باب ڇهون
اخلاق
۽ بداخلاقي
هاڻي اچو ته پهرين ٿوري دير لاءِ ڏسون ته اخلاق جي
باري ۾ فلاسافر ڇا ٿا چون. پهرين ته هنن جون
چوڻيون اسان جي سوچ کي لوڏي ڇڏينديون پر پوءِ
حالتن جي سڀني رخن تي غور ڪرڻ سان اسان منجهيل
حالتن مان نڪري ڪنهن نتيجي تي پڄي سگهنداسين.
شروعات ۾ ئي يورپي اخلاق جا باني فلاسافر يعني
يونان جا سوفسطائي اسان کي ڪنڊن واري مرڪز ۾
ڦاسائي ٿا ڇڏين ڇاڪاڻ جو هنن جي فڪر جي آڏو نٽشي
جي فلاسافي بي جان ۽ ان جي حيثيت ٻئي درجي واري ٿي
بيهي. هنن جي اڌ فلاسافي ٻه هزار ورهيه اڳ هن ڀورن
وارن واري شريف حيوان جي جرمني فلاسافي تان چورايل
آهي. افلاطون جي گورجيئز
Gorges
۾ ڪيليڪلس
Calicles
ٿو چئي ته ڪمزور ماڻهو طاقتور کي روڪڻ لاءِ هڪ
رستو ڳولهيو آهي ۽ ان رستي جو نالو اخلاق آهي. ان
اخلاق جو مقصد اهو آهي ته هڪ غير معمولي ماڻهو کي
عام انسان وارين پابندين ۾ جڪڙيل رکجي. هڪ داناءُ
ماڻهو نيڪي ۽ بدي جي باري ۾ غير جانبداري
ڏيکاريندو. هن جا مقصد اعليٰ هوندا جن کي ماڻڻ
لاءِ هو طاقت، جرئت ۽ ڏانءُ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
۽ اهي ئي هن جون اعليٰ خاصيتون هونديون. ٿريسيمڪس
Thrasymchus
”رياست“ ۾ ساري دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ اعلان ٿو ڪري
ته،
طاقت نيڪي آهي ۽ انصاف رڳو طاقتورن جو مفاد آهي،
جيڪو غير منصف آهي اهو انصاف پسندن جو آقا آهي ۽
انصاف پسند هميشه نقصان ۾ رهندو آهي. اها ناانصافي
شايد ته ناڪام ٿيندي آهي جيڪا اعليٰ پيماني تي نه
ڪئي وڃي. هاڻي ڏسڻو آهي ته نيڪيءَ تي اها تنقيد
ڪيتري پراڻي آهي. ڇا اهو ٿي نٿو سگهي ته نٽشي واري
فلاسافي فڪر جي پختگي واري زماني جي نه پر شباب جي
زماني جي پيداوار هجي. سوفسطائيت آزادي جي ان
سرمستي جي نمائنده آهي جيڪا يونان جي فلاسافي کي
ان وقت نصيب ٿي جڏهن اُن ڪيترن ديوتائن کان نجات
حاصل ڪئي ۽ روايتن جي زنجيرن کي ٽوڙيو. يونان جو
پراڻو اخلاقي نظام ڪي قدر غير محفوظ حالت ۾ مذهب
جي بنيادن تي بيٺل هو، ان انسان وانگر جنهن جون
ڄنگهون هوا ۾ هجن. ان انڪشاف ته اخلاق جا بنياد
ڪمزور آهن اخلاق کي وڏو ڌڪ رسايو. ان عدم اخلاق جي
حيثيت دهريت، ماديت ۽ جبريت وانگر جواني جي وقتي
بغاوت واري هئي. اسان جو به ساڳيو حال آهي. اسان
جڏهن ڏٺو ته اسان جي ننڍپڻ وارو ظالم ديوتا حقيقي
نه پر سوچ جي پيداوار هو ته جيئن اسان کي شيون
چورائڻ ۽ پنهنجن استادن کي ڦاهو ڏيڻ کان روڪيو وڃي
ته اسان وقتي طور ان نتيجي تي پهتاسين ڇاڪاڻ ته
اهو ظالم ديوتا آهي ئي ڪونه انڪري هن جنهن ڳالهه
کان به جهليو آهي اها ڪرڻ جائز آهي، چوري، قتل ۽
اغوا اعليٰ خوبيون آهن رڳو اهي صحيح طريقي ۽ پوليس
جي راءِ جو احترام ڪندي ڪيون وڃن. جيئن دوستووسڪي
جي ڪردار اِوَن چيو هو ته جيڪڏهن خدا (معنيٰ ته
اهو ڀوائتو ديوتا) نه آهي ته پوءِ هر ڳالهه جائز
آهي رڳو احتياط ڪرڻ لازمي آهي. اخلاقيات جو مسئلو
(يعني اخلاق جو عقلي مطالعو) هي آهي ته نيڪ هجڻ ۽
محتاط رهڻ چڱو آهي جيڪڏهن ها ته پوءِ ماڻهن کي
ڪهڙيءَ طرح ان نيڪي ۽ احتياط ڏانهن مائل ڪري سگهجي
ٿو؟
اخلاق جي فلاسافيءَ جي اوسر ۾ سقراط جو جيڪو اعليٰ
رتبو آهي ان کي اسان ان سوفسطاني نٽشيت جو پسمنظر
سمجهي سگهون ٿا ڇا ڪاڻ جو سقراط ايٿنز کي ٻن خطرن
۾ ڦاٿل ڏٺو، هڪ جمهوري اڪثريت جي پراڻن عقيدن
ڏانهن موٽ ۽ ٻيو اها بيباڪ انفراديت، جيڪا پراڻي
مذهب کان مايوسيءَ جي بنيادن تي قائم هئي ۽ جنهن
انتشار جو شڪار ٿيل ايٿنز کي اسپارٽا جي منظم
رئيسيت آڏو بي وس بڻائي ڇڏيو هو. سقراط چيو ته
فلاسافي جو اهم ترين مسئلو هي آهي ته فطرت کان
مٿاهين اخلاق جي جاءِ تي (جنهن کي فلاسافيءَ ختم
ڪيو هو) فطري اخلاق کي ڪيئن آڻجي. اهڙو اخلاقي
نظام مرتب ڪجي جيڪو مذهبي عقيدن کان آجو هجي.
ڇاڪاڻ ته مذهبي عقيدا ايندا ويندا رهن ٿا پر اهي
اخلاقي رشتا نه ٽٽن جيڪي جدا جدا ماڻهن کي امن
واري دنيا جا شهري ٿا بڻائن. مثال جيڪڏهن نيڪيءَ
جو مقصد ذهانت ۽ دانش هجي ۽ جيڪڏهن ماڻهن کي صحيح
مفاد کان واقف ڪيو وڃي ۽ کين پنهنجن عملن جي ڊگهن
نتيجن کي تصور ڪرڻ ۽ پنهنجن وکريل خواهشن کي هڪ
ڳنڍيل نظام ۾ آڻڻ جي تعليم ڏني وڃي ته پوءِ شايد
هڪ مهذب انسان کي اهو اخلاقي نظام حاصل ٿي وڃي
جيڪو جاهلن لاءِ رڳو فطرت کان مٿاهين پابندين ۽
حڪومتي حڪمن جو نظام آهي. شايد گناهه جهالت آهي ۽
نظر جي خامي آهي. ڇا تربيت ورتل ذهانت نيڪي نه آهي
جيڪا سماجي نظام کي قائم رکڻ لاءِ ڪافي آهي.
هن نظريي ۾ هڪ چالاڪ انفراديت لڪل آهي، جيڪا
رئيسيت واري فلاسافيءَ جو لازمي جز آهي. سقراط جو
خيال هو ته هڪ نسل جي تربيت سان هڪ باوقار اعليٰ
طبقو پيدا ڪري سگهجي ٿو. هن ڪڏهن به ان مسئلي جو
حل نه ٻڌايو ته هڪ خراب فطرت واري انسان کي ذهانت
وڌيڪ چالاڪي واري بدفطرتي سيکاري سگهي ٿي. انڪري
پراڻو مسئلو ائين ئي قائم رهيو ته ذهانت کي سماج
تي حاوي ڪيو وڃي يا اخلاق کي ذهانت ۽ عقل کانسواءِ
ڪنهن ٻئي بنياد تي بيهاريو وڃي. افلاطون ذهانت
واري حل کي پسند ڪيو. هن چيو ته ذهانت رڳو علم تي
ئي حاوي نه آهي پر انساني فطرت جي جدا جدا عنصرن
جي فنڪاراڻي ترتيب ۽ نظام جو نالو آهي. اها ترتيب
فرد ۾ هجي يا رياست ۾ اها هڪ مضبوط بنياد هئي.
جنهن تي وڌيڪ اخلاقي تجسس جي عمارت تعمير ٿي سگهي
ٿي. پر فلاسافي ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ۽ يونان،
پنهنجن اخلاقي معلمن هوندي به، وکري ويو ۽ جڏهن
عيسايت جو دور شروع ٿيو ته دنيا هڪ اهڙي اخلاقي
نظام لاءِ تيار هئي جنهن ۾ حياتي ۽ موت کان پوءِ
جي ڊپ ۽ اميد جي ڪري راست بازي رائج ٿي سگهي ۽
اهڙي طرح هڪ اهڙي اخلاقي نظام جي قائم ڪرڻ جو
مسئلو جيڪو فطرت کان مٿاهين عقيدن کان بي نياز
هجي، جيئن جو تيئن رهيو.
فطري اخلاق:
فرانسس بيڪن جيئن ٻين ڪيترن مسئلن جي حل لاءِ
اشارا ڏيندو رهيو آهي ايئن هن مسئلي لاءِ به اشارو
ڏنو آهي. سندس ڪتاب ”علم جي ترقي“ غير مذهبي اخلاق
جو خاڪو آهي. سندس چوڻ آهي ته شين ۾ ٻن قسمن جا
لاڙا موجود آهن. هڪ هي ته شيءِ پنهنجو پاڻ ۾ ڪُل
آهي (ان لاڙي کي اسين انفرادي جبلت ٿا چئون) ۽ ٻيو
هي ته شيءِ ڪُل جو جُزُ آهي (ان لاڙي کي اسين
اجتماعي جبلت ٿا چئون) پهرين لاڙي کان وڌيڪ ٻيو
لاڙو قابلِ احترام ۽ طاقتور آهي ڇاڪاڻ جو ان جو
مقصد هڪ زياده وسيع ڪُل کي قائم رکڻ آهي، ان مان
خبر پئي ٿي ته بد اخلاقيءَ وانگر اخلاق به انساني
فطرت جو جُزُ آهي. اسان ۾ پنهنجو پاڻ کي ۽ اجتماع
کي قائم رکڻ جون جبلتون آهن. بيڪن چئي ٿو ته
اجتماع کي قائم رکڻ واري جبلت پنهنجو پاڻ کي قائم
رکڻ واري جبلت کان وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏهن اها
ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ اها واقعي اعليٰ آهي ۽
اسان کي فطري اخلاق جا بنياد ڳولهڻ لاءِ اها واٽ
وٺڻي پوندي.
ڊارون جي زماني ۾ بيڪن جي ٻڌايل واٽ کي سائنسي
جواز ملي ويو. پهريان لڳو ٿي ته ڊارون جي نظريي جي
اخلاقي معنيٰ نٽشي جي فلاسفيءَ جي حمايت هئي.
جيڪڏهن ارتقا، ”بقا لاءِ جدوجهد“ ۽ ”اعليٰ انسان
جي بقا“ جو نالو آهي ته پوءِ زندگيءَ جي هر ميدان
۾ اخلاق جو معيار اهوئي هوندو ۽ ڪامياب انسان ئي
نيڪ انسان سمجهيو ويندو ۽ اهڙيءَ طرح هڪ دفعو وري
طاقت ئي نيڪي ٿئي ٿي. هڪسلي ارتقا جي انهن نتيجن
کان ڊڄي ويو. هن ٽينيسن جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو
ته فطرت (معنيٰ ته فطرت جي چونڊ جو عمل) خونخوار ۽
سڀني اخلاقي قدرن جي دشمن آهي. ظاهريءَ طرح ارتقا
جو اهوئي مطلب هو ته طاقتور ڪمزور کي ختم ڪري ڇڏين
(ڪارل پيٽرسن جهڙن ارتقا پرستن اڳ ۾ ئي خيرات جي
خطرناڪ اثرن خلاف احتجاج ٿي ڪيو) پر اخلاق جو مطلب
ته اهو آهي ته طاقتور ڪمزور جي مدد ڪن. ارتقا جو
مقصد هو ته جيئن به ٿئي هر ممڪن طريقي سان ڪامياب
ٿيڻ گهرجي، پر اخلاق ٿي چيو ته ڪامياب ضرور ٿيڻ
گهرجي ۽ انسانيت ۽ شرافت جي حدن ۾ رهي ڪاميابي
ماڻڻ گهرجي. اخلاق جو مطلب امن ۽ ارتقا جو مطلب
جنگ هو. هڪسلي ان نتيجي تي پهتو ته سماج جي اخلاقي
ترقيءَ جو مدار قدرت جي قانونن جي پيروي ڪرڻ ۾ نه
پر انهن جي خلاف جنگ ڪرڻ ۾ آهي.
هي هڪ خوفناڪ نظريو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اخلاق
فطرت جي خلاف آهي ته ان جو انجام تباهي آهي. هڪسلي
جي پنهنجي نظر ايتري صاف هئي جو هن پنهنجي نظريي
جي ان نقطي کي ڏسي ورتو، هن چيو ته فطرت جيڪا وڏي
حد تائين اسان جي بقا لاءِ ضروري آهي ۽ اسان سان
گڏ وجود ۾ آئي آهي. لکين سالن جي سخت تربيت جو
نتيجو آهي ۽ اهو سوچڻ وڏي بيوقوفي ٿيندي ته اسان
ٻن صدين ۾ هن جي شدت ۽ انانيت کي اخلاقي مقصدن جي
تابع ڪري سگهون، جيڪڏهن اخلاق ۽ فطرت ٻه متضاد
حقيقتون آهن ته پوءِ اخلاقي مسئلي جو اهو حل طاقت
۽ مذهبي عقيدن کانسواءِ ماڻهن ۾ اخلاق پيدا ڪري
سگهجي، نامڪن آهي.
اهو نهٺو ڊارون هو، جنهن ان مسئلي جي حل لاءِ واٽ
ڏيکاري. فلاسافر هن جي ان واٽ کي ڏسي نه سگهيا پر
ڪروپاٽڪن
Kropotkin
ڏسي ورتو ۽ هن فلاسفرن کي ٻڌايو ته تباه ڪار ڊارون
جي ”آدم جي ارتقا“ ۾ هڪ اخلاقي نظام جو بنياد نظر
اچي ٿو جيڪو مذهبي نه پر سائنسي آهي. ارسطو ۽ بيڪن
سچ چيو آهي ته انسان ۾ فطري طور سماجي شعور آهي
ڇاڪاڻ جو سماج اسان کان اڳ موجود هو ۽ اجتماعي
شعور انسانيت ورثي ۾ حاصل ڪيو آهي ۽ سماجيت هن جي
رت ۾ شامل آهي جيئن مقابلو ۽ قتل سندس رت ۾ شامل
آهن. حيواني زندگي جي هيٺاهين سطح تي به اجتماعي
تنظيم نظر اچي ٿي جيئن ڪيولين ۽ ماکيءَ جي مکين ۾
اهڙو سهڪار آهي جيڪو ماڻهن ۾ به نه آهي. اجتماعيت
جي ارتقا ۾ ٻاهرين خطري جي ڊپ انفرادي مقابلي تي
پابنديون وڌيون. قدرت جي چونڊ وارو قانون فرد جي
بدران اجتماعي زندگيءَ جو قانون ٿيندو ويو. هيڻا
فرد پنهنجن همعصر ماڻهن جي اجتماعي لاڙن جيڪري
محفوظ ٿي سگهيا ٿي، پر اسپين جهڙيون ڪمزور قومون،
تزمانيئن
Tasmanian
جهڙا نسل ۽ مينهن جهڙا ڪمزور نسل جا جانور جنگن يا
قبيلن جي جهيڙن ۾ ختم ٿي ويندا آهن. ارتقا هاڻي
مادي نه هئي پر اجتماعي ٿي وئي. بقا لاءِ انفرادي
طاقت جي نه پر اجتماعي اتحاد ۽ لياقت جي ضرورت
هئي. اجتماعي تنظيم جي ڪري هاڻي جسماني طاقت جو
نظام ضروري نه هو جيڪو غير اجتماعي حيوانن کي حاصل
هو ڇاڪاڻ جو هنن کي رڳو پنهنجي انفرادي طاقت ۽
چالاڪي تي ڀاڙڻو پوندو هو. ماکيءَ جي مکين ۽
ڪيولين، جن ۾ اجتماعي تنظيم اعليٰ درجي تي پهتل
هئي، انهن مان انفرادي هٿيار جيئن ڏند، چنبا ۽
ٿلهي کل وغيره ختم ٿي ويا، ٻاهرين خطري ۽ مقابلي
جي وڌڻ سان هڪ اجتماع جي فردن ۾، همدردي، دوستي ۽
سهڪار جهڙيون خاصيتون پيدا ٿيون. اهي ساديون
خاصيتون، جن کي سهڪار جو دشمن نٽشي زنانيون
خاصيتون ٿو چئي. اصل ۾ اهي اجتماعي بقا لاءِ لازمي
هيون. عجيب ڳالهه اها ٿي ته گروهن جي وچ ۾ مقابلو
۽ جهيڙو هرهڪ گروه جي اندروني ٻڌي ۽ سهڪار جو سبب
بڻبو ۽ اهڙيءَ جنگ يا جنگ جي امڪان اخلاق جو بنياد
وڌو.
حياتياتي طور ڏٺو وڃي ته اخلاق جو فطري بنياد اهو
آهي ته جُز ڪُل سان سهڪار ڪري. هي اهڙو مڪمل نظريو
آهي جنهن مطابق هر خواهش خواهشن جي نظام سان، هر
فرد خاندان سان، هر خاندان رياست سان، هر رياست
انسانيت سان ۽ انسانيت زندگيءَ جي ارتقا سان سهڪار
ڪري. جوانيءَ کي اسان اخلاق جي باغي نوجوان جي
بغاوت سان تشريح ڪندا آهيون. اسان ذهانت کي ديوتا
بڻائيندا آهيون ۽ اهو وساري ڇڏيندا آهيون ته عقل
خواهشن جو ٻانهو به ٿي سگهي ٿو جيڪو هر خراب عمل
لاءِ وڪيل ڳولهڻ جو ڪم ڪندو آهي. اسان خوداعتمادي،
بغاوت ۽ جرئت کي سُٺو سمجهندا آهيون. اسان
اڪيلائيءَ ۾ رهڻ واري ماڻهوءَ جا ڳڻ ڳائيندا آهيون
۽ ابسن وانگر سادي ۽ الڳ رهڻ واري ماڻهو لاءِ
چوندا آهيون ته اهڙو ماڻهو ڏاڍو مظبوط هوندو آهي.
هي رويو خاندان جي گڏيل سماجيت جي خلاف هڪ صحتمند
بغاوت آهي ۽ هڪ جوان ٿيندڙ ڇوڪريءَ جو پنهنجي بالغ
هجڻ جو اعلان آهي ۽ پوءِ اسان ڏسندا آهيون ته
اجتماع جنهن کي اسان فرد جي اُبتڙ چوندا آهيون،
فردن جو ئي مجموعو آهي جنهن ۾ هر فرد اسان وانگر
ئي اهم آهي ۽ نيٺ اسان کي مڃڻو پوندو آهي ته اسان
اخلاق کي فرد جي سانچي ۾ آڻي نٿا سگهون ۽ اسان کي
اخلاق جو آخري معيار ڪل جي ڀلائيءَ کي مڃڻو پوندو،
جنهن سان اسان جُز جي ڪردار کي پرکي سگهنداسين.
جهڙيءَ طرح سٺي حڪومت اُها سمجهي ويندي آهي جيڪا
گهٽ ۾ گهٽ حڪومت ڪري، اهڙيءَ طرح بهترين اخلاق اهو
آهي جيڪو گهٽ ۾ گھٽ جهلي. آزادي زندگيءَ جي اعليٰ
ترين نعمت آهي ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجن پاڙيسرين تي
اخلاق ٿو مڙهي اهو انسانيت جو دشمن آهي. اسان ڏسي
آيا آهيون ته هر اخلاقي حڪم ڪيترو خطرناڪ هوندو
آهي. ڪهڙيءَ طرح هڪ ”بداخلاقي“ اصل ۾ هڪ اخلاقي
نظام مان ٻئي اخلاقي نظام ۾ بدلجڻ جي هڪ منزل ٿي
سگهي ٿي. اسانکي انهن ماڻهن جي باري ۾ اخلاقي
فيصلو ٻڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جن ۾ ذهني ۽ فني
خاصيتون ٻين کان وڌ هونديون آهن. قدرت هنن کي ٻين
کان جدا ڪري ڇڏيندي آهي ته جيئن هو پنهنجي عمل،
احساس ۽ فڪر لاءِ نوان رستا ڳولهن. هنن تي عوامي
اخلاق مڙهڻ انهن جي پيدائش جي مقصد کي ختم ڪرڻ
آهي. اسان کي ساڻن سخت اخلاقي رويو اختيار ڪرڻ نه
گهرجي. پوپ پال ٽئين کي جڏهن چيو ويو ته هو سيليني
Cellini
کي سندس قاتلانه ارادن جي سزا ڏئي ته هن جواب ڏنو
ته اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته بينيوينوٽو
Benvenuto
جهڙا انسان جيڪي پنهنجي فن ۾ پڪا هوندا آهن قانون
کان مٿاهان هوندا آهن. اسان کي گهرجي ته اهي
مراعتون جيڪي اسان ڪروڙپتين کي ڏيون ٿا پنهنجن
فنڪارن کي به ڏيڻ گهرجن.
اسان هڪ ڏِنگي رستي کان پراڻي مانائتي رستي تي
پهتا آهيون ته اخلاق جو معيار اجتماعي ڀلائي آهي.
پر اسان کي حياتياتي تصور مان اهو نتيجو نه ڪڍڻ
گهرجي ته اسان جون جبلتون اسان جي عقل مطابق آهن.
قدرت ماکي جي ماناري، خاندان ۽ شڪاري دستن
کانسواءِ، ڪنهن به اجتماع کي نه مڃيندي آهي. بيڪن،
ڊارون ۽ ڪروپا ٽڪن وڏي اميد پرستي ڏيکاري هئي جو
چيو هئائون ته انسان ۾ پنهنجي حفاظت جي جبلت کان
به وڌيڪ طاقتور اجتماعي تحفظ جي جبلت آهي. اها
ڳالهه خاندان جي حد تائين ته شايد صحيح هجي جوان ۾
محبت ۽ تعريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن ٻاهرين محرڪ جي
ضرورت ڪانه هوندي آهي. ماڻهو جڏهن خاندان جي دائري
کان ٻاهر ٿو اچي تڌهن اهي جبلتون ڪم ڪرڻ شروع ڪن
ٿيون.
چٽا ڀيٽيءَ ۾ حصور وٺڻ جي تعريف ٿيندي آهي انڪري
اجتمائي جبلت کي اڀارڻ جا محرڪ مذهب، اخبار ۽
بازارن ۽ چودڳن تي کُتل بت هوندا آهن. اسان سڀ کان
وڌيڪ گڏ رهڻ واري مخلوق نه آهيون. اسان جاندارن جي
جهنگ واري انفراديت ۽ ڪيولين واري اجتماعيت جي وچ
۾ بيٺا آهيون. رڳو ايترو چئي ٿا سگهون ته اجتماعي
حالتون بقا جي سهڪار وڌڻ سان آهستي آهستي طاقتور
ٿينديون وڃن ٿيون ۽ شايد ائين به ٿئي جو ڪجهه وقت
کانپوءِ اهي ماڻهو جيڪي ذاتي ملڪيت ۽ طاقت جا
بُکيا آهن انهن ماڻهن جي ڪري ختم ٿي وڃن جن
اجتماعيت ۾ ديانت سان ڪم ڪرڻ سکيو آهي. تڏهن اسان
ڪنهن ٻئي هنڌ هونداسين.
رجعت پرست جيڪڏهن اخلاقي اصولن سان خوش آهن ته
پوءِ هنن کي انهن جي ڪن نقطن تي غور ڪرڻ گهرجي.
ڪوبه عمل تيستائين غير اخلاقي نه آهي جيستائين اهو
ٻين لاءِ تڪليف جو سبب نه بڻجي. انڪري ڪن حالتن ۾
خودڪشي به گناهه نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهن کي
يقين هجي ته موت هن لاءِ نعمت آهي، هن پنهنجي نسل
جا فرض پورا ڪري ڇڏيا آهن، هن ڪنهن ساهه واري کي
محتاج ۽ مظلوم نه بڻايو آهي ته اهڙي حالت ۾ هن جي
زندگي هن جي پنهنجي آهي ۽ هن کي حق آهي ته ان سان
هن کي جيڪو وڻي سو ڪري. ان حالت ۾ جيڪڏهن جبلت يا
خوشي اسان کي سڏ ڪري ته اهو سڏ اسان کي ورائڻ
گهرجي. ائين اسان هرگز گنهگار نه ٿينداسين. ان
لاءِ رڳو هڪ شرط آهي ته اسانجي ائين ڪرڻ سان ڪنهن
کي ڪو رنج نه رسي ۽ اسان کي به ڪو ذهني يا جسماني
نقصان نه ٿئي جنهن جي ڪري اسانجي نسل کي صدمو رسي.
گناهه جو تصور نسل جي فائدي جي حوالي کان سواءِ بي
معنيٰ آهي.
آخر ۾ اسان کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي، ته سهڪار جيڪو
اخلاق جي جان آهي اهو روحاني بلنديءَ سان ايترو
پيدا نٿو ٿئي جيترو اقتصادي ضرورتن سان ٿو پيدا
ٿئي. اهو گل زمين مان ئي ڦٽي ٿو. جيئن جيئن
اقتصادي ۽ سماجي لاڳاپا وڌن ٿا تيئن تيئن اخلاق به
وڌي ٿو. جُزَ کي پنهنجي بقا لاءِ ڪُل سان سهڪار
ڪرڻو آهي جو دنيا ريلوي، پاڻيءَ جي جهازن ۽ هوائي
جهازن سان ڳنڍبي پئي وڃي. ڪنهن زماني ۾ گڏيل مفادن
جدا جدا قبيلن کي ڳنڍي قومن جي شڪل ڏني ۽ پوءِ
قبائلي اخلاق بدمعاشن جو آخري مورچو ٿي ويو. آهستي
آهستي واپار ۽ گڏيل مفاد جدا جدا قومن کي هڪ وڏي
قوم جي مفادن ۾ ڳنڍيو آهي ۽ بين الاقوامي اخلاق جو
بنياد وڌو آهي. ساري دنيا ان ڳالهه تي يڪراءِ
ٿيندي ٿي وڃي ته قوم پرستي ڪافي نه آهي.
اخلاق جو معيار:
هي آهي اسان جي اخلاق جو معيار جيڪو سڀني هنڌن تي
جتي ڪيتريون به ٻوليون ڇو نه ڳالهائبيون هجن اُتي
هر وقت لاءِ صحيح آهي، پر مسئلي جو حل پاڻ مسئلو
هوندو آهي. هتي به اسان جيئن ئي اخلاق جي ان تشريح
تي پڄون ٿا ته اخلاق جُزَ جو ڪُل سان سهڪار آهي ته
سوين نوان سوال اڳيان ڪَرُ ٿا کڻن جن مان هڪ سوال
اهو آهي ته نيٺ ڪنهن سان سهڪار ڪيون؟ خاندان سان،
رياست سان، انسانيت سان يا خود زندگيءَ سان ۽
جيڪڏهن اسانجون وفاداريون پاڻ ۾ ٽڪرائن ته پوءِ
اسانکي ڇا ڪرڻ گهرجي. ماڻهو جڏهن چاليهن ورهين جو
ٿئي ٿو تڏهن هن لاءِ اخلاق خاندان سان محبت هوندو
آهي. ائين نه آهي ته ان تي هو عمل ڪندو آهي جيڪڏهن
ائين ڪندو هجي ته پوءِ ڪنفيوشس جي چواڻي ته کيس
ڪنهن ٻئي اخلاق جي ضرورت ئي ڪانه پوي. رياست جا
اختيار وڌڻ سان خاندان جا اختيار گهٽيا آهن ۽
صنعتي دور جي انفراديت جي پيءُ ماءُ جي اختيارن ۽
خاندان جي قديم ڪردار کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. ان
زماني ۾ هر خاندان پنهنجي پيرن تي بيٺو هو، پنهنجي
خوراڪ پاڻ پيدا ڪندو هو. پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندو هو
۽ پاڻ ئي ريڊ انڊين کي گوليون هڻندو هو ۽ ورلي
ڪنهن ٻئي خاندان سان سندس واهپو ٿيندو هو. تڏهن
خاندان جو اهو تصور ڪافي هو. مرد شفيق پيءُ ۽ عورت
سٺي ماءُ هئي. اولاد فرمانبردار هو ۽ پيءُ جي
اختيارن کي مڃيو ٿي. خاندان سماج جو ڪارائتو حصو
هو ۽ پنهنجو پاڻ تي ٿي ڀاڙيو، جنهن جو مثال چين جو
خانداني نظام آهي. تڏهن خاندان رياست جي وجود کي
نظرانداز ڪري ٿي سگهيو پر اڄ جڏهن خاندان وکري ويو
آهي تڏهن هر فرد رياست جي ٻين فردن سان اقتصادي ۽
اخلاقي ڳانڍاپن ۾ ڳنڍجي ويو آهي. اهڙي حالت ۾
پراڻو اخلاق ڪئين ٿو قائم رهي سگهي. ڪو ماڻهو
پنهنجن ٻارن تي مهربان آهي پر انهن ملازمن سان
بيرحم ٿي سگهي ٿو جن کي هن ڏٺو به نه آهي. هڪ
ماڻهو ملڪ کي ٽڪن تي وڪڻي ٿو ڇڏي پر پنهنجي گهر
واري ۽ ٻارن سان ڏاڍو سٺو آهي. ڪو ماڻهو زال کي
خوش ڪرڻ لاءِ گهوٻيون ٿو هڻي پر گرجا وڃي ٿو ته هن
جي عزت ٿي ٿئي. انهن حالتن ۾ خانداني اخلاق ڪافي
نه آهي.
انهن حالتن ۾ ڇا اسان رياست جي چنبي ۾ ايندا ٿا
وڃون؟ اسان جو اعليٰ اخلاق اهو آهي ته اسان
سياستدانن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن جي اطاعت
ڪيون. پر اها ڪا ايڏي غلط ڳالهه به نه آهي. ڇاڪاڻ
ته جيستائين ڪو بين الاقوامي نظام قائم نٿو ٿئي ۽
هر فرد انسانيت جي ڪُل جو جزو نٿو بڻجي تيستائين
جيڪو نظام موجود آهي ان جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. هن
سياري تي جتي آبادي پکڙبي پئي وڃي اُتي هر طرف کان
اعليٰ معيار جي اُجوري لاءِ ماڻهو ڪاهيندا ٿا اچن
۽ ناداريءَ کي ختم ڪرڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام
ٿيون ٿين. اها سٺي ڳالهه آهي ته هڪ گهٽ منظم
اجتماع جي ڀيٽ ۾ هڪ وڌيڪ منظم اجتماع پنهنجي حفاظت
ڪري جيئن ماڻهو حيوان کان پاڻ کي محفوظ ڪندو آهي
ڇاڪاڻ ته ارتقا لاءِ ضروري آهي ته دنيا ۾ ڪٿي ته
اهڙي زندگي گذارڻ جو اعليٰ انداز هجي جو ٻيا ان جي
اهل ڪن. جيستائين صنعت ڪو بين الاقوامي ادارو قائم
نٿي ڪري تيستائين رياست جي اطاعت فرد جو اخلاقي
فرض آهي.
پر ان ننڍي اجتماع جو ضمير به اڃا پختو نه آهي.
اسان وٽ صنعت ۽ سياست جو هڪ ته محبت ۽ شاديءَ جو
ٻيو اخلاق آهي ۽ جيڪي ماڻهو جنسي بي راهه رويءَ کي
نندن ٿا، ٿي سگهي ٿو ته اهي نفعي خور ۽ غدار هجن.
اسان هڪ بداخلاق ڇوڪريءَ کي ڏسي ڏڪي ويندا آهيون
پر جيڪي اسانجو اخلاق خراب ٿا ڪن انهن کي جيل
اماڻڻ جو اسين ڪونه سوچيندا آهيون. اسان ڪتابن کي
سينسر ڪندا آهيون پر هٿيار ٺاهڻ وارن کي ڪجهه ڪونه
چوندا آهيون جيڪي جنگيون ڪرائيندا آهن. اسان جا
جيڪي غير جنسي مسئلا آهن، انهن مان جيڪو مسئلو سڀ
کان وڌيڪ اسان جي ذهن تي حاوي آهي اهو هي آهي ته
شراب ڪيئن حاصل ڪجي. پر خراب قانون مان جيڪا
لاقانونيت پيدا ٿي ٿئي ۽ جيڪا سوسائيٽيءَ جي
بنيادن کي لوڏي ٿي ڇڏي ان کي اسين مسئلو نٿا
سمجهون. اها اسان جي ذهن جي نا پختگي آهي جو
اسانجي دماغ ۾ شراب جون ڳالهيون آهن ۽ اسانجا وڏا
مسئلا ڌيان نه ڏيڻ جي ڪري رهجي ٿا وڃن.
اسانجو نظام تاريخ ۾ پهريون عظيم صنعتي نظام آهي.
پر ڇا ان جي تنظيم، ان جي صنعتي تجارتي ۽ مالي
رٿابندي ملڪ، قوم ۽ انسانيت جي مفادن مطابق آهي.
اسان جڏهن چوندا آهيون ته ڪاروبار ڪاروبار آهي
تڏهن شايد اسانجو مطلب هوندو آهي ته ڪاروبار ۾
اخلاق جي ڪا جاءِ ڪانهي، اسين اهو به چوڻ چاهيندا
آهيون ته اسانجو صنعتي عمل جيڪو وڏي پيماني تي مال
ٿو پيدا ڪري، جنهن جو مالڪ غير حاضر ٿو رهي. جنهن
۾ ساه ٻوساٽڻ وارو ضابطو آهي ۽ جيڪو ذاتي مفاد
لاءِ غير انساني ٿي پيو آهي. هڪ مشين آهي جيڪا
سستو مال خريد ڪري مهانگو وڪڻندي آهي. جيڪا اسڪولن
کي رنگروٽ ۽ سپاهي پيدا ڪرڻ واريون مشينون بڻائي
ڇڏيندي آهي. جيڪا ملازمت لاءِ عورتن کي مردن ۽
ٻارن کي عورتن تي ترجيح ڏيندي آهي ۽ جيڪا قوم جي
جسماني ۽ اخلاقي صحت خراب ڪندي آهي ۽ نفعو
ڪمائيندي آهي. اقتصادي زندگيءَ جو اهو تصور مزورن
۾ به آهي ته سرمائيدارن ۾ به آهي. مزور به پنهنجو
۽ پنهنجي طبقي جو فائدو سوچيندو آهي، ساري قوم جو
فائدو ناهي سوچيندو. هر طبقي جو پنهنجو آدرش آهي
جيڪو سياست ۽ تجارت ۾ دٻيل خواهشن جو عقل وارو
لباس هوندو آهي.
ناسو
وليم
سينيئر
Nassau william Senior
چيو ته اقتصاديات دولت جو علم
آهي، ماڻهن جي ڀلائي جو علم نه آهي جنهن جي معنيٰ
ته صنعت جو ڪم وڌ ۾ وڌ مال پيدا ڪرڻ آهي پوءِ کڻي
ان جو سرمائيدار يا خريدار لاءِ نتيجو ڪهڙو به
نڪري. پراڻو علم جيتوڻيڪ ڪارلائل کي نه وڻندو هو
پر سٺو هو. ان کي هو سياسي اقتصاديات چوندو هو
جنهن جي معنيٰ ته ان زماني ۾ اها حقيقت مڃي ويندي
هئي ته اقتصاديات سياست سان لاڳاپيل آهي. تڏهن
اسان کي اجازت هئي ته اسان انساني حقن جي ڳالهه
ڪيون جيتوڻيڪ اهو لفظ اڄڪلهه بدنام ٿي چڪو آهي.
جنهن مان ظاهر ٿي ٿيو ته فرد اجتماع کان ڪي مطالبا
ڪري ٿي سگهيو جيڪي جيڪڏهن پورا ٿي وڃن ته ساري قوم
کي فائدو رسي. مثال جيڪڏهن ڪنهن ملڪ لاءِ زراعت
ضروري آهي ته اُتي هارين کي حق پهچي ٿو ته هو
حڪومت کان امداد گهرن. انگلستان ۾ اهو شعور پيدا
ٿي رهيو آهي ته جيڪڏهن صنعت مزورن لاءِ نقصان ڪار
آهي ته مزورن کي حق آهي ته هو حڪومت کان پنهنجي
حفاظت جي سامان جي گهر ڪن. جيڪڏهن ڪي عورتون پيشي
جي نوعيت جي ڪري ٻار ڄڻڻ جي لائق نه رهن ته اهو
عين اخلاق آهي ته حڪومت سندن حفاظت ڪري. جيڪڏهن
آمريڪا ۾ سرمائيدار اهڙا طريقا اختيار ڪن جن سان
ٻيا ملڪ آمريڪا جا دشمن ٿي پون ته پوءِ اسان کي
اهو حق آهي ته اسين انهن تي پابندي وجهون. اقتصادي
حالتون هر قدم تي قوم جي تقدير ۽ اخلاق تي
اثرانداز ٿيون ٿين.
افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سماجي ڀلائي لاءِ صنعتن
تي پابنديون وجهڻ جو اسان وٽ رڳو هڪ وسيلو آهي ۽
اهو آهي حڪومت. پر حڪومت ڪو ڀلائي جو ادارو نه آهي
اهو ته عام نمائندن جو ميڙ آهي جيڪو هميشه بدلجندو
ٿو رهي. ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ وارو چاهيندو آهي ته
حڪومت طاقتور هجي پر هو وساري ڇڏيندو آهي ته
طاقتور حڪومت معنيٰ طاقتور سياستدان. چڱو آهي ته
ماڻهو حڪومت جي مدد کانسواءِ پاڻ ۾ سهڪار جون
خاصيتون پيدا ڪن. سرمائيدار ۽ مزور جي وچ ۾ فاصلي
کي ختم ڪرڻ جون جيڪي ڪوششون پيون ٿين انهن ۾ شايد
ضابطي ۽ سهڪار جي ڪا اميد لڪل هجي. ٿي سگهي ته
ماڻهو انفراديت کي وساري گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪن ۽
ڪارندن ۽ منظمن جي مقرري جي ذميواري کڻن، ۽ نفعي ۽
نقصان ۾ هڪ جيترا شريڪ ٿين. اها تصوير اهڙي يقين
نه ڪرڻ جهڙي ٿي لڳي جهڙي موجوده اُجاره داريءَ جي
تصوير ان وقت لڳندي هئي جڏهن صنعتي دور جي شروعات
ٿي هئي.
اسان جون هلتون خودغرضيءَ واريون آهن پر اسانجا
ارادا، اسانجون اجتماعي ضرورتون، اسان کي سهڪار
ڪرڻ تي مائل ڪنديون آهن. اڄڪلهه جي صنعت پراڻي دور
جي صنعتي نظام کان وڌيڪ همدرديءَ واري آهي.
ڀلائيءَ جا ڪم اڄڪلهه جي صنعت جو حصو ٿي ويا آهن ۽
صنعتون پنهنجي نفعي جو چڱو حصو اسپتالن، ڪاليجن،
لئبريرن ۽ سائنسي تحقيق تي خرچ ٿيون ڪن. نيڪ ماڻهو
اڄ به اسان ۾ پيدا ٿا ٿين. رحمدل ماڻهو هر قدم تي
ملي ٿا وڃن. حيادار ڇوڪرين جي ڳولها ڪجي ته ملي
ٿيون وڃن. هزارين گهرن ۾ مائرون وڏي صبر سان
ويٺيون آهن ۽ اخبارن ۾ ڏوهن جي خبرن سان گڏ نيڪي ۽
بهادريءَ جون خبرون به نظر مان گذرن ٿيون. ٻوڏ ٿي
اچي ته هزارين ماڻهو ٻوڏ جي ستايلن جي مدد لاءِ
پُڄي ٿا وڃن ۽ سندن مالي امداد ٿا ڪن. هڪ ڏڪار جي
ماريل قوم کي سندس دشمن به خوراڪ ٿا ڏين. سياح گم
ٿا ٿين ته ٻيا سياح کين ڳولهڻ ۾ پنهنجون جانيون ٿا
ڏيئي ڇڏن، ماڻهوءَ ۾ نيڪيءَ جا جيڪي امڪان آهن
انهن جو اڃا تائين اسان پوري طرح اندازو لڳائي نه
سگهيا آهيون. اسانجي انتشار ۽ اسانجي ڏوهن جي تهه
۾ انساني روح جون فطري چڱايون موجود آهن. جڏهن اهو
انتشار ختم ٿيندو ۽ هڪ نئون نظام جنم وٺندو تڏهن
اسانجي فطرت جون چڱايون ظاهر ٿينديون.
وسيع اخلاق:
هاڻي جڏهن اسان زندگيءَ کان پاسيرا ٿي ڳالهيون ٿا
ڪيون تڏهن هڪ بين الاقوامي نظام، اسانجي ڏسي نه
سگهندڙ اکين جي اڳيان، اُڀري رهيو آهي. نئون
سرمايو ۽ نئون مالي نظام ان کي ٺاهي پيو. ڇاڪاڻ جو
هاڻي هو چاهي ٿو ته خريدار شاهوڪار ۽ خوشحال هجن.
هاڻي مزور نه پر سرمائيدار جنگ جي خلاف آهي. حڪومت
جڏهن جنگ جو اعلان ڪري تڏهن ماڻهن جا جوشيلا نعرا
ٻڌو پر مال جي لسٽ ڏانهن به ڏسو. ڏسو ته ڪيئن جنگ
جي خبر ٻڌڻ سان مال جي چرپر بند ٿي وڃي ٿي. اڳ
ائين نه ٿيندو هو پر اڄ ائين ٿئي پيو.
دنيا ان ڏينهن جي منتظر هئي. تجارتي مٽا سٽا ۽ هڪ
ٻئي تي ڀاڙڻ رياستن کي هڪ ڪيو. هاڻي بين الاقواميت
قائم پئي ٿئي. جيئن اسانجا اعليٰ جذبا سگهاري جسم
جي بنياد تي مضبوط هوندا آهن ائين اخلاقي ۽ سياسي
ادارا به مضبوط سياسي ۽ اقتصادي بنيادن تي بيهاري
سگهجن ٿا. جڏهن اسان هڪ بين الاقوامي اقتصادي نظام
قائم ڪري وينداسين ته پوءِ اسان بين الاقوامي
سياسي نظام به قائم ڪري سگهنداسين ۽ اهڙيءَ طرح
اسان کي بين الاقوامي اخلاق حاصل ٿي سگهندو. ضمير
حڪومت جي پيروي ڪندو آهي، ضبط ۽ نظم ۾ اڀرندو آهي
۽ ان جو عادي ٿي ويندو آهي. اڄ هڪ بين الاقوامي
نظام پيو وجود ۾ اچي انڪري اڄ جيڪڏهن قومي مفاد
انساني مفاد سان ٽڪرائجي ته اسان کي ان حالت ۾
انسانيت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهوئي نيڪ
زندگيءَ جو راز آهي، ڏاهپ جي اڳواڻي ۽ حقيقت جو
سرچشمو آهي.
ان وسيع نظام کي حاصل ڪرڻ واري هر تجربي جي
پٺڀرائي ٿيڻ گهرجي. سائنس کي ملڪ جي حدن مان ٻاهر
نڪري پکڙجڻ گهرجي. روس جي ڪمزوري بزدلي ۽ غير
مسلسل علحدگي، سندس بين الاقوامي لحاظ کان ناممڪن
آئين جي باوجود، هن کي ليگ آف نيشنز ۾ داخل ٿيڻ
ڏيون، ان کي پنهنجي سهڪار سان مضبوط بنايون ۽
پنهنجي علائقيت، پنهنجي نسلي برتري، اختيارن جي
ڊوڙ ۽ ڪن بدمعاشن جي دنيا تي حڪومت ڪرڻ جي لڪل
خواب کي ختم ڪيون. ميرابو ڪيڏي نه سٺي ڳالهه ڪئي
آهي ته ادنيٰ اخلاق، اعليٰ اخلاق جو دشمن هوندو
آهي. جيستائين جنگ جو خطرو موجود آهي اسان پنهنجي
ٻارن کي اخلاق جي تعليم ڏيئي نٿا سگهون، پر اسان
جيڪي آزاد خيال آهيون انهن کي ڪهڙي ڳالهه ٿي جهلي
ته اسان وسيع اخلاق کي قبول ڪيون ۽ زندگيءَ سان
وفاداري جو قول ڪيون.
آزاد خيال ماڻهن جي ذهنيت هنن کي هڪ ٿيڻ نٿي ڏي.
آمريڪا جو بهترين وڪيل ڪليرنس ڊيرو
Clarence Darrow
کي ڊپ آهي ته اهو آفاقي نظام آمريت ۾ بدلجي ويندو.
هن جو چوڻ آهي ته ملڪن جو هڪ ٻئي کان ڌار هجڻ ۽
ڪڏهن ڪڏهن ملڪن جي جنگ ماڻهن جي خيالن ۽ اعصابن تي
حاوي ٿيڻ واري آمريت کان هزار دفعا بهتر آهي. اهو
انديشو صحيح آهي پر جهڙيءَ طرح اسان بيئڪن کي متحد
ڪرڻ ۾ اهو خطرو کنيو اهڙيءَ طرح اسان کي قومن کي
متحد ڪرڻ ۾ به اهو خطرو کڻڻو پوندو، ڇاڪاڻ ته هڪ
ڏينهن جي جنگ ۾ ئي سائنس فوجن، شهرن ۽ زندگين کي
تباه ڪري ڇڏيندي ۽ نظام، آزادي ۽ فڪر کي بربريت جي
سطح تي آڻي بيهاريندي. آزاديءَ جو خطرو طاقتور
ملڪن کي نه، پر ڪمزور ملڪن کي هوندو آهي، ڪمزور
ملڪ خطري ۾ هوندو آهي ۽ جلد ئي ان جي آزادي ختم ٿي
ويندي آهي.
جنس ۽ اخلاق:
اخلاق جي اها تشريح ته اخلاق جُزَ جو ڪُل سان
ڳانڍاپي جو نالو آهي انفراديت پرست کي نه وڻندي.
هو احتجاج طور چوندو ته اخلاق ذهانت آهي. اناطول
فرانس جي چوڻيءَ مطابق ته رڳو صحت جي حفاظت اخلاق
آهي. پر هڪ مجرم صحت جي سڀني اصولن تي عمل ڪندي،
منشيات وڪڻي دولت ٿو ڪمائي، هڪ صحت مند بدمعاش
شادي جي بدران عياشي ٿو ڪري، ٻارن جي جاءِ تي ڪتا
ٿو پالي ۽ قوم کي طاقتور بنائڻ جي بدران ان کي
ڪمزور ٿو ڪري. ذهانت ان صورت ۾ ڪامياب ٿي ٿئي جڏهن
اها ترقي ڪري مڪمل ٿئي ۽ ڏاهپ بڻجي. پر ذهانت جي
اهڙيءَ ريت مڪمل ٿيڻ جو ڪيترو انتظار ڪبو. ماڻهو
ڏاها ٿيڻ کان اڳ چوري يا خون ڪري مري ٿا
وڃن....نه..... اسان کي نوجوانن کان شروعات ڪرڻ
گهرجي، صبر سان کين سهڪار جي سکيا ڏجي. اسان کي
نوجوانن جي احساسن ۽ عادتن ۾ سهڪار کي داخل ڪرڻو
پوندو، تڏهن ان جو نتيجو ذهانت نڪرندو. سندن سوچ
سموري سماج کي پنهنجي دائري ۾ آڻيندي ۽ صورتحال جو
ادراڪ هنن ۾ وفاداري پيدا ڪندو. اسانجي نوجوانن کي
ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته اجتماع جي حياتيءَ جو
دارومدار صحيح نسل ۽ ٻارن جي صحيح پرورش تي آهي،
انڪري اسانجي جنسي خواهشن کي اخلاق جون پابنديون
سهڻيون پونديون. اسان پنهنجي بداخلاقيءَ کي برداشت
ڪري ٿا سگهون. اسان هم جنس پرستي ۽ حيواني جنسي
لاڳاپن کي ڏسي مرڪ سان انهن کي نئين اخلاقي منزل
ڏانهن بنا رهبريءَ واري سفر جي منزل سمجهي
نظرانداز ڪري ٿا سگهون، پر جيڪو اخلاق اجتماع کان
بيپرواهي ڏيکاري، ان کي ڪڏهن به چڱو چئي نٿا
سگهون. اسان ڪنهن به اجتماع دشمن عمل کانپوءِ هڪ
صاف ۽ مضبوط اخلاقي نظام جي ضرورت کي محسوس ڪندا
آهيون. اسان اها زندگي چاهيون ٿا جنهن ۾ جسماني
لذتن کانسواءِ ساٿ ۽ سهڪار جي خاموش خوشي به هجي،
اسان تندرست نوجوان ٿيڻ گهرون ٿا پر ساڳئي وقت
اسان سٺا شهري به ٿيڻ گهرون ٿا. ڪو اهڙو طريقو هجي
جنهن سان اسان اخلاقي انتشار ۽ ڇڙواڳيءَ کي تنظيم
۽ ضابطي جي شڪل ڏيئي سگهون. اسان کي تقريرن ۽ بحثن
جي اثر جي باري ۾ وڌاءَ کان ڪم وٺڻ نه گهرجي. جنسي
روين ۾ اسانجي سوچ سان تبديلي نه ايندي ۽ نه ڪي
غلط رويا اسانجي دليلن سان ختم ٿيندا. اسانجو
واسطو اقتصادي انقلاب جي غير احساساتي عمل سان آهي
جيڪو اسانجي اخلاقي زندگيءَ کي متاثر ٿو ڪري ۽
جيڪڏهن اسانجي سوچ انهن لاڙن مطابق نه هوندي جيڪي
تاريخ جو رُخ مٽائيندا آهن ته اسان پنهنجي نيڪ
نيتيءَ جي باوجود تبديليءَ جي سيلاب ۾ اڪيلا ۽ بي
اثر رهجي وينداسين.
شين کي سمجهڻ جي خواهش اسان کي سک سان ويهڻ نه
ڏيندي. اسان کي ان اخلاقي تبديلي کان پاسيرو ٿي ان
جو تجزيو ڪرڻ گهرجي. اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته
هتي به علم، قوت بڻبو ۽ نظر جي چٽائي شين کي گرفت
۾ آڻيندي، اسان الف بي کان شروع ڪيون ۽ عشق جي
اُلي کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪيون جيڪو اخلاقي پابندي کي
ٽوڙي ٿو، فرد کي ختم ڪري نسل کي بقا ٿو بخشي. اچو
ته اسان جنسن جي ڪردارن جو مطالعو ڪيون ته عورت ۽
مرد جي محبت ۽ نفرت جا جذبا ڪيئن اخلاقي مسئلا ٿا
پيدا ڪن. اچو ته عورت جي آزاديءَ کي ڏسون ته هن جي
اوچتي آزادي اسان جي زماني جي اخلاق ۽ انساني نسل
جي مستقبل کي ڪهڙيءَ طرح متاثر ڪيو آهي اهڙيءَ طرح
اسين شاديءَ جي ناڪامي ۽ ان جي سببن کي سمجهڻ لاءِ
تيار هونداسين ۽ ان کي انساني خوشي ۽ اجتماعي فلاح
جي مطابق بڻائڻ لاءِ ڪي ڪارائتيون تجويزون ڏيئي
سگهنداسين. آخر ۾ اسان اخلاق کي زمين تي آڻي ٻارن
جي تربيت ۽ سندن شخصيت جي اوسر تي غور ڪنداسين ته
جيئن ڳالهه مڪمل ٿي سگهي. |