ۾ ڪي ٿورا قابل شخص مادي کي
اليڪٽرانس جي حرڪت جو هڪ خاص قسم ٿا سمجهن.
ايڊنگٽن
Eddington
جو چوڻ آهي ته مادو بجليءَ جي نيگيٽو ۽ پازيٽو
لهرن جو جڙيل آهي. ڪوبه تختو اصل ۾ خالي جاءِ آهي
جنهن ۾ بجليءَ جون ڪجهه وکريل لهرون آهن. وائيٽ
هيڊ
White Head
جو خيال آهي ته ڪنهن به ٺوس مادي جي تصور کي هڪ
مستقل حيثيت حاصل هئي اها هاڻي ڪانهي. ٺوس مادو
هاڻي قوت جي مقدار جو نالو آهي جنهن کي اسين ان جي
ڪن طاقتور اثرن جي حوالي سان ڏسون ٿا، ڏسو ته هيڏو
طاقتور مادو ڪيڏي هيٺين مقام تي اچي ويو آهي. اسان
وري باسڪووچ ڏانهن موٽون ٿا ۽ ان ڳالهه ڏانهن ٿا
اچون ته مادو جيڪو جاءِ والاري ٿو اهو ٺوس حقيقت
آهي، پر اصل ۾ ائين ناهي، نٽشي چيو ته باسڪووچ
ڪارپنيڪس هاڻي تائين اکين ڏٺل شاهديءَ جا وڏا
ڪامياب مخالف هئا. ڊيوئي ٿو چئي ته اها حيرت جي
ڳالهه ڪانهي ته سائنس ۾ ڪتب ايندڙ مادي جو ماديت
پرستن جي مادي سان ڪو تعلق ڪونهي. ڇا طبعيات جي
ماهرن جي ان ڳالهه کان وڌيڪ ڪابه ڳالهه سمجهه کان
ٻاهر ٿي سگهي ٿي ته مادو جاءِ والارڻ واري مواد جي
حيثيت ۾ مري چڪو آهي ۽ اسان کي ٻڌايو ٿو وڃي ته
اليڪٽرانڪس ۾ مادي جي ڪا خاصيت ڪانهي، اهي نه سخت
آهن، نه انهن ۾ پاڻياٺ آهي ۽ نه گيس جا ٺهيل آهن،
۽ نه انهن جي ڪا هيئت آهي. ريڊيائي بجليءَ سان
تعلق نه هجڻ جي ڪري جديد سائنس جي ان ڳالهه تي شڪ
ڪيو ويندو ته مادو ڪڏهن به تباهه نه ٿيندو آهي.
اچو ته ماهر طبعيات جي ڳالهه ٻڌون:
”ائٽمن جا عناصر جيڪي الڳ ڪيا ويندا آهن تباهه ٿي
ويندا آهن، انهن ۾ مادي جي ڪا خاصيت ڪانه رهندي
آهي جن خاصيتن مان بنيادي خاصيت وزن آهي، ماپو ان
جو اندازو ڪري نٿو سگهي. ڪابه شيءِ انهن کي مادي
واري حالت ۾ آڻي نٿي سگهي. اهي ايٿر جي وسعتن ۾ گم
ٿي ويا آهن حدت، بجلي، روشني وغيره مادي جا اهي
آخري مرحلا آهن جن کانپوءِ هو ايٽم ۾ گم ٿي ويندو
آهي. اهو وراهجي ويندو آهي. جدا جدا مرحلن مان
لنگهڻ کانپوءِ آهستي آهستي پنهنجي مادي واري صفت
وڃائي ويهندو آهي، ايستائين جو هو ادراڪ ۾ نه اچڻ
واري ان ايٽم ۾ گم ٿي ويندو آهي جنهن مان هو پيدا
ٿيو هو.“
ايٿر! پر اهو آهي ڇا؟ ان جي ڪنهن کي خبر ڪانهي، ان
لاءِ لارڊ سالسبري چيو ته ايٿر رڳو لهرن جي هيٺ
مٿي ٿيڻ جو بيان آهي، اهڙو افسانو آهي جنهن ۾
سائنس پنهنجي جهالت لڪائيندي آهي، هي جن ڀوت ۽ روح
جهڙي سمجهه کان ٻاهر ڪا شيءِ آهي، آئن اسٽائن ڪشش
واري قوت جي نئين تعبير ڪئي ۽ ايٿر کي معطل ڪري
ڇڏيو. پر پوءِ هن ان کي محدود طاقت سان بحال ڪيو.
جڏهن به طبعيات جو ماهر ڪنهن مونجهاري ۾ ڦاسندو
آهي تڏهن ايٿر ۾ پناهه وٺندو آهي. پروفيسر ايڊنگٽن
چيو ته ايٿر مادي جو قسم نه آهي ۽ غير مادو آهي
يعني اها غير مادي شيءِ آهي جيڪا ڪن حيرت انگيز
تبديلين سان پاڻ کي مادي ۾ بدلائي ٿي. اها شيءِ
وزن ۽ رُخ کان سواءِ آهي ۽ ڪن جزن جي ملڻ سان جاءِ
والارڻ واري مادي جي صورت اختيار ڪندي آهي. ڇا
هيءَ فلاسافي مذهب جي بحالي آهي يا نئين مسيحي
سائنس آهي يا روحاني تحقيق جي هڪ شڪل آهي- نفسيات
جڏهن هر تدبير هلائي شعور کان نجات حاصل ٿي ڪري
تڏهن طبعيات افسوس سان ٿي اسان کي ٻڌائي ته مادي
جو وجود ڪونهي. نيوٽن چيو هو ته ”اي طبعيات! مون
کي مابعدالطبعيات کان بچاءِ.“ پر افسوس ته هاڻي
اهو ممڪن نه آهي.
برٽرينڊرسل ٿو چئي ته طبعيات ان منزل تي پئي رسي
جتي اها مڪمل ٿي ويندي. پر شاهديون ان جي ابتڙ
آهن. هينري پين ڪيري
Henry Pain Care
جو چوڻ آهي ته جديد طبعيات مونجهاري واري حالت ۾
آهي ۽ پنهنجا بنياد نئين سر پئي ٺاهي پر ان کي خبر
نه آهي ته اها ڪٿي بيٺي آهي. گذريل ويهن سالن ۾
طبعيات جا مادي ۽ حرڪت جا بنياد بدلجي ويا آهن.
ڪيوري، رٽرفورڊ ۽ سوڊي
Soddy،
آئن اسٽائن ۽ منڪووسڪي
Minkowisky
جي تحقيقات نيوٽن جي طبعيات جي ڪلاسيڪي تصور کي
بلڪل ختم ڪري ڇڏيو آهي، ليپليڪ
Laplac
کي نيوٽن سان ريس هئي ته هن دنيا جو هڪ نئون نظريو
ڳولهي لڌو. کيس ان ڳالهه تي افسوس هو ته هاڻي ٻيا
ڪي به اهڙا نظام نه آهن جيڪي ڳولهي لهجن. پر نيوٽن
واري دنيا ۾ هاڻي ڪشش ڪانه هئي، اضافت جي نظريي
حرڪت جي قانون کي هر هنڌ لوڏي ڇڏيو هو. ڪو وقت هو
جو فلاسافيءَ جو ”پاڇولن“ ۽ ”خيالن“ سان تعلق هو.
۽ سائنس جي دلچسپي حقيقت ۽ واقعيت سان هئي، هاڻي
طبعيات نظرين جو بنياد ٿي وئي آهي ۽ دنيا ۾ مادي
جو تصور ختم ٿي چڪو آهي. فلاسافيءَ کي پاسيرو رکڻو
هو (ڪي ماڻهو اڳڪٿي ٿا ڪن ته پنجاهه سالن ۾
فلاسافي ختم ٿي ويندي). سائنس کي انساني مسئلا حل
ڪرڻا هئا، هاڻي جڏهن عام ماڻهوءَ جو سائنس تي
انجيل ۽ گرجا جهڙو ويساهه آهي تڏهن اسان کي وڏي
انڪساريءَ سان ٻڌايو ٿو وڃي ته سائنس اسان کي شين
جي اصليت جو علم ڏيئي نٿي سگهي. ان جي بدران اسان
کي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ گهڙي اوتري رفتار سان تيز
ٿي هلي جيتري رفتار سان مڪان ۾ ان کي کڻي هلجي ٿو
۽ ٻيو هي ته جڏهن ڪو ماپو زمين جي حرڪت جي رُخ تي
رائيٽ اينگل ٺاهي ته اهو ڊگهو ٿي ويندو. اسان کي
انهن سمجهه ۾ نه اچڻ وارن فارمولن آڏو آڻ مڃڻي
پوندي جن طبعيات جي پراڻي صفائي ۽ چٽائيءَ جي جاءِ
ورتي آهي، پر ڪهڙي خبر ته اهي فارمولا صحيح هجن.
بهرحال ماڻهو سائنس جي صحيح هجڻ تي شڪ ٿو ڪري جيڪا
ڏينهون ڏينهن وڌيڪ ڏکي ٿيندي ٿي وڃي ۽ هر ڏينهن
ڪالهه جي ترديد ٿو ڪري، سائنس پهريان اسان جي آڏو
ائٽم ٿي پيش ڪري، پوءِ اليڪٽرانس ۽ پوءِ ڪانٽا
Quanta
۽ آخر ۾ مادي دنيا جي تصوير جيڪا بجليءَ جي لهرن
سان معجزاتي طور ٺهي آهي ۽ جنهن ۾ مادي وارو مرڪز
ڪونهي، رڳو اسپينگلر هي ڳالهه چوڻ جي جرائت ڪئي ته
ائٽمن جو هر تصور افسانو آهي جنهن جو تجربو نه ڪيو
ويو آهي.
اسان کي جتي به دينيات نظر اچي ان کان پاسو ڪرڻ
گهرجي پوءِ اها دينيات سائنس جي ڇو نه هجي. شايد
اسان جي ڄاڻ جي مهارت (جيڪا بدلجندي ٿي رهي)
کانپوءِ به مادي جو وجود هجي ۽ ڊاڪٽر جانسن جي
کڙيءَ ۾ جيڪو پٿر چڀيو هو اهو ايترو ئي حقيقي هو
جيترو سندس کڙيءَ جو سور حقيقي هو. اهو سچ آهي ته
ڊاڪٽر لاءِ پٿر تصورن جو مجموعو هو جنهن جي هيوم
پوءِ اهڙي ئي تشريح ڪئي هئي، پر اهڙي قسم جو
مجموعو، اسان جي عضلات ۽ اسان جي حواسن جي اها
مزاحمت ئي اصل ۾ اها شيءِ آهي جنهن کي اسين مادو
ٿا سڏيون. اسان کڻي سائنس جي نئين دينيات لاءِ شوق
ڏيکاريون پر روزاني زندگيءَ ۾ اسين قوت کي مادي
سان لاڳاپيل ٿا ڏسون جيڪو جاءِ والاري ٿو ۽ جيڪو
غور ڪرڻ جي قابل آهي، اهڙي شيءِ آهي جيڪا اسان ۾
حواسن جي معرفت احساس پيدا ڪري ٿي.
اهو مادو ڇا آهي؟ اسان کي بنان هٻڪ جي مڃڻ گهرجي
ته اسان کي اڃا تائين خبر پئجي نه سگهي آهي. پر هڪ
ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته نئون مادو اڻويهين
صديءَ وارو سائنسي مادو نه آهي. نئون مادو بي
انتها قوتن جي هڪ شڪل آهي، مادو تعلق، ڌڪڻ،
اثرانداز ٿيندڙ عملن، بجلي، گرمي، اليڪٽرانس جي بي
تاب ناچ سان قائم آهي. حرڪت، قوت ۽ طاقت هرهنڌ
آهي. اسان هاڻي ڪنهن به شيءِ کي بي جان چئي نٿا
سگهون. لوهه جو ٽڪرو جيڪو ظاهريءَ طرح جامد آهي
اصل ۾ اندرين ۽ ٻاهرين قوتن (جيئن دٻاءَ جي گرمي
وغيره) جو توازن آهي. اسان ڪنهن ڌاتوءَ جي ٽڪر تي
هٿ رکندا آهيون ته ان جي ماليڪيوئل جي حرڪت ۾
تبديلي اچي ويندي آهي. ليوڪريٽس جي پراڻي تشبيهه
هاڻي وڌيڪ معنيٰ خيز ٿي لڳي:
”جڏهن وڏيون فوجون جنگ جي راند کيڏڻ لاءِ ميدان ۾
لهنديون آهن ته انهن جي چمڪ آسمان تائين پڄندي آهي
۽ ساري ڌرتي ٽامي وانگر نظر ايندي آهي ۽ زمين مان
انساني انبوهن جو آواز اڀرندو آهي ۽ جبل ان آواز
کان ڊڄي ان جي پڙاڏي کي ستارن تائين پڄائيندا آهن،
انهن اوچن پهاڙن تي ڪانه ڪا جاءِ اهڙي آهي جتان
اهي گهمندڙ ڦرندڙ انسان ساڪن ۽ ميدان ۾ روشنيءَ جي
ٽٻڪي وانگر نظر ايندا آهن.
اسان مادي جو جيترو مطالعو ٿا ڪيون اسان جي نظرن ۾
ان جي حيثيت گهٽ بنيادي ٿي معلوم ٿئي ۽ اسان ان کي
قوت جي خارجي شڪل ٿا سمجهون، اسان جا جسم زندگي ۽
ذهن جي خارجي شڪل آهن. ايڊنگيٽن ٿو چئي ته
جيستائين حرڪت جو تعلق آهي طبعيات ان جي اهميت
سڃاتي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته حرڪت ئي
بنيادي شيءِ آهي.
هڪ هندو ماهر طبعيات سر جگديش چندر بوس ڌاتن ۾ ٿڪ
جي ڪيفيت ثابت ڪري ڏيکاري ته ڌاتن ۾ ڪجهه عرصي کان
پوءِ ڪجهه شين جو ردِعمل عام حالت کان بدليل هوندو
آهي پر پوءِ آرام ڪرڻ سان سندن ٿڪ لهندو آهي ۽
سندن ردِعمل ساڳيا ٿي ويندا آهن. هن ثابت ڪيو ته
ڌاتن تي جوش ڏيارڻ، سست ڪرڻ واريون شيون ۽ زهر اثر
ڪندا آهن. اهي تجربا ساڳئي نتيجن سان ٽن وڏن کنڊن
۾ ورجايا ويا آهن. ”مادي جي زندگي“ ويهه ورهيه اڳ
اهي اکر بي معنيٰ هئا پر اڄ اهي عام آهن. هاڻي
اسان طبعيات جي ماهرن ۽ ڪيميا کي حياتياتي تصورن
سان دوچار ٿيندو ڏسون ٿا. حياتياتي تصورن جو ساري
ڪائنات تي تسلط ٿي وڃي ته اها ڪا ناممڪن ڳالهه
ڪانهي. هاڻي اسان مادي جي ارتقا جو به ٻڌون پيا.
لڳي ٿو ته مادو پيدا ٿيندو آهي، وڌندو آهي، پنهنجي
طاقت وڃائيندو ۽ مري ويندو آهي. قوت جي جديد
طبعيات جي پيش نظر اسان کي ماديت ۽ روحانيت جو
نئين سر جائزو وٺڻو پوندو. ڏسڻو آهي ته خارجي دنيا
جو ڪهڙو پاسو بنيادي آهي. مڪاني (يعني جاءِ
والاريندڙ) جنهن کي ڪنهن وقت طبعيات مادي جو نالو
ڏنو هو يا حرڪت ۽ چرپر وارو پاسو جنهن کي اسان قوت
ٿا چئون؟ ان سوال جو جواب قوت ئي ٿي سگهي ٿو، اها
قوت ئي ”ادراڪ کان مٿاهين“ ”پنهنجو پاڻ ۾ پوري“ ۽
”مطلق“ آهي. ڇا اها قوت مڪاني (جاءِ والاريندڙ)
مادي شيءِ آهي؟ قوت لاءِ اسان اهڙو تصور ڪري نٿا
سگهون جيئن خيالن لاءِ اهڙو تصور ڪري نٿو سگهجي.
مادي جي اندر ۾ ڪا شيءِ غير مادي آهي جنهن ۾ زندگي
۽ بي ساختگي واريون وصفون آهن ۽ هي اوچتي، بي
اختيار ۽ لڪل، پر هرهنڌ جلوه ڏيکاريندڙ قوت، هر ان
شيءِ جو جوهر آهي جيڪا اسان کي نظر اچي ٿي.
هتي ”اندر“ وغيره جا اکر رڳو استعارا آهن، انهن
اکرن کي جيڪڏهن استعارا نه سمجهبو ته فڪري
مونجهارن ۾ ڦاسي پونداسين. اسان کي مادي جو اهڙو
تصور ڪرڻ نه گهرجي ته اهو قوت کان الڳ ڪا شيءِ
آهي. قوت مادي جي اندر ۾ ائين رهندي آهي جيئن پارو
ڊيڊالس
Daedalus
جي قسمن ۾ رهندو آهي ۽ انهن کي ظاهري زندگي ۽
استحڪام ڏيندو آهي. هي حياتياتي عنصر، هي فعال
قوت، ڪا الڳ شيءِ نه آهي جنهن کي مادي کان ڌار
سمجهجي. هن جو وجود مادي جي وجود سان ائين ڳنڍيل
آهي جيئن جسم جو وجود ذهن سان. قوت ۽ مادو هڪ نه
تحليل ٿي سگهڻ واري حقيقت جا داخلي ۽ خارجي مظهر
آهن. ماده پرست صحيح هو. هن مادي کي اعليٰ رتبو
ڏيئي پنهنجي ان عقيدي جو اظهار ڪيو ته ارتقا جو
سلسلو ڪٿي به نٿو ٽٽي ۽ هي ته فلاسافر باندرن مان،
باندر شروع وارن حيوانن مان ۽ شروع وارا حيوان بي
جان مادي مان ۽ بي جان مادو عام ائٽمن مان پيدا
ٿيو آهي. اسان ان ڳالهه کي تڏهن مڃي سگهون جڏهن
مڃون ته بي جان مادي جي اندر زندگي جو هڪ اصول ڪم
پيو ڪري، هڪ اهڙي طاقت جيڪا ان کي ارتقا لاءِ
مجبور پئي ڪري. مادي ۽ ذهن جي وچ ۾ جيڪا وڇوٽي آهي
ان کي اسان ذهن جي حيثيت کي ختم ڪري نه پر مادي کي
اعليٰ رتبو ڏيئي ختم ڪري سگهون ٿا. هن دنيا جي
حقيقت اهائي آهي جيڪا ماده پرست ٻڌائي ٿو، ان جو
هر ذرو مادي جو ٺهيل آهي ۽ مادي جي هر ذري ۾ هڪ
خودمختيار قوت ڪم ٿي ڪري جيڪا زندگي ۽ هن جي ضامن
آهي. اسان انهن کُهرين حقيقتن لاءِ اهو ئي چئي
سگهون ٿا جيڪو هيراڪليٽس معزز مهمانن جو پنهنجي
سادي سودي بورچي خاني ۾ آڌرڀا ڪندي چيو هو.“ اچو،
اچو جو هتي به ديوتا ٿا رهن.“
زندگي:
اسان روحانيت ۽ ماديت کي ان بنيادي نقطي تي ڳنڍڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني شين جو جوهر مادي کان
وڌيڪ ذهن جي ويجهو آهي ۽ ٻيو اهو ته زندگي ۽ ذهن
مادي سان ائين جڙيل آهن جو ڪڏهن به جدا ٿي نٿا
سگهن ۽ اهو به ته سڀ اعليٰ بناوتون ادنيٰ بناوتن
مان ارتقا پذير ٿيون آهن. اسان پنهنجي پهرين ڳالهه
جي حمايت لاءِ طبعيات جي ماهرن جي قولن جي مدد
ورتي آهي. پر ٻي ڳالهه جي حمايت لاءِ اسان کي
ڏکيائون پيش ٿيون اچن جن کي مُنهن ڏيڻو آهي. اچو
ته پهرين پوئين مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ته
فطرت جي اعليٰ ۽ ادنيٰ بناوتن ۾ تسلسل جي نوعيت
ڪهڙي آهي.
جيڪڏهن ان تسلسل جو مطلب آهي ته زندگيءَ جي ارتقا
بي جان شين مان ٿي آهي ته حياتيات ان جي خلاف ٿي
شاهدي ڏي. اهڙي قسم جو ڪو مثال ڪونهي. پاسٽيئر ستن
سالن (1862- 1869) تائين جيڪي تجربا ڪيا انهن سان
ان خيال جي ترديد ٿي ٿئي ته اوائلي حيوان بي جان
مادي مان پيدا ٿي سگهيا ٿي ۽ جديد سائنس جدا جدا
نمونن سان سروليم هاروي
William Harvay
جي ان خيال جي تائيد ڪئي آهي ته هر بيدو بيدي مان،
هر جيوگهرڙو جيوگهرڙي مان ۽ هر جاندار، جاندار مان
پيدا ٿيندو آهي؟ جي ايس هالڊن
J.S.Holden
ٿو چئي ته بي جان مادي مان جاندار جو پيدا ٿيڻ
ناممڪن آهي. گسٽاف بونيئر
Gustavo Bonnier
چئي ٿو: ”جاندار جي تخليق؟ سائنس
جي موجوده صورتحال ۾ اهڙي اميد ڪيئن ڪري سگهجي ٿي
ڇاڪاڻ ته اسان ڏسون ٿا ته ڪيترا وصف، ڪيترو ورثو،
مستقبل جا ڪيترا امڪان هڪ جاندار ۾ موجود آهن.
اهڙي شڪ واري صورت جي باوجد اسان چئي ٿا سگهون ته
اهي شڪي ماڻهو ڪنهن حد تائين لاشعوري طور بي جان
مادي جو جاندار سان موازنو ٿا ڪن، اها ڏکيائي ڪنهن
حد تائين گهٽجي وڃي جيڪڏهن اسان ان کي هڪ عام سادي
جاندار ۽ نهايت ڳتيل مادي جي وچواري وڇوٽي تائين
ئي محدود رکون. ترڪيبي ڪيميا ڪوئلي جي اصل مان
1300000 مرڪب پيدا ڪري سگهي ٿي. ڪو هوڏي ماڻهو
جنهن اڃا غير ممڪن کي ممڪن ٿيندو نه ڏٺو آهي. يقين
سان چئي سگهي ٿو ته ڪيميا ڪڏهن به زندگي پيدا ڪري
نٿي سگهي؟ پر جيڪو فطرت ڪري ٿي اهو ممڪن آهي ۽
شايد ڪنهن ڏينهن ماڻهو فطرت جا ڪم ڪرڻ سکي وٺي. پر
جڏهن ڪو ٻوٽو سج جي روشني ۽ زمين جي ڪيميائي مرڪبن
کي پنهنجيءَ رس ۾ بدلائيندو آهي ته اهو بي جان
موجودات کي جاندار ۾ بدلائڻ جو مثال آهي. ان ۾ ڪو
شڪ ڪونهي ته انهن ۾ هڪ ساهه واري جو هجڻ لازمي آهي
پر اها تبديلي پوءِ به حقيقي آهي ۽ اُن سمجهه ۾ نه
ايندڙ حقيقت جو ضد آهي. بي جان يا جاندار ارتقا ۽
انحطاط جي عمل جا ٻه پاسا آهن. ٿي سگهي ٿو ته مادو
ڪنهن جاندار جي انحطاط پذير شڪل هجي ۽ بي جان ۽
ميڪانڪي موجودات ڪنهن ختم ٿيل زندگيءَ جا آثار
هجن.
شايد ڪنهن زماني ۾ ڌرتيءَ جي حالت اهڙي نه هئي جو
ان تي جاندار رهي سگهن ۽ شايد ڌرتيءَ تي زندگيءَ
تڏهن جنم ورتو جڏهن مناسب حالتون پيدا ٿيون. اسان
جو ارهنلس
Arrhnalls
جي ان ڳالهه کي مڃڻ ۾ ڪو فائدو ڪونهي ته ڏورانهان
ستارا زندگيءَ جا سرچشما آهن. ڪنهن مسئلي کي ٽاري
ڇڏڻ ان مسئلي جو حل نه آهي. اچو ته تصور ڪيون ته
ڪا آفت سڀني جاندارن کي مٽائي ٿي ڇڏي. پر گهڻي وقت
کان پوءِ وري اهڙي آب و هوا ٿي پيدا ٿئي جهڙي
اڄڪلهه آهي ۽ اڄڪلهه واريون سڀ طبعياتي ۽ ڪيميائي
حالتون به موجود ٿيو ٿي پون ته پوءِ ڇا ائين ٿي
نٿو سگهي ته اهڙي حالتن ۾ ڌرتي وري جراثيمن،
نباتات ۽ زندگيءَ جون لکين صورتون پيدا ڪري؟ هڪ
دفعو ارتقا جي اصول کي مڃجي ته پوءِ ان جي حد مقرر
ڪري نٿي سگهجي. ارتقا جي قطار ۾ شيڪسپيئر کان وٺي
هڪ اوائلي حيوان تائين ڪابه اهڙي جاءِ ڪانهي جتي
اسان بيهي رهون ۽ ڪنهن معجزي کي مڃون. جيئن هڪسلي
چيو هو ته ماڻهو ۽ چمپينزي باندر ۾ ڪو ايڏو گهڻو
فرق ڪونهي جيڪو اعليٰ ۽ ادنيٰ باندرن ۾ آهي. اسان
چئي ٿا سگهون ته پروٽين جي ترڪيب ۽ هڪ سيل واري
Amoeba
۾ ايترو فرق ڪونهي جيترو ارتقا جي ان ٽٽندڙ تسلسل
۽ ايموبا ۽ ڪنهن مذهبي ماڻهوءَ ۾ آهي.
مادي جو اهو نئون تصور ته اهو زندهه آهي بي جان ۽
جاندار ۾ فرق کي گهٽائي ٿو ۽ لڳاتار ارتقا جي تصور
کي ڪنهن حد تائين ممڪن بڻائي ٿو. زندگي حقيقت جي
ان خارجي پاسي جي تخليق نه آهي جنهن پاسي ۾ ٺوس
پڻي ۽ جاءِ والارڻ وارا وصف آهن پر ان داخلي پاسي
جي تخليق آهي جنهن ۾ ائٽم جي قوت، ايٿر جي بجليءَ
جي بي تاب ۽ بي چين توانائي آهي. اڻويهين صديءَ جي
طبعيات ۾ ڪيميا جي تصورن بي جان ۽ جاندار شين جي
تفاوت کي پڪو ڪري ڇڏيو هو ۽ اسپينسر جيتوڻيڪ ارتقا
کي مڪمل ڪرڻ ٿي گهريو. پر ساڳئي وقت ان کي ٽارڻ به
ٿي گهريو. هن لکيو ته اسان اهو مڃڻ لاءِ مجبور
آهيون ته زندگيءَ جي جوهر جو طبعياتي ۽ ڪيميائي
تصور ڪري نٿو سگهجي.“ جڏهن طبعيات ۽ ڪيميا زندگيءَ
جي تصور ۽ مادي کي هڪ سمجهڻ سکن ٿا تڏهن حقيقت ۽
ترقي جي ٻن حصن جو فرق ختم ٿو ٿئي ۽ مادو جنهن جي
حقيقت قوت آهي اهو زندگي سان ملي ٿو جنهن جي شڪل
مادو آهي انهن ٻنهي جو ڳانڍاپو دنيا کي مڪمل اتحاد
۽ هم آهنگي ٿو ڏي جنهن کانسواءِ نه سائنس کي ۽ نه
فلاسافي کي آرام اچي سگهي ٿو.
ماده پرست ڳالهائي ٿو:
جيڪڏهن بي جان مادي مان زندگيءَ جي اُسرڻ جي ڳالهه
مڃڻ ڏکي آهي ته پوءِ ذهن جي فطري ارتقا جي تصور کي
مڃڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي. نٽشي چيو ته مادي جو غور ۽
فڪر ڪرڻ واري شيءِ ۾ بدلجڻ ناممڪن آهي. هتي اسان
کي بي جان مادي جي تصور سان ارتقا جي تسلسل جي
تصور کي قربان ڪرڻو پوندو. ماديت ۽ رومانيت جا
مضبوط دليل انهن اڌ حقيقتن جي وچ ۾ حيرانيءَ واري
حالت ۾ آڻي ٿا بيهارن جيڪي ڪڏهن به پوريون حقيقتون
ٿي نه ٿيون سگهن. اچو ته انهن اڌ حقيقتن جو تجزيو
ڪيون.
ماده پرست ارتقا جي تسلسل کي مڃرائڻ سان ٿو ڳالهه
شروع ڪري. بوس جا تجربا ثابت ٿا ڪن ته ٻوٽن ۾ هڪ
قسم جي حساسيت آهي. شعاع جي حرارت کي ماپڻ واري
پلاٽينم جي سيخ 100000000/1 درجي جي حرارت جو اثر
وٺي ٿي ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته اها حساسيت جاندارن جي
حساسيت جهڙي نه آهي ۽ اها ماحول سان مطابقت پيدا
ڪرڻ وارو اهو ردِعمل پيدا نٿي ڪري جو ماحول قابو ۾
اچي. هي رڳو اهو طريقو ٿي ٻڌائي جنهن سان فطرت
مادي ۽ ذهن جي وڇوٽيءَ کي ڳنڍي ٿي.
ذهن جي ارتقا جي اڳئين منزل ٻوٽن جي جاءِ، تعلق،
حرارت، نمي ۽ روشني لاءِ حساست واري ردِعمل واري
آهي. يارڪيز
Yarkes
جو خيال آهي ته ذهن جي وڏي طاقت ۽ خاصيت سکڻ ۽
تجربي جي روشني ۾ مختلف نوع جي ردِعمل واري صلاحيت
آهي جيڪا هڪ هيٺاهين درجي جي جاندار ۾ به آهي.
بوسڻ برطانوي مجلس ترقي سائنس کي اهو ثابت ڪري
متاثر ڪيو ته انسان ۽ ٻوٽن جي رت جي دوري ۾ تمام
گهڻي هڪ جهڙائي آهي، هن اهو به ثابت ڪري ڏيکاريو
ته ٻوٽن جي اندر جي رس تي جوش ڏياريندڙ، اداس ڪندڙ
شيون ۽ زهر اثر ڪن ٿا. ايڊورڊ ٽينگل
Edward Tengl
ٻوٽن جي جيوگهرڙي ۾ زندگيءَ جي مادي جا سنهان ڌاڳا
ڳولهي ڪڍيا جن کي نباتات جا ڪي ماهر، جاندارن ۾
اعصابي تنتن جهڙو ٿا سمجهن. ڪي ٻوٽا روشنيءَ کان
ايترو متاثر ٿيندا آهن جو اهي باغ جون گهڙيون
سمجهيا ويندا آهن. جيڪي ٻوٽا ڪينئان ٿا کائن انهن
جا پنج سو قسم آهن جن مان ڪن کي (جيئن ڊارون اسان
کي ٻڌائي ٿو) ڏاڍا حساس ننڍا ڳوڙها هوندا آهن جيڪي
معمولي دٻاءَ جو به اندازو لڳائيندا آهن. ائين
فائدي وارن مقصدن لاءِ مطابقت پيدا ڪرڻ وارن
اوائلي ردِعملن مان ذهن جي شروعات جو اندازو ٿئي
ٿو.
چرپر سان حساسيت وڌندي وئي. ٻوٽن ۾ بي جان مواد کي
خوراڪ بنائڻ جي صلاحيت ته آهي پر هو چرپر ڪري نٿا
سگهن. رڳو ايترو ڪري ٿا سگهن ته پنهنجن پاڙن کي
زمين ۾ هيٺ تائين لاهن يا پنهنجن ٽارين کي آسمان
ڏانهن وڌائن، پر هنن ان سادي زندگيءَ لاءِ پنهنجون
ڪيتريون بامقصد صلاحيتون قربان ڪيون. انهن مان جن
چرپر ڪئي سي حيوان ٿي ويا ۽ انهن ان عظيم الشان ۽
دردناڪ تنتي سرشتي جو بنياد وڌو جيڪو اڄ مهم پسندي
۽ ضبط جو هٿيار بڻجي ويو آهي. ادنيٰ جانورن ۾
اعصابي نظام نه هوندو آهي هنن ۾ عام حساسيت هوندي
آهي جيڪا سندن بت جي هر رڳ مان ظاهر ٿيندي آهي. پر
انهن حيوانن جي دنيا ۾ به مهارت ضروري ٿي ويندي
آهي، ڪن اوائلي حيوانن ۾ خارجي جيوگهرڙا هڪ خاص
حساسيت رکن ٿا پر انهن جا اندروني يا هڪجهڙا
جيوگهرڙا ماحول کان بي نياز هوندا آهن. هڪ ٻي منزل
تي اچو، هتي حساسيت خاص ڪم لاءِ هوندي آهي. جيلي
مڇيءَ ۾ تنتي خليا ٻاهرين حصي ۾ پکڙيل هوندا آهن،
اهي ڪن عملي جيوگهرڙن سان لاڳاپيل هوندا آهن. هتي
ڪم جي مهارت تنتي خلين کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو
آهي. هتي اسان کي تنتي سرشتي جي پهرين شاهدي ملي
ٿي جيڪو ذهن جو هٿيار آهي.
ان سوال جو ڪنهن به جواب نه ڏنو آهي ته جيڪڏهن ذهن
۽ جسم هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ذهن مادي کان عاري ۽
مادو ذهن کانسواءِ آهي، ته پوءِ اهي هڪ ٻئي تي
ڪيئن اثر ڪن ٿا؟ ليوڪريٽس چيو ته ڇاڪاڻ ته جڏهن
روح عضون ۾ چرپر پيدا ڪندو آهي يا جسم کي ننڊ مان
اٿاريندو آهي يا چهرو بدلائي ڇڏيندو آهي يا
رهنمائي ڪندو آهي يا ماڻهوءَ کي ئي اٿلائي پٿلائي
ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن اسان ڏسندا آهيون ته انهن مان
ڪوبه اثر ڇهاءُ کانسواءِ ۽ ڇهاءَ جسم کانسواءِ
ممڪن ناهي ته ڇا اسان کي مڃڻو پوندو ته ذهن ۽ روح
جي اهڙي ئي حقيقت آهي جهڙي جسم جي آهي؟ يا وري ٻه
هزار سال اڳتي ٿا هلون ۽ ڏسون ٿا ته مارڪ ٽوئن
ڪيئن ٿو فلاسافر واري ڳالهه ڪري.
پوڙهو (طنز سان) روحاني حقيقت هجڻ جي ڪري ذهن
جسماني اثر قبول نه ڪندو آهي؟
نوجوان: نه،
پوڙهو:- ڇا ذهن عام حالت ۾ هوندو آهي جڏهن جسم نشي
۾ ٻڏل هجي.
دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سان چريائپ ٿي سگهي ٿي، ٿڪ سان ننڊ
اچي سگهي ٿي، دوائن ۽ بيمارين، آڪسيجن ۽ رت جي
گهٽتائيءَ سان بيهوشي ٿي سگهي ٿي. شعور جو بنياد
حواس آهن. اسٽمپيل جو ٻار جنهن جي رڳو ڏسڻ جي حواس
ڪم ٿي ڪيو جڏهن به اکيون بند ڪندو هو ته سمهي
رهندو هو. سجاڳيءَ جي خيال کان جبلتن جي ڪشمڪش سان
شعور جاڳندو آهي. جڏهن ڪشمڪش ڪانه هوندي آهي ته
عمل بي خياليءَ ۾ ٿيندو آهي. شايد شعور وقتي تڪليف
آهي، ڪو حيوان جنهن جون جبلتون ۽ حواس ان جي
ضرورتن مطابق آهن ان ۾ شعور نه هوندو. نِٽشي جو
چوڻ هو ته جڏهن ماڻهو ماحول سان پيدا ڪيل عادتن کي
پنهنجي ٻي فطرت بنائي ڇڏيندو ته شعور ختم ٿي
ويندو.
جيستائين اسان جي پاڻَ جو يا اسان جي روح جو تعلق
آهي اهي ورثي ۾ مليل ۽ ڪي حاصل ڪيل صفتن جي مجموعي
جو نالو آهن. جڏهن تجربو بدلبو ته اسان جو پاڻَ
بدلجي ويندو. ماڻهو پنهنجي ماضيءَ تي اوپري نظر
وجهندو آهي. ڪي وڳوڙ ٿين ته اسان ٻن شخصيتن ۾
ورهائجي ويندا آهيون، تجربي جو ڪو مرڪز، دماغ جي
تنتن جو ڪو حصو ٻين حصن کان ڌار ٿي پنهنجي جدا
بادشاهي قائم ڪندو آهي. ظاهر آهي ته ماڻهوءَ جو
پاڻَ ورثي، يادگيري ۽ مقصد جي هڪ نازڪ اڪيءَ جو
نالو آهي. جيڪو لافاني هجڻ کان وڌيڪ ڪمزور آهي.
خيال، عمل جو امڪان آهي. ڌيان، انتظار آهي. نفرت،
نٽائڻ آهي. اشتها، ڳولها آهي. جذبو، چرپر آهي.
خيال عمل جي پهرين منزل، اسان ان کي خيال انڪري ٿا
چئون جو عمل جي ڪنهن ٻئي لاڙي ان کي پوري ٿيڻ کان
روڪي ڇڏيو هو. تدبر ۾ جسم ممڪن عمل، جذبن ۽ خواهشن
جي مخالف حالت جي قبضي ۾ اچي ويندو آهي. جذبا،
جيئن ڪينن
Cannan
ڏيکاريو، رت جي حالت آهن جيڪي غدودن جي پاڻياٺ مان
پيدا ٿيندا آهن. ۽ بڪين جي غدودن کانسواءِ ڪاوڙ
اچي نٿي سگهي. ٿائراڊ کانسواءِ اسان احمق ٿي
وينداسين. ماڻهوءَ جي ساري سوچ ۽ عمل خواهشن جا
محتاج آهن جيڪي جسم جي هڪ حالت آهن. بک ڪن
جيوگهرڙن جي خالي ٿي وڃڻ جو نالو آهي ۽ محبت ڪن
جيوگهرڙن جي ڀرجڻ جو. جنسي خيال جسماني بلوغت سان
پيدا ٿيندا آهن ۽ دنيا جي اڌ شاعري خلين جي ڪري
وجود ۾ آئي آهي. ذهن پنهنجي سموري عمل ۾ جسم جو
حصو آهي. جسم جي وڌڻ سان وڌي ۽ ان جي انحطاط سان
ختم ٿو ٿئي، هاضمو، ساهه، پاڻياٺ جونڪاس جسم جي
دنيا سان ئي لاڳاپيل آهن. هي ماس هڪ عظيم عمل آهي.
تصور پرست جو جواب:
تصور پرست ٿو چئي ته اهي دليل شرم جهڙا آهن. اهڙي
بيوقوفيءَ واري ماديت کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي کِل جهڙي
ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اها ڳالهه سوچي سگهجي ٿي ته
مادو پنهنجن تبديلين جي معرفت پنهنجو پاڻ ڏانهن رخ
ڪري، پنهنجو مشاهدو ۽ پنهنجي ڄاڻ حاصل ڪري، پنهنجو
پاڻ تي قابض ٿي سگهي؟ ذهن جون معمولي حالتون به
مادي جي اصطلاحن ۾ سمجهه کان ٻاهر آهن. مثال؛ مادو
سور جو احساس ڪيئن ٿو ڪري سگهي. ماڻهو مادي جو
اهڙو تصور ڪري سگهي ٿو ته مادي کي يادگيري ٿئي؟
مادي جي دورانديشي ۽ سڃاڻي سگهڻ واري خصلت جو تصور
ڪري نٿو سگهجي. جيڪڏهن ذهن دماغ آهي ته پوءِ
يادگيريءَ جي هر ڪوتاهيءَ جو سبب دماغ جو ڪو نقص
هئڻ گهرجي. پر ائين نه آهي، ذهن ۽ دماغ جي ڪمن ۾
توازن قائم رکڻ جون سڀ ڪوششون ناڪام ٿيون آهن
سواءِ ان جي ته ذهن حاوي ۽ آقا آهي ۽ دماغ اوزار ۽
مشين. ڇا اسان جي دور جي ڪا ٻي علمي شڪست طبعياتي
نفسيات جي شڪست کا وڏي ٿي سگهي ٿي؟
پر هي معمولي ڳالهيون آهن ٿورو پنهنجن خيالن تي
غور ڪريو. ڇا اهو سچ آهي ته وليم جيمس پنهنجي اندر
۾ جهاتي پائي چيو ته مون کي ان ڳالهه کانسواءِ ته
مان ساهه ٿو کڻان ٻيو ڪنهن به ڳالهه جو شعور نه
ٿيو؟ هتي ساهه کڻڻ اهم نه آهي، ”مان“ اهم آهي،
اسان کي پنهنجي اندر ۾ نهارڻ سان ڪجهه نظر نٿو اچي
ڇاڪاڻ ته اسان جون اکيون مڪاني (جاءِ والاريندڙ)
شيءِ کي ڳولهينديون آهن. اسين جيڪي ڏسون ٿا اهو
بيان ڪرڻ ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته اسان مادي عڪسن کي
ڳولهيندا آهيون ۽ ڏسڻ خود هڪ مادي عمل آهي. پر
خارجي دنيا جي لاڳاپن جن سان خارجي دنيا جڙي آهي ۽
ذهني دنيا جي لامڪاني عمل جي وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي
اسان اڄ تائين ان کي عبور ڪرڻ لاءِ ڪو به پهريون
قدم نه کنيو آهي، اسان ڊگهن فاصلن کي به ائين تصور
۾ آڻي ٿا سگهون جيئن ننڍن فاصلن کي. هڪ ميل ۽ هڪ
انچ جي فاصلي جو تصور هڪ جيتري دير ۾ ڪري سگهجي
ٿو. ان لاءِ اسان کي ڪا وڌيڪ ڪوشش ڪرڻي نٿي پوي.
اسان وقت جي ڊگهي عرصي لاءِ به ائين سوچي سگهندا
آهيون، جيئن هڪ پل جي ياد جي باري ۾ سوچي سگهندا
آهيون. اسان پنهنجي مرضيءَ مطابق عڪسن کي وڌائي،
گهٽائي ۽ جوڙي سگهندا آهيون پوءِ انهن جو تجربو
ڀَل اسان کي ڪهڙيءَ به طرح ٿيو هجي. عڪس خيال نه
آهن، ڪيترا ماڻهو پنهنجي سوچ ۾ عڪس نه ڏسندا آهن.
اسان جا عڪس بنيادي نه هوندا آهن، انهن جي حيثيت
مددگار واري هوندي آهي. ٽڪنڊي ٽوپلي ۽ نڪتل پيٽ تي
رکيل هٿ، هر پاسي کان نيپولئن جي نمائندگي ٿا ڪن.
جنهن شيءِ جي باري ۾ گهڻو سوچيندا آهيون ان لاءِ
اسان کي عڪس ٺاهڻ جي گهٽ ضرورت پوندي آهي. عڪس عمل
جي تياريءَ لاءِ اهم آهي، جتي عمل نه هجي اتي خيال
گهٽ عڪس ٺاهيندا آهن، ان وقت اهو عمل مادي عڪس يا
استعاري جي حد کان ٻاهر هليو ويندو آهي.
ماده پرست لاءِ شعور جو مسئلو حل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو
آهي، هو ديانت گهٽ ۽ جرائت وڌيڪ استعمال ڪندو آهي
۽ ائين چئي ته شعور جو ڪو وجود ڪونهي. سمجهندو آهي
ته هن اهو مسئلو حل ڪري ورتو. اخلاقي ۽ ذهنيءَ طرح
هن جو درجو ان تصور پرست وارو هوندو آهي جيڪو
خارجي دنيا جي وجود کان انڪار ڪندو آهي. فلاسفر سچ
کي سڀ کان پوءِ ڳولهي لهندو آهي ۽ جڏهن حقيقت
پسندن دهل وڄائي اعلان ڪيو ته خارجي دنيا جو وجود
ڪنهن حد تائين يقيني آهي تڏهن فلاسافيءَ جا ايوان
حيرت ۽ شڪ سان ڀرجي ويا ته شايد خارجي دنيا موجود
هجي. ٿي سگهي ٿو ته ٽن سؤ سالن کان پوءِ عمل پرست
۽ ماده پرست داخلي دنيا ۽ شعور جي حقيقت ۽ فعاليت
ڳولهي لهن ان وقت هو عام ماڻهوءَ جي ڄاڻ جي سطح تي
پڄندا.
هڪسلي وڏي ايمانداريءَ سان اعتراف ڪيو ته ماديت
شعور جي تشهير ڪري نٿي سگهي. اها پنهنجي منطق ۽
مفروضن کان مجبور ٿي چوندي آهي، ته شعور نتيجو آهي
۽ سبب ٿي نٿو سگهي. اهو دماغ ۽ اعصابن ۾ هڪ اجايو
واڌارو آهي جيئن ڏيئي ۾ گرمي ۽ باهه ۾ روشني.
اهو صحيح آهي ته ارتقا ۾ ڪيترا عضوا پيدا ٿيا
انڪري جو اهي يا ته نقصانڪار نه هئا يا وري ڪنهن
زماني ۾ ڪارائتا هئا، ماده پرست کي اها ڳالهه مڃڻ
جي اجازت نه آهي ته شعور به ڪڏهن نقصانڪار يا
فائديمند هو. اهو به گهڻي قدر ممڪن آهي ته ڪو
شرميلو مفڪر اها ڳالهه مڃي ته خود- مرڪزيت مصيت
آهي. اسان مان ڪير آهي جيڪو پنهنجي ڄنگهن جي باري
۾ سوچيندو ۽ ساڳئي وقت چڱيءَ طرح هلي سگهندو. ماده
پرست ان شهادت کي ڪيئن رد ڪري سگهندو ته شعور
زندگيءَ جي طاقت ۽ لچڪ سان گڏ اُسريو آهي ۽ اهي
جاندار جن کي اعليٰ شعور آهي اهي تخليق تي حاوي
آهن.
ترڪيب:
هاڻي وقت آهي ته اسان انهن اڌ حقيقتن جي ڌاڳن کي
ايڪائيءَ ۾ ڳنڍيون. ليبنٽي وڏي سادگيءَ سان پهرين
مقرر ٿيل هم آهنگيءَ جي مطابق ايڪائي پيدا ڪرڻ جي
صلاح ڏني. هن لاءِ ذهن ۽ جسم هڪ ٻئي سان هڪ ئي
فاصلي تي برابر ۽ هڪ ٻئي کان آزاد آهن. ٻئي گڏ هلن
ٿا پر هڪ ٻئي کي نه ٿا ڇهن ۽ نه هڪ ٻئي تي اثر ٿا
وجهن. هنن ۾ هر پل جي هم آهنگي خدائي رحمت جي هڪ
ٻي نشاني آهي. ان نظريي جو رڳو ايترو فائدو آهي ته
هي ٻين ڪيترن نظرين کان وڌيڪ احمقاڻو نه آهي.
فلاسافيءَ جي سڀ کان نئين فيشن ”اڻ ڌريو مواد“ مان
چونڊ ڪرڻ جي ڪا گهڻي گنجائش ڪانهي. اسان جي اڻ
ڌرين ايڪائي پرستن لاءِ جن مان برٽرينڊرسل جي
فلاسافي سڀ کان وڌيڪ قابل قبول آهي. طبعيات مادي
کي ۽ نفسيات ذهن کي لاڳاپن ۽ واقعن جو نظام بنائي
ڇڏيو آهي ۽ تصور ان ٻن دنيائن جو وقتي ٽڪراءُ آهي.
انهن ٻن پراڻن مخالفن جو ميلاپ خدا ئي ڪيو هوندو.
ان اڻ ڌرئي مواد جي سمنڊ ۾ ڳانڍاپن ۽ واقعن جي
انهن سنهي تنتن مان مادو ۽ روح پيدا ٿين ٿا. روح ۽
جسم سنهي حقيقت ٿي ويا آهن.
اسان کي يقين آهي ته خارجي دنيا جا واقعا هڪ مادي
حقيقت جو پتو ڏين ٿا جنهن کي اسان بيشڪ مادو چئي
ٿا سگهون ۽ جيڪو ڏکوئيندڙ حد تائين اسان جي خواهشن
۽ احساسن کان بي نياز آهي. ڇاڪاڻ ته مادو بي جان
نه پر جاندار آهي انڪري ذهن ۽ مادي جو مسئلو غلط
مفروضن جي ڪري پيدا ٿيندو آهي. بيشڪ ته ماده پرستن
جي بي جان مادي مان ذهن جو اسرڻ مشڪل آهي پر جن
جديد طبعيات جي مهم جوئن ان جو مطالعو ڪيو آهي
انهن کي خبر آهي ته اڄڪلهه جي سائنس وارو مادو ذهن
وانگر زندهه ۽ غير مادي آهي. اهڙي مادي مان ذهن جو
اُسرڻ ڪو معجزو ڪونهي. سوال مادي ۽ ذهن جو هڪٻئي
مان پيدا ٿيڻ جو نه آهي. اهو سوال اسين هن طرح ڪري
سگهون ٿا ته ڇا ذهن- مادي جون ادنيٰ صورتون ترقي
ڪري اعليٰ صورتون اختيار ڪري سگهن ٿيون؟
جيئن ته ذهن مادو نه آهي ۽ مادو ذهن نه آهي پر
ذهن- مادي واري حقيقت موجود آهي، مادي ۾ ذهن ڪا
الڳ شيءِ نه آهي، زندگي جسم ۾ ائين موجود نه هوندي
آهي جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهندو آهي، ذهن هڪ
اهم مجرد آهي، اجتماعي نالو آهي، جيڪو نالو اسان
زندهه حقيقت جي اعمالن کي تڏهن ڏيندا آهيون جڏهن
اها سوچيندي آهي، جيئن نظر حقيقت جي عملن جو نالو
آهي يعني نظر جو ڏسڻ، يا محبت حقيقت جي عملن جو
نالو آهي جڏهن اها حاصل ڪرڻ يا پاڻ ارپڻ چاهيندي
آهي. ذهن ۽ مادو هڪٻئي تي اثر ڪندا آهن پر اهڙي
نموني سان نه جهڙي نموني سان ٻه الڳ شيون هڪٻئي تي
اثر ڪنديون آهن پر ائين جيئن جسم جو هڪ عضوو ۽ جسم
جو عمل (اعصاب- خيال) ٻين عضون ۽ انهن جي عمل تي
اثرانداز ٿيندو ۽ اثر وٺندو آهي. (ڦڦڙ، ساهه، پيٽ،
عضوا، چرپر، جنس، پيدائش جو عضوو، غدود، پاڻياٺ)،
زندهه مادي جا ترقي ڪيل حصا تنتن جي پاڻ ۾ جڙيل
اعمالن سان ٻين حصن کي هڪ ڪندا ۽ انهن جي اعمالن
جي رهنمائي ڪندا آهن. ذهن جي اعليٰ صورت جي ادنيٰ
صورتن ۽ ائٽم جي قوت سان فطري هڪ جهڙائي آهي
ايستائين جو شعور جنهن جي اسان شڪلين ۽ خاڪن ۾
وضاحت نٿا ڪري سگهون، ارتقا جي ان اصول هيٺ ٿو اچي
ڇاڪاڻ جو ان کي اسان بي جان مادي مان نه پر ان بي
پناهه قوت مان حاصل ٿا ڪيون جيڪا مادي جي جان آهي.
هيءَ قوت آهي ۽ اڪيلي قوت آهي، هيءَ زندگيءَ کي
بنيادي حقيقت سمجهي قبول ٿي ڪري جنهن ۾ مادو ان جو
ظاهري لباس آهي، اها برگسان جي ان ڳالهه کي نٿي
مڃي ته مادو ۽ زندگي ڪڏهن به ڌار ٿي سگهن ٿا. اهي
هرهنڌ هڪ آهن. ان ڳالهه جي ڪري ڪوبه اسان تي تصوف
جو الزام نه هڻي. ذهن ۽ مادي جو هرهنڌ حاضر هجڻ
ڪنهن طرح به تصوف نه آهي ۽ نه ئي ان کي ايترو
سمجهڻ ڏکيو آهي جيترو ان ڳالهه سمجهڻ ڏکيو آهي ته
هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ مقصديت وارو غور ۽ فڪر ۽ بي تاب
بدن هڪ هوندا آهن. زندگيءَ کي بنيادي حيثيت ڏيڻ
تصوف ڪيئن ٿيو؟ جڏهن ته اسان زندگيءَ کي ٻي ڪنهن
به شيءِ کان وڌيڪ ويجهڙائيءَ کان ۽ ٻين شين کي
زندگيءَ وسيلي ٿا ڄاڻون.
مادي ميڪانڪيت، مذهب تي حملو هئي ۽ داخلي تصور
پرستي، لامذهبيت تي حملو هئي. جيڪڏهن اسان پنهنجي
سوچ ۽ زماني کان ڊنل نه آهيون ته اسان ٻنهي کي رد
ڪري سگهون ٿا. ذهن ۽ بت جي وحدت ۾، ماديت، روحانيت
۽ تصور پرستي کي رد ناهي ڪيو ويو، پر اهي سڀ هڪ
رشتي ۾ ڳنڍجي ويا آهن. ماديت، جيستائين اها ڪائنات
کي ارتقا ۽ ترقيءَ جي وحدت ۾ ٻڌل ڏسڻ گهري ٿي، ۽
تصور پرستي، جيستائين اها معلوم ٿيل حقيقت کي
تجربي تائين محدود رکي ٿي. روحانيت، ڇاڪاڻ ته اها
حقيقت کي مڪان، ٺوس پڻي ۽ وزن ۾ نٿي ڳولهي پر هڪ
فعال قوت ۾ ڳولهي ٿي جيڪا ائٽم جي زندگي به آهي ته
جينيئس جي طاقت ۽ راز به. هي اهو تحرڪ ۽ اهو روح
آهي جيڪو غور ڪرڻ واري سوچ جي سڀني موضوعن ۽ دنيا
جي سڀني شين ۾ جاري آهي. سائنس هن شاعريءَ جي
تصديق ڪئي آهي.
اسان هڪ اهڙي فلاسافي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي
جيڪا جامع هجي ۽ دنيا جي قسمين قسمين پيچيدگين تي
حاوي هجي. اسان پڪ ئي پڪ ان ڪوشش ۾ ناڪام ٿيا
آهيون ۽ پنهنجي مشاهدي ۽ احساس کي وڌيڪ منجهائي
ڇڏيو آهي. سمنڊ جو هڪ ٽيپو سمنڊ کي ڪئين سمجهي
سگهي ٿو.
منطق ۽ درس ڪڏهن به قائل نه ڪندا آهن،
رات جي گهِم منهنجي روح جي گهرائين ۾ لهندي ٿي
وڃي.
هاڻي مان فلاسفن ۽ مذهبن جو وري تجزيو ڪيان ٿو.
اهي ليڪچر واري ڪمري ۾ سٺا ٿا لڳن پر وسعت تي
پکڙيل بادلن، نظارن ۽ وهندڙ چشمن آڏو ويچارا ٿا
لڳن. |