سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:14 

باب چوڏهون

تاريخ جي فلاسافي

پومانوڪ ۾ شروعات:

اسان پومانوڪ جي ماٿري ۾ ٿي گهمياسين ۽ ڪروچي جي ان ڳالهه وڏي اُتساهه مان بحث ٿي ڪيوسين ته تاريخ رڳو فلاسفرن کي ۽ فلسفو تاريخدانن کي لکڻ گهرجي. اسان جي حواسن تي زمين جي تازگي، گهاٽن وڻن جي ٿڌي ڇانوَ، ڍنڍ جي جرڪندڙ پاڻي ۽ لهندڙ سج جي سنهري فضا مان عجيب احسانمنديءَ جي احساس سان مزو ٿي ماڻيو پر اسان جي خيالن ۾ اهي ڪتاب هئا ”جيڪي اونهاري جي ٽپهريءَ ۾ اسان پڙهيا ٿي“ مون کي خوشي آهي ته هاڻي اسين تاريخ جو مطالعو پيا ڪيون. ايريئل چيو ”مان تنهنجي منطق، علم جي فلسفي ۽ مابعدالطبيعات مان بيزار ٿي پئي هيس. انهن مون کي ڪي نوان سچ سيکارڻ جي بدران مون کان منهنجا پراڻا سچ به کسي ورتا.“

”گهڻا سچ ڄاڻڻ به ڪا چڱي ڳالهه نه آهي.“ فلپ کيس جواب ڏنو.

”شايد تون ٺيڪ پيو چئين“ مون چيو ”پر اهي بي چسا ۽ خشڪ علم جيڪڏهن اسان جي ذهن جي فلسفياڻي تربيت ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڪن ته به انهن جي اهميت کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. اهي علمَ اسان کي هڪ وسيع ڪُلَ کي سمجهڻ ۽ زندگيءَ جي ننڍين ننڍين ايڪائين کي ڪُلَ جي زاويه نظر سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي سکيا ٿا ڏين.“

”لڳي ٿو توکي ڪُلَ جي زاويه نظر واري ترڪيب ڏاڍي وڻي وئي آهي“ ايريئل دوستاڻي مرڪ سان چيو.

”ها، مان پس منظر جو پرستار ۽ ربط جو شوقين آهيان. مان شين کي انهن جي ڪُلَ جي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرندو آهيان.“

”واه، سچ ٿو چين“ فلپ جوش مان چيو ”اها ئي ڳالهه آهي جنهن جي تاريخ نويس پرواه نٿا ڪن. هو رڳو ڪنهن مذهبي عقيدي کي صحيح ٿا ثابت ڪن. پنهنجي جماعت جي نعري کي مٿاهون ڪري ٿا پيش ڪن ۽ پنهنجي قومپرستي جي خود فريبي جي تبليغ ٿا ڪن. هنن ۾ پنهنجي جماعت ۽ پنهنجي عقيدي کي ڪُل جي پس منظر ۾ ڏسڻ جي جرائت ڪانهي. هن وقت تائين جيڪا به تاريخ لکي وئي آهي ان جو اسي سيڪڙو مصر جي تصويري لکت وانگر آهي جنهن جو مقصد پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ بادشاهن جي مقدس ڦرلٽ کي اعليٰ ڪري پيش ڪرڻ آهي.“

”پاڻ وارو پيارو تاريخ نويس گبن به بادشاهن جو تمام گهڻو ذڪر ٿو ڪري، ڇا خيال آهي، ”ايريئل پڇيو.“

”هن جو ڪينواس مائيڪل اينجلو جي ڪينواس جيڏو وڏو آهي ۽ هو باخ Bach جي موسيقيءَ جهڙي موسيقي تخليق ٿو ڪري، مان هن جي خلاف هڪ اکر به ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان. ووڊرو  ولسن تاريخ جي جيڪا تشريح ڪئي ٿورو ان تي سوچ، چئي ٿو. تاريخ ماضيءَ جي سياست آهي. ڪيڏي نه غلط ڳالهه آهي. سياست ۾ نيٺ اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو ماڻهو ان کي ياد رکن.“

”ان ڳالهه ۾ چيني حڪومت وڌيڪ ديانتدار هئي. پنجن ڇهن سالن کان اڳ چوويهه سوالن تائين چيني حڪومت تاريخ نويس مقرر ڪندي هئي ته هو بادشاهن جا ڳڻ ڳائن، هنن جي فتحن جي باري ۾ لکن ۽ هنن جي ڪمن کي ڪارناما ڪري پيش ڪن.“

فلپ چيو: ”اهڙي تاريخ قومپرستيءَ وارن تعليمي کاتن لاءِ بهترين تاريخ آهي. ڏٺو وڃي ته جديد يورپ جي ڀيٽ ۾ قديم چين جون حالتون ايڏيون خراب نه هيون، وچولي نشاة الثانيه ۽ عقل پرستيءَ وارن دورن ۾ تاريخ نويسن سموري دنيا جون تاريخون لکيون. پر اڻويهين صديءَ ۾ قومپرستي جو تصور اُڀريو ۽ ان صديءَ جا سڀ تاريخدان ٽرائشڪي Treitschke فان سائيبل von sybel مشلي Michele. مارٽن Martin ميڪالي Macaulay گرين Green بينڪرافٽ Bencraft ۽ فسڪ Fisk اهي سڀ پهرين وطن پرست ۽ پوءِ تاريخ نويس هئا. هنن جو ملڪ ته خدا جي سرزمين هو ۽ باقي سڄو جهان وحشين ۽ بدمعاشن سان ڀريل هو. گوئٽي، Goethe چوپن Chpon ۽ ليونارڊو Leonardo  اسپنوزا Spinoza جهڙن عظيم انسانن جي ملڪن جا ماڻهو به غير مهذب هئا. انهن تاريخ نويسن ۽ انهن سياستدانن ۾ ڪو گهڻو فرق نه آهي جيڪي ٻين ملڪن جي ماڻهن کي حقارت وارن نالن سان ياد ڪندا آهن. انهن جي حيثيت سياستدان جي اخباري نمائندن يا بري ۽ بحري فوجن لاءِ رنگروٽ ڀرتي ڪري ڏيڻ وارن آفيسرن جهڙي آهي.“

”اها ڳالهه الائي ڪنهن چئي هئي ته بين الاقوامي امن جي شاهراهه معاهدن ۽ واپار واري نه پر تاريخ کي منسوخ ڪرڻ واري آهي.“ ايرئيل چيو:

”ويهين صدي اڻويهن صديءَ کان وڌيڪ چڱي نه آهي.“ مون چيو ” مونکي اڄڪلهه جي تاريخ نوسين جي اها ڳالهه صفا ڪانه وڻندي آهي ته هو سڀني وڏن ماڻهن کي ننڍا ماڻهو ثابت ڪرڻ گهرندا آهن. کين هنن جي شخصيتن ۾ اهڙيون ڳالهيون نظر اينديون آهن ته هو گاريون ڪڍندا، ڪوڙ ڳالهائيندا، شراب پيئندا ۽ وڏي پيماني تي محبتون ڪندا هئا. مان ويلز welles کي ان ڳالهه لاءِ ڪڏهن به معاف ڪري نٿو سگهان. جو هن نيپوليئن ۽ سيزر کي پنهنجي برابر آڻي بيهاريو. مان عظيم شخصيتن جي پرستاري واري مَٽ تي قائم آهيان.“

”مان اوهان سان اتفاق نٿو ڪيان ”فلپ چيو“ اهي سوانح نگار جيڪي عظيم شخصيتن جي حياتين جي اونداهن رخن کي بي نقاب ڪندا آهن يا ڪنهن ادبي شاهڪار جي تَهه ۾ جنسي مونجهارا ڳولهيندا آهن اهي به اصل ۾ اهڙي ئي جانبداري ڏيکاريندا آهن جهڙي شخصيتن کي ڌوئي پوئي اُجرو ڪرڻ وارا سوانح نگار ڏيکاريندا آهن. انهن کان وڌيڪ خوفناڪ يونيورسٽيءَ جا اُهي مستند تاريخ نويس آهن جيڪي پنهنجي ساري زندگي اُن مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن ته هو نهايت معمولي شين کي غير معمولي ڪري پيش ڪن، هنن جا مونوگراف اهڙائي ٻاراڻا ۽ اجايا هوندا آهن جهڙا فلاسفيءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ سندن طويل تحقيقاتي مقالا، هنن کي ڪڏهن لئبريرن ۾ ڪم ڪندي ته ڏسو ۽ پنهنجو پاڻ کي اجاين تفصيلن ۾ وڃائي، ڪئلين واري پڪي ارادي سان حقيقت کي بنان ڪنهن خاص مقصد جي، گڏ ڪرڻ ۾ لڳا پيا هوندا آهن. دستاويزن ۽ انگن اکرن ۾ گم ٿي، پنهنجي سموري قوت ۽ پگهر جي پورهي سان غير اهم ڳالهين کي حقيقت ثابت ڪندا آهن. هو وڻن کي ڏسندا آهن پر جهنگ جو ناهن سوچيندا. اها ڳالهه کانئن وسري ويندي آهي ته ماضي مري چڪو آهي ۽ ماضيءَ جي ان کانسواءِ ڪا اهميت ڪانهي ته ماضي زنده ماڻهن جي ڪردار ۽ مقصد کي متاثر ڪري، تاريخ جي به ان کانسواءِ ڪا اهميت ڪانهي ته تاريخ حال جي راهن کي روشن ۽ آئيندي جي رُخ کي چٽو ڪري اهي ماڻهو تاريخ جا دانشور ۽ علم فلسفي Epistemology جا اهڙا ماهر آهن جن کان ڪراهيت ايندي آهي ۽ هو حياتيات جي انهن ماهرن وانگر آهن جيڪو ڪنهن جيت کي ماري، انکي الڪوهل ۾ وجهي، واندڪائيءَ به ۾ ان جي چيرڦاڙ ڪندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته زندگيءَ جو مطالعو پيا ڪن. يا وري اهڙن جانورن وانگر آهن جيڪي تجرباتي نفسيات جي تجربيگاهن ۾ ٻر ٺاهيندا آهن ۽ ٿڪائيندڙ انگن اکرن، گرافن ۽ چارٽن سان انساني ڪردار متعلق اهي ڳالهين ڪندا آهن جن جي هر شخص کي صدين کان ڄاڻ آهي.

ايرئيل: هن کي اهڙي جوش ۽ جذبي سان ڳالهائيندو ڏسي مرڪي ۽ نعري واري انداز ۾ چيائين ”اهڙا تاريخ نويس مرده باد!“

”اصل ۾“ مون چيو ”تاريخ نويسن کي ٿوري فلسفي جي ضرورت هوندي آهي جيڪو هنن کي ڪُلَ جو تصور ڏيئي سگهي.“

ايريئل چيو ” مان تاريخ کي، تو جيڪا ربط جي ڳالهه ڪئي، ان ربط ۾ ڏسڻ ٿي گهران، مان ڄاڻڻ ٿي گهران ته ڇا تاريخ جا ڪي قانون يا گهٽ ۾ گهٽ ڪي سبق آهن يا نه؟ ڇا مستقبل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماضي اسان جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو يا نه؟ ڪٿي ترقي اسان جي دور جو وڻندڙ فريب ته نه آهي؟ مان نيپوليئن جو اهو قول وساري نه سگهندس جيڪو سندس آخري قولن مان هڪ آهي ته خدا ڪري منهنجو پٽ تاريخ جو مطالعو ڪري ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي صحيح فلسفو آهي. مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن تاريخ چڱي طرح لکي وڃي ته تاريخ مان اسين نفسيات ۽ فلسفي کان وڌيڪ انسان جي اصل فطرت جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪري سگهنداسين. مان ماڻهو کي ائين سمجهڻ ٿي گهران جيئن وڏا سياسي مدبر کيس سمجهي سگهندا آهن، بنان ڪنهن خوشفهميءَ ۽ بنان ڪنهن ملامت جي !

واه واه، واه جو جو چيو اٿيئي.“ مون چيو؟

فلپ چيو اسان ڇو نه ڪروچي Croce جي ڳالهه مڃون ۽ فلسفي ۽ تاريخ کي هڪ ڪيون. تاريخ جي فلسفي جي هاڻي اها عزت ناهي جيڪا اڳ هئي. هاڻي ان کي گهڻو گهٽ نظر سان ڏٺو ٿو وڃي. جهڙيءَ طرح اسان جي سياست ۾ ڊگهن مُدن وارن منصوبن جي کوٽ آهي. اهڙيءَ طرح تاريخ ۾ گبن ۽ والٽيئر جي فلسفياڻي گرفت جي کوٽ آهي. اصل ۾ ربط جو هاڻي رواج نه رهيو آهي.“

”هڪ لحاظ کان“ مون چيو ”ان جو سبب عقلمندي  وارو احتياط آهي. فلسفي جي تاريخ  ڌُڪن جو شڪار آهي. هر ڌُڪي کي وڏي سولائيءِ سان قاعدو ٺاهيو ٿو وڃي. هر خيال کي وڏي وڌاءَ سان پيش ڪيو ٿو وڃي ۽ سموري ماضيءَ کي ڪنهن هڪ تصور يا هڪ ترڪيب ۾ سمائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي.“ فلپ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. چوڻ لڳو فلسفي کانسواءِ تاريخ رڳو واقعن جي فهرست ۽ ماضيءَ سان شوق وارو تعلق قائم رکڻ آهي. تاريخ کانسواءِ فلسفو به هوائي آهي جنهن جو انسان جي تخليقي قوتن سان ڪو تعلق نٿو رهي.“ هن پنهنجو هٿ شفق ڏانهن اُڀو ڪندي چيو ”تاريخ بنياد آهي.جنهن تي فلسفي کي بيهي، انسان ذات جي ڀلائي ۾ روشن ضميريءَ لاءِ سڀني علمن کي پاڻ ۾ اُڻڻو آهي.“

”زنده باد!“ ايريئل چيو

ايريئل: جيئن ئي نعرو هنيو ته ان مهل آسمان ۾ ساجهيءَ جو ستارو اُڀريو،  چنڊ چمڪندڙ خنجر وانگر آسمان کي ڇيهه ڏنو. اسين هڪڙي ننڊي ٽڪري تي چڙهي آيا هئاسين ۽ ٿوري دير لاءِ حيرت ۾ ٻڏي وياسين، چنڊ کي ڪڏهن به اسان ايڏو روشن ۽ آسمان کي ايڏو نيرونه ڏٺو هو. اسان کي لڳو ته اسان جي ويجهو کان جهيڻا آواز ٿا اچن. سانجهيءَ جي شفق واري روشنيءَ ۾ اسان کي هڪڙو ويڪرو ۽ سادگي سان سينگاريل باغ نظر آيو. باغ جي وچواري واهيءَ مان پاڻي جهونگاريندو ٿي وهيو. سامهون چمڪندڙ چشمي جي چوڌاري گاه تي ساديون ڪرسيون رکيون هيون جن تي ڪجهه عظيم انسان ويٺا هئا. هنن کي پراڻي زمانن جا لباس پاتل هئا. هنن مان ڪي ڏاڍا سڃاتل ٿي لڳا جن سان اسان جي جڏهن کان اسان شعور ماڻيو هو تڏهن کان واقفيت هئي.

ايريئل: جهيڻي آواز ۾ چيو ”هو پڪ اسان جو پيارو والٽيئر آهي.“

”ها پڪ ئي پڪ.“ فلپ خوشيءَ سان چيو.

”۽ هو سندس پوٽو اناطول فرانس آهي“ مون چيو ”هن جو قد منهنجي اندازي کان ننڍو آهي. سندس منهن ڪيڏو نه ٻهڪي پيو. زماني جي اڌ ڄاڻ ۽ سموري ٻاجهه سندس اکين مان پئي بکي.“

اسان هر هڪ کي غور سان ڏٺو ۽ انهن مان ڪيترن کي سڃاڻي ورتو. هنن ۾ هڪڙو ماسيرو پادري هو، کيس پادرين وارو چوغو پاتل هو. ٻئي هٿ هنج ۾ رکي سوچ ۾ ويٺو هو. مون اندازو لڳايو ته هو پڪ بوسي Bosset آهي، لوئي چوڏهين جو محبوب ۽ بهادر و اعظم ۽ استاد. والٽيئر سان گڏ جاگيرداراڻي دور جي لباس ۾ هڪڙو فرانسي رئيس ويٺو هو. مون غلطيءَ سان هن کي مونيٽن Mantaigne سمجهيو. هڪ ٻيو چاليهن ورهين جو ٿڪل اعصابن وارو لڳڙو شخص نظر آيو. هو پنهنجن خيالن ۾ گم هو. هن جي شڪل تهذيبن جي تاريخ لکندڙ بڪل جي تصويرن سان ٿي ملي جيڪي مون ڏٺيون هيون. فلپ تعجب مان چيو ”هو منهنجو عظيم استاد اسڪاٽ لسٽر وارڊ Lester werd آهي.“ هڪڙي بدشڪل ۽ حد کان وڌيڪ ماٺيڻي جرمن کي ڏسي مون کي هيگل ياد پيو. هن سان گڏ خوفناڪ مڇن ۽ نرم اکين وارو نٽشي ويٺو هو. هڪ ڪنڊ ۾ ٿامس ڪار لائل نظر آيو. اڪيلو، اداس ۽ جبل جهڙو عظيم، هن جا ڀرون سخت ۽ اکيون اهڙي ويڙهاڪ سپاهي جهڙيون هيون جيڪو وڙهندي وڙهندي نيٺ گرفتار ٿي، بي وس بڻجي ويو هجي. نٽشي جي ويجهو هڪ ٻيو ڊگهو ۽ سهڻو ماڻهو ويٺو هو. هن کي ڏسڻ سان سمجهي ويس ته هو وليم جيمز هو ڪنهن آمريڪي وانگر پرجوش ۽ فرانسي وانگر زنده دل. هن جي سامهون ننڍي قد وارو سانورو ۽ بردبار ڪارل مارڪس هو. جوشيلي بحث ۾ سندن ڏاڙهيون ويجهو اچي ٿي ويون. جرمنيءَ جو هڪ قد آور عالم، آمريڪا جو هڪ وڪيلن جهڙو شخص ۽ هڪ فرانسي مئجسٽريٽ ۽ فرانسي امير به موجود هئا. مان انهن کي سڃاڻي نه سگهيس. اناطول فرانس پادرين واري انداز ۾ موسيو برجرٿ Besgert واري زنده دليءَ سان ڪجهه چيو ٿي اوچتو اوندهه پکڙجي وئي، اسان سڀني جي نظرن کان پاڻ بچائي اهڙي هنڌ گاهه تي ويٺاسين جتان اسان هنن جون ڳالهيون ٻڌي ٿي سگهياسين.

تاريخ جي مذهبي تشريح:

اناطول فرانس: پيارا ارويٽ Arovet تنهنجو قومن جي اخلاق، ڪردار ۽ شارليمين سيزر ڏهين تائين وارن اهم واقعن بابت مقالو عظيم ترين تصنيف آهي. تو پنهنجي مقالي جو جيڪو عنوان رکيو آهي اهو تنهنجي ان عظيم ڪارنامي سان ٺهڪي ٿو اچي. تو تاريخ نويسي ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو.

والٽيئر: اهو ڪم ڪرڻ وارو مان پهريون ماڻهو ناهيان، مون کان پهرين بشپ بوسي عالمگير تاريخ لکي مون لاءِ رستو ٺاهيو هو. هن جي تاريخ کان اڳ تاريخ رڳو واقعن جي فهرست هوندي هئي. اها اسان جي وڏي عزت افزائي ٿيندي جيڪڏهن بشپ بوسي اسان کي لوئي چوڏهين جي درٻار ۾ ويٺل سمجهي تاريخ جي باري ۾ واعظ ڏي.

بوسي: اوهان مان گهڻا مذهب جي سچائين تي شڪ ڪرڻ وارا آهيو ۽ مون کي ڊپ آهي ته اوهين هڪ اهڙي پوڙهي تي ٺٺولي ڪندا جنهن جو خدا ۾ پڪو ايمان آهي ۽ جيڪو تاريخ کي رب جي رضا جو اظهار ٿو سمجهي. مون Dauphin کي تاريخ جي معنيٰ سمجهائڻ ٿي گهري. ان مقصد سان مون اهڙو ڪتاب لکيو جنهن جي حيثيت سڀني قومن ۽ زمانن لاءِ اهڙي هجي جهڙي دنيا جي نقشي لاءِ کنڊن، سمنڊن ۽ ملڪن جي هوندي آهي. مون ننڍي ۾ ننڍي حصي کي ڪُلَ جي حوالي سان سمجهائڻ ٿي گهريو.

اناطول فرانس: اهو واقعي نهايت اعليٰ مقصد هو جيڪڏهن اهو پورو ٿئي ها ته تاريخ اڄ مڪمل فلاسافي هجي ها.

بوسي: منهنجي لاءِ تاريخ رب جي مقدس رضا جو ڊرامو هئي جنهن جو هر هڪ واقعو رب پاران بندي لاءِ سبق هو. مون لوني پنڌرهين کي خبردار ڪيو هو ته خدا انقلاب انڪري آڻيندو آهي ته جيئن بادشاهن کي انڪساريءَ جو سبق ملي.

اناطول فرانس: منهنجا سائين، گستاخي معاف ٿئي ته هڪڙو عرض ڪيان، اوهان جي ڳالهه ٻڌي مون کي برناڊين سينٽ پيري جي ڳالهه ياد آئي. هن هنداڻي لاءِ چيو هو ته هنداڻي جو ٻاهريون حصو انڪري ڦاڪن ۾ ورهايل هوندو آهي جو قدرت ان کي پوري ڪٽنب جي لاءِ پئدا ڪيو آهي. مان اوهان کي يقين سان ٿو ٻڌايان ته اوهان جو شاگرد بيڪار ۽ بدمعاش ثابت ٿيو. هو سريتون رکندو هو. غريبن سان ظالماڻي هلت هلندو هو ۽ تمام وڏي عمر ماڻيائين. جڏهن ته هن جي ڀيٽ ۾ هن جو جانشين لوئي سورهون نهٺو، نيڪ ۽ پرهيزگار حڪمران هو. هن پنهنجي ملڪ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي. ملڪ مان ناداري ۽ ڏاڍائي جي پاڙ پٽڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر 1792ع ۾ ڪات سان سندس ڪنڌ ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو.

بوسي: رب جي رضا اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي ۽ اسان کي خدا ۾ ايمان رکڻ گهرجي.

اناطول فرانس: تنهن هوندي به مون کي اوهان جي ڪتاب جو اهو حصو ڏاڍو پسند آيو جنهن ۾ اوهان وڏي اعتماد سان ڪن رازن جي تشريح ڪئي آهي. جيئن حوا جي تخليق ۽ خدا دوست ماڻهن جا ڏنجهه ڏولاوا، مون کي اهو ڏسي ڏک ٿو ٿئي ته دنيا مان اهڙي ڄاڻ ۽ يقين ختم ٿي ويا آهن ۽ اڳ جيڪي شيون اڻ چٽيون هيون هاڻي چٽيون ٿي پيون آهن. اڳ جهڙي ڄاڻ هاڻي اسان کي ڪڏهن به حاصل ٿي نه سگهندي.

بڪل: مان پادري صاحب جي واقعن جي ترتيب کان ڏاڍو متاثر هوس، مون کي سندس تاريخ مان هابيل جي قتل، نوح جي ٻوڏ ۽ ابراهيم جي پيغمبريءَ جي تاريخن جي خبر پئي. مون پنهنجي لئبريري جي سمورن ڪتابن مان انهن تاريخن جي تصديق ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن به ڪتاب مان تصديق ٿي نه سگهي.

ڪارلائل: ٿي سگهي ٿو، بلڪل ٿي سگهي ٿو.

اناطول فرانس: پوءِ به سائين اوهان اسان تي وڏو ٿورو ڪيو آهي. اسين اوهان جا مقروض آهيون. اوهان تاريخ کي رب جي رضا بڻايو پر اوهان پنهنجن شاگردن کي اها تعليم به ڏني ته رب جي رضا فطري ۽ ثانوي سببن سان عمل ڪندي آهي. اوهان چيو ته تاريخ نوسين کي اهي ثانوي سبب معلوم ڪرڻ گهرجن جن جي ڪري تهذيبن ۽ رياستن جو عروج ۽ زوال ٿو ٿئي. اهڙيءَ طرح اوهان فلسفياڻي تاريخ جي مسئلي جي وضاحت ڪري وڏو ڪم ڪيو. اوهان جي ئي واٽ تي هلندي والٽيئر اوهان جو دشمن ٿيو.

والٽيئر: اوهان وري وڏي وڌاءَ سان منهنجي عزت افزائي پيا ڪيو. اسان گواني باٽسٽاءِ وِڪو  Giovanni Battisteجي خدمتن کي وساريون پيا. مون کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته جوانيءَ ۾ مان اٽليءَ وڃي اهڙي عالم سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري نه سگهيس. موسيو بڪل شايد اسان کي هن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائي.

بڪل: وقت ۽ نظريي جي لحاظ کان هو تنهنجي ۽ بشپ جي وچواري دور ۾ بيٺو آهي. هن جو هڪ خدا ۽ ان جي رضا ۾ ايمان هو. تبليغ واري مقدس کاتي آڏو ان عقيدي جو اظهار ڪرڻ کانپوءِ هن پنهنجي نئين سائنس جا بنياد ڌرتيءَ ۾ وڌا. سوال ڪيائين ته جيئن ٻين موضوعن جي سائنس آهي تيئن تاريخ جي سائنس ڇو نه آهي. جيئن نپوٽن جا قانون قدرت جي عجائب جي وضاحت ٿا ڪن ائين قومن جي ظاهري طرح لاقانونيت واري عروج ۽ زوال جا به شايد ڪي قانون هجن.

اناطول فرانس: پيارا نيوٽن! مون کي گهرجي ته مان هنن کي آئن اِسٽائن جي باري ۾ ٻڌايان.... ها سائين، اوهان ڳالهه ٿي ڪئي.

بڪل: وِڪو لاءِ تاريخ ڪن قانونن جي تابع آهي. سڀ تهذيبون ٽن منزلن سان لنگهنديون آهن.

هيگل: ٽن منزلن مان! وڏو هشيار ماڻهو هو جو هن منهنجي فلسفي جي باري ۾ اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو.

بڪل: پهرين منزل وحشي پڻي واري هئي جنهن ۾ سوچ ڪانه هئي، رڳا جذبا هئا. ٻي منزل بربريت واري هئي جنهن ۾ تصوراتي ڄاڻ  هومر ۽ ڊانٽي پئدا ڪيا ۽ سوُرهن جي دور جي شروعات ڪئي ٽين منزل تي ڄاڻ تصوراتي سائنس، قانون ۽ رياست کي جنم ڏيندي آهي. وِڪو جو خيال هو ته رومي رياست عظيم تهذيب تخليق ڪئي هئي. ان تهذيب جي حساسيت هنن کي نرم بڻائي ڇڏيو هو ۽ سندن انگ به گهٽ هو انڪري وڏي انگ ۾ وحشياڻي قوت وارن وحشين هنن کي ختم ڪري ڇڏيو. ائين مستقبل ۾ به جڏهن تهذيب فلاسفي ۽ شاعري واري منزل تي پهچندي تڏهن اڻ سڌريل ماڻهو، جن ۾ سوچ ۽ حساسيت اڃا پئدا نه ٿي هوندي. ان کي ختم ڪري ڇڏيندا. سياست ۾ به هن کي اهڙو سلسلو نظر آيو. بربريت سردار پئدا ڪندي آهي جيڪي پوءِ رئيس طبقي جي صورت ۾ منظم ٿيندا آهن، ماڻهن کان پري رهڻ ۽ سندن ڏاڍاين جي ڪري انقلاب ايندو آهي ۽ جمهوريت جنم وٺندي آهي ۽ ڪنهن ليڊر جي نه هجڻ جي ڪري جمهوريت جڏهن منتشر ٿيندي آهي تڏهن وحشي پڻي وارو دور موٽي ايندو آهي.

اناطول فرانس: سڀ فلاسفر اداس هوندا آهن، مان سدائين چوندو آهيان ته سوچ ماڻهن جي وڏي بدنصيبي آهي، پراڻي زماني جا ماڻهو مستقبل تي نظر رکڻ واري صلاحيت کي خطرناڪ سمجهندا هئا. اوهان پاڻ به مسٽر ارويٽ!(والٽيئر) پنهنجي عظيم تاريخ جي آخر ۾ جيڪي نتيجا ڪڍيا انهن مان ايڏا خوش نه هئا.

والٽيئر: مون هڪ وحشي دور جو ذڪر ٿي ڪيو. مان انهن انقلابن جي منظرن مان لنگهيو هيس جيڪي شارليمن جي زماني کان ايندا ٿي رهيا. انهن انقلابن جو نتيجو ڇا نڪتو، تباهي ۽ لکين ماڻهن جو انت، هر عظيم واقعو تباهي هو. منهنجي اهڙي سوچ جو سبب شايد ته اهو مواد هو جنهن جي آڌار تي مون ڪتاب لکيو. ان مواد جي ڪا هڪڙي لکڻي به اهڙي نه هئي جنهن ۾ امن، سلامتي جي زمانن جو ڪو ذڪر هجي انهن ۾ رڳو تباهين ۽ بربادين جا داستان بيان ڪيل هئا. انڪري منهنجي لاءِ به تاريخ ڏوهن ۽ ڏولاون جي تصوير هئي. اجايا وهم، چڙ ڏياريندڙ عادتون ۽ انڌي طاقت جي اوچتي يلغار. منهنجي لاءِ اهي ئي تاريخ جون قوتون هيون. مون کي ورلي ڪنهن واقعي ۾ انساني عقل ڪم ڪندو نظر آيو. نهايت معمولي سببن جي ڪري تمام وڏا المناڪ نتيجا نڪتا ۽ رب جي رضا جيڪا تاريخ ۾ مون کي نظر آئي اها اتفاق يا حادثو هئي.

بڪل: اوهان جو شاگرد ٽرگو ايڏو مايوس نه هو. اوهان کي ياد هوندو ته 1750ع ۾ هن سوربون Sorbonne ۾ جيڪي ليڪچر ڏنا انهن ۾ هن تهذيب جي تاريخ بيان ڪئي هئي ۽ يقين ڏياريو هو ته انسان ضرور ترقي ڪندو.

والٽيئر: مون کي خوشي ٿي ٿئي ته اوهان منهنجي شاگرد جي تعريف ٿا ڪيو. مان هن کي ڏاڍو ڀائيندو هيس. منهنجي دل ان وقت ٽٽي پئي هئي جڏهن بادشاهه هن کي خزاني جي وزير واري عهدي تان هٽائي ڇڏيو هو. مون کي ائين لڳو هو ڄڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو هو. اسان جي زماني ۾ ترقي کي ڏاڍو اهم سمجهيو ويندو هو. ترقي ڪرڻ جي تصور منهنجي نوجوان دوست موسيو ڪونڊورسي کي ان وقت به ڏاڍو اُتساهيو جڏهن ته فرانس جي تهذيب کي تباهه ڪيو ٿي ويو. ٽرگو سچ چيو هو ته تاريخ کي تڏهن برداشت ڪري سگهجي ٿو جڏهن اها تهذيب جي عروج ۽ زوال جي تاريخ هجي. تاريخ رڳو فلاسفرن کي لکڻ گهرجي جو فلاسفر اهم ۽ غير اهم مواد ۾ تفاوت ڪري ڄاڻن، هو اجائي ڊيگهه کي ڇڏي ڏيندا. تاريخ لاءِ اجائي پٽار ائين آهي جيئن فوج لاءِ اجايو سامان. هُو شين کي وسيع نظر سان ڏسندا، ذهن جي روشني، مادي ترقي ۽ اخلاقي بلندي، اهي نه رڳو ڪنهن قوم جي تاريخ جون خاصيتون آهن پر اهي ئي ان قوم جي تاريخ هونديون آهن، ٻيون سڀ شيون اجايون هونديون آهن، انهن جي تاريخي اهميت اها هوندي آهي ته اهي قوم جي ذهني ۽ اخلاقي ترقي تي روشني وجهنديون آهن. مون پنهنجو ڪتاب Essai Sur Les maeurs ذهن جي تاريخ ڳولهي لهڻ لاءِ لکيو هو. مون اهي مرحلا ڄاڻڻ ٿي گهريا جن مان لنگهي ماڻهو وحشي پڻي کان تهذيب تائين پهتو آهي.

اناطول فرانس: استاد، اوهان آدرشي تاريخ جي تصور کي واه جو بيان ڪيو آهي. مان ان نسل جي تخليقي قوتن تي حيران آهيان. جنهن اوهان جي لکڻين ، موسوِ موشڪو جو ”قانون جو روح“ ۽ موسيو گبن جي ضخيم تاريخ تخليق ڪئي. اوهان سڀني تاريخ کي مذهب کان آزاد ڪرائي فلسفي ۽ سائنس جي حوالي ڪيو. مان جڏهن مابعد اللبعيات جي باندرن جي هاڻوڪي نسل لاءِ سوچيندو آهيان جيڪو چار دفعا ڄاڻ ۽ شهريت جون منزلون ٽپي آيو آهي. جڏهن مان سقراط جي دور، هوريس جي دور ۽ ريبلز جي دور ۽ اوهان جي دور جنهن کي اوهان جي نالي سان ياد ڪرڻ گهرجي، جو تصور ڪندو آهيان تڏهن مون کي تاريخ جو جنگيون ۽ جنگين جا دور، مصيبتون ۽ ناانصافيون ايتريون خوفناڪ نه لڳنديون آهن. انساني تاريخ جو جواز ان جون عظيم شخصيتون آهن.

تاريخ جي جاگرافيائي تشريح:

بڪل: مون کي خوشي ٿي جو اوهان موسوِ مرشڪو  M. de Montesquieu جو ذڪر ڪيو. هن مهل تائين اسان رڳو تاريخ لکڻ جي طريقي جي ڳالهه ڪئي. انهن سببن جي نه ڪئي جيڪي قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب ٿيندا آهن. تاريخ جي مرڪز کي آسمان مان زمين تي، بادشاهن کان انسانيت وٽ جنگ کان تهذيب ڏانهن آڻڻ کانپوءِ سوال ٿو پئدا ٿئي ته تاريخ جا اُهي سبب ڪهڙا آهن جن سان قومن جي تقدير جو فيصلو ٿيندو آهي. اوهان اشارو ڪيو ته عظيم شخصيتن جي دانش ۽ علم جي طاقت فيصلو ڪندڙ سبب آهن، يا ڪي ٻيا سبب به آهن جهڙوڪ سائنسدانن جون ايجادون، اعليٰ نسل جو رت، اقتصادي پئداوار ۽ انهنجي ورڇ جو نظام، آب و هوا، زمين ۽ جاگرافيائي حالتن جون خاصيتون، موسوِ موشڪو کي اهو فخر حاصل آهي ته هو پهريون شخص هو جنهن قومن جي عظمت ۽ زوال جا خاص سبب معلوم  ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

موشڪو: اوهان جو وڏو ٿورو جو اوهان منهنجو ذڪر پيا ڪيو. مسٽر بڪل، مون کي پنهنجي هم وطنن کان وڌيڪ اوهان جي هم وطنن ياد رکيو آهي. ايستائين جو والٽيئر صاحب جيڪو هونئن ته وڏو فراخدل ۽ فياض آهي پر هن منهنجن ڪتابن کي ڌيان ڏيڻ جهڙو ئي نه سمجهيو.

والٽيئر: مان اڄ تائين اوهان جو مشهور لکڻين Lesprit des lois  ۽ Lettres Persanes جي علميت ۽ ذهانت جي ڪري اوهان کي معاف ڪري نه سگهيو آهيان.

موشڪو: مون کي خبر آهي ته عظيم شخصيتون هڪ ٻئي سان معمولي ماڻهن جهڙي  هلت هلنديون آهن. منهنجي هم عصرن منهنجن پهرين ٻن ڪتابن ”ايراني خط“ ۽ ”روم جو عروج ۽ زوال“ جي سببن جي باري ۾ چيو هو ته اصل ۾ اهي موشڪو جي عروج ۽ زوال جا سبب آهن. هنن کي فلسفي کان وڌيڪ ٽوڪ زني ٿي وڻي. مون پنهنجن عالم دوستن فونٽينل Fontenelle  ۽ هيلويٽس Helvitius ۽ ٻين کي لابرپڊ (جتي مان رهندو هيس) سڏايو هو ته جيئن هو منهنجي ان ڪتاب ”قانون جو روح“ جا ڪي باب ٻڌن جن جي لکڻ لاءِ مون ويهه سال محنت ڪئي هئي. ڪتاب جا باب ٻڌي سڀني يڪراءِ ٿي چيو ته مون کي اهو ڪتاب ڇپائڻ نه گهرجي. تڏهن ته چوان ٿو ته انگلينڊ ۾ مون کي وڌيڪ مڃتا ملي.

بڪل: مان ”قانون جي روح“ کي ارڙهين صديءَ جي فرانسي ادب جو سڀ کان وڏو ڪارنامو ٿو سمجهان. اوهان پهريان ماڻهو هئا. جنهن ٻڌايو ته تاريخ ۽ شخصيت جي ڪا اهميت نه هوندي آهي ايستائين جو phillippe يا Actium جهڙين جنگن جا واقعا به قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب نه ٿيا ٿين. اوهان اسان کي ٻڌايو ته عظيم شخصيتون ۽ عظيم واقعا هڪ وڏي ۽ لڳاتار عمل مان جنم وٺندا آهن. انهن ۾ ڪي قوتون غير شخصي هونديون آهن جيئن زمين جي بيهڪ، هوا، گرمي ۽ سردي.

موسٽڪو: چار سو سال قبل مسيح بقراط Hippocrates ”هوا، پاڻي ۽ جاءِ“ جي عنوان سان هڪڙو ڪتاب لکيو هو جنهن ۾ هن ڄاڻايو هو ته جاگرافيائي ماحول جو ماڻهن جي جسماني بيهڪ ۽ ملڪ جي آئيني نظام تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو. ارسطو يونانين جي ڪاميابي ۽ هنن جي ذهني برتريءَ جو سبب يونان جي وچولي آب و هوا ٻڌايو هو، جيتوڻيڪ ايٿنز جي آب و هوا کي وچولي چئي نٿو سگجهي.

اناطول فرانس: ان ڏس ۾ اوهان جو هڪڙو ٻيو پيشرو بوڊين Boedin هو جنهن سورهين صديءَ ۾ جاگرافيائي حالتن جو انسان جي همت، ذهانت، اُٿي ويٺي ۽ اخلاق سان تعلق جي وضاحت ڪئي هئي. هن جو چوڻ هو ته ويڪرائي ۽ ڊگهائي ڦاڪن جو ڪنوارين جي ڪنوارپ تي به اثر پوندو آهي.

موسٽڪو: ائين نه سمجهو ته مون تاريخ کي جاگرافي بڻائي ڇڏيو. جدا جدا قومن جي عروج ۽ زوال جا جدا جدا سبب هوندا آهن. ڪن لاءِ قانون، ڪن لاءِ مذهب، ڪن لاءِ رسمون ۽ اخلاق ۽ ڪن لاءِ طبعي حالتون ۽ آب و هوا سبب ٿيندا آهن. طبعي حالتون ۽ آب وهوا وحشين لاءِ وڌيڪ اثرائتا سبب ثابت ٿيا آهن. چينين تي رسمون، جپانين تي قانون، سپارٽا تي اخلاق ، رومين جي ڪيترن ئي نسلن جي ڪردار جي جوڙجڪ تي حڪومت جا اصول ۽ اُٿي ويٺي جي پراڻي سادگي اثر انداز ٿيندي رهي.

بڪل: مون کي اوهان جي ڪتاب جو اهو ڀاڱو وڌيڪ سٺو لڳو جنهن ۾ اوهان آب وهوا ۽ تاريخ جي تعلق تي بحث ڪيو آهي.

موسٽڪو: مون کي به ان موضوع سان دلچسپي آهي. منهنجي خيال ۾ ڪردار ۽ سڀاءَ جو فرق، جيڪو گهڻي ڀاڱي قومن جي تقدير جو فيصلو ڪندو آهي،آب و هوا سان پئدا ٿئي ٿو.  ٿڌن علائقن جا ماڻهو گهڻو ڪري چُست هوندا آهن جڏهن ته گرم علائقن جا ماڻهو سست ۽ آرام پسند هوندا آهن. هونئن اها معمولي ڳالهه آهي پر ان جا نتيجا ڏاڍا اهم آهن. هندو سمجهن ٿا ته سڪون ۽ نابود سڀني شين جو بنياد آهن ۽ سڪون نابود ئي سڀني شين جو انت آهي. هنن لاءِ بي عملي تمام وڏي نعمت جهڙي حالت آهي. ان جي ڀيٽ ۾ گرمي دوزخ آهي. پراڻي زماني کان اهڙي سوچ جي ڪري بي عمليءَ کي سماج ۾ سٺو سمجهيو ٿو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ڪم نٿا ڪن اُهي پاڻ کي ڪم ڪرڻ وارن جو آقا ٿا سمجهن. ڪيترن هنڌن تي ماڻهو پنهنجا نهن انڪري نه ڪتريندا آهن ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هو ڪم ڪرڻ وارن مان ناهن.

اناطول فرانس:  فرانس ۾ وڏين کڙين جون جُتيون پائڻ جو مقصد به اهو ئي هو ۽ پوءِ ماڻهن جي خود پسنديءَ ان کي ساري دنيا جو رواج بڻائي ڇڏيو.

موسٽڪو: ائين ڇو آهي جو ڏکڻ جي قومن جو اهو ڄڻ ته مقدر ٿي ويو آهي ته هو اُتر جي قومن هٿان هڪ ٻئي پٺيان يڪيون شڪستون کائينديون رهن، شايد انڪري جو اُتر جي آبهوا ۾ ماڻهو چست هوندو آهي ۽ ڏکڻ جي آبهوا هن کي سست ۽ هيڻو ڪري ڇڏيندي آهي. غلام سدائين ڏکڻ ۽ آقا سدائين اُتر مان آيا. يارنهن دفعا ايشيا اُتر جي وحشين کان شڪست کاڌي آهي.

والٽيئر: سائين اوهان کي شايد خبر هوندي ته انگريزي جو لفظ Slave (غلام) Slove لفظ مان ٺهيو آهي. هي ان زماني جي ڳالهه آهي جڏهن اسان جي مقدس ماءُ ڪليسا جهلي ڇڏيو هو ته عيسائين کي غلام نه بڻايو وڃي. سلاوَ لوڪن ان مهل تائين اڃا ايمان نه آندو هو انڪري هنن کي ضمير جي ملامت کانسواءِ، جهلي وڪڻي سگهيو ٿي ويو. اهڙي طرح اهو لفظ جنهن جو مفهوم وڏي  شان شوڪت وارو هو. ان جي  معنيٰ غلام ٿي وئي. اهي اُتر جا رهاڪو هئا ۽ غلام ٿيا، پر ان مثال سان اوهان جو اصول غلط ثابت نٿو ٿئي.

موسٽڪو: مهرباني جو اوهان سمجهي اصلاح ڪئي. مسٽربڪل، منهنجو خيال آهي ته اوهان به آبهوا ۽ تاريخ جي تعلق جو چڱو گهرو مطالعو ڪيو آهي.

بڪل: نه سائين، مان ان موضوع تي گهڻو ڪم ڪري نه سگهيو آهيان. مان پئدا ٿيس ته ذري گهٽ اڌ مئو هيس. مان ننڍپڻ ۾ ايڏو ته ڪمزور هيس جو پاڻ جيترن ڇوڪرن سان راند کيڏي نه سگهندو هيس. پنهنجي چاليهن سالن جي حياتيءَ ۾ مون کي ڪو هڪ ڏينهن به ياد ڪونهي جيڪو مون بنان سور ۽ بيماري جي گذاريو هجي. منهنجي ماءُ زماني جي پرواه ڪرڻ کانسواءِ مون کي پڙهڻ جي بدران اُڻڻ جو هُنر سيکارايو. منهنجي اها حالت هئي جو اٺن سالن جي عمر تائين مون کي الف ب ڪانه ايندي هئي.

ڪارلائل: سائين اها ڳالهه نه ڪيو. سڀني کي خبر آهي ته چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ اوهان انگلستان جا وڏا عالم فاضل مڃيا ويندا هئا. هڪسلي مون کي ٻڌايو هو ته علم جي بار جي ڪري اوهان پنهنجو ڪنڌ سڌو جهلي نه سگهندا هئا. اوهان فرانسي، جرمني، ڊينش، اسپيني، بورچوگيزي، ڊچ، والون، فليمش، سويڊش، آئرلينڊي فريزڪ، موريش، روسي، عبراني، ليٽن ۽ يوناني زبانون ڄاڻندا هئا ۽ اوهان انگريزي لکي سگهندا هئا. مون ڊارون کي هڪ پارٽيءَ ۾ چوندي ٻڌو ته اوهان جهڙو لکڻ جو اعليٰ انداز هن ڪنهن وٽ ڪونه ڏٺو. اوهان جا تشريحي نوٽ ڏاڍا سٺا هوندا هئا. منهنجو خواب هو ته مان انگلستان جي تهذيب جي مڪمل تاريخ لکان پر ان تي ويهه ورهيه ڪم ڪرڻ کانپوءِ مان ان جو رڳو تعارف لکي سگهيس جيڪو چئن جلدن ۾ هو. پوءِ منهنجي ماءُ فوت ٿي وئي ۽ مان وڌيڪ لکي نه سگهيس. منهنجي صحت سٺي هجي ها ته شايد مان ڪو يادگار ڪم ڪري سگهان ها.

موسٽڪو: مهرباني ڪري ٻڌايو ته پنهنجي مطالعي مان اوهان ڪهڙا نتيجا ڪڍيا.

بڪل: اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته بيلجيئم جي اقتصاديات جي ماهر ڪيوٽيليٽ Quetelet ماڻهوءَ جي سندس مرضيءَ وارن عملن جهڙوڪ شادي ۽ ائڊريس لکڻ کانسواءِ خط دٻي ۾ وجهي ڇڏڻ جهڙن ظاهريءَ طرح معمولي واقعن جا انگ اکر گڏ ڪيا هئا. اهڙن ظاهري طرح معمولي واقعن ۽ انهن جهڙين معمولي ڳالهين جي بنياد تي مون نتيجو ڪڍيو ته جڏهن اسين حالتن جو تفصيلي جائزو وٺون ٿا ته سمجهون ٿا ته ماڻهو پنهنجي هلت ۾ آزاد آهي. پر هن جي اصل خبر تڏهن ٿي پوي جڏهن اسين هن کي ضرورت وقت ڏسون ٿا ته ڪيئن ٻاهريون قوتون هن جي ارادي تي اثرانداز ٿيون ٿين. ماڻهن جي اجتماعي معاملن ۾ فرد جي انفرادي خاصيتن جي ڪا اهميت ڪانهي ۽ تاريخ نويس کي ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ نه گهرجي. ترقي عظيم شخصيتن جي ڪري نه پر علم جي وڌڻ ۽ پکڙجڻ جي ڪري ٿي آهي. مون کي هڪ دور کان ٻئي دور تائين ماڻهوءَ جي اخلاق، جذبن ۽ احساسن ۾ ڪا ترقي نظر نه آئي آهي، مون کي رڳو سائنس ۾ ترقي نظر آئي آهي جيڪا آهستي آهستي دنيا کي بدلائي پئي.

 موسٽڪو: اوهان صحيح نتيجا ڪڍيا آهن. مون جهونڙي فانٽينل Fontenelle کان به ساڳي ڳالهه ٻڌي.

بڪل: سائين مون کي به اوهان وانگر تاريخ تي جاگرافيءَ جي اثرن جي موضوع سان ڏاڍي دلچسپي آهي. زمين، آب و هوا، خوراڪ، وغيره هر نسل جي زندگيءَ جي داستان کي متاثر ڪيو آهي. هندستان جي عظيم قدرتي نظارن هندن جي ذهن ۽ سندن همت کي پسپا ڪري ڇڏيو ۽ هنن ۾ وهمن ۽ فطرت پرستيءَ جو لاڙو پئدا ٿيو. پورپ جي سادن نظارن اتان جي ماڻهن جي همت کي گهٽ ٿيڻ نه ڏنو ۽ هنن ۾ فطرت جي پوڄا جي بدران فطرت تي حاوي ٿيڻ جو لاڙو پيدا ٿيو.

اناطول فرانس: ان ڳالهه جي سڀني کي خبر آهي ته اوهان ڪڏهن به اٽلانٽڪ سمنڊ جي هن پار نه ويا. اهي وحشي جيڪي هاڻي اُتر آمريڪا ۾ رهن ٿا انهن ۾ قدرتي سائنس وڏي ترقي ڪئي هئي پر پوءِ به هنن ۾ مذهبي جنون هو. اوهان هنن کي ڏسو ها ته هنن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺو ها.

بڪل: هڪ ته مون کي واندڪائي ڪانه هئي ٻيو ته هنن جي باري ۾ مسٽر ڊڪنز جون رپورٽون به همتائيندڙ نه هيون. پر مون آمريڪا جي تاريخ ڏاڍي غور سان پڙهي آهي. مون اولاهين گول وارن علائقن جي جاگرافيائي حالتن ۾ عجيب هڪ جهڙائي ڏٺي، ميڪسيڪو جي ڏکڻ ۾، اولاهين ڪناري تي بنان گهم واري گرمي آهي ۽ اوڀارئين ڪناري تي گرمي نه آهي پر گهم آهي انڪري ڪولمبس کان اڳ آمريڪي تهذيب ميڪسيڪو ۽ وچ آمريڪا تائين محدود هئي جو رڳو ان علائقي جي آب وهوا گهميل به هئي ته گرم به، جنهن جي ڪري ٻوٽن، ميون ۽ انسانن لاءِ موافق هئي. ان کانپوءِ يورپي لوڪن جو اچڻ وڌيو. ايجادن زور ورتو ۽ ماڻهو قدرتي حالتن جو محتاج نه رهيو.

موسٽڪو: چئبو ته اوهان جي تاريخ جي جاگرافيائي تشريح ماڻهوءَ جي تاريخ جي شروعاتي دور جي آهي.

بڪل: جيئن جيئن ماڻهو ماحول تي حاوي ٿيندو ٿو وڃي تيئن تيئن واقعن جي سلسلي ۾ معروضي ۽ مادي حالتن جي اهميت گهٽبي ٿي وڃي.

وليئم جيمز: اوهان جي ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي. مون کي ڊپ هو ته ڪٿي اوهان اسان سڀني کي ويڪرائي ڦاڪ ۽ ڊگهائي ڦاڪ تائين محدود نه ڪري ڇڏيو. اوهان کي ٻڌي خوشي ٿيندي ته هر فريڊرڪ رٽزل Herr Friedrich Ratzel جنهن ماٺ ڪري واهنا جون ڳالهيون ٿي ٻڌيون تنهن تاريخ جي جاگرافيائي تشريح تي وڏو ڪم ڪيو آهي.

بڪل: مان ان باري ۾ نيون ڳالهيون ٻڌڻ ٿو گهران.

رٽزل: سائين، آمريڪا جو هي عظيم فلاسفر منهنجي باري ۾ وڏو وڌاءُ پيو ڪري. منهنجي زماني ۾ جاگرافي تي جيڪو ڪم ٿيو هو منهنجو ڪم اُن جو هڪ ننڍو حصو آهي. ان ڏس ۾ رٽر ڪوهل، پِشل ريڪلس وڏا نانءَ هئا. ڊاڪٽر جيمز اوهان جي ملڪ ۾ پروفيسر هنٽنگڊن به وڏو ڪم ڪيو آهي.

بڪل: اوهان پنهنجا نتيجا اسان کي ٻڌايو

ريٽزل: موسوِ موشڪو اوهان آب وهوا جي باري ۾ جيڪي نتيجا ڪڍيا مان انهن ۾ ٿوري ڦير گهير آڻڻ گهران ٿو. گرم علائقن ۾ گرميءَ جي ڪري زندگي ايڏي ڏکي ڪانه هوندي آهي پر ڌرتي ڌٻڻ، وبا، طوفان، جانورن ۽ جيتن جي ڪري ڏکي هوندي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٿوري گهٽ گرمي وڏي رحمت ثابت ٿيندي آهي. ماڻهو گهڻو ڪري گهر کان ٻاهر رهندا آهن ۽ ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ، ڪچهرين ۽ جنسي معاملن ۾ وڌيڪ دلچسپي جي ڪري ماڻهن جو فن ۽ ثقافت ڏانهن لاڙو وڌندو آهي. ٿڌي اُتر ۾ ڪارخانن جي سلسلي ۾ ڀڄ ڊُڪ، واپار جي مصروفيتن، مٿاهين طبقي ۾ ڪجهه نه ڪجهه حاصل ڪرڻ جي شوق جي ڪري فن جي بدران سائنس ترقي ڪندي آهي ۽ واندڪائي جي بدران دولت کي اهميت هوندي آهي. گهريلو زندگي ماڻهو کي اڪيلو ڪري ڇڏيندي آهي جڏهن ته بي آرام مقابلو ماڻهن ۾ سخت انفراديت پئدا ڪندو آهي.

مارڪس: مان اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس ته جيڪي اوهان آب و هوا جا ٻڌايا آهن سي اصل ۾ اقتصادي حالتن جا نتيجا آهن.

بڪل: پروفيسر صاحب، اوهان پنهنجي ڳالهه جاري رکو.

ريٽزل: ماڻهن جي قد ۽ چهرن جي خاص نمونن جو سبب به آب وهوا آهي. ڪيترن عالمن جو خيال آهي ته آمريڪي ماڻهن جو رنگ ريڊ انڊين وانگر پتل جهڙو ٿيندو ٿو وڃي. پروفيسر بوسُ ٻڌايو آهي ته آمريڪا ۾ آب و هوا جي ڪري، هڪ ٻئي مان شاديون ڪرڻ کانسواءِ، ڊگهي قد وارن جي اولاد جا قد ننڊا ۽ ننڍي قد وارن مهاجرن جي اولاد جا قد ڊگها ٿيندا ٿا وڃن ۽ جدا جدا نسلن جي ماڻهن جي مٿن جي گولائي به هڪ جيتري ٿيندي ٿي وڃي ۽ پروفيسر هنٽنگڊن شهزادي ڪروپٽيڪن جي پيروي ٿو ڪري.

اناطول فرانس: ڪروپٽيڪن وڏو انارڪسٽ صوفي هو، منهنجي هن سان چڱي واقفيت هئي.

ريٽزل: پروفيسر هنٽنگڊن ثابت ڪيو آهي ته جو مقامي مينهن جو مقدار ڪنهن به قوم جي تقدير جو فيصلو ڪري سگهي ٿو. سڪل ڍنڍن جا تَہه هزارين هجرتن جا داستان ٻڌائيندا آهن. ايشيا ۾ مينهن نه پوڻ ڪري وقت بوقت تهذيبون تباهه ٿينديون رهيون آهن.

وليم جيمز: اها ڳالهه ڏاڍي دلچسپ آهي ته سڀاڻي عالم تاريخي هجرتن، فتحن ۽ وڏين وڏين سلطنتن جي قائم ٿيڻ جا سبب، سج جي داغن ۾ ٿيندڙ ڦيرگهير ۾ ڳولهيندا.

ريٽزل: سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ٿورو درياهن جي اثرن تي غور ڪيو. نيل ۽ گنگا، هوانگ هو ۽ ينگ سي، دجله ۽ فرات، ٽائيبر ۽ پو، ڊينوب، ايلبي، سين ۽ ٽيمز، هڊسن ۽ سينٽ لارنيس،اوهيو ۽ مسيسپي، انهن جي زرخيز ڪنارن تي ذري گهٽ سڀني تهذيبن جا بنياد رکيا ويا ۽ ڊينوب.... سائين جيڪڏهن نيرو ڊينوب ڳالهائي سگهي ته الائجي ڪيترين جدا جدا قومن جا داستان ٻڌائي جيڪي ويرانن کي ڇڏي  گهٽ آبادي واري يورپ ڏانهن لڏي آيون. جيڪڏهن روس جا درياه ڏکڻ جي بدران اُتر طرف وهن ها ته اوهين سمجهو ٿا ته روس قسطنطنيه کي هٿ ڪرڻ لاءِ وڏيون جنگيون ڪري ها. روس جا درياه جيئن ته ڪاري سمنڊ ۽ ڪيسپن سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿا ڪن انڪري ڊينيپر روس کي بازطيبي ۽ وولگا ان کي ايشيائي بنائي ڇڏيو. جيستائين پيٽر، سينٽ پيٽرز برگ نه ٺاهيو هو ۽ نيوا  Neva جاري نه ٿيو هو تيستائين روس يورپ جو حصو ٿيڻ لاءِ اولهه ڏانهن ڪڏهن اک به نه کنئي هئي.

بڪل: پروفيسر صاحب، ڏاڍي سٺي ڳالهه ٿا ٻڌايو. پوءِ؟

ريٽزل: تاريخ ۾ سامونڊي ڪنارن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي. ان تي غور ڪرڻ گهرجي. ميڊيٽيرئن سمنڊ ڊزن کن تهذيبن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. اهو پوءِ پئسفڪ سمنڊ يورپ کي آمريڪا سان ملايو ۽ واپار جون ڌارائون بدلجي ويون.

هيگل: مون ”تاريخ جي فلاسافي“ جنهن جو هتي ڪو ذڪر ئي نٿو ڪري، ۾ چيو هو ته ميڊيٽيرئن سمنڊ کانسواءِ پراڻي زماني جي تاريخ جو ڪو تصور به ڪري نٿو سگهي. جيئن روم ۽ ايٿنز جو تصور انهن چبوتڙن کانسواءِ ممڪن ناهي جتي بحث لاءِ سڄي شهر جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا.

ريٽزل: مون کي اوهان جي ڪتاب جو اهو ڀاڱو چڱي طرح ياد آهي جنهن ۾ اوهان لکيو آهي ته سٺن سامونڊي ڪنارن ۽ چوڌاري هزارين ٻيٽن جي ڪري يونان ايران ۽ اوڀر تائين پڄي سگهيو ۽ ميڊيٽيرئن سمنڊ کيس واپار جو مرڪز ٺاهي ڇڏيو. سامونڊي ڪنارن جي ايراضي گهٽ هجڻ جي ڪري ايشيا ۾ دولت وڌي نه سگهي. ساڳيو حال اڄڪلهه آفريقا جو آهي. آمريڪا ۾ به هڪ بندر کان ٻئي بندر تائين وڏو فاصلو آهي. اُتي ايتري ترقي ٿي نه سگهي ها جيڪڏهن ريل گاڏي جدا جدا علائقن کي هڪ ٻئي سان نه ڳنڍي ها.

اناطول فرانس: عالمي جنگ روس بالٽڪ جي هڪ بندر گاهه لاءِ، جرمن رائين Rhine  جي منهن لاءِ، فرانس سموري Rhine لاءِ، آسٽريا تري اسٽ Trieste آ ۽ فيوم Fiume لاءِ، انگلينڊ ساري دنيا لاءِ، آمريڪا جمهوريت لاءِ، وڙهيو پوءِ منهنجا سائين، مان سمجهان ٿو ته اوهين جاگرافيائي اثر کي گهڻي اهميت پيا ڏيو. اوهان ڇا ڪيو آهي جو ماضي جي ڪن واقعن کي جن جو تعلق جاگرافي سان آهي. هڪ هنڌ گڏ  ڪيو آهي. پر ٻيا به ڪيترائي رُخ آهن جيڪي ڪنهن به طرح گهٽ اهميت وارا نه آهن، منهنجو خيال آهي ته قومن جي زندگي ۽ مقدر اوهان جي جاگرافي واري اصول مان ترڪي نڪري ويا آهن. دنيا جي هر حصي ۾ عظيم قومن جنم ورتو آهي. هنن جي آبهوا جدا جدا هئي پر سندن عروج ۽ زوال هڪ جهڙو ٿيو آهي.

ريٽزل: سائين، منهنجي ڳالهه کي غلط نه سمجهو، مان جاگرافي جي حوالي سان تاريخ جي تشريح نه پيو ڪيان. مون رڳو ڪن لفظن جي وضاحت ڪئي آهي.

وليئم جيمز: سائين اوهان انڪساري پيا ڏيکاريو. آمريڪا جي هڪ بزرگ استاد چيو آهي ته اڄڪلهه تاريخ تي جاگرافيائي اثرن جي اهميت کي گهٽائي پيش ڪرڻ جي تحريڪ پئي هلي. جاگرافيائي حالتون حد بندي ڪنديون آهن پر اهي آخري قوتون نه هونديون آهن. هڪڙو وڏو گول آهي جنهن ۾ جاگرافيائي قوتن سان گڏ ٻيون به ڪيتريون قوتون ڪم ڪنديون آهن جيڪي قومن کي عروج ڏانهن وٺي وينديون آهن ۽ زوال ڏانهن ڌڪينديون آهن. نار جي وهڪري جي بدلجڻ سان انگلينڊ تباهه ٿي سگهي ٿو پر انگلينڊ جيڪا عظمت ماڻي آهي سا نار جي وهڪري جي ڪري نه ماڻي آهي. سڀني اعليٰ تهذيبن جي عروج ۽ زوال جا آخري ۽ اصلي سبب اقتصادي ۽ ذهني هوندا آهن.

والٽير: اوهان عقلمندي وارا نتيجا ڪڍيا آهن، مان سدائين چوندو آهيان ته انگريز عقلمند آهن، ان هڪ نقطي تي مان ۽ ايم ڊي موسٽڪو متفق آهيون.

نٽشي: شايد اوهين ٻئي غلط آهيو.

تاريخ جي نسلي تشريح

اناطول فرانس: مسٽر بَڪل اوهان چوڻ گهريو هو ته قومن جي تهذيب جو فيصلو ڪندڙ سبب اقتصادي، ذهني يا نسلي ٿي سگهن ٿا. منهنجي زماني ۾ ڪيترا شاگرد قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب نسلي ٻڌائيندا هئا. اهڙي سوچ جي ڪري سائنسدان سائنسدان به رهيا ته ساڳئي وقت قومپرست  به ٿي ويا.  رڳو ڪائونٽ گوبينو جي اهڙي سوچ نه هئي. هو نه پروفيسر هو ۽ نه وري قومپرست.

گوبينو: اوهان جي ڄمار اڃا ڏهه سال هوندي جو منهنجو ڪتاب ”انساني نسلن جو تفاوت“ شايع ٿيو هو جنهن ۾ مون ٻڌايو هو ته انسان جي هر تخليقي شعبي، سائنس، فن، تهذيب، مطلب ته دنيا جي عظيم، بلند ۽ فائدي واري هر شي جو سرچشمو هڪ آهي ۽ سڀني جي پاڙ هڪ آهي. اهو آهي ٽيوٽن، نسل انساني ڪٽنب جي هن شاخ ۾ ٻج شايد ته ڪاري ۽ پيلي نسلن کان جدا هو. هي سڀني کان الڳ هڪ خاص نسل هو جنهن جون مختلف شاخون هيون جيڪي دنيا جي هر سڌريل حصي تي حاوي ٿي ويون. نسل مان ئي تاريخ جي تشريح ٿئي ٿي. منهنجي نوجوان دوست نٽشي سچ چيو آهي ته اڳواڻي لاءِ ذهن کان وڌيڪ سٺو رت ضروري آهي.

نشٽي: ڪائونٽ گوبينو، مان اوهان جو مداح آهيان پر نسل جي ان خود فريبي واري تصور سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي مون هر هڪ نسل جي ماڻهن ۾ سٺي رت جون علامتون ڏٺيون آهن. وينس جي ميربحرن جو رت شايد جرمن نوجوانن جي رت کان سٺو آهي.

اناطول فرانس: پيارا ڪائونٽ، اوهان جي اهڙي تصور سان انگريز ۽ جرمن ناخوش ناهن ٿيا. پروفيسر فري مين اڻ وڻندڙ جلدائيءَ سان اوهان جي ان نظريي کي قبول ڪري ورتو. پروفيسر ٽرائي اشڪي به ان کي خوشي سان قبوليو. ڊاڪٽر برنارڊي مڃيو ته تاريخ ۾ جرمن قوم سڀ کان وڌيڪ مهذب آهي. موسيو چيمبرلين جيڪو انگستان مان لڏي جرمني ۾ وڃي رهيو هو تنهن ”اڻويهين صديءَ جا بنياد“ جي عنوان سان زبردست ڪتاب لکيو. ان ڪتاب ۾ هن ثابت ڪيو ته اصل تاريخ تڏهن کان شروع ٿي جڏهن جرمن قوم ماضيءَ جو ورثو پنهنجن مضبوط هٿن ۾ ورتو. منهنجو خيال آهي ته جن ان ورثي جي تخليق ڪئي انهن تاريخ نه ٺاهي هئي. مسٽر چيمبرلين جو خيال هو ته جيڪو به ماڻهو اعليٰ ذهانت ڏيکاري، سمجهو ته هن ۾ ٽيوٽن رت آهي. هن کي ڊانٽي جي شڪل جرمنن جهڙي لڳي. ولي پال جي ”گليٽن نالي خط“ جو لهجو جرمنن وارو لڳو ۽ جيتوڻيڪ هن کي پڪ ڪانه هئي ته مسيح جرمن هو پر هن وڏي يقين سان چيو ته جيڪو ماڻهو مسيح کي يهودي ٿو چوي اهو يا ته جاهل آهي يا بدديانت، رچرڊ ويگنر ان تصور کي موسيقيءَ سان لاڳو ڪيو. پنجاهه سال غريبي ۾ گذارڻ کانپوءِ هن وحشي کي احساس ٿيو ته تاريخ جي ٽيوٽني تصور کي قبولڻ ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي پاڪبازيءَ جي اظهار ڪرڻ سان شايد هو دولت مند طبقي کي پنهنجي موسيقي ڏانهن مائل ڪري سگهندو.

نٽشي: مون هن کي ڏاڍو ڀانئيو پر اوهان سچ ٿا چؤ ته هو وڏو ناٽڪي هو.

اناطول فرانس: هر عظيم شخص اهڙو ئي هوندو آهي. اهڙي نموني جي ناٽڪ بازي نه ڪري ها ته بک مري ها، اهڙي ناٽڪ بازي  جمهوري ملڪن ۾ تمام ضروري هوندي آهي.

وليم جيمز: اسان جي دور جو مزاج نسل واري تصور وارو هو. گيلٽن اعليٰ عقلمندي کي ورثو بڻائي ڇڏيو. ”نسل واري علم“ وارن ڪَئين رئيسن جي اولاد جي حمايت واري مهم شروع ڪئي. مئڪس ملر لسانيات جي تشريح ائين ڪئي جو چيائين ته آريا قوم هندستان مان يورپ آئي ۽ سموري يورپ تي حاوي ٿي وئي. وائزمن ثابت ٿي ڪيو (سائنس ۾ گهڻيون ڳالهيون ثابت ٿينديون آهن پر رڳو هڪ ڏينهن لاءِ) ته حياتيءَ جو مادو جسم جي بدنام حصن ۾ لڪل ۽ ماحول جي اثرن کان بي نياز هوندو آهي. حياتيات جي ماڻهن وراثت تي ۽ تاريخ نويسن نسل تي زور ٿي ڏنو.

اناطول فرانس: شايد اوهان صاحبن کي خبر نه آهي ته موسيو ميڊسين گرانٽ جيڪو تازو نيويارڪ مان آيو آهي ان موضوع جو ماهر آهي مون وڏي عمر ۾ هن جو ڪتاب ”هڪ عظيم نسل جو انت“ ڏٺو. مون هن جو ڪتاب کنيو ۽ سمجهيم ته مصنف فرانسي قوم جي ڳالهه ٿو ڪري پر پوءِ جڏهن ڏٺم ته هن انگريز ۽ جرمن قوم جي ڳالهه ڪئي آهي ته ڪتاب پڙهڻ اجايو سمجهيم. جو مون کي خبر هئي ته جيڪي هن لکيو هو سو غلط هو.

والٽيئر: موسيوگرانٽ. اوهان پنهنجن خيالن کان واقف ڪيو. جيڪڏهن موسيو فرانس اوهان جون ڳالهيون نه مڃي ته دل ۾ نه ڪجو. ٿي سگهي ته اسين فرانسي غلطي تي هجون ۽ ٻي دنيا صحيح هجي.

گرانٽ: منهنجو نظريو مسٽر چيمبرلين ۽ مسٽر گوبينو جي نظرين کان الڳ آهي. مان ٽيوٽني نسل جي تصور کي غلط ٿو سمجهان جو منهنجي خيال ۾ اهو نسل ڪيترن نسلن جو ميلاپ آهي جيڪي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي نه سگهيا آهن. مان پنهنجي ’گفتگو رڳو ان نسل تائين محدود رکندس، جنهن کي مان نارڊڪ نسل ٿو چوان. اسانجي ڏينهن ۾ اهو نسل بالٽڪ سان واسطو رکندڙ جرمنيءَ جي ماڻهن ۾ نظر اچي ٿو يا وري انهن انگريزن ۽ آمريڪين ۾ نظر اچي ٿو جيڪي اينگلو سڪيسن نسل جا آهن. هن نسل جي اها سڃاڻ هاڻوڪي آهي جڏهن ته هي نسل تاريخ وانگر قديم آهي. نارڊڪ نسل سڀ کان پهرين اسان کي ساسي Sacee  قبيلي جي صورت ۾ نظر اچي ٿو جنهن هندستان ۾ سنسڪرت زبان کي متعارف ڪرايو. هنن جي چمڙي اڇي هئي ۽ هو اُتر مان حمله آور ٿي آيا هئا. هندستان ۾ هنن ذاتين جو فرق قائم ڪيو ته جيئن ٻين نسلن مان شاديون ڪرڻ کي روڪي پنهنجو نسلي تحفظ ڪري سگهن. ذات معنيٰ رنگ جنهن جو مقصد  معاشي نه پر حياتياتي هو. ذاتيون ٺاهي هنن مالي وسيلن تي قبضو ڪرڻ نٿي گهريو پر پنهنجي رت جي حفاظت ڪرڻ ٿي گهري. ان کانپوءِ اسان سميرين قوم کي ڪوه قاف مان ايران ايندو ڏسون ٿا. آچيئن Achaeans فرجئينز Phrygians ۽ ڊوريئنز Dorians جي نالن سان هنن ننڍي ايشيا ۽ يونان کي فتح ڪيو. امئرئينز ۽ اوسڪن oscans قومن اٽلي تي فتح حاصل ڪئي. هو جتي به ويا اُتي ويڙهاڪ، ڏکي ۾ ڏکيا ڪم ڪندڙ ميربحر، وائيڪنگ حاڪم ۽ اعليٰ انتظام رکندڙ ثابت ٿيا. يورپي نسل جي ٻين ماڻهن جهڙوڪ ماٺيڻا ۽ رضا تي راضي رهڻ واراو ايلپي، جوشيلا ۽ ڦرندڙ گهرندڙ طبيعتن وارا ڀونچ سمنڊ جي علائقن جا ماڻهو. انهن جي ڀيٽ ۾ هنن ۾ اهي خصلتون وڌيڪ هيون. اهو فرق اٽلي ۾ وڌيڪ نظر ٿو اچي. ڏکڻ اٽليءَ جا ماڻهو ڀونچ سمنڊ جي  علائقي جي ماڻهن جهڙا آهن جيڪي گهڻي ڀاڱي سڀني نسلن جي گمنام غلامن جو اولاد آهن، خاص ڪري اوڀر ۽ ڏکڻ جي غلامن جا جن کي رومي سلطنت  جاگيرن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ گهرايو هو. ڏکڻ اٽليءَ جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل آهن جو انهن مان گهڻا انهن جرمن حمله آورن جا پوئينر آهن جيڪي سيزر کان شارليمن جي دور تائين اٽلي تي حملا ڪندا رهيا. اهي ئي ماڻهو هئا جن فلورنس ۾ نشاة الثانيه جي تحريڪ شروع ڪئي ۽ پوءِ ان کي پاڻ سان گڏ روم کڻي ويا. ڊانٽي، رافيل ٽٽيئن، مائيڪل اينجلو، ليو ناروڊ ڊا ونچي، اهي سڀ نارڊڪ نسل جي ماڻهن جهڙا هئا. يونان ۾ آخين نارڊڪن مفتوح قومن سان شاديون شروع ڪيون ۽ پيريڪلز جي زماني واري اٿينز جا ذهين ۽ هشيار ماڻهو پئدا ڪيا.

اناطول فرانس: هنن وڏي غير ذميواري ڏيکاري جو ٻين قومن سان شاديون ڪيائون.

والٽيئر: اوهان موسيو فرانس جي ڳالهين تي ڪن نه ڏيو ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکو. اوهان ڏاڍيون سٺيون ڳالهيون پيا ڪيو.

گرانٽ: ڊوريئين نسل وارن ٻين مان شاديون نه ڪيون ۽ سپارٽا جي جنگجو قوم ٿي اُڀريا ۽ روم جي غلامن تي حڪمراني ڪيائون، يونان جا اعليٰ طبقي جا ماڻهو اڇي چمڙيءَ وارا هئا ۽ هيٺين  طبقي وارا ڪارا، اولمپس جي ديوتائن کي به سدائين اڇي چمڙيءَ وارو ڪري ڏيکاريو ويو آهي. اهو سوچڻ ئي محال آهي ته ڪو يوناني فنڪار ڪڻڪ رنگ واري وينس ٺاهيندو. اڄ ڪليسا ۾ سڀ فرشتا اڇي رنگ جا ڏيکاريا ويندا آهن، پراڻي زماني جي در پڙدن تي جيڪي نقش چٽيل هوندا آهن، انهن ۾ اڇي رنگ جو ڪو نواب گهوڙي تي سوار نظر ايندو آهي ۽ گهوڙي جون واڳون ڪارن وارن واري ڪنهن ڳوٺاڻي جي هٿن ۾ هونديون آهن. صليب جون تصويرون چٽڻ مهل فنڪار مسيح کي اڇي چمڙيءَ وارو ۽ ساڻس صليب تي لڙڪيل ٻن چورن کي ڪڻڪ رنگو ڏيکارڻ کان ڪونه هٻڪندا آهن. اها رڳو رسم نه آهي پر مسيحي روايتن مان خبر پويئي ته مسيح ناڊرڪ اڃا به شايد يوناني نسل وارن جي جسماني ۽ اخلاقي وصفن وارو هو.

اناطون فرانس: وڏو ماڻهو ٿيڻ به وڏي مصيبت آهي. ماڻهو ساري عمر بکون ڪاٽي ۽ جڏهن مري ته ماڻهو کيس سندس اصلي روپ ۾ پيش ڪرڻ جي بدران ٻئي هر روپ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا اوهان ڳالهه جاري رکو. ناڊرڪ ڀل مسيح کي کڻي وڃن، يهودين کي مسيح جي ضرورت ڪانهي.

گرانٽ: يونان مقدونيه کان شڪست کاڌي ڇاڪاڻ ته يونانين جو رت گڏيل شادين جي ڪري خراب ٿي چڪو هو. مقدونيه جا ماڻهو ناڊرڪ هئا. هن ايران کي شڪست ڏني جو ايراني به گڏيل شادين جي ڪري ڪمزور ٿي ويا هئا. عظيم حملن واري دور تائين اسان کي ناڊرڪ نظر نٿا اچن. اهي بالٽڪ تائين پهچي چڪا هئا، اسڪيڊنيويا کي آباد ٿي ڪيو. اتان هو چوڌاري پکڙجي ويا ۽ يورپ جو شايد ئي ڪو ملڪ هو جتي هو ڦر جو مال هٿ ڪرڻ لاءِ نه پهتا. پهرين روم فتح ڪيائون نشاة الثانيه واري زماني جا نواب ناڊرڪ هئا. پوءِ پوءِ هنن فرانس کي فتح ڪيو. فرانس جا فرينڪ ناڊرڪ ٽيوٽن هئا ۽ هنن فرانس کي جرمن جو نالو ڏنو شارليمن جرمن شهنشاهه هو. هن جي گاديءَ جو هنڌ ۽ سندس درٻاري ٻولي جرمن هئي. ٽيهن سالن واري جنگ تائين يورپ تي جرمن حاوي هئا. دلاوري، سرداري، طبقاتي برتري نسلن تي ناز، شخصي ۽ خانداني غرور ۽ تراربازي ناڊرڪن جون خصلتون هيون. ٻين تي حاوي ٿيڻ واري ان خصلت جي ڪري هنن فرانس، سِسِلي ۽ انگلينڊ کي فتح ڪيو. روس کي فتح ڪرڻ کانپوءِ هن 1911ع تائين ان کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. آمريڪا، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ بيٺڪون قائم ڪيون. يورپ جي واپارين لاءِ هندستان ۽ چين جا دروازا کولي، ايشيا جي هر بندرگاهه تي پنهنجا سپاهي بيهاريائون، اهي ساڳيا ماڻهو آهن جيڪي اوچن جبلن کي لتاڙيندا، ايلپس جبل کي راند جو ميدان ۽ Poles جي ڳولها لاءِ بنان لاڀ وارا سفر ڪندا آهن. مون کي وڏي ڏک سان چوڻو ٿو پوي ته هي اعليٰ نسل ختم ٿيندو پيو وڃي. ڪيمبلي ڊيمولن ماڻهن کي چوندو هو ته 1789ع ۾ فرانس مان هن جا پير پٽجي ويا. فرانس وارو انقلاب اصل ۾ فرانس جي اصلوڪي ماڻهن (جن کي اسين الپائن فرانسي چئون) انهن ٽيوٽن سردارن جي خلاف بغاوت هو جن هزار سالن تائين فرانس کي زيردست رکيو، نارڊڪ قوم جي صليبي جنگين ۾ فوجداري خودڪشيءَ جي برابر هئي. ٽيهن سالن جي جنگ نيپولين جي جنگين ۽ عالمي جنگ نارڊڪ نسل جو رت چوسي ڇڏيو. انگستان ۽ جرمني ۾ نارڊڪ نسل جا ماڻهو ٿورا ٻار ڄڻڻ جي ڪري ختم ٿيندا ٿي ويا. روس ۾ هنن انهن وحشين کان شڪست کاڌي جن جي اڳواڻي هڪ منگول ۽ ٻئي يهوديءَ ٿي ڪئي. آمريڪا ۾ هو اقتدار کان محروم ٿيندا ٿا وڃن جنهن سبب ڏکڻ يورپ مان لڏي آيلن جو وڌندڙ انگ ۽ جمهوري سرشتي ۾ اڪثريت جي طاقت کين بي وس ڪري ڇڏيو آهي.

اناطول فرانس: واه جي ڳالهه ڪئي اٿو

گرانٽ: ان جو نتيجو تهذيب جو زوال آهي، انگلستان ۽ آمريڪا ۾ ماڻهن جو ذوق ۽ معيار خراب ٿي ويو آهي. راڳ، موسيقي رقص، ناٽڪ ۽ سياست تي اهي ماڻهو ڇانيل آهن جيڪي عام ماڻهن مان آهن. ٻه ٽي سال اڳ تائين منهنجو خيال هو ته لڏي اچڻ ۽ نارڊڪ ۽ غير نارڊڪ قومن جي هڪ ٻئي مان شادين کي روڪڻ سان آمريڪا ۾ ان عظيم قوم کي بچائي سگهجي ٿو. پر هاڻي گهڻي دير ٿي وئي آهي. گهٽ ٻار پئدا ڪرڻ سان جيڪو عمل شروع ٿيو آهي اهو هڪ ٻئي مان شادين ۽ هجرت سان مڪمل ٿي ويندو. 2000ع تائين نارڊڪ قوم هر هنڌ اقتدار کان محروم ٿي ويندي ۽ ان سان گڏ يورپ ۽ آمريڪا جي تهذيب هڪ نئين وحشي پڻي جو شڪار ٿي ويندي.

اناطول فرانس: توهان ڏاڍي خوفناڪ تصوير چٽي آهي. اسين پاڻ کي ايئن آٿت ڏيئي سگهون ٿا ته ان حالت ۾ به ايلپي“ فرانسي، اٽلي وارا، آسٽروي ۽ روسي پوءِ به موجود هوندا. ان ڳالهه مان ظاهر آهي ته روسي پاڻ کي جمهوريت سان تباهه ٿيڻ نه ڏيندا. ان نارڊڪ نسل جي ماڻهن يعني انگريزن هڪ نئين شرارت ڪئي ۽ اڪثريت واري حڪومت ايجاد ڪيائون، پر سائين، اوهان اهو ته ٻڌايو ته ڇا واقعي اوهين سمجهو ٿا ته نارڊڪ نسل جا ماڻهو اعليٰ آهن. منهنجي خيال ۾ ته هو وڏا ويڙهاڪ، ڌاڙيل ۽ ڦورو هئا. ڇا اها ئي تهذيب آهي؟

گرانٽ: هنن جديد يورپ جي ملڪن کي منظم ڪيو ۽ اسان جي تهذيب کي ممڪن بڻايو.

نٽشي: جديد يورپ جي ملڪن کي منظر ڪري ڪو چڱو ڪم ته ڪونه ڪيائون، جيڪڏهن جديد رياستون قائم نه ٿين ها ته ساري متحد يورپ تي پورپ حڪومت هلائي ها ۽ تحفظ حاصل ٿيڻ سان ڪليسا نرم ٿي. اٽلي جي نشاة الثانيه وانگر فن ۽ آزاديءَ جي پرورش ڪري ها ۽ پڙهيل طبقو ائين آزاد هجي ها. جيئن اڄڪلهه پئرس يا ويانا ۾ آهي. يا جيئن ليو ڏهين جي ڏينهن ۾ روم ۾ هو ۽ عوام مذهبي رسمن سان خوش ٿي وڃي ها.

گرانٽ: لڳي ٿو اوهين فطرت پرست آهيو.

نٽشي: سچ ٿا چئو، يوناني زبان ڄاڻڻ جي ڪري مان ان کانسواءِ ٻيو ٿي به ڇا ٿي سگهيس.

اناطول فرانس: ڪجهه ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اسان دوستن گڏجي ڪنهن سياسي پارٽي جي اعليٰ قيادت جي ميٽنگ ۽ ان ميٽنگ ۾ ووٽ ڏيڻ جو سانگ ڪيو ۽ ووٽ وڌا جيئن آفريڪي حياتيات جي سائنس لاءِ ووٽ وجهندا آهن. اسان ان ڳالهه لاءِ ووٽ وڌا ته اسان ۾ اهي ڪهڙا عظيم انسان هئا جن اسان جي زندگي کي وقتي طور وڌايو. منهنجو خيال آهي ته جن اميدوارن کي اسان ووٽ ڏنا انهن جا نالا مون کي ياد آهن. پهرين نمبر تي شسڪپيئر هو جنهن جو رتبو گهٽائڻ جي ڪو به جرائت نٿو ڪري سگهي سواءِ برنارڊشا جي، جيڪو ڪنهن ڏينهن شڪسپيئر جي ڀيٽ ۾ بامباشا فيوري اوسر نالي واري ڪنهن موالي جي باري ۾ اسان کي آگاهي ڏيندو. ان کانپوءِ مستانو بيٿووِن ۽ مائيڪل اينجلو جو موسيٰ ۽ مسيح، جنهن کي سمجهڻ سان خبر ٿي پوي ته هو ڏاڍو پيارو نوجوان هو. افلاطون فلاسفرن ۽ ليونارڊو فنڪارن جا نمائندا هئا. مون والٽيئر جو نالو شامل ڪرڻ تي زور ڀريو، نٽشي نيپولئين جي سفارش ڪئي ۽ برانڊين چيو ته سيزر کي به شامل ڪيو. مون ريبليز کي ڏهين نمبر تي شامل ڪرڻ لاءِ چيو پر چونڊ ڪرڻ وارن اسيمبلي جي ميمبرن واري بيوقوفي جي چونڊ ڪئي ۽ ڊارون جو نالو شامل ڪيائون. ان فهرست جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي موسيوگرانٽ؟

گرانٽ: تمام سٺي لسٽ آهي.

اناطول فرانس: جواب ڏيڻ کان اڳ اوهان کي سوچڻ گهربو هو ته اها فهرست اوهان جي نارڊڪ نسل جي خلاف آهي. انهن ڏهن مان رڳو ٽي نارڊڪ نسل جا آهن. باقي يهودي، يوناني ۽ اٽلي جا آهن. مان سمجهان ٿو ته نارڊڪ فن، فلسفي، مذهب، دل ۽ نگاهه جي معاملن ۾ ايترا عظيم نه آهن جيترا هو هڪ ٻئي کي ذبح ڪرڻ جي سائنس، پاڙيسرن کي تباهه ڪرڻ ۽ ٽيڪس لڳائڻ ۾ هوشيار آهن.

گرانٽ: اوهان مون کي منجهائي ڇڏيو بروسون جي اچڻ تي مان اوهان سان پلئه ڪندس.

اناطون فرانس: مان هن کي موٽ جي ٽڪيٽ وٺي ڏيندس.

گرانٽ: اوهين ڪنهن حد تائين صحيح ٿي سگهو ٿا. نارڊڪ ۽ ايلپي نسل جا ماڻهو ڀونچ سمنڊ جي ماڻهن کان جسماني طرح وڌيڪ ٿي سگهن ٿا پر ذهني حاصلات ۾ هو شايد ته ٻنهي کان مٿانهان آهن، فن جي معاملي ۾ هنن جي برتري کان ڪو به انڪار ڪري نٿو سگهي. جيستائين جديد يورپ جو تعلق آهي اتي تهذيب اتر کان نه پر ڏکڻ کان آئي. روم جا پراڻا رهاڪو ان نسل جا هئا. مصر جي ڊگهي عرصي تائين قائم رهندڙ تهذيب، Crete ڪريٽ جي شاندار مِنون Minoon سلطنت ايٽريوري جي پراسرار سلطنت (جيڪا رومي سلطنت جي پيشرو ۽ رهنما هئي) ڀونچ ۽ ڪاري سمنڊ جي چوڌاري واريون يوناني رياستون ۽ بئٺڪون، فنيشيا جي بحري ۽ تجارتي طاقت ۽ ان جي عظيم بئٺڪ ڪارٿيج، اهي سڀ ڀونچ سمنڊ جي نسل وارن جي تخليق هيون. هنن کي ئي بورپ ۾ ڪلاسيڪي تهذيب پکيڙڻ جو فخر حاصل آهي.

اناطون فرانس: اوهان ته وڏي فراخدلي سان ڳالهيون مڃيندا پيا وڃو. مان ان نقطي تي زور نه ڏيندس ته ايٿنز جا ماڻهو جيڪي نارڊڪ ۽ رومي نسلن جي ماڻهن جي هڪ ٻئي سان شادين جي پئداوار هئا. جنگ کانسواءِ ٻئي هر معاملي ۾ سپارٽا جي ماڻهن کان مٿاهان هئا، جيڪي اوهان جي چوڻ مطابق خالص نارڊڪ هئا، مان عرض ڪندس ته ٿورو اسڪينڊي نبويا ڏانهن به نهاريو جنهن عظيم اِبسن ۽ نوبل پرائيز کي جنم ڏنو (هنن جي مون سان ڏاڍي سٺي هلت هئي) ٿورو اوهان انهن خالص نارڊڪ ماڻهن جي آرٽ، ادب، سائنس ۽ فلاسفي جي ڀيٽ نشاة الثانيه جي اٽلي وارن جي فن، ادب، سائنس ۽ فلسفي سان ڪيو جن کي اوهين نارڊڪ ۽ غير نارڊڪ نسلن جي ميلاپ جي پئداوار ٿا چؤ، ڇا اوهان کي مڃڻو نه پوندو ته نارڊڪ ۽ غير نارڊڪ نسل جي ميلاپ جا ڏاڍا سٺا نتيجا نڪتا.

گرانٽ: ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿئي ٿو.

نشٽي: نسل ڇا آهي؟

گرانٽ: نسل جي تشريح ائين ڏکي آهي جيئن ڪنهن به ظاهر شيءِ جي تشريح ڏکي هوندي آهي. ايترو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن به نسل جو بڻ بنياد هڪ هوندو آهي. هنن جون جسماني خصلتون جيئن رنگ، وارن جو نمونو، مٿي ۽ نڪ جو نمونو.

اناطول فرانس: مان انگلينڊ ۾ هيس ته مون کي موسيو هليئري بيلاڪ Hillire Belloc ٻڌايو هو ته ڪنهن ماڻهو کي خبر پئي ته هو نارڊڪ نسل مان آهي پر هن جو مٿو، قد، رنگ ۽ وار، ايلپي نسل جي ماڻهن جهڙا هئا. هن اهو به ٻڌايو ته هڪ عورت کي پنج ٻار آهن جنهن مان ٻه ڀونچ سمنڊ وارن، هڪ ايلپي، هڪ نارڊڪ ۽ هڪ انهن ٽنهي نسلن جي ميلاپ وارو آهي. ٿي سگهيو ته اهي سڀ نسل انگلستان ۾ هجن. پر موسيو بيلاڪ جو خيال هو ته اها عورت پڪ گشتي هوندي.

گرانٽ: مان مڃان ٿو ته ڪو به نسل خالص نه آهي ۽ هر ماڻهوءَ جو رت گڏيل آهي. پر اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته انگلستان جي رئيس طبقي جو رت انهن آمريڪين کان وڌيڪ خالص آهي جيڪي جديد آمريڪا جي رت جي انتشار مان پئدا ٿيا آهن.

بڪل: منهنجو خيال آهي ته انگريز قوم ڪيلٽ، رومي اينگل، سيڪسن، جيوٽ، ڊين ۽ نارمن نسلن جي ميلاپ جي پئداوار آهي.

گرانٽ: اهي گهڻي ڀاڱي نارڊڪ نسل جون شاخون آهن ۽ اصل ۾ سڀ هڪ ئي نسل جا آهن.

ريٽزل: دوستو، ڇا مان وچ ۾ ڳالهائي سگهان ٿو. مون ان ڳالهه تي گهڻو سوچيو آهي ۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته يورپ جا اهي ٽي نسل اصل ۾ هڪ ئي نسل جون شاخون آهن. اهو نسل اوڀر کان اڀريو ۽ ايلپن وانگر اڻ سڌريل هو. هو اتر ۽ ڏکڻ ۾ پکڙجي ويو ۽ جدا جدا جاگرافيائي ۽ اقتصادي حالتن جي اثر هيٺ نارڊڪ ۽ ڀونج سمنڊ وارن نسلن ۾ ورهائجي ويو. نسلي فرق ماحول جي فرق سان پئدا ٿيندو آهي. ان ڪري چئي نٿو سگهجي ته نسل تاريخ جو فيصله ڪُن سبب آهي. اتر جا ماڻهو ڪجهه وقت گرم ملڪن ۾ رهن ته هنن ۾ ڏکڻ جي ماڻهن واريون خاصيتون پئدا ٿي وينديون. ساري دنيا ۾ جبل اورانگهڻ وارا ماڻهو قد آور هوندا آهن پوءِ ڀل سندن تعلق ڪنهن به نسل سان هجي. مون ڏٺو آهي ته جيڪي جرمن ڏکڻ برازيل ڏانهن لڏي ويا، اهي آهستي آهستي نارڊڪ نسل واري توانائي وڃائي ويٺا. ڏکڻ آفريڪا جي انگريزن وانگر وڻن جي هيٺان ويهندا آهن. ڪاري رنگ جو نوڪر سندن ٽهل ٽڪور پيو ڪندو آهي... نسلي خصلتون جاگرافيائي حالتن مان پئدا ٿينديون آهن.

تاريخ جي معاشي تشريح

مارڪس: ٿورو ترسو، ريٽزل صاحب، رڳو جاگرافيائي حالتن جي ڳالهه ڇو ٿا ڪيو. ڇا ماڻهن جا قد، آب و هوا سان گڏ خوراڪ جي ڪري به ننڍا وڏا ٿي نٿا سگهن؟ حيرت جي ڳالهه آهي جو هيتري وقت کان هي بحث پيو هلي، پر اڃا تائين ڪنهن تاريخ جي معاشي تشريح جي ڳالهه نه ڪئي آهي.

والٽيئر: (اناطول فرانس کي مخاطب ٿيندي) هي ڏاڙهيءَ وارو ماٺيڻو ۽ ديوتائن جهڙو ماڻهو ڪير آهي؟

اناطول فرانس: هي جنگي محاذ جو سقراط ڪارل مارڪس آهي. هن زبردست ڪتاب لکيو آهي جنهن ۾ ثابت ڪيو اٿئين ته دنيا ۾ طاقتور هيڻي جو استحصال ڪندو آهي.

والٽيئر: اها ته نئين کوجنا آهي ڀلا اهو ٻڌايو اٿئين ته ان استحصال کي ڪيئن ختم ڪجي.

اناطول فرانس: چوي ٿو هيڻان اُٿن ۽ ڏاڍن جو انت آڻين.

والٽيئر: (مارڪس کي مخاطب ٿيندي) مهرباني ڪري پنهنجو نظريو ته ٻڌايو.

مارڪس: منهنجو نظريو ڏاڍو سولو آهي. هر زماني ۾ تاريخ جو بنيادي جز معاشي رهيو آهي. پئداوار ۽ ان جي ورهاست جو طريقو، دولت جي ورڇ ۽ ان جي استعمال جو طريقو، نوڪر ۽ مالڪ جو تعلق، امير ۽ غريب جي طبقاتي جنگ، اهي اڳتي هلي  انساني زندگيءَ جي سڀني رخن يعني مذهب، اخلاق، فلسفي، سائنس، ادب ۽ فن جو تعين ڪندا آهن. پئداواري رشتن سان سوسائٽي جو اقتصادي نظام جڙندو آهي. اهو ئي بنياد آهي جنهن تي سوسائٽي جي قانون واري عمارت اڏيل هوندي آهي ۽ ان سان ئي مطابقت رکندڙ اجتماعي شعور جڙندو آهي.

والٽيئر: اوهان جو ڳالهيون ٿوريون منجهائيندڙ آهن ۽ مٿي ۾ سور ٿيون وجهن، پر شايد مثالن سان ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي.

مارڪس: چڱو سائين، مان پنهنجي نظريي جي روشنيءَ ۾ انسان جي سموري تاريخ جو جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. مان تاريخ کي قديم، وچولي ۽ جديد دورن ۾ ورهائڻ جي ڳالهه نٿو ڪيان، تاريخ جي اهڙي ورڇ وچين دور جي ڏاهن ڪئي. منهنجي آڏو تاريخ جا ٽي دور آهن. هڪ شڪاري ۽ چراگاهي، ٻيو زرعي ۽ هٿ جي هنر جو دور ۽ ٽيون صنعتي ۽ مشيني دور. تاريخ جا وڏا واقعا سياسي نه پر معاشي آهن، مان ميراٿن Maratham جي جنگ، سيزر جي قتل ۽ فرانس جي انقلاب کي وڏا واقعا نٿو مڃان پر زرعي انقلاب ۽ صنعتي انقلاب کي وڏا واقعا ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ جو انهن مان هڪ زندگيءَ جي نظام کي شڪاريءَ مان زرعي بڻايو ۽ ٻئي گهريلو هنرن جي جاءِ تي ڪارخانن ۽ صنعت کي رائج ڪيو.

والٽيئر: ان جي معنيٰ ته اميري ۽ غريبي جا نمونا ڦرندا رهن ٿا.

مارڪس: نه رڳو ڦرندا ٿا رهن پر مالي حالتون بادشاهتن جي عروج ۽ زوال جو سبب به ٿين ٿيون. سياسي، اخلاقي ۽ سماجي حالتن جو قومن جي عروج ۽ زوال سان ڪو واسطو نه هوندو آهي. بداخلاقي، عيش پرستي، نفاست پسندي، اهي سبب نه پر نتيجا آهن. زمين جي حالت کي ڏسي فيصلو ڪبو آهي ته اها پوک لاءِ ڀلي آهي. ان ۾ رڳو گاهه پوکي سگهجي ٿو يا ان ۾ ڪي ڌاتو پوريل آهن. مصر لوهن جي ڪري، پراڻو انگلستان ٽين جي ڪري ۽ نئون انگلستان لوهه ۽ ڪوئلي جي ڪري مشهور ٿيا. اٿينز جون چانديءَ جون کاڻيون ختم ٿيون ته اٿينز جي طاقت ختم ٿي وئي. مقدونيه جي سونَ فلپ ۽ سڪندر جا هٿ مضبوط ڪيا. رومَ اسپين جي کائين لاءِ ڪارٿج سان جنگ ڪئي ۽ جڏهن اتان جي زمين ڪلراٺي ٿي ته مٿس زوال آيو.

اناطون فرانس: مون کي تاريخ جي باري ۾ ڪا گهڻي خبر ڪانهي. منهنجو علم ادب ۽ فلسفي جي اجاين تفصيلن تائين محدود آهي. پر سائين مان پنهنجي زماني جي جنگين جو جائزو وٺي چئي سگهان ٿو ته اوهين صحيح ٿا چؤ. اهي سڀ جنگيون پئداوار جي قدرتي ذريعي يا ڪنهن ڌاري ملڪ ۾ واپار جا موقعا حاصل ڪرڻ لاءِ ٿيون هيون.

مارڪس: چڱو ٿيو جو اوهان واپار جي موقعن جي ڳالهه ڪئي، اهي به تاريخ ۾ وڏو اهم حصو وٺندا آهن. يوناني ٽروجن جي جنگ ڇو وڙهيا. ڇا اها جنگ هڪ آواره عورت جي حسن لاءِ وڙهي وئي هئي، جيڪڏهن هيلن جو واقعي ڪو وجود هو ته پوءِ ائين سمجهيو ته هيلن کي هنن پنهنجن معاشي مقصدن کي لڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو هو. يونانين پنهنجن انهن ڪاروباري حريفن ۽ سندن مددگار کي ان شهر مان ڪڍڻ ٿي گهريو جيڪي سامونڊي رستن تي قابض هئا.

وليم جيمز: چئبو ته هيلن جي سونهن جي ڪري هزارين جهازن جا سڙهه هوا ۾ ڪون لهرايا هئا.

مارڪس: منهنجي خيال ۾ اوهان کي خبر هوندي ته ٿيمس ٽوڪلس Themistocales ايران جي بادشاهه يزد جرد جي خلاف جيڪو پهرين ٻيڙو ٺاهيو هو اهو مسيح کان پنج سال اڳ، ايٿنز جي واپار جي طاقت جو بنياد هو ۽ سامونڊي پٽيءَ وارين رياستن جي دولت سان ايٿنز پنهنجا شاندار بت خانا ٺاهيا هئا. فن جا اهي شاهڪار چورايل سون سان تخليق ٿيا هئا. فن جا سنهري دور گهڻي دولت ميڙڻ کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن. ايٿنز کي خوراڪ ٻاهران گهراڻي پوندي هئي ۽ سپارٽا جڏهن ايٿنز جو گهيرو ڪيو ته ايٿنز جا ماڻهو بک مرڻ لڳا ۽ پيش پوڻ لاءِ مجبور ٿيا. ان کانپوءِ هي شهر وري پاڻ سنڀالي نه سگهيو. ٿورو ان ڳالهه تي به غور ڪيو ته يونان ۾ مزورن کي غلام بڻائڻ جي ڪري اتي صنعتي ترقي بيهي رهي، عورتن جي غلاميءَ جي ڪري سچي محبت جي اوسر ختم ٿي وئي، هم جنس پرستيءَ جنم ورتو جنهن يوناني بت تراشي تي وڏو اثر ڪيو. مادي شين جي پئداوار جا طريقا سماجي، سياسي ۽ روحاني عمل جو تعين ڪندا آهن. ماڻهن جو شعور سندن زندگين جو تعين نه ڪندو آهي پر هنن جو سماجي وجود سندن شعور جو تعين ڪندو آهي. ماڻهو سمجهندو آهي ته هن جا خيال، فلسفي، اخلاق، مذهبي عقيدا، هن جا پارٽيءَ جا تعصب ۽ هنن جو فني شعور... انهن جي اوسر سندس بنان تعصب وارن منطقي دليلن سان ٿي آهي. پر کيس خبر ڪا نه هوندي آهي ته سندس زندگيءَ جي مالي حالتن سندس فڪر کي ڪيترو متاثر ڪيو آهي.

موشڪو: اوهان پنهنجي نظريي کي روم جي تاريخ سان ڪيئن لاڳو ڪندا.

مارڪس: روم جي حڪومت غلامن سان ظلم ڪندي هئي. ان کان اڳ غلامن جا آقا ايڏا سخت ۽ بداخلاق نه هئا. ان جو نتيجو ڇا نڪتو. هاري مسڪين ٿيندا ويا. اميرن سندن زمينون خريد ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هنن کي پنهنجن زمينن تي هَر هلائڻ لاءِ ٻاهران غلام گهرائڻا پيا. غلامن بي خيالي ۽ سستي سان پوک ڪئي جنهن جي ڪري زمين تباهه ٿيڻ لڳي ۽ روم کي پنهنجي خوراڪ لاءِ ٻين ملڪن جو محتاج ٿيڻو پيو. غلامن جي بغاوت ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو. ساڳئي وقت ائين به ٿيو ته يورپ ۽ روم جي رستي کان جيڪو واپار ٿي هليو سو باسفورس  Bosphorus جي رستي کان ٿيڻ لڳو جنهن جي ڪري قسطنطنيه وڌيو ۽ روم جو زوال ٿيو.

بوسي: اوهان ان ڳالهه کان انڪار ڪري نٿا سگهو ته وچين دور ۾ ماڻهن جي زندگين تي مالي معاملا نه پر مذهب حاوي هو.

مارڪس: مٿاڇري نظر سان شايد ائين نظر اچي، ڪليسا جي طاقت جو مدار ماڻهن جي ناداري ۽ غلاميءَ تي هو. ماڻهن کي روحاني آٿت، اميد ۽ دلاسي جي ضرورت هئي بک ۽ جهالت مان پئدا ٿيندڙ وهم رستي ۽ ماڻهن جي شهرن مان ٻهراڙين ڏانهن ڌڪجڻ جي ڪري ڪليسا وڌيڪ طاقتور ٿيندي وئي ايستائين جو ڪليسا ڦرلٽ، ڏن، نذرانن ۽ ٻين طريقن سان يورپ جي ٽي ڀاڱي چار زمين خريد ڪري ورتي. اهو آهي سائين، ڪليسا جي طاقت جو معاشي بنياد! اهو ساڳيو حال وچولي دور جي ٻين معاملن جو به  هو جن جا سبب به معاشي هئا. صليبي جنگيون ڪافرن کان واپار جا رستا کسڻ لاءِ وڙهيون ويون. نشاة الثانيه جو سبب به سون جي گهڻائي هو جيڪو اٽلي جي بندر گاهن جي ذريعي يورپ ۽ ايشيا ۾ هلندڙ واپار جي ڪري اٽليءَ کي حاصل ٿيو هو.. مذهب ۾ سڌارا آڻڻ وارو زمانو تڏهن آيو جڏهن جرمنيءَ جي نوابن فيصلو ڪيو ته عوام جا پئسا ڪليسا جي بدران سندن کيسن ۾ پوڻ گهرجن .

بوسي: اوهان غلطيءَ تي آهيو سائين.

مارڪس: فرانس جي انقلاب جو سبب بوربن خاندان جي بداخلاقي يا والٽيئر صاحب! اوهان جون ٽوڪ زنيءَ واريون لکڻيون نه هيون. ان جو سبب اهو هو ته ٽن سو سالن تائين هڪ نئون مالي طبقو يعني واپاري طبقو، جاگيردارن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ لاءِ ڪوشش ۾ لڳو پيو هو. هنن انهن بيڪار نوابن کان وڌيڪ مال گڏ ڪري ورتو هو جيڪي بادشاهه لوئي سورنهن جا درٻاري هئا. اقتصادي طاقت ملي وڃي ته پوءِ ڪڏهن نه ڪڏهن سياسي طاقت به حاصل ٿي ويندي آهي. انقلاب اقتصادي فتحن تي مُهر هڻندا آهن. هيرنگٽن چيو هو ته ڪنهن به ملڪ جي حڪومتي نظام جو مدار زمين جي مالڪي تي هوندو آهي. جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ وٽ گهڻي زمين هوندي ته حڪومتي نظام بادشاهت وارو هوندو. جيڪڏهن ٿورن ماڻهن وٽ هوندي ته رئيسن وارو هوندو ۽ جيڪڏهن عوام جي هٿ ۾ هوندي ته جمهوريت وارو نظام هوندو.

گرانٽ: اوهان جون ڳالهيون ڪنهن حد تائين صحيح آهن. شايد آمريڪا ۾ زميندارن جو انگ (بي زمين شهرين جي ڀيٽ ۾) گهٽ هجڻ جي ڪري اتي جمهوريت ختم ٿي وئي آهي.

مارڪس: آمريڪا کي ڳولهي لهڻ جو سبب ڇا هو. ڇا ان جو سبب اتي عيسائيت پکيڙڻ هو، نه سائين، سون لاءِ آمريڪا ڳولي هئائون. انگريزن پوءِ ان کي اسپين، هالينڊ ۽ فرانس جي حاڪمن کان ڪيئن کيس ورتو. انگريزن وٽ سٺا ٻيڙا ٺاهڻ لاءِ دولت هئي. بيٺڪن انگلينڊ جي خلاف بغاوت ڇو ڪئي. ڇاڪاڻ جو هو ايڏا ڳرا محصول ڏيڻ نه پيا گهرن ۽ هنن انگلينڊ جي انهن رئيسن جو ظلم ختم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ورتو هو جن کي شاهي بخشش طور زمينون مليون هيون. هنن بنان ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي شراب ۽ غلامن جو ڪاروبار ڪرڻ ٿي گهريو ۽ پنهنجا قرض گهٽ ملهه واري سڪي سان لاهڻ ٿي گهريا.

وليم جيمز: ڇا مطلب:

مارڪس: سائين اوهان کي خبر هوندي ته اوهان جي هڪ هم وطن پروفيسر بيئرڊ Beerd پنهنجي تحقيق ۾ آمريڪي آئين ۽ جيفرسن جي جمهوريت واري تصور جا سبب اقتصادي ٻڌايا آهن. ڪڏهن اوهان ڊينيل ويسٽر Daniel Westar کي پڙهيو آهي. اوهان جي ان مقرر چيو آهي ته اسان جا نئين انگلينڊ وارا وڏا، جائيداد جي معاملي ۾، هڪ جهڙي حيثيت وارا هئا. هنن جي حالتن جي اها گهر هئي ته هو زمين ورهائن. اسين چئي سگهون ٿا ته هنن جي ان لازمي قدم سان ملڪ جي مستقبل جي حڪومتي نظام جو فيصلو ٿي ويو. هنن جائداد جي باري ۾ جيڪي قانون ٺاهيا انهن قانونن جي ڪري سندن سياسي ادارن جي تنظيم ٿي، ڪا به حڪومت کڻي ڪيتري به آزادي ڏيڻ واري هجي پر جيڪڏهن ان حڪومت جا قانون اهڙا هوندا جو ملڪيت رڳو ڪن ٿورن ماڻهن جي هٿ ۾ هوندي ۽ ٻيا ماڻهو محتاج ۽ نادار هوندا ته اها حڪومت ماڻهن ۾ مقبول ٿي نه سگهندي، اهڙي صورتحال ۾ عوامي طاقت جائيداد جي حقن وارن قانونن کي ٽوڙي ڇڏيندي آهي يا وري عوام جي طاقت محدود ٿي ويندي آهي. جنهن معاشري ۾ ملڪيت غير برابري سان ورهايل هوندي ان ۾ هر هڪ کي ووٽ ڏيڻ وارو حق، گهڻي وقت تائين قائم رهي نه سگهندو.

والٽيئر: اوهان ٻنهي جي تقرير ڏاڍي اثرائتي آهي. ان مقرر جي حوالي سان مارڪس جي ڳالهه ۾ هڪڙي کوٽ محسوس ٿئي ٿي ته هن اها ڳالهه مڃي ته قانون سان جائيداد جي ورهاست ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي. جيڪڏهن اوهين اهو مڃيو ٿا ته پوءِ اوهان جو نظريو صحيح نه آهي. اوهان سمجهو ٿا ته سياسي ادارا اقتصادي حالتن سان ٺهندا آهن ۽ انقلاب تڏهن ڪامياب ٿيندا آهن جڏهن مالي لحاظ کان ڪا مظبوط ڌر انهن جي پٺڀرائي ڪندي آهي. ڇا روسي انقلاب اوهان جي نظريي کي غلط ثابت نٿو ڪري.

مارڪس: بلڪل نه، مان اهڙي انقلاب کي رد ڪندس، سياسي نظام کي اقتصادي حقيقتن آڏو بدلجڻ يا ڀڄي پوڻ گهرجي. هارين جي ملڪ ۾ پرولتاري انقلاب ڏيک ۾ پرولتاري هوندو پر اصل ۾ حڪومت انهن ماڻهن جي مفاد جي نمائندگي ڪندي جيڪي زمين جا مالڪ هوندا.

اناطول فرانس: منهنجي خيال ۾ بهادر بالشويڪ سڍا مارڪسي ناهن.

مارڪس: مان هميشه چوندو رهيو آهيان ته مان مارڪسٽ ناهيان.

والٽيئر: سائين مارڪس، ڇا اهو صحيح ناهي ته ڪڏهن ڪا فوجي آمريت ڪنهن خاص اقتصادي طاقت کانسواءِ مضبوطي سان قائم ٿي سگهي جيئن، جيئن پريٽورين گارڊ Preetorin Guard  جي زماني ۾ ٿي هئي.

مارڪس: سائين، ٿي سگهي ٿي، پر رڳو ٿوري وقت لاءِ

اناطول فرانس: سائين، جنهن کي اڄڪلهه برٿ ڪنٽرول چيو ٿو وڃي ان کان الائجي اوهين واقف آهيو يا نه، منهنجو خيال آهي ته اوهان ان تي عمل نه ڪيو هوندو. ڪيٿولڪ ڪليسا پنهنجي جهوني جڳ واري ڏاهپ کان ڪم ورتو ۽ پنهنجن پوئلڳن کي برٿ ڪنٽرول کان جهلي ڇڏيو ۽ ماٺ ڪري پنهنجي ان پاليسيءَ جا نتيجا پئي ڏسي. پروٽيسٽن جي ڏاهن ماڻهن ۾ ٻار گهٽ پئدا ٿيڻ جي ڪري جرمني ۽ پوءِ آمريڪا ۾ ڪيٿولڪ وڌندا ويا. جيڪڏهن ڪليسا جي اها پاليسي ڪامياب ٿي (ڪليسا جي ان خاموش دور انديشيءَ ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون) جڏهن ته برٿ ڪنٽرول سان مذهب جي سڌاري ۽ نشاة الثانيه جهڙيون تحريڪون ختم ٿي ويون.... ته ڇا اوهان جي خيال ۾ ته اسان کي تاريخ جي حياتياتي تشريح جي ضرورت آهي.

مارڪس: اوهان غلط ٿا چؤ گهٽ ٻار پئدا ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن. ان جا سبب اقتصادي آهن. زندگيءَ جو معيار وڌي ويو آهي. شهرن ۾ ماڻهن جو انگ تمام گهڻو ٿي ويو آهي. ورهاست وارا قانون جيڪي اوهان جي ملڪ ۾ لاڳو آهن، انهن سان ماءُ پيءُ مجبور هوندا آهن ته هو پنهنجن پٽن کي هڪ جيتري ملڪيت ورهائي ڏين.

گرانٽ: اوهان کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته ڪڏهن ڪڏهن نسلي سبب اقتصادي سببن کان وڌيڪ اهم هوندا آهن.

مارڪس: هرگز نه.

گرانٽ ته پوءِ اوهان ايشيا تي يورپ جي نارڊڪن جي فتح جو ڪهڙو سبب ٻڌائيندا.

مارڪس: ان جو سبب اهو اتفاق آهي ته يورپ ۾ صنعتي انقلاب پهرين آيو. اوهان ڏسندا جڏهن چين ۾ صنعتي انقلاب آيو ته پوءِ اوهان جا نارڊڪ ڪئين ٿا ايشيا مان ڀڄن.

گرانٽ: پر مون گهڻو ڪري (مثال طور آمريڪا ۾ هٽ تالن ۽ صدارتي چونڊن وقت عوام کي اقتصادي سببن جي ڪري نه پر نسلي سببن جي ڪري) گروهن ۾ ورهايل ڏٺو آهي.

مارڪس: فرد ۽ جماعتون گهڻو ڪري اهڙن غير اقتصادي سببن، جهڙوڪ: نسلي، مذهبي، وطني ۽ جنسي، کان متاثر ٿيندا آهن پر جڏهن انهن فردن ۽ جماعتن جا عمل تاريخي لحاظ کان اهم ٿيا آهن تڏهن هو انهن شخصيتن جي اثر هيٺ ايندا آهن جن کي اقتصادي قانون جو پورو شعور هوندو آهي. اهي سياستدان جيڪي جوشيلي تقريرن ۽ اتساهه پئدا ڪندڙ موسيقي سان سپاهين کي جنگ جي ميدان ۾ موڪليندا آهن ڇا انهن کي اقتصادي سببن جي ڄاڻ نه هوندي آهي. چوندا آهن ته ڪولمبس هندي ٻيٽ Indies ان ڪري ڳولهيا جو هن اتي عيسائيت پکيڙي پوپ کي خوش ڪرڻ ٿي گهريو. ٿي سگهي ٿو ته ائين هجي، پر اها ڳالهه پڪ سان چئي نٿي سگهجي ته ان پوڙهي جي دماغ ۾ ڪهڙا خيال هئا. پر ڇا اوهان اها ڳالهه مڃي سگهو ٿا ته فرڊيلنڊ ۽ ازبيلا به انهن سببن جي ڪري هن جي مدد ڪئي. فردن جو عمل غير اقتصادي به ٿي سگهي ٿو. ٿي سگهيو ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجن هم وطنن کي پنهنجن ديوتائن تي قربان ڪري ڇڏين. پر اهڙا چريائپ وارا ڪم قومن جي عروج ۽ زوال جو سبب نه ٿيندا آهن. مان فردن تي اقتصادي جبريت لاڳو نٿو ڪيان.

وليم جيمز: اوهان جي ڳالهه ٻڌي خوشي ٿي، مان سمجهندو هيس ته اخلاقي قوتون به تاريخ تي اثر انداز ٿينديون آهن. جيئن وِلبر فورس ۽ گيريسن جي غلاميءَ خلاف پئدا ڪيل نفرت، پر اوهان منهنجي اصلاح ڪري سگهو ٿا.

مارڪس: تاريخ ۾ اخلاقي قوتن ۽ قدرن جي ڪا حيثيت ڪانهي. هر عظيم واقعي جي پٺيان اقتصادي قوتون ڪم ڪنديون آهن. گيريسن رڳو پنهنجن اخلاقي واعظن سان غلامي خلاف ڪاميابي حاصل نه ڪئي. لنڪن جڏهن غلامن کي آزاد ڪيو ته اهو هن جو ڏکڻ جي رياستن کي ڪمزور ڪرڻ وارو جنگي قدم هو. هن چٽن اکرن ۾ چيو هو ته جيڪڏهن غلامن جي غلام رهڻ سان امن قائم ٿئي ها ته هو غلامن کي آزاد نه ڪري ها. ڏکڻ جي رياستن اتر جي رياستن کان ڌار ٿيڻ ٿي گهريو ڇاڪاڻ جو هنن تي ڳرا ٽيڪس مڙهيل هئا ۽ هنن کي پڪ ٿي وئي هئي ته هو ڪانگريس تي پنهنجو اثر قائم رکي نه سگهندا. جڏهن ته اتر جي رياستن ڏکڻ جي رياستن کي پنهنجي مال جي منڊي ۽ خوراڪ ۽ ڪچي مال جو وڏو ذريعو ٿي سمجهيو ان ڪري هنن انهن رياستن کي پاڻ سان گڏ رکڻ ٿي گهريو. اعليٰ مقصد ۽ آدرش رڳو ڍڪ هوندا آهن. هر حال ۾ مقصد ڪانه ڪا مادي ضرورت هوندو آهي جنهن کي سهڻن لفطن سان سينگاري اخلاقي آدرش جو نالو ڏنو ويندو آهي.

اناطول فرانس: اها ڳالهه اوهان اشتراڪيت جي مقصدن سان به لاڳو ڪندا.

مارڪس: بلڪل!

اناطول فرانس: افسوس!

تاريخ جي نفسياتي تشريح

هيگل: سائين، اوهان جا خيال ڏاڍا خوفناڪ آهن. تاريخ جا جيڪي به نظريا پيش ٿيا آهن انهن ۾ انسان جي ذهن کانسوءِ زندگيءَ جي ٻين سڀني رُخن جو ذڪر ٿيو آهي. اوهان جون ڳالهيون ٻڌي سوچان ٿو ته دنيا ۾ عقل ۽ جرائت بيڪار آهن ۽ ڇاڪاڻ ته هڪ ئي نموني جون جاگرافيائي اقتصادي ۽ نسلي حالتون ماڻهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن قومن تي، هڪ ئي نموني سان اثر ڪنديون آهن ان ڪري احمق ۽ سياڻي ۾ ڪو فرق ڪونهي. شهرين جو عالم يا جاهل هجڻ ساڳي ڳالهه آهي. اوهان جي ڊرامي ۾ ڪو هيرو آهي ئي ڪونه،

مارڪس: واقعي هيرو ڪونهن. خيال خواهشن مان اڀرندا آهن ۽ قومن ۽ گروهن جي خواهشن جو بنياد سدائين معاشي هوندو آهي. جيئن بسمارڪ Bismark چيو هو ته قومن جي لاڳاپن ۾ اخلاق جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. هيرو رڳو وسيلو هوندو آهي، عظيم شخصيتون عوامي تحريڪن يا غير شخصي قوتن جو اظهار هونديون آهن. جيڪڏهن ڪا عظيم شخصيت ائين نه آهي ته پوءِ سمجهو ته اها ذهني طور ٿڙيل آهي. جنهن ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان سواءِ تاريخ کيس اورانگي ويندي آهي. نظرين جو تاريخ سان اهڙو ئي لاڳاپو آهي جهڙو خيال جو ماڻهو جي عمل سان ٻنهي حالتن ۾ نتيجي جو سبب خيال نه پر خواهش هوندي آهي ضروري نه آهي ته ماڻهن کي ان ڳالهه جي ڄاڻ هجي، اصل ۾ ڪنهن خاص زماني جي خاص ثقافت جو اقتصادي زندگيءَ سان اهڙو واسطو هوندو آهي جهڙو خيال جو جسم سان. هي اندروني طرح عمل ڪندڙ قوت جي تشريح ۽ اظهار آهي.

هيگل: حيرت آهي ته هڪڙو جرمن اهڙيون ڳالهيون پيو ڪري لڳي ٿو ته ڪانٽ، ليسنگ، هرڊر، گوئٽي، شِلر، بيٿون ۽ مون واري روشن دور کان پوءِ، جرمنيءَ پنهنجو روح صنعت ۾ وڃائي ڇڏيو آهي. هاڻي جرمن ماهر ڪيمياگر ۽ ڪاريگر ٿي پئدا ڪري فلاسفر ۽ فنڪار پئدا نٿي ڪري، ان ڪري ئي جرمن ماڻهو تاريخ جي تعبير ڪلن سان پيو ڪري، دل ٿي چوي ته گوئٽي اوهان جي اڳيان اچي پنهنجن نظرين جي وضاحت ڪري، يا هرڊر جنهن 1787ع ۾ ”انسان تاريخ جي فلسفي متعلق خيال“ ڪتاب لکي ماڻهن کي ڌوڏي ڇڏيو هو اهو اوهان جي سامهون پنهنجن خيالن جي وضاحت ڪري، اهو ساڳيو هرڊر جنهن آڏو سموري تاريخ ماڻهو لاءِ سکيا آهي.

اناطول فرانس: تاريخ جي باري ۾ اوهان اسان کي پنهنجو نظريو ٻڌايو، مان ننڍو هيس ته اسان جي ملڪ ۾ توهان جو وڏو نالو هو ۽ ڪزن ڳالهه ڳالهه تي اوهان جو نالو کڻندو هو. پر سچ پڇو ته اسان مان ڪو به اوهان جو فلسفو سمجهي نه سگهيو. ٿي سگهي ٿو ته جنت جي هنن ماٿرن ۾ اوهان سان ڳالهائيندي اوهان جو فلسفو سمجهي سگهون.

هيگل: سائين، مون ڄاڻي واڻي منجهائي ڳالهه ڪئي ته جيئن منهنجو فلسفو احمقن جي هٿ نه چڙهي وڃي. مون لاءِ پنهنجي نسل وارن کي اها ڳالهه سمجهائڻ ڏاڍي ڏکي هئي ته ڪائنات ۾ اوتري ئي ذهانت آهي جيتري اسين هتي استعمال ڪندا آهيون. ٻي ڳالهه ته خدا تخليق جي پهرين سبب کان وڌيڪ آخري سبب آهي. اهڙيون ڳالهيون مون کي اهڙي نموني چوڻيون پيون جيئن ڪو مون کي جهلي نه سگهي.

والٽيئر: سائين، مان سمجهي سگهان ٿو، فريڊرڪ کانپوءِ جرمني ۾ سوچڻ ڏوهه هو.

هيگل: پر اصل ۾ منهنجو فلسفو ڏاڍو سادو هو. خدا حقيقت مطلق آهي. ڪائنات جي انهن شين جو مظهر آهي جيڪي ارتقا ٿيون ڪن. خدا عقل آهي ۽ عقل فطرت جي ان قانون جي تاڃي  پيٽو آهي جنهن تحت زندگي ۽ روح چرپر ۽ ارتقا ٿا ڪن. خدا روح آهي ۽ روح حياتي آهي. تاريخ روح جي ارتقا آهي يعني حياتيءَ جي اوسر ۽ ترقي آهي. پنهنجي شروع واري  حالت ۾ حياتي اڻ چٽي قوت آهي جنهن کي پنهنجي شعور ڪونهي. تاريخ جو عمل حياتي يا روح جو خود شعوري ۽ آزاديءَ واري حالت ۾ اچڻ آهي. آزادي حياتيءَ جو جوهر آهي. جيئن ڪشش پاڻيءَ جو جوهر آهي. تاريخ آزادي، جي ترقي آهي. تاريخ جو مقصد آهي ته روح پوريءَ طرح ۽ شعوريءَ طرح آزاد ٿئي.

والٽيئر: هيگل صاحب، اوهان ته انقلاب جي ٻولي پيا ڳالهايو.

هيگل: منهنجو مقصد به اهو ئي هو. مون تاريخ کي ٽن واضح دورن ۾ ورهايو. مشرقي دور جنهن ۾ ماڻهو رڳو آزاد آهي. يونان ۽ روم وارو دور جنهن ۾ رڳو ڪي ٿورا ماڻهو  آزاد آهن ۽ جديد دور جنهن ۾ روح، پنهنجي آزاديءَ جو شعور ماڻي ٿو، آزاديءَ کي رياست ۾ منظم ڪري ٿو ته جيئن هر شخص آزادي ماڻي.

مارڪس: اسان نوجوان جيڪي جرمني تنظيم جا ميمبر هئاسين اوهان جو اهو ڏوهه ڪڏهن معاف نه ڪنداسين ته اوهان يورپ جي سڀ کان رجعت پرست رياست Prussia جي تعريف ڪئي آهي. پر اسان اوهان جي مابعدالطبعيات جون لڪل معناؤن سمجهي ويا هئاسين ۽ اوهان جي جدليات جو وڏو قدر ڪندا هئاسين. منهنجي ڪنن ۾ اڄ به ”ڳالهه،  ان جي ابتڙ ڳالهه، ٻنهي جو ميلاپ وارا جدليات جا اکر ٻرندا آهن. ڪراؤسي Kruse اوهان جي ان جدليات جي وضاحت ڪندي اسان کي سمجهايو ته پراڻو زمانو ڳالهه آهي. نئون زمانو ان جي ابتڙ ڳالهه آهي ۽ پولي نيشيا Polinesia ٻنهي جو ميلاپ آهي. اسان شاگرد وري ان جو مثال هيئن ڏيندا هئاسين ته اُڃ ڳالهه آهي بيئر ان جي ابتڙ ڳالهه آهي ۽ ميز هيٺيان بيهوش ٿي ڪرڻ ٻنهي جو ميلاپ آهي.

هيگل: منهنجا کاٻي ڌُر جا ٻارؤ. مون تي کلي وٺو، پر ان ڳالهه تي ضرور سوچجو ۽ ڏسو ته منهنجي جدليات جي روشني سان مابعدالطبعيات وانگر تاريخ به ڪيئن روشن ٿي ٿي وڃي. هر دور ۾ تضاد موجود هوندو آهي جيئن اوهان جي سرمائيداري ۾ آهي. ترقي سان اهو تضاد وڌندو ۽ تيز ٿيندو آهي ۽ نيٺ ڏڦيڙ، جنگ، انقلاب ۽ زوال شروع ٿي ويندو آهي. هڪ ٻئي جا مخالف عناصر نئين نموني سان هڪ ٻئي سان جڙندا آهن ۽ نيون شڪليون ٺهنديون آهن ۽ نئين دور جي شروعات ٿيندي آهي. ان اصول تحت اوهان مستقبل جي پوري ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. هڪ منزل مان ان جي متضاد منزل پئدا نه ٿيندي آهي پر ٻن تضادن جي ميلاپ سان هڪ نئين صورتحال ٺهندي آهي. ائين جڏهن سرمائيداري اشتراڪيت سان ٽڪرائيندي آهي ته ان جو نتيجو اشتراڪيت نه پر رياستي سرمائيداريءَ جي صورت ۾ نڪرندو آهي. انقلاب پسند سرمائيدار ٿي ويندا آهن ۽ پاڻ کي رياست سڏيندا آهن. اهڙي عمل سان گهڻن ماڻهن کي تڪليف پڄندي آهي پر اهڙي عمل سان اسين تاريخ جي اعليٰ منزل تائين پڄي ويندا آهيون.

مارڪس: جي اها ڳالهه آهي ته پوءِ اوهان پنهنجي وقت جي باغين کي آئيندي جا پيغمبر سمجهي سندن آجيان ڇو نه ڪئي. اوهان ڄاڻي واڻي اها غلط ڳالهه ڇو ڪئي ته پراڻي دور جي يونان جي ڀيٽ ۾ پروشيا ۾ وڌيڪ آزادي هئي. اوهان جو چوڻ هو ته پروشيا تاريخ جي عظيم تهذيب جي نمائندگي ٿي ڪئي ڇاڪاڻ ته پروشيا ۾ بادشاهت هئي. جنهن جا اوهين علمبردار هئا. ان ڪري اوهان تاريخ کي اٿلائي پٿلائي ثابت ڪيو ته ادنيٰ منزل ۾ فقط هڪ شخص آزاد هوندو آهي. ٻي اسٽيج تي جتي رڳو ٿورا ماڻهو آزاد هوندا آهن اتي شاهوڪاريت يا جمهوريت هوندي آهي ۽ آخري اسٽيج تي جتي سڀ آزاد هوندا اتي بادشاهت هوندي آهي... الا بادشاهت! اوهان قومن جي ائين ورڇ ڪئي ۽ انهن کي ائين ٺاهي رکيو جيئن ٻار پوسٽ جون ٽڪليون ٺاهي رکندو آهي ۽ اوهان اهو اصول ٻڌايو ته تهذيب جي ترقيءَ جو عمل مغرب ڏانهن ڌڪيندو ٿو وڃي ۽ ڪا به تهذيب جيتري وڌيڪ مغربي هوندي اوتري ئي وڌيڪ ترقي ڪيل هوندي نتيجي طور اوهان شام جي تهذيب کي چبن جي تهذيب کان مٿاهون ڏيکاريو. ان اصول کي آڏو رکندي اوهان کي گهربو هو ته اوهان آمريڪا کي جرمني کان مٿاهون ڏيکاريو پر اِتي اوهان وطن پرستي ڏيکاري.

هيگل: حالتون ئي اهڙيون هيون.

مارڪس: ائين نه آهي، اوهان ڪٿي به هجو، حقيقت ساڳي هوندي آهي.

اناطول فرانس: اوهان ائين پيا ڳالهايو ڄڻ اوهان حقيقت جي ته تائين پڄي ويا آهيو، ايڏي يقين سان ڳالهه نه ڪيو، شايد ته حقيقت جو ڪو وجود ئي ڪونهي.

ڪارلائل: هن پوڙهي کي به ٻه اکر ڳالهائڻ ڏيو. جيئن ته اوهان غير معمولي انسان کي تاريخ مان ڪڍي ڇڏيو آهي، ان ڪري بحث ۾ اوهان ڪنهن نتيجي تي ڪونه پهتا آهيو. منهنجو خيال آهي ته عالمگير تاريخ يعني هن دنيا ۾ انسان جي حاصلات جي تاريخ انهن عظيم انسانن جي تاريخ آهي جن وڏا ڪم ڪيا. اهي عوام جا اڳواڻ هئا. نمونا ۽ آدرش هئا ۽ وسيع مفهوم ۾ هو هر ان شيءِ جا خالق هئا جيڪا انسان خلقي يا حاصل ڪئي آهي. دنيا ۾ جيڪا به شيءِ اسان کي مڪمل حالت ۾ نظر اچي ٿي اها هن دنيا ۾ موڪليل عظيم انسانن جي انهن خيالن جي تجسيم ۽ مادي صورت آهي جيڪي سندن دماغن ۾ پئدا ٿيندا رهيا. ڏٺو وڃي ته ساري دنيا جي تاريخ جو روح انهن عظيم انسانن جي تاريخ آهي. جيڪڏهن اسان هي چڱي طرح سمجهي سگهون ته پوءِ سمجهو ته اسان دنيا جي تاريخ جي روح کي سمجهي ورتو.

وليم جيمز: واه سائين واه، اوهان وڏي ڪم جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڪار لائل: وقت اچي ويو آهي ته اسين انهن خيالن جي تهه تائين پڄون جن تاريخ ۾ چرپر پئدا ڪئي.

هيگل: مهرباني ڪري ماٺ ڪيو، خيال ئي هر دور جو روح هوندا آهن. يعني ته هر دور جو روح ان دور جي سوچ ۽ احساس هوندا آهن. جنهن دور جي تاريخ ۾ جيڪي به موجود آهي اهو ان دور جو روح آهي (مون کي خبر پئي آهي ته Herr lamprecht  هن دور ۾ اها مون واري تي ڳالهه ٿو ڪري ۽ پنهنجي چوري کي لڪائڻ لاءِ جنهن کي مون Zeitgeist يعني دور جو  روح چيو ان کي هو ”سماجي نفسيات“ ٿو چئي) جيڪڏهن ڪا غير معمولي شخصيت پنهنجي دور جي روح سان هڪ ٿي نه سگهندي آهي ته اها ختم ٿي ويندي آهي. اهي عظيم شخصيتون جن کي آئيندي جا نسل بزرگ ۽ اعليٰ مڃيندا آهن اهي ضروري نه آهي ته پاڻ کان اڳ وارين شخصيتن کان اعليٰ هجن. هنن کان اڳ وارن تهذيب هنن جي تعمير ڪئي پر هنن کان پوءِ اچڻ وارن جي اها خوش قسمتي هوندي آهي ته هو عظمت جي اوساري ۾ آخري سِرَ رکندا آهن. هنن کي ان ڳالهه جي خبر ڪا نه هوندي آهي ته هو پنهنجي دور جي عام شعور جو اظهار پيا ڪن. پر هنن کي پنهنجي دور جي گهرجن جي خبر هوندي آهي. هنن کي خبر هوندي آهي ته ترقي لاءِ ڪهڙي شي ضروري آهي. عظيم شخصيتون تخليق کان وڌيڪ دائيءَ وارو ڪم ڪنديون آهن ۽ جيڪي زماني جي ڪک ۾ هوندو آهي ان کي ٻاهر اچڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.

ڪار لائل: هيگل سائين، مون کي اوهان جي دائين جي باري ۾ ڪا گهڻي ڄاڻ ڪانهي پر مون کي اها خبر آهي ته ڪرامويل نه هجي ها ته تاريخ اها نه هجي ها جيڪا هاڻي آهي. ساڳي ڳالهه نيپولين ۽ فريڊرڪ لاءِ به چئي سگهجي ٿي. جيڪڏهن نيپوليئن جو وجود نه هجي ها ته انسانيت ڪڏهن به فرانس جي انقلاب کي معاف نه ڪري ها. عظيم شخصيتن کي نه مڃڻ جو انجام دهريت آهي.

نٽشي: (پنهنجي ليکي) عظيم انسانن جي پرستش ديوتائن جي پرستش جو يادگار آهي. پر اڄڪلهه ڪو به عظمت جي تعظيم ۽ احترام ڪرڻ نٿو ڄاڻي. ديوتا سڀ مري ويا آهن. هاڻي اسين ڪنهن عظيم انسان جا منتظر آهيون.

والٽيئر: هي همراهه چرياڻ آهي ڇا؟

اناطول فرانس: هي مجذوب آهي.

وليم جيمز: تاريخ جي عظيم شخصيتن واري ڳالهه مون کي وڻي ٿي. اهي ڪهڙا سبب هوندا آهن جن جي ڪري هڪ نسل جا ماڻهو ٻئي نسل جي ماڻهن کان مختلف هوندا آهن جن سببن جي ڪري راڻي اين جو انگلستان راڻي ايلزابيٿ جي انگلستان کان گهڻي قدر مختلف آهي. مارڪس صاحب ٿو چئي ته تبديليون فردن ۽ سندن اثرن کان بي نياز هونديون آهن. مان اها ڳالهه نٿو مڃان، جدا جدا دورن ۾ جيڪي فرق هوندا آهن اهي فردن جي مجموعي اثر، سندن قائم ڪيل مثالن ۽ سندن پيشقدمين ۽ سندن فيصلن جي ڪري پئدا ٿيندا آهن. مارڪس صاحب، فرد تاريخ تي پنهنجا اثر وجهندا آهن ۽ ماڻهو سندن اڳواڻي قبول ڪندا آهن. جرمني جيڪا الاهيات ۾ غرق هئي تنهن کي بسمارڪ فوجي ۽ سامراجي ملڪ بڻائي ڇڏيو. فرانس ٿڪل، ويگاڻو، رضا تي راضي رهڻ وارو ملڪ هو. نيپولين ان کي پنهنجي شخصيت جي جادو ذهانت ۽ عمل سان عظمت پسند بڻائي ڇڏيو. ٿيوڊور روزيلٽ به آمريڪا کي گهڻي ڀاڱي نئين زندگي ڏني. مان ايمرسن جو هم خيال آهيان جنهن چيو هو ته مان چيني مينيڪس Menicus جو اهو قول مڃان ٿو ته وليءَ جي شخصيت هڪ سو زمانن جي استاد هوندي آهي. Loo جون جڏهن ڳالهيون ٿيون ٻڌجن ته بي عقل ماڻهو، عقلمند ۽ ٻڏتر ۾ پيل ماڻهو ارادي جو پڪو ٿيو وڃي. منهنجو رايو آهي ۽ موسيوٽارڊ مون سان هم راءِ ٿيندو ته تاريخ جي باري ۾ منهنجو تصور اڻ پورو رهجي ويندو جيڪڏهن مون تاريخ ۾ عظيم ماڻهن جي اهل ڪرڻ وارو نظريو شامل نه ڪيو.

ٽارڊ: منهنجا هم عمر دوست، مان اوهان سان هم خيال آهيان. دنيا ۾ وڏا ۽ ننڍا ٻئي ماڻهو آهن. اهي وڏا ماڻهو هوندا آهن جيڪي تبديليون آڻيندا آهن. اوهان ڪن به جاگرافيائي، نسلي ۽ معاشي حالتن کي سامهون رکو. انهن حالتن ۾ ڪنهن نه ڪنهن کي ڪنهن تبديلي يا واقعي لاءِ پهريون قدم کڻڻو پوندو. ننڍو ماڻهو ڊپ وچان ڪڏهن به پهريون قدم نه کڻندو. شايد ته هن جي دماغ ۾ اهڙي قدم کڻڻ جو خيال ئي نه ايندو ۽ نه ئي کيس ضرورت محسوس ٿيندي. هن لاءِ پنهنجون رسمون ۽ رواج ڪافي هوندا آهن پر وڏو ماڻهو تبديليءَ جي ضرورت کي محسوس ڪندو آهي. سوچيندو آهي ته تبديلي اچي ويندي آهي. ڪڏهن هو ناڪام ٿيندو آهي پر جڏهن ڪامياب ٿيندو آهي ته هن کان هيٺاهين مٿاڇري وارا ماڻهو سندس پيروي ڪندا آهن ۽ پوءِ سندس پيروي ڪرڻ جو رواج ساري سوسائٽي ۾ پکڙجي ويندو آهي. جپان ۾ هڪڙي واپاريءَ مغرب وارن جي اهل ڪئي. ڏهن ماڻهن وري هن جي پيروي ڪئي. پوءِ سوين ماڻهن ڪئي ۽ نيٺ ساري جپان ۾ تبديلي اچي وئي. مان ڪيٿولڪ ڇو ٿيس، پيروي ڪرڻ سان، مان فرانسي ڇو آهيان، هيگل صاحب، مان اوهان کان رڳو نسل ۽ رت جي ڪري نه پر اٿڻي ويهڻي، عادتن، ٻولي، رواج ۽ احساسن ۽ سوچ جي انداز جي ڪري به مختلف آهيان. اهل ۽ پيروي جي ڪري. اهل ۽ پيروي جي تاريخ اصل ۾ تاريخ جي جان آهي، مالي ۽ جاگرافيائي حالتن جي پٺيان حياتياتي قوتون ۽ فطرت جو اهو اصول ڪم پيو ڪندو آهي ته فطرت ڪارائتي شين جي چونڊ ڪندي آهي. عظيم انسان پاڻ تبديلي هوندو آهي ۽ سندس خيال انقلاب هوندا آهن. ڪنهن به دور جو روح ۽ جاگرافيائي حالتون اهڙو ماحول هوندو آهي جنهن ۾ تبديليون ممڪن ٿي سگهنديون آهن. تاريخ معمولي ۽ غير معمولي انسان جي وچ ۾ جنگ جو نالو آهي.

ڪار لائل: اوهان جي وڏي مهرباني، ڌڻي ٿو ڄاڻي ته اوهان واهه جي ڳالهه ڪئي آهي.

لسٽر وارڊ: ان ساري بحث ۾ هڪڙيءَ ڳالهه جو واڌارو ڪرڻ ضروري آهي. تاريخ وڏين وڏين ايجادن جي تاريخ آهي. معاشي تبديلين جي پٺيان پاڻ مرادو ٿيندڙ تبديليون هونديون آهن. انهن جي پٺيان فطري سائنس جي ترقي هوندي آهي ۽ ان جي پٺيان غير معمولي انسان جي اڪيلي سوچ هوندي آهي. ٿي سگهيو ته تاريخ جي عظيم واقعن جهڙوڪ چونڊون، لڏپلاڻ جو سبب غير معمولي انسان نه هجن، پر ايجادون ڪرڻ ۽ نيون ڳالهيون ڳولهي ڪڍڻ وارا عظيم انسان ئي هوندا آهن جيڪي دنيا کي نئين شڪل ڏيندا آهن ۽ نئين نسل کي ان کان اڳ واري نسل کان مختلف ڪندا آهن. علم جو واڌارو تاريخ جو روح آهي

بڪل: اوهان سچ ٿا چئو، ڪنهن به سياسي تاريخ جي تشريح ان جي ذهني ترقيءَ جي تاريخ سان ڪري سگهجي ٿي.

وارڊ: والٽيئر صاحب، اوهان ڄاڻڻ ٿي گهريو ته ڪيئن ماڻهو بربريت مان لنگهي تهذيب تائين پهتو. مان ٿو اوهان کي ٻڌايان، ان جو سبب ايجادون آهن، آمريڪا جي تاريخ جا اهم انسان اتان جا صدرَ يا سياستدان نه آهن پر ايجادون ڪرڻ وارا آهن. فلٽن، وٽني، مورس، ميڪ ڪارمڪ، رائٽ ڀائر ۽ ايڊيسن آهن. انهن جي ڪارنامن جا اثر تڏهن به قائم رهندا جڏهن دنيا آمريڪي سياستدانن کي وساري چڪي هوندي. ٻاڦ جي انجڻ اڻويهين صديءَ جي تعمير ڪئي. بجلي، ڪيميا ۽ هوائي جهاز ويهين صديءَ جي تعمير پيا ڪن.

مارڪس: مان مڃان ٿو ته اقتصادي تبديلين جي پٺيان نيون ايجادون هونديون آهن، پر انهن ايجادن ۽ سائنسي تحقيقن جي پٺيان اقتصادي ضرورتون ڪم ڪنديون آهن. هڪ ٽيڪنيڪل ضرورت ڏهن يونيورسٽين کان وڌيڪ سائنسي عمل کي وڌائيندي آهي. ايجاد هڪ ڊگهي تحقيق جو نتيجو هوندي آهي جيڪا ڪڏهن معمولي ۽ ڪڏهن محسوس نه ٿيندڙ انداز سان وڌندي آهي ۽ ان جو سبب اقتصادي هوندو آهي.

اناطول فرانس: ايجادون زندگيءَ جي ضرورتن مان پئدا ٿينديون آهن ۽ اقتصادي ضرورت انهن مان هڪ آهي. ڪجهه ايجادون ۽ تاريخ جو ڪيترو حصو انسان جي محبت جي ضرورت پئدا ڪيو، جنهن جو ڪو به اقتصادي بنياد نه هو. محبت جڏهن اقتصاديات کي ڇهندي آهي تڏهن مرڻ شروع ڪندي آهي. اوهان واري اقتصادي نظريي جي حوالي سان پڇي سگهجي ٿو ته ڀلا ماڻهو موسيقي ڇو ٿو تخليق ڪري.

مارڪس: مان ان کي حادثو ٿو سمجهان، اهي شيون بنيادي نه آهن. زندگيءَ ۾ انهن جي اهميت اهڙي ئي آهي جهڙي ڏامر يا صابڻ جي.

نشٽي: موسيقيءَ کانسواءِ زندگي غلطي آهي.

اناطول فرانس: هاڻي بحث کي ڇڏيون ٿا، سائين موشڪو- سائين بڪل، سائين رٽيل! اسين زمين تي ٿا رهون ان ڪري اسان کي هميشه زمين جي قانونن جي پابندي ڪرڻي پوندي. اسان زمين جي حد مان نڪري وينداسين ۽ ڪڏهن ائين به ٿيندو ته هماليه تي اڏامنداسين. گرانٽ صاحب، ائين به ٿي سگهيو ته ڪي نسل گهڻو وقت ڪنهن سازگار ماحول ۾ رهڻ جي ڪري جسماني، رت ۽ ذهني صلاحيتن جي لحاظ کان ڪن ٻين نسلن کان مٿاهان هجن، پر اهي اعليٰ نسل وارا رڳو هزار سالن لاءِ ادنيٰ نسل وارن سان پنهنجو ماحول مٽائن، پوءِ ڏسو ته ڇا ٿو ٿئي. مارڪس صاحب کي مان چئي نٿو سگهان ته هو پنهنجي سوچ مٽائي ۽ سمجهي ته اوهان به صحيح آهيو. مون کي خبر آهي ته منهنجي ڳالهه کيس مطمئن نه ڪندي. هيگل سائين، اوهان ۽ عظيم شخصيتن واري نظريي جي آدرش کي مڃيندڙ جيڪڏهن جيمس صاحب، نارڊ صاحب ۽ ڪارلائل صاحب، اوهانجي”دور جي روح“ واري نظريي کي اهڙو ذهني ماحول سمجهي قبول ڪن جيڪو عظيم شخصيتن جي چونڊ ڪندو آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ لاءِ دلين ۾ ٿورو به شڪ آڻيون ته هوند اسان هڪ ٻئي جا هم خيال ٿي وڃون... مان پنهنجي لاءِ چئي سگهان ٿو ته مان ان ڳالهه کانسواءِ ته عظيم شخصيتون تاريخ جو سبب هونديون آهن يا نه مان عظيم شخصيتن کي مڃيندو رهندس. مان فرانس جي ڏهن ماڻهن کي سڄي فرانس تي فوقيت ڏيان ٿو. اها ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته تاريخ لکڻ مهل تاريخ جا عظيم واقعا جن جو سبب ڪهڙو به هجي. عظيم ماڻهن جي واتان بيان ٿيندا آهن. مان سچ ٿو چوان ته اوهان جي انگن اکرن مان ماضي منهنجي آڏو ايڏو واضح نه ٿيندو آهي جيترو عظيم انسانن جي نظرن سان واضح ٿيندو آهي مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي ڌاڳا جن سان ماضي اڻيل آهي سي سڀ اسان جي رهنمائي لاءِ عظيم انسانن جي صورت ۾ هڪ ٿي ويا آهن. اسان گوئٽي کانسواءِ ڪيئن جرمني کي سمجهي ۽ معاف ڪري سگهون ٿا. شڪسپيئر کانسواءِ انگلستان کي، والٽيئر کانسواءِ فرانس کي سمجهي نٿو سگهجي.

والٽيئر: گهڻي دير ٿي وئي آهي. هاڻي ته غيرفاني انسانن جي به ننڊ جو وقت ٿي ويو آهي.

اسان پهاڙيءَ کان پنهنجي گهر ڏانهن ٿي وياسين ته فلپ چيو: هن پوڙهي سچ ٿي چيو، انهن سڀني نظرين کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڏٺو وڃي ته اهي بي معنيٰ لڳندا. پر جيڪڏهن انهن کي ملائي ڏٺو وڃي ته اهي بامعنيٰ ٿي ويندا. مان ڇيد ڪرڻ کان بيزار ٿي ويو آهيان ۽ ترڪيب جو خواهشمند آهيان. مون چيو ته اڄ رات سڀ کان وڌيڪ عقل جي ڳالهه والٽيئر  ڪئي جيڪا اصل ۾ ڪروچي جي چيل آهي ته تاريخ رڳو فلاسفرن کي لکڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته فلاسفر واقعن کي ڪُل ۾ ڏسندا آهن. ساري ڳالهه ان جملي ۾ چيل آهي.

ايريئل چيو: تون اها ڳالهه وسارين ٿو ته تاريخ تمام وڏي ۽ گهڻ رخي هوندي آهي. ماڻهو جيڪڏهن رڳو ڀاڄين تي گذارو ڪري تڏهن به هو ايترو جيئرو نٿو رهي سگهي جو تاريخ جي رخن جو احاطو ڪري سگهي.

”سچ ٿي چئين“ مون چيو ”اسان کي اهڙا ماهر گهرجن جيڪي فلاسفرن کي سائنسي مواد وانگر تاريخ جو مواد مهيا ڪن. پر جيڪڏهن انهن علمن ۾ هم آهنگي ۽ ربط نه هوندو ته پوءِ ڳالهه ڏاڍي نقصانڪار ٿي پوندي. فلسفي جو سائنس سان اهڙو ئي تعلق هئڻ گهرجي جهڙو تاريخ سان.... انهن ۾ مڪمل هم آهنگي هئڻ گهرجي.

اسان ٿوري دير لاءِ ستارن ۽ ديوتائن مان مدهوشي ماڻيندا ماٺ ڪري هلندا رهياسين ۽ پوءِ فلپ چيو ”اوهان کي خبر آهي ته اسان جي تاريخ جي هن بحث سان تاريخ لکڻ جو هڪ نئون انداز سامهون آيو آهي، گهڻو ڪري جڏهن به ڪو ماڻهو تاريخ لکندو آهي. مثال ڪو ماڻهو يونان جي تاريخ ٿو لکي ته هو گهڻو ڪري يونان جي سياسي يا وڌ ۾ وڌ اقتصادي زندگيءَ جي باري ۾ لکندو. يا وري يونان جي صنعت ۽ تجارت جو جائزو پيش ڪندو. ڪو يونان جي مذهب جي تاريخ مرتب ڪندو. ڪو ادب، يونان جي سماجي زندگي ۽ يونان جي آرٽ جي تاريخ لکندو ۽ پوءِ اسان شاگردن مان اميد ڪئي ويندي ته اسان تاريخ جي انهن جدا جدا حصن کي پاڻ ۾ ڳنڍي يونان جي گهڻ رخي ۽ ڳوڙهي زندگيءَ جو هڪ مربوط تصور قائم ڪيون يعني ته اسان اهو ڪم ڪيون جيڪو وڏا وڏا عالم تاريخ نويس ڪري نه سگهيا. ماڻهن جي زندگيءَ کي جدا جدا حصن ۾ ورهايو ويندو آهي. هر حصي کي ٻئي حصي کان هٿرادو نموني سان ڌار ڪيو ويندو آهي ۽ اسين ان جو هڪ رخو مطالعو ڪندا آهيون. وقت ۽ تسلسل جي نقطه نگاهه کان ڏسندا آهيون ۽ انهن حصن ۾ جيڪو اندريون لاڳاپو هوندو آهي، جنهن جي ڪري اهي هڪ ٻئي تي پنهنجو پنهنجو اثر ڇڏيندا آهن ۽ اُنهن ۾ روشني بخشڻ وارو ٽڪراءُ هوندو آهي ۽ ساڳئي وقت هو هڪ ٻئي جي ٽيڪ به هوندا آهن اسان انهن شين کي نظر ۾ نٿا رکون. ماضي کي بيان ڪرڻ جو اهو ڪهڙو نه عجيب انداز آهي.

”اڄڪلهه جي فلاسفرن ۾ جرات ڪانهي“ مون ڄڻ ته ميار ڏيندي چيو. ”هو ننڍين ننڍين ڳالهين تي بحث ٿا ڪن، مثال ته افلاطون جو مطلب الف هو يا ب هو. سچ آسمان ۾ آهي يا اسان جي دماغ ۾ ۽ ڇا موسميءَ جو رنگ اوندهه ۾ به هيڊو ئي هوندو آهي يا نه، منهنجي خيال ۾ ڪليسا جڏهن کان ماڻهن کي اهو ٻڌائڻ ڇڏي ڏنو آهي ته هو ڇا سوچن تڏهن کان ماڻهو ڪائنات کان ڊڄي ويا آهن.

فلپ چيو منهنجي دماغ ۾ هڪڙو خيال آيو آهي ته تاريخ انڪري هڪ رخي لکي ٿي وڃي جو تاريخ نويس رڳ هڪڙو موضوع ٿا کڻن جيئن سياست، فلاسافي يا سائنس ۾ گهڻي وقت کان ٿيندڙ ان جي جوڙجڪ ۽ اوسر جي باري ۾ ٿا لکن. اهڙي تاريخ کي ايريئل بي ربط تاريخ ٿي چئي. انهن موضوعن جو الڳ الڳ مطالعو بيشڪ ته ڏاڍو اهم آهي پر ڇو نه انهن سڀني موضوعن جي ڳنڍيل تاريخ لکجي. ماڻهو ڪو هڪڙو دور کڻي جيئن پريڪلس يا والٽيئر جو دور ۽ رڳو هڪڙي صدي يا هڪڙي نسل جي جدا جدا رخن جيئن اقتصادي، سياسي، فوجي، سائنسي، فڪري، مذهبي، اخلاقي، ادبي، ڊرامائي، فني تاريخ لکي ۽ اهڙي طرح تاريخ کي هڪڙي سانچي ۾ آڻجي. اسان جو مسئلو هي آهي ته اسان ارتقا جي تصور جي وڏي اثر ۾ آهيون ۽ هر هڪ شيءِ کي تسلسل جي نظر سان ڏسندا آهيون. مثال اسان جو خيال آهي ته افلاطون جي فلسفي جو سبب سقراط جو فلسفو هو. ارسطوءَ جي فلسفي جو افلاطون ۽ اسپنوزا جي فلسفي جو سبب ڊي ڪارٽ جو فلسفو هو. پر ائين نه آهي، هڪ واقعن جا سبب رڳو انهن کان اڳ ان ساڳي ميدان ۾ پيش آيل واقعا نه هوندا آهن، پر ڀرپاسي ۾ ٻين ميدانن جون حالتون به انهن واقعن تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن. ٿي سگهيو ته افلاطون جي فلاسافيءَ ارسطو کي ايترو متاثر نه ڪيو هجي پر هن جي دور جي سياسي ۽ ثقافتي حالتن وڌيڪ اثر ڪيو هجي. مثال انهن تقريرن جو جيڪي هن ٻڌيون يا ٿيٽر جا اهي ڊراما جيڪي هن ڏٺا يا انهن بتن کي جيڪي هن عبادتگاهن ۽ چوواٽن تي ڏٺا. ائين ئي ارسطو جي خيالن تي به ميسيڊون جي دوستن جي مدرسي ۾ پنهنجي استاد کان وڌيڪ اثر پيو هجي ”واه واه! واه جون ڳالهيون پيو ڪرين“ ايرئيل چيو.

”مون تي کل نه ايريئل، مان سنجيده آهيان، مان هڪ مڪمل لکيل تاريخ ڏسڻ ٿو گهران. مان ڪنهن هڪ دور جي عورتن ۽ مردن جي ڪمن کي هڪ اڪيءَ ۾ ڏسڻ ٿو گهران، جيڪي پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل به هجن ته هڪ ٻئي کان ڌار به، پر ساڳئي وقت هڪ ٻئي تي اثر انداز به ٿيندا هجن. مان ماضيءَ کي جيئن اهو حقيقت ۾ هو تيئن پيش ٿيل ڏسڻ ٿو گهران، پوريءَ طرح ڳنڍيل!نيپولين جي دور کي وٺو، ڏسو ته سياسي حالتن جو معاشي حالتن تي ڪيترو نه دارو مدار هو. انگلستان جي سون ڪيئن نيپولين جي جنگين جو فيصلو ڪيو. ويلنگٽن جي پٺيان روٽس چائيلڊ هو.  ڏسو ته ڪيئن ان زماني جي ادب هنن جي مذهبي ۽ ان زماني جي ادب، مذهب ۽ سياسي مسئلن جي عڪاسي ٿي ڪئي. مثال؛ شيلي، بائرن ۽ شاتيوبرانڊ جي شاعري.... هنن جي فن ڪيئن روم جي انقلابي نقاليءَ تي چٿر ٿي ڪئي. ٽالما روزڪس جي اهل ڪندي اسٽيج تي آڪڙجي ٿي گهميو، موسيقيءَ جو انداز ڪيئن رومانوي ۽ مجاهداڻو ٿي ويو ۽ ڪنهن وقت بيٿوون شعوريءَ طرح انقلابي جذبن ۽ نيپولين جي عظمت جي عڪاسي ٿو ڪري. هي سمورو دور هڪ هو ۽ نه رڳو فرانس،  اولهه روس ۽ سارو يورپ هڪ هو. مون کي ان دور جي اهڙي تاريخ گهرجي جيڪا مون کي ماضيءَ کي هر رُخ کان ائين ڳنڍيل ڏيکاري جيئن اُهو ان وقت هو.

”تون تمام گهڻي اميد ٿو ڪرين جيڪا پوري ٿيندي نظر نٿي اچي. ايريئل چيو.

مون چيو ” ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن هڪ دور ۾ سڀني موضوعن جو ائين مطالعو ڪري سگهجي جيئن سڀني دورن جو ڪنهن هڪ موضوع ۾ مطالعو ڪجي. والٽيئر جي دور جي تاريخ لکڻ ائين ممڪن هئڻ گهرجي جيئن گبن جي ”روم جي سلطنت جو عروج ۽ زوال“، يا قانون جي تاريخ يا وري گروٽ جي ”يونان جي تاريخ“ اصل ۾ فلپ Symonds نشاة الثانيه جي تاريخ جا ست جُلد لکي تنهنجي ڳالهه پوري ڪئي.

”سچ ٿو چيئن، اها واقعي اعليٰ درجي جي تاريخ آهي. مان چاهيان ٿو ته هر دور جي اهڙي تاريخ لکجي. ٿورو سوچ ته سهي ته اسان جو تاريخ ۽ انساني زندگيءَ جي باري ۾ تصور ڪيڏو چڱو ٿي وڃي جيڪڏهن اهڙا لکيل ڪتاب ملن، اسان جو تصور اڃا به چڱو ٿئي ۽ اسان وڌيڪ بهتر انسان ٿي وڃون جيڪڏهن اسان ائين مڪمل ۽ مربوط تاريخ پڙهون، ڪٿي آهن گوئٽي، ليونارڊو ۽ ارسطو جيڪي مربوط نظرين جا ديوتا هئا.“

”تون پاڻ اهڙي تاريخ ڇو نه ٿو لکين فلپ ”ايريئل چيو“ ائين ڪري ڏيکار ۽ مثال قائم ڪر.“

”مان به چاهيان ٿو ته اڻويهين صدي جي تاريخ اهڙي انداز سان لکان ٿو گهران. پر پاڻ ۾ ايڏي لياقت نه سمجهندي ان کي يورپ تائين محدود رکڻ ٿو گهران، پر اهو ڪم به ڪنهن هڪ ماڻهوءَ جي وس جو نه آهي. شايد اسان سڀئي گڏجي اهو ڪم ڪري سگهون. توهان مون سان شريڪ ٿيندا، ڏسو ته ويهين صدي پاڻ پنهنجي جاءِ تي ڪيڏو وڏو ڊرامو آهي. انقلاب ، فوجي انقلاب، ادب ۽ فن جو عظيم شخصيتون! ان ڊرامي جي ترتيب هن ريت هوندي.

پهريون ايڪٽ:نيپولين،

ٻيو ايڪٽ: روماني دور

ٽيون ايڪٽ: حقيقت پسندي جو دور

چوٿون ايڪٽ: استعماري دور

پوري صدي کي هڪڙي دور ۾ ماپائي ڇڏڻ ڪيترو وڻندڙ ڪم آهي. اڻويهين صدي جي يورپ جي وکريل ڳُتيل ۽ شاندار زندگيءَ کي ڳنڍي هڪ ڪرڻ شاندار ڪارنامو ٿيندو.“

اچو ته ٽيئي گڏجي ڪم شروع ڪيون ”ايريئل چيو“ مان عورتن جو مطالعو ڪندس. اهو ڪم ڪڏهن شرع ڪيون؟“

”سڀاڻي کان“ فلپ چيو.

”پر هڪڙي ڳالهه آهي جنهن جي ڪري مان انهن غيرفاني هستين کان غير مطمئن آهيان. هنن اسان کي اهو نه ٻڌايو آهي ته تاريخ ترقي ڪري پئي يا نه يا اسان مستقبل جي باري ۾ ڪا اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا يا نه؟

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org