سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:5 

باب پنجون

اسان جا بدلجندڙ اخلاقي معيار

1- اخلاق جي اضافيت:

اخلاق گهڻو ڪري دير سان بدلبا آهن پر اڄڪلهه تيز هوائن سان گِهلجندڙ بادلن وانگر ٿا بدلجن. انسان جي يادگيريءَ کان به پراڻيون رسمون رواج ۽ ادارا اسان جي آڏو ڪن وقتي اختيار ڪيل ۽ پوءِ ڇڏي ڏنل عادتن وانگر ختم ٿيندا ٿا رهن. عورتن جي حفاظت ڪرڻ واري جوانمردي نٽشي جي هن قول مطابق هئي ته ’عورتن سان هروڀرو گهڻو نرميءَ وارو ورتا نه ڪرڻ گهرجي‘. بهادريءَ جو جسم سان گڏ ذهن جي تهذيب سان به تعلق هوندو هو. عورتن جي آزاديءَ کان پوءِ جوانمردي ۽ بهادريءَ جا اهي معيار ختم ٿي ويا آهن، عاشقن کي وڏن وڏن ڪارنامن لاءِ اُتساهيندڙ ۽ ارادي کي مضبوط ڪندڙ عورتن جي حياءَ ۽ عزت واري وصف جي ڪا وقعت ڪانه رهي آهي. جواڻ جماڻ ڇوڪريون نوجوانن تي پنهنجي حسن جو جادو ايترو ته کليءَ طرح ٿيون هلائن جو شاديءَ ۾ هاڻي اها ڪشش ڪانه رهي آهي. شهري زندگيءَ ڪروڙين مردن کي ان ڳالهه لاءِ هڪ ڪري ڇڏيو آهي ته هو هنن جذبات کي ڪتڪتوئي ڪرڻ وارين جا سولائيءَ سان شڪار ٿين. اڄ جو ڊرامو ڇڙواڳيءَ ۾ ڄڻ ته انگلينڊ ۾ ”بادشاهت جي وري قائم ٿيڻ واري دور“ جي ڊرامي جو رقيب آهي ۽ جديد ادب پراڻي زماني جي زرخيزيءَ واري مت وانگر جنسيءَ طرح اگهاڙو ٿيو آهي. اڳ شادي ئي جنسي خواهشن جي اظهار جو وسيلو هئي ۽ نوجواني ۾ انساني زندگي ۽ ڪردار کي مضبوط ڪندي هئي هاڻي غير مقبول ٿيندي ٿي وڃي. اڄڪلهه ماڻهو سوچن ٿا ته شاديءَ جي مصيبتن کانسواءِ به شاديءَ وارا مزا حاصل ڪري سگهجن ٿا. اڄڪلهه شاديءَ جي شروعات دير سان ۽ ان جو انت جلدي ٿو ٿئي. پهريان ته اسان شاديءَ کي غير فطري حد تائين ملتوي ڪندا ٿا رهون ۽ پوءِ اها طلاق جي وڳوڙ ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. ڪڏهن خاندان اخلاق جي سکيا گهر ۽ سماجي نظام جو بنياد هو، هاڻي اهو شهري صنعت جي انفراديت ۾ وڃائجي ويو آهي ۽ هر نسل کان پوءِ ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو ٿو وڃي ۽ وڏي جفاڪشيءَ سان اولاد جي ڀلائي لاءِ ٺهرايل گهر ويران آهن. اولاد پريشان مقصدن سان وفاداريءَ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ماءُ پيءُ پنهنجي اُداس ۽ ويران گهرن ۾ اڪيلا آهن، ڪرسيون خالي آهن ۽ گهرن جا خالي ڪمرا سندن پيارن جي آوازن جي غيرموجودگيءَ سان پڙاڏجن ٿا.

هاڻي ڏسون ته اسان جي اخلاقي روين ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي.

اڄڪلهه اهو نفسيات جو وڏو مسئلو آهي ته اسان جا نوجوان گناهن کان وڌيڪ گناهن جي نمائش مان مزو ٿا وٺن يا اسان جا بزرگ انهن گناهن کي نندڻ مان وڌيڪ مزو ٿا ماڻن؟ اخلاقي لحاظ کان زندگيءَ کي ٻن زمانن ۾ ورهائي سگهي ٿو. پهرين زماني ۾ اسان لذت ٿا حاصل ڪيون. ٻئي ۾ اسان نيڪيءَ جو درس ٿا ڏيون. احتياط جذبات جي آڏو بي وس ٿي ويو آهي. خواهش جو تيز ڌارو ڳالهين جي تيز هوائن ۾ بدلجي ٿو وڃي. زندگيءَ جي رفتار سست ٿيندي ٿي وڃي. موڊ بدلبو آهي ۽ پيريءَ لاءِ اهو ڏکيو ٿي پوندو آهي ته اها جوانيءَ کي سولائيءَ سان معاف ڪري. انهن  معاملن ۾ سچ، عمر جو وظيفو آهي ۽ بداخلاق، ٻين ماڻهن جو ڪردار آهي.

اسان مان جيڪي پڪي وهيءَ جا ٿي ويا آهن اهي ڪي قدر ڪاميابيءَ سان پنهنجي اولاد کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ مناسب سوچ جو انداز تاريخي آهي. اسان کي نيڪيءَ جي تصور جي وسعت ۽ اخلاق جي اضافي حيثيت تي غور ڪرڻ گهرجي. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اخلاق جو سرچشمو دنياوي ۽ اڻ پورو آهي. اخلاقي تصور انساني زندگيءَ جي بدلجندڙ بنيادن سان گڏ بدلبا رهندا آهن.

تاريخي ۽ لساني لحاظ کان اخلاق رسمن مان پيدا ٿيو آهي. شروع ۾ اخلاق انهن رسمن سان مطابقت جو نالو هو جيڪي قبيلي جي صحت ۽ بقاءَ لاءِ ضروري هيون. ڪجهه رسمون رڳو رواج آهن جيئن ميز تي ويهي ڇري ڪانٽي سان ماني کائڻ، انهن جو ڪو اخلاقي پاسو ڪونهي. سلاد کي ڇريءَ سان ڪٽڻ ڪو گناهه ڪونهي، پر ان جي وڏي سزا آهي، ڪي رسمون جيئن هڪ شادي، هڪ کان وڌيڪ شاديون. گهراڻي ۽ گهراڻي کان ٻاهر شادي، قبيلي ۾ ڪنهن کي قتل ڪرڻ ڏوهه ۽ قبيلي کان ٻاهر مباح آهي، اهي رسمون اجتماعي فائدي لاءِ سٺيون سمجهيون وينديون آهن. اهي ئي رسمون اخلاقي اصول ٿي وينديون آهن. جن کي نصيحت، پابندين ۽ جلاوطنيءَ سان محفوظ ڪيو ويندو آهي. رواج اهي رسمون آهن جن جو درس گهٽ ڏنو ويندو آهي ۽ انهن تي عمل وڌيڪ ڪيو ويندو آهي ۽ اخلاق اُهي فرض آهن جن کي پوري ڪرڻ جي اميد اسان ٻين مان ڪندا آهيون.

هيءَ ڳالهه حيرت جهڙي آهي ته اخلاقي نظام بدلجندو رهندو آهي سينٽ آگسٽ کي (حضرت) ابراهيم جي گهڻن شادين واري ڳالهه ڏکي لڳندي هئي پر هن جي گهڻين شادين جي ان رخ کي ساراهيندو هو ته پراڻي دور جي يهودين لاءِ گهڻين زالن جو خرچ برداشت ڪرڻ ڪو گناهه نه هو ڇاڪاڻ ته اهو ان زماني جو رواج هو ۽ قبيلي لاءِ نقصانڪار نه هو. جنگ جي زماني ۾ گهڻيون شاديون يقيناً رحمت هيون  جو انهن سان اولاد وڌندو هو سماجي نظام کان اڳ قبائلي نظام ۾ مردن جو انگ عورتن جي انگ کان تمام گهٽ هو ۽ گهڻيون شاديون انهن حالتن جو منطقي نتيجو هيون، هڪ عورت مرد کانسواءِ رهڻ جي بدران مرد جي ڪجهه حصي تي ئي قناعت ڪندي هئي هڪ شادي قبائلي امن جو نتيجو آهي.

اچو ته اخلاقي اضافيت جي ڪن مثالن جو تصور ڪيون. اوڀر جو ماڻهو مٿو ڍڪي ۽ اولهه جا ماڻهو مٿو اگهاڙو ڪري ڪنهن جو احترام ڪندا آهن. جپاني عورت (ٿي سگهي ٿو ته اڄڪلهه ائين نه هجي) ڪنهن مزور جي اوگهڙ ڏانهن ڌيان نه ڏيندي آهي پر ساڳئي وقت هو شرم ۽ حيا واري به هوندي آهي. عرب عورت لاءِ مُنهن تان پردو هٽائڻ ۽ چيني عورت لاءِ پير اگهاڙا ڪرڻ فحاشيءَ جي برابر آهي. انهن ٻنهي حالتن ۾ پردو تخيل ۽ خواهش کي اُڀاريندو هو ۽ انساني نسل لاءِ فائدي وارو هو. ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجن بيمارن ۽ پوڙهن کي جيئري پوري ڇڏيندا هئا ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ئي رحمدليءَ جو اظهار هو. لبوڪ جو چوڻ آهي ته چين ۾ ڪنهن پوڙهي لاءِ ڪفن جو تحفو ئي مناسب تحفو سمجهيو ويندو هو. اڄ به سمجهيو وڃي ٿو خاص ڪري جڏهن هو بيمار هجي. سمر ٿو چئي ته نيويرٽين جي ٻيٽ ۾ انساني گوشت ائين وڪامندو آهي جيئن اسان وٽ ڪاسائن جي دڪان تي جانورن جو گوشت، سلمان ٻيٽن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن چئن ٻيٽن ۾ ماڻهوءَ کي (خاص ڪري عورتن کي) دعوتن لاءِ سوئرن وانگر پاليندا آهن، اهڙا سوين مثال وڏي سولائيءَ سان گڏ ڪري سگهجن ٿا جن ۾ اهي ڳالهيون جيڪي اسان وٽ بداخلاقي سمجهيون وڃن ٿيون اهي ڪنهن زماني ۽ ڪنهن دور يا ڪنهن سرزمين تي سراسر اخلاق آهن، پراڻي زماني جي هڪ يوناني فلاسافر چيو هو ته  اوهان ڪنهن هنڌ جون مقدس ۽ اخلاقي رسمون گڏ ڪيو ۽ انهن مان اهي رسمون ڪڍي ڇڏيو جيڪي ڪنهن ٻئي سماج ۾ غيرمقدس آهن ته پوءِ باقي ڪجهه به نه بچندو.

 

2- زراعتي اخلاقي نظام:

اخلاقي نظام بدلبا رهن ٿا سوال آهي ته اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا انهن کي بدلائي ٿي؟ ڪهڙو سبب آهي ته ڪن جڳهن تي سٺا سمجهڻ وارا عمل ٻئي دور يا ٻئي هنڌ خراب سمجهيا ويندا آهن. شايد زندگيءَ جي اقتصادي بنيادن ۾ تبديليءَ سان اخلاقي تصورن ۾ به تبديلي ايندي آهي. تاريخ ۾ اهڙي قسم جا ٻه انقلاب آيا آهن. هڪ شڪاري زندگيءَ مان زرعي زندگيءَ وارو انقلاب ۽ ٻيو زرعي زندگيءَ مان صنعتي زندگيءَ وارو انقلاب. انساني ارتقا ۾ هي ٻه اهڙا انقلاب آهن جن تي ٻين واقعن جو دارومدار آهي. انهن ٻنهي انقلابن کانپوءِ وارن دورن ۾ اهو اخلاقي نظام جيڪو زندگيءَ جي پراڻي انداز ۽ اجتماعي ڀلائيءَ جو امين هو، بيڪار سمجهيو ويو ۽ نئين دور ۾ آهستي پر وڏي اٿل پٿل سان بدلبو رهيو.

گهڻو ڪري سڀني نسلن جا مرد وحشي جانورن جو شڪار ڪري زندهه رهندا هئا. جانور جو شڪار ڪري اُتي جو اُتي ان کي ڪُهندا هئا ۽ گهڻو ڪري ان جو ڪچو گوشت پيٽ ڀري کائيندا هئا. اقتصادي خوشحالي ۽ تحفظ واري تهذيب اڃا وجود ۾ نه آئي هئي ڊپ انسان جي بقا لاءِ لازمي هو ۽ وحشي انسان اڄ جي ڪتن وانگر کائيندو هو ڇاڪاڻ جو هن کي خطرو هوندو هو ته کاڌو وري الائجي ڪڏهن ملي. خطرو ڊپ جي ماءُ آهي، جيئن ظلم ڊپ جو اولاد آهي. اسان جو ظلم، اسان جو حرص، اسان جو تشدد ۽ جنگ جو شوق انساني زندگيءَ جي شڪاري دور جون نشانيون آهن. هوٽل ۾ هن ماڻهوءَ کي ڏسو جيڪو بيري کي ٿو چئي ته منهنجي لاءِ ڪو خاص کاڌو کڻي آءُ، اهو شڪاري دور جو ماڻهو آهي.

هر گناهه ڪڏهن نيڪي هو ۽ شايد وري احترام جهڙو ٿي پوي جيئن نفرت جنگ ۾ احترام جهڙي ٿي پوندي آهي. ڪڏهن بقا لاءِ ظلم ۽ حرص لازمي هو، اڄ هرڪو اهڙي تصور تي ٺٺولي ٿو ڪري. ماڻهوءَ جو گناهه هن جي زوال جي نه پر ترقيءَ جي نشاني آهن، پيءُ، ماءُ، پاڙيسري ۽ نصيحتون ڪرڻ وارا اسان کي ننديندا ۽ اسان جي انڪري تعريف ڪندا آهن ته جيئن اسان زماني سان هلي سگهون اهي اسان کي سڌاريندا آهن، جيئن اسان ڪُتي کي کير پياري ۽ ڌڪ هڻي سڌاريندا آهيون. اسان جي شخصيت جي انهن خصلتن کي ساراهيو ويندو آهي. جيڪي قدرت اسان کي فراخدليءَ سان عطا نه ڪيون آهن ۽ سماج سان مطابقت پيدا نه ڪندڙ لاڙن ۽ خصلتن کي ختم ڪرڻ جو سلسلو اسڪول جي مار کان ڦاهيءَ تائين هلندو آهي. ڪنهن به انساني لاڙي جي تعريف يا مذمت ڪري ان کي فرد ۾ وڌايو يا گهٽايو ٿو وڃي. آمريڪا کي جيستائين ملڪي وسيلن جي کوجنا جي ضرورت هئي هن کي ٻاهرين حملي جو ڊپ نه هو. تيستائين اهو ملڪيت کي وڌائڻ جي رجحانن جي همت افزائي ۽ فوجي رجحانن جي مذمت ڪندو رهيو. هاڻي آمريڪا کي ملڪيت وڌائڻ جي ضرورت گهٽ آهي (چون ٿا ته) ٻاهرين طاقتن کان بچاءَ جي ضرورت وڌي آهي ۽ اُتي اڄ ڪنهن ڪروڙپتيءَ جي اڳ جهڙي عزت نٿي ڪئي وڃي ۽ نيويءَ جا اعليٰ عملدار وڏي شان سان ٿا گهمن. مال وانگر اخلاق به گهرج ۽ پورت جو معاملو آهي ۽ جيڪڏهن گهرج هڪ ميدان ۾ ٻئي ميدان کان وڌيڪ سستيءَ سان پورت جو مواد پيدا ٿي ڪري ته اها انڪري جو انسان جو روح زمين کان وڌيڪ تيز ۽ سولائيءَ سان قبضي ۾ اچڻ جهڙو نه آهي. پر ان ۾ به قسمين قسمين ٻج پوکبا رهندا جن مان مٺو ۽ ڪڙو ميوو پيدا ٿيدو رهندو.

اسان کي خبر ڪانهي ته ڪڏهن ۽ ڪيئن زندگي ارتقا جون منزلون لتاڙي شڪاري دور کان زرعي دور تائين پهتي. پر اسان يقين سان چئي ٿا سگهون ته ان عظيم انقلاب نئين اخلاق جي ضرورت پيدا ڪئي ۽ ڪيتريون پراڻيون چڱايون پرامن زراعتي زندگيءَ ۾ خرابيون ٿي پيون. محنت بهادريءَ کان وڌيڪ اهم، ڪفايت تشدد کان وڌيڪ ضروري ۽ امن جنگ کان وڌيڪ ڪارائتو ٿي پيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته عورت جي سماجي حيثيت به بدلجي وئي. هوءَ شڪار کان وڌيڪ ٻنيءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڪارائتي ٿي. هاڻي هوءَ گهر جا ڪيترا ڪم ڪري روزي ڪمائڻ واري عمل ۾ شريڪ ٿي سگهي ٿي. انهن ڪمن لاءِ نوڪرياڻي مهانگي ٿي پئي. شادي سستي هئي ۽ هرهڪ ٻارَ، جلد وڏو ٿي، پنهنجي کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙي لٽي جي خرچ کان وڌيڪ ٿي ڪمايو. ٻار وڏو ٿيڻ کان اڳ ماءُ پيءُ سان گڏ ٻنيءَ تي ڪم ٿي ڪيو. هن جي پڙهائي تي ڪجهه به خرچ نه ٿي ٿيو. ڇوڪرا ته خير. ڇوڪريون به گهڻي ڀاڱي ڪارائتيون هيون. انڪري مامتا مقدس هئي. ڄم تي ضابطو غيراخلاقي هو ۽ وڏا خاندان خدا کي پسند هئا.

اهو زراعتي نظام هو جنهن ۾ اسان جي موروثي اخلاقي نظام جي اوسر ٿي. ٻنيءَ تي مرد جلدئي ذهني ۽ مالي لحاظ کان بالغ ٿي ويو ٿي ۽ ويهن ورهين جي عمر ۾ ئي زندگيءَ جي معاملن کي ائين سمجهڻ شروع ٿي ڪيو جيئن اڄڪلهه چاليهن سالن جو ماڻهو، هن کي رڳو هڪ هر، هڪ مددگار ۽ موسمن جي تبديليءَ جو اندازو لڳائڻ واري ساڃهه جي ضرورت هئي. هن کي جيئن ئي فطرت اشارو ڪندي هئي هو شادي ڪري ڇڏيندو هو ۽ جنسي لاڳاپن تي لڳايل پابندين کان بيزار نه ٿيندو هو ۽ تيستائين ان نظام کي صحيح سمجهندو هو جيستائين ان جي پاڻ ڀڃڪڙي نه ڪندو هو. عورت لاءِ پاڪائي ضروري هئي جو پاڪائي نه هجڻ ڪري مامتا جي غيرمحفوظ هجڻ جو خطرو هو ۽ جڏهن مسيحت هڪ کان وڌيڪ شادي ڪرڻ ۽ طلاق تي پابندي وڌي، تڏهن ماڻهن ان کي انڪري صحيح سمجهيو جو هاريءَ جي زال جيڪي ٻار ٿي ڄڻيا انهن لاءِ ضروري هو ته اُهي جوان ٿيڻ تائين ماءُ پيءُ سان گڏ رهن ۽ جيستائين آخري ٻار جوان ٿيندو هو تيستائين جسم ڍلو ٿي ويندو هو ۽ زال مڙس جو روح جو رشتو به قائم ٿي ويندو هو ۽ نواڻ جي خواهش به گهٽجي ويندي هئي.“ زراعت جي گهرجن تي ٻڌل عيسائيت جو اهو سخت اخلاقي نظام صحيح هو ۽ عمل ڪرڻ جهڙو هو ۽ وڏو فائدي وارو ثابت ٿيو، جنهن هڪ مضبوط نسل پيدا ڪيو ۽ هڪ صديءَ ۾ پوري کنڊ کي فتح ڪري ورتو. اخلاق هميشه توقعات کان وڌيڪ گهُرَ ڪندو آهي ته جيئن سندس ضرورت جي شيءِ کيس ملي وڃي.

پاڪائي، ننڍي عمر جي شادي، هڪ شادي کان وڌيڪ شادي نه ڪرڻ ۽ طلاق کان منع ۽ گهڻو اولاد واري زرعي اخلاقي نظام تيرنهن سؤ سالن تائين يورپ ۽ ان جي بيٺڪن ۾ قائم رهيو. اهو نظام انڪري به سولائيءَ سان قائم رهي ٿي سگهيو جو ٻنيءَ تي خاندان پيداوار جي ايڪائي هو. خاندان جا ماڻهو گڏجي ٻنيءَ تي ڪم ڪندا هئا ۽ ان جي پيداوار کائيندا هئا ايستائين جو جڏهن صنعت پيدا ٿي ته اها گهرو صنعت هئي جنهن گهر کي هڪ نئون شعور، نيون مصروفيتون، نوان ڪم ۽ نئين اهميت ڏني. ڏينهن وارو ڪم ڪار ختم ٿيندو هو ته هي خودمختيار جٿو شام جو ميز جي چوڌاري دائرو بڻائي ويهندو هو، رانديون ڪندو ۽ ڏورانهن ڏينهن بابت ڪتاب پڙهندو هو. هر وک تي هر واقعو ڀاءُ، پيءُ، ماءُ، ٻار، زال، مڙس جي وچ ۾ لاڳاپا قائم رکڻ جي مقدس سازش ۾ شريڪ هو. اهي چڱايون هيون مسيحي تهذيب جون!

 

3- صنعتي اخلاقي اصول:

اوچتو ڪارخانا ظاهر ٿيا ۽ مردن، عورتن ۽ ٻارن، گهر، خانداني ايڪي ۽ روايتن کي ڇڏي، پنهنجي ليکي، شخصيءَ طرح انهن عمارتن ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيڪي رهڻ لاءِ نه پر مشين جي حفاظت لاءِ ٺاهيون ويون هيون. شهر وڌڻ لڳا ۽ هر ڦار جو ڪم ڪرڻ وارا ڪارخانن ۾ چٽاڀيٽيءَ واري ڪم ۾ لڳي ويا. نئين نئين ايجادن جي رفتار مزورن جي طبقي وانگر وڌڻ لڳي هر سال نيون مشيون ٿي ايجاد ٿيون ۽ زندگي وڌيڪ ڳتيل ۽ منجهيل ٿيندي ٿي وئي. ماڻهن جي ذهني اوسر زراعتي نظام جي ڀيٽ ۾ دير سان ٿيڻ لڳي. ان ڳُتيل ۽ بدلجندڙ دنيا ۾ ويهن ورهين جي نوجوان جي ذهني حالت پراڻي دور جي ڇوڪري واري هئي، مردن، عورتن ۽ قومن جي باري ۾ هن جي غلط تصور کي ختم ٿيڻ ۾ اڃا گهڻو عرصو گهربو هو. شايد چاليهن ورهين جي ڄمار ۾ هن کي ذهني پختگي ٿي حاصل ٿِي. جوانيءَ جو دؤر ڊگهو ٿي ويو، تعليم لاءِ ڊگهو عرصو گهربو هو ته جيئن ذهن زندگيءَ جي نئين گهرجن مطابق ٿي سگهي.

زراعت کان صنعت ڏانهن تبديلي ماڻهن جي اخلاقي ڪردار تي اثر ڪرڻ شروع ڪيو. ماليءَ طرح پاڻ ڀرو ٿيڻ به گهڻو ڪري ذهني بلوغت سان گڏ ٿي حاصل ٿيو. رڳو هٿ جو پورهيو ڪرڻ وارا ايڪويهن ورهين ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي شادي ڪري ٿي سگهيا. انهن کان مٿاهين طبقي لاءِ مالي لحاظ کان پاڻ ڀرو ٿيڻ ڏکيو هو جو آرام ۽ فيشن جو معيار وڌندو ٿي ويو. اهو مسئلو خاص ڪري مٿاهن عهدن وارن لاءِ هو. تجارت ۽ صنعت ۾ اهڙا عنصر پيدا ٿيا جيڪي فردن جي پهچ کان ٻاهر هئا ۽ جيڪي ماڻهن جي ڪمن تي اثرانداز ٿي ٿيا ۽ ڪنهن به وقت کانئن ڪم ڇڏائي سگهيا ٿي.

ماڻهو جنهن جو پهريان ڪڏهن به زندگيءَ جي گهرجن ۽ تڪليفن سان واسطو نه پيو هو انهن سان هاڻي پهريون دفعو هن جو واسطو پيو. ڪارخانن جي وڌڻ سان هن پهريون دفعو عورت کي زندگيءَ جو پراڻو انداز بدلائيندي ڏٺو. جيڪڏهن هن شادي ٿي ڪئي ته زرعي اخلاقي روايتن موجب کيس پنهنجي زال کي گهر جي چوديواريءَ ۾ قيد رکڻو هو پر هاڻي گهر جي اها اهميت ڪانه رهي هئي. گهريلو عورت هڪ حسين ۽ بيڪار بوجهه هئي. گهر جي سينگار جو هڪ ساهه وارو ٽپڙ هئي. ان کان وڌيڪ هوءَ ڪجهه نه هئي، اهي سڀ ڪم جيڪي اڳ گهرن ۾ ٿيندا هئا هاڻي ڪارخاني ۾ ٿي رهيا هئا ۽ انهن جو معاوضو مرد جي ڪمائيءَ مان ٿي ادا ٿيو. جيڪڏهن بيڪاريءَ کان بچڻ لاءِ عورت ماءُ ٿي ٿِي ته تڪليفون وڌي ٿي ويون. ڇاڪاڻ جو هاڻي ويم لاءِ ڊاڪٽرن، نرسن، اسپتالن ۽ اوزارن جي ضرورت هئي جيڪو مهانگو ڪم هو ۽ نئين دور جي عورت پنهنجن نانن ۽ ڏاڏن وانگر سولائيءَ سان ٻار ڄڻي نٿي سگهي. جيڪڏهن هن وڌيڪ ٻار ٿي ڄڻيا ته کيس وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو ٿي پيو ۽ هر ٻار مصيبت ٿي ثابت ٿيو. ٻارن کي وڏيءَ عمر تائين تعليم ڏيڻي ٿي پئي، گهر جي مسواڙ ۽ سفر خرچ ٿي وڌيو، ٿيٽرن ۽ ناچ گهرن ۾ ٻارن سندن مزو ڦٽائي ٿي ڇڏيو. هنن لاءِ نون ڪپڙن جي ضرورت ٿي پئي ته جيئن ٻين ٻارن کان گهٽ نظر نه اچن. ۽ وري جڏهن هو ڪمائڻ جهڙا ٿي ٿيا ته غيرذميواريءَ واري زندگي گذارڻ لاءِ کين ڇڏي ٿي ويا، يا وري نوڪريءَ جي سانگي يا ڪارخانن ۽ واپار جي مرڪزن جي مٽجڻ جي ڪري سندن گهر سان تعلق ٽٽي ٿي ويو ائين جيئن ڪنهن بم جي ڦاٽڻ سان ان جا پرزا جدا ٿي ويندا آهن. انڪري شهر ۾ ماءُ ٿيڻ هڪ قسم جو غلام ٿيڻ جي برابر سمجهيو ٿي ويو. نسل لاءِ اهڙي قرباني ڏيڻ کي يا ته ڪا سياڻي عورت ٽاريندي رهندي هئي يا وري ان جو موقعو اچڻ ئي ڪونه ڏيندي هئي. جلدئي ڄم- روڪ عزت واري شيءِ ٿي پئي ۽ ڄم روڪ واريون شيون فلاسافيءَ جي مسئلن مان هڪ مسئلو ٿي پيون.

ڄم روڪ جي دوائن ۽ اوزارن جي عام ٿيڻ اسان جي اخلاق جي جلد بدلجڻ جو وڏو سبب آهي. پراڻي اخلاقي نظام مطابق جنسي تعلقات رڳو شاديءَ سان جائز هئا ڇاڪاڻ جو جنسي تعلقات سان ولديت ڳنڍيل هئي ۽ ولديت جي ذميواري رڳو شاديءَ سان ئي عائد ٿي ٿئي. پر هاڻي جنس کان ولديت جي جدا ٿيڻ سان اهڙيون حالتون ٿي ويون آهن جن جو اسان جا وڏا سوچي به نه ٿي سگهيا. مرد ۽ عورت جا لاڳاپا رڳو ان هڪ سبب جي ڪري ئي بدلجي رهيا آهن. مستقبل جي اخلاقي نظام کي انهن سهولتن جو جائزو وٺڻو پوندو جيڪي پراڻي خواهشن جي پورائي لاءِ نئين ايجادن پيدا ڪيون آهن.

انهن سڀني حالتن جي ڪري اسان جي اخلاق جي بدلجڻ ۽ دير سان شادي ڪرڻ جو وڏو سبب پيدا ٿيو. 1912ع ۾ پئرس ۾ شاديءَ جي سراسر عمر ٽيهه ورهيه هئي ۽ انگلستان ۾ چويهه ورهيه ۽ شايد ته گذريل سترهن سالن ۾ شاديءَ جي سراسري عمر وڌي آهي ۽ ٻيا صنعتي ملڪ به ان واٽ تي ٿا هلن ڇاڪاڻ ته فيشنن وانگر اسان جو اخلاق به پئرس مان ايندو آهي. دير سان شادي ڪرڻ جو رواج شهري سوسائٽيءَ جي انهن اعليٰ طبقن ۾ وڌيڪ ٿونظر اچي جيڪي سڀ کان وڌيڪ ٻارن کي سٺي ۽ اعليٰ ذهني ۽ جسماني تربيت ڏيئي سگهن ٿا. ڪيترا ماڻهو ته ماڳهين شادي ئي ڪونه ڪن، 1911ع ۾ انگلستان ۽ ويلز جي آبادي ٽي ڪروڙ سٺ لک هئي. انهن مان هڪ ڪروڙ بالغ هئا باقي ٻن ڪروڙن مان ستر لک اهڙا هئا جيڪي شاديءَ جي قيد کان آزاد هئا. جيئن جيئن ڳوٺ گهٽجن ۽ شهر وڌن ٿا تيئن تيئن وڏيءَ عمر ۾ شاديءَ جو رواج وڌي ٿو. طوائف جيڪا ماڻهن کي محبت کان پري رکڻ جي سکيا ٿي ڏي ان جو پنهنجن شاگردن کي سکيا ڏيڻ وارو عرصو وڌندو ٿو وڃي.

وچولي طبقي جو مرد شاديءَ کي مصيبت سمجهڻ لڳو آهي، هن جي جنسي اُڃ اُجهائڻ لاءِ هزارين عورتون سندس واٽ نهارينديون آهن، شادي ان کان وڌيڪ ٻيو ڏئي به ڇا ٿي سگهي، جڏهن کان گهر فليٽن ۾ بدليا آهن تڏهن کان ٻارن کي مصيبت سمجهيو ٿو وڃي. ڇڙا مرد پنهنجن دوستن کي ايڏي محنت ڪندو ڏسندا آهن جيڪا هو زالن جي آرام ۽ سندن هاڃيڪار بيڪاري کي قائم رکڻ لاءِ ڪندا آهن ڇاڪاڻ ته سندن زالن جي اها آرام ۽ بيڪاريءَ واري زندگي سندن رتبي جي ضرورت هوندي آهي. کين حيرت ٿيندي آهي ته سندن دوستن کي ان بي مثال غلاميءَ ۾ آخر ڪهڙي مجبوريءَ ڦاسايو آهي. هو اهو به ڏسندا آهن ته وچولي طبقي جا ماءُ پيءُ پنهنجن ڌيئرن کي زندگي ۽ شرافت جي اعليٰ معيارن جي تعليم ڏيندا آهن ته جيئن انهن جي شادي ڪنهن امير گهراڻي ۾ ٿي سگهي ۽ هو حيران ٿيندا آهن ته محدود آمدنيءَ وارا اهي ماءُ پيءُ خانداني اميرن سان ڪيئن برابري ڪري سگهندا. هو پنهنجي کيسي تي نظر وجهندا آهن ۽ ڪجهه وقت لاءِ شاديءَ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيندا آهن.

شهر ۾ شاديءَ ۾ دير جو سبب جنس جي ترغيب ۽ ان جي پورائيءَ لاءِ هر سهولت جو موجود هجڻ آهي. جنسي بلوغت پهرين جيان هاڻي به جلدي ٿي اچي پر مالي خوشحالي دير سان ٿي ٿئي. خواهشن تي پابنديون زرعي اخلاقي نظام ۾ مناسب ٿي لڳيون پر صنعتي نظام ۾ غيرفطري ۽ ڏکيون ٿيون لڳن ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه مرد ٽيهن سالن تائين شادي ڪري نٿو سگهي ۽ لازمي آهي ته جسم بغاوت ڪندو ۽ ماڻهوءَ جو پاڻ تي پراڻو وس نه هلندو، عصمت جيڪا زماني ۾ اخلاقي چڱائي سمجهي ويندي هئي هينئر کل جهڙي ٿي پئي آهي. حياءَ جيڪو حسن کي وڌيڪ حسين بڻائيندو هو ختم ٿي ويو آهي. مرد پنهنجن گناهن جي نون نون نمونن تي ناز ٿو ڪري ۽ عورت پنهنجو پاڻ ۽ مرد لاءِ هڪ جهڙي معيار جي گهُر ٿي ڪري جنهن مطابق ٻنهي کي لامحدود جنسي آزادي ملڻ گهرجي. شاديءَ کان اڳ جنسي تجربو عام ڳالهه آهي. پيشي واري جنسي تحرڪ پيدا ڪندڙ عورتبازي، گهٽين مان ڌڪجي وئي آهي جنهن جو سبب پوليس جي سختي نه پر پيشه ور عورتن جو مقابلي ۾ اچڻ آهي. پراڻو زرعي نظام ذريون ذريون ٿي ويو آهي ۽ شهر جي واسين ماڻهن جي اعمالن کي ان معيار تي پرکڻ ڇڏي ڏنو آهي. ليبنٽز چيو هو ته ان مسئلي کي ته مرد کي شادي ڪرڻ گهرجي يا نه، حل ڪرڻ لاءِ پوري زندگي گهرجي ۽ ظاهر آهي ته اسان جا نوجوان هن سان متفق آهن. انهن مان ڪي گهڻي وقت تائين سوچيندا ٿا رهن ۽ ڇڙن واري بيزار ڪندڙ زندگي ٿا گذارن. هو پارڪن ۾، ٻئي درجي جي اخبارن مان حاصل ڪيل اطلاعن جي ذريعي، ٻئي درجي جي زندگي ڳولهيندا ٿا رهن ۽ ناچ گهر ۾ ڏٺل بي جان ۽ ٿڪل ڄنگهن واريون سڀ رقاصائون کين هڪ جهڙيون ٿيون لڳن ۽ نيٺ گناهن کان به بيزار ٿي ٿا پون. هڪ ڇڙي جي اهڙي زندگي جي ڀيٽ ۾ شاديءَ جون مصيبتون ٻڙيءَ برابر ٿيون محسوس ٿين. ڇڙي ماڻهوءَ جي اڻپوري هجڻ جو احساس ۽ ڪو ڦر ڏيڻ کانسواءِ ڳرندڙ سنڍ عضوي کان اهي ذميواريون ۽ مسئلا هزارين درجا سٺا آهن.

چئي نٿو سگهجي ته آخر ڪيسائين سماجي خرابين کي دير سان شاديءَ واري مسئلي سان ڳنڍيو ويندو. انهن خرابين مان ڪي اسان جي نواڻ ماڻڻ جي حرص جي پيداوار آهن، ڇاڪاڻ ته فطرت اسان کي هڪ زال لاءِ پيدا نه ڪيو آهي. انهن خرابين مان ڪن جي ذميواري انهن پرڻيل مردن تي به آهي جيڪي فتح ٿيل قلعي جي لڳاتار محاصري تي جنسي نواڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. پر شايد انهن مان ڪيتريون خرابيون وڏي عرصي تائين شاديءَ ۾ دير ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿينديون آهن ۽ شاديءَ کان پوءِ واري جنسي بي راهه روي شاديءَ کان اڳ وارن ڪارنامن جي ڪري به پيدا ٿيندي آهي. اسان کي گهرجي ته اسين ان وڌندڙ صنعت کي حياتياتي ۽ اجتماعي سببن جي حوالي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ ان کي انسانن جي دنيا ۾ نظرانداز نه ڪري سگهجڻ واري حقيقت سمجهي قبول ڪيون. هي ترقي ڪيل ذهنن جو فيشني رويو آهي. پر ان ڳالهه کي سڪون سان قبول ڪرڻ به شرم جهڙي ڳالهه آهي ته اڄ اٽڪل پنج لک ڇوڪريون جنسي بي راهه رويءَ جو شڪار آهن ۽ اسان جو ٿيٽر ۽ اسان جو ادب صنعتي ڏڦير ۾ ڦاٿل شاديءَ جي صحتمند زندگيءَ کان اڻ واقف نوجوانن جي جنسي ناآسودگيءَ کي دولت ڪمائڻ جو وسيلو بنائي رهيو آهي.

تصوير جو ٻيو رُخ به ذري گهٽ اهڙوئي خراب آهي. هڪ باعصمت عورت هر ان مرد جي منتظر آهي جيڪو شاديءَ ۾ دير جي سبب بازاري عورتن جي سرپرستي ڪندو آهي. مرد دير سان شادي ڪرڻ واري دور ۾ هڪ سائنسي انتظام ۽ نئين ايجادن واري عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪندو آهي. ائين ٿو لڳي ته دنيا هن جي جذبن ۽ خواهشن جي پورائيءَ لاءِ هرممڪن طريقو ايجاد ڪيو آهي، پر ان ڇوڪريءَ کي جنهن کي ڏهن ورهين کان پوءِ هن سان شادي ڪرڻي پوندي آهي باعصمت رهڻو هوندو آهي ۽ پوءِ ئي هوءَ هن جي تجربيڪار ٻانهن جي ڀاڪر  ۾ اچڻ لائق ٿيندي آهي (بالزڪ چيو هو ته هڪ عام گهوٽ ان باندر وانگر آهي جيڪو وائلن وڄائڻ جي ڪوشش ڪندو هجي). معاشري جو اهڙو بندوبست يقيناً انصاف تي ٻڌل نه آهي. ان جو سبب پڪ اهو آهي ته پراڻي زماني ۾ جڏهن عورتون نيلام ٿينديون هيون ته باعصمت ڇوڪريءَ جي قيمت وڌيڪ ملندي هئي. ان جو واسطو ان غير منصفاڻي اخلاقي معيار سان به آهي جيڪو عورت کان مڪمل وفاداريءَ جي گهر ٿو ڪري ته جيئن ملڪيت صالح وارثن جي هٿ اچي. پر عقل ان کي  بلڪل ناانصافي ٿو سمجهي. اهو نظام هاڻي پڪ ٿورو وقت هلندو.

ان کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته بالغ ٿيڻ کان پوءِ جنسي لاڳاپن کان پاسو ڪرڻ غير فطري آهي. ۽ ان سان ڪيتريون ذهني خرابيون ۽ جنسي بيماريون پيدا ٿينديون آهن، ان عمر ۾ جڏهن جسم ۽ ذهن هڪ حالت مان ٻي حالت ۾ ايندا آهن ۽ ٻنهي کي مڪمل صحت جي ضرورت هوندي آهي. هنن تي غير ضروري وزن پوندو آهي. جيڪڏهن ڪو اخلاق جو مبلغ شاديءَ کان اڳ جنسي لاڳاپن کي نندي ٿو ته اها ڪا چڱي ڳالهه ڪانهي. هن کي تيستائين نندڻ نه گهرجي جيستائين هو انهن طاقتن جو مقابلو نه ڪري جيڪي شاديءَ لاءِ دير جو سبب بڻجڻ ٿيون. اسان تيستائين اهڙا مطالبا ڪري نٿا سگهون جيستائين اسان اهڙيون حالتون نٿا پيدا ڪيون جن ۾ ڪنهن زماني ۾ اهڙا مطالبا صحيح هئا. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان ان مسئلي کي منهن ڏيون، يا ته اسان شاديءَ کان اڳ جنسي تعلقات جي مڪمل آزادي ڏيئي ڇڏيون يا وري اسان شاديءَ جي جيڪا فطري عمر آهي ان ڏانهن موٽي اچون.

 

4- اسان جا بداخلاق بزرگ:

اها ڳالهه عام آهي ته نوجوان جنسي نواڻ ڳولهيندا آهن پر اهو لاڙو هر عمر جي ان مرد ۾ هوندو جنهن ۾ ٿورو به جنسي جذبو هجي. شاديءَ کي ملتوي ڪندو رهڻ وارن مردن ۽ عورتن سان شهر ڀرجي ويا آهن جيڪي جنسي نواڻ جي خارجي ترغيبن کي اولاد ۽ گهر جي ذميوارين جي جاءِ ٿا ڏين. اهي ماڻهو اڪيلا هوندا آهن، نائيٽ ڪلبن ۾ ويندا آهن ۽ نشي ۾ مدهوش ٿيندا آهن ۽ سهڻن حيوانن کان پاڻ لٽائي، محبت کي ڳولهيندا آهن. هنن جون اهي عادتون ڪيترن ماڻهن ۾ داخل ٿينديون ٿيون وڃن. هتي جنس ۾ نواڻ فيشن تي وئي آهي ۽ ڪوبه مرد چئي نٿو سگهي ته هو زال سان وفادار آهي يا شعور کي مدهوشيءَ تي ترجيح ٿو ڏي. جنس ۾ نواڻ طلبيندڙ اهي ماڻهو نوجوان نه پر پڪي وهيءَ جا هوندا آهن. ۽ اهي پڪي وهيءَ وارا ئي هن زماني جي مزاج جا ذميوار آهن.

اخلاقي اٿل پٿل جو سبب، جيئن اسان ڏٺو، نئين دور جي طبقن ۾ شاديءَ ۾ دير ڪرڻ وارو رجحان آهي ۽ جيستائين ڪي شخصي سبب نه هجن شاديءَ ۾ دير ڪرڻ جي ذميواري نوجوان نسل تي نه پر سندن پيءُ ماءُ جي ڪلهن تي وجهڻ گهرجي. نوجوانن جون خواهشون صحتمند آهن ۽ اهي جلدئي کين ڪاميابي ۽ بلوغت ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿيون. پر محتاط پيءُ ۽ ساڙيل ماءُ، ڪاوڙ مان پٽ کان پڇندا آهن ته تون ڪمائين ڇا ٿو جو محبت جي چريائپ ۾ ٿو ڦاسين؟ دولت ڪمائڻ جي سياڻپ وچولي طبقي جي ماءُ پيءُ جي بنيادي فلاسافي آهي. هو پنهنجون پراڻيون من مستيون وساري ڇڏيندا آهن ۽ ڪڏهن ناهن سوچيندا ته جوان دلين ۾ به ڪي خواهشون ڌڙڪنديون هونديون جن کي پوڙهو دماغ سمجهي نٿو سگهي. ڏٺو وڃي ته اهو پوڙهو نسل آهي جيڪو بنيادي طرح بداخلاق آهي. ان نسل جا ماڻهو قوم يا نسل جي مفادن کان بي پرواهه ٿي فطرت جي فطري تقاضن کي پورو ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ حقيقت ۾ سالن تائين جنسي بي ترتيبيءَ جي صلاح ڏيندا آهن جو ان کي ڪامياب شادي ۽ تندرست اولاد لاءِ تياريءَ واري منزل سمجهندا آهن. جن ماءُ پيءُ جو تجربو گهڻو هوندو آهي انهن کي خبر هوندي آهي ته اجتماعي راحت ۽ صحت جي ڀيٽ ۾ مال ۽ دولت جي ڪا حيثيت ڪانهي ۽ هو فطرت جو ساٿ ڏيندي پنهنجي اولاد جي نوجوانيءَ ۾ ئي شادي ڪرائڻ جي قرباني ڏيندا آهن. جيستائين ائين ٿئي نٿو اسين چئي ٿا سگهون ته نوجوانن جي بداخلاقيءَ جو سبب يڪي وهيءَ جي ماڻهن جي ڪاروباري ذهنيت آهي.

ڪير ٿو چئي سگهي ته جوانن جي جنسي بي راهه روي پڪيءَ وهيءَ وارن جي غير مضبوط شادين کان وڌيڪ خراب آهي. طلاق آهستي آهستي شاديءَ تي حاوي ٿيندي ٿي وڃي. 1921ع ۾ ڊينيور ۾ جدا ٿيڻ وارن جوڙن جو انگ شاديءَ وارن جوڙن جي برابر هو. چئن سالن ۾ طلاق ۽ شاديءَ ۾ سراسري فرق 25 سيڪڙو کان 50 سڪيڙو ٿي ويو. 1923ع ۾ شڪاگو ۾ 39000 شاديون ٿيون ۽ 13000 طلاق تي ختم ٿيون. 1924ع ۾ نيويارڪ رياست ۾ شاديون 1922ع ۾ 446 سيڪڙو گهٽ ٿي ويون ۽ طلاق 842 سيڪڙو وڌي.

عدالتن شاديءَ جي ان قتلام جا جيڪي سبب ٻڌايا آهن اهي نهايت سطحي آهن. جيئن ظلم، بي پرواهي، مدهوشي وغيره. ائين ٿو لڳي ته طلاق جي عام ٿيڻ کان اڳ ماڻهن ۾ اهي عيب ڪونه هئا انهن سطحي سببن جي تهه ۾ ٻار ڄڻڻ کان نفرت آهي ۽ جنس ۾ نواڻ جو شوق جيڪو (حضرت) آدم وانگر پراڻو آهي. جديد زندگيءَ جي انفراديت، جنسي ترغيب جو عام ٿيڻ ۽ جنسي جذبي جي پورائي جو ڪاروبار جي حيثيت اختيار ڪرڻ، اصل سبب اهي آهن.

زندگيءَ جي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ عورت جي ڪشش هن جو حسن آهي. مرد حسن جي چونڊ ڪندو آهي ۽ ڪنهن زماني ۾ حسن صحتمند اولاد جو  ضامن هو، پر شادي هڪ مستقل تعلق آهي جڏهن ته حسن فاني آهي. ”حسن سدائين جي خوشي آهي“ واري ڳالهه ان ماڻهوءَ لاءِ صحيح نه آهي جيڪو هن سان شادي ٿو ڪري. جڏهن ته زندگيءَ جي ساٿي واري حيثيت ۾ مرد جي ڪشش هن جي شخصيت ۽ قوت ۾ آهي، پر هڪ وڏي ذهين شخصيت ۽ تمام گهڻي قوت جو اثر به زوريءَ واري ساٿ ۽ وفاداريءَ جي ٿورن ئي سالن ۾ گهٽجي ويندو آهي. مرد غير حاضر رهي پنهنجو پاڻ کي ان صورتحال کان بچائي وٺندو آهي ۽ عورت ٻار ڄڻڻ ۾ دير ڪرڻ ۽ دير سان شادي ڪرڻ ۽ پنهنجي کَل جي حفاظت لاءِ اُهي ڪيميائي ليپ استعمال ڪري پنهنجي حسن جي حفاظت ڪرڻ سان پاڻ بچائيندي آهي. جن سان سائنسي زراعت وارا نخسا به پڄي نه سگهن. پر حقيقت هيءَ آهي ته شاديءَ جي قائم رهڻ لاءِ عورت لاءِ جنسي ڪشش کان وڌيڪ ٻار ڄڻڻ جي اهليت ضروري آهي. جنهن سان هن ۾ اهي خاصيتون پيدا ٿينديون آهن جن جو مرد سوچي به نٿو سگهي. هوءَ بدلبي آهي، وڌندي آهي ۽ هڪ نئون انڪشاف ٿي پوندي آهي ۽ پوءِ اهو پراڻو معجزو يعني ٻار هن کي هڪ نئون حسن ۽ نئين ڪشش ڏيندو آهي. ٻار نه هجي ته گهرَ رڳو هڪ چوديواريون آهن جيڪي محبت جي لاش جي چوڌاري بيٺل هونديون آهن ۽ جلد ئي جتي هڪ خاندان هئڻ گهرجي اتي ٽڙيل پکڙيل افراد هوندا آهن.

 

5- خاندان:

خاندان سماجي ادارن مان سڀ کان وڌيڪ فطري ادارو آهي جيڪو نه رڳو جنسي ميلاپ پر ٻار پيدا ڪرڻ جي قدرتي لاڙن تي ٻڌل آهي. هي ادارو ايتري ته بنيادي حيثيت ٿو رکي جو ان کي اخلاقي فرض سمجهڻ ضروري نه آهي. ٻار پيدا ڪرڻ جي جبلت، لاڙن، ترغيبن ۽ خواهشن جو هڪ منجهيل معاملو آهي. شايد جنسي خواهش کي ان خواهش کان الڳ سمجهڻ گهرجي جنهن جو واسطو ٻار پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي نيپاج سان آهي. ڪي مرد ۽ ڪي ٿوريون عورتون پاڻ کي ٻار پيدا ڪرڻ کان آجو سمجهندا آهن. تمام گهٽ اهڙا مرد ۽ عورتون آهن جيڪي هڪ تڪليف ڏيندڙ ٻار کي به نعمت سمجهندا ۽ ساڻس محبت ڪندا آهن. هڪ ٿڌي جذبات وارو مفڪر به ٻارن سان پيار ڪندو آهي. ٻار جڏهن بيمار ٿيندو آهي ته هن جي پرگهور لهڻ جي ڪري هن سان پيار اڃا وڌندو آهي جيئن ڪنهن مصور جي پنهنجي ان تصوير سان تيئن تيئن محبت وڌندي آهي جيئن جيئن اها سندس هٿن ۾ مڪمل ٿيندي ويندي آهي. ٻار بدصورت هوندو آهي ته رحمدل فطرت ماءُ پيءُ کي انڌو ڪري انهن جي تصور کي سندن حواسن تي حاوي ڪري ڇڏيندي آهي ۽ هنن کي پنهنجي ٻار ۾ بدصورتي نظر نه ايندي آهي، چوڻي آهي ته ”خدا مرض سان گڏ علاج به موڪليندو آهي.“ اها فطرت جي وڏي رحمت آهي جو اسان پاڻ کي ٻين جي اکين سان نه ڏسندا آهيون.

اولاد ماءُ پيءُ لاءِ نه، پر ماءُ پيءُ اولاد لاءِ زندهه رهندا آهن ۽ ٻار جي بي وسي خاندان جو بنياد ۽ ان جي اهميت جو سبب هوندي آهي. خاندان انهن رسمن، هنرن، روايتن ۽ اخلاقن کي محفوظ ڪرڻ وارو ادارو آهي، جيڪو انساني ورثي جي جان ۽ اجتماعي تنظيم جو نفسياتي بنياد آهي. ٻار هڪ قانون کي نه مڃڻ واري مخلوق آهي، هو ڪنهن به رسم يا قانون جي پرواهه نه ڪندو آهي. هو فطريءَ طرح پابندي يا جهَل جي مخالفت ڪندو آهي پر خاندان، ٻين ٻارن ۽ پيءُ ماءُ وسيلي، ان ننڍڙي انفراديت پسند کي لالچ ۽ مار سان، ٽولن ۽ حڪمن سان هڪ اجتماعي فرد بڻائيندو آهي جيڪو سهڪار لاءِ راضي ٿي ويندو آهي ۽ ٿوري وقت لاءِ هڪ اشتراڪيءَ وانگر ورهاست ڪرڻ لاءِ به تيار ٿيندو آهي. خاندان پهريون سماجي ادارو آهي جنهن ۾ ٻار تعلقداري سکندو آهي ۽ هن جي اخلاقي اوسر جو راز ان ۾ لڪل آهي ته هو ان تعلقداريءَ کي وسيع ڪري ايستائين جو هن کي پنهنجي وطن جون حدون به سوڙهيون محسوس ٿين. پر جڏهن ان مضبوط ۽ محفوظ چوديواريءَ کي ڇڏي هو چٽاڀيٽيءَ جي طوفان ۾ داخل ٿيندو آهي ته ٿوري وقت کان پوءِ هن مان سهڪار جو جذبو ختم ٿي ويندو آهي. ڪي وچولي عمر جا ماڻهو جيڪي خوشحال آهن پر ناخوش ٿا رهن اهي اندر جو آرام ماڻڻ لاءِ پراڻي گهر جو رُخ ڪندا آهن جيڪي هِن هَڻ وَٺ جي سمنڊ ۾ سهڪاري ٻيٽ جي حيثيت رکندو آهي.

خاندن ئي اصل ۾ اخلاق ۽ پاڻ ڳنڍڻ وارو مرڪز آهي جيڪو پوءِ انسانيت جي مرڪز جي صورت ٿو اختيار ڪري، ساري دنيا کي خبر آهي ته خاندان جي اها مرڪزي حيثيت ختم ٿي وئي آهي ۽ اسان جون صنعتي آباديون هن غير مستحڪم دور مان لنگهي رهيون آهن ۽ اهي خاندان کي اخلاقي بنيادن کان ڌار ٿيون ڪن، ڇاڪاڻ ته خاندان پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي حيثيت وڃائي ويٺو آهي. صنعت گهر ۽ ٻنيءَ مان نڪري ڪارخاني ۽ چوواٽي تي اچي بيٺي آهي، فرد کي وِک وِک تي رولائڻ وارو پيشو ۽ سرمائي جي وهڪري يا قدرتي زخيرن جي ظاهر ٿيڻ جي ڪري مزوريءَ واري جاءِ بدلبي ٿي رهي، انهن سببن جي ڪري پيءُ ۽ پٽ وارا اهي تعلقات ٽٽي ويا آهن جيڪي گهر جي ايڪي ۾ اُسريا هئا. وڏي پيماني تي صنعت ۽ ان جي نتيجي ۾ رياست جي سخت مرڪزيت سان گهر جا بنياد ختم ٿي ويا آهن جن جو الزام نظرين تي مڙهيو ٿو وڃي. خانداني وفاداري ۽ محبت جا چشما سُڪندا ٿا وڃن ۽ اهو جذباتي سرمايو وطن پرستيءَ ۾ لڳايو ٿو وڃي جيئن ماءُ پيءُ جا اختيار رياست جي وسيع ۽ اعليٰ طاقت جي آڏو ختم ٿيندا ٿا وڃن. هرهنڌ فطري انساني سهڪار جا رشتا ٽٽن ٿا ۽ انهن جي جاءِ امن ۽ قانون، نظرياتي تبليغ ۽ جبر جا خارجي ۽ مصنوعي ٻنڌڻ ٿا وٺندا وڃن ۽ اها اقتصادي ۽ سياسي فرديت نيٺ اخلاقي نفسانفسي ۾ ٿي ظاهر ٿئي جنهن جو نفعي جي جنگ ۾ ڪو مقابلو ڪونهي ۽ جيڪا انهن زمانن ۾ رونما ٿيندي آهي جڏهن وڏيون وڏيون تهذيبون فنا ٿي وينديون آهن.

سبب:

هاڻي اچو ته سببن جو مختصر جائزو وٺون، انهن تبديلين جو بنيادي سبب صنعتي انقلاب آهي جيڪو چڱائي يا خرابيءَ کان هٽي ڪري هرهڪ سماجي اٿل پٿل جو سبب هو. ڪارخانن جي نظام، شاديءَ ۾ دير ڪرائي فرد کي محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ شاديءَ ۾ دير هڪ عجيب بي ترتيبي پيدا ڪئي ۽ هزارين ماڻهن کي شهري زندگيءَ ۾ جنسي طرح تحرڪ پيدا ڪندڙ ويجهڙائي ۾ آڻي ڇڏيو. هن عورت کي آزادي ڏياري ۽ شاديءَ کان اڳ حادثاتي طور تي کانئس جنسي تجربو ڪرايو. هن خاندان جي اخلاقي اثر کي ختم ڪيو ۽ محبت جي سخت اخلاق جي جاءِ تي لذت پرستي ۽ جنسي بي راهه رويءَ کي روشناس ڪرايو ۽ ڄم جي اوزارن جي ترقيءَ اهڙن واقعن کي هٿي ڏني.

جهڙي طرح نشاة الثانيه جي دولت ان آزادي، بي راهه روي ۽ فن جي ترقيءَ جو سبب ٿي اهڙيءَ طرح هيءَ اسان جي دور جي دولت آهي جنهن (ڪنهن ادبي بغاوت کان وڌيڪ) محبت جي سخت اخلاقي نظام جي جاءِ تي هڪ آزاد روح جي آزاد لذتن کي آزادي ڏيئي ڇڏي آهي. موڪل جو ڏينهن جيڪو هاڻي آرام، سڪون ۽ عبادت جو ڏينهن نه رهيو آهي پر رلڻ ۽ لامحدود لذتن جو ڏينهن ٿي ويو آهي. اسان جي بدلجندڙ اخلاق، اسان جي آزاد خيال زندگيءَ جي هڪ کليل ثابتي آهي. مفلسيءَ ۾ نيڪ ٿيڻ سولو آهي ۽ جيڪڏهن خبر هجي ته جيڪي ڪَرڻ تي دل ٿي هرکي، اهو مهانگو آهي ته ماڻهو اهو ڪم نه ڪندو پر جي کيسا ڀريل هجن ته ماڻهن جي گوڙ ۾ پاڻ لڪائي اسين هر حسين چهري ۾ خود فراموش کي ڳولهينداسين ۽ خود اعتماديءَ کان محروم پنهنجن دلين کي پنهنجي مردانگيءَ جي ثابتي ڏينداسين. اسان جي اڄ جي ٺاهه ٺوهه ۽ مزاج جي جديد عيش جي مقابلي ۾ اسان جي اخلاق جي تبليغ ڪرڻ وارن جي تبليغ اجائي آهي ڇاڪاڻ ته اها اسان جي جذبات ۾ ازلي ۽ ابدي محرڪات تي ٻڌل آهي ۽ هاڻي ان کي تسڪين جا غيرمعمولي موقعا ملي ويا آهن. جيستائين اقتصادي حالتون صورتحال کي نه ٿيون بدلائن، تيستائين نتيجو اهو ئي نڪرندو. جيستائين مشينون واندڪائيءَ جون گهڙيون ميسر ڪنديون رهنديون ۽ جسماني ڪم جي ذهني ڪم جاءِ وٺندو رهندو تيستائين اها قوت جيڪا جسماني محنت سان ختم ٿيندي هئي. رت کي گرمائيندي ۽ جنسي ترغيبون ائين ئي غيرمعمولي طريقي سان خواهشن کي اُڀارينديون رهنديون.

لذت جي ان نشاة الثانيه مذهبي عقيدي تي حملي ۾ اسان جي توقع کان وڌيڪ ڊارون سان سهڪار ڪيو، نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۾، جن وٽ دولت وڌي ۽ دولت جرائت پيدا ڪئي. انهن ڏٺو ته مذهب هنن جي لذت ماڻڻ کي نندي ٿو ته هنن سائنس ۾ مذهب کي نندڻ وارا هزارين سبب ڳولهي لڌا. شرافت جنس کي پڙدي ۾ رکيو ۽ ان کي ننديو پر نفسيات ۽ ادب جنس کي ساري زندگيءَ تي پکيڙي ڇڏيو. مذهب جا پراڻا مفڪر ان ڳالهه تي بحث ڪندا هئا ته ڪنهن ڇوڪريءَ جو هٿ هٿ ۾ وٺڻ گناهه آهي يا نه ۽ اڄ اسان ٿا چئون ته لذت جي اهڙي موقعي مان پورو پورو فائدو نه وٺڻ گناهه آهي. ماڻهو ايمان وڃائي ويٺا آهن. ۽ پراڻي زماني واري احتياط کان بي خوف تجربي کي ترجيح ٿا ڏين. اها سزا ان ڏوهه جي آهي ته اسان جي اخلاق کي فطرت کان مٿاهن عقيدن سان ڳنڍيو ويو هو. پراڻو اخلاقي نظام ڊپ تي بيٺل هو. هڪ هِتان جي سزا جو ڊپ ۽ ٻيو جهنم جي سزا جو ڊپ. پر علم خوف لاءِ خطرناڪ آهي ۽ علم وڌندو ٿو رهي. تعليم جي واڌاري سان پراڻو اخلاقي نظام هلي نه سگهيو. اسان جون غير متوازن زندگيون نئون اخلاقي نظام ٿيون گهرن، اهڙو نظام جنهن جو بنياد اسان جي فطرت ۽ هن دنيا جي قدرن تي بيٺل هجي ته جيئن اها تهذيب، جيڪا ديوتائين جي غائب ٿيڻ کان پوءِ. پنهنجي ليکي هيڏانهن هوڏانهن وکري وئي آهي، ان کي ڇوٽڪاري جي ڪا واٽ ملي.

زراعت ۽ مذهب سان گڏ اينگلو سيڪسن نسل جو به زوال ٿيو. مذهب جو تنزل انسان جي فطري خواهشن تي پابنديون وجهڻ سان نه ٿيو پر ان نسلي گروهن جي تنزل سان به ٿيو جن ان اخلاقي نظام کي اختيار ڪيو هو ۽ جيڪي هينئر اسان جي شهرن ۾ معمولي اقليت بنجي چڪا آهن. هڪ هجرت ۽ ٻيو نسل جي واڌاري ۾ فرق جي ڪري ادنيٰ اعليٰ ٿي ويا ۽ وڏن ماڻهن کان وڏائي کسجي وئي. آئرلينڊ، روس ۽ ڏکڻ يورپ جي غير نارڊ نسل جا ماڻهو، جيڪي اسان جي وڏن وڏن شهرن جي سياست تي حاوي آهن، ادب ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجي بنان پابندين واري اخلاقي نظام جو روح ڦوڪي رهيا آهن. زندهه دل آئرش، گرم جوش اطالوي ۽ آرام طلب سليوَ کي اينگلو سيڪسن نسل جون گهريلو چڱايون پسند نه آيون. اسان جي ادب ۾ جيئن نيوانگلينڊ دور ختم ٿي ويو آهي ۽ پوءِ وارا مهاجر پنهنجي حقيقت پسند ۽ ياسيت واري فلاسافيءَ لاءِ نئين هيئت ۽ اسلوب وضع ڪرڻ جا تجربا ٿا ڪن ائين اسان جو اخلاق انتشار جي حالت ۾ آهي ۽ اسان جون اقليتون اسان جي ادب، ٿيٽر ۽ رياست تي قابض آهن. آمريڪا جي اخلاق پنهنجا نسلي ۽ اقتصادي بنياد مٽائي ڇڏيا آهن.

ان تبديليءَ جو آخري سبب پهرين عالمي جنگ هئي. ان جنگ سهڪار ۽ امن جي انهن روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو جيڪي صنعت ۽ واپار سان وجود ۾ آيون هيون. هن جنگ ماڻهن ۾ وحشت ۽ وڳوڙ جي عادت وڌي. هزارين سپاهي جڏهن وطن وريا ته اخلاقي مرضن ۾ مبتلا ٿي چڪا هئا. ان جنگ ۾ ماڻهن جي قتلام سان ماڻهوءَ جي زندگيءَ جو قدر گهٽجي ويو، نفسياتي ڏوهارين جا جٿا پيدا ٿيا. ماڻهن جو مهربان تقدير ۾ ايمان هو پر جنگ ماڻهن جي ان ايمان کي ختم ڪيو ۽ ماڻهن جي ضمير کي مذهبي عقيدن جي جيڪا ٽيڪ مليل هئي اها ختم ڪري ڇڏي ۽ هڪ پورو نسل مايوسيت، انفراديت ۽ ڇڙواڳ بداخلاقيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو. ملڪ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا. طبقاتي جنگ وري شروع ٿي. صنعت اجتماعي فائدي کي ذاتي فائدي تي قربان ڪرڻ شروع ڪيو. مرد شاديءَ جي ذميواريءَ کان پاسو ڪرڻ لڳا. عورتن کي هڪ اخلاق ڪش غلاميءَ ۾ ڌڪيو ويو ۽ نوجوان نئين آزادين وارين سائنسي ايجادن جي مدد سان جنسي لاڳاپن جي نتيجن کان محفوظ ٿي، آرٽ ۽ زندگيءَ جي لکين ترغيبن ۾ جڪڙجي ويا.

اهي آهن اسان جي اخلاقي تبديلين جا ڪي سبب. گهرن ۽ زمينن کان ڪارخانن ۽ شهرن ڏانهن جيڪا لڏپلاڻ ٿي ان کي ذهن ۾ رکي پوءِ اسان ان پُرجوش نسل کي سمجهي ٿا سگهون جيڪو اسان جي جاءِ وٺي رهيو آهي. هنن جي زندگي ۽ ان جا مسئلا نوان ۽ الڳ آهن. صنعتي انقلاب ان نسل کي شڪنجي ۾ ڀڪوڙيو آهي ۽ هنن جي رواجن، لباس، مذهب ۽ اخلاق کي بدلائي رهيو آهي. ان نسل کي پراڻي اخلاقي نظام جي زاويي کان جاچڻ ۽ پرکڻ اهڙي غير تاريخي ۽ غير منصفاڻي ڳالهه آهي جهڙي ان نسل جي نوجوانن کي پراڻي زماني جو لباس پارائڻ. اخلاق ۽ اخلاقي لفظن جا مطلب بدلجي رهيا آهن، انهن جا پراڻا مرڪز مٽجي ويا آهن ۽ نوان مرڪز اڃا تعمير نه ٿيا آهن. ڪنهن کي خبر ڪانهي ته انهن جو مطلب ڇا هئڻ گهرجي يا انهن کي ڪيئن نوان مطلب ڏنا وڃن ته جيئن صنعتي ۽ شهري دور ۾ انساني ڪردار کي سمجهي سگهجي.

اسان ٻن زمانن جي وچ ۾ بيٺا آهيون، هڪ مري چڪو آهي ۽ ٻيو اڃا پيدا نه ٿيو آهي. اسان جي تقدير هڪ نسل جو وڳوڙ آهي، اسان کي سقراط ۽ ڪنفيوشس وانگر ان ڳالهه جو شعور آهي ته ضبط ۽ خوف تي بيٺل اخلاق جي گرفت هاڻي ختم ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي اسان کي هڪ فطري اخلاقي نظام پيدا ڪرڻ گهرجي جنهن جو بنياد خوف نه پر ذهانت هجي ۽ جنهن جي ذريعي اسان پڙهيل طبقي کي قائل ڪري سگهون. اسان مان جن کي ٻار آهن انهن لاءِ اخلاق ۽ نفسيات جا هزارين سوال آهن جن جي جوابن لاءِ ڪوبه پراڻو نسخو ڪم نه ايندو. اسان مجبور آهيون ته سوچيون، پنهنجن عادتن ۽ مفروضن تي نڪته چيني ڪيون ۽ پنهنجي لاءِ زندگي  ۽ سوچ جو هڪ اهڙو نظام تعمير ڪيون جيڪو اسان جي زماني جي گهرجن مطابق هجي. اسان پنهنجي ستارن جي آڏو ذري گهٽ اگهاڙا بيٺا آهيون، اسان کان فطرت کان مٿاهن عقيدن ۽ موروثي اخلاقي نظام جو لباس کسجي ويو آهي. هاڻي هرهڪ شيءِ جي نئين سر تعمير ٿيڻ گهرجي، اهڙيءَ طرح ڄڻ اسان اڃا اوائلي دور ۾ آهيون ۽ اسان مجبور آهيون ته تهذيب جي نئين سر تعمير ڪيون.

اسان اهڙو اخلاقي نظام ڪٿان آڻيون جيڪو اسان جي زندگيءَ جي نئين حالتن مطابق هجي ۽ اسان کي وري زندگيءَ جي اعليٰ قدرن واري بلندين تي پهچائي جيئن پراڻي اخلاقي نظام ماڻهن کي شرافت، نجابت، حياءَ. نيڪي، عزت، دلاوري ۽ محبت جهڙن اعليٰ قدرن تائين پهچايو هو. اسان نيڪيءَ جي ڪهڙي نئين تشريح ڪيون ۽ اعليٰ سماجي اخلاق جا بنياد وجهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org