سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:17 

باب سترهون

سياست جو فلسفو

 

آزاديءَ جي ساراهه ۾

شراب ۽ آزادي

تمام گهٽ ماڻهن ان عجيب ڳالهه کي محسوس ڪيو آهي ته دنيا جي سياست ۽ اقتصاديات ۾ قدامت پرستي وڌي آهي پر مذهب، اخلاق، سائنس، فلسفي، ادب ۽ فن ۾ آزادي تمام گهڻي وڌي آهي ڄڻ ته ٻئي هڪٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، اسان پنهنجي لاءِ اهڙن حاڪمن جي چونڊ ڪئي آهي جيڪي صنعت جي ديوتائن جا نمائندا آهن، ۽ اسان وقتي طور مالڪ ۽ مزور جي لاڳاپن جي نئين تجربي جي امڪان کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اسان انهن سرڪاري ڪامورن کي اُلوهين واري مڃتا ڏني آهي جن ۾ سڀ کان وڏي خوبي بزدلي آهي. اسان باغين ۽ مصلحن کي ايڏي حقارت سان ٿا ڏسون جو انهن کي هاڻي ظلم جي لائق به نٿا سمجهون، دنيا جي ملڪن جا گاديءَ جا هنڌ ۽ حڪومتون احتياط جي آڏو بي وس ٿي ويا آهن ۽ اتي جيڪڏهن ڪا تبديلي اچي ٿي ته رات جي اونداهيءَ ۾ اوچتي ٿي اچي. پر حيرت جي ڳالهه آهي ته سرڪار وٽ نواڻ کي ڪا غيراخلاقي شيءِ سمجهي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي جڏهن ته شهرن ۾ اخلاق ۽ ادب ۾ نواڻ تمام گهڻي آهي. پراڻي عقيدي ۽ اخلاقي قدرن کي ائين رد ڪيو ٿو وڃي جو پراڻي جڳ جي ماڻهن تي اخلاقي ڪنبڻي طاري ٿي ٿي وڃي ۽ ڪا پوڙهي آڱر اشارو ٿي ڪري ته سماج بادشاهي روم وارو ٿي ويو آهي.

سائنس سمجهي ٿي ته اُن قدامت تي فتح حاصل ڪئي آهي ۽ سرشاريءَ ۾ ان مشيني عقييدي ڏانهن پئي وڌي جيڪو زندگيءَ کانسواءِ هر شيءِ سان انصاف ڪري سگهي ٿو. نوجواني گهوڙي تي سوار آهي، اها دولت سان نوازيل آهي، ۽ کيس موقعا ميسر آهن، هن جي هٿ ۾ قلم آهي جنهن سان هوءَ اخبارن جو پيٽ ٿي ڀري، ادب هر مڃيل اصول ۽ پهرين قائم ٿيل مثال کي ٽوڙي ٿو. جرائت واري ادبي تجربي جي وڏي ۾ وڏو نقاد تعريف ٿو ڪري ۽ ڪوبه شخص ڪلاسيڪي ادب جي تعريف ڪري نٿو سگهي، شاعري ۽ مصوريءَ ۾ انقلابي تبديليءَ جو رواج آهي، جيئن سياست ۾ رجعت پسندي ۽ رواجي صلاحيتن جي قدردانيءَ جو رواج آهي، اسٽيج ماڻهوءَ جي جسم جو آسماني حسن ڳولهي لڌو آهي. ڪپڙا جمالياتي لحاظ کان فنڪاراڻي اوگهڙ جا مظهر آهن. ۽ شراب جيڪو ڪڏهن رسوائيءَ جو سبب هو هاڻي هر گفتگو جي محفل ۾ موجود آهي ۽ هر گهراڻي لاءِ فخر جو باعث آهي، اهو رياست جي با اختياريت ۽ فرد جي آزاديءَ جو عجيب ميلاپ آهي.

اسان ان کِل جهڙي صورتحال جي ڪيئن وضاحت ڪيون، ان صورتحال جو ڪنهن حد تائين هڪ سبب دولت آهي، جيڪا اسان کي سياست ۾ بزدلاڻي قدامت پرستي ۽ اخلاق ۾ انقلابي بي ڊپائي ٿي عطا ڪري، جڏهن کيسا دولت سان ڀريل هجن ته پوءِ تياڳ ايڏوئي ڏکيو هوندو آهي، جيڏو انقلابي ٿيڻ ڏکيو هوندو آهي، پارسائي زهر سان ڪانه مئي آهي سون ۽ چانديءَ سان مئي آهي. اها حالت گهڻي قدر اسان جي دلين جي متضاد ڪيفيتن مان پئدا ٿي آهي، اسان جو روح آزاديءَ جي سرشاري به گهري ٿو ته ساڳئي وقت مضبوط نظام به جنهن ۾ هو تحفظ حاصل ڪري سگهي، هڪ ئي وقت طاقت جي تحفظ ۽ ڊپ ۾ رهندي پنهنجي آزاديءَ تي فخر به ڪندو آهي، ته پوليس تي اعتماد به ڪندو آهي، ڪڏهن اسين انارڪسٽ ٿي ويندا آهيون ۽ ڪڏهن آمرن جا ڳڻ ڳائيندا آهيون. آمريڪا ۾، جيڪا آزادي ۽ سورهين جي سرزمين آهي، اسان آزاديءَ کان ٿورا ڊنل هوندا آهيون، اسان جا وڏا اخلاقي معاملن ۾ روايت پرست هئا پر سياست ۾ آزاد خيال هئا. اخلاق جو احترام ڪندا هئا پر رياست سان جهيڙيندا هئا. اسان رياست کي خدا ٿا سمجهون پر اخلاق کي ڪا اهميت نٿا ڏيون. اخلاق جي معاملي ۾ اسان لذت پرست آهيون پر رياست جي لکين قانونن جي تابع به آهيون، اسان سياست ۾ غلام آهيون ۽ شراب نوشيءَ ۾ آزاد آهيون.

هيءَ ڳالهه سچ پچ ته انڪشاف آهي ته جڏهن ڪو آمريڪي آزاديءَ جي ڳالهه ڪندو آهي ته سندس اشارو ذهن ڏانهن نه پر پيٽ ڏانهن هوندو آهي، ڪيترا ورهيه اڳ آمريڪا جي فيڊريشن آف ليبر انقلاب جو ڌڙڪو ڏنو هو. ان جو سبب آزاد واپار نه هو پر شراب تي پابندي هو. اڄ آمريڪي شهريءَ جو آزاديءَ جو تصور اهو آهي ته هر شريف ماڻهوءَ کي شراب پيئڻ جي آزادي هئڻ گهرجي ۽ هر عورت پوريءَ طرح آزاد خيال هجي. هن کي ان ڳالهه سان واسطو ڪونهي ته هڪڙي پولش مهاجر کي ميسا چيوسيٽيس Massachu Settes جي عدالت ان ڳالهه تي ذري گهٽ ڦاسي ٿي ڏني جو هن پراڻي عقيدي تي شڪ ڏيکاريو هو يا پينسپسلونيئا Panneslvania ۾ پُر امن جلوس کي فوجي رستي روڪي ڇڏيو هو، يا ان ڳالهه سان ته پوڙها جيڪي قدامت پرستيءَ جا نمائندا آهن ۽ جيڪي ڪراڙپ جي احساس ۽ ڊپ کي ٻاراڻي دينداريءَ سان ختم ڪرڻ گهرندا آهن. اهو قانون منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته حياتيات جي سائنس تي قانوني پابندي وڌي وڃي ۽ ڊارون کي قانون سازيءَ سان ڪوڙو ثابت ڪيو وڃي. هنن لاءِ جي شراب پيئڻ جي آزادي هجي ۽ سوچ جي آزادي نه هجي ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي. شراب نوشي پهريان ۽ فلسفو  پوءِ آهي.

قانون اسان کان اسان جي آزادي نٿو کسي، ذهني سستي ٿي کسي، تعليم جي مقرر ڪيل معيارن، ماڻهن جا هجوم ۽ اجتماعي تحريڪون اسان کي شخصيت، ڪردار ۽ انفرادي سوچ کان ٿيون محروم ڪن. جيئن گروهه وڌندا ٿا وڃن تيئن فرد مِٽبا ٿا وڃن، اظهار جي وڌندڙ وسيلن نقل ۽ پيرويءَ کي سولو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسين سڀ وڏي تيزيءَ سان هڪ جهڙا ٿيندا ٿا وڃون. اسان کي، لباس، اٿڻ ويهڻ، اخلاق، گهر جي اندروني سجاوٽ، اسان جي هوٽلن ۽ اسان جي ذهنن جي يڪسانيت سان، مزو ملندو آهي. ڪهڙي خبر ته اسان جي اخلاقي آزادي نقالي نه هجي ۽ شراب به سوزاڪ وانگر شايد انڪري پسند ڪيو ٿووڃي جو ان کانسواءِ مڙد کي مڙد نٿو سمجهيو وڃي.

ٿوري گهڻي بغاوت جمود کان بهرحال بهتر آهي، ٿي سگهي ٿو ته آزاديءَ جو اهو نشو اسان جي ذهن ۾ داخل ٿئي ۽ اسان سوچڻ شروع ڪيون، اها سٺي ڳالهه آهي ته اسان قانون جي زور تي اخلاق کي مڙهڻ جي مخالفت ٿا ڪيون. ماڻهوءَ کي اُتساهيندڙ ۽ سڪون بخشيندڙ شراب کان رڳو انڪري جهلڻ، جو شراب جي نشي ۾ ڪي ماڻهو غلط سلت هلندا آهن، حڪومت جي نا بلوغت جي نشاني آهي. حڪومت ٻن چئن بيوقوفن کي جهلي نٿي سگهي ۽ سڀني کي بيوقوف ٿي بنائي. تهذيب شراب کان سواءِ ناممڪن آهي، تهذيب پاڻ تي ضابطو رکڻ کانسواءِ ناممڪن آهي، ۽ جتي آزادي نه آهي اتي پاڻ تي ضابطو رکڻ ممڪن نه آهي. موشڪو چيو هو ته اهي شيون جن کان خودداري اسان کي جهلي ٿي انهن کان جيڪڏهن قانون نه جهلي ته ماڻهو انهن کان جهل ۾ اچي وڃي. اسان جيڪڏهن شراب گهٽ پيئڻ جي تشهير ۽ تلقين تي انهن پئسن جي اڌ جيترا پئسا خرچ ڪيون ها جيڪي اسان شراب تي پابندي وجهڻ تي خرچ ڪيا ته هن مهل تائين اسان ساري قوم کي، نشي کان نفرت ڪرڻ واري قوم بنائي ڇڏيون ها.

هاڻي اچو ته ٿوريءَ دير لاءِ انهن جون ڳالهيون به ٻڌون جيڪي هر قسم جي آزادي جا دعويدار آهن، شايد هنن جي ڳالهين سان اسان ۾ اتساهه ۽ همت پئدا ٿئي ۽ اسان پنهنجا ڳڻپ کان ٻاهر قانون وساري آزادي جي انهن پرستارن سان گڏ گهمي سگهون.

اڄ جنهن سماجي نظام ۾ ماڻهو رهن ٿا اهو گهڻي ڀاڱي قانون جو نتيجو نه آهي پر ان جو سرچشمون سماج جا اصول ۽ انساني فطرت آهي. اهو نظام حڪومت جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ به هو ۽ جيڪڏهن حڪومت ختم ٿي وئي ته به رهندو. هڪ ماڻهوءَ جو ٻئي تي ڀاڙڻ، هڪ جو ٻئي ۾ مفاد، انساني تعلق جي زنجير ٿو ٺاهي. اهو سڀ معاشرو پاڻ لاءِ ٿو ڪري پر ان کي حڪومت سان منسوب ڪيو ٿو وڃي. اهو ڪير آهي جنهن ههڙي بيمثال جرائت ۽ سادگيءَ سان اهڙيون ڳالهيون لکيون آهن. اهي ڳالهيون ٽام پين Tompaine نالي جرات مند انسان لکيون آهن جيڪو ٻن انقلابن جو مبلغ ۽ ٻن کنڊن ۾ معمار هو. آمريڪا جو والٽيئر جنهن انگريزي زبان ۾ هن صديءَ جي ترجماني ٿي ڪئي جيڪا روشن خياليءَ جي صدي آهي. عقل جي دور ۾ جڏهن اقتصادي طاقت بيڪار رئيسن جي هٿن مان نڪري وچولي طبقي جي هٿن ۾ آئي ته هر پراڻي روايت ڀڄي ڀري پئي. هر پراڻي رسم ٽٽي پئي ۽ ماڻهوءَ جو ذهن جيڪو وهمن ۾ جڪڙيل هو آزاد ٿي ويو ۽ ماڻهوءَ پهريون دفعو پنهنجو پاڻ کي محسوس ڪيو. پراڻي زماني کان حڪومت ڪندڙ بوربن گهراڻي جي حڪومت، رڳو نالي ماتر هئي. سماج ۾ هر معاملي ۾ شڪ ڪيو ٿي ويو ۽ پادري به فيشن طور عقلمنديءَ جون ڳالهيون ڪندا هئا. گرجا شهرن ۾ پنهنجو اثر وڃائي چڪي هئي رڳو ٻهراڙين ۾ سندس اثر هو. هر مڃيل اصول تي تنقيد ٿي ٿِي. قانون جي گرفت ڍلي ٿي وئي هئي. فن ۽ معيار کي بنان ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي رد ڪيو ٿي ويو. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ روسيو، رياست کي خرابي چيو ۽ جيفرسن اعلان ڪيو ته اها حڪومت سڀ کان سٺي آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ حڪومت ٿي هلائي. هي دور فرد جو دور هو.

انساني تاريخ جي شروعات کان وٺي انسان اجتماعي پابندي جي خلاف پاڻ پتوڙيو آهي. انسان جي فطري بربريت هر قانون کي پنهنجو دشمن سمجهيو آهي. روسيو چيو هو: ”قانون انهن لاءِ فائديمند آهي جن وٽ ملڪيت آهي ۽ انهن لاءِ نقصانڪار آهي جن وٽ ڪجهه ناهي. قانونن ڪمزورن تي نئون بار وڌو ۽ طاقتور کي وڌيڪ طاقت ڏني ۽ انسان کان فطري آزادي هميشه لاءِ کسي ورتي. جائداد ۽ اڻ برابريءَ واري ورڇ کي ازلي ۽ ابدي بنايو. مال ڦٻائڻ واري چالاڪ عمل کي ڦٻائڻ وارن جو حق بڻايو ۽ سموري نسل جي ڳچيءَ ۾ مصيبت ۽ مزوريءَ جي غلاميءَ جي پاڃاري وڌي. سڀ انسان آزاد پئدا ٿيا هئا پر هاڻي هو هر هنڌ زنجيرن ۾ آهن.  

غور ڪرڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته انقلاب جي ان صديءَ ۾ آزاديءَ لاءِ جيڪا بک ۽ اُڃ جاڳي هئي تنهن ان صديءَ ۾ وڌندڙ وچولي طبقي جي سوچ تي جيڪو اثر ڪيو، ان جو اظهار انارڪزم جي صورت ۾ ٿيو. ايڊم سمٿ Adam smith جيڪو هڪ عزت دار انگريز هو تنهن جي بقول ”قومن جي دولت“ جو مدار فرد جي آزاديءَ تي آهي. ميرابيو Mirabeau ۽ ٻين مفڪرن جو خيال هو ته فطرت کي ڇڏي ڏجي ته اها صنعت ۽ واپار جو انتظام هلائي. هربرٽ اسپينسر Herbert spencer، بينٿم Bentham ۽ اسٽوئرٽ مل Stuert Mill وارن آزاد روايت جي پيروي ڪندي، رياست کي گهٽائيندي گهٽائيندي هڪ ٻڙيءَ تي پهچائي ڇڏيو ۽ چيو ته حڪومت رڳو ماڻهن جي ملڪيت جي چوڪيدار آهي.

سياست جي نظريه سازن وچولي طبقي جي آزاديءَ جي طلب کي انڌي منطق سان اڳتي وڌايو. ان طبقي هاڻي جاگيردارن جي محصولن، خانداني بادشاهن ۽ اميراڻي خودپسنديءَ مان جان ڇڏائڻ ٿي گهري. جيڪڏهن صنعت ۽ واپار لاءِ آزادي فائدي واري هئي ته پوءِ سياست ۽ اخلاق ۾ به آزاديءَ ضروري هئي. گوڊوِن Godwin کي يقين هو ته انساني فطرت قانون کان سواءِ ملڪ جو انتظام هلائي سگهي ٿي. سڀ قانون منسوخ ڪري ڇڏجن ته انسان پنهنجي فطرت ۽ ذهانت ۾ اها ترقي ڪندو جيڪا هن پهريان ڪڏهن نه ڪئي هئي. هن جي انهن خيالن کي شيلي ان وقت شاعريءَ ۾ آندو جڏهن هو پاڻ انهن خيالن کي رد ڪري چڪو هو ۽ شيلي سندس ڌيءَ سان انهن خيالن تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ اهو به نه سوچيائين ته فلاسفر جو اهو حق آهي ته وڏيءَ عمر ۾ هو پنهنجي سوچ تان دستبردار ٿئي. حب الوطن فڪٽي فرد جي انفرادي ارادي کي ڪائنات جو بنياد ۽ بلندي چيو ۽ هر حقيقت کي هڪ اهڙي ذهن جي ايجاد سڏيو جنهن جو خارجي شين سان ڪو تعلق نه هوندو آهي. اسٽرنر جنهن کي ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهائڻ جي ڄڻ ته سزا مليل هئي تنهن پنهنجو پاڻ کي اهڙي ڪامل انسان جي تصور سان آٿت ٿي ڏنو جيڪو رياست جي جبر کان آزاد هوندو. هن چيو فرد جي آزاديءَ تي پابنديون وجهڻ، هن کي مطيع ڪرڻ ۽ هن کي عام ماڻهوءَ جي سطح تي رکڻ کان سواءِ رياست جو ٻيو ڪو مقصد ڪونهي. رياست ان صورت ۾ قائم رهندي آهي جڏهن فرد بي اختيار هوندو آهي. نٽشي جنهن دعويٰ ڪئي هئي. ته هن ڪڏهن به اسٽرنر کي نه پڙهيو آهي، اسٽرنر جي ڳالهه کي ورجائيندي چيو:

”دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي (زرتشت چوي ٿو) اڃا انسان موجود آهن پر اسان وٽ رڳو رياستون آهن، دنيا ۾ جيتريون به بلاؤن آهن انهن ۾ رياست سڀ کان وڌيڪ بي حس بلا آهي. هوءَ بي حسيءَ سان ڪوڙ ڳالهائيندي آهي. ڪوڙ هر وقت هن جي وات مان نڪرندو رهندو آهي. مان جيڪا رياست آهيان عوام آهيان. اهو نسورو ڪوڙ آهي. خالق اهي هئا جن عوام جي تخليق ڪئي ۽ انهن کي هڪ عقيدي ۽ محبت جي رشتي ۾ ڳنڍيو، اهي خالق زندگيءَ جا خذمتگار هئا. پر اهي ماڻهو تخريب جا باني آهن جيڪي ماڻهن لاءِ ڄار وڇائيندا آهن ۽ ان ڄار کي رياست جو نالو ڏيندا آهن. پر نيڪي ۽ بديءَ جي هر ٻوليءَ ۾ رياست ڪوڙي آهي. جيڪي هوءَ چئي ٿي اهو ڪوڙ آهي، جيڪي هن وٽ آهي اهو ڦٻايل آهي. جتي رياست ختم ٿي ٿئي اتان ان انسان جي شروعات ٿي ٿئي جيڪو اجايو ماڻهو نه آهي. جتي رياست ختم ٿي ٿئي اُتي ٿوري نظر وجهو، ڇا اُتي اوهان کي ڪامل انسان جي انڊلٺ جي پل نظر نٿي اچي.“

اهڙي مطلق آزاديءَ جي خواهش عالمگير آهي ۽ ان ۾ ڪٿي به رخنو پوندو نظر نه ٿو اچي. سقراط جي شاگردن ۾ جيڪي بد مزاج هئا فطري زندگيءَ کي قانون تي ترجيح ڏيندا هئا. آرسٽيپس Aristippus وانگر سندن مڃڻ هو ته ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جا آقا يا غلام نه ٿيون ۽ راهبن وٽ مال ملڪيت ته ڪونه هوندو هو پر انساني ناتن ۾ سندن ويساهه هو اهي ڌرتيءَ تي جنت ڏسڻ جا خواهشمند هئا، جنهن ۾ شين جي گڏيل مالڪي هئي ۽ جتي ڪنهن به قسم جون قانوني پابنديون نه هيون. شروع وارن عيسائين ۾ ڪنهن به معاملي ۾ طاقت جي استعمال کان جهل هوندي هئي ۽ جيستائين دولت جو دور نه آيو هو سڀ دوستيءَ جي ڳانڍاپي ۾ ڳنڍيل هئا. مذهب جي اصلاح واري دور ۾ عيسائي آزاديءَ جا علمبردار هئا ۽ شاديءَ کي ختم ڪرڻ کي جنت حاصل ڪرڻ لاءِ پهريون قدم سمجهندا هئا. فرانس واري انقلاب ۾ مرات Morat ۽ ببوف آزاديءَ جي صبح ۽ رياست جي شام جو اعلان ڪيو هو. پروڌون Proudhon لکيو آهي ته انسان جي انسان تي ڪهڙي به حڪومت، غلامي آهي. سماج جو ڪمال، انتظام ۽ انارڪيءَ جي ميلاپ سان حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪنهن سماج ۾ انسان جو انسان تي اختيار ايترو ئي گهٽ يا وڌ ٿيندو جيتريون هن ذهني ارتقا جون منزلون طي ڪيون هونديون.“

انقلابي روس ۾ ٽالسٽاءِ حڪومت جي تشريح ڪئي هئي ته حڪومت، جائداد جي مالڪن جو ٽولو آهي جيڪو پنهنجي جائداد بچائڻ لاءِ وجود ۾ آيو آهي ته جيئن انهن ماڻهن کان جائداد کي بچائي سگهن جيڪي ان جا ضرورتمند هوندا آهن. بيڪونين Bakunin جيڪو پنهنجي دولت، پنهنجو اميراڻو رتبو ڇڏي Nihilisl تنظيم ۾ شامل ٿيو تنهن چيو ته 1900ع تائين تعليم ايتري عام ٿي ويندي جو رياست جي ضرورت ڪانه رهندي ۽ ماڻهو رڳو فطرت جي قانونن جي پابندي ڪندا. ڪروپوٽڪن Kropotkin شهزادو، جيڪو عزت دار ۽ انارڪسٽ هو، تنهن اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آزاديءَ واري تصوراتي جنت ۾ مردن ۽ عورتن کي ساري ڏينهن  ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت پوندي ۽ ڪنهن حد تائين ثابت ڪري ڏيکاريائين ته انسان جو انسان سان فطري تعاون هر مضبوط سماجي تنظيم جو بنياد آهي، جيڪو هر سياسي مجبوريءَ کان وڌيڪ صحتمند ۽ مؤثر آهي. انگلستان ۾ وليئم مورس William Morris حڪومت جي تشريح ڪئي ته اها هڪ وڻندڙ عدم آهي، جتي پارليامينٽ جي ايوانن کي بهشت جو ڀاڻ گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ”موجوده صورتحال واري آمريڪا ۾ ايمرسن سرحدي ماڻهوءَ جي خوداعتماديءَ جي تشهير ڪندي چيو: ”منهنجي لاءِ پنهنجي فطرت جي قانون کان سواءِ ڪو قانون مقدس نه آهي ۽ منهنجي نظرن ۾ رڳو اهو حق محترم آهي جيڪو مون کي فطرت عطا ڪيو آهي.“ وِٽمين Whitman چيو آهي، ”حڪومت ان وقت جي تياريءَ جو نالو آهي جڏهن ماڻهو پاڻ تي پاڻ حڪومت ڪندا. ٿوريو Thoreau پنهنجي سهڻي پينسل گهڙيندي خوشيءَ مان چيو: ”مان خوشيءَ سان ان اصول کي قبول ٿو ڪيان ته اها حڪومت بهترين آهي جيڪا حڪومت نٿي ڪري. ماڻهو جڏهن اهڙي حڪومت لاءِ تيار ٿيندا تڏهن هنن کي اها حڪومت ملي ويندي.“

انار ڪزم:

اسان آزاديءَ جي دليريءَ واري ان مسلڪ لاءِ ڇا چئون. اجتماعي نظام ڪيتريقدر فطري آهي ۽ قانون جي ٽيڪ کان سواءِ ڪيترو هلي سگهي ٿو. ماڻهوءَ کي ڪيتريءَ حد تائين آزادي ملي سگهي ٿي.

انساني معاملن ۾ مصنوعي شيءِ جي اصليت فطري هوندي آهي ۽ هر فطري شيءِ جي اوسر مصنوعي هوندي آهي. اظهار فطري آهي پر ٻولي مصنوعي آهي، مذهب فطري آهي پر گرجا مصنوعي آهي. سماج فطري آهي پر رياست مصنوعي آهي. قانون جي پابندي انساني جبلتن مان پئدا نه ٿيندي آهي. پر زبان ۽ ديني رسمن وانگر سماج ۽ تعليم مان حاصل ٿيندي آهي. ماڻهوءَ جي اندر ۾ قانون ۽ خواهشن جي وچ ۾ هميشه ڇڪتاڻ رهندي آهي. انڪري ڪنهن مصنوعي ۽ تڪليف ڏيندڙ پابنديءَ کي جڏهن ڪو سماج جي مرضيءَ سان ٽوڙيندو آهي ته کيس خاص مزو حاصل ٿيندو آهي. اسان فطريءَ طرح بدانتظاميءَ کي پسند ڪندا آهيون پر تعليم اسان کي انتظام ۾ رهڻ سيکاريندي آهي.

بيشڪ ته اسين پنهنجن روحن جي درگاهن ۾ قانون کي نه مڃيندڙ وحشي آهيون پر فطريءَ طرح اسان انتظام هيٺ رهڻ ۽ فضيلت سان جيئڻ جي خلاف نه آهيون. سماج ماڻهوءَ ۽ حيوانن کان به اڳ ۾ آهي. هيٺاهين سطح جا ساهه وارا به گڏجي رهندا آهن. هنن ۾ پاڻ ۾ ڪم جي ورڇ جو به رواج آهي. ڪئلين ۽ ماکيءَ جي مکين جي زندگي فطرت جي ڪم جي ورڇ جو وڏو مثال آهي. انهن ۾ ڪم جي ورڇ جي اصول جي ڪري فطرت سندن جسماني جوڙجڪ ۾ فرق پئدا ڪندي آهي پر ضرورت مطابق ڪن جانورن سان اهو اصول لاڳو نه به ٿيندو آهي. جيئن ڪتو، جيڪو گوشت خور جانورن مان آهي پر پوءِ به رِلڻو ملڻو ۽ نرم طبعيت جو جانور آهي. جنهن جي ڪري سڀ کيس پسند ڪندا آهن. ڊارون ٿو چئي ته همادرياس باندرَ ڪيئان ڳولهڻ لاءِ پٿر اٿلائيندا پٿلائيندا آهن ۽ جڏهن کين ڪو وڏو ڪيئون نظر ايندو آهي ته سڀ ان جي چوڌاري مڙي ان کي کائيندا آهن. خطري جي وقت ڍڳا ڳئن ۽ گابن جي ڌڻ کي وچ ۾ بيهاري انهن اڳيان بيهي سندن بچاءُ ڪندا آهن. گهوڙا به خطري جي وقت مٿا پاڻ ۾ ملائي، ڄنگهون ٻاهر ڪڍي دائرو ٺاهيندا آهن. گال قوم وارا به جنگ مهل عورتن کي وچ ۾ رکندا هئا (نيپوليئن جي ذهن ۾ به شايد ڪمزورن جي بچاءَ واري ڳالهه هئي جو مصر جي اهرامن جي جنگ ۾ هن حڪم ڏنو هو ته گڏهن ۽ پروفيسرن کي وچ ۾ رکيو وڃي) شايد ته بچاءَ لاءِ ٻڌيءَ سان ئي حيوانن ۾ گڏ رهڻ ۽ حيوانن مان ئي ماڻهن ۾ سماجي جبلت پئدا ٿي. ائين پنهنجو پاڻ پئدا ٿيل، گڏ رهڻ جي جبلت مان جيڪڏهن خانداني سهڪار کي شامل ڪجي ته پوءِ گڏيل نظام ۾ رهڻ جي ڳالهه وڌيڪ واضح ٿي ويندي. ڊارون ٿو چئي ته ماڻهوءَ ۾ سماجيت واري جبلت، ٻار ۾ ان وقت ٿي پئدا ٿئي جڏهن هو ماءُ پيءُ جي نيپاج ۾ ٿو رهي. انسان جي برادري تاريخ جيتري پراڻي آهي. ان هزارين لڪل تنظيمن ۽ گروهن ۾ اجتماعيت ۽ ڀائپيءَ جو احساس پئدا ڪندي آهي. دنيا ۾ شايد ئي ڪو اهڙو مئل روح وارو وحشي هجي جنهن ماڻهن سان تعلق ۽ ڳانڍاپي جي ضرورت محسوس نه ڪئي هجي. فطري ڀائپيءَ سان گڏ ماءُ پيءُ جي پرگهور اسان کي هڪٻئي سان سهڪار لاءِ اُتساهيندي آهي جيڪو همدردي ۽ محبت وانگر فطري ۽ ماءُ پيءُ جي تحفظ وانگر عالمگير آهي. ڪانٽ ان ڳالهه تي حيران هو ته دنيا ۾ جيتري رحمدلي آهي ايتري ئي انصاف جي گهٽتائي آهي. اهو شايد ان ڪري آهي ته رحمدلي فطري رحمدلي آهي جڏهن ته انصاف جو تعلق شعور ۽ عقل سان پئدا ٿيندو آهي اهوئي سبب آهي جو عورتون مردن جي ڀيٽ ۾ گهٽ انصاف پسند پر وڌيڪ رحمدل هونديون آهن.

سماجيت انهن فطري ۽ اقتصادي بنيادن تي اُسري فرد ۾ اجتماعي عادتون پئدا ڪندي آهي جيڪي آخرڪار ماڻهوءَ جي ٻي فطرت بنجي ويندي آهي ۽ اها فطرت ڪنهن به قانون کان وڌيڪ ماڻهوءَ کي انتظام جي پابندي ڪرائيندي آهي. اسان جيترو وڌيڪ جيئرا رهون ٿا اوترو وڌيڪ ماڻهن سان رلڻ ملڻ پسند ڪيون ٿا ۽ پاڙيسرن جو وڌيڪ خيال رکون ٿا. ٻين جي وڌيڪ اهل ڪيون ٿا، عزت دار وڌيڪ ٿيون ٿا. رسمن رواجن جي وڌيڪ پابندي ڪيون ٿا. خواهشن تي مڙهيل سماجي پابندين جو وڌيڪ احترام ڪيون ٿا جيڪي اسان جي عادت بڻجن ٿيون ۽ جن تي تهذيب طاقت کان وڌيڪ ڀاڙي ٿي.

ڪابه منظم نفسياتي قوت، فرد کي اجتماعي رشتن ۾ ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. شروع ۾ گرجا ماڻهن کي ايتريون نصيحتون ڪيون جو انهن جو ٿورو ڪي گهڻو اثر اڄ گرجا جي طاقت گهٽجڻ کان پوءِ به قائم آهي. جيئن جيئن ماءُ پيءُ ۽ گرجا جا اختيار گهٽبا ويا اسڪول جو اثر وڌندو ويو. ظاهريءَ طرح ته اسڪول فرد کي اقتصادي ۽ فني ڪاميابين لاءِ تيار ڪندو رهيو. پر اندر خاني اسڪول فرد جي فطرت کي ٿي بدلائيندو رهيو ته جيئن هو ارسطوءَ جي چواڻي ان حڪومت لاءِ ڪارائتو ٿئي جنهن ۾ هو رهي ٿو. اسڪول فرد ۾ سوسائٽيءَ جون ڪي خاص عادتون داخل ڪندو آهي ۽ تاريخ جون اگهاڙيون حقيقتون لڪائيندو آهي، هن کي ماضي اعليٰ ۽ عظيم نظر ايندو اهي ۽ هو پنهنجي ماضيءَ جي عظمت ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. پر جي اسڪول اهو ڪم نه ڪري يا ماڻهو لڏپلاڻ جي ڪري اسڪول کان اهو اثر وٺي نه سگهي. ته پوءِ پريس اهو ڪم ڪندي آهي. مشيني ايجادون شهرين تائين خبرون پهچائينديون ۽ خبرن ۾ لڪل ڳالهيون سندن ذهنن ۾ داخل ڪنديون آهن.

اسان جڏهن انسان جي فطرت کي بدلائيندڙ انهن قوتن جو جائزو ٿا وٺون ته خبر ٿي پوي ته اهي قوتون ماڻهوءَ جي ڪردار کي سڌارڻ ۾ ايڏو وڏو ڪم ٿيون ڪن جو انهن جي هوندي اخلاق کي سڌارڻ وارن قانونن جي ضرورت ئي ڪانه ٿي رهي. جيڪڏهن ان معاملي کي وسيع پسمنظر ۾ ڏسنداسين ته خبر پوندي ته فرد جو وجود ته آهي ئي ڪونه رڳو سماج جو وجود آهي. گمپلووڪز Gumplowicz چيو آهي ته ماڻهو پاڻ نه سوچيندو آهي پر هن جي اندر ۾ اها سوسائٽي سوچيندي آهي جنهن جو هو حصو هوندو آهي، فرد جو ضمير سوسائٽيءَ جو آواز هوندو آهي. اعليٰ ماهر نفسيات نيپوليئن چيو هو ته ماڻهو اخلاقي ۽ مادي حالتن جي پئداوار آهي. حياتياتي ورثي جي ڪري اسان پنهنجي حيواني ماضيءَ سان ڳنڍيل آهيون ۽ سماجي ورثي جي ڪري اسان سوسائٽيءَ جي اخلاقي روايتن کي پنهنجو پاڻ ۾ داخل ڪيون ٿا ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجي انساني ماضي سان ڳنڍيل آهيون. سماج کي قائم رکڻ جون قوتون اسان ۾ ايتريون ته رچيل آهن جو اسان کي رياست جي مصنوعي اخلاق جي ضرورت ئي ڪانهي.

اهي قوتون جيئن ته ڪچي وهيءَ ۾ اسان تي اثر ڪنديون آهن انڪري ڪوبه صحيح دماغ وارو ماڻهو انهن کان پاڻ بچائي نه سگهندو آهي. اسان جڏهن پنهنجي دور ۾ پنهنجي ملڪ جي اخلاقي اصولن کان ڇڄي ڌار ٿيندا آهيون ته اسان جي حالت ملڪ بدر ٿيل ماڻهوءَ جهڙي دردناڪ هوندي آهي ۽ پوءِ جڏهن ٿانيڪا ٿيندا آهيون ته اها ئي واٽ وٺندا آهيون جيڪا ماضيءَ جي ڏيکاريل هوندي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي سوسائٽيءَ جي طور طريقن ۽ اصولن کي اختيار ڪندا آهن ۽ اجتماعي زندگيءَ ۾ پوريءَ طرح رلي ملي ويندا آهن اهي ڏاڍا خوش رهندا آهن ۽ ان مان کين محبت کان به وڌيڪ سرور ملندو آهي. اجتماعي زندگي وسيع ۽ عظيم هوندي آهي. اها فرد کي مجبور ڪندي آهي. ته هو ڪنهن معمولي معاملي لاءِ پنهنجي انفراديت کان دستبردار ٿئي. ڪنهن نئين ڳالهه ۾ به هن کي نواڻ نظر نه ايندي آهي ۽ اها نئين ڳالهه به کيس ڪنهن پراڻي ڳالهه جو نئون ورجاءُ لڳندي آهي ۽ پوءِ نيٺ هن لاءِ ماڻهن جو هجوم هڪ وجود ٿي ويندو آهي. اهڙي فرد جو سڀاءُ نرم ۽ اخلاق اعليٰ ٿي ويندو آهي ۽ قانون جون پابنديون ۽ سزائون بي معنيٰ ٿي وينديون آهن ۽ اهڙي طرح اسين وقتي طور انهن خوفناڪ انارڪسٽن جا هم خيالي ٿي ويندا آهيون جن کي اسان جلاوطن ڪندا آهيون، جيل ۾ وجهندا آهيون ۽ ڦاهي ڏيندا آهيون.

آزاديءَ جون مشڪلاتون:

اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته آزاديءَ جي ان فلسفي ۾ گهڻيون اوڻائيون آهن. پهرين ته اهو فلسفو ڏاڍي جي ان ڏاڍائيءَ جو اندازو لڳائي نٿو سگهي، جيڪا ڏاڍائي، رياست کي جنم ٿي ڏي. جيڪڏهن رياست نه هجي ته ڏاڍائي، بنان هٻڪ جي علي الاعلان جبر ۽ افراتفريءَ واري حڪومت قائم ڪري ڇڏي. ان ۾ ٿورو به شڪ ناهي ته تهذيب ڪنهن حد تائين ظالم جي ظلم تي پابندي وجهي ماڻهن ۾ نظم ۽ ضبط پئدا ٿي ڪري، بين الاقوامي قانونن جي بيوسيءَ مان ظاهر ٿو ٿئي ته طاقتور ملڪ ڏاڍائي ڏيکاريندا آهن ۽ ننڍا ملڪ اشراف هوندا آهن. سقراط آرسٽيپس کي چيو هو ته ”جيڪڏهن ماڻهن ۾ رهين ۽ سوچين ته اها چڱي ڳالهه آهي ته ماڻهن ۾ حاڪم ۽ محڪوم نه هجن ته تون ڏسندين ته ڪيئن ٿا طاقتور ڪمزورن کي غلامن وانگر هلائن.“ هر نئين ايجاد طاقتور جا هٿ مضبوط ڪندي آهي ۽ بي اصول سياڻا ماڻهو ان يجاد سان پاڻ کان گهٽ عقل وارن نيڪ ماڻهن کي پنهنجي تابع ڪندا آهن. زندگيءَ جي ڳتيل ڪاروبار ۾ ترقي ظالم ۽ مظلوم جي وچ۾ فاصلو وڌائي ٿي. اها هڪ ڪڙي حقيقت آهي ته سماج اعليٰ آدرشن جي بنيادن تي ناهي اُسريو. ان جو بنياد انساني فطرت آهي ۽ ماڻهن جا آدرش پنهنجي فطرت کي پنهنجو پاڻ کان ۽ دنيا کان لڪائڻ جي ڪوشش آهي ۽ وري سماجي سڀاءُ جنهن تي فطري نظام بيٺل آهي، انسان جي دولت ۽ غلبو حاصل ڪرڻ ۽ جنگ جي انهن جبلتن کان ڪمزور آهي، جن جي زور تي اسان جو اقتصادي نظام هلي ٿو. ايستائين جو آزاديءَ لاءِ دانهن به ان دل مان نڪرندي آهي جيڪا اصل ۾ طاقت جي بکي هوندي آهي. انسان جيڪو شڪاري حيوان آهي ان جي اِن فطرت جي ڪري ئي آزاديءَ تي پابنديون پيون آهن. جيڪي ماڻهو ڪمزور آهن اهي گهڻي حد تائين اڪثريت جي سوچ جي اثر هيٺ، فرد جي آزاديءَ کي گهٽائڻ گهرندا آهن ته جيئن ظالم ۽ مظلوم جي ڇڪتاڻ انقلاب جي صورت اختيار نه ڪري. آزاديءَ جو پهريون شرط پابندي آهي. زندگي مخالف قوتن جي وچ ۾ توازن آهي. ماڻهو پنهنجن صلاحيتن جي لحاظ کان هڪ ٻئي کان ايترا ته مختلف آهن جو پابندين کان سواءِ هنن جا اهي فطري اختلاف کين ڪڏهن به نه بدلجندڙ طبقن ۾ ورهائي ڇڏن. فرانس جا ماڻهو نيپوليئن کي انڪري پسند ڪندا هئا جو هو آپي شاهه هو پر ان هوندي به جنهن ماڻهوءَ ۾ ڪا صلاحيت ڏسندو هو ته ان کي اڳتي وڌڻ جو موقعو ڏيندو هو ۽ هن ماڻهن ۾ هڪ بيمثال خوشحالي آندي ۽ هنن ۾ اهڙي برابري پئدا ڪئي جنهن کي ڪمزور ماڻهو آزاديءَ کان وڌيڪ سٺو سمجهندا آهن.

آزاديءَ جا دور وقتي هوندا آهن. روايتن جي پابندين ۽ نظم ۽ ضبط جي دورن ۾ آزاديءَ جو دور هڪ ڊگهي ساهي هوندو آهي. اها ساهي تيستائين قائم رهندي آهي جيستائين هڪٻئي جي اُبتڙ ٻن سرشتن ۾ ڇڪتاڻ شروع نه ٿيندي آهي. ان ڇڪتاڻ ۾ جڏهن هڪ سرشتو ڪامياب ٿيندو آهي ته آزاديءَ جي دور واري اها ساهي ختم ٿي ويندي آهي. آزاديءَ لاءِ ڪابه شيءِ انقلاب کان وڌيڪ هاڃيڪار نه آهي. ڪنهن به آدرش جو زوال تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اهو عملي صورت اختيار ڪندو آهي.

آخر ائين ڇو ٿيو آهي ته، جڏهن به تاريخ ۾ ماڻهن جو فطري اجتماعي نظام پاڻمرادو اڀريو آهي جيئن ڪيليفورنيا ۽ الاسڪا ۾، تڏهن ٿوري وقت کان پوءِ اهو رياست جي جبر واري ۽ مصنوعي صورت اختيار ڪري ويو آهي. ان سوال جو جواب هڪ ٿي نٿو سگهي. پر ان جو اهو جواب ته پڪ ٿي سگهيو ته اڳ خاندان سماج جي پئداواري ايڪائي هو پر پوءِ ان جي جاءِ فرد ورتي. ظاهريءَ طرح ته خاندان ٻار جي نيپاج جي فرض کان به آجو ٿي ويو. خاندان جي بزرگن جي ادب ۽ ڀائپيءَ واري وفاداريءَ بدران نئين دور جي انسان وطن پرستيءَ کي پنهنجو ديوتا ڪري مڃيو. پنهنجن جوابدارين جي ختم ٿيڻ جي ڪري خاندان ختم ٿيندو ٿو وڃي. هاڻي رڳو خودپرست فرد بچيا آهن جيڪي هڪ گڏيل غلاميءَ ۾ خودمختيار آهن. غلامي ان وقت آزاديءَ لڳندي آهي جڏهن آقا ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. ان سان گڏ شهرن ۾ وڌندڙ آدم جي ڪري پاڙيسرين جي هڪٻئي سان سٺي هلت واري روايت ختم ٿيندي ٿي وڃي. اها پاڻمرادو قائم ٿيندڙ اجتماعيت جو سبب هئي ۽ هاڻي فرد جي خود غرض بي نالي واري ميڙ ۾ ظاهر نٿي ٿئي. جتي فطري نظم ڪمزور هوندو آهي اُتي قانون سازي گهڻي ٿيندي آهي. رياست فطري نظام جي جاءِ پئي وٺي. جيئن وڏيون ڪمپنيون ننڍن واپارين جي ۽ ريل گاڏيون، ٽانگن جي جاءِ پيون وٺن. زندگيءَ جي وڌندڙ مونجهارن اسان کي هڪ وڏي منجهيل ڪُل جو جُزُ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان کان جُزَ واري اها خودمختياري به کسي ورتي آهي جيڪا اسان کي ان وقت حاصل هئي، جڏهن خاندان هڪ خودمختيار معاشي ايڪائي هو. سياسي ۽ صنعتي آزادي ختم ٿيندي ۽ اخلاقي افراتفري وڌندي ٿي وڃي. خاندان ۽ مذهب هاڻي سماجي نظام جو بنياد نه رهيا آهن، انڪري انسان ۾ فطري نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي جيڪا رڳو قانون جي مدد سان ختم ڪري سگهجي ٿي. صنعت ۽ رياست جي آزادي ختم ٿي وئي آهي ۽ هاڻي رڳو جنسي غدودن جي آزادي بچي آهي.

جيڪڏهن پئداوار جا اوزار اهي هجن ها جيڪي اسان جي بربريت جي سادگيءَ واري دور ۾ هئا، يعني بيلچو ۽ زمين جو ٽڪرو. ته رياست اهڙي خوفناڪ نه بڻجي ها جهڙي هاڻي آهي جو ماڻهن جون زندگيون ٿي ڳڙڪائي. هر ڪنهن شخص وٽ اوزار هجن ها ۽ هر ڪنهن زميني زندگيءَ جي حالتن تي قبضو هجي ها. هن جي آزادي هن جون معاشي ضرورتون پوريون ڪري ها ۽ هاڻي وانگر سندس سياسي آزادي سياسي مساوات وانگر بي معنيٰ نه هجي ها. ايجادون آزاديءَ کي وڌيڪ پيچيدو ۽ وڌيڪ قيمتي بنائي ڇڏيو. انسان جو قدر مشينون استعمال ڪرڻ ۽ انهن کي حاصل ڪري سگهڻ واري جي حيثيت ۾ ٿيڻ لڳو ۽ آخرڪار فطري عمل سان اوزارن جا مالڪ ڪي ٿورا ماڻهو وڃي ٿيا. پاڻ تي ڀاڙڻ واري ڳالهه ختم ٿي وئي ۽ آزادي سياستدانن جو اهڙو قول ٿي وئي جنهن کي ماضيءَ جي نشاني سمجهي ان جي قبر تي ٻين قبرن وانگر گل چاڙهيندا آهيون.

اسان هر پاسي کان ترقيءَ جي وهڪري ۾ آهيون جيڪو اڳوڻي زماني واري آزاديءَ کي وهائي کڻي ويو آهي. اسان جا صنعتي لاڳاپا ايترا اهم آهن جو انهن کي انفرادي مالڪيءَ ۾ ڏيئي نٿو سگهجي. رياست جا ڪي وسيلا جيئن آمدورفت، ناڻو ۽ اظهار جا وسيلا، ايترا طاقتور آهن جو انهن تي قانوني پابنديون نه وڌيون وڃن ته اهي شڪاري جانور وانگر ساري صنعت کي تباهه ڪري ڇڏين. ان حقيقت جي باوجود ته اسان جي دور ۾ هر ڪا رياست جانبدار ۽ ڪرپٽ آهي اهي وسيلا رياست جي قبضي ۾ هئڻ گهرجن. مال پئدا ڪندڙ ۽ خريدار جي وچ وارو تعلق غير ذميوار ماڻهن جي قبضي ۾ نه هئڻ گهرجي.

جڏهن مال جي ورڇ وارا ذريعا هر هڪ خريدار جي برابريءَ جي بنياد تي آجيان ڪندا ته پوءِ پئداوار ۽ ان جي استعمال جو تعلق ايترو آزاد هوندو جيترو انساني هوس برداشت ڪري سگهندي. معاشي بيمارين کا ڇُٽڻ ۽ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ وچ وارن انهن دلالن کان آجو ٿيڻ کان پوءِ جيڪي ڏيتي ليتي جي وسيلن کي محدود ڪندا ٿا رهن ۽ اسان جي صنعتي ترقيءَ لاءِ خطرو ٿا پئدا ڪن، اسان جي صنعت ترقي ڪندي، انفراديءَ طرح ماڻهو آزاديءَ سان ڪوششون ڪندا. گڏيل سهڪار سان ورهاست جي وسيلن تي مالڪي ڄمائي ويهڻ وارن کان پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندا. انهن مرحلن کان پوءِ حاصل ٿيل آزادي وڌيڪ گهري ۽ پائيدار هوندي.

جيفرسن جو آزاديءَ جو تصور:

رياست جي حمايت ۾ اسان جيڪي به چيو ان ۾ ٿوري رعايت به شامل آهي ڇاڪاڻ ته جيفرسن جي حڪومت جي باري ۾ ان تصور ۾ ته مثالي حڪومت اها آهي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ حڪومت ڪري. هڪ عجيب سادگيءَ واري ڪشش آهي جيڪا دل ۾ ائين لهي ٿي وڃي جو هر نئون قانون روح جي خودمختياريءَ جي توهين ٿو لڳي. نظم ۽ ضبط آزاديءَ جو وسيلو آهي. مقصد نه آهي، آزاديءَ جو پورو قدر ڪري نٿو سگهجي جو آزادي ترقيءَ جو هڪ اهم وسيلو آهي ۽ اسان ان جي اهميت جو اندازو لڳائي نٿا سگهون. گوئتي چيو هو ته ”آخر ۾ شخصيت جي اهميت ئي سڀ کان وڌيڪ آهي.“ رياست ماڻهوءَ لاءِ آهي ماڻهو رياست لاءِ نه آهي. نسلي ورثي جو مقصد ماڻهن جي وچ ۾ جيڪو فطري تعاون آهي ان جي حفاظت ڪرڻ هو ۽ هر رواج ان کان اڳ واري رواج جي ختم ٿيڻ جو نتيجو هوندو آهي، ارتقا اختلاف ۽ انقلاب سان ٿيندي آهي. اجتماعي ارتقا لاءِ ضابطي ۽ قانون سان گڏ ايجاد ۽ تجربو ضروري آهي تاريخ اعليٰ ذهن، ايجادن، غير شخصي قوتن ۽ سوچڻ جي صلاحيت کان محروم گروهن سان گڏ اڳتي وڌي ٿي.

جيڪڏهن اسان پنهنجي معاشي زندگيءَ جي حد بندي ڪرڻ ٿا گهرون ته پوءِ اسان کي ذهن جي آزاديءَ جي ان کان سؤڻ تي وڌيڪ حفاظت ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ذهني آزادي گهٽ ۾ گهٽ ايتري پياري هئڻ گهرجي جيتري حيوان کي پنهنجي جسماني آزادي پياري هوندي آهي. جانور کي قيد ڪجي ته هو آزاديءَ لاءِ پيو ڦٿڪندو آهي آزاديءَ لاءِ رستا ڳولهڻ لاءِ پڃري ۾ اچ وڃ پيو ڪندو آهي ۽ انهن رحم جوڳن باندي جانورن جي اکين ۾ آزاديءَ جي خواهش مايوسيءَ جي صورت ۾ نظر ايندي آهي پر اسين انهن لاءِ ڪابه همدردي محسوس نه ڪندا آهيون، شايد اسان جي ان بي رحميءَ جي ئي سزا آهي جو قدرت اسان کان اسان جي بزرگن واري آزادي ڦري ورتي آهي. اسان جا وڏا، حيوانن جو شڪار ته ڪندا هئا پر انهن کي باندي بڻائي ان مان مزو نه وٺندا هئا پر جيئن ته اسان پاڻ قيدي آهيون ۽ پنهنجي قيدي هجڻ جي ڪا شڪايت نٿا ڪيون ان ڪري اسان ڪيئن ٿا انهن جانورن جي آزاديءَ لاءِ سندن بُک جو اندازو لڳائي سگهون.

ان سلسلي ۾ چيني ٻوليءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جڏهن ڪا قوم گهڻا قانون ٺاهڻ شروع ڪري ته سمجهون ته اها قوم پوڙهي پئي ٿئي“، پراڻي زماني جا ٿيورين Thurians ڪوبه ناڪام قانون رٿڻ واري کي ڦاهي ڏيندا هئا جو هو آزاديءَ تي پابنديون وجهندو هو. ٻڌو آهي ته آمريڪا ۾ قانون ٺاهڻ وارا سال ۾ اٽڪل سورنهن هزار قانون ٺاهيندا آهن. جي اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ اسان چورن جي قوم آهيون ۽ اسان کي قانون جي نه پر تعليم جي ضرورت آهي. ڪانگريس جا اجلاس امير توڙي غريب لاءِ ڊپ جو سبب هوندا آهن. اسان جي دلين ۾ آمريڪي صدر ڪوُلج لاءِ جيڪو خاموش احترام آهي ان جو سبب اهو آهي ته هو انگلستان جي بادشاهه وانگر ڪجهه نه ڪندو هو ۽ رڳو پگهار وٺندو هو. هو جڏهن ڪنهن قانون کي ختم ڪندو هو ته ماڻهو خوش ٿيندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته جيڪي قانون هو ختم ڪندو هو اهي سٺا هوندا هجن. پر قانون بهرحال قانون آهي ۽ قانون جي موت تي ڪوبه ماتم نه ڪندو آهي.

جيڪڏهن ان مان ظاهر ٿئي ته اسان جي اڄڪلهه جي اخلاقي غير قانونيت ۾ ڪا ايڏي خرابي ڪانهي جيڏي اهي ماڻهو ٿا سمجهن جيڪي ٻين کي نصيحت ڪري پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪندا آهن، ته پوءِ اها ڳالهه صحيح آهي ته اسان جي گهڻي ڀاڱي بداخلاقي ديانت جي شڪل اختيار ڪندي آهي. اسان پوڙها به پنهنجي نادار جوانيءَ ۾ عيبن وارا ڪم ڪندا هئاسين. اڪيلائيءَ ۾ گناهه ڪندا هئاسين ۽ محفلن ۾ نيڪ ۽ پارسا ماڻهوءَ واري شڪل ٺاهي ويهندا هئاسين. اڄ جا نوجوان لِڪَ ڪرڻ جا ايڏا ماهر نه آهن ۽ پاڻ هو پنهنجا گناهه وڌائي ٻڌائيندا آهن. جيڪي سطحي هوندا آهن ۽ وقت گذرڻ سان ڌوپجي ويندا. تجربو ماڻهوءَ کي پختو بڻائيندو ۽ کيس احتياط ۽ حياءُ ڪرڻ سيکاريندو آهي. اسان ماڻهن کي شراب پيئڻ کان جهلي نٿا سگهون. هنن کي رڳو ائين جهلي سگهجي ٿو ته کين نه جهلجي. جيڪڏهن اڄ اسان جي دور کان وڌيڪ اوگهڙ ٿي نظر اچي ۽ جنسي جذبي کي اُڀارڻ واري ڳالهه جنسي خيالن ۽ خوابن جي جاءِ ورتي آهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو. آهستي آهستي ماڻهن کي ان جي عادت ٿي ويندي ۽ يڪسانيت جي ڪري ان مزور نه رهندو ۽ ماڻهن کي پنهنجن خواهشن کي اُڀارڻ لاءِ وري اوگهڙ کي ڍڪڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي.

نوجوانن جي ان عاليشان بغاوت جي ڀيٽ ۾ پوڙها رڳو قانونن جي باري ۾ سوچي ٿا سگهن. هرڪو بزدل ۽ حاسد آواز آمريڪا جي قانون ٺاهڻ وارن کي وڏي واڪي ٿو چئي ته اخلاق جي حفاظت ڪئي وڃي جو ڪن هوس پرستن خدا جي هنرمنديءَ جي شاهڪار کي ناپاڪ ڪري ڇڏيو آهي. ٿڪل ماڻهو مطالبو ٿا ڪن ته پوليس کي اختيار ڏنا وڃن ته هو هر فلم ۽ هر ڊرامي جي نمائش کان اڳ ان تي نظر وجهي پر اسان جي خيال ۾ ته پوليس کي اڳ ۾ ئي اهي اختيار آهن ته اها ناپاڪيءَ کي ختم ڪرڻ جي خدمت پوري ڪري جيڪا هوءَ پوري پئي ڪري ۽ نئين پابندين جي ڪا ضرورت ڪانهي، ان لاءِ ماڻهن جو عام رايو ئي ڪافي آهي، پر اهو ان صورت ۾ جو اُن کي قانون سازيءَ سان ڪمزور نه ڪيو ويو آهي. عوام جو رايو ڪنهن به قانون کان وڌيڪ اثرائتو ٿي سگهي ٿو. هاڻي عين ان وقت جڏهن آمريڪا حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجو ادب، پنهنجو فن ۽ پنهنجو ڊرامو پئدا ڪرڻ شروع ڪيو آهي تڏهن اسان کي پارسائيءَ جي لباس جي ضرورت محسوس ٿي آهي ۽ اهڙيءَ طرح اسان پنهنجي نالي تي هميشه لاءِ ٻاراڻي بيوقوفي ۽ تعصب جا داغ پيا هڻون. ياد رکڻ گهرجي ته اسان لاءِ چارلس ٻيو ڪرامويل کان بهتر ثابت ٿيندو.

خوش قسمتيءَ سان انهن معاملن ۾ زندگي جوانن جو ۽ جواني زندگيءَ جو ساٿ پئي ڏي. ٿي سگهي ٿو ته اسان جو اولاد خودڪشيءَ کي چڱو سمجهي. راندين کي فلسفي کان وڌيڪ اهميت ڏي ۽ شراب پيئڻ جا آداب پورا نه ڪري، پر اسان کي انهن ڳالهين جو خيال ڪرڻ جي بدران پنهنجي دور جي نوجوانن جي تندرستي ۽ سندن سٺي ذوق لاءِ سوچڻ گهرجي. جيڪڏهن وقتي طور ماڻهوءَ جو اخلاق خراب به ٿي پوي ته علم ۽ ڏاهپ ۾ واڌاري سان اهو سڌري سگهي ٿو. سقراط چيو هو ته اسان کي گهرجي ته اسان روڪيون نه پر سکيا ڏيون. اسان جيڪڏهن ٻين جو اخلاق سڌارڻ ٿا گهرون ته پهرين اسان کي پنهنجو اخلاق سڌارڻ گهرجي. مثال قائم ڪرڻ نصيحت کان وڌيڪ سٺو آهي. مثال جي آواز جي سامهون نصيحت جو آواز ٻڌڻ ۾ ئي نه ايندو آهي. اسان سماج لاءِ اهو سٺو ڪم ڪري سگهون ٿا ته اسين سماج کي زنجيرون وجهڻ جي بدران پنهنجن زندگين کي سهپ، تحمل ۽ خودداريءَ سان سينگاريون. هڪ شريف ماڻهو اخلاق جي معاملي ۾ رڳو پنهنجي دل تي هلندو آهي. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن ماڻهو سمجهندا ته حڪومت جو سڀ کان وڏو فرض قانون ٺاهڻ نه پر تعليم ڏيڻ ۽ اسڪول ٺاهڻ آهي. هڪ عظيم سياستدان هڪ رهبر وانگر ڄاڻ وسيلي رهبري ڪندو آهي، روڪڻ ۽ فرمان جاري ڪرڻ سان ماڻهن کي انهن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ لاءِ آماده نه ڪندو آهي. هن جو اصول هوندو آهي ته تعليم لاءِ ڪروڙين رپيا خرچ ڪبا پر زور زبردستيءَ لاءِ دمڙي به خرچ نه ڪبي.

رياست جيڪا امن پسند هارين تي ظالم ڌنارن جي حملن ۽ محصولن سان وجود ۾ آئي هئي اها حڪومت هاڻي وري شايد هڪ سربلند قوم جي عظيم رهبريءَ جو ذمو پاڻ تي کڻي جيئن اينٽونائينس aNTONINES جي دور ۾ ٿيو هو. اسان کي پنهنجي قوم کان ان ڳالهه لاءِ مايوس ٿيڻ نه گهرجي ته حڪومت هميشه سياستدانن جي هٿن ۾ رهندي. علم ۾ وڏو اضافو پيو ٿئي، ثقافتي سرمايو پيو وڌي ۽ انسانن ۾ پکڙجي. جلد ئي ماڻهو علم جي ڪوڙن دعويدارن کي برداشت نه ڪندا جن کي اسان ايتري عرصي کان برداشت ڪندا آيا آهيون. اسان جا ٻار اسان جي هنجن ۾ پلجي اسان کان وڌيڪ سٺي نموني ۾ پنهنجن حاڪمن جي چونڊ ڪندا. هو قانون ٺاهڻ وارن جي نه پر سٺن استادن جي گهُر ڪندا. انتظام نه پر علم طلبيندا ۽ امن ۽ نظم زور زبردستيءَ سان نه پر ذهانت کي وسيع ۽ عام ڪرڻ سان قائم ڪندا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org