سيڪشن:فلسفو

ڪتاب: فلسفي جون راحتون

باب:

صفحو:7 

باب ستون

اسان عشق ڇو ٿا ڪيون

عشق کي هر ماڻهوءَ انساني تجربن ۾ سڀ کان دلچسپ تجربو مڃيو آهي پر حيرت آهي ته ڪن ٿورن، اُن جي اصل ۽ ارتقا جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. هن مان ادب جا حيرتناڪ واهه وهي ڇڙيا آهن ۽ ڪيترن اديبن ان تي لکيو آهي. رزميه شاعري، ڊراما، افسانا ۽ نهايت اعليٰ احساساتي شاعري، پر ان موضوع جو معروضي مطالعو تمام گهٽ ڪيو ويو آهي ته فطرت ۾ هن جو سرچشمو ڪهڙو آهي ۽ هڪ ابتدائي جيوگهرڙي واري دور کان وٺي ڊانٽي جي سپردگي، پيٽراڪ جي سرمستي ۽ هيلويز جي ايبيلارڊ سان وفاداريءَ تائين سندس ابتدائي مرحلا ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني طي ٿيا آهن.

بيشڪ ته مرد عورت کي حاصل ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو. محبت جيڪا سج ۽ ٻين سيارن جي گردش جو سبب آهي روح کي مرڻ کان اڳ هڪ وقتي اعليٰ سرور سان روشناس ڪرائي ٿي، پرائين ڇو آهي. جيتوڻيڪ شاعري ثابت ڪيو آهي ته محبت هر سيني ۾ سدائين جنم وٺي ٿي پر شاعري اهو ٻڌائي نه سگهي آهي ته محبت جي جواني جو لڪل سرچشمو ڪٿي آهي. آخر نوجوان چيروين اکين تي لهرائيندڙ زلفن کان ڇو ٿو متاثر ٿئي ۽ سندس ٻانهن تي آڱرين جي ڇهاءَ سان ڇرڪي ڇو ٿو پئي. ڇا ان ڪري ته عورت حسين آهي، پر ڇا اهو صحيح نه آهي ته سونهن کي محبت جنم ٿي ڏي، جيئن سونهن محبت کي جنم ٿي ڏي. سوال اهو به آهي ته ماڻهو محبت ڇو ٿو ڪري.

انساني زندگيءَ ۾ ان کان وڌيڪ ورلي ڪا عجيب ڳالهه هوندي ته مرد پوڙهي ٿيڻ تائين عورت جو پيڇو ٿو ڪري ۽ عورت به قبر تائين پيڇو ڪرائيندي ٿي رهي. انسان جي ڪردار ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه مستقل خوبي ڪانهي ته مرد جي نظر هر وقت عورت تي ڄميل ٿي هجي. مثال ڪنهن چالاڪ مرد کي ڏسبو ته ظاهريءَ طرح هو اخبار پڙهندو هوندو پر اصل ۾ سندس نگاهه پنهنجي شڪار يعني عورت تي کتل هوندي. سندس ڳالهيون به عورت واري بنيادي محور جي چوڌاري پيون گمهنديون. ايستائين جو سندس تحصيل ۽ تصور به ان جادوءَ واري ڪشش جي تابع ٿو رهي.

اچو ته جلديءَ سان انهن سوالن جا جواب ڳولهيون جيڪي محبت ڪرڻ وارا ڪڏهن به پڇندا نه آهن. اچو ته ان باري ۾ اسٽينڊال، ايلس، مول، بولش، ڊي گورمن، فرائيڊ ۽ اسٽينلي هال جهڙين ڏاهن جيڪي چيو آهي اهو ٻڌون، محبت جو تصور قائم ڪيون ته جيئن اُن جي اهميت ۽ عمل جي خبر پوي. هاڻي اچو ته ان واٽ تي هلون جنهن واٽ تان محبت آڻي هئي.

محبت جو حياتياتي تصور:

جيئن بک ۽ محبت ٻئي هڪ ٻئي پٺيان فرد جي زندگيءَ ۾ پيدا ٿينديون آهن، ائين زندگي کاڌ خوراڪ ۽ ولديت جي دائري ۾ ٿي گهمي. کاد خوراڪ وسيلو آهي ولديت جو ۽ ولديت وري وسيلو آهي کاڌ خوراڪ جو. اسان خوراڪ کائون ٿا ته جيئن زنده رهون، وڏا ٿيون، ٻار پيدا ڪري زندگي جي تڪميل ڪيون يعني ته پنهنجي فاني جسم مان هڪ نئين زندگيءَ کي وجود ۾ آڻيون جنهن ۾ کائڻ ۽ ٻار پيدا ڪرڻ ۽ وڌڻ جي قوت هوندي ۽ جيڪا پهرين زندگيءَ کان وڌيڪ بهتر هوندي.

بيشڪ ته اهو وڌڻ ويجهڻ وارو جذبو آهي جيڪو هڪ معمولي جيوگهرڙي کي ٻن حصن ۾ ورهائجڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري ۽ جيڪو وڌڻ ويجهڻ جو شروعاتي عمل آهي. جيڪو گهرڙي جو مايو ان سطح کان تيزيءَ سان وڌي ٿو جتان کيس کاڌ خوراڪ مهيا ٿئي ٿي. ان تناسب کي برقرار رکڻ لاءِ هو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃي ٿو ۽ اها سطح ورڇ ذريعي وڌي ٿي سا ٻيهر هڪ نئين مايي جي صورت ۾ ظاهر ٿي ٿئي. ان سلسليوار جنم بابت وضاحت هڪ نظريو آهي پر ورهائجڻ پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ حقيقت آهي. هڪ ننڍو ۽ انتهائي معمولي ساهوارو جيو بيڪٽيريا ايترو ته جلدي پنهنجو پاڻ کي ورهائڻ ۽ ڄم جي طريقي کي مڪمل ٿو ڪري جو ان جو اندازو لڳائڻ ئي ڏکيو آهي. اميبا جو بنيادي مايو هڪ وڏي ڳجهي ۽ ڳوڙهي عمل کانپوءِ هڪ جسم مان ٻن جسمن جي شڪل ۾ ظاهر ٿو ٿئي. ان پوري عمل سان جيتوڻيڪ نسلي واڌ عمل ۾ اچي ٿي پر تڏهن به انهن ۾ جنسي فرق ڪونهي ۽ سمجهجي ٿو ته انهن ۾ محبت ڪانهي.

هڪ ساهدار ۾ هڪ مان ٻن ۾ ورهائجڻ جي خصلت اصل ۾ قدرت پاران زندگيءَ جي تسلسل کي قائم رکڻ جو طريقو آهي جيڪو ماڻهن جي بقا سان به لاڳو ٿئي ٿو ۽ جيتوڻيڪ قدرت اهو ڪم هزارين پيچيدگين سان ڪري ٿي پر تڏهن به اها ان کي ڇڏي نٿي. هڪ جيوگهرڙي تي ٻڌل ساهدار ”پروٽوزوئا“ Protozoa جو نسلي واڌرو ورهائجڻ سان ٿئي ٿو. هڪ ننڍڙو سلو به ذري گهٽ ساڳئي طريقي سان اُسري ٿو. هڪ ننڍڙو پاڻيءَ واتڙو Baby Hydra پنهنجي ئي ڪنهن وڏي مان وجود ۾ ٿو اچي ۽ ان ئي وجود تي پلجي جوان ٿو ٿئي ۽ ان ساڳئي وجود مان کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري ڪنهن نه ڪنهن هنڌ پنهنجي جاءِ ڳولهي ٿو وٺي. آخرڪار ان کان الڳ ٿي نيون پاڙون ٿو هڻي. ڪڏهن ڪڏهن شروعاتي ساهوارن (جنهن وول ووڪس Volvox) جا جيوگهرڙا هڪ چيڙهالي گرڀ ۾ پوريل رهن ٿا ۽ وڌندي هڪ بيٺڪ جو بنياد وجهن ٿا جنهن کانپوءِ هڪ حيران ڪندڙ جدا جدا عمل شروع ٿو ٿي وڃي. ٻاهريان جيوگهرڙا خوراڪ حاصل ڪرڻ ۽ اندريان جيوگهرڙا نسل جي واڌ واري عمل ۾ مصروف ٿا رهن. پوءِ اها نو آبادي هڪ گڏيل سماجي تنظيم جي شڪل ۾ ظاهر ٿي ٿئي جنهن ۾ جدا جدا حصا هڪ ٻئي سان تعاون ڪندا ٿا رهن. ان مان ثابت ٿيو ته زندگيءَ جي شروعات ۾ (يعني جيوگهرڙن ۾) ئي زندگيءَ جي مادي ۾ علحدگيءَ جو مثال ملي ٿو جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي ويزمن بيريئر Weismann barrier انسان جي نسلي ورڻي جي اهميت واري نظريي جو بنياد رکيو.

جيتوڻيڪ اها ورڇ ڪائناتي آهي پر تڏهن به ناڪافي آهي ۽ هڪ وقت اهڙو اچي ٿو جو ڪيترن نسلن کانپوءِ اهو شروعاتي جيوگهرڙو پروٽوزوئا (جنهن جي ڪيترا دفعا ورڇ ٿي چڪي هوندي آهي) ان مسلسل عمل جي ڪري پنهنجي طاقت، جنهن سان نسل جي واڌ ٿئي ٿي، وڃائي ڇڏيندو آهي. پر ان موقعي تي هڪ ٻيو واقعو ٿيندو آهي. اهو هي ته هڪ ئي قسم جا ٻه ڪمزور ساهوارا پروٽوزوئا هڪ خاص قسم جو مادو هڪ ٻئي ڏانهن منتقل ڪندا رهندا آهن ۽ پوءِ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويندا آهن. ان ملاپ کانپوءِ ٻئي طاقتور ٿي ويندا آهن ان کان پوءِ هڪ نئين قوت سان ورڇ جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي. جيئن اسان انسانن ۾ يا ڪن انساني گروپن ۾ ٿيندو آهي جو جڏهن هو شادي ڪندا آهن ته سگهارا ٿي ويندا آهن ۽ جڏهن نسل ملندا آهن ته انهن ۾ هڪ نئين نواڻ اچي ويندي آهي ائين ننڍڙي ساهوارن پروٽوزوئا ۾ به ٿيندو آهي.

هي سادو ميلاپ کڻي ڪيترو به اهم ڇو نه هجي پر هي ڪنهن به طرح ٻن متضاد جنسن جي ميلاپ جهڙو نه آهي جيڪو تضاد محبت جو گل آهي. ڇا اسين انهن نهايت ننڍن ساهوارن ۾ اهڙو مثال ڳولهي سگهون ٿا؟ هڪڙو ننڍڙو جيوڙو ’پينڊورينا‘  آهي جنهن ۾ سورنهن جيوگهرڙا هوندا آهن، ان ۾ اهڙا مثال ملن ٿا. هنن ۾ موجود هر جيوگهڙو انهن چرندڙ پرندڙ جيوگهرڙن ۾ نٿو بدلجي پر ان جي ابتڙ ڪيترن ئي باريڪ ذرڙن ۾ ورهائجي ٿو وڃي جيڪي هڪ ٻئي سان ملن ٿا ته هڪ نئون جيوگهرڙو پيدا ٿو ٿئي. هڪ ٻيو شروعاتي ساهوارو يوڊورينا جي نالي سان سڏبو آهي ان ۾ وري هر جيوگهرڙو ٻين هڪ ٻئي سان نه ملندڙ ذرڙن ۾ ورهائجي وڃي ٿو. ڪي وڏا ۽ سست ته ڪي وري ننڍا ۽ چست. جيستائين اهو ننڍو ذرڙو وڏي ذرڙي ۾ داخل نٿو ٿئي تيستائين سندن نسل نٿو وڌي. يوڊورينا ۾ قدرت جنس کي ڳولهي لڌو. ڪجهه وقت لاءِ فطرت هٻڪندي رهي پر پوءِ وول ووڪس ۾ اسان کي ولديت جي پراڻي ۽ نئين طريقي جو ميلاپ نظر اچي ٿو. هڪ جيوگهرڙا روايتي طريقي سان وڌن ٿا پر ٻئي نسل جا جيوگهرڙا يوڊورينا وانگر هڪ ٻئي سان مشابهت نه رکندڙ حصن ۾ ورهائجن ٿا ۽ هن نسل جا هڪ ٻئي سان مشابهت نه رکندڙ حصا ملي ٽيون نسل پيدا ڪندا آهن. نيون شيون جيستائين پراڻن سانچن ۾ نه وڌيون وڃن تيستائين اهي مستقل طور قائم نه ٿيون ٿي سگهن. اسانجا نوجوان اهو سبق تڏهن سکندا آهن جڏهن جواني کان موڪلائي چڪا هوندا آهن. اهڙيءَ طرح قدرت ارتقا جي جدا جدا مرحلن ۾ ٻن جنسن کي الڳ ڪيو ۽ انهن جي ميلاپ لاءِ محبت جو جذبو تخليق ڪيو.

ان حياتياتي نظريي مان محبت جي ڪهڙي اهميت واضح ٿئي ٿي. افلاطون جي سمپوزيئم ۾ ارسٽوفينز مشڪريءَ ۾ چئي ٿو ته ڪو زمانو هو جو ٻئي جنسون هڪ جنس يعني مرد هيون پر مرد جي نيت خراب هجڻ جي ڪري خدا کيس ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ اهڙي صوف وانگر جنهن جو آچار ٺاهڻ لاءِ ان کي ٻن حصن ۾ ڪٽبو آهي يا ڪڪڙ جي اوٻاريل بيضي وانگر جنهن کي ڪنهن وار سان ٻن حصن ۾ ورهائجي. اسان مان هر ماڻهو ان مرد جو اڌ حصو آهي جيڪو ٻئي اڌ جي ڳولها ڪندو ٿو رهي. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته مڪمل ٿيڻ جي خواهش ۽ تجسس جو ٻيو نالو محبت آهي. محبت جي ته هي هڪ اعليٰ تشريح آهي جيڪا هڪ مدبر فلاسافر ادبي تمثيل ۾ ڪئي آهي ۽ ان تشريح کي آڏو رکي اسين چئي سگهون ٿا ته ڪو اهڙو وقت هو جو ٻئي جنسون هڪ هيون، ٻنهي جو جسم هڪ هو، پر پوءِ قدرت کين ٻن حصن ۾ جدا ڪيو. اڄ هر حصو پاڻ کي اڻ پورو ٿو محسوس ڪري ۽ پنهنجي تڪميل ٿو چاهي.

پر ”محبت ڇا آهي؟“ سوال جو مٿيون جواب صوفياڻي نوع جو آهي جيڪو هڪ ننڍڙي جيوگهرڙي پروٽوزوئا ۾ هڪ عالماڻي سمجهه جي موجودگي تصور ٿو ڪري. شايد ته ڪن ساهوارن ۾ نر واريون خاصيتون پيدا ٿيون ته انهن مان ڪي ٿورا پنهنجي بهتر اڌ جي ڳولها ڪرڻ لڳا ۽ تحقيق ٻڌائي ٿي ته جيڪي ان ڳولها ۾ رڌل رهيا اهي ئي نئين  نسل جا پيءُ ماءُ ٿيا. اهڙيءَ طرح هر نسل ۾ فقط اهي عاشق يعني ڳولهائو ساهوارا پنهنجي باقي اڌ کي ڳولهي لهڻ جي طريقه ڪار کي طئه ڪندا رهيا. پر اهي ساهوارا جن پنهنجي اندر ۾ اها طلب محسوس نه ڪئي يا ايڏي شدت سان محسوس نه ڪئي سي نسل پيدا ڪري نه سگهيا. انڪري اها طلب ۽ ولوڙ هر نسل سان مضبوط ٿيندي وڃي ٿي ۽ اهڙي طرح اها فنا کان وڌيڪ طاقتور جذبو ٿيندي وئي ۽ پنهنجي مسلسل وڌندڙ قوت جي جوش ۾ موت کي ڌوکو ڏيندي هئي. شايد..... ۽ شايد اهوئي رستو آهي جنهن تان محبت اسان تائين پهتي آهي.

محبت جو جسماني بنياد:

هيستائين اسان حياتيءَ جي تسلسل جي حوالي سان محبت جي ارتقا جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون هاڻي اچو ته ان کي هڪ فرد ۾ اُسرندو ڏسون. ارسطو چيو ته جيڪڏهن ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ گهرو ٿا ته ان جي شروعات ۽ اوسر جو مشاهدو ڪيو.

ڇا ٻارن ۾ ڪا اهڙي ڳالهه آهي جيڪا جوانيءَ واري محبت جي جذبي جهڙي هجي. فرائڊ ان جو وڏي اعتماد سان هاڪاري جواب ڏنو ۽ ٻار جي آڱوٺي چوسڻ ۽ ٿڃ ڌائڻ جي جنسي امڪانن تي پنهنجي نفسيات جي عمارت کڙي ڪئي. پر جڏهن حقيقتن کي نظرين کان ڌار ٿو ڪجي ته پوءِ اهي نهايت ننڍڙا ٿا ٿي وڃن. ڊاڪٽر واٽسن ۽ سندس ساٿين سوين ٻارن کي ڪيتري وقت تائين مشاهدي ۾ رکيو پر هنن کي انهن ٻارن ۾ ڪنهن به قسم جي جنسي عمل جو نشان نظر نه آيو. پر بهرحال ٿوري وقت کانپوءِ ٻار ۾ مخالف جنس جو شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ هن ۾ ۽ مخالف ڌر ۾ جيڪي جسماني تفاوت آهي ان لاءِ هو تجسس ڏيکاري ٿو. انهن کي لڪائڻ جي ڪري سندس تجسس اڃا وڌي ٿو. اهڙيءَ طرح هرهڪ جنس ٻئي لاءِ راز ٿي پوي ٿي ۽ ٻنهي ۾ هڪ حجاب واري ڪشش پيدا ٿئي ٿي. پر جيڪڏهن بلوغت کان اڳ محبت پيدا ٿي پوي ته پوءِ اها والدين سان عشق يعني Oedipus Complex جي صورت اختيار ٿي ڪري جنهن ۾ ڇوڪريءَ ۾ ماءُ ۽ ڇوڪري ۾ پيءُ لاءِ ڪشش پيدا ٿئي ٿي. پر اها محبت ڪا اهڙي خطرناڪ ناهي جهڙو فرائڊ اُن کي پيش ڪيو آهي. ان کي ڪنهن به طرح ڪو نفسياتي مونجهارو سمجهي نٿو سگهجي ڇاڪاڻ ته اها ڪشش، نه ته غير شعوري آهي ۽ نه ئي ڪا بيماري آهي. پر اهڙيءَ طرح قدرت هڪ ٻار کي آئيندي جي صحتمند محبت لاءِ تيار ڪندي آهي. پر جيڪڏهن معاملو ان جي ابتڙ هجي ۽ پٽ پيءُ سان ۽ ڌيءَ ماءُ سان محبت ڪرڻ لڳي ته پوءِ نفسيات جي ماهرن کي ٿورو هوشيار ٿيڻ گهرجي جو اها جواني آهي جنهن ۾ محبت پهريون چٽو گيت ڳائيندي آهي. جواني: جي معنيٰ آهي جسم تي وار نڪرڻ، خاص ڪري سيني جا وار جن لاءِ هو بربريت وارو فخر ڪندو آهي. منهن ۽ کاڏيءَ جا وار هو سسي فس واري صبر سان ڪوڙيندو آهي. ايئن ٿو لڳي ته بت جي وارن جو انحصار مرد جي توليد واري طاقت تي هوندو آهي. بت تي وارن سان گڏ مرد ۾ ٻي تبديلي اها ايندي آهي ته هن جو آواز ڳرو ٿي ويندو آهي، انهن سڀني جسماني تبديلين کي ٻئي درجي جون جنسي خاصيتون چيو ويو آهي. هن جي ڀيٽ ۾ وري ڇوڪريءَ جي جسم تي اهڙيون گولائيون اُڀرنديون آهن جيڪي اکين کي هرکائينديون آهن. هن جا ٻُنڍڻ به وڌندا آهن ته جيئن ويم ۾ کيس سهولت ٿئي ۽ سندس سيني ۾ به واڌ ايندي آهي ته جيئن ٻار کي کير ڌائڻ ۾ سولائي ٿئي.

انهن ٻئي درجي جي جنسي خاصيتن جي پيدا ٿيڻ جو سبب ڪهڙو آهي. تنهن بابت ڪو پتو ڪونه ٿي پيو، پر پوءِ پروفيسر اسٽارلنگ خيال ڏيکاريو ته جوانيءَ ۾ نه رڳو ٻوڪجڻ ۽ ڦرجڻ جي صلاحيت پيدا ٿي ٿئي پر رت اندر هارمونز  به پيدا ٿا ٿين ۽ رت ۾ داخل ٿي جسماني ۽ نفسياتي تبديليون ٿا آڻين جن سان جسم کي طاقت ملڻ سان گڏ ذهن به هزارين طريقن سان متاثر ٿو ٿئي. رومين رولان جو چوڻ آهي ته زندگيءَ ۾ اهڙا مرحلا به اچن ٿا جن ۾ مرد جي اندر وڏيون جسماني تبديليون ٿيون اچن. ساڳيو حال عورت جو آهي. جوانيءَ جي آمد سڀ کان وڏو انقلاب آهي.

انسان جي جسم ۽ روح ۾ نون احساسن جو سيلاب ايندو آهي. تجسس ماڻهوءَ کي اڳتي ڌڪيندو آهي ۽ حياءُ کيس روڪيندو آهي. نوجوان، ڇوڪرين جي محفل ۾، عجيب محسوس ڪندا آهن ۽ ڇوڪريون شرمائڻ سکي وينديون آهن . بي عمل  ٻار يڪدم هوشيار ٿي سگهندا آهن. جيڪي پهريان چئي ۾ هوندا هئا اهي بي چيا ٿي پوندا آهن، پنهنجن خيالن ۾ ٻڏي وڃڻ جا دورا پوندا آهن. تصور جاڳندو آهي ۽ شاعريءَ جا ڏينهن ايندا آهن. هر نوجوان پاڻ کي ليکڪ سمجهي غير فاني شهرت جا خواب ڏسندو آهي. ذهن جي سموري قوت جاڳي پوندي آهي ۽ ماڻهو ڪائنات جي باري ۾ سوالن جا حملا شروع ڪري ڏيندو آهي. جيڪڏهن هن جي دانش ائين قائم رهي ته هو وڏو فلاسفر يا سائنسدان ٿيندو نه ته دنياوي ڪمن ۾ ڪاميابيون ماڻيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪو اعليٰ رتبو به حاصل ڪري.

اهوئي دور هوندو آهي جو محبت جي اُٿل فن ۽ سماجي رشتن جي پاڙن جي آبياري ڪندي آهي. محبت حسن جو تصور ڪندي آهي. حسن کي حاصل ڪندي آهي ۽ حسن کي تخليق به ڪري سگهندي آهي. محبت نيڪي جو تصور ڪندي آهي. نيڪي کي حاصل ڪندي آهي ۽ ان لاءِ محڪم ارادي سان زور لڳائيندي آهي. ان وقت مذهب جيڪڏهن پنهنجا مُدي خارج عقيدا پيش ڪري ته نوجوان دليلن سان انهن جا ٽڪرا ڪري ڇڏي. جيڪڏهن مذهب پنهنجو پاڻ کي نيڪيءَ جي ڳولها ڪرڻ واري جي روپ  ۾ پيش ڪندو ته اهو هڪ نوجوان روح جي تصور پرستيءَ تي اثر انداز ٿيندو ۽ سندس شخصيت جو ڪڏهن نه ٽٽندڙ حصو ٿي ويندو.

حقيقت ۾ نوجواني جو زمانو شاندار هوندو آهي. هي عقل ۽ جذبات ٻنهي جو زمانو آهي جنهن ۾ عقل ۽ دل جون نيون دولتون، خيالن جون بوندون وسائينديون ۽ احساسن جي دولت وکيرينديون آهن. ان کان اڳ دنيا ڪڏهن به ايتري عجيب پر ايتري حسين، ايتري هٿ نه  اچي سگهڻ پر ساڳئي وقت فتح ڪري سگهڻ جهڙي نه لڳندي آهي جهڙي انهن ڏينهن ۾ لڳندي آهي. ان زماني کانپوءِ هر زمانو ان سنهري دور کي ياد ڪندو آهي. هي هرطاقت جو بهار جو زمانو آهي ۽ هر اوسر جي ٻج ڇٽڻ جي مند آهي. هن عمر ۾ اعليٰ جذبن جي پرورش ٿيندي آهي. هي زندگيءَ جي نشان الثانيه آهي.

اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا ڇوڪري کي ڊنل انداز ۾ ڇوڪريءَ ڏانهن گهليندي آهي ۽ ڇوڪري کي طلب ۽ ڪشش کانپوءِ به ڇوڪريءَ کان پري رکندي آهي. اسان جي ماس جي تهن ۾ اهو ڪهڙو جادو آهي جيڪو اسان جي زندگي جي سڀ کان حسين گل کي تخليق ٿو ڪري. يعني مرد جي عورت لاءِ محبت، بدن جا توليدي جيوگهرڙا اڀري ٿا اچن ۽ توانائيءَ سان ڦاٽڻ ٿا لڳن. ڄڻ ته زرخيزي جي راهه ۾ ايندڙ هر رڪاوٽ کي ختم ڪري ڇڏيندا. جيئن ته محبت جو حياتياتي ذريعو ميلاپ واري جبلت جي واڌاري ۽ فطرت جي چونڊ جو اظهار آهي، انڪري انسان جي اندر جسماني اهميت، درحقيقت انهن اسرندڙ جيوگهرڙن جو هڪ عجيب ميلاپ آهي. هر ساهوارو رڪاوٽن کي هٽائي پنهنجي راه ٺاهيندڙ هڪ خاص نوع جي اوسر کي محسوس ٿو ڪري، هن کي زندگي جي ته بيتاب وسعت پسندي نظر ٿي اچي پر دل هڪ وڻندڙ اداسيءَ سان ڀريل ٿي هجي ڄڻ ته کيس اڻپوري هجڻ جو احساس آهي ۽ هو مڪمل ٿيڻ لاءِ بيتاب آهي.

ان احساساتي حالت ۾ نوجوان انهن هزار شين جي وجود کي محسوس ٿو ڪري جن ڏانهن هو ڌيان ئي نه ڏيندو هو. ڪي آواز هن کي متاثر ٿا ڪن، گيت ۽ نغمي جو هن تي جادوئي اثر ٿو ٿئي جيڪو پهريان ڪڏهن ڪونه ٿي ٿيو ۽ آواز ۾ (جيڪو هيٺاهين درجي جا ساهوارا ماديءَ کي سڏڻ لاءِ ڪڍندا هئا) هڪ نئين نزاڪت پيدا ٿي ٿئي جيڪا محبت ڪرڻ واري کي وڏي خوشي ٿي بخشي. ڪي خوشبويون، جسم جا اُسرندڙ حصا، صفائي جي هٻڪار ۽ عطر جي موهيندڙ خوشبو، اهي سڀ عاشق کي مست ڪرڻ جا سامان آهن. جسم جي ڪن حرڪتن ۾ به خاص ڪشش هوندي آهي جيئن ناچ جي لئي ۽ تيزي، رانديگرن جون پراعتماد حرڪتون، ڇوڪرين جون وڻندڙ ادائون، ان کانسواءِ ڪي خاص نظارا وڻندڙ ٿي پون ٿا، محبت جي موسم ۾ ڪي رنگ دل کي وڻن ٿا. ڳاڙهو رنگ محبوبه کي حاصل ڪرڻ جي للڪار آهي. نوجوان ميلاپ مهل پاڻ کي ڇنڊي ڦوڪي ايندا آهن. جهنگلي ماڻهو ٻين جو ڌيان ڇڪائڻ ۽ شوق کي وڌائڻ لاءِ پنهنجي بت تي عجيب غريب ليڪا ڪڍندا آهن. ڪپڙا پائڻ جو مطلب به سينگار آهي جنهن جي ذريعي ڪي اشارا ڏيئي سگهبا ۽ تحرڪ پيدا ڪري سگهبي آهي. بهادري ۽ طاقت جو نماءَ نفيس ۽ نازڪ دلين کي ڦٿڪائي ٿو ڇڏي ۽ جسم جو هر نازڪ ور وڪڙ اندر کي هرکائي ٿو. اهي رنگن، خوشبوئن، آوازن، ڇهائن، نظارن، راڳن ناچن جا مختلف اظهار نوجوانن جي  خيالن کي ڀري ٿا ڇڏين ۽ محبت جا زبردست محرڪ ٿا بڻجن.

پوءِ اوچتو اهي سڀ محرڪ هڪ ٿي وڃن ٿا، سڀ ڪيفيتون هڪ وقت ٿيون اُڀرن، نسل جون ضرورتون جسم ۽ روح جي بک ۽ اڃ جي معرفت ڳالهائن ٿيون ۽ محبت خبر ٿي وٺي، دل ۾ صبح جي روشنيءَ وانگر ٿي ڦٽي ۽ پنهنجي تاءَ ۽ روشني سان سڀ کي ڀري ٿي ڇڏي. عظيم ليوڪريٽس ڳائي ٿو:

اي وينس! تون شين جي فطرت جي راڻي آهين.

توکان سواءِ ڪا شيءِ زندگيءَ جي الاهياتي ايوانن تائين نٿي پڄي سگهي.

توکان سواءِ ڪو جاندار سهڻو ۽ خوش ٿي نٿو سگهي.

جبلن ۽ سمنڊن، تيزيءَ سان وهندڙ درياهن، پکين جي پنن وارن آکيرن، جهڪيل سائي گاه جي ميدانن جي وسيلي، تون هر سيني ۾ محبت جاڳائين ٿي.

۽ هر جنس ۾ خواهش پيدا ڪري نسل جي وڌاري جو سبب بڻجين ٿي.

جيئن ئي بهار ڏينهن کي روشن ڪندي آهي ته وحشي ڌڻ چراگاهن ۾ ٽپ ڏيڻ لڳندا آهن ۽ تيز وهندڙ ندين ۾ ترندا آهن.

هر هڪ تنهنجي حسن جو اسير آهي ۽ محبت سان تنهنجي پٺيان ٿو هلي.

روحاني ارتقا:

ان مضبوط ۽ فطري بنيادن مان اها محبت ٿي اُڀري جيڪا شاعري جو روح آهي. زندگيءَ جي تسلسل جي ان جذبي مان جوڙن جي هڪ ٻئي سان وفاداري ٿي پيدا ٿئي. ماس جي بک مان هڪ روح جو ٻئي روح لاءِ پيار ٿو اُسري ۽ غار ۾ رهڻ واري وحشيءَ جي هوس مان آخرڪار شاعر جي سونهن لاءِ ساراه ٿي جنم وٺي. اهو مرد جو ابتدائي نغمو آهي.

اوائلي دور جي ماڻهن کي محبت جي ڪا خبر ڪانه هئي ۽ هنن وٽ محبت لاءِ ڪو لفظ ڪونه هو. هنن جي شادي ٿيندي هئي ته زال سان مڙس جي تعلق جو بنياد رومانس نه پر ٻار پيدا ڪرڻ ۽ وقت تي ماني ملڻ هوندو هو. علم بشر جو عالم لوباڪ ٿو چئي ته (علم بشر جا عالم ڏورانهن هنڌن کان ڏاڍا متاثر ٿيندا آهن) يوروبا ۾ مقامي ماڻهو شاديءَ ۾ لاتعلق رهندا آهن. مرد ائين زال حاصل ڪندو آهي ڄڻ مڪئيءَ جو سنگ پيو لڻي، محبت جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، نٽشي جو خيال هو ته رومانوي محبت ٻهراڙيءَ جي شاعرن جي ايجاد هئي، پر جتي تهذيب وڌي اُتي نسل جي پيدائش روحاني رنگ اختيار ڪيو. يوناني، رومانس مان واقف هئا پر هنن ۾ رومانس هم جنس پرستي وارو هو. الف ليليٰ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته محبت وچين دور جي نغمن کان اڳ وجود ۾ اچي چڪي هئي. پر گرجا، جنسي پاڪيزگيءَ جو احترام سيکاريو ۽ عورت کي سولائيءَ سان هٿ نه اچڻ واري هستي بڻائي هن جي ڪشش کي وڌايو، جنهن محبت جي شاعريءَ کي قوت بخشي. روشفو ٿو چئي ته ”اهڙي محبت جو عاشق سان اهڙو ئي تعلق آهي جهڙو روح جو جسم سان جنهن ۾ هو زندگي پيدا ڪندو آهي“. ڊي فوسي جو چوڻ آهي ته ”سڀ مرد ڪوڙا، غدار، اجايون ڳالهيون ڪرڻ وارا، منافق ۽ تڪبر ڪرڻ وارا هوندا آهن ۽ سڀ عورتون خود پسند، ڏيکاءُ واريون ۽ بي وفا هونديون آهن. پر دنيا ۾ رڳو هڪ شيءِ مقدس آهي ۽ اها آهي انهن اڻ پورين هستين جو ميلاپ“ ۽ نٽشي بُتَ ڀڃڻ کانپوءِ محبت جو هيئن احترام ٿو ڪري: ”مون ان کان وڌيڪ مقدس ڳالهه ڪڏهن نه ٻڌي آهي ته سچي محبت ۾ روح جسم کي ڀاڪر ۾ وٺندو آهي.“

اسان جسماني خواهش کان رومانس تائين محبت جي اوسر جي ڪيئن تشريح ڪري سگهنداسين. اهو ڪيئن ٿيو جو شهوت نرم دليءَ ۾ بدلجي وئي ۽ جسم جي بي تابي روح جي نرمي بڻجي وئي. ڇا اهو انڪري ٿيو جو تهذيب مرد ۽ عورت جي جسماني ميلاپ ۾ دير ڪرائي ۽ جسم کي پنهنجي طلب کي پورو ڪرڻ نه ڏنو جنهن جي ڪري طلب وڌي، ان طلب تصور جي صورت اختيار ڪئي ۽ تصور محبوبه کي تصوراتي رنگن ۾ رڱيو. اها هستي جنهن کي اسان ڳولهيندا آهيون پر ماڻي نه سگهندا آهيون. اها اسانجي نه ماڻڻ جي ڪري وڏي قيمتي ٿي ويندي آهي. ڪنهن شيءِ، جو حُسن اسانجي خواهش جي شدت تي مدار رکي ٿو ۽ خواهش پوري ٿيڻ سان ڪمزور ۽ پوري نه ٿيڻ سان شديد ٿيندي آهي، انڪري ماڻهو جي جواني ۾ ۽ جتي تهذيب پختي هوندي آهي اُتي محبت وڌيڪ روحاني هوندي آهي ڇاڪاڻ جو اهڙي حالت ۾ خواهشن کي سڀ کان وڌيڪ دٻايو وينديو آهي ۽ دٻاءَ سان جسماني خواهش شاعريءَ جو روپ اختيار ڪندي آهي.

هاڻي ٿورو محبت جي نفسياتي اوسر تي به غور ڪريون. ان جي شروعات گهڻو ڪري ائين ٿيندي آهي جو ڇوڪريءَ جو پيءُ سان ۽ ڇوڪري جو ماءُ سان دلي تعلق هوندو آهي. تنهن کان پوءِ اهو دلي تعلق وڌيڪ شدت سان ڪنهن اهڙي شخص ڏانهن منتقل ٿيندو آهي جيڪو ذري گهٽ سندن عمر جو هوندو آهي. اسڪولي ڪلاس جا شاگرد پنهنجي مخالف جنس جي استاد سان پيار ڪندا آهن. گوئٽي پنهنجي محبت جي بنياد تي هڪ اعليٰ افسانو لکيو جنهن ۾ هڪ عورت کيس ”منهنجا پٽ“ چئي سندس دل ٽوڙي ٿي ڇڏي. انهن بدلجندڙ محبتن ۾ تصور جي سجاوٽ عروج تي هوندي آهي. وڌندڙ جسم سان تخيل بي تاب ٿيندو آهي، سهڻا تصور ٺاهيندو آهي ۽ پنهنجي دلپسند شخص کي پنهنجا سهڻا ۽ نهايت وڻندڙ رنگ ڏيندو آهي. ان عمر ۾ محبت جو جسماني عنصر شعوريءَ طرح ظاهر ڪونه ٿيندو آهي. گوئٽي جو چوڻ آهي ته هڪ معصوم جوان ۾ محبت جي پهرين لهر جو رخ سدائين روحانيت ڏانهن هوندو آهي.“

ان کان ترت پوءِ جوانيءَ جي محبت جو آفاقي تجربو شروع ٿيندو آهي. هيءَ محبت گهڻو ڪري لڪل هوندي آهي ۽ ان جو اظهار نه ڪيو ويندو آهي ايستائين جو سوکڙيون به بنان نالي موڪليون وينديون آهن. محبت جي ان مرحلي ۾ ڇوڪريون وڌيڪ جرئت مند هونديون آهن ۽ جيتوڻيڪ وڌيڪ سمجهه اچڻ سان سندن جرئت گهٽجي ويندي آهي پر تڏهن به ان فن ۾ هو مردن جي ڀيٽ ۾ آخر تائين وڌيڪ هنرمند هونديون آهن. ڇوڪرو شرميلو هوندو آهي پر ڇوڪريءَ کي پورو پورو اعتماد هوندو آهي. ڇوڪرو هروڀرو به ڪوشش ڪري محبوبه کان پري رهندو آهي جنهن کي هو حاصل ڪرڻ گهرندو آهي. هو رات جي اونداهيءَ ۾ اڪيليون گهڙيون گذاريندو آهي يا منجهند جو بنان مقصد جي پيو رلندو آهي ۽ پنهنجي محبوبه جي موجودگيءَ ۾ هن کان جيڪي غلط ڳالهيون ٿي چڪيون هونديون آهن يا ڪا گستاخي ٿي هوندي آهي ته انهن تي پيو سوچيندو ۽ پڇتائيندو آهي. جن نوجوان کي ماءُ جي محبت وڌيڪ ملندي آهي اهي ان معاملي ۾ وڌيڪ حساس هوندا آهن ۽ اهڙي حساسيت کين جنسي طرح معذور به بنائي ڇڏيندي آهي. ڪن نوجوانن ۾ وري نماءَ جو شوق پيدا ٿيندو آهي ته پنهنجي زندگيءَ کي خطري ۾ وجهندا آهن ته جيئن پنهنجي محبوبه جي قدمن ۾ پنهنجي ڪاميابيءَ جا گل وکيري سگهن. راند جي ميدان ۾ نوجوان جانورن وانگر رت جي راند به ڪندا آهن ته جيئن هو پنهنجي محبوبه کي ماڻي سگهن. اڳتي هلي اهائي مقابلي واري راند هو معاشي ميدان ۾ کيڏندا آهن ته جيئن سندن محبوبه سندن تعريف ۾ مرڪندي رهي.

جوانيءَ ۾ اهڙن مظاهرن کانپوءِ محبت مختلف مرحلن مان لنگهندي آهي جيڪڏهن محبت جي اظهار جا جوانيءَ وارا مظاهرا وقتي آهن ته پوءِ ٺيڪ آهي پر جي مستقل آهن ته پوءِ اهي جنسي بي راهه روي ٿي پوندا آهن. بي راهه روي پراڻي زماني جي عشق جي اظهار جو طريقو هوندو آهي جيڪو ان زماني ۾ مروج هو پر هاڻي ان جو رواج نه رهيو آهي. هڪ صحتمند ماڻهو انهن تجربن مان لنگهندو آهي جيئن ڊانٽي تمثيلي طور جهنم مان لنگهيو هو. انهن تجربن سان هو پختو ٿيندو آهي ۽ پوءِ پختي ۽ صحت مند محبت جي منزل تي پڄندو آهي.

هاڻي ڪورٽ شپ جو دور شروع ٿيندو آهي. هي انسان جي تقدير جو سڀ کان حسين دور هوندو آهي. ان جي معنيٰ اها نه آهي ته ڪورٽ شپ بلوغت کان اڳ موجود نه هوندي آهي. اسانجي ننڍپڻ جون رانديون اڌ کان وڌيڪ ان نوع جون هونديون آهن ۽ پنجن ورهن جي ڇوڪري وڏي هنرمنديءَ سان محبت جو اهو کيڏ کيڏي سگهندي آهي. ڪورٽ شپ سان ڪيترا اهم مقصد پورا ٿين ٿا، هن ۾ محبت وڌي ٿي ۽ بهترين انتخاب لاءِ وقت ملي ٿو جنهن سان زندگيءَ جو معيار بلند ٿو ٿئي. ڪورٽ شپ گهڻو ڪري ائين ٿيندي آهي ته مرد ڪاميابيءَ لاءِ اڳتي وڌندو آهي جڏهن ته عورت وڏي محبوبيت سان پٺتي هٽندي آهي. پر ڪڏهن ان اصول تي عمل نه به ٿيندو آهي. نيو گني ۾ ڇوڪريون ڇوڪرن سان ڪورٽ شپ ڪنديون ۽ کين سوکڙيون ڏينديون آهن. پر اها تعريف جهڙي روايت اسانجي ملڪ ۾ شروع ڪانه ٿي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين ٿيندو آهي جو ڇوڪري مرد کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ برنارڊشا جي ڊرامن ۾ گهڻو ڪري مرد ئي محبت جو اظهار ڪندو آهي ڇاڪاڻ جو هو فطري طور جانباز هوندو آهي. عورت هن لاءِ شڪار هوندي آهي ساري ڪورٽ شپ هڪ جنگ آهي ۽ ميلاپ جي لاءِ فتح جو مقابلو.

اسٽينلي هال ٿو چئي ته ڪي نر مڪڙ لڳ جي موسم ۾ پاڻ ۾ ڪڪڙن وانگر وڙهندا آهن، ڪي نر مڇيون آنن ڏيڻ جي موسم ۾ آنن وارن هنڌن تي هڪ ٻئي سان وڙهي مرندا آهن ۽ سالمن نر مڇي جا ڏند مادي مڇيءَ جي ڏندن کان وڌيڪ تکا ٿي ويندا آهن. بهار جي موسم ۾ نَر سانڊو وڙهندو نظر ايندو آهي ۽ گهڻي ڀاڱي نر پکي وڙهڻ لاءِ آتا هوندا آهن، چهنبن ۽ چنبن سان هڪ ٻئي جي پرن ۽ ٽنگن تي ٺونگا هڻندا آهن. هنن لاءِ وڙهڻ جي موسم محبت جي موسم هوندي آهي. انسانن ۾ جنگ تجارتي مقابلي ۽ نمائش جي صورت اختيار ڪندي آهي. اسان ڏندن سان نه بئنڪ جي چيڪ بڪ سان وڙهندا آهيون ۽ اسان پنهنجا نهن وارا چنبا ڪاروباري اخلاقيات جي پردي ۾ لڪائيندا آهيون.

عورتون جيڪڏهن عقلمند هونديون آهن ته حيا ۽ نٽائي وڃڻ جي هٿيارن سان وڙهنديون آهن، حياءُ هڪ چالاڪيءَ واري پسپائي آهي جيڪا ڊپ ۽ صفائي پسنديءَ مان پيدا ٿيندي آهي ۽ تهذيب ۽ رحمدلي سان وڌندي آهي. اها خاصيت رڳو انسانن ۾ نه آهي پر حيوان مادي به لڳ جي مند کانسواءِ لڳ ڪرڻ کان لنوائيندي آهي. Bcaumerchais چوي ٿو ته ”ماڻهو جانورن کان ان ڳالهه ۾ الڳ آهي جو بنان اُڃ جي پيئندو ۽ سڀني موسمن ۾ هم بستري ڪندو آهي.“ مهذب ماڻهوءَ ۾ حياءُ محبت جي هڪ تمام سٺي نفسياتي ترقي آهي. هو اهو عاليشان مقام حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن روح جي محرڪات تي حاوي ٿي وڃي ٿو. پراڻي زماني ۾ مليشيا ۾ عورتن ۾ خودڪشي ڪرڻ جي وبا پکڙي هئي تڏهن اتان جي ڪن عقلمند قانون سازن حڪم جاري ڪيو هو ته جيڪي عورتون خودڪشي ڪنديون انهن جي لاشن کي گهٽين مان اگهاڙو گهمايو ويندو ۽ عورتن جي خودڪشي بند ٿي وئي.

وليم جيمس جو خيال آهي ته حياءُ فطري ۽ جبلتي نه آهي پر حاصل ڪيل جذبو آهي. عورتن ڏٺو ته فراخدلي ڌڪار پيدا ڪندي آهي ته هنن پنهنجو اهو مشاهدو پنهنجن ڌيئن ڏانهن منتقل ڪيو. ڊڊرو Didero اڃا ڪجهه پوئتي وڃي ان دور جي ڳالهه ڪئي ته ساڙيل مردن عورتن تي پنهنجو مالڪاڻو حق قائم ڪرڻ لاءِ زوريءَ مٿن حياءُ مڙهيو. ڪيترن قبيلن ۾ رڳو پرڻيل عورتون ڪپڙا پائينديون هيون جو سندن مڙس سمجهندا هئا ته اهڙيءَ طرح زالن تي سندن مالڪاڻا حق قائم رهندا. پوءِ جڏهن عورتن کي قبضي ۾ رکڻ جي بجاءِ شادي ڪاروبار ٿي وئي تڏهن والدين ڏٺو ته ڪنواري ڇوڪريءَ جا وڌيڪ پئسا ٿا ملن ته هنن ڇوڪرين جي حياءُ جي پرورش ڪئي. انهن مختلف وسيلن سان حياءُ اڀريو ۽ عورتن جو دلفريب حسن ٿي ويو. بي حياءَ عورتون مردانيت وارن مردن لاءِ وقتي طور پرڪشش هونديون آهن. نمائش ۾ احتياط ۽ حسن ۽ خوبيءَ جي اظهار ۾ اختصار سندن شڪار جا بهترين هٿيار آهن. جڏهن بدن جي خاص عضون بابت اسان کي گهٽين ۾ سکيا ملندي ته ان سان اسانجو ڌيان ته ڇڪبو پر جذبات ۾ تحرڪ نه ايندو. جوان ماڻهو جهڪيل نگاهن ڏانهن ڇڪبو آهي جو غير شعوري طور سمجهندو آهي ته ان حياءُ ۾ عورت جو روحاني طرح پاڻ ارپڻ جو جذبو لڪل آهي جيڪو عورت جو هڪ اعليٰ ڳڻ آهي. حياءَ عورت جي پنهنجن انعامن ۾ بخيلي آهي جنهن مان مرد جي همٿ ۽ جرئت کي آزمائيندي آهي، کيس غير معمولي ڪم ڪرڻ لاءِ هرکائيندي ۽ هن جي انهن لڪل صلاحيتن کي اُڀاريندي آهي جيڪي عام ماڻهن جي زندگين جي تهن ۾ لڪل هونديون آهن. ٿي سگهي ٿو ته مردن جا تعميري ڪارناما پکين جي رنگين شان وانگر جنسي حسن ۽ نمائش جي ڪري ٿي سگهيا هجن.

محبت ٻار جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪندي آهي. شايد اسان ۾ ٻار پيدا ڪرڻ جي  جبلت ڪانهي، رڳو جنسي لاڳاپي ۽ ٻار جي پالنا جي جبلت آهي. فطرت اڻ سنڌيءَ طرح پنهنجا مقصد پورا ڪندي آهي ۽ انسان اعليٰ ترين لذت جي پيداوار آهي. اسپتالن ۾ عورتن جون رڙيون ۽ ٻارن جو روڄ راڙو ٻڌو، پر ڪيڏي نه سولائي سان ٻار ماءُ جي سور کي سرور ۽ سرمستيءَ ۾ بدلائي ڇڏيندو آهي ۽ پيءُ ۾ فخر جو اهو جذبو پيدا ڪندو آهي جو هو کل خوشيءَ سان ٻار جي پالنا ۽ ان جي تربيت جا خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي.

ٻار جڏهن پيدا ٿيندو آهي ته پيءُ ماءُ ۾ محبت اُٿلي پوندي آهي پر هي ته محبت ان شعلي کان الڳ آهي جيڪو اڳ دل ۾ ڀڙڪيو هو. هن هڻَ وَٺُ جي زماني ۾ اهو شعلو ٽئين ٻار جي ڄمڻ تائين گهڻي ڀاڱي وسامي چڪو هوندو آهي. اها محبت جنهن وقتي طور ماءُ پيءُ کي هڪ ڪري ڇڏيو هو هاڻي ٻار جي حصي ۾ ايندي آهي ماءُ ٻار جي محبت ۾ مڙس کي نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پيءَ ته جيڪڏهن ٻار ڇوڪري آهي ته اها ساري محبت جيڪا سندس زال لاءِ هئي هاڻي ان ٻار لاءِ هوندي آهي. پر آخرڪار اهي وقتي ڪششون گهٽجي وينديون آهن ۽ زال ۽ مڙس کي محبت وري هڪ ڪري ڇڏيندي آهي.

اهو وقت آهي جيڪو ٻن روحن جي هڪ مڪمل ميلاپ جو سبب بڻيو آهي ڇاڪاڻ جو ماءُ پيءُ بڻجڻ واري دور ۾ ڪيتريون آزمائشون اينديون آهن، ڪيترن ئي جسماني تڪليفن ۽ روحاني اذيتن مان لنگهڻو پوندو آهي. بيماري ماڻهوءَ جي ڦرندڙ گهرندڙ تخيل ۾ گهرائي ۽ گنڀيرتا آڻيندي آهي ۽ موت جي اڻ ٽر هجڻ جو احساس محبت کي هڪ ٽين زندگي ڏيندو آهي. گڏجي جوڙيل رٿائون ۽ انهن تي عمل، ڪاميابين ۽ ناڪامين ۾ هڪ هجڻ، ٻن الڳ پر هڪ ٻئي سان مطابقت رکندڙ ذهنن کي اهڙي طرح روحاني هيڪڙائي ۾ ڳنڍيندو آهي جو ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ٻه شخصيتون هڪ ٿي ويون آهن ۽ پوءِ ته سندن شڪليون به هڪ جهڙيون ٿي وينديون آهن. گڏجي ٻارن جي پرورش ڪرڻ، انهن کي وڌندو ويجهندو ڏسڻ، ۽ پوءِ دل نه چاهيندي به کين هڪ نوجوان عاشق جي حوالي ڪرڻ، اهي شخصيتن جي مڪمل اتحاد واريون صورتون آهن.

اهو گهر جيڪو ڪڏهن ٻارن جي ٽهڪن سان پڙاڏبو هو هاڻي ان ۾ انهن ڏينهن جون يادون ٿيون پڙاڏجن. تڏهن محبت کين آٿت ڏيڻ لاءِ انهن ڪيترن سالن جي ساٿين کي، پنهنجي دولت سان مالامال ڪري ڇڏيندي آهي. اهو دور تيستائين پورو نه ٿيندو آهي جيستائين محبت پوڙهائپ جي اڪيلائي ۽ موت جي ويجهڙائيءَ ۾ دلين کي نه گرمائي. جيڪي محبت کي رڳو خواهش سمجهندا هئا، ان جي ماس ۽ ان جي پاڙ مان واقف هئا، هاڻي جڏهن جسماني عناصر رک ٿي چڪا آهن تڏهن سندن رڳو روح رهيو آهي. پوڙهين دلين جي ان نئين ميلاپ سان ئي جسماني بک مان روحاني محبت تائين ارتقا مڪمل ٿيندي آهي. اهو آهي محبت جو سڄو دائرو، اچو ته مٿس هڪ دفعو وري نظر وجهون، هڪ بلڪل سنهي ساهواري Protozoa جي جسماني جوڙجڪ ۾، حيوان جي تيز جذبي ۾، وحشيءَ جي شهوت ۾، نوجوانن جي سوچيندڙ ۽ پگهرندڙ نگاهن ۾، ايليزابيٿ براؤننگ جي شعرن ۾، فراسيسڪا جي داستانن ۾، ۽ پوڙها زال مڙس جنسي خوشي ۾ ڏڪن پيا جو هنن جا ٻار ۽ ٻارن جا ٻار هنن جي اڌ صديءَ جي محبت جو مان ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهن. ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو معجزو هوندو ته عناصر جي هڪ ٻئي لاءِ ڪشش وڌيڪ محبت ۽ وفا جي شاعريءَ جي صورت اختيار ڪري. اسان کي ستيانا جا لفظ ٿا ياد اچن ته ”هر آدرش جو بنياد فطري هوندو آهي ۽ هر فطري بنياد جي آدرشي اوسر ٿيندي آهي. محبت کي پنهنجي معمولي شروعات لاءِ شرمسار نه ٿيڻ گهرجي ۽ اها خواهش حقارت جهڙي آهي جيڪا پنهنجي روحاني سپردگيءَ ۾ ڪمال تي نٿي پڄي. محبت جي فلاسافر افلاطون چيو هو ته ’جنهن کي محبت ناهي ڇهيو اهو اونداهيءَ ۾ ٿو ڀٽڪي‘، ليپ ليس پنهنجن دوستن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو جيڪي هن جي کوجنائن ۽ ڪتابن جي تعريف ڪري کيس آٿت ڏيڻ لڳا هئا. هن چيو زندگيءَ ۾ انهن جي ڪا اهميت ڪانهي. هنن پڇيو ته پوءِ ڪهڙي شيءِ اهم آهي. هن سائنسدان آخري ساهه کڻڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ”محبت“.

هر شيءِ فاني آهي رڳو محبت کي بقا حاصل آهي. محبت موت جي خال کي ولديت جي ذريعي اورانگهندي آهي. ناڪاميءَ جي ڪڙاڻ عارضي لڳندي آهي پر انسانيت جي نقطه نظر کان ان کي ڪيڏو نه دوام حاصل آهي. آخر ۾ محبت اسانجي هڪ حصي کي زوال کان بچائيندي آهي ۽ اسانجي زندگيءَ کي ٻار جي توانائي ۽ سندس زندگيءَ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندي آهي. اسان جي دولت ٿڪ آهي ۽ اسانجي ڏاهپ اهڙي روشني جيڪا ٿڌي ٿي رهي هجي. پر محبت اسانجي دلين کي ٻڌائي نه سگهڻ واري سڪون سان گرمائيندي آهي. اهو سڪون محبت حاصل ڪرڻ کان وڌيڪ محبت ڏيڻ سان وڌندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org