سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:16 

باب سورنهون

تهذيب جي تقدير

 

1818ع ۾ شوپنهار Schopenhauer ”دنيا، ارادو ۽ خيال“ جي عنوان سان ڪتاب لکيو ۽ انسان جي پنهنجي ترقي ۽ تهذيب جي باري ۾ يقين تي زبردست حملو ڪيو جنهن جهڙو حملو اڳ ڪڏهن ڪونه ٿيو هو. ڪيٽس، سلهه ۽ مايوسيءَ ۾ مرڻ کان اڳ مڪمل شاعري ڪئي جنهن ۾ خزان جي ڪوماڻيل مکڙين جي خوشبو ۽ خوش فهمين جي ٽٽڻ جو درد سمايل هو. 1823ع ۾ شيلي ٻڏي مري ويو. شايد ته هن پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. سيزر جي چواڻي: ”هو گهڻو ئي زنده رهيو هو“ ۽ يورپ ۾ آزاد خياليءَ جي پوري طرح شڪست کان پوءِ هن کان زنده رهڻ برداشت نه ٿي ٿيو. 1834ع ۾ بائرن مرگهيءَ جي مرض ۾ مري ويو. هن پنهنجي نظم ”ڊان زان“ Don Juan ۾ جنهن دنيا جو نقشو تکيءَ طنز سان چٽيو هو ان دنيا کي هن اندر جي اطمينان سان الوداع چيو، 1835ع ۾ ڊي موسي De.Mursset هڪ صديءَ جي ”ٻار جا اقرار“ ڪتاب شايع ڪيو ۽ تباه حال دنيا ۽ نا اُميد ماڻهن جي ڳالهه ڪئي. 1837ع ۾ پشڪن روس ۾ ۽ ليوپارڊي Leopardi اٽلي ۾ مئو. مرڻ کان اڳ ٻنهي مايوسيءَ واري اهڙي شاعري ڪئي جنهن جو مثال دنيا جي شاعريءَ ۾ ورلي ملندو. مطلب ته اهو مايوس نسل هو.

1850ع ۾ يورپ جي قوت وري پاڻ مڃائڻ شروع ڪيو ۽ زندگي ۽ ادب ٻيهر اُسرڻ لڳا. ايجادن صنعت جي ڪاميابين جو بنياد وڌو. مشينن جي ڪري ماڻهن کي واندڪائي ملي، ريل گاڏين ۾ دُخاني جهازن ثقافتن ۽ قومن کي پاڻي ۾ ڳنڍڻ شروع ڪيو  خيالن جي ڏي وٺ ٿيڻ لڳي. اهوئي ڏهاڪو هو جنهن ۾ ڊرامي انقلابي ڪاميابيون حاصل ڪيون. 1830ع ۾ هيوگو هرناني ڊرامو لکيو. 1828ع ۾ ابسن پئدا ٿيو. انهن ڏينهن ۾ بالزاڪ Balzac ۽ اسٽينڊ هال Stand hall ناول کي ڪمال تي ٿي پهچايو. هيني Heine ۽ هيوگو شاعريءَ کي ڪمال بخشيو. سينٽ بيويو Sainta-Beuve ۽ ٽين taine تنقيد کي وڌائڻ ۾ مصروف هئا. ٽينيسن ۽ براؤننگ پنهنجو پهريون ديوان شايع ڪيو. ڊڪنز ۽ ٿيڪري جي رقابت جي شروعات ٿي، ترگنيف، دستوفسڪي ۽ ٽالسٽاءِ روسي ادب کي ٿي عروج بخشيو. ڊيلا ڪروا Delacroix مصوري جي قدامت پرستيءَ جي خلاف جنگيون ٿي جوٽيون ۽ ٽرنر Turner به انگلستان کي سج جي شعاعن سان روشن ڪيو. ڊارون جديد سائنس جي هڪ نهايت اهم انڪشاف جي تحقيق جو مواد گڏ ڪيو. اسپينسر هڪ نئون فلسفو جوڙڻ ۾ مصروف هو ۽ رينان Renan ”سائنس جو مستقبل“ ڪتاب لکيو جيڪو هڪ روشن مستقبل جي اڳ ڪٿي هو. مطلب ته هر طرف نئين دور جو جنم ٿي ٿيو.

موت، تخريب ۽ تعمير جي ان پسمنظر ۾ اسان کي جنگ کان پوءِ واري مايوسي کي سمجهڻ ۽ ان کي معاف ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اصل ڳالهه پسمنظر جي هوندي آهي.

اسان جي فلاسافائيءَ ۾ مايوسيءَ جو سبب رڳو جنگ آهي. جنگ رڳو انهن خيالن ۽ احساسن کي اڀارڻ ۽ چٽو ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي ان صديءَ جي شروع ۾ اُڀرڻ شروع ٿيا هئا. اسپنگلر 1914ع ۾ يعني پهرين جنگ عظيم کان اڳ ئي پنهنجي ڪتاب ”مغرب جو زوال“ جو خاڪو تيار ڪري ورتو هو. پر شڪست کائڻ کانپوءِ ان ڪتاب کي نٽشي واري فلسفياڻي فڪر جو بنياد رکڻ وارو سڀ کان اهم ڪتاب مڃڻ شروع ڪيو ويو. مسٽر مينڪن Mr. Mencken ڪڏهن به پنهنجي دور سان ايڏي دلچسپي ڪانه ڏيکاري ۽ نه ئي هن مستقبل جي باري ۾ ڪي خوش فهميون پئدا ڪيون. پر جنگ جي وحشي پڻي ۽ امن جي نااُميدي کان پوءِ آمريڪا جي هزارين نوجوانن هن کي پنهنجي طرز فڪر ۽ زوال پذير تهذيب کان بيزاريءَ جو بهترين ترجمان مڃيو. جنگ کان پوءِ پوري ڪيسرلنگ keyserling جي فلسفي کي مهاتما ٻُڌ ۽ ڪنفيوشس جي ترجماني سمجهي ڌيان سان ٻڌو ۽ هن جڏهن اسان کي يقين ڏياريو ته پراڻي تهذيب ختم پئي ٿئي ته ان کي اسان هلڪي احتجاج سان ٻڌو. ڊين انج Dean inge ۽ هيلئر بيلڪ Hilaire Belloc رڳو ان ڳالهه تي متفق آهن ته تهذيب جلد ختم پئي ٿئي.

مغرب ۾ غير روايتي انڪساري جي لاڙي جا گهڻائي سبب آهن. هينري ايڊمز Henry Adams قوت جي گهٽتائي ۽ ان جي ناقابل مزاحمت هجڻ واري تصور تي ياسيت جو بنياد رکيو. ميڊسن گرانٽ Medison Grant جو چوڻ هو ته نارڊڪ نسل جو انگ گهٽيو ٿو وڃي، ٻين نسل وارن سان شاديون ڪرڻ جي ڪري ڪمزور ٿيندو ٿو وڃي. رومي نسل کان هيڻو ۽ ايشيا جي بغاوت ۽ جمهوريت سان هن جي ڊگهي قيادت ختم ٿيندي ٿي وڃي. لوٿروپ اسٽاڊرڊ انهن خيالن کي وڏي لياقت پر بي احتياطيءَ سان عام ڪيو. پروفيسر ميڪڊوگل Mc Dougall پنهنجي دور جي ان عام ڏک ۾ شامل ٿي ويو. ان ساڳي زماني ۾ ”مصريات جي عظيم ماهر پروفيسر فلنڊر پيٽري Flinder Petrie اعلان ڪيو ته هڪ نئين تهذيب جي تخليق لاءِ جدا جدا نسلن جو ميلاپ ضروري آهي پر هن اهو به محسوس ڪيو ته نسلن جي اهڙي ميلاپ سان مغربي تهذيب ختم پئي ٿئي. هن جو خيال هو ته 1800 ۾ تهذيب اوج تي هئي ۽ فرانس جي انقلاب سان ان ۾ زوال آيو. چئن پنجن صدين ۾ نسلن جي ميلاپ سان هڪ نئون نسل پئدا ٿيندو جيڪو هڪ نئين تهذيب جو بنياد وجهندو. اسپنگلر به ماضيءَ جو ذڪر رومانيت واري ڏک ڀري انداز ۾ ٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هن روسو وانگر پنهنجي پٺيءَ تي جاگيرداراڻي...... نظام جا زخم نه کاڌا هئا. هن جو چوڻ هو:

”مغربي تهذيب جي وجود لاءِ 1800ع جي ويجهو وارو زمانو وڏي اهميت وارو هو. هڪ پاسي زندگي ڀرپور ۽ پُراعتماد هئي ۽ پنهنجن اندر جي لاڙن سان گوٿڪ ٻالپڻي کان بنان ڪنهن رنڊڪ جي اُسرندي گوئٽي ۽ نيپوليئن تائين پهتي. ٻئي پاسي شهرن جي عمل واري مصنوعي ۽ بي جان زندگي آهي. اڄ اسان جا سڀ ڪم انتخاب کي قائم رکڻ ۽ بهتر بنائڻ لاءِ آهن. ڪنهن عظيم جاندار تخليق جي بدران سڪندر جي دور جي حساب جي علم جي زوال واري دور جي اجاين ڳالهين ۾ مصروف آهيون. جيڪو ماڻهو اهو نٿو سمجهي ته انهن نتيجن ۾ ڪا تبديلي اچي نٿي سگهي. ان کي تاريخ جو ادارڪ حاصل ڪرڻ جي خواهش ڪرڻ نه گهرجي.“

اسين ختم ٿي چڪا آهيون يا اُن ضدي جرمن جي چواڻي ته مابعد  الطبعياتي ضرورتن اسان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اسپنگلر عملي ماڻهو نه آهي. هن کي خبر ڪانهي ته زندگيءَ وٽ ڪي اهڙا دليل به ٿي سگهن ٿا جيڪي منطق سمجهي نٿو سگهي.

قومن جي فنا:

اسپنگلر جي ڳالهه ۾ وڏو وزن آهي. سندس ڳالهه مابعد الطبعيات واري نه آهي. مابعد الطبعيات جي ڳالهه کي سولائيءَ سان رد ڪري سگهجي ٿو، پر هن جي ڳالهه تاريخ جي آهي ۽ جيڪڏهن تاريخ ڪوڙ کان ڪم نه وٺي ته ان جي ڳالهه کي رد ڪري نٿو سگهجي. تاريخ جنهن جي پيشانيءَ تي فنا لکيل آهي. تاريخ جنهن ۾ سڀ کان اهم قانون اهو آهي ته جيڪا شيءِ اُڀرندي اها نيٺ ڪرندي. اڻويهين صديءَ جي تحقيق وڏي تفصيل سان قومن، نسلن ۽ رياستن جي زوال جا داستان بيان ڪيا آهن. ان کان اڳ تاريخ ۾ شايد ئي ڪنهن قوم ماضيءَ کي اهڙيءَ طرح ڇنڊيو ڇاڻيو هوندو جيئن گذريل سو سالن ۾ ڇنڊيو ڇاڻيو ويو آهي. دفن ٿي ويل تهذيبن جي کوٽائي ٿي آهي. وسريل دانش کي ظاهر ڪيو ويو آهي ۽ اربين انساني کوپڙين کي ڏٺو ويو آهي. ترقي ۽ تاريخ نويسن جي صديءَ هوائي جهاز، ريڊيو ۽ زهريلي گيس واري صديءَ لاءِ زوال ۽ مايوسيءَ جي ميراث ڇڏي آهي. تاريخ ڪيئن ٿي تقدير آڏو انساني مجبوريءَ کي بي نقاب ڪري ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ اوهان ٿورو تڪبر ڪرڻ واري مصر ڏانهن نهاريو جنهن واريءَ تي عظيم سلطنت قائم ڪئي. يورپ کان وڏي جلال وارا بت خانا ٺاهيا... سامونڊي علائقن جي سڀني رهاڪن تي حڪومت ڪئي، ڪروڙين غلامن جي پٺيءَ ٿي ڦٽڪا هنيان ۽ پنهنجن بادشاهن ۽ مذهبي اڳواڻن کي ”غيرفاني جاءِ“ ۾ جاءِ ڏني. پر انهن جو ڇا بچيو، ڀُرندڙ هڏين تي اڇا وار، اهرام به فنا جو پيغام ٿا ٻڌائن. انهن وهمن جي ٿيٽرن جي چوڌاري واريءَ جا واچوڙا ٿا چڪر کائن. هر سال حڪومت انهن جي صفائيءَ تي وڏي رقم خرچ ڪندي آهي ۽ جڏهن ڪو سياح انهن کي ڏسڻ کان پوءِ موٽندو آهي ته منهن تي ڄميل واري صاف ڪندي سوچيندو آهي ته جيڪڏهن حڪومت هڪ ٻه صديون انهن اهرامن جي صفائي نه ڪرائي ته انهن جي حالت الائجي ڪهڙي ٿي وڃي. انهن تي واريءَ جا تَہَه ڄمي وڃن ايستائين جو سڀ کان اوچو اهرام به ڍڪجي وڃي ۽ مصر جي عظمت ۽ بربريت ۾ جو نشان به نه بچي.

يونان جو مثال وٺو، هن پهاڙيءَ تي چڙهو. جيڪا پارٿيون ڏانهن ٿي وڃي، اتي بيهي ٿورو ياد ڪيو ته ڪيئن نون سالن تائين اڪلينس Iclinus ۽ ميسڪليس Mnesicles هن سادي پر مڪمل بت خاني جي تعمير لاءِ رهنمائي ڪئي، جيڪو توازن ۽ اسٽائيل جو مثال آهي ۽ بت جو هر رنگ ائين آهي جو بت مان انساني جسم جي گرمي ۽ نرمي ٿي ظاهر ٿئي.... غور ڪيو ته ڪيئن فيڊياس Pheidias ۽ سندس شاگردن نون سالن تائين مرمر جي پٿر مان بت گهڙيا، اهڙا سهڻا بت جو انهن کي ڏسي ڏسڻ واري جي ذهن ۽ شخصيت ۾ وسعت پئدا ٿي وڃي. ديوتائن جا اهڙا حشمت وارا ۽ گنڀير بت جن کي ڏسي يقين ئي نه اچي ته ڪو ديوتاؤن عياشي ۽ رتوڇاڻ به ڪندا هئا. ڪيترن صدين تائين اهو مندر پهاڙ تي بيٺو رهيو ۽ سج جي روشنيءَ ۾ چمڪندو رهيو. ڪيترائي نسل ان کي ڏسي روحاني سربلندي حاصل ڪندا رهيا. هتي ٻن گهڙين لاءِ انسان ديوتا ٿي ويندا هئا.

پر پوءِ 1687ع ۾ جنگ لڳي. ترڪن ايٿنز کي فتح ڪري پارٿينون کي پنهنجو بارود خانو بڻايو. وينس وارن پيرئيس Piraeus ۾ پنهنجا جنگي ٻيڙا موڪليا جن پارٿينون تي توپون هلائي ان کي تباه ڪيو. اوهان جڏهن ان عبادتگاهه جهڙي ٽڪريءَ تي حسن ۽ عقل جي ان پراڻي چمڪندڙ عقيدت واريءَ جاءِ تي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪرڻ ويندا ته اُتي اوهان کي پارٿينون نظر نه ايندو، رڳو ان جا ڪي آثار نظر ايندا جيڪي زلزلي جي هڪ ٻن ڌوڏن جو انتظار ٿا ڪن ۽ پارٿينون، پٿر جي لکين چمڪندڙ ذرن جي شڪل ۾ اوهان جي پيرن هيٺان هوندو ۽ موٽندا ته اهوئي سوچيندا ته ڇا تاريخ جو اهوئي سبق آهي ته هزارين سالن تائين انسان سخت پورهئي سان جيڪا تعمير ڪري ته بي احساس ۽ بي رحم زمانو ان کي مٽائي ڇڏي. زمانو قائم آهي ۽ انساني فن فاني ۽ جيڪي شيون گهڻيون سهڻيون هونديون آهن اهي جلد تباهه ٿينديون آهن.

پارٿيون ختم ٿيو، روم آيو ۽ ايترو جلد دنيا تي ڇانئجي ويو جو ڪو سوچي به ٿي سگهيو ته اهو فنا ٿيندو، پر آبادي ۽ زمين جي پئداواريءَ سگهه ختم ٿيڻ جي ڪري هاڻي ان جو نشان به ڪونهي. رڳو ماڻهن کي ان جو عروج ياد آهي ۽ اڄ جا آمر ان دور جي حاڪمن جي اهل ڪندا آهن. ڪريٽ crete ختم ٿيو، جوڊيا judia، فونيشيا phoenicia، ڪارٿيج carthage، ..... اسپريا Asperia، بابل ۽ ايران انهن ديوتائن وانگر آهن جن جا پوڄاري ختم ٿي ويا هجن. اهي بت خانا موجود آهن جتي زيارت لاءِ ته ماڻهو ايندا آهن پر ڪوبه دعا لاءِ هٿ نه کڻندو آهي.... انهن سڀني تي موت ڇانيل آهي.

يورپ آيو- اٽلي، اسپين، فرانس، انگلستان، جرمني، ۽ اهڙي تهذيب پئدا ٿي جنهن جو مثال ڪٿي ڪونه ٿو ملي. پارٿينون جهڙا گرجا ٺهيا، يونانين کان وڌيڪ سائنس تي ڪم ٿيا، اهڙي موسيقي تخليق ٿي جنهن لاءِ پراڻي زماني جا ماڻهو سوچي به نه ٿي سگهيا، علم هڪ هنڌ گڏ ٿيو ۽ ان کي گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين پهچايو ويو، اهو ڪم پهريان ڪڏهن به ٿي نٿي سگهيو. پر اسپنگلر اُٿيو ۽ جنگ کان ڊنل يورپ کي مخاطب ٿي چيائين:

”تون مري چڪو آهين. مان تو ۾ زوال جون سڀ نشانيون ڏسان ٿو. تنهنجا ادارا، تنهنجي جمهوريت، تنهنجون بدعنوانيون، تنهنجا وڏا شهر، تنهنجي سائنس، تنهنجو فن، تنهنجي اشتراڪيت ۽ دهريت، تنهنجو فلسفو، تنهنجو حسابن جو علم، اهي سڀ اهي اهڃاڻ آهن جيڪي پراڻي دور جي رياستن ۾ زوال کان اڳ واري دور ۾ ظاهر ٿيندا هئا. هڪ ٻي صديءَ کي گذرڻ ڏي. تهذيب توکان گهڻو پري وڃي ديرو ڄمائيندي. هي تنهنجو سڪندري دور آهي.“

آمريڪا اچي ٿو ۽ وسيع بنيادن تي تهذيب ٿو تعمير ڪري جنهن جهڙي تهذيب ان کان اڳ شايد ئي پئدا ٿي هجي ۽ شايد ته هي تهذيب اڳ وارين سڀني تهذبين کان وڌيڪ عروج ماڻيندي، پر جي تاريخ ۾ ڪا سچائي آهي ۽ جي ماضي مستقبل تي ڪا روشني وجهي ٿو ته پوءِ اسان کي سمجهڻ گهرجي ته وڏي محنت ۽ سچائيءَ سان تخليق ڪيل اها تهذيب به فنا ٿي ويندي ۽ جتي اسان اڄ محنت ۾ مصروف آهيون اتي هزارين سالن کان پوءِ وحشي پيا رُلندا.

هي آهي مستقبل ۽ ماضيءَ جي تصوير جيڪا تاريخدانن کي نظر ٿي اچي ۽ هو اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته تاريخ ۾ رڳو هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته زوال اڻ ٽر آهي جيئن زندگيءَ ۾ هڪ ڳالهه جي پڪ آهي ته موت اڻ ٽر آهي.

اقتصاديات ۽ تهذيب:

هيءَ ڏاڍي اُداسي واري تصوير آهي، اچو ته ڏسون ته ان ۾ ڪيترو سچ آهي.

تهذيب ڇا آهي؟ تهذيب تحفظ ۽ ثقافت، تنظيم ۽ آزادي جو ميلاپ آهي. اخلاق ۽ قانون ذريعي تحفظ حاصل ٿئي ٿو. پئدا وار ۽ ان جي ڏيتي ليتي سان مالي تحفظ ملي ٿو. علم هلت چلت ۾ سڌاري ۽ فن جي واڌاري جي تشهير جي وسيلن سان ثقافت جي تخليق ٿئي ٿي. انهن کي گڏي تهذيب چئجي ٿو. هاڻي اسان انهن اسمن مان هر هڪ جو جدا جدا مطالعو ٿا ڪيون. انهن سان ڪو هڪ اسم به تهذيب جي واڌاري يا زوال جو سبب ٿي سگهي ٿو.

انهن مان معاشيات بنيادي اسم آهي. ماڻهوءَ کان اڳ ماحول موجود هوندو آهي ۽ جيتوڻيڪ ماڻهو ماحول کي ايترو ئي بدلائيندو آهي جيترو ماحول هن کي بدلائيندو آهي پر ماحول جي اهميت ان ڪري آهي جو اهو پهريان موجود هوندو آهي. آبهوا زمين جي زرخيزيءَ کي گهٽائيندي ۽ وڌائيندي آهي. مينهن گهٽ پوي ته تهذيب آهستي آهستي ختم ٿي ويندي آهي جيئن شام ۽ بابل يا انهن کان اڳ جي تهذيبن سان ٿيو. مينهن جي کوٽ جي ڪري تباهه ٿيندڙ اهڙين تهذيبن جا آثار اينڊريوز Andrews منگوليان ۾ کوٽي ڪڍيا.....

سٺي آبهوا کان پوءِ زمين جي زرخيزي اهم آهي، پر اها ايڏي اهم ڪانهي ڇاڪاڻ ته يونان ۽ روم جا ڪيترا حصا پهاڙن، دُٻڻن ۽ واريءَ تي اڏيل هئا پر پوءِ به روم جي زميندارن يونان کي فتح ڪيو ۽ زمين جي غيرآباديءَ وري روم کي فتح ڪيو. دلالن هٿان هارين جو استحصال، زميندارن جي زمين تان غير حاضري، جنهن جي ڪري زمين جي پئداوار گهٽي، انهن سڀني ڳالهين جو روم تي اثر ٿيو ۽ هاڻي آمريڪا تي اثر پيو پوي. ان جي ڀيٽ ۾ چين جي زمينن جي ڪڏهن ختم نه ٿيندڙ زرخيزي، ان پراڻي پر ساڳئي وقت نوجوان ملڪ جي تهذيب جي ترقيءَ جو سبب آهي. تهذيب جو رستو مغرب ڏانهن نٿو وڃي پر آباد زمينن ڏانهن ٿو وڃي. ماڻهو جڏهن گرم علائقن مان نڪرندو هو ته هن کي سلطنت قائم ڪرڻ جا امڪان اتر ۽ ڏکڻ ۾ نظر ايندا هئا. پر هاڻي هو انهن کان بي نياز ٿي. انهن تي کلي، اوڀر ڏانهن موٽي سگهي ٿو. اها ڳالهه اڄ به صحيح آهي ته زمين جي حالت تهذيب جي روح تي اثر ڪندي آهي.

زمين خوراڪ کانسواءِ معدنيات به پئدا ڪندي آهي. ڪن حالتن ۾ ته قومن جي بقا لاءِ سون، چاندي، لوهه، ۽ ڪوئلو، ڪڻڪ ۽ جَوَن کان وڌيڪ اهم ثابت ٿيندا آهن، جنهن جو مثال انگلينڊ آهي. لارئيم Lauriam جون چانديءَ جون کاڻيون ختم ٿيون ته يونان مفلس ۽ ڪمزور ٿي ويو. اسپين ۾ چانديءَ جي کاڻن ۾ انتشار جي ڪري روم ڪمزور ٿيو. انگلستان جو موت تڏهن ٿيندو جڏهن نيوڪاسل New castle ٻاهران ڪوئلو گهرائيندو ۽ چين مان جڏهن معدنيات حاصل ٿيندي ته پوءِ چين شايد تهذيب ۾ ساري دنيا جي اڳواڻي ڪندو. بروڪس ايڊمز Brooks Adams جو چوڻ آهي ته السيس لورين Alsace Lorraine جي فتح کان پوءِ جرمنيءَ انگلستان کان صنعتي اڳواڻي کسي ورتي هئي ۽ 1897ع ۾ پينسيلوينيا Penncylvania ۾ ڪوئلي جي کاڻن جي شروعات سان صنعتي ميدان ۾ آمريڪا سڀ کان اڳتي نڪري ويو. ان وقت يورپ چين جي ڪوئلي کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ اڳتي وڌيو. آمريڪا واپار لاءِ رستو ڳولهڻ لاءِ فلپائن تي قبضو ڪيو. ڪوئلو بادشاهه آهي، تيل ولي عهد ۽ بجلي تاج ۽ تخت جي ڪوڙي دعويدار!

تهذيب جي واڌاري ۾ اقتصادي سببن وانگر تجارت جي به وڏي اهميت آهي. ڪنهن به قوم کي واپار جي شاهراهه سان ڳنڍيل هئڻ گهرجي ته جيئن سندس مال جي ڏيتي ليتي ۽ ٻين قومن سان ثقافتي لهه وچڙ ٿي سگهي. ان سان ماڻهن ۾ تحرڪ ۽ اتساه پئدا ٿيندو. يونان ٽرائي Troy جي فتح ۽ ايجيئن Aegean تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ اڀريو. روم ڪارٿيج جي شڪست ۽ ڀونچ سمنڊ تي قبضي کان پوءِ عروج حاصل ڪيو. اسپين ۾ ڪيروانٽس carvantes ۽ ويلاسڪويز velasquez ان لاءِ پئدا ٿيا جو اهي نئين دنيا جي شاهراهه تي هئا. اٽليءَ ۾ نشاة الثانيه انڪري ٿي جو اٽلي يورپ ۽ اوڀر جي وچ ۾ واپار جو وسيلو هو. روس حڪمت عملي يا جنگ سان انهن سمنڊن تي قبضو ڪري نه سگهيو جن ۾ سندس درياهن ڇوڙ ٿي ڪيو. جڏهن ڪونسٽينٽائين Constentine قسطنطينس Canstentinople کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ پراڻو بازنطين Byzentium، روس، جرمني ۽ آسٽريا کان ليوانٽ Levant تائين واري شاهراهه جو وچ بڻجي ويو ته روم جو زوال شروع ٿيو. پوءِ جڏهن ڪولمبس آمريڪا ڳولهي لڌو ۽ واپار جا رستا ڀونچ سمنڊ کان اوقيانوس ڏانهن مٽيا ته اٽليءَ جي زوال جا ڏينهن آيا. هاڻي جڏهن هوائي جهازن رستي واپار وڌندو ته تهذيب پنهنجو گهر هوائي رستن جي اڏن تي ٺاهيندي. برلن کان بغداد تائين رستو شايد هاڻي خواب نه رهندو ۽ جڏهن چين مغرب جو طاقتور رقيب ۽ خريدار ٿي ويندو ته ٿي سگهي ٿو ته روس جا بيابان آسماني آمد و رفت سان آباد ٿي وڃن.

تهذيب جي واڌاري جو آخري سبب صنعت آهي پر ان جي تاريخ ايڏي پراڻي نه آهي انڪري ان جي اثرن جو اندازو لڳائڻ ايترو سولو نه آهي. صنعت دولت وڌائي ٿي ۽ ٽيڪس ڏيڻ وارن کي هڪ هنڌ گڏ ٿي ڪري، بئٺڪي اڳرائيءَ جي مالي مدد ٿي ڪري ۽ سياسي استحصال جو سبب ٿي ٿئي. پر ڇا صنعت تهذيب جي پرورش به ڪري ٿي؟ صنعت مقدار کي اهميت ٿي ڏي ۽ فنڪاري ۽ خوبيءَ کي نظر انداز ٿي ڪري. اڳي هر صنعت فن هئي، هاڻي هر فن صنعت آهي، اڳي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارا هنرمند هئا هاڻي اهي مزور آهن. ڇا مشين اسان کي به مشينن جا پرزا ۽ ڪلون بڻائي ڇڏيندي ۽ انساني روح پنهنجي روحاني رفعت ۽ اوسر کان محروم ٿي ويندو. صنعتي انگلستان ۾ ايلزابيٿ جي دور وارو ادب، نيوٽن جي زماني جهڙي سائنس يا اها مصوري جيڪا رينالڊز Reynolds جي روشن گهراڻي سان شروع ٿي ۽ ٽرنر Turner وٽ ختم ٿي، هاڻي انهن مان ڪا شيءِ ڪانهي. جرمني جو عظيم زمانو فريدرڪ، ڪانٽ، گوئٿي ۽ بيٿوون سان شروع ٿيو ۽ بسمارڪ ۽ فان مولٽڪي Von Moltkeيعني رت، لوهه ۽ ڪوئلي تي ختم ٿيو. جرمني ۽ انگلستان جي ڀيٽ ۾ فرانس وٽ گهٽ صنعت ۽ وڌيڪ تهذيب هئي ۽ جيتوڻيڪ فرانس ۾ هلت چلت ۽ اُٿڻي ويهڻيءَ ۾ والٽيئر جي زماني واري زنده دلي ڪانه رهي هئي پر فرانس جو ذهن موليئر Moliere کانپوءِ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو آهي. هاڻي جڏهن فرانس وٽ ايلسيس لورين Alsace Lorraine وارو ڪوئلو آهي ته هاڻي شايد فرانس به آرٽ کي صنعت تي قربان ڪندو.

يورپ ۾ سوچ کي اُڀارڻ ۾ عظيم ثقافتي دورن جو سبب صنعت نه پر واپار هو. صنعت اڃا جوان آهي ۽ ماضي مستقبل جو انڪشاف نه ڪندو آهي. ٿي سگهيو ته صنعت اسان کي ايتري دولت ڏي جو اسان کي سوچڻ جي واندڪائي ملي ۽ اسان زندگيءَ جي فن کي وري جيئاري سگهون.

حياتيات ۽ تهذيب:

تهذيب جي واڌاري لاءِ صحيح ماحول پئدا ٿئي ته پوءِ گهڻن ماڻهن جي ڪنهن اهڙي برجستي آباديءَ جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ماحول کي پنهنجن مقصدن مطابق بڻائي سگهي. پروفيسر پيٽري Petrie جو نظريو آهي ته جڏهن گهڻا ماڻهو گڏجي ماحول کي پنهنجن مقصدن مطابق بڻائن ٿا ته هنن جي نسلي ميلاپ سان هڪ نئين تهذيب جنم ٿي وٺي. پيٽري جو خيال آهي ته اٽڪل اٺن صدين جي نسلي ميلاپ کان پوءِ اعليٰ قابليت جو دور ايندو آهي، جيڪو چئن پنجن سالن تائين قائم رهندو آهي. مثال ڪلووِز Clovis ۽ شارليمن  Cherlemagne  جي دور ۾ گالز ۽ فرينڪس Gauls and Franks ۽ ٻين قبيلن جي نسلي ميلاپ جي اٺ سؤ سالن کان پوءِ فرانس ۾ رابيلس Rabelais ۽ مونٽين جو سونهرو دور آيو. ساڳيءَ طرح اينگلز Angles، سڪيسنsaxon، جوٽس jutes ۽ ٻين جي نسلي ميلاپ کان اٺ سو سالن کان پوءِ شيڪسپئر ۽ بيڪن جي انگلستان جنم ورتو. ٻين ملڪن جي تاريخ شايد ائين نه هجي پر ته به چئي سگهجي ٿو ته نسلن جو ميلاپ وقتي طور تهذيب جي لحاظ کان فائدي وارو هوندو آهي. جدا جدا قبيلن جي نسلي ميلاپ سان وقتي طور شخصي ۽ قبائلي انفراديت ختم ٿي ويندي آهي پر ذهن ۽ جسم جون بنيادي ۽ اوائلي خاصيتون پختيون ٿينديون آهن ۽ اهو عمل نئين ماحول ۾ تيزيءَ سان وڌندو آهي جو نئين ماحول ۾ لڏي آيل ماڻهو ظاهريءَ طرح نادار پر اصل ۾ وڏا شاهوڪار هوندا آهن. هنن وٽ ثقافت گهٽ هوندي آهي. پر هنن ۾ قوت تمام گهڻي هوندي آهي. آمريڪا ان مان سبق حاصل ڪيو ۽ نسلي ميلاپ سان پئدا ٿيندڙ ”رت جو انتشار“ هڪ نئين قوم، روح جي هڪ نيئن پختگي ۽ تهذيب جو پيش خيمو ٿي.

ان جي ابتڙ نظريو رکڻ وارن جيئن گوبينو Gobineau، نٽشي Nietzsche ۽ چيمبرلين chamberlain ۽ گرانٽ Grant لاءِ اسان وٽ ڪهڙو جواب آهي جن جو چوڻ آهي ته نسلن جي ميلاپ سان شخصيتن ۽ تهذيبن جو زوال ٿيندو آهي. انهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته انهن، ڳالهه کي ابتو سمجهيو آهي. تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته زوال کان پوءِ نسلي ميلاپ عمل ۾ آيو. روم جو زوال وحشين جي حملي کان گهڻو اڳ شروع ٿي ويو هو ۽ ان جي شروعات پهرين عيش پرستي ۽ پوءِ رومي نسل جي خاتمي سان ٿي. جرمنن سان نسلي ميلاپ ان زوال جو سبب نه پر نتيجو هو.

پيٽري جي نظريي جو اڻ وڻندڙ رُخ اهو آهي جو هو چئي ٿو ته فرد وانگر ڪنهن نسل ۾ به جسماني قوت خاص مقدار واري هوندي آهي ۽ نسل کي به ننڍپڻ ، پڪي وهي ۽ پوڙهائپ جي مرحلن مان لنگهڻو پوندو آهي. پروفيسر صاحب جي هن خيال کي گهڻي ڀاڱي سڀني عالمن چڱو چيو آهي ته دنيا جي سڀني نسلن جي زندگي ۽ موت جو چڪر ذري گهٽ هڪ جيترو هوندو آهي. پر زندگي ڪنهن به آفاقي اصول کان مٿاهين آهي. هر هلائڻ واريون قومون صنعتي قومن جي ڀيٽ ۾ ڊگهي زندگي ماڻينديون آهن.

رومي نسل جي ماڻهن جي زوال جو سبب شايد اهو هو ته هنن زمين سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو جنهن جي ڪري هنن جي تندرستي خراب ٿي ۽ هنن مڙدانگيءَ واري جنگجوئيءَ لاءِ بداخلاقيءَ ۽ بيڪار مزورن وارو شهر آباد ڪيو. تهذيب لاءِ شهري زندگي ضروري آهي پر شهري زندگيءَ ۾ نسلي زوال جا جيوڙا هوندا آهن. دماغي ڪم، دونهين سان ڀريل گهر ۽ گهٽيون ماڻهن سان ڀريل بازاريون، سهڻا لباس، روغني کاڌا، انهن سان تندرستي خراب ٿيندي آهي جڏهن ته گندگيءَ جي نيڪاس جي نظام، پئسي ۽ دوائن جي ڪري ٻارن جي موت جو انگ گهڻو گهٽجي ويو آهي، ۽ عمريون وڌيون آهن. اينٽيونينس Antonines جي دور ۾ وبائن جي ڪري روم جي اڌ آبادي لڏڻ تي مجبور ٿي ۽ جرمن قوم جي ماڻهن جي وڌندڙ انگ جي اڳيان رومي بي وس ٿي پيا. ڪاري وبا انگلستان کي ائين تباهه ڪيو جو اُتي جاگيرداري نظام ختم ٿي ويو. ٿي سگهي ٿو ته جراثيم اسان تي حملو ڪن ۽ اسان کي ختم ڪري ڇڏن. انسان جي ان سڀ کان وڏي دشمن کي رڳو خوردبينيءَ سان ڏسي سگهجي ٿو.

پر انهن سببن کان وڏو ۽ اهم سبب شهري زندگي آهي جنهن ۾ انساني نسل تي وڏو اثر ٿو پوي. اهو اثر هي آهي ته شهري ماڻهو ڄم کي روڪن ٿا. شهر وڏا ۽ ڪٽنب ننڍا ٿا ٿيندا وڃن. شهرن جي آبادي ڄم سان نٿي وڌي پر ٻهراڙين ۽ ٻين ملڪن مان لڏي اچڻ وارن سان ٿي وڌي، پراڻو نسل ختم ٿو ٿئي ۽ نئون نسل ان جي جاءِ ٿو وٺي. ائين رومي نسل ختم ٿيندو ويو. رومين جرمن سپاهين کان نه پر جرمن مائن کان شڪست کاڌي. اها ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي ته سيزر رومن جي نسل کي بچائڻ لاءِ سندن وڏن ڪٽنبن کي انعام ڏيندو هو. سنڍ عورتن کي زيور پائڻ کان جهليندو هو. آگسٽس شادي نه ڪرڻ تي پابندي وڌي. ٻارن جي مائن کي معاوضو ڏيندو هو. ۽ ڪانٽيسٽائن انهن مائن کي سرڪاري الاؤنس ڏيندو هو جيڪي ٻار پالي نه سگهنديون هيون. پر انهن اپائن جو ڪو نتيجو نه نڪتو. جتي ٿورن ٻارن وارا ڪٽنب، گهڻن ٻارن وارن ڪٽنبن کان وڌيڪ خوشحال هوندا آهن اتي ڄم جو انگ گهٽبو آهي. اهي ڳالهيون فلسفي سان سمجهه ۾ نه اينديون. سوال آهي ته ڇا ڄم ۾ گهٽتائيءَ سان اسان جي تهذيب جو زوال ٿيندو. هر ڪنهن کي خبر آهي ته آمريڪا جي پڙهيل طبقي ۾ ڄم جو انگ گهٽ آهي. حياتيات جي ماهرن کي ڄاڻ آهي ته طب ۽ سخاوت ”فطرت جي چونڊ“ واري اصول کي بدلائي ڇڏيو آهي. ان ڳالهه جي به سڀ کي ڄاڻ آهي ته هيٺاهين طبقي ۾ آدم وڌي ٿو جيڪو مٿاهين طبقي ۾ ايندو ٿو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح نااهل طبقي جو نسل ٿو وڌي ۽ ذهين ماڻهن ۾ ڄَمُ گهٽ هجڻ جي ڪري تعليم کي تمام وڏو ڌڪ ٿو لڳي.

هتي هڪ ٻي حقيقت به بيان ڪندا هلون جيڪا حياتياتي نه آهي. اها هيءَ ته اڄڪلهه جي استادن لاءِ ٻارن کي پڙهائڻ مسئلو ٿي پيو آهي. هنن کي سڀاڻي جي شاگردن کي پڙهائڻو آهي جن کي ڪالهه جا احمق ماستر ٿا پڙهائن جنهن جي ڪري تعصب، علائقو پرستي ۽ رجعت پسنديءَ کي هٿي ٿي ملي. علمي ڪارناما ميراث ۾ نه ملندا آهن. پي ايڇ ڊي جي ڊگري به پڙهي حاصل ڪرڻي پوندي آهي،  اهي به تعصب ۽ وهم پرستيءَ جي دورن مان لنگهندا آهن. اهو به چئي نٿو سگهجي ته غريب ۽ نادار ماڻهن جي ٻارن ۾ جيڪي زندگيءَ ۾ ڊنل ۽ محروم هوندا آهن، ڪيتريون صلاحيتون لڪل هونديون آهن. حياتياتي لحاظ کان جسماني طاقت علمي ميراث جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم آهي پر اجتماعي نقطه نگاه کان شخصيت جي پختگي ۽ علم، جسماني طاقت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اهم آهن. پر اها به حقيقت آهي ته فلاسفرن مان ڪي سٺا نسل پئدا نه ٿيندا آهن. نٽشي جو خيال هو ته جرمنيءَ جو بهترين رت اتان جي هارين جي رڳن ۾ ٿو ڊوڙي. اسان جو به اهوئي حال آهي. ٿي سگهي ٿو ته اها حالت هاڻي سڌري. هيٺان واري طبقي مان ايندڙ ٻارن ۾ وڌيڪ طاقت ۽ توانائي آهي ۽ تعليم سان هنن مان جهالت ختم ٿي سگهندي. هن مسئلي جو حل اميرن ۾ ڄم جو انگ وڌائڻ نه آهي پر مفلسن ۾ ان انگ کي گهٽائڻو آهي. اسان کي ڄم کي روڪڻ وارين دوائن کي قانوني حيثيت ڏيڻ گهرجي. جن ماڻهن ۾ جسماني يا ذهني نقص هجي انهن کي ٻار پئدا ڪرڻ نه ڏجن. عشق ۾ انڌو ٿي وڃڻ واري غلط تصور کي ختم ڪري ماڻهن ۾ صحت جو نئون شعور پئدا ڪرڻ گهرجي. ذهين طبقي ۾ ڄم جي انگ جي گهٽجڻ واري حقيقت کي تسليم ڪري تهذيب جي ترقيءَ لاءِ نسل کان وڌيڪ تهذيب تي اعتماد ڪرڻ گهرجي. نسل جي واڌاري لاءِ وراثت تمام ننڍو سبب آهي. هاڻي ارتقا حياتياتي نه پر سماجي آهي. اسان کي تندرست نسل ڏيو ۽ تهذيب کي ترقي ڏيارڻ جو ڪم سٺا اسڪول پاڻ ڪندا.

تهذيب ۽ سماجيات:

ترقيءَ جو مدار چونڊ جي حياتياتي قانون کان وڌيڪ ادارن جي ڪردار تي آهي. يعني ته تهذيب جو مدار ڏاڍي هٿان هيڻي کي ختم ڪرڻ واري حياتياتي قانون کان وڌيڪ تعليم ۽ حڪومت تي آهي ۽ مستقل جي باري ۾ اسان جي دلين ۾ جيڪي شڪ شبها آهن اهي وڏن وڏن خاندانن جي شجرن سان نه پر انهن ادارن جي هاڻوڪي حالت کي ڏسي ختم ٿي يا وڌي سگهن ٿا. انهن ادارن ڪيترين صدين کان انسان جي ترقيءَ کي وڌايو ۽ منظم ڪيو آهي. گرجا، خاندان، مدرسا، رياست انهن ادارن تهذيب کي ڪيترو اڳتي وڌايو آهي؟ اسان سڀني کي خبر آهي ته گرجا کي يورپ ۾ جيڪا طاقت حاصل هئي سا هاڻي گهڻي گهٽجي وئي آهي. گرجا ورهائجي وڃڻ کان پوءِ به تعليم ۽ اخلاق جي خيال کان نهايت اهم ۽ رياست جو حريف ادارو هئي پر ان اداري جي ڪمزور ٿيڻ کان پوءِ اسان وٽ مذهبي مصلح ڪونه رهيا آهن ۽ ڪوبه شخص جيڪو پاڻ کي قومي ضمير جو آواز بنائڻ چاهي ته هو رياست جي صدر يا بادشاهه جيترا اختيار حاصل ڪري نٿو سگهي. مارٽن لوٿر، جرمن نوابن جي مدد سان مذهب جي اصلاح واري تحريڪ کي ڪامياب بنايو ان کان پوءِ رياست آهستي آهستي گرجا جي جائيداد تي قبضو ڪندي وئي جنهن سان پادرين جي اخلاقيءَ طرح رهبري ڪرڻ واري حيثيت به ختم ٿيندي وئي.

تاريخ جي شاگردن لاءِ حال کي سمجهڻ ۽ مستقبل جي باري ۾ اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ مذهب جي اثر جي گهٽجڻ ۽ مذهب جي پٺڀرائيءَ جي ڪري اخلاق کي جيڪو وزن هو ان جي ختم ٿيڻ واري حقيقت کي سمجهڻ نهايت ضروري آهي. ماضيءَ ۾ مذهبي عقيدو ڪڏهن به اهڙو ڪمزور نه ٿيو ۽ ان ۾ ڪڏهن به ايڏا نشيب و فراز نه آيا جيڪي هاڻي آيا آهن. سوال آهي ته ڇا رياست گرجا کان سواءِ اجتماعي نظام کي قائم رکي سگهي ٿي. ڇا اڳ اخلاق کي مذهب جي جيڪا پٺڀرائي هئي ان جي ختم ٿيڻ کان پوءِ رڳو تعليم جي زور تي اخلاق کي طاقتور بڻائي سگهجي ٿو. ڇا اهي تعليمي ادارا ڏاهپ کان سواءِ سائنس، ذهانت کان سواءِ علم ۽ ضمير کان سواءِ چالاڪي نٿا سيکارن. ڇا اهي حالتن سان اهڙي هم آهنگي ڪرڻ نٿا سيکارن جنهن ۾ جمالياتي شعور ۽ تخليقي مقصد جي کوٽ هوندي آهي. مذهب جو مطالعو پوءِ ٿا ڪيون اچو ته پهريان خاندان جو مطالعو ڪيون، جنهن کي اسان اکين سان زوال ڏانهن ويندو ڏسي رهيا آهيون. تاريخ ۾ سڀني تهذيبن جو بنياد خاندان رهيو آهي. خاندان سوسائٽي: جو مالي ۽ پئداواري يونٽ رهيو آهي. ماڻهو گڏجي هر هلائيندا هئا. اهو سوسائٽيءَ جو سياسي يونٽ هو جنهن ۾ پيءُ کي سڀني تي اختيار هئا ۽ جنهن کي رياست ننڍي پيماني تي ٽيڪ ٿي ڏني. اهو ثقافتي يونٽ هو جنهن علم ادب ۽ آرٽ کي ٿي وڌايو. ٻارن کي ٿي پڙهايو ۽ نپايو ۽ ٻارن کي اخلاق جي تعليم ٿي ڏني ۽ سندن سڀاءَ کي اخلاق جي سانچي ۾ ٿي وڌو جنهن سان نفسياتي طرح سماج جا بنياد مضبوط ٿي ٿيا... خاندان رياست کان وڌيڪ اهم هو. حڪومتون ختم ٿي وينديون هيون پر جي خاندان قائم هوندا هئا ته نظام قائم رهندو هو. سوشل سائنسدانن جو چوڻ آهي ته خاندان مٽجي ويندو ته تهذيب ختم ٿي ويندي.

هاڻي جڏهن رياست ڏينهون ڏينهن وڌيڪ مضبوط ٿيندي ٿي وڃي تڏهن خاندان گهرن ۾ بدلبا ٿا وڃن. ٻارن جي جاءِ ڪتا پيا وٺن. مڙد ۽ عورت هاڻي به ميلاپ ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻار به ڄڻن ٿا پر اهو ميلاپ شاديءَ جي صورت اختيار نٿو ڪري. شاديءَ جو مقصد پيءُ ماءُ بڻجڻ نه هوندو آهي ۽ پيءُ ماءُ بڻجڻ جو مقصد تعليم وڌائڻ نه هوندو آهي. آزاد محبت ۽ طلاق شاديءَ جي اهميت کي گهٽائي ڇڏيو آهي اسڪول ٻار کي ماءُ کان کسيو آهي ۽ رياست پيءُ کان اختيار کسيو آهي. اسڪولي ماستر ۽ سپاهي اها تنظيم پئدا ٿا ڪن جيڪا اڳ ننڍي وهيءَ ۾ ’ گهر‘ ماڻهوءَ ۾ پئدا ڪندو هو. وڏي ڳالهه ته صنعت زراعت جي جاءِ پئي وٺي. اڳ سڀ گڏجي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندا هئا، هاڻي هڪڙو هڪڙو ماڻهو جدا جدا ڪارخاني ۾ مزوري ٿو ڪري. ووٽ ڏيڻ واري هاڻي پنچائت جهڙي اجتماعي اداري جي جاءِ ورتي آهي جنهن ۾ بزرگ گڏ ٿيندا هئا. انهن پراڻن ادارن جو يادگار هاڻي اهي گهر بچيا آهن جن ۾ اڄ به ٻه چار ماڻهو گڏ رهن ٿا. يا اهي ويساهه نه ڪرڻ جهڙا احساس جيڪي عورت کي مڙد سان ۽ پٽن ۽ ڌيئن کي پيءُ ماءُ سان ڳنڍين ٿا. اجتماعي نظام ۾ مرڪزيت .... پئدا ٿي وئي آهي ۽ سڀ ذميواريون رياست سنڀالي ورتيون آهن.

پر ڇا رياست مالي ۽ اخلاقي بنيادن تي ايترو مضبوط ادارو آهي جو اهو علم ۽ اخلاق جي ورثي کي قائم رکي، وڌائي ۽ ان جي تشهير ڪرڻ جي ذميواري اڪيلي سر پاڻ تي کڻي. يا ڇا موجودهه سياسي سرشتي جي ڪري اها ذميواري انهن جاهل ماڻهن ڏانهن منتقل ٿي ويندي جن کي علم ۽ فن سان ڪو چاهه ڪونهي. آخر ان جو ڪهڙو سبب آهي جو آمريڪا جي ڪيترين رياستن ۾ گهٽ درجي جي ماڻهن جي حڪومت آهي. ڪهڙو سبب آهي جو اعليٰ عهدن جو وطن پرستي، تدبر ۽ ضمير سان واسطو نه آهي. ڪهڙو سبب آهي جو بداخلاقي ۽ سياسي ويساهه گهاتي عام آهي پر ماڻهو ان جي خلاف ڪاوڙ نٿا ڏيکارن ۽ هنن ۾ انهن جي خلاف عملي قدم کڻڻ جو جذبو ڪونهي. ڪهڙو سبب آهي جو حڪومتن جو وڏي ۾ وڏو فرض ڏوهن جي پردهه پوشي ڪرڻ ۽ امن جا معاهده ڪري جنگ ڪرڻ ٿي ويو آهي. ڇا رياست ۽ خاندان تهذيب جي اڳواڻي اهڙي اداري کي سونپي ڇڏين.

اچو ته اها ڳالهه وري ورجايون ته ڪنهن به قوم لاءِ گهڻي دولت جيڪڏهن فائدي واري آهي ته خطرناڪ به آهي. جيئن ته ماڻهن جي صلاحيتن ۾ فرق آهي انڪري دولت جي ورڇ به غير برابريءَ واري آهي. ساڳئي وقت ايجادون ۽ مشينون صلاحيتن وارن ماڻهن جي صلاحيتن کي وڌائينديون ٿيون رهن. ان سان طبقن ۾ ويڇا وڌن ٿا ۽ سياسي نظام ۾ ڇڪتاڻ پئدا ٿئي ٿي. وڌندڙ دولت سان عيش پرستي وڏي ٿي جنهن سان جسماني ۽ ذهني قوت ختم ٿي ٿئي. ماڻهو پنهنجي تڪميل، ڪم ۾ نه پر جسماني لذتن ۾ ٿا ڳولهن. تخليق مان حاصل ٿيندڙ مزي جي جاءِ لذت وٺندي آهي. مڙداڻي قوت گهٽبي آهي ۽ دماغي بيماريون وڌنديون آهن، شخصيت ڪمزور ٿيندي آهي ۽ ڪهڙي خبر ته جيڪڏهن قوم تي ڪا مصيبت جي گهڙي اچي ته قوم ان کي منهن ڏيئي نه سگهي.

هڪ نوجوان اديب گهڻا سال اڳ چيو هو:

تاريخ بربريت جي موٽي اچڻ جي عمل جو نالو آهي، سخت پورهئي جي ڪري ماڻهو سخت جان ٿي ويندا آهن ۽ وڌندڙ ضرورتن جي ڪري پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي پاڻ کان گهٽ طاقتور ماڻهن ڏانهن وڌندا آهن. انهن کي فتح ڪندا آهن، بي گهر ڪندا آهن يا پنهنجو پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. سخت پورهئي وارين حالتن ۾ محنت هنن ۾ جيڪا قوت پيدا ڪندي آهي ان قوت جي ڪري هنن جي پئداوار وڌندي آهي وڌيڪ پئداوار جي ڪري عيش پرست طبقو پئدا ٿيندو آهي جيڪو جسماني پورهي کان حقارت ڪندو آهي ۽ عياشيءَ جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪندو آهي. واندڪائيءَ سان سوچ پيدا ٿيندي آهي، ۽ سوچ عقيدن ۽ رسمن کي ختم ڪندي آهي. عزم ۽ عمل جي جاءِ تي مشاهدي جي نزاڪت پئدا ڪندي آهي، ماڻهن جي سوچ تجزين جي ڪاڪ ۾ سوسائٽيءَ جي پويان لڪل فرد کي ڳولهي لهندي آهي ۽ فرد پنهنجا عام ڪم ڪار وساري پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ کي ڳولهي لهندو آهي، گڏيل مفادن جو احساس گهٽجي ويندو آهي ۽ ماڻهو شهري نه پر فرد ٿي ويندا آهن.

وري ڏورانهن هنڌان ڪي ٻيا ماڻهو، مخالف حالتن سان مقابلو ڪندي صاف ڪيل جهنگ، سڌا سنوان رستا، سايون ۽ ضرورتن کان وڌيڪ فصل ڏيندڙ ٻنيون ۽ آرام جي عياشي ڏسندا آهن ته هو به خواب ڏسڻ لڳندا آهن، خواهش ڪندا آهن، متحد ٿيندا آهن، حملو ڪندا آهن ۽ پوءِ ساڳيو چڪر شروع ٿي ويندو آهي.

تهذيب جو تسلسل:

اهي آهن ان ڳُتيل مسئلي جا جدا جدا حصا ۽ اسان جي پنهنجي تهذيب جي باري ۾ شڪ شبها، هاڻي سوال آهي ته اسان تاريخ جي بنيادي مسئلي کي ڪيئن منهن ڏيون.

سڀ کان پهرين اچو ته پنهنجي مسئلي جي دائري کي گهٽايون… اسان اهو ڄاڻن نٿا گهرون ته هي ڌرتي فنا ٿي ويندي يا نه… ٿي سگهي ٿو ته فنا ٿي وڃي. اسان اهو به نٿا پڇون ته ڇا ڪا خاص قوم يا نسل هميشه لاءِ قائم رهندو يا نه. اسان اهو ٿا پڇون ته ڇا ڪا خاص تهذيب لامحدود وقت تائين قائم رهي سگهندي يا تهذيب جي تقدير ئي اها آهي ته اها واري واري سان تباهه ٿيندي رهي، تهذيب ڪا مادي شيءِ ته ڪانهي جيڪا ڌرتيءَ جي ڪنهن هڪ ٽڪري سان هميشه لاءِ ڳنڍيل رهي. تهذيب ته ڪن فني خاصيتن ۽ ثقافتي تخليقن جو غير مادي مجموعو هوندي آهي ۽ جيڪڏهن اهي خاصيتون ۽ تخليقون مادي قوت جي ڪنهن ٻئي مرڪز ۾ وڃي گڏ ٿين ته پوءِ تهذيب قائم رهندي آهي ۽ رياست، سياستدان، فوج ۽ پوليس ختم ٿي ويندا آهن، پر تهذيب ختم نه ٿيندي آهي. انڪري ائين سمجهڻ غلط آهي ته تهذيبون تباهه ٿينديون ۽ قومون مرنديون آهن. يونان جي تهذيب مئي نه آهي پر رڳو يونان جي ڌرتيءَ هومر ۽ سڪندر جهڙيون شخصيتون پيدا ڪرڻ ڇڏي ڏنيون آهن. اڄ يوناني تهذيب نظر نٿي اچي پر اها هڪ ٻئي جهان، انسان جي يادگيريءَ جي سلطنت ۾ اڄ به زندهه آهي. هومر اڄ به ايڪيلز Acilles جي ڏمر کي ٿو ڳائي ۽ سڪندر گنگا جي ڪنارن ڏانهن پيو وڌي. هيسائڊ Hesoid هاڻي به ٻهراڙيءَ جا نغما پيو جهونگاري ۽ پنڊار Pindar شاعري وسيلي رانديگرن جي ڪارنامن جي تعريف ٿو ڪري، Solon قانون ٿو ٺاهي ۽ تعليم ٿو پرائي ۽ ڪلائسٿينس جمهوريت کي واضح پيو ڪري. پيريڪلس Pericles انيگزاگونس Anxagonese جون ڳالهيون ٿو ٻڌي ۽ سقراط سان ايسپيئيا Aspesia جي حاضري ۾ ٿو ويهي،  ايسڪيلس Aeschylues، پروميٿس جي ابدي للڪار پيو آسمان ڏانهن اُماڻي. يوريپيڊس ٽروجن جي جنگ ۾ جيڪي مفتوح مئا هئا انهن لاءِ فاتحن کي پيو روئاري. افلاطون پنهنجي وسيع مدرسي ۾ خاموشيءَ سان پيو پسار ڪري جتي اڄ به لکين شاگرد هن کان درس وٺڻ ٿا اچن. ڊايوجينس اڄ به هٿ بتي کڻي صبر سان پيو گهمي، ارسطو ڪائنات جي درجي بندي پيو ڪري، زينو صدين جي فاصلي تان اوريليئس سان پيو ڳالهائي ۽ ايپي ڪيورس Epicurees، ليوڪرٽيس Lucratiees سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي پيو هلي. سيفو Sappho لاسباس Losbos مان اينڪرئين Anacreon سان گڏجي شعر ٿي چئي ۽ اسڪندريه جو اقليدس Euclid ارشميدس کي ساريڪس Cyracuse جي محاصري ۾ جاميٽري جا نشان ٺاهيندو پيو ڏسي، هي موت ناهي، هي نسل جي زندگي ۽ روح آهي. يادگيري موت تي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ ماڻهوءَ جي يادگيري اڳ کان وڌيڪ تيز ٿي آهي، لکت سان ڪنهن به نسل جي يادگيري وڏي پيماني تي ٻين تائين پڄائي نه سگهبي هئي پر ڇپائيءَ سان گهڻن ماڻهن تائين پڄائي سگهجي ٿي. تعليمي ادارن ته انهن يادگيرين کي ماڻهن تائين پهچائڻ سولو ڪري ڇڏيو آهي. روز ڪا نئين ايجاد ان ۾ مددگار ٿي ٿئي ۽ قبر مان ڪنهن آواز کي جيئرو ٿي ڪري جيڪو صدين تائين راڳ ٿو ڳائي. هڪ هنڌان نظارن، لفظن ۽ ٻين ڳالهين کي کڻي ٻين علائقن ۾ ٿي پڄائي ته جيئن ماڻهن جي يادگيرين جو خزانو وڌي.

بيشڪ ته قومون مرن ٿيون، پراڻا علائقا ويران ٿا ٿين ۽ ماڻهو پنهنجا اوزار کڻي ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن هليو ٿو وڃي پر هو يادگيرين کي قائم رکندو ٿو رهي. جيڪڏهن تعليم جي يادگيريءَ ۾ گهرائي ۽ وسعت ٿي پئدا ڪري ته پوءِ تهذيب به هن سان گڏ ٿي منتقل ٿئي. تهذيب رڳو جاءِ مٽائيندي آهي، ضروري نه هوندو آهي ته تهذيب ان نئين سرزمين تي وري نئين سر بنياد وجهي يا ٻين جي تعاون ۽ دوستيءَ کانسواءِ زندگي گذاري، نئين سرزمين تي آمد و رفت ۽ بيان ۽ اظهار جا وسيلا هن کي پنهنجي ڄم واري زمين سان ڳنڍيل رکندا آهن ۽ مادرِ وطن جي امداد جيڪا نوآبادين کي ميسر ٿيندي آهي اها ماءُ پيءُ جي شفقت جهڙي هوندي آهي، جيڪي نيپاج ڪندا آهن، حفاظت ڪندا آهن، تعليم ڏيندا آهن، ۽ اخلاق، ڏاهپ ۽ فن کي نون نسلن ڏانهن منتقل ڪندا آهن. تهذيبون نسلن جي روحن جي تخليق هونديون آهن. اسين جڏهن لکندا آهيون، پڙهندا آهيون، اشاعت ۽ واپار ۾ مصروف هوندا آهيون تڏهن تارن ۽ بجليءَ جون لهرون قومن ۽ ثقافتن کي پاڻ ۾ ملائينديون آهن ۽ ساري دنيا کي وحدت جي رشتي ۾ ڳنڍينديون آهن.

تهذيب لاءِ موت ضروري نه آهي، ٿي سگهي ٿو ته اها انسان کان پوءِ به زندهه رهي ۽ ڪنهن وڌيڪ اعليٰ مخلوق جي ميراث ٿئي.

آمريڪا جو آئيندو:

ان سلسلي ۾ وڌيڪ گفتگو ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته اسين يورپ، ايشيا ۽ آمريڪا جي باري ۾ جدا جدا گفتگو ڪيون ڇاڪاڻ جو اسان يورپ تي نظر وجهنداسين ته يورپ جي جدا جدا ملڪن ۾ اسان کي گهڻو فرق نظر ايندو. قدرت انگلستان ۽ يورپ جي ٻين ملڪن جيئن روس ۽ ٻين مغربي ملڪن کي جدا جدا نموني نوازيو آهي، ترڪيءَ تي ان جي ٻي جوانيءَ ۽ اٽلي تي سندس نئين دور ۽ اتساهيندڙ غرور جي صورت ۾ نوازشون ٿيون آهن، ان نئين دور ۾ ٿي سگهي ٿو ته اٽلي ايپي نائنز Apennines جي تيز وهڪرن تي بند وجهي بجلي پئدا ڪري ۽ دولت سان ايڏي مالامال ٿئي جو ننڍي پيماني تي هڪ ٻي نشاة الثانيه جو خرچ ڀري سگهي.

ساڳئي نموني ۾ روس جيڪڏهن پنهنجن ڪيترن هارين کي صعنتي سکيا ڏيئي انهن کي زمين مان معدني خزانا ڪڍڻ جي ڪم تي لڳائي ۽ اهڙيءَ طرح هڪ مستحڪم نظام قائم ڪري ته جيڪر هو دنيا جي وڏي طاقت سمجهيو وڃي ۽ جرمني جي انفرادي ۽ اجتماعي صحت هن کي ان قابل بنائي جو هو هڪ وار وري دنيا جي قيادت سنڀالي ۽ انگلستان جي بي مثال سياستدانن جيڪڏهن اقتصادي قانونن جو ڪو چڪر هلائي بچاءَ جو رستو نه ڳولهيو ته پوءِ آهستي آهستي انگلستان جو پرڏيهي واپار ختم ٿي ويندو جنهن جي ڪري هن کي اندروني ناداري ۽ غربت کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ فرقيواريت جي جهيڙن ۾ پنهنجي قوت وڃائي ويهندو ۽ طاقتور ٿيندڙ مشرق کيس برداشت ته ڪندو پر هن کي اهميت حاصل نه هوندي.

سڀني قومن جي تقدير بابت پڪ سان ڳالهائڻ ڏکيو آهي، ڪيترن ئي قومن جو آئيندو ڪيتريون ئي صورتون اختيار ڪندو، پر جيڪڏهن اسان کي ملڪن جي تقديرن تي ڳالهائڻو آهي ته پوءِ اسان چئي ٿا سگهون ته انگلستان ۽ فرانس نقصان ۽ جرمني ۽ روس فائدي واري صورتحال ڏانهن پيا وڌن. يورپ پٺتي پيو هٽي، ايشيا اڳيان پيو وڌي ۽ آمريڪا بالغ پيو ٿئي، اها تبديلي آهستي آهستي پئي اچي. هن صديءَ جي ختم ٿيڻ تائين چين يورپ جي ڪنهن به ملڪ جي برابر صنعتي ترقي ڪري چڪو هوندو ۽ آمريڪا واپار مان ثقافت، دولتمندي مان ادب ۽ آرٽ ۽ سياستدانيءَ کان سياسي تدبر ڏانهن وڌي چڪو هوندو.

اسپينگلر جو اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪاروباري دور زوال جي شروعات هوندو آهي. ڪاروباري دور زراعت سان واسطو رکندڙ رئيسيت جو زوال آڻيندو آهي ۽ ان جي جاءِ سرمائيداريت وٺندي آهي. ڪاروبار ٻهراڙين جي هڪ هنڌ بيٺل ثقافت جي تبديليءَ جو عبوري دور هوندو آهي ۽ ان کي پيريڪلين Periclean  جي ايٿنز، آگسٽس Augustus جي روم ۽ ميڊيسي Medicean جي فلارنس جي متحرڪ ثقافت ۾ مٽائيندو آهي، انهن شهرن ۾ ڪاروبار جي گرم بازاري هئي ۽ اهي جاگيردارن جي اثر کان آزاد ٿي چڪا هئا، انفرادي ڪوشش، تجارت ۽ ثقافت، اهي هڪ وڌندڙ تهذيب جا مرحلا آهن ۽ هر مرحلو لازمي آهي، ان کان اڳ جو ماڻهو شاعري ڪن، بت گهڙين ۽ موسيقي ۽ فلسفو تخليق ڪن، لازمي آهي ته هو هر هلائي ميدان کي تيار ڪن، پوکي ڪن، معدنيات  ڪڍن، گهر ٺاهن، رستا تعمير ڪن، مشينون هلائن ته جيئن دولت وڌي ۽ تخليقي ڪم لاءِ واندڪائي ملي سگهي، زندگيءَ کي بهرحال اوليت حاصل آهي!

اها اسان لاءِ چڱي ڳالهه ٿيندي جيڪڏهن اسين اهڙي دولتمنديءَ تي شرمسار ٿيون جنهن ۾ ادب ۽ آرٽ نه هجي، اهڙي شرمساري اسان ۾ ڇپندڙ اُتساهه پئدا ڪندي جيڪو ٿي سگهي ته اسان کي دولت سان تهذيب جي تعمير لاءِ تيار ڪري، پر ثقافتي ڪمتريءَ جو احساس ڪٿي اسان لاءِ بيماري نه بڻجي پوي. اها چڱي ڳالهه آهي ته اسان يورپ جي ڪليسائن ۽ عجائب گهرن جي تعريف ڪندا آهيون ۽ اسان ان جي ظلم ستم، ان جي مذهبي تعصب، انجي فوج ۽ فوج ۾ زوري ڀرتيءَ کي نه ڏسندا آهيون، اها به سٺي ڳالهه آهي ته اسان جي نظر رڳو آمريڪا جي دولت تي نه آهي جنهن تي يورپ جي هر شهريءَ جي نظر هوندي آهي، (۽ هر اديب ان مان ڪجهه حصو حاصل ڪرڻ جو خواهشمند هوندو آهي) پر هن جي دولتمندن جي تعليمي سخاوت، هن جي شهرين جي بيمثال تجسس ۽ سندن علم ۽ ادب جي شوق تي به نظر آهي.

اسپينگلر ڪڏهن به آمريڪا نه آيو، هن هڪ اهڙي کنڊ جي پسمنظر ۾ ويهي لکيو جيڪو جنگ جي بخار ۾ مبتلا هو ۽ جنهن شايد ته جنگ جا زخم سڀ کان وڌيڪ کاڌا هئا. هو ڏسي نه سگهيو، ته آمريڪا ۾ زوال جي نشانين کان وڌيڪ جوانيءَ جون علامتون ۽ خاميون آهن. هرڪو ڄاڻي ٿو ته تاريخ جي ڪنهن به مثال مطابق اسان ڪچي وهيءَ ۾ آهيون، اٽڪل ٽي سو ورهيه ٿيا جو زيارتي هتي آيا هئا ۽ اٽڪل ڏيڍ سو سال ٿيا جو هتي پهرين حڪومت قائم ٿي هئي، هڪ ڪچي وهي واري ملڪ کان فن يا اعليٰ ذوق جي اميد رکڻ ائين آهي جيئن نوجوانن کان مابعدالطبعيات يا سياسي ساڃاهه جي اميد رکڻ. جوانيءَ جي اوسر ۾ خاميون به هونديون آهن ۽ گناهن جي فخريه نمائش به ڪئي ويندي آهي.

آمريڪا کان اڳ تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن تهذيب کي ايڏو وسيع اقتصادي بنياد نصيب نه ٿيو آهي، اُتساهيندڙ آب و هوا جيڪا هر هڪ مند ۾ تبديل ٿيندي ٿي رهي، آباد زمينون جيڪي پوکيءَ جي جديد طريقن سان سؤڻ تي وڌيڪ فصل ڏيئي ٿيون سگهن، زمين جي تهن ۾ لڪل معدنيات ۽ تيل، ريل گاڏيون جن جي تيز رفتاري دنيا ۾ مثالي آهي، بحري رستا جيڪي ريل گاڏيءَ جي ڪري ايتري ترقي ڪري نه سگهيا آهن ۽ جن جي ترقيءَ جا تمام گهڻا امڪان آهن، جديد ڪلن وارا ڪارخانا، بيمثال سيڙپڪار، سياح ۽ هواباز جيڪي هوائن ۾ شاعري پيا تحرير ڪن، اهڙي حڪومت جيڪا سائنس جي حمايتي آهي ۽ سياسي تدبر ٿي حاصل ڪري، سوال آهي ته اسان ان اعليٰ خوشحاليءَ کي ڇا ڪنداسين؟

ٿي سگهي ٿو ته اسان ان خوشحاليءَ سان تباهه ٿي وڃو ان ڪري اسان کي پنهنجن روحن جي ڀلائيءَ خاطر پاڻ کي هر هر اهو باور ڪرائڻ گهرجي ته رڳو دولت جي ڪري ڪا قوم اعليٰ نه بڻبي آهي. خوشحالي گهر کي ٺاهڻ جي بدران خاندان کي تباهه به ڪندي آهي، فن جي سرپرستي ڪرڻ جي بدران حڪومت بداخلاقي به سکندي آهي، ڏاهپ جي بدران طاقت، خوش اخلاقيءَ بدران بد تهذيبي، خوش ذوقيءَ جي بدران عياشي، خوشحالي اسان کي تخليق ڪرڻ واري يونان جي بدران زوال وارو روم بڻائي سگهي ٿي. انهن ٻنهي مان آمريڪا کي ڇا ٿيڻو آهي؟ اسان جي هن جدا جدا نسلن سان آباد ٿيل گهر جو ڇا ٿيندو؟

ميڊسن گرانٽ سچ چيو هو ته يورپ جي حڪومتن پنهنجن جيلن ۽ پاڳل پاخنن ۾ رهڻ وارن کي هن بي پرواهه، شاهوڪار ۽ مهمان نواز ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو… اهڙين ڳالهين ۾ اڌ سچ هوندو آهي… هتي لڏي آيل ڪي شاهوڪار ته ڪي مجرم هئا، ٻئي طبقا اهم هئا ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٻنهي هڪ ٻئي جو پيشو اختيار ڪيو هجي. ماحول ۽ آب و هوا نسلي ورثي تي تمام گهڻو اثر انداز ٿيندا آهن، انڪري اهو چوڻ ڏکيو آهي ته انهن شاهوڪارن ۽ ڏوهارين مان ڪنهن پنهنجي پٺيان سٺو نسل ڇڏيو آهي يا ڪنهن جي نسل اسان جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪئي آهي.

اينگلو سيڪسن نسل هاڻي هار پيو کائي، ميونسپل جي چونڊن ۾، شهري اخلاقيات ۾، ادبي فيشن ۾ هن جي اڳوڻي برتري ختم پئي ٿئي. هن پنهنجن رفيقن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٻارپئدا ڪيا ۽ سمجهيائون ته سندن نسلي چڱايون سندن برتري کي قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهن. پر وقت هنن کي شڪست ڏني. هنن جي نسل جي نج هجڻ جي ڪري اسان جي ثقافتي تاريخ ۾ جيڪو نيو انگلينڊ وارو دور آيو هو اهو ختم ٿي ويو. هاڻي شايد ته ڪيترن سالن تائين هتي لڏي اچڻ وارا ايمرسن جهڙو انداز يا نيو انگلينڊ وارن گهراڻن جي تهذيب ۽ وقار حاصل ڪري نه سگهندا جيستائين ڪو نئون نسل تهذيب جي پڪي وهيءَ تي پڄي تنهن کان اڳ غير مهذب انداز ۽ ڄٽڪي ٻولين وارو دور ايندو آهي، تنهن کان پوءِ نئون نسل پئدا ٿيندو آهي ۽ شايد ته اسان وٽ نئين نسل جي پئدا ٿيڻ سان ڪا نئين زبان ۽ ڪو نئون ادب پئدا ٿئي. ڀونج سمنڊ وارو جذباتي ۽ فنڪاراڻو سڀاءُ جڏهن غير شڪاراڻي ۽ خشڪ سڀاءَ سان ملندو ته ان سان اسان اهو ڪي حاصل ڪري سگهنداسين جنهن جي اسان کي ضرورت آهي، ۽ تهذيب جي ان وهڪري ۾ ٻين نسلن ۽ قومن جي ماڻهن جو پاڻي به  پوندو، اسان وٽ اهڙو نسل پئدا ٿيندو جيڪو اسان جي سرزمين وانگر وسيلن ۾ شاهوڪار هوندو، جنهن جي نسلي ڪثرت ۾ وحدت هوندي. اها ان قوم لاءِ ضروري آهي جيڪا دنيا جي تهذيب جو ورثو ماڻڻ ۽ ان کي قائم رکڻ ٿي گهري، جيئن يورپ ۾ جنگ ۽ انقلاب سان بربريت موٽي آئي آهي، ائين آمريڪا لڏپلاڻ ۽ جمهوريت جي ڪري وحشي ٿي پيو آهي. پر اسان وٽ هن نئين نسل ۽ نئين ثقافت جي جنم جو عمل شروع ٿي ويو آهي. اسان جي تقدير جيئن مارڪسي ٿا مڃن، رڳو اقتصادي حالتن جي هٿن ۾ نه آهي پر اسان جي صنعت، حڪومت ۽ سوچ جي اڳواڻن جي هٿن ۾ به آهي، انهن کي چونڊ ڪرڻي آهي.

سٺي قانون سازي اسان کي سوچ ۽ اظهار جي آزادي ڏيئي سگهي ٿي جنهن سان اسان پڪ ڪري سگهون ٿا ته روم واري وحشت پڻي واري دور جو ورجاءُ ته ٿيندو. عقلمند  قيادت کي گهرجي ته ڪارخانن سان پئدا ٿيندڙ خرابين کان بچاءُ جا اُپاءَ وٺي، پورهئي جا ڪلاڪ گهٽائي، ڪوئلي ۽ غلاظت جي بدران بجلي استعمال ٿئي، ڪارخانن کي شهرن مان ڪڍي ٻاهر ميدانن ۾ کڻي وڃي ۽ عمارتن جي ظاهري حسن سان گڏ انهن جي اندرين روشني ۽ دوستاڻي ماحول جو به خيال رکي. گهرجي اخلاقي معيار ۽ ماڻهن جي ذهنن ۽ جسمن جي صحت بحال ڪري جيڪي شهر جي ڪري مريض ٿي چڪا آهن، عقلمندي واري فراخدليءَ سان قوم جي ثقافت کي بلندي بخشي ۽ انجي تشهير ڪري، اسان جي تعليمي ادارن جون ضرورتون پوريون ٿيڻ گهرجن ۽ ننڍي مان ننڍي ۽ وڏي مان وڏي اداري ۾ پڙهائڻ وارن جو پگهار وڌڻ گهرجي. تعليمي تجربن ۾ ڪابه رنڊڪ نه هجي، هزارين مقابلن ۽ انعامن ۽ لکين وظيفن سان شاگردن ۾ مقابلي، مطالعي ۽ تعليم لاءِ اتساهه پئدا ڪرڻ گهرجي. تحقيق ۽ سائنس کي پوري آزادي هجي پر سائنس جي فوجي ۽ صنعتي استعمال تي پابندي هئڻ گهرجي. اسان جي تجارتي ادارن پاران عمارت سازن کي اسان جون تجارتي گرجائون ۽ واپار جي مرڪزن جا مندر پنهنجي اعليٰ فنڪاريءَ سان ٺاهڻ جي آزادي هجي ته جيئن اسان جي دور جي عمارت سازيءَ کي پنهنجي شناخت ملي، اسان جي عظيم محسنن کي گهرجي ته هو ماڻهن کي تعليم ڏين ۽ روز شام جو مهذب بڻائيندڙ موسيقي هوا ۾ وکيرن. مان هي لفظ پيو لکان ۽ هيٺئين منزل مان موسيقيءَ جون لهرون پيون اُٿن، اها بيٿوون جي موسيقي آهي جنهن جهڙي موسيقي  آسمان وري تخليق ٿيندي نه ڏٺي. اهو ڪيڏو نه وڏو معجزو آهي ته هڪ اهڙي شخص جي دل جو آواز جنهن کي مُئي گهڻا سال ٿي ويا آهن، زمان ۽ مڪان کي اورانگهي ماڻهن کي صحت ۽ زندگي ٿو بخشي. اها عظيم الشان موسيقي آهي جنهن ۾ هڪڙي دور جو سمورو درد، تمنائون ۽ نرمي سمايل آهي.

موسيقي پوري ٿي ۽ ٽيليفون جي گهنٽي ٿي وڄي، هڪڙو دوست ان روحاني حسن جي باري ۾ ڳالهائڻ ٿو چاهي  جيڪو آسمان مان هن جي گهر تي نازل ٿيو آهي، ۽ هڪ اهڙي مري ويل شخص جي رات جي اونداهي واري پراسرار سفر جي باري ۾ ڳالهائڻ ٿو گهري، جنهن ۾ هن هزارين بي نور اکين کي روشني بخشي ۽ هاڻي ڪمرو تاڙين جي آواز سان پيو گونجي جن سان ماڻهو ان عظيم فنڪار کي خراج عقيدت پيا پيش ڪن.

اچو ته اسان به پنهنجن دلين کي شڪراني جي ان احساس ۽ تجسس جي جذبي جي ان گونج ۾ شامل ڪيون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org