باب اُڻيهون
رئيسيت
رئيسيت جون ڪي چڱايون:
1776ع کان 1789ع جي وچ۾ رئيسيت جي باري ۾ عام
فيصلي ۾ جيڪي اکر چيا ويا اهي آخري هئا. ان عرصي ۾
جارج ٽئين ذهني توازن وڃايو ۽ لوئي
xvi
پنهنجو ڪنڌ ڪپايو ۽ هاڻي انگلستان جي رئيسن جي
ڪوڙن وارن وارا،
ڪن ٽوپن، ڊگهن چوغن ۽ جنگجو خاندانن جي نشانين سان
رئيسيت لاءِ احترام پئدا ڪري نٿو سگهجي. هي
جمهوريت جو دور آهي.
جمهوريت جي ان دور ۾ رئيسيت جي نئين سر سوچڻ جي
ڳالهه ڪرڻ اجايو آهي. اسان جي ڳالهه موجوده دور جي
خلاف ويندي. ان هوندي به جيڪڏهن اسان ان موضوع تي
ڳالهائينداسين ته اها اميد ڪانه رکنداسين ته اسان
جون ڳالهيون حالتن تي اثرانداز ٿينديون پر اسان جو
مقصد هوندو ته ذهن جي جهان ۾ اڻ ڏٺل دوستن سان
خيالن جي ڏي وٺ ڪيون ۽ آمريڪا جيڪا دنيا جي ٻين
ملڪن کان گهڻو وڌيڪ جهموريت مان واقف آهي ۽
جمهوريت جو فطري گهر آهي ان ۾ پنهنجي حياتيءَ کي
خطري ۾ وجهڻ کان سواءِ ڪي اهڙا مفروضا قائم ڪيون
جن سان معروضي سوچ لاءِ رستو صاف ٿئي انهن مفروضن
جو اختصار هينئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته: جمهوريت
گهٽ ۾ گهٽ آمريڪا ۾ ختم ٿي وئي آهي يعني ته
جمهوريت نه اسان کي عوامي حڪومت ۽ نه وري بهترين
ماڻهن جي حڪومت ڏني آهي. جيڪڏهن هي صفحا پڙهڻ وارو
ڪو سادو ماڻهو سمجهي ٿو ته آمريڪي عوام ملڪ تي
حڪمراني ٿو ڪري، حڪومتي پاليسي، ٽيڪس هئڻ ۽ ماڻهن
کي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪرڻ جا فيصلا ٿو ڪري ته
اهڙي ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو هي صفحا نه پڙهي ۽
جيڪي سمجهن ٿا ته جمهوريت اسان کي اڪابرن جي حڪومت
ڏني آهي ته اهي به هي صفحا نه پڙهن.
اسان جڏهن چؤن ٿا ته جمهوريت ناڪام ٿي آهي ته ان
جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسان جمهوريت کي خراب
ٿا سمجهون ۽ اسان جي خيال ۾ جمهوريت ناڪام ۽ بيڪار
سرشتو آهي، جنهن ۾ ٿورو به سڌارو اچي نٿو سگهي.
جمهوريت ۾ بلاشڪ ته وڏيون چڱايون ۽ صلاحيتون آهن.
اڪثريت جي حاڪميت انهن سرشتن کان گهڻو گهٽ نقصان
ڏنو آهي جن جي جاءِ جمهوريت والاري آهي. وچولي
صلاحيتن وارن ماڻهن جي حڪومت بادشاهن جي حڪومت کان
بهرحال گهڻو بهتر آهي. شايد جمهوريت جي ناڪامي
اهڙي نه آهي جنهن کان جمهوريت کي بچائي نه سگهجي.
شايد جمهوريت جي ناڪاميءَ جو سبب اهو آهي جو اسان
ان جي روح ڏانهن گهٽ ۽ ان جي ٻاهرين ڏيک ڏانهن
وڌيڪ ڌيان ڏنو. ان ۾ رئيسيت جون ڪي چڱيون ڳالهيون
به شامل ڪيون وڃن ها ته پوءِ شايد جمهوريت جي ان
سرشتي کان گهڻو سٺو سرشتو جڙي پوي ها جنهن ۾ اسان
رهون ٿا ۽ احمقن وانگر ان کي برداشت ڪيون ٿا. اسان
کي اهڙو امڪان ضرور ڳولهڻ گهرجي. رئيست ۾ آخر اهو
ڇا هو جو ان اهڙا اعليٰ سياسي مدبر پئدا ڪيا. فن ۽
اهڙن ماڻهن جي پرورش ڪئي جن کي زندگيءَ کان وڌيڪ
عزت پياري هئي. ڇا ان ۾ ڪي اهڙا چڱا ڳڻ هئا جيڪي
سياڻن ماڻهن کي وڌيڪ ٿي آئڙيا. ڇا ان جي چڱاين کي
جمهوريت سان ملائي، ٻنهي جون خاميون ختم ڪري، چڱا
نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڇا ماڻهن جي عام راءِ
سان حڪومت جي اعليٰ عهدن تي ماڻهو مقرر ڪرڻ جي
بدران ڪو اهڙو طريقو اختيار ڪري سگهجي ٿو جو
بهترين ۽ سٺا ماڻهو انهن عهدن تي مقرر ڪري سگهجن.
حڪومتن جا سرشتا
اها ڳالهه مڃڻ گهرجي ته پنهنجي زوال جي زماني ۾ به
رئيسيت فلاسافرن ۾ مقبول رهي آهي. سقراط ،
افلاطون، ارسطو، سِسِرِو، موسٽڪو ٽين، رينان،
اناطول فرانس، گوئٽي، نٽشي، برڪ، ميڪالي،
ڪارلائل، ايمرسن ۽ سٽيانا. اهي سڀ ايٿنز، روم
واشنگٽن ۽ پيرس ۾ جهموريت کان واقف هئا پر سڀئي
(اسپونزا کان پوءِ) هڪ آواز ٿي خدا کان دعا گهرندا
هئا ته اسان کي بهترين ماڻهن جي حڪومت عطا ڪر آخر
رئيسيت ۾ ڇا آهي جو اهي سڀ ان کي پسند ٿا ڪن.
سڀني فلاسفرن مان حقيقت پسند فلاسافر بوناپارٽ چيو
آهي ته ”قومن ۽ انقلابن ۾ رئيسيت هميشه رهندي آهي،
اوهان ان کي جاگيردارن ۽ نوابن مان ختم ڪندا ته
اها وچولي طبقي جي اميرن وٽ ايندي ان کي اتان به
مِٽائيندا ته مزورن ۽ عوامي ليڊرن ۾ ايندي.
فٽزجيمس اسٽيفن چيو آهي: ”توهين ڪهڙا به قانون
ٺاهيو. جن کي ڪڏهن ٽوڙي نه سگهجي ۽ مناسب سمجهو ته
هر هڪ بالغ کي ووٽ جو حق ڏياريو پر تنهن هوندي به
اوهان مساوات کان ايترو ئي پري هوندا جيترو اڳ
هئا. سياسي طاقت رڳو شڪل بدلائيندي آهي فطرت نه
آهي بدلائيندي. طاقت کي ٽُڪرن ۾ وڍڻ جي معنيٰ آهي
ته جيڪو وڌيڪ ٽڪرا ميڙي اهوئي حڪومت ڪري. حڪومت
هميشه طاقتور جي هٿ ۾ رهندي. جي حڪومت فوجي آهي ته
هڪ فوجي حاڪم ٿيندو. بادشاهت آهي ته اُهي ڳڻ جيڪي
بادشاهه پنهنجن مشيرن، سپهه سالارن ۽ منتظمين ۾
پسند ڪندا هئا، بادشاهت جي طاقت جو وسيلو ٿيندا،
خالص جمهوريت ۾ سازشي ماڻهو ۽ سندن ساٿي حڪومت
ڪندا آهن.“ هي هڪ مختصر جائزو آهي جنهن ۾ تفصيل کي
نظرانداز ڪيو ويو آهي پر ان جي حيثيت بنيادي بيان
واري آهي.
عام طور حڪومت رڳو ٻن قسمن جي هوندي آهي. هڪڙي
ماڻهوءَ جي حڪومت يا ٻن چئن ماڻهن جي حڪومت،
اڪثريت جي حڪومت وچ ۾ ايندي آهي جيڪا ڄڻ ته هڪ
فائديمند فريب هوندي آهي، اها انفراديت کي
اُڀاريندي ۽ حڪومت جي ڦيٿي کي تيل ڏيڻ جو ڪم ڪندي
آهي. اقليتون پنهنجو پاڻ کي منظم ڪري سگهنديون آهن
پر اڪثريتون پاڻ کي منظم ڪري نه سگهنديون آهن.
حڪومت يا ته رئيست واري هوندي آهي يا بادشاهن
واري، ٻي ڪا ڪانه هوندي آهي.
نظرياتي طرح بادشاهت جي حمايت ۾ گهڻو ڪجهه چئي
سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته بادشاهه نيپولين جهڙا انتظام
هلائڻ جي اعليٰ اهليت وارا ٿين ٿا جن جي مرڪزيت
واري انتظام هيٺ هر شيءِ (آزاديءَ کانسواءِ) ترقي
ڪري ٿي. پر جديد دور جي تاريخ ۾ بادشاهت ورلي ٿي
نظر اچي. ايوان، پيٽر، فريڊرڪ، لوئي چوڏهون ۽
بوناپارٽ صحيح معنيٰ ۾ بادشاهه هئا. پر هاڻي گهڻو
ڪري بادشاهه ۽ راڻيون ڏيکاءُ آهن ۽ انهن جي پٺيان
ڪو حڪمران طبقو حڪومت هلائيندو آهي. مثال آخري زار
۽ قيصر رڳو امير طبقي جا نمائندا هئا. انگلستان جي
بادشاهه جي محل جي سامهون، جنهن ۾ انگريزن پنهنجي
بادشاهه کي قيد ڪيو آهي، ڪنڌ آڪڙائي اچ وڃ ڪندڙ
سپاهين کان سواءِ کل جهڙي (آمريڪي چونڊن کان
سواءِ) ٻي شيءِ ڪانه هوندي.
اسان جي ڳالهه کي ان جواز سان ٽاري نٿو سگهجي ته
بادشاهت جي ڪري انگلستان جي سلطنت جا ڏورانهان
ملڪ پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن. مڃون ٿا ته ماڻهن کي بادشاهن
سان محبت آهي پر بيٺڪن کي متحد رکڻ جو سبب عوام جي
بادشاهت سان محبت نه آهي پر تحفظ ۽ تجارتي ضرورتون
آهي. بادشاهت رڳو روايت آهي ۽ روايتن تي هلڻ سان
ماڻهن کي خوشي ٿي ملي. فرانس ٿامپسن چيو آهي ته
يورپ جي ٻن ملڪن کان سواءِ ٻين سڀني ملڪن ۾
بادشاهت رڳو ماضيءَ جي نشاني آهي. حاڪميت جي ڊگهي
ڪوٽ تي ٽاڪيل مدي خارج بٽڻن وانگر جن جو ڪو فائدو
ڪونه هوندو آهي. اسان کي مڃڻ گهرجي ته هرهڪ حڪومت
جي پٺيان هڪ طاقتور طبقو هوندو آهي. اهو طاقتور
طبقو فوجي، تجارتي يا رئيسن وارو ٿي سگهي ٿو. يعني
حاڪم سپاهين جو ننڍو طبقو ٿي سگهي ٿو جيڪو سپه
سالار کي تخت تي ويهاريندو آهي يا امير تجارتي
طبقو جيڪو صدرن ۽ بادشاهن جي معرفت حڪومت ڪندو
آهي. يا پراڻن خاندانن جا ماڻهو جيڪي زمينن جا
مالڪ هوندا آهن. جنهن جي ڪري هنن وٽ قيادت ۽ طاقت
هوندي آهي. ان ڪري رئيست لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها
انڌي طاقت ۽ دولت جي جاءِ والاري سگهي ٿي. روم ۾
رئيسيت جي زوال سان جنگجو بادشاهه اقتدار ۾ اچي
ويا. فرانس ۽ انگلستان ۾ رئيسيت جي وکرڻ سان
پاؤنڊ، ڊالر ۽ فرينڪ جي حاڪميت قائم ٿي. جمهوريت
فوجي حڪومت کان بچاءُ ڪري سگهي ٿي پر اڃا تائين
چونڊن جو ڪو اهڙو نظام ٺهي نه سگهيو آهي جيڪو دولت
کي اقتدار تي قبضي ڪرڻ کان روڪي سگهي. فوجي حڪومت
کي ائين روڪي سگهجي ٿو ته حڪومت رڳو اهي خاندان
هلائن جن ۾ حڪومت هلائڻ جي روايت ۽ اهليت هجي ۽
رڳو رئيسيت ئي نئين دولتمند طبقي جي اقتدار جو ٽوڙ
آهي. رڳو اهو ئي طبقو آهي جيڪو ڪنهن به قوم جي
اخلاقي ۽ ثقافتي زندگيءَ کي، سٽي بازي، منڊي ۽
ڪارخانن جي معيارن ۽ آدرشن جي محڪوم ٿيڻ کان بچائي
سگهي ٿي.
سياسي تدبر:
انهن ڳالهين تي اعتراض ته ڪري سگهجي ٿو پر انهن کي
رد ڪري نٿو سگهجي. اسين جيڪڏهن رئيسيت جي باري ۾
اُٿڻ سان چونداسين ته اهو موروثي حڪومتي سرشتو آهي
ته اسان جي ڳالهه ۾ وزن نه رهندو، پر اچو ته
رئيسيت جي باري ۾ ڪنهن رئيس جو رايو ٻڌون، هن جي
ڳالهه اڌ ۾ نه ڪٽيون، سندس جانبداريءَ کي نظر
انداز ڪيون ۽ ساڻس اختلاف ڪندي به کانئس ڪجهه
سکون.
هن جي خيال ۾ حڪومتي عهدو سنڀالڻ لاءِ ماڻهوءَ ۾
مورثي اهليت جو هجڻ ضروري آهي. هن جي خيال ۾ ڪوبه
ماڻهو تيستائين سياسي مدبر ٿي نٿو سگهي جيستائين
هو اهڙي جاءِ ۽ ماحول ۾ نه رهيو هجي جنهن ۾ سندس
وڏن جوابداريءَ وارا عهدا سنڀاليا هجن. نٽشي جي
چواڻي: ”هن کي نه رڳو ذهن جي پر رت جي به ضرورت
آهي.“ اها شيءِ نيپولئن ۾ ڪانه هئي. هن جي ڊي
انگهن جي باري ۾ تبصري (ته منهنجو رت کڏ جو پاڻي
نه آهي) جي باوجود هو هڪ ڳوٺاڻي جرنل جو پٽ هو ۽
ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ به هن ۾ خانداني رئيس وارو تدبر
۽ توازن پئدا ٿي نه سگهيو.
اسان وري نٽشي جي ڳالهه ٿا ڪيون. هن جي خيال ۾
قيادت لاءِ اعليٰ رئيس خاندان ضروري آهن جن ۾
انتظام هلائڻ جون روايتون هجن. پراڻا خاندان جن ۾
انتظام هلائڻ جو عزم ۽ جبلت پئدا ٿي هجي. ان ڪري
اهو رئيس حادثاتي پئدائش جي ڳالهه تي احتجاج ٿو
ڪري، پئدائش حادثو نه آهي، نتيجو آهي، صدين جي
ترقيءَ جو نتيجو، جيڪو قابليت ۽ ذهانت جي ضمانت
آهي. اسان جانورن جي نسل جي باري ۾ وڏو احتياط
ڪندا آهيون، انهن جي نه رڳو پيءُ ماءُ ڀر ڪيترن
نسلن جو پتو لڳائيندا آهيون. رئيسيت جو حامي ائين
ئي انسانن جي نسل جو پتو لڳائيندو آهي. هو وراثت
کي ائين اهم سمجهندو آهي جيئن جمهوريت پسند موقعن
کي ۽ اشتراڪي ماحول کي اهم سمجهندو آهي. ان ڪري هو
پاڻ کي گهٽ رتبي وارن مان شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه
هوندو آهي، ٻئي نسل وارن کان ائين پري ڀڄندو آهي
جيئن هڪ جنس وارو جانور ٻي جنس واري جانور کان پري
ڀڄندو آهي. هن کي قدرتي طور يا جماعتي روايتن جي
اثر جي ڪري خبر هوندي آهي ته نسلن جي ميلاپ سان
شخصيت ڪمزور ٿيندي آهي پوءِ ڀل ميلاپ اڳتي هلي هڪ
سٺي نسل جو سبب بڻجي. اعليٰ عهدن لاءِ وراثت ۾
مليل اهليت سٺا حاڪم پئدا ڪرڻ لاءِ لازمي آهي.
ڪجهه ماڻهن کي پئدا ٿيڻ سان ئي الڳ ڪري ڇڏڻ گهرجي
ته جيئن سندن ذهن ۽ شخصيت جي اوسر لاءِ کين سٺا
موقعا ملن. دولت ۽ تهذيب حاصل ڪرڻ لاءِ زندگي تمام
ٿوري آهي ۽ زندگيءَ ۾ انهن ٻنهي مان ڪا هڪ شيءِ ئي
حاصل ڪري سگهجي ٿي. انسانيت جي ڀلائي ان ۾ آهي ته
ڪن ماڻهن کي انفرادي اقتصادي هڻ وٺ کان آجو ڪري
ڇڏجي. محنت کان سواءِ زندگي گذارڻ جو امڪان ذهني
ترقيءَ لاءِ ضروري آهي. ٽين چيو آهي: سياستدانن جي
تربيت لاءِ رئيسيت بهترين درسگاهه آهي جنهن ۾ قوم
پنهنجا سياسي مدبر پئدا ڪندي آهي.
جمهوريت پرست اها ڳالهه نٿا سمجهن ته ڪنهن معمولي
هنرمند جي ڀيٽ ۾ ڪنهن سياستدان کي تيار ڪرڻ ۾ وڏو
وقت ٿو لڳي. هاڻوڪي جمهوريت واري اثر ۾ اچڻ کان اڳ
انگلستان جا ليڊر پهريان گهرن ۾، پوءِ ايٽن ۽ هيرو
۾، پوءِ آڪسفورڊ يا ڪئميرج ۾ ۽ پوءِ معمولي عهدن
تي سخت محنت ڪري تربيت حاصل ڪندا هئا. انگريزي
تهذيب جي وڏي چڱائي ان جو آزاديءَ جو جذبو آهي،
تنهن کان پوءِ ٻي وڏي چڱائي اها آهي ته ان جون
يونيورسٽيون، معاش ۽ واپار جي فن، تجارت ۽ ڪامرس
جي تعليم ڏيڻ جي بدران، ملڪ جا حڪمران پئدا ڪرڻ ۾
مصروف آهن. هو بيرحم حاڪم هئا پر ماڻهن سمجهيو نٿي
ته هنن جي بيرحمي سندن حڪومت لاءِ ڪيتري ضروري
هئي. هي اهي ماڻهو هئا جن هڪ ننڍي انگلستان کي
دنيا کان بلند بڻائي ڇڏيو.
جمهوريت ۾ ماڻهن جو پاڻ کي سياست لاءِ تيار ڪرڻ
اجايو آهي. هنن کي ان ڳالهه جي پڪ ڪانه ٿي رهي ته
هو رواج ۽ چونڊ جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيندا. هنن جي
سٺي تربيت کين اهڙا شريف مفڪر بڻائي ڇڏيندي جيڪي
چونڊن جي گوڙ کان پاسو ڪندا آهن سنيٽ بيوو اڳ ئي
اندازو لڳائي ورتو هو ته جمهوريت قابليت کي
ڪنڊائتو ٿي ويهڻ تي مجبوري ڪندي. رينان اڳ ئي چئي
ڇڏيو هو ته انگن جي حاڪميت، اقتدار بيوقوفن ۽
عطائي ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيندي. 1830ع ۾ ڊي ٽوڪ
وِل آمريڪا جو ٻيو دفعو سفر ڪرڻ کان پوءِ لکيو هو
ته ”اڄ آمريڪا ۾ سڀ کان قابل ماڻهن کي وڏا عهدا
نٿا ملن ۽ اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته اهو جمهوريت جي
ترقيءَ جو نتيجو آهي ۽ آمريڪي سياستدانن جو نسل
پوين پنجاهه سالن ۾ گهڻو ڪمزور ٿيو آهي“. خدا جو
شڪر آهي ته ڊي ٽوڪ ول مري ويو آهي. ۽ اسان کي نٿو
ڏسي.
قدامت پسندي:
ڪنهن به رئيس لاءِ انتظام هلائڻ ڏاهپ جي شروعات
آهي ۽ تبديلي وڏي بيوقوفي آهي. آزادي بيشڪ ته
قيمتي آهي پر انتظام کان سواءِ آزاديءَ ڪيئن قائم
رهي سگهي ٿي؟ رئيست جيتوڻيڪ آزاديءَ جون ڪي حدون
مقرر ڪندي آهي پر ڪير چئي سگهندو ته جمهوريت ۾
اڪثريت جي انفراديت ۽ سوچ تي جنوني دٻاءَ کان هي
ڌيڪ خراب آهي. انتظام سان ئي ڪابه قوم باقاعدي
پاليسيءَ تي قائم رهي سگهندي آهي.
رئيسيت ۾ سياسي مدبرن کي چونڊ جي جُوئا نه کيڏڻي
پوندي آهي انڪري ئي اهڙن ڪمن ڏانهن ڌيان ڏيئي
سگهبو آهي جن جي پوري ٿيڻ ۾ ڪيترا نسل لڳي ويندا
آهن. رئيسيت جي حڪومتي اداري کي روم جي سينيٽ يا
ايلزبيٿ جي دور جي پارليامنٽ جهڙي رئيس اداري کي
اجتماعي تسلسل، اڃا به اجتماعي بقا حاصل هوندي
آهي. ان جا مقصد فردن جي موت يا سياسي مهمن جي
بدنظمي ۽ منافقت سان ختم نه ٿيندا آهن. ڊي ٽوڪ ول
جو چوڻ آهي ته ”گهڻو ڪري سڀني قومن، جن وڏا منصوبا
تيار ڪيا ۽ انهن کي عمل ۾ آندو ۽ انهن جي عمل ۾
اچڻ سان. دنيا جي تقدير تي وڏو اثر پيو. انهن سڀني
قومن اهي ڪم رئيسيت جي دور ۾ ڪيا.
اها ڳالهه صحيح آهي ته اهڙي حڪومت تجربي يا
تبديليءَ ۾ رنڊڪ هوندي آهي پر ان کان وڌيڪ قوت
ڏيندڙ ٻي ڪا حڪومت نه آهي. هڪ آزاد خيال سياستدان
به جيڪڏهن ماضيءَ کان آگاهه آهي ته ڄاڻي ٿو ته ڏهن
نون خيالن مان نَوَ ضرور غلط ثابت ٿيندا آهن.
تاريخ جو سڀ کان ڪڙو مذاق هي آهي ته گهڻو ڪري اهي
عقيدا جن لاءِ ماڻهو جانيون ڏيندا آهن. اڳتي هلي
کل جهڙا ثابت ٿيندا آهن. تبديليءَ کي روڪڻ خراب
آهي پر ساڳئي وقت اها روڪ ڪار جي بريڪن وانگر
ضروري آهي.
اسان سائنس ۽ ادب جو مثال سامهون رکي دوکي ۾ اچي
ويندا آهيون، جو تجربو انهن جي جان آهي ۽ سمجهندا
آهيون ته بهترين حڪومت اها آهي جنهن ۾ تبديليءَ
جون راهون کليل هجن. پر نه سماج تجربيگاهه آهي ۽
نه انسان (جنگ جي ميدان کان سواءِ) پاڻ کي چيرڦاڙ
لاءِ پيش ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي ايستائين جو
سائنس ۾ به اسان بي وس جانورن ۽ بي جان شين تي
تجربا ڪندا آهيون. پر جڏهن سائنس جي انڪشافن کي
انسانن سان لاڳو ڪرڻ جو معاملو هوندو آهي ته پوءِ
اسان قدامت پسندن وانگر محتاط ٿي ويندا آهيون.
اسان سياست ۾ نه پر کاڌ خوراڪ ۽ دوائن جي معاملي
به تبديليءَ کي روڪيندا آهيون. خيالن سان کيڏڻ ۽
زندگين سان تجربا ڪرڻ برابر نه آهي. جت ڪروڙين
زندگين جو سوال هجي اتي چاڙهيءَ تي چڙهڻ مهل به
چئن ڦيٿن جا بريڪ ضروري آهن. ڳرن جسمن جي چرپر
هوريان هئڻ گهرجي. انهن ۾ انتظام قائم رکڻ کان
انتشار پئدا ڪرڻ سولو آهي.
طب وانگر سياست ۾ به هڪ مرض جو علاج هڪ ٻيو غير
متوقع مرض پئدا ڪندو آهي. سماج جو تاڃي پيٽو اسان
جي جسمن ۽ ذهنن کان وڌيڪ ڳتيل آهي ڇاڪاڻ ته سماج
ڪروڙين واسطن ۽ رابطن تي ٻڌل آهي. انهن کي جيڪڏهن
ڇڏي ڏجي ته اهي ڳتيل واسطا ۽ رابطا پنهنجي ليکي ڪا
چڱي صورت اختيار ڪندا آهن. پر جيڪڏهن قوم جي
چونڊيل ڏاهپ يا گڏيل وچولي اهليت انهن کي قانون جي
هٿرادو قاعدن ۾ جڪڙڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته نتيجو
اهڙو نڪرندو آهي جهڙو ڄنگهن تي هلندي ڄنگهن جي
جوڙجڪ جو تجزيو ڪرڻ سان نڪرندو.
سماج جو نظام به جيڪڏهن حساب، انجنيئري يا ڪنهن
ٻئي علم جهڙو منطقي هجي ها جنهن جو زندگيءَ سان
تعلق نه هوندو آهي ته پوءِ صورتحال بنہ ٻي هجي ها،
پر سماج رڳو ڪو اصول يا اندازي سان نتيجو ڪڍڻ وارو
منطق نه آهي، اسان جي شخصيت وانگر اوسر جو هڪ
سلسلو آهي. ٽين جو چوڻ آهي ته سماج کي ڪنهن قانون
ساز دانشور ڪنهن مضبوط اصول مطابق نه ٺاهيو آهي،
پر سماج کي هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ ڪيترن نسلن، زماني
جي گهڻ پاسائن ضرورتن مطابق ٺاهيو آهي، سماج کي
منطق نه پر تاريخ تخليق ڪيو آهي ۽ نئين دور جو
دانشور جڏهن سماج جي عمارت ڏانهن ڏسي ٿو، ان جا
پنهنجو پاڻ وڌل بنياد، ان جي منجهيل اڏاوت ۽ ڪيترا
دفعا مرمت ٿيڻ جا ظاهري نشان ڏسي ٿو ته حيران ٿو
ٿئي. هر ٻار کي ڄاڻ آهي ته برڪ روسيو کي ڪهڙو
جواب ڏنو هو: ”سماج همعصرن جي پاڻ ۾ معاهدي سان
ڪونه جڙيو آهي پر هي هڪ غير شعوري اوسر وارو عمل
آهي ۽ ان لاءِ جيڪڏهن ڪو معاهدو ڪيل آهي ته اهو
ماضي، حال، مستقبل جو پاڻ ۾ معاهدو آهي.“ ماضيءَ
سان يڪدم تعلق ٽوڙڻ سان تسلسل ٽُٽندو آهي جنهن سان
چريائپ پئدا ٿيندي آهي ۽ اهڙي سماجي ويسر جيڪا
صدين جي صدمن ۽ حادثن سان پئدا ٿيندي آهي. فرد جي
ذهني صحت هن جي يادگيريءَ سان ۽ سماج جي ذهني صحت
ان جي روايتن سان قائم هوندي آهي. ٻنهي حالتن ۾
تسلسل جو ٽٽڻ ذهني بيماريءَ جو ڪارڻ ٿيندو آهي
جيڪو زندگيءَ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو آهي. پيٽر
جڏهن روس کي هڪ ئي نسل ۾ مغرب جهڙو بنائڻ گهريو ته
اهو نتيجو نڪتو ۽ لينن جڏهن هڪ ئي نسل ۾ روس کي
اشتراڪي بنائڻ گهربو ته به اهوئي نتيجو نڪتو.
حڪومت ۽ تهذيب:
اخلاق ۽ تهذيب تي غور ڪيو. جمهوريت ماڻهن جي روحن
۾ ڊپ پئدا ڪيو آهي جنهن کي ضمير جو نالو ڏنو ٿو
وڃي. پر ڇا جمهوريت اها اعليٰ ريس ۽ خواهش پئدا
ڪري سگهي آهي. جيڪا اميرن ۾ خودداري آڻيندي آهي.
ڇا ڪوبه ماڻهو، جنهن جو تعلق ڪهڙي به مذهب سان
هجي، ماڻهن کي حڪم ڏيندو ته هو ڇا پيئن ۽ ڇا نه
پيئن. ڇا رئيسيت ”جاز“ ۽ ”ڪيبري“ ناچ تخليق ڪندي.
ڇا هوءَ منافق ٿي سگهي ٿي يا ايترو هيٺ ڪري سگهي
ٿي جو عوام ۾ مقبول ٿيڻ لاءِ انهن جي خوشامد ڪري.
ڇا جمهوري گروهن جي ڪهڻي ۽ ڪرڻيءَ ۾ واهياتپڻو نه
آهي جيڪو رئيسيت جي ڇانَوَ ۾ اسري نه سگهندو آهي.
پروفيسر راس
ROSS
چئي ٿو ته آمريڪن ۾ واپاري قدرَ زمين جي مالڪن جي
اثر ۾ نه آهن. پراڻي دنيا ۾ مٿاهون سماجي طبقو
واپارن جي نقطه نظر سان نفرت ٿو ڪري ۽ ان ڳالهه ۾
فخر ٿو ڪري ته هو شين کي مزو وٺڻ واري نظرن سان
ڏسندو آهي. جيئن ته پئسا ڪمائڻ کان وڌيڪ زندگيءَ
کي اهميت ڏيڻ وارو رئيساڻو رويو عوام تائين پهچي
ويندو آهي ان ڪري يورپ ۾ نفعو ڪمائڻ وارو رويو رڳو
واپاري طبقي تائين محدود آهي. شايد ته واپاري
ذهنيت رڳو آمريڪا ۾ نه آهي. يورپ به جمهوريت جي
چنبي ۾ ڦاسي ويو آهي ۽ هو به پنهنجي اٿڻي ويهڻيءَ
جا طريقا هيٺاهين طبقي وارا اختيار ٿو ڪري پر
آمريڪا ۾ پراڻن واپاري اڳواڻن ۾ رئيسيت واريون
پروقار روايتون وڌيون آهن جيڪي رئيسيت جو مٺو ڦل
آهن.
جمهوريت پرست جي دل ۾ به رئيسيت جي ڪن ڳالهين لاءِ
ريس پئدا ٿيندي آهي. جن کي رئيسيت جو روح چيو ٿو
وڃي جيئن هنن جي هلڻي چلڻيءَ ۾ ڦڙتي ۽ وقار، نفيس
ذوق، کل ڀوڳ ۽ اظهار ۾ احتياط، فطري خودداري، هو
هرهڪ اعليٰ انسان جي اخلاق کان متاثر ٿيندو آهي.
انڪري ئي هر انگريز نوابن سان محبت ڪندو آهي ۽
اناطول فرانس جي چواڻي: ”جمهوريت پرست اعليٰ
خاندان کان وڌيڪ ڪنهن شيءِ جو احترام نه ڪندو آهي“
جمهوريت ۾ سماجي ڪاميابيءَ جي هڪ ئي واٽ آهي ۽ اها
آهي رئيسيت وارو انداز آمريڪا ۾ هڪ ڪامياب مقرر
ٿيڻ لاءِ لازمي آهي ته ماڻهو انگريزن وارو گفتگو
جو انداز اختيار ڪري.
اها ڳالهه فطري ۽ معاف ڪرڻ جهڙي آهي، اسين کڻي
ڪجهه به چئون، پر اسان کي خبر آهي ته هڪ خانداني
ماڻهوءَ جي تعمير ۾ ڪيترائي نسل لڳي ويندا آهن. هڪ
مفلس ماڻهو جيڪو ننڍپڻ کان ئي معاشي جنگ جي غلاظتن
۾ ڦاٿل رهيو هوندو اهو شايد ئي ذهن ۽ جسم جي اها
پاڪيزگي ۽ نفاست، نوڙت واري خودداري ۽ تحمل حاصل
ڪري سگهي جيڪو ان ماڻهوءَ ۾ هوندو آهي جنهن کي
شروع کان وٺي زندگيءَ جون آسائشون حاصل هونديون
آهن، جن ۾ اهڙي سوچ پئدا ڪئي ويندي آهي ۽ سندن آڏو
اعليٰ مثال هوندا آهن. هاڻي دنيا کي فيصلو ڪرڻو
آهي ته هو انهن ٻن مان ڪنهن جي چونڊ ٿي ڪري ۽ ڪنهن
کي اختيار ٿي ڪري. خاندانيت کي يا هيٺان کان
رڙهندي رڙهندي مٿي چڙهڻ وارن کي. طبيعت جي نفاست
کي جيڪا مٿان واري طبقي کان درجي بدر جي هيٺاهين
طبقي ڏانهن ويندي آهي يا ان عامپڻي کي جيڪو هيٺان
کان مٿي اڀرندو آهي. انهن ٻن سڀائن جو تفاوت ان
ادب مان ظاهر ٿو ٿئي جيڪو انهن ٻن قسمن جي حڪومتن
۾ زندگي گذارڻ جي طريقن مان پئدا ٿيندو آهي
زندگيءَ جي هر قانون ۾ ڪي ڳالهيون ان کان مٿاهيون
هونديون آهن. انهن کان هٽي ڏسبو ته خبر پوندي ته
رئيسيت جو ادب ڪلاسيڪي صورت اختيار ڪندو آهي ۽
جمهوريت جو ادب روماني هوندو آهي. اشتراڪيت ۽
سائنس جي اثرن هيٺ اسان کي وقتي طور حقيقت پسنديءَ
جو دور مليو جنهن ۾ ادب طبعيات جي معروضيت جي اهل
ڪئي ۽ باغياڻي انداز سان زندگيءَ جي ڏانڍائن ۽
ناانصافين کي ظاهر ڪيو. پر ادب ۾ بنياديءَ طرح
ڪلاسيڪي ذهن ۽ روماني تصور ۾ رقابت هوندي آهي جيئن
سياست ۾ حاصل ڪيل دولت ۽ ورثي ۾ مليل دولت ۾ رقابت
هوندي آهي. جمهوري دور پنهنجي صنعتي ۽ تجارتي
زندگيءَ جي بوريت کي روماني ادب سان ختم ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو آهي. پنهنجي دڪانن ۽ ڪارخانن واري بي
مزي زندگيءَ کان پاڻ کي مٿاهون ڪري محبت جي
جذباتيت وارن افسانن مان مزو وٺندو آهي. رئيسيت
پنهنجي جذبات کي قبضي ۾ رکندي آهي ۽ جيڪڏهن سندس
زبان بي لغام ٿي وڃي ته کيس شرمندگي ٿيندي آهي. هن
جو تصور هميشه سندس عقل جي تابع هوندو آهي. احتياط
هن جي زندگيءَ جو بنيادي اصول هوندو آهي. ادب ۽
زندگيءَ ۾ هو وڌاءُ ڪرڻ جي بدران محتاط گفتگو ڪندو
آهي. هو ماٺ ۾ ڳالهائيندو آهي ته جيئن ماڻهو کيس
چڱيءَ طرح ٻڌي سگهن (اها ڳالهه ڪنهن جي باري ۾
فلابيئر
flaubert
سلامبو
salammbo
جي واتان چورائي آهي). رئيسيت ۾ مانٽنmontaigne
جا مضمون ٿا لکيا وڃن. پر ايملي
emile
۽ لي مزرابل
le miserables
نٿا لکيا وڃن. پر ان کان انڪار
ڪري نٿو سگهجي ته هر نموني جي ڪتابن ۽ انسانن سان
ادب يا زندگيءَ جي تخليق ٿيندي آهي.
گهڻو ڪري رئيسيت فن ۽ عمل ۽ غير معمولي ماڻهن جي
وڏي فراخدليءَ سان سرپرستي ڪندي آهي. ٽارڊtorde
چوي ٿو ته رئيسيت نون خيالن کي قبول ڪندي آهي.
تخليق جتي به پئدا ٿيندي آهي ته ڪن ٿورن پڙهيل
ماڻهن ۾ پناهه وٺندي آهي. ۽ انهن جي وسيلي ادنيٰ
ماڻهن تائين پڄندي آهي.
سنياتا
چئي ٿو ته ”تهذيب اعليٰ ماڻهن جي مرڪزن جي روايتن
جو عام ماڻهن ۾ پکڙجڻ جو نالو آهي.“ رينان
renan
جو چوڻ آهي ته ”سموري تهذيب کي رئيسيت تخليق ڪيو
آهي“ هن کي انديشو هو ته ”سائنس جو ان وقت زوال
ٿيندو جڏهن عام ماڻهو ان جي معنيٰ سمجهڻ شروع
ڪندا.“ سُمر
summer
ٿو چئي ته ”طبقا نواڻ پئدا ڪندا
آهن ۽ عام ماڻهو انهن کي اڳتي وڌائيندا آهن. لي
بان
le bon
جو چوڻ آهي ته ”تاريخ مان خبر ٿي پوي ته اسان
پنهنجي ترقيءَ لاءِ ڪن ٿورن ماڻهن جا احسان مند
آهيون. نيون ايجادون ڪرڻ وارا ذهين ماڻهو تهذيب جي
رفتار کي تکو ڪندا آهن جڏهن ته خود فريبي ۽ چريائپ
۾ ڦاٿل ماڻهو تاريخ تخليق ڪندا آهن.“ اها حقيقت
آهي.
جمهوريت ۽ افراتفري:
آخري ڳالهه ته عوام پاڻ به رئيسيت کي پسند ڪري ٿو.
عوام سياست ۽ سوچ ۾ قدامت پرست هوندو آهي. جيڪا
حڪومت آهستي آهستي پنهنجا بادشاهي مقصد پورا ڪرڻ
جي ڪوشش ڪندي آهي ان کي عوام پسند ڪندو آهي. جڏهن
عوام کي گهڻو دٻايو ويندو آهي تڏهن هو انقلاب
آڻيندو آهي. ائين ٿو لڳي ته اڻ چونڊيل حڪومت سان
عوام جو جهڙوڪر هميشه وارو پيار هوندو آهي. روم جا
ماڻهو پنهنجن آمرن جا نالا وڏي فخر سان کڻندا هئا،
خاص ڪري انهن جا جن جي حڪومت ۾ هو پاڻ نه رهيا
هئا. هنن کي اها ڳالهه خراب نه لڳندي هئي ته انهن
جمهوريت جا سڀئي اصول ٽوڙيا هئا. انگلينڊ ۾ عام
ماڻهو انهن اخبارن کي پسند ڪندا آهن جيڪي رئيسيت
جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن. بازار ۾ هر ٻيو
دڪان شاهي نشان جي نمائش ڪندو آهي يا وري وڏي فخر
سان چوندو آهي ته بادشاهه سلامت هن دڪان تان شيون
خريد ڪندو آهي. هڪ مثال کان سواءِ 1927ع ۾ آمريڪي
اخبارن جو سڀ کان مقبول مڙد هڪ انگريز شهزادو هو ۽
سڀ کان مقبول عورت بلقان جي ملڪه هئي.
بيشڪ ته اڄ جا ماڻهو پهرين کان وڌيڪ خوش آهن.
ايجادن هنن جي آسائشن ۽ طاقت کي وڌايو آهي. دولت
سان سندن سفر ۽ وندر جو دائرو وڌيو آهي. پر
زندگيءَ جي ايڏي سرگرميءَ سان روح جي بيچيني وڌي
آهي. لڳي ٿو ته هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته جيئاپو هڪ
ظالماڻو مقابلو ۽ ارادن جي جنگ آهي. لباس، ڪار ۽
گهر لاءِ وڏي چٽا ڀيٽي آهي، اناطول فرانس چيو آهي:
”نئون سماج هر ڪا اميد پئدا ڪندو آهي انسان جي
سڀني قوتن کي اُڀاريندو آهي ۽ جيئاپي جي جنگ کي
پهريان کان وڌيڪ تيز ڪندو آهي. ڪاميابي وڌيڪ چٿڻ
واري ۽ شڪست وڌيڪ بيرحم آهي.“
رئيسيت جي انتظامي خاصيت سان گڏ دلين مان سڪون به
ختم ٿي ويو آهي. فرانس جي انقلاب کان اڳ سماج هڪ
ڇت واري گهر وانگر هو جنهن کي ڏاڪا نه هئا. هاري
پوک ڪندا هئا پر مٿي چڙهڻ جي خواهش نه ڪندا هئا ۽
رئيسيت انهن جي ڊپ کان سواءِ وڌندي ويجهندي هئي.
ٽيليرينڊ
talleyrand
چيو آهي: ”جيڪي ماڻهو 1789ع کان اڳ زنده نه هئا
انهن زندگيءَ جا مزا ڪونه ماڻيا.“ پر اَڄڪلهه هر
ڪو ماڻهو تيز بخار ۾ ٿو ٻري جنهن جي ڪري دولت ۽
بيماريون پئدا ٿين ٿيون. اسان وٽ آزاديءَ جو مطلب
اهو سمجهيو ويندو آهي ته هر ڪو ماڻهو ملڪ جو صدر
ٿي سگهي ٿو، جنهن جو نتيجو بي چيني ۽ لڳاتار
جدوجهد نڪتو آهي جيڪا ان کان اڳ تاريخ ۾ نظر نٿي
اچي. امن اڻ برابريءَ وارن ماڻهن ۾ قائم ٿي سگهندو
آهي. ڏيکاءَ واري برابري جنگ جو سبب ٿيندي آهي،
جمهوريت، سياست، اقتصاديات جي ڪشمڪش ۽ روح ۾ ڇڪتاڻ
پئدا ڪئي آهي. هرهڪ چهري تي پريشانيءَ جا نشان آهن
۽ هر گهر پريشانين ۾ ورتل آهي. سماج جڏهن انسانن
جي ارادي ۽ ذهانت جي قدرتي فرق کي مڃيندو ۽
منافقيءَ واري برابريءَ تي بيٺل ادارن کي ڊاهيندو
تڏهن ماڻهن کي امن نصيب ٿيندو. ان وقت سماج چٽا
ڀيٽيءَ کان سٺي هلت، شين جي تعداد کان وڌيڪ انهن
جي سٺائي، تصور کان ذهانت ۽ دولت کان فن ڏانهن
ترقي ڪندو.
رئيسيت جون خاميون:
هي آهن رئيسيت جي حمايت ۾ دليل جن کي جيئن جو تيئن
پيش ڪيو ويو آهي. اچو ته پهرين انهن نڪتن ڏانهن
ڌيان ڏيون جن سان اسان قائل نه ٿي سگهيا آهيون ۽
ان کان پوءِ ٻين نڪتن کي پنهنجي فلسفي ۾ جاءِ ڏيڻ
جي ڪوشش ڪيون. رئيسيت جي حياتيءَ ان جي حمايتيءَ ۽
ان جي حمايت ۾ وڏي جانبداريءَ وارا دليل ڏنا آهن ۽
ڪيترن نڪتن جي وضاحت نه ڪئي آهي. اچو ته ٿوريءَ
دير لاءِ مڃون ته رئيسيت هوشيار سياستدان ۽ دور
انديش ماڻهو پئدا ڪندي آهي. پر ان ڳالهه جي ڪير پڪ
ڏيندو ته هنن جي هوشياري عوام جي ڀلي لاءِ ڪم
ايندي. رئيسيت ورلي عوام سان اهڙو تعلق پئدا ڪندي
آهي، جهڙو تعلق جسم ۽ ذهن جو پاڻ ۾ هوندو آهي. اهي
هوشيار سياستدان گهڻو وقت پنهنجن حريفن کي هيٺ ڪرڻ
۽ پنهنجي اقتدار کي قائم رکڻ ۾ خرچ ڪندا آهن ۽ عام
ماڻهن ڏانهن بلڪل ڌيان نه ڏيندا آهن.
ٿورو رئيسيت جي جنگ بنديءَ تي به غور ڪيو. جنگ
شڪار وانگر هنن جي وندر هئي. دشمن شڪار هو ۽ جنگ
ڪرڻ وارا شڪاري ڪتا هئا. اهو سچ آهي ته جنگ ۾ هو
وڏي دليريءَ سان جان ڏيندا هئا ۽ هنن جي جرائت ۽
همت تي به شڪ نٿو ڪري سگهجي. اهو به سچ آهي ته
ڪڏهن ڪڏهن هو وچولي طبقي کان گهٽ ظالم هئا ۽ هنن
جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪينو رکڻ وارا هئا. لائيڊ جارج جو
چوڻ هو ته قيصر کي روشنيءَ جي ٿنڀي سان ٻڌي ڦاهي
ڏني وڃي، جڏهن ته لينسڊاؤن جي صلاح هئي ته احتياط
کان ڪم ورتو وڃي. فرانس جي جمهوريت پرستن ان ڳالهه
تي زور ٿي ڏنو ته هنن جو آخري ٻار به قومي مفاد
لاءِ قربان ٿئي، پر بادشاهه چارلس نيازمنديءَ سان
امن جي درخواست ڪئي هئي، اسان کي ”گلابن جي جنگ“
ياد آهي. لوئي سورهين جا اڳرائيءَ وارا حملا به
ياد آهن. فريڊرڪ جي بيرحم هوس ۽ ڌاڙيلن وانگر
پولينڊ جي ورهاست به ياد آهي ۽ فرانس جي تخت تي
بوربين خاندان کي قائم رکڻ لاءِ ويهن ورهن تائين
واري لڳاتار جنگ به ياد آهي.
طاقت جيتري غير ذميوار هوندي آهي اوترو ماڻهن کي
خراب ڪندي آهي. رئيسيت گهڻو ڪري ظالم هوندي آهي.
جيئن سپارٽا جا ماڻهو پنهنجن غلامن سان، روم جا
نواب پنهنجن قرضدارن سان، انگريز نواب پنهنجن
آرستان جي هارين سان ظالم هوندا هئا. اهڙي رئيسي
ثقافت جي عظمت کي ڇا ڪبو جيڪا بربريت تي لهي اچي.
اهڙي بربريت واري هلت روم جا حڪمران اسپارٽيڪس جي
پوئلڳن سان، ڪلائيو ۽ هيسٽنگس هندوستان جي ماڻهن
سان هلندا هئا. اهو اصول شايد ته هاڻوڪي دور ۾
صحيح نه به هجي پر ان اصول تي اڄ به عمل ڪرڻ گهرجي
ته ”ڪوبه شخص ان لائق نه آهي ته ٻئي جي مرضيءَ کان
سواءِ ان تي حڪومت ڪري“ جمهوريت جو آدرش جيتوڻيڪ
رڳو آدرش ئي آهي پر ان ۾ وڏا امڪان آهن. اهو آدرش
هرهڪ ماڻهوءَ ۾ جرائت پئدا ٿو ڪري ته هو پنهنجي
ذميواري پنهنجن ڪلهن تي کڻي. اهو ڪرنگهي جي هڏي کي
مضبوط ٿو ڪري، نگاهه کي بلند ٿو ڪري. افراتفريءَ ۾
ڦاٿل ماڻهن جو ملڪ جيڪو انتظام جي سڌاري واري راهه
تي آهي غلامن جي ان قوم کان بهتر آهي جنهن جي
پناهه گاهه فقط انقلاب آهي.
ها ثقافت اقليت جي عياشي آهي ۽ اڃا گهڻو وقت
رهندي. ڄاڻو ماڻهو ڪڏهن به رئيسيت کي فن ۽ سائنس
سان نه ڳنڍيندا آهن. ترقي ڪن ٿورن ماڻهن جي ڪري
ٿيندي آهي پر انهن ٿورن ماڻهن کي ترقي ڏيارڻ جي
اها صلاحيت ورثي ۾ ڪانه ملندي آهي. جديد سائنس جي
اوسر، صنعت ۽ اچ وڃ جي وسيلن سان ڳنڍيل آهي جن ۾
رئيس ڪڏهن به دلچسپي نه وٺندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن
ڪاؤنٽ رمفورڊ
count rumford
جهڙا ڪي رئيس سائنس سان پاڻ وندرائيندا آهن. پر
جڏهن اسان ان فهرست مان انهن ماڻهن جا نالا ڪڍي
ڇڏيون جن پنهنجن ڪارنامن جي ڪري نوابيءَ جا خطاب
حاصل ڪيا ته پوءِ خبر پوندي ته سائنس رڳو وچولي
طبقي جو ڪم آهي.
اهو ساڳيو حال فن جو آهي. رئيسيت فن جي تخليق نه
پر ان جي سر پرستي ڪندي آهي. فن جي تاريخ ۾ جيڪي
عظيم دور گذريا آهن اهي رئيسيت جا دور نه آهن. اهي
نه اگامينن جا دور آهن ۽ نه يورپ ۽ مصر جا
جاگيرداري دور آهن. هي اُهي دور آهن جيڪي هڪ نئين
وچولي طبقي جي عروج جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا ۽ انهن جو
شان محلن جي ڪري نه پر آزاد شهرن ۾ تجارتي مرڪزن
جي ڪري آهي. يوناني ڊرامو يونان جي واپارين پئدا
ڪيو هو ۽ سڀني کي خبر آهي ته سوفوڪلس ۽ يورپينڊس
جا ڊراما خوشحال ماڻهن ان ڪري اسٽيج ڪيا هئا جو
هنن پنهنجي رياست جو مان وڌائڻ ۽ دولت ڪمائڻ ٿي
گهري. گوٿڪ ڪليسا ڪنهن نواب نه پر واپارين جي
انجمنن تعمير ڪئي هئي. اهي نازڪ طبع نواب نه، پر
دينادار سرمائيدار هئا جن يوڪريٽس هوريس ۽ ورجل جي
امداد ڪئي هئي. گوٿڪ ڪلسيا ڪنهن نواب نه پر
واپارين جي انجمنن ۽ فخر ڪندڙ آزاد شهرن ٺهرائي
هئي. اهو صحيح آهي ته انگريز رئيسن شيڪسپيئر جي
تيستائين امداد ڪئي هئي جيستائين هن دولت حاصل نه
ڪئي هئي (ڪاسائيءَ جو هي عياش پٽ وڏي ڪاروباري
ذهنيت وارو هو) پر نشاة الثانيه جو سارو خرچ
ميڊيسي جي واپاري خاندان ڀريو هو. رئيسيت جانسن،
برنس، چيسٽرٽن کي مدد ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو ۽
پنهنجي بائرن ۽ شيلي کي جلاوطن ڪيو هو. پر وڌندڙ
واپار ۽ صنعت جي دولت اڻويهين صديءَ جي انگلستان ۽
فرانس جي طاقتور ادب جي پرورش ڪئي. رڳو جرمني ۾
فريڊيڪ اعظم، وائيمر جي ڊيوڪ، ڪارل آگسٽ ۽ بويريا
جي بادشاهه لڊوِگ
(ludwig)
وارن مثالن تي رئيست فخر ڪري سگهي ٿو. حقيقت ۾
رئيسيت فنڪارن کي مصر جي رئيسيت وانگر مزورن جو
درجو ڏيندا آهن. رئيس زندگيءَ جي فن کي، فن جي
زندگيءَ کان وڌيڪ اهم سمجهندو آهي. اعليٰ ذهن کي
فنڪاراڻي جانفشانيءَ جي صورت ۾ جيڪا قيمت ڏيڻي
پوندي آهي ان لاءِ رئيس ڪڏهن به تيار نه هوندو
آهي. هو گهڻو ڪري ادب تخليق نه ڪندو آهي جو هن کي
خبر هوندي آهي ته ڇپائڻ لاءِ لکڻ ڏيکاءُ آهي. ڪوبه
رئيس پنهنجي لکڻين ۾ رابيلس
Rabelais
وانگر ڇپائيءَ ۾ آزاديءَ سان خوش مزاجي جو اظهار ۽
ميڪاولي وانگر سياسي راز بيان ڪري نه ٿو سگهي.
روسيو وانگر وڙهي نٿو سگهي. يا شيڪسپيئر جهڙا
زبردست الميه ڊراما ۽ تمثيلون تخليق ڪري نٿو سگهي
يا گهٽ ۾ گهٽ اناطول فرانس وانگر رئيساڻا مضمون ۽
افسانا به لکي نه ٿو سگهي ڇاڪاڻ ته اناطول فرانس
(جنهن جو پيءُ ڪتاب وڪڻندو هو) جي خوبي هن جي
نزاڪت واري مايوسي آهي ۽ رئيس جو ڪڏهن به مايوسيءَ
سان واسطو نه پوندو آهي، هن جي پرورش اهڙي ٿيل
هوندي آهي جو هو اڳئين جهان کي ايڏي اهميت نه
ڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته هو هن جهان جو مالڪ هوندو آهي.
ان جو نتيجو بي خياليءَ واري ۽ مٿاڇري لذت پسنديءَ
جي هيراڪ رئيسيت آهي. هڪ مڪمل افراتفري، جنهن ۾
اعليٰ درجي جا حق ته پورا حاصل هوندا آهن پر
ذميواريون پوريون نه ڪيون وينديون آهن. وراثت جي
تنگ نظريي ۽ شاديءَ کي رڳو ڪن ٿورن خاندانن تائين
محدود ڪرڻ جي ڪري زوال شروع ٿيندو آهي. نسل جسماني
طرح هيڻو ۽ اخلاقي طرح ڪمزور ٿيندو ويندو آهي ۽ هڪ
صديءَ ۾ اعليٰ ذهن وچولي درجي جو ٿي ويندو آهي.
پيٽرِاعظم ۽ نڪولا پهريون جي وليم اورينج ۽ جارج
ٽئين جي وچ۾ رڳو ٿورن نسلن جو فرق هو پر ان عرصي
۾ اسٽورٽ ۽ بوربن هيپسبرگ ۽ هوهيزولرن ۽ روموف
خاندانن کي زوال اچي ويو. ان لاءِ وڌيڪ ڪو نظريو
پيش ڪرڻ جي ضرورت نه آهي.
نتيجو اهو ٿو ٿئي ته وراثت وارا وليم به هوندا آهن
ته فريڊرڪ به پر ان جا فائدا گهٽ ۽ نقصان گهڻا
آهن. اعليٰ ذهن ڪنهن به طبقي ۾ پئدا ٿي سگهي ٿو پر
ان جي وڌڻ جا امڪان اتي گهڻا هوندا آهن جتي
ماڻهوءَ کي سولائي سان ماني ملندي آهي جڏهن ته سخت
پورهي جي ڪري اعليٰ ذهنيت جو ٻج ڦٽي نه سگهندو آهي
۽ سڙي ويندو آهي. وراثت واري رئيسيت عوام جي صبر ۽
شڪر، قناعت ۽ گهٽ همت جي ڪري گهڻي وقت تائين قائم
رهي آهي. پر پاپائيت جي ڀيٽ ۾ هيپسبرگ خاندان جو
عرصو ڪجهه نه آهي. يورپ جا سڀ کان وڏا حاڪم پوپ
هئا ۽ سڀ کان وڏو حڪومتي ادارو گرجا هو. پر گرجا ۾
وراثت کي ڪا اهميت نه هئي. ڪو هاري به پوپ ٿي
سگهيو ٿي. تاريخ ۾ سڀ کان مضبوط حڪومت رئيسيت واري
جمهوريت هئي ۽ ٿي سگهيو ته ڪنهن ڏينهن اسان به
اهڙي سياڻپ واري حڪومت قائم ڪري سگهنداسين.
هڪ ٻيو نسخو:
انساني حڪومت جي ڳتيل مسئلي جي ظاهري ڳالهه هيءَ
آهي ته سياسي وراثت جو اصول انتشار جو اصول آهي
جيڪو نااهليت جي حفاظت ٿو ڪري ۽ ان کي وڌائي ٿو ۽
ورثي ۾ مليل ناقابليت سان سٺي نموني ۾ انتظام
هلائڻ جا رستا بند ٿو ڪري ۽ فرد جي صلاحيت کي اسرڻ
کان روڪي ٿو ۽ مضبوط رياست جي پهرين بنيادي ضرورت
کي ختم ٿو ڪري، اها ضرورت آهي ته رياست جي هرهڪ
باصلاحيت ماڻهو ته جنهن جو تعلق ڀل ڪنهن سان به
هجي، جي صلاحيتن کي پوريءَ طرح اُڀاريو وڃي ۽ کيس
موقعو ڏنو وڃي ته هو پنهنجي صلاحيتن کي رياست جي
خدمت لاءِ ڪتب آڻي. اهو جمهوريت جو بنيادي اصول
آهي ته جيتوڻيڪ سڀ فرد برابر نه آهن پر سڀني کي
برابر موقعا ملن ٿا. فرد جا حق رڳو عهدو ماڻڻ ۽
اختيار حاصل ڪرڻ نه آهن پر سندس حق اهي به آهن ته
هن جا اڳتي وڌڻ جا سڀ رستا کليل هجن ۽ هن جي عهدي
۽ اختيار حاصل ڪرڻ جي اهليت جي آزمائش ۽ پرورش ٿي
سگهي.
رئيسيت بيشڪ ته بهترين ماڻهن جي حڪومت آهي پر
ضروري نه آهي ته اها حڪومت خانداني هجي. اسان
رئيسيت لاءِ مرون ٿا پر ان جي اهليت جي معنيٰ اها
نه آهي ته اسان نوابن جي حڪومت ٿا چاهيون. زندگيءَ
جي هر شعبي ۾ اسان وڏا وڏا ڪم ڪرڻ وارن لائق ماڻهن
سان ملندا آهيون پر سياست لاءِ هنن جا رستا بند
هوندا آهن. جمهوريت کي اهي رستا کولي ڇڏڻ
گهرجن. مسئلي جو حل سولو نه آهي ڇاڪاڻ ته اسان جي
زوال اسان ۾ مايوسي پئدا ڪري ڇڏي آهي. اسان ڪنهن
به چڱيءَ رٿ تي مايوسيءَ سان مرڪي پوندا آهيون ۽
حالتن سان سرچاءُ ڪرڻ لاءِ ائين سمجهندا آهيون ته
دنيا هميشه ائين رهي آهي ۽ هميشه ائين رهندي ۽
اهڙيءَ طرح اسين حالتن سان سرچاءُ ڪري سگهندا
آهيون. ۽ هاڻي اسان ايترا هوشيار ٿي ويا آهيون جو
بگهڙ ۽ بيوقوف ٿا اسان تي حڪومت ڪن. شايد ته
والٽيئر سچ چيو هو ته سياڻو ماڻهو دنيا کي بلڪل
اهڙي حالت ۾ ڇڏڻ چاهيندو آهي. جهڙي حالت ۾ هن دنيا
کي پئدا ٿيڻ وقت ڏٺو هو. پر ڌرتيءَ تي جنت اڏڻ جو
سحر اسان جي رت ۾ شامل آهي ۽ اسان کي سک سان ويهڻ
نٿو ڏي. رئيسيت ۾ ڪي چڱايون آهن. انهن چڱائين کي
ڳولهي انهن کي جمهوريت جي ڏيکاءَ سان ڳنڍڻو آهي.
آمريڪا ۾ 1959ع واري ميئر جي چونڊ جو تصور ڪيو،
اها چونڊ اڃا تائين هڪ جمهوري چونڊ آهي. هر ڪو مرد
۽ عورت ووٽ وجهي مٿن حڪومت ڪرڻ وارن کي چونڊيندا
آهن. اسان هاڻي تائين جيڪي به چونڊون ڏٺيون آهن
انهن ۾ اها چونڊ بيشڪ ته وڌيڪ جمهوري آهي ڇاڪاڻ جو
اڄڪلهه چونڊن ۾ اسان کي ٻن يا ٽن اميدوارن مان هڪ
کي چونڊڻو هوندو آهي، جيڪي ڪن خاص طبقن جا نمائندا
هوندا آهن، جن تي اسان جو اختيار نه هوندو آهي ۽
اسان جي خودمختياري ان ڳالهه تائين محدود هوندي
آهي ته اسين اهو لباس پايون جيڪو اسان جا صاحب
پائن. اسان جي خودمختياري رڳو ايتري آزاديءَ جا
مزا ماڻيندي آهي.
اهي سَو نمائندا نيٺ ڪيئن نامزد ٿيا، ڇا انهن کي
سندن سَو آقائن نامزد ڪيو؟ ڇا اهي ڪن سازشن، يا
ڪنهن پارٽيءَ سان وفاداريءَ جي ڪري، يا حڪم تي
ڪنهن کي به ووٽ ڏيڻ واري فرمانبرداريءَ جي ڪري،
اقتدار جي در تائين پهتا آهن. نه، اهي انهن مان
ڪنهن به رستي کان ڪونه آيا آهن. هنن کي ڪنهن به
نامزد نه ڪيو آهي. هنن رڳو پنهنجي اميدوار هجڻ جو
اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجا مقصد ظاهر ڪيا آهن، ٻيو
ڪجهه نه ڪيو آهي. ڇا پارٽيءَ جي نامزدگيءَ کان
سواءِ چونڊون ٿيون. ڇا پارٽيءَ پاران اميدوار
نامزد ڪرڻ وارو قانون ختم ٿي ويو؟ ڇا هر ڪو ماڻهو
پنهنجي ليکي ميئر گورنر ۽ صدر بڻجڻ لاءِ پاڻ آڇي
سگهي ٿو؟ نه، ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ يا ماڻهن ان
اميدوار کي نامزد نه ڪيو آهي پر هن جي قابليت، هن
جو تجربو ۽ تربيت کيس نامزدن ٿا ڪن. چونڊن جو
ميدان کڻي ڪيڏو به وڏو هجي پر ان طريقي سان ڪوبه
نااهل شخص چونڊ جي نٿو سگهي.
انهن اميدوارن مان هرهڪ پنهنجي زندگيءَ کي اهو
عهدو ماڻڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي. هن ڪاليج مان
اعليٰ تعليم پرائي، سياسي ٽريننگ واري يونيورسٽيءَ
مان چئن ورهن تائين وڏي محنت سان تربيت حاصل ڪئي.
هن لاءِ حڪومت به طب انجنيئري ۽ قانون جهڙو علم ۽
فن آهي. اهو رڳو هڪ عهدو نه آهي جيڪو هن کي هر
طريقي سان حاصل ڪرڻو آهي. ان لاءِ هن علم، صحيح
سوچ ۽ ڪوشش سان پاڻ کي ڌوئي اُجرو ڪيو آهي. نااهل
۽ ڇَسا ماڻهو ميدان ۾ پٺتي رهجي ويا آهن. هاڻي هو
ٻين ڪيترن اميدوارن وانگر آزاد آهي ته هو ميئر ٿيڻ
لاءِ چونڊ وڙهي. جيڪڏهن هو ڪنهن ننڍي شهر جو ٻه
دفعا ميئر ٿئي ته پوءِ هو ڪنهن ٻئي درجي واري وڏي
شهر جو ميئر ٿيڻ جو حقدار ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن ان
وڏي شهر جو هو ٻه دفعا ميئر ٿيو هجي ته پوءَ هو
گورنر جي چونڊ لاءِ بيهي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو هڪ ئي
رياست جو ٻه دفعا گورنر ٿئي ته پوءِ هو ملڪ جي صدر
ٿيڻ جو اميدوار ٿي سگهي ٿو. تربيت هن کي نامزد
ڪندي آهي ۽ اسان جون يونيورسٽون جيڪي آمريڪي
زندگيءَ جو مٺو ثمر آهن. اسان جي تنظيمن جون
درسگاهون ثابت ٿينديون. نوڪر شاهي ائين ئي رهندي
جيئن رهندي آئي آهي. هڪ طبقي جو اقتدار ائين ئي
قائم رهندو جيئن اڳ رهندو آيو آهي. پر اها هڪ سکيا
ورتل نوڪر شاهي هوندي ۽ هڪ طبقي جو اقتدار آئيني ۽
محدود هوندو. چونڊن سان جمهوريت قائم ٿي رهي ته
وري اعليٰ عهدن کي ڪن خاص ماڻهن تائين محدود ڪرڻ
سان رئيسيت قائم ٿي رهي. پر اها جمهوريت نااهليت ۽
ڪرپشن کان سواءِ هوندي ۽ اها رئيسيت به خانداني
ورثي ۽ حقداريءَ واري نه هوندي.
هيءَ رٿ عملي نه پر تصور پرستيءَ واري ٿي لڳي ۽
ظاهريءَ طرح ديوانگيءَ واري به. پر سوال آهي ته
اها ڪهڙي رٿ آهي جا اهڙي نه آهي؟ ڇا اليزبيٿ جي
دور ۾ ڪو منشي واشنگٽن ۽ ميرابو جي باري ۾ اڳ ڪٿي
ڪري ٿي سگهيو؟ يا جارج واشنگٽن جي زماني ۾ عورتن
جي ووٽ جي حق جي ڳالهه، ۽ گرانٽ جي زماني ۾ شراب
کان روڪڻ جي ڳالهه ڪري ٿي سگهيو؟ ڪابه ڳالهه
جيستائين پوري نه ٿئي تيستائين نه ٿي سگهڻ جهڙي
نظر ايندي آهي. آڪسفورڊ ۽ ڪيمبرج يونيورسٽن سياسي
مديرن کي تعليم ڏني. ڇا اسان جون يونيورسٽيون ائين
ڪري نه ٿيون سگهن. چين ۾ ڪيترن صدين تائين عهدا
رڳو انهن ماڻهن کي ڏنا ويندا هئا جن جي تعليم ۽
تربيت هر قدم تي آزمائيل هوندي هئي. پرپوءِ 1911ع
۾ جڏهن ماڻهن ۾ جمهوريت جي باري ۾ سوچ پکڙي ته اهو
طريقو ختم ڪيو ويو. جرمني جي شهرن م هڪ صديءَ
تائين ايترو سٺو انتظام ۽ صفائي هئي جو ان جو مثال
تاريخ ۾ نٿو ملي. ان جو سبب اهو هو جو انتظام اهڙن
ماڻهن جي هٿن ۾ هو جن انتظامي تربيت حاصل ڪئي هئي.
پر اسان کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي. اسان جي يونيورسٽن
۾ حڪومتي انتظام هلائڻ جي سکيا جا اسڪول آهن يا
اهڙا نصاب آهن جيڪي سڀني اسڪولن جو ڄڻ ته مرڪز
آهن. ماهرن جي مخالفت گهٽ پئي ٿئي ۽ سنسناٽي
cincinnati
وانگر هر هڪ شهر خاص تربيت ورتل ماڻهن کي انتظام
لاءِ مقرر پيو ڪري. آمريڪا جي هرهڪ ماڻهوءَ کي خبر
آهي ته اسان جون چونڊون کل جهڙيون آهن ۽ ان کل
جهڙي راند جا اڳواڻ ان ڳالهه تي پريشان آهن ته
ووٽرن جو وڏو انگ چونڊن ۾ ووٽ ڇو نٿو وجهي. هاڻي
وقت اچي ويو آهي ته اسين ان بدنيتي جي حقيقت کي
ڏسون ۽ بي ڊپائيءَ سان چؤن ته اسين تيستائين ووٽن
۾ وقت نه وڃائينداسين جيستائين ائين نه ٿيندو جو
اسين لائق ماڻهن کي ووٽ ڏيون. اها اسان جي بزدلي
آهي جو عام ماڻهو حالتن کان اڻ ڄاڻ ٿا رهن ۽ اهو
ڄاڻڻ کان پوءِ به ته جمهوريت ناڪام ٿي آهي ماٺ ٿا
رهن! اچو ته اسان پنهنجن زبانن کي ڳالهائڻ جي طاقت
ڏيون.
هڪ ليکڪ رڳو ايتري ڳالهه ڪري سگهيو. پر سوچيو ته
جن وٽ اختيار آهن اهي هن ڏس ۾ ڇا ٿا ڪري سگهن.
جيڪڏهن رڳو هڪ سو رسالا ماڻهن تائين صحيح معلومات
پهچائين ۽ هڪ سو مقرر ووٽ ڏيڻ لاءِ اميدوار جي
تعليم ۽ تربيت تي زور ڏيندا رهن ته پوءِ ڏسو ته
سڄاڻ ماڻهن جي راءِ ڪيئن ٿي عام ماڻهن تائين پهچي.
ان سان اکيون کلن ٿيون، تعصب گهٽجن ٿا ۽ نيٺ
ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي ان لاءِ راضي ٿا ٿين ته سياسي
عهدا رڳو تعليم يافته ماڻهن لاءِ هئڻ گهرجن. پوءِ
ڏسو ته ڪيئن ٿو هڪ شهر ٻئي شهر جي اهل ڪري، تان جو
سڀ پاڪ ۽ صاف ٿي ويندا ۽ چور ۽ ناپاڪ عهدن ۽
بازارن مان غائب ٿي ويندا.
اسان پوڙها هاڻي اميد جي آسري رهي نٿا سگهون. اسان
جا روح ايترا ته مجروح ٿيا آهن جو اسان جوش ۽
اُتساهه تي مرڪون ٿا ۽ سڌارا آڻڻ جي جذبي تي کلون
ٿا. پر اسان جي ڪاليجن ۾ هڪ نئون نسل تيار پيو ٿئي
جيڪو اسان کان گهٽ روماني ۽ وڌيڪ بهادر ۽ وڌيڪ ڄاڻ
رکڻ وارو نسل آهي. انهن جو انگ جڏهن لکن ۾ ٿيندو
تڏهن هو ايترا ته مضبوط هوندا جو اسان جي اجتماعي
زندگيءَ جون تڪليفون ختم ڪري ڇڏيندا. |