باب اٺون
مرد ۽ عورت
محبت جي جنگ:
گورڪي ۽ چيخوف ڪراليميا ۾ گهمي رهيا هئا. گهمندي
گهمندي هو سمنڊ ڪناري تي پهتا جتي ٽالسٽاءِ سوچ ۾
ڪنڌ جهڪايو ويٺو هو. هو هن جي ويجهو ويٺا ۽ عورتن
جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ لڳا. ٽالسٽاءِ چڱيءَ دير
تائين ماٺ ڪري هنن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ پوءِ
چيائين: ”مان عورتن جي حقيقت تڏهن ٻڌائيندس جڏهن
منهنجو هڪ پير قبر ۾ هوندو“. مان حقيقت ٻڌائي يڪدم
ڪفن واري ڪاٺ جي پيٽي ۾ ٽپو ڏيئي ان جو ڍڪ بند ڪري
ڇڏيندس ۽ وڏي واڪي چوندس: ”هاڻي جيڪو وڻيوَ سو
ڪيو.“ جڏهن نواب ڪيسرلنگ پنهنجي ڪتاب ”شاديءَ جو
ڪتاب“ جي باري ۾ برنارڊشا کي مضمون لکڻ لاءِ چيو
ته هن انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”ڪوبه مرد جيستائين
هن جي زال جيئري آهي سچ ڳالهائي نٿو سگهي“ بهرحال
اسان ان باري ۾ گفتگو ڪنداسين پر پنهنجي گفتگو ۽
تجربي کي روايتي ۽ معمولي نوع جي مثالن تائين
محدود رکنداسين.
ان موضوع تي لکيل دنيا جو ادب دلچسپ به آهي ته
اعتبار نه ڪرڻ جهڙو به. دلچسپ انڪري آهي جو ان وقت
کانسواءِ جڏهن هو انسانذات جون خاميون ۽ اوڻايون
ٿو بيان ڪري ان جو سڌو سنئون واسطو اسان سان آهي ۽
هن تي انڪري اعتبار ڪري نٿو سگهجي جو هي گهڻي ڀاڱي
آتم ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو آهي ۽ آتم ڪهاڻيون اعتبار
جهڙا افسانا نه هونديون آهن، ڪنهن حد تائين بدلي
جو اهڙو آواز هونديون آهن جيڪو شڪست کاڌل سپاهي
بلند ڪندا آهن. جڏهن ڪو مرد عورتن جي باري ۾ ڪتاب
لکندو آهي ته اهو سندس دل جي زخمن جو آواز هوندو
آهي ۽ مرد عورت جي دل وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيندو آهي
(جيڪڏهن شريف هوندو آهي) ته پنهنجي ڪاميابيءَ کي
شاديءَ جي شڪل ڏيندو آهي. تنهن کانپوءِ هو سياڻپ
واري ماٺ اختيار ڪندو آهي جو هڪ ئي وقت ٻه ماڻهو
ڳالهائي نٿا سگهن ۽ جيڪڏهن عورت جي دل وٺڻ ۾ ناڪام
ٿيندو آهي ته ڪتاب لکندو آهي. مخالف جنسن جي باري
۾ شوپن هار، نٽشي، ويننگر ۽ ٻين ناڪام مردن جيڪي
ڪتاب لکيا آهن انهن کان وڌيڪ دلچسپ عورتن جو اهو
تجزيو هوندو آهي جيڪو هو مردن جو ڪنديون آهن. ان
جو سبب اهو آهي ته عورتون انساني فطرت کي مردن کان
وڌيڪ سمجهنديون آهن ۽ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهانت ۽
آزاديءَ سان خيالن جو اظهار ڪري سگهنديون آهن. هو
ايتريون هوشيار هونديون آهن جو ادب جي ذريعي
پنهنجون دل جون ڳالهيون ناهن کولينديون ۽ ان ڳالهه
تي خوش ٿينديون آهن ته سندن دشمن ٿا ڪتاب لکن.
ان موضوع جي باري ۾ هڪ عام ماڻهوءَ جو خيال هڪ
طرفو هوندو، ڇاڪاڻ جو اندروني طرح هو ان موضوع جي
رڳو اڌ حصي بابت ڄاڻندو آهي يا شايد ان اڌي حصي جي
به ٿوري حصي مان واقف هوندو آهي. اڃا به ائين چئجي
ته ان اڌ جي به تمام ٿورڙي حصي مان به چڱيءَ طرح
واقف نه هوندو آهي. جنگ جي ڏينهن ۾ اڻ ڌريو ٿيڻ
ڏکيو آهي. انڪري ان موضوع بابت سائنس ماٺ آهي. ان
باري ۾ پروفيسر ٿارن ڍڪ جا وکريل مشاهدا ۽ ذهني
آزمائش جا دفتر رڳو وقتي تحقيق جي حيثيت رکن ٿا جن
۾ وڌيڪ تحقيق جا امڪان ڪونهن، انسانيت جو آخري
مطالعو انسان جو مطالعو ئي هوندو، آخري سائنس،
نفسيات ۽ آخري موضوع عورت هوندي.
پر اسان کي احتياط کان ڪم وٺڻ گهرجي، اسان هٿرادو
طرح انساني فطرت کي بنيادي جبلتن ۾ ورهائينداسين ۽
هر جبلت جي باري ۾ بحث ڪري ڏسنداسين ته عورتن جو
ذهن ۽ شخصيت مردن جي ذهن ۽ شخصيت کان ڪهڙيءَ طرح
الڳ آهن. اسان اهو فرض ڪنداسين ته انسان ۾ ڪي
بنيادي لاڙا، عمل ۽ احساس جا محرڪات پيدائشي آهن
جن کي شوپنهار جي وقت کان فلاسافي ۽ نفسيات جا
ماهر جبلت جو نالو ڏيندا رهيا آهن. اسان پروفيسر
مارشل جي انهن لاڙن جي تيار ڪيل ورڇ کي قبول
ڪنداسين ۽ انهن موروثي لاڙن کي ٽن مقصدن سان
جاچينداسين. ڪجهه جبلتون جيئن بک، لڙائي، ڀڄي وڃڻ
۽ راند، ماڻهوءَ جي بقا جي مقصد کي پورو ڪن ٿيون،
ڪجهه ٻيون جبلتون جيئن محفلون، سڃاڻپ ۽ شهرت جي
خواهش انساني سماج کي قائم رکن ٿيون، ۽ ڪجهه ٻيون
جبلتون مثال ٻار ڄڻڻ ۽ ماءُ پيءُ وارو پيار انساني
نسل جي بقا لاءِ ضروري آهن. اسان هتي سوال
پڇنداسين ته ڇا اهي جبلتون عورت ۽ مرد ۾ نوعيت ۽
شدت جي لحاظ کان جدا هونديون آهن؟ اسان نسلي جبلتن
سان شروعات ٿا ڪيون ڇاڪاڻ جو انهن جي عمل جي جدا
جدا انداز سان جنسن جي وچ ۾ جسماني، ذهني ۽ شخصي
اختلاف پيدا ٿيندا آهن.
شخصيتن جو فرق:
ساهوارن جي دنيا ۾ به نَرُ، ماديءَ جي برتريءَ تي
حيران آهي. ماديءَ جي برتري رڳو سائيز ۾ نه (جيئن
اسان ڏسي آيا آهيون) پر حياتياتي اوّليت ۽ اهميت ۾
آهي ڇاڪاڻ جو مادي، نسل جي بقا جي سڌي سنئين
ذميوار آهي. هيٺاهين سطح تي ساهوارن ۾ نسل جي بقا
جسم جي ورڇ سان ٿيندي آهي، انڪري ان سطح تي
ساهوارن ۾ نر ۽ مادي وارو جنس جو فرق نه هوندو
آهي. پر انساني نسل ۾ پيدائش جو حقيقي عمل ماديءَ
۾ هوندو آهي. مرد جي حقيقت هڪ غير ضروري حادثي
جهڙي هوندي آهي. قدرت ثابت ڪيو آهي ۽ تجربيگاهه ۾
ان جي تائيد ٿي آهي ته نر، غير ضروري آهي. هيءَ
ڳالهه ڪنهن حد تائين ڪڙي آهي پر واضح ۽ صحيح آهي
ته ڪنهن به نسل ۾ ماديءَ جي حيثيت بنيادي ۽ نر جي
حيثيت ٻئي درجي واري هوندي آهي. نر انهن عملن جي
جسماني شڪل آهي جيڪي نر جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ
پيدائش جو سبب هوندا هئا. پيدائش جي ان عظيم ناٽڪ
۾ جنهن جي چوڌاري ساري زندگي گردش ٿي ڪري، مرد هڪ
نهايت غيراهم ۽ سطحي ڪردار ادا ڪندو آهي. پيدائش
جي نازڪ موقعي تي هو بي وسيءَ سان هڪ پاسي بيٺو
هوندو آهي ۽ کيس خبر پوندي آهي ته نسل جي بقاءَ
لاءِ هو ڪيترو نه غيراهم وسيلو آهي، ان وقت کيس
محسوس ٿيندو آهي ته مرد جي ڀيٽ ۾ عورت انساني نسل
جي ڪيتري نه ويجهي آهي. هن کي اها به خبر پوندي
آهي ته زندگيءَ جي عظيم الشان لهر عورت جي جسم ۾
بيتابي سان ڊوڙندي آهي. ۽ هن جي ماس ۽ رت سان نئين
نسل جي تخليق ٿيندي آهي. ان وقت هو سمجهندو آهي ته
اوائلي دور جا ماڻهو ۽ وڏا وڏا مذهب مامتا جي
پوڄا ڇو ڪندا آهن.
عورت ۾ حياءُ ان ڪري گهڻو هوندو آهي جو اُن سان
پيدائش جا مقصد پورا ٿيندا آهن، حياءُ جي ڪري هوءَ
اڳتي وک نه وڌائيندي آهي جنهن سان هن کي جنس لاءِ
چونڊ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح سوچي سمجهي
پنهنجي زندگي جي ساٿيءَ جي چونڊ ڪري سگهندي آهي.
ڇاڪاڻ جو زندگيءَ جو اهو ساٿي اڳتي هلي هن جي ٻارن
جو پيءُ ٿيندو آهي. عورت نسل ۽ اجتماع جو آواز
هوندي آهي، جڏهن ته مرد، فرد جي مفاد جو آواز
هوندو آهي، عورت جو جڏهن مقصد پورو ٿي ويندو آهي ۽
ماءُ جي صورت ۾ هوءَ پنهنجي تڪميل ڪندي آهي تڏهن
سندس حياءَ گهٽجڻ شروع ٿيندو آهي، هن جي ان فخر ۾
ڪيڏي نه وڻندڙ سادگي هوندي آهي، جنهن فخر سان
ٻهراڙيءَ جي حيادار عورت سڀني جي سامهون ٻار کي
کير پياريندي آهي، هوءَ ٺيڪ ڪندي آهي. دنيا جي
سڀني فنن ۽ تصويرن ۾ ههڙو سهڻو منظر ٻيو ڪو ڪونهي.
محبت جي معاملي ۾ مرد جي ڀيٽ ۾ عورت وڌيڪ سمجهدار
هوندي آهي، هن جو جذبو شديد گهٽ هوندو آهي ۽ هن جو
جذبو ماڻهو کي پرکي سندس باري ۾ فيصلي تي اثرانداز
نه ٿيندو آهي. اهوئي هن جي پراڻي ڏاهپ جو راز آهي.
ڊارون جو خيال هو ته جاندارن جي ڪيترن نسلن ۾
مادي، محبت کان گهڻي ڀاڱي بي نياز هوندي آهي.
لومبروزد، ڪسچ، ڪرافٽ ايبنگ ۽ ٻين عالمن جو وڏو
جرئت منديءَ وارو خيال آهي ته انساني نسل ۾ چاليهه
سيڪڙو عورتون جنسي لاڳاپن کان بيزار هونديون آهن.
سندن چوڻ آهي ته عورت جسماني لذت کان وڌيڪ پنهنجي
تعريف چاهيندي آهي ۽ سندس مرضي هوندي آهي ته هن
ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ گهڻو ڪري هوءَ ان
ڳالهه ۾ خوش ٿي ويندي آهي ته ڪو هن کي چاهي ٿو.
ٿامس هارڊي ٿو چئي ته عورت جي اها خواهش ته ڪو
ساڻس محبت ڪري، هن جي ضمير کي به بيوس بڻائي
ڇڏيندي آهي.
اسان جنهن کي روحاني محبت چئي آيا آهيون يعني اها
محبت جنهن جو بدن سان تعلق نه هجي اها مرد کان
وڌيڪ عورت کي پسند هوندي آهي. عورت جي فطرت جو
مطالعو ڪرڻ وارن مان ڪن عالمن جو خيال آهي ته عورت
جي محبت ۾ جنس کان وڌيڪ مامتا هوندي آهي. لومبروزو
ٿو چئي ته عورت جي محبت اصل ۾ هن جي مامتا جي ٻئي
درجي واري صفت آهي ۽ عورت جي محبت جا اهي سڀ احساس
جيڪي عورت جو مرد سان تعلق ڳنڍيندا آهن، جنسي
محرڪات سان نه، پر پاڻ ارپڻ ۽ اطاعت جي جبلتن مان
پيدا ٿيندا آهن. انفرڊ ڊيوائني جو خيال هو ته مرد
جي محبت ماءُ جي سيني جي ياد ۽ خواهش آهي ۽ شايد
هرهڪ عاشق پنهنجي محبوبه لاءِ رڳو هڪ ٻار واري
حيثيت رکندو آهي جنهن کي هوءَ خوشي ۽ اطمينان
ڏيندي آهي.
عورت جو محبت وارو جذبو مرد جي ڀيٽ ۾ شديد گهٽ
هوندو آهي، پر ان ۾ وسعت ۽ گهرائي وڌيڪ هوندي آهي.
محبت جو جذبو عورت جي زندگيءَ جي هر حصي ۾ داخل
ٿيل هوندو آهي. هوءَ زندهه ئي تڏهن رهندي آهي جڏهن
ساڻس محبت ڪئي وڃي. فرانس جي هڪ جج جڏهن هڪ عورت
کي ڪنهن چور سان جنسي لاڳاپا رکڻ تي ننديو ته هن
جواب ڏنو ته جڏهن مان محبت ۾ گرفتار نه هوندي
آهيان، تڏهن زندگيءَ کان محروم ٿي ويندي آهيان.
شايد ته ويسنگر جي ذهن ۾ عورت جي ان نفسياتي ضرورت
جو تصور هو جو هن چيو ته عورت روح کان محروم آهي ۽
هن ائين به چيو ته عورت جي وجود جو مرڪز مرد هوندو
آهي. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ مرد جي شخصيت جي اهل ڪندي آهي
پر هن جي ان رويي جي تهه ۾ به فريب هوندو آهي،
عورت مرد جي روين ۽ راين جو نقل ڪندي آهي. پر هوءَ
پنهنجي انفراديت کي قائم رکندي آهي. هن کي خبر
هوندي آهي ته جيڪڏهن هوءَ پنهنجي شخصيت جو پوريءَ
طرح اظهار ڪندي ته مرد پنهنجي غيرمحدود انانيت جي
ڪري هن سان نفرت ڪرڻ لڳندو. جيڪڏهن عورت محبت جي
فن ۾ مرد کان وڌيڪ آهي ته مرد دوستيءَ ۾ هن کان
گهڻو مٿي آهي. مرد دوست ٿيندا آهن، پر عورتون رڳو
ملاقاتي ٿينديون آهن. عورتون جڏهن ٻين عورتن جي
تعريف ڪنديون آهن ته ستارا پنهنجا رستا وڃائي
ويهندا آهن، عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي خوش رکڻ
ڏکيو آهي، هنن کي هڪ ٻئي جي موجودگيءَ ۾ مونجهه
ٿيندي آهي، ان صورتحال کي هو مردن سان ڳالهيون ڪري
برداشت ڪنديون آهن ۽ اِها ڳالهه قدرت جي اصولن جي
عين مطابق آهي. جيئن گهڻو وقت اڳ روشفوڪو چيو هو
ته گهڻيون عورتون انڪري دوستيءَ جي لائق نه
هونديون آهن جو دوستيءَ کان پوءِ محبت ۾ هو ڦڪيون
۽ بي چَسيون ٿي پونديون آهن، ڪنهن شاعر چيو آهي ته
محبت، مرد جي زندگيءَ جو رڳو هڪ حصو هوندي آهي پر
عورت جو سارو وجود هوندي آهي، اسان کي پنهنجن
فطرتن مطابق زندهه رهڻو آهي.
مرد جو حسد هن جي محبت وانگر وڌيڪ شديد پر گهڻيءَ
دير تائين رهڻ وارو نه هوندو آهي، هن ۾ مالڪيءَ جو
احساس گهڻو ۽ محبت ان جي اڌ جيتري هوندي آهي. هن
لاءِ محبت پاڻ ارپڻ نه پر ان جي تضاد واري حالت
يعني انا جي وسعت ۽ احساسِ فتح پيدا ڪندي آهي، حسد
ملڪيت جي جبلت آهي جيڪا مقابلي سان وڌندي آهي. حسد
ماڻهوءَ جي هن ڳالهه جي ته ”منهنجا سڀ حق محفوظ
آهن“ڀڃڪڙيءَ جي خلاف مقدمو آهي ته مان تنهنجو خدا
آهيان، آقا آهيان تون ٻين خدائن کي منهنجي برابر
آڻي نه بيهاريندينءَ.“ عورت لاءِ اها ڳالهه ڪا
ايڏي اهم ڪانه هوندي آهي ته سندس محبوب هن کان اڳ
ڪنهن ٻئي جو محبوب رهي چڪو آهي. پر ان معاملي ۾
مرد ان جي بلڪل ابتڙ آهي، عورت جي حسد ۾ جيتوڻيڪ
وسعت ۽ گهرائي نه هوندي آهي پر ان جو دائرو وڏو
هوندو آهي. هوءَ مڙس جي ماضيءَ جي محبوبائن سان ته
حسد نه ڪندي آهي پر هن جي دوستن، هن جي پائيپن، هن
جي اخبار ۽ ڪتابن سان حسد ڪندي آهي، آهستي آهستي
هوءَ کيس سندس دوستن کان پري ڪري ڇڏيندي آهي ۽ جي
پري ڪري نه سگهندي آهي ته پوءِ ساڻن اکيون ملائڻ
شروع ڪندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي چالبازيءَ کي
گناهه واري رنگيني ڏيندي آهي. مرد جڏهن زال جي
پرستارن سان حسد ڪندو آهي ته هوءَ پريشان ٿيڻ جي
بدران حسد کي وڌائيندي ۽ ان مان مزو وٺندي آهي. ان
سان هن کي احساس ٿيندو آهي ته هوءَ مرد کي تڏهن
وڌيڪ پياري ٿي ٿئي جڏهن هن جو ملڪيت وارو حق مجروح
ٿو ٿئي. هوءَ سمجهندي آهي ته مرندڙ محبت جو حسد
کانسواءِ ٻيو ڪو علاج ڪونهي. اهي حسين خاميون
معافيءَ جهڙيون آهن. سماج ۾ عورت کي گهٽ مقام مليل
آهي ۽ کيس مرد جي جسماني برتريءَ جي مقابلي لاءِ
انهن حيلن کان ڪم وٺڻو ٿو پوي، هن کي ڪيئن به ڪري
پنهنجو پاڻ کي محفوظ رکڻو آهي ڇاڪاڻ جو نسل کي
پنهنجي بقا ۽ طاقت لاءِ عورت تي ڀاڙڻو آهي. هوءَ
محبت ۾ پنهنجي ٿوري حصي جي تمام گهڻي قيمت ڏيندي
آهي. انڪري کيس سندس چالاڪيءَ لاءِ خراب چوڻ صحيح
نه آهي. عورتن سان گهڻي نرمي ڪري نٿي سگهجي.
انفرادي جبلتون:
عورت جو فرض آهي ته هو نسل جي خدمت ڪري ۽ مرد جو
فرض آهي ته هو عورت ۽ ٻار جي خدمت ڪري، هنن جا ٻيا
به فرض آهن پر اصل فرض اهي آهن. انهن بنيادي ۽
ڪنهن حد تائين بنان ارادي وارن فرضن ۾ قدرت پاران
اسان جي اهميت ۽ خوشي آهي.
مرد لاءِ قدرت جيڪي ڪم مقرر ڪيا آهن اهي هي آهن ته
هو حفاظت ڪري، کاڌ خوراڪ حاصل ڪري ۽ ان لاءِ
جدوجهد ڪري، هن جو ڪم آهي ته کاڌ خوراڪ جي ڳولها ۾
هو پنهنجو آکيرو ۽ گهر ڇڏي. هو زندگيءَ ۾ کاڌ
خوراڪ جو نمائندو آهي ۽ عورت وري ٻار ڄڻڻ جي
نمائنده آهي، کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ ئي مرد جو بنيادي
مقصد آهي پر جيڪڏهن هو انهن کانسواءِ ڪي ٻيون شيون
به حاصل ڪرڻ ٿو گهري ته اهو انڪري جو (ٿي سگهي ٿو
ته کيس ان جو احساس نه هجي) اهي شيون دولت جي
علامت آهن ۽ انهن سان وقت تي خوراڪ مهيا ڪري سگهجي
ٿي. مسٽر وڊورس چيو آهي ته سڀني سٺي شين جو تعلق
پيٽ سان آهي. جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه چوڻ سٺي نٿي لڳي
پر اها حقيقت آهي ته مرد کي کاڌو گهڻو وڻندو آهي ۽
ان لاءِ هن کي اثر هيٺ به آڻي سگهجي ٿو. هو عورت
کان وڌيڪ کاڌي پيتي جو شوقين آهي ۽ جڏهن حوا کيس
صوف پيش ڪيو هو تڏهن کان عورت مرد تي سندس پيٽ جي
معرفت حڪومت ٿي ڪري ۽ هڪ ئي وقت هن جو پيٽ ۽ اخلاق
خراب ٿي ڪري.
خوراڪ جي ڳولها ۾ مرد ويڙهاڪ ٿيو. حيوانن ۾ هو
ڏندن ۽ چنبن سان ۽ انسان ۾ سرمائي جي رقابت سان ۽
قومن ۾ بري بحري فوجن جي مدد سان وڙهي ٿو. ڪپلنگ
چيو هو ته مادي نر کان وڌيڪ ظالم هوندي آهي. شايد
ته هن ڪو زخم کاڌو هو، (سئزڪينال جي اوڀر طرف)
انڪري ان معاملي ۾ سندس نظر صاف نه هئي. عورت
فطريءَ طرح امن ۽ تحفظ جي طالب هوندي آهي، جنگ جي
نه. ڪن ساهوارن جي نسلن ۾ ته ماديءَ ۾ وڙهڻ جي
جبلت ڪانه هوندي آهي. هوءَ جڏهن به وڙهندي آهي ته
پنهنجن ٻچن لاءِ وڙهندي آهي، هن ۾ جيڪڏهن تيزي آهي
ته اها هوءَ تڏهن ڪم آڻيندي آهي جڏهن نسل کي خطرو
هوندو آهي، ٻي صورت ۾ هن کي جنگ نه وڻندي آهي ۽ ڪو
ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه به کانئس سندس جسماني خامين جي ڪري
ٿيندو آهي. هن ۾ مرد کان وڌيڪ صبر آهي ۽ مرد
جيتوڻيڪ زندگيءَ جي وڏن مسئلن ۾ وڏي جرائت کان ڪم
وٺندو آهي. پر عورت ۾ ننڍيون ننڍيون مشڪلاتون ۽
مصيبتون سهڻ جي تمام وڏي قوت آهي. هوءَ بيماريءَ
کي ائين وڏي خاموشيءَ سان برداشت ڪندي آهي ڄڻ هن
کي ان مان ڪا وڏي لڪل خوشي پئي ملي. (شايد انڪري
جو بيماريءَ ۾ کيس روزاني جي ڪم ڪار کان ڇوٽڪارو
ملي ويندو آهي) پر مرد جنهن کي ماٺ ويهڻ نه ايندو
آهي بيماريءَ ۾ پريشان ٿي ويندو آهي ۽ ساري دنيا
کي پنهنجي بيماريءَ جو پيو ٻڌائيندو آهي.
عورت هڪ ٻئي نموني سان جنگ پرست آهي، هوءَ سپاهيءَ
کان متاثر ٿيندي آهي ۽ هڪ جابر مرد جي اطاعت مان
مزو وٺندي آهي، هن ۾ اذيت جو عجيب لاڙو آهي جنهن
جي ڪري هوءَ طاقت جي مظاهري سان مرعوب ٿيندي آهي،
پوءِ کڻي ان طاقت جو هوءَ پاڻ ئي شڪار ڇو نه هجي،
ساهوارن جي هر نسل ۾ هوءَ جهيڙاگر نر جي چونڊ ڪندي
آهي جو لاشعوري طور سمجهندي آهي ته اهڙيءَ طرح
سندس گهر ۽ اولاد جي حفاظت ٿيندي. ڪڏهن ڪڏهن
مردانگيءَ مان حاصل ٿيندڙ اهو پراڻو اطمينان هن
جي هاڻوڪي معاشي ساڃهه تي حاوي ٿي ويندو آهي ۽
هوءَ ڪنهن بهادر ماڻهوءَ سان شادي ڪندي آهي، پوءِ
اهو کڻي بيوقوف ئي ڇو نه هجي. هوءَ دل و جان سان
هڪ مضبوط ارادي واري مرد جي فرمانبرداري ڪندي آهي.
جيڪڏهن اسان جي زماني ۾ هوءَ ايڏي فرمانبردار
ڪانهي ته ان جو سبب اهو آهي جو اڄ جي مردن ۾ اها
جوانمردي ڪانهي، شايد ته صنعت جي عقل جي دشمن،
پابندين ۽ ذهني زندگي جي ساهه ٻوساٽيندڙ تصنع،
مردن کي غلاميءَ جو هيراڪ ۽ سندن همت ۽ جرائت کي
ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي.
عورت لڙائيءَ سان فتح ڪرڻ جي بدران ثابت قدمي ۽
پختگيءَ سان فتح ڪندي آهي. مرد جي جنگ بيشڪ ته سخت
۽ کليل هوندي آهي ۽ ڪاوڙ ۾ هو زال تي رڙيون ڪندو
آهي، مارڪُٽ به ڪندو آهي. پر آخر ۾ فتح عورت جي
ٿيندي آهي. ڪمزور نسل، عوام، جنسون ۽ فردَ، انهن
کي صبر ۽ چالاڪيءَ جا گُر ايندا آهن. نيپوليئن
جيڪو هن پوري کنڊ کي فتح ڪري سگهيو ٿي پنهنجي زال
تي حاوي ٿي نه سگهيو. هن جي طاقت جوزوفين جي
هيڻائپ ۽ بزدليءَ آڏو بي وس ٿي پئي. ڇاڪاڻ جو جيڪي
هٿيار هن استعمال ٿي ڪيا انهن جو بچاءُ هن وٽ ڪونه
هو. هن لکيو آهي ته منهنجي شخصيت جي قوت جي گهڻي
ڀاڱي ماڻهو تعريف ڪندا آهن پر پنهنجي زال ۽ ٻارن
لاءِ مان سدائين ڪمزور انسان هيس ۽ پهريون طوفان
ختم ٿيندو هو پر هنن جو ضد ۽ ارڏائي قائم رهندا
هئا ۽ مان ايترو ته ٿڪجي پوندو هيس جو ٿڪ جي ڪري
هنن کي جيڪي وڻندو هو سو ڪندا هئا. اها هرهڪ گهر
جي راڳڻي آهي، هن عيش ۽ آرام واري زماني ۾ جنهن ۾
هڪ وچولي طبقي جي مرد جي زال وڏي آرام واري زندگي
ٿي گذاري. جو هن کي نه ڪو گهر جو ڪم ڪار آهي. ۽ نه
وري ڪو ٻار، پر اهو زمانو مرد لاءِ سازگار نه آهي.
هو ساري ڏينهن جي محنت کانپوءِ گهر ايندو آهي ته
هن جي پراڻي دشمن تازي تواني ٿي هن جي منتظر هوندي
آهي ۽ جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مڙس کي شڪست اچي
ويندي آهي ۽ جيڪڏهن اتفاق سان هو ڪامياب ٿيندو آهي
ته عورت لاءِ روئڻ ئي ڪافي هوندو آهي ۽ مرد کي
هٿيار ڦٽا ڪرڻا پوندا آهن، ميريئا لوئيسا چوندي
هئي ته ڪا شيءِ حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ جيڪڏهن ٻه دفعا
روئي ته اها شيءِ کيس ملي ويندي هئي. سگهڙ زال کي
لڙائيءَ جو هي بنيادي اصول ياد رکڻ گهرجي ته
جيڪڏهن تون پهرين دفعي ڪامياب نه ٿئين ته هڪ دفعو
وري روئڻ شروع ڪر.
جيستائين عمل وارين جبلتن جو تعلق آهي جيئن رڙهڻ،
هلڻ، ٽپڻ، ڊوڙڻ، کيڏڻ واريون جبلتون، انهن ۾ مادي
نر کان گهٽ تيز لڳندي آهي. مرد جو لاڙو اجائين
حرڪتن ڏانهن هوندو آهي جڏهن ته عورت اجائي آرام
ڏانهن مائل هوندي آهي. عورت مرد کان وڌيڪ سست هجڻ
جي ڪري جنسي لحاظ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. جو
بيڪاري جنسي لاڳاپن لاءِ مائل ڪندي آهي. نيڪي،
خوشي ۽ حسن حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو ڪم ۾
رُڌل هجي.
سماجي جبلتون:
جن جبلتن جو اسان جائزو ورتو آهي انهن مان جيڪي
فرد جي تحفظ جون جبلتون آهن تن مان مرد جي فطري
برتري واضح آهي، جڏهن ته اجتماع ۽ نسل جي تحفظ
وارين جبلتن مان عورت جي برتري ظاهري ٿي ٿئي. عورت
مردن کان وڌيڪ اجتماع پسند آهي، هوءَ محفلن ۽ ميڙن
کي پسند ڪندي آهي ۽ وڏي خوشيءَ سان پنهنجو پاڻ کي
ميڙ جي گمناميءَ ۾ گم ڪري ڇڏيندي آهي، هوءَ اهو
ناهي پڇندي ته بهترين ڊراما، بهترين ميوزڪ ۽
بهترين جاءِ ڪهڙي آهي پر اهو ڏسندي آهي ته سڀ کان
وڌيڪ ماڻهو ڪٿي ٿا گڏ ٿين. ان معاملي ۾ هن ۾ ۽
سندس مڙس ۾ تمام گهٽ فرق آهي. (گهٽ ۾ گهٽ هوءَ
بهترين شيءِ کي پسند ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جڏهن ته
هڪ عام مرد پنهنجي زال جي ڊپ کان ميوزڪ جي محفلن،
آرٽ جي نمائشن ۽ ڊرامن ۾ ويندو آهي) هوءَ مرد کان
گهٽ اڪيلائي برداشت ڪندي آهي انڪري تمام گهٽ
عورتون دنيا کي تياڳنديون آهن. هوءَ مرد کانسواءِ
پنهنجو پاڻ کي اڻ پورو سمجهندي آهي جڏهن ته مرد
عورت کانسواءِ پنهنجو پاڻ کي نامڪمل محسوس نه ڪندو
آهي. عورت انڪري پاڻ کي نامڪمل سمجهندي آهي جو کيس
مرد جي اڳواڻي ۽ حفاظت جي ضرورت هوندي آهي. عورت
هڪ محفل پسند جاندار آهي. انڪري ئي هوءَ گهڻو
ڳالهائيندي آهي، چيو وڃي ٿو ته هوءَ راز رکي نه
سگهندي آهي، فرينڪلن چيو هو ته ٽي شخص راز رکي
سگهندا، پر اهو تڏهن جڏهن انهن مان ٻه مري ويا
هجن، ان ڳالهه کي مردن سان لاڳو ڪرڻ لاءِ مري ويلن
جو انگ وڌائڻو پوندو. هڪ ڳالهه آهي ته عورتون
مردن کان وڌيڪ عرصي تائين خاموشيءَ سان تڪليف
برداشت ڪري سگهنديون آهن، هو گهڻو ڪري جذبات کان
بيوس ٿي وينديون آهن جنهن جي ڪري ذهني بيمارين جون
وڌيڪ شڪار ٿينديون آهن،. ان جو هڪڙو سبب اهو به
آهي ته سوسائٽي هن جي جنسي خواهشن تي سخت پابنديون
وجهندي آهي، هن جو چهرو سندس گفتگو وانگر جذبات جو
آئينو هوندو آهي. جيئن ته هن جي ڪنهن تقدير پسند
فلاسافر ۽ محتاط تاجر وانگر اها سکيا ورتل نه
هوندي آهي ته نفعي ۽ نقصان، خوشي ۽ غم ۾ چهري کي
تاثرات کان ڪيئن خالي رکجي. انڪري هن ۾ ٻين جي
احساسن ۽ خيالن جو اندازو لڳائڻ جي وڏي صلاحيت
هوندي آهي، ۽ مرد کان وڌيڪ عورت کي ڌوڪو ڏيڻ ڏکيو
هوندو آهي.
گالٽن چيو هو ته محفل پسندي، گهٽ همت ۽ اهل ڪرڻ جي
صلاحيت ۾ بدلبي آهي، هوءَ محبت جي معاملي ۾ به مرد
کي ڇڏيندي آهي ته هو پهريون قدم کڻي ۽ اهوئي مرد
جي مٿس حاوي ٿيڻ جو راز آهي ۽ جيڪڏهن خواهش جو
تازو شراب مرد کي مست ڪري نه سگهندو ته پوءِ هو
سالن تائين کيس انتظار جون مشڪل گهڙيون گهارڻ لاءِ
مجبور ڪري پاڻ دولت گڏ ڪرڻ ۽ ٻين عورتن سان تجربا
ڪرڻ ۾ مصروف رهي سگهي ٿو. عورت کي پاڻ تي اعتماد
نه هوندو آهي. هن جي ذهن تي سندس جسماني ڪمزوري ۽
معاشي محتاجي جي احساس جو سدائين وزن رهندو آهي
جنهن جي ڪري سندس جرائت جو نشتر مڏو ٿي ويندو آهي
۽ هوءَ گهڻي ڀاڱي بغاوت ۽ ارادي جي مضبوطيءَ کان
محروم ٿي ويندي آهي، رسمن رواجن سان چنبڙيل هوندي
آهي، وڏي شرافت سان ماضيءَ جو ليڪو پئي ٽپندي آهي
۽ هٻڪندي ۽ ڊڄندي، لباس، سوچ ۽ اٿڻ ويهڻ جا نوان
طريقا اختيار ڪندي آهي. پر هوءَ سوچ جي نئين انداز
کي ان تي غور ڪرڻ کانسواءِ مرد کان اڳ قبول ڪندي
آهي، نفسيات جا ماهر وڏي سولائيءَ سان هن جي ڊنل
روح جي گهرائين تائين پڄي ويندا آهن. روحانيت جا
ماهر هن کي روحن جون تصويرون ڏيکاري ڀنڀلائيندا
آهن ۽ سندس وهم پرستيءَ سان کيڏي دولت ڪمائيندا
آهن.
عورت مرد وانگر اعتدال کان گهڻو اڳتي نه وڌندي
آهي. عورتون گهٽ بيوقوف ۽ گهٽ اعليٰ دماغ واريون
هونديون آهن، هڪ مرد جي ٻئي مرد جي شخصيت سان
ايتري هڪ جهڙائي نه هوندي آهي جيتري هڪ عورت جي ٻي
عورت جي شخصيت سان، مردن جو وقت بوقت بدلجندڙ
ماحول ۽ قسمين قسمين ڪمن جي ڪري هنن جا هزارين قسم
ٿي پيا آهن. پر گهر جي روايتي ڪم ڪار، هڪ مرد سان
گڏ رهڻ ۽ ٻارن جي نيپاج وارن ڪمن، جيڪي سڀني عورتن
جا هڪ جهڙا آهن، سڀني عورتن کي ذري گهٽ هڪ جهڙو
بنائي ڇڏيو آهي. اهو به هڪ سبب آهي جو مرد وڏي
سولائيءَ سان هڪ عورت تان ڌيان هٽائي ٻي عورت
ڏانهن ڪري سگهندو آهي، ان لاءِ هن کي رڳو هڪڙو
نئون نالو ياد ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪو نئون هنر سکڻو
پوندو آهي. ايستائين جو اُن نئين تعلق ۾ پراڻا
لکيل خط به ڪم اچي سگهندا آهن، گهڻو ڪري عورت محبت
۾ ناڪامي برداشت ڪري نه سگهندي آهي، ڇاڪاڻ جو هو
پنهنجو روح هڪ ماڻهوءَ جي تصور سان ڳنڍي ڇڏيندي
آهي ۽ جيڏانهن به ويندي آهي اُتي هن جون يادون هن
سان ساڻ هونديون آهن.
عورت کي محفل پسنديءَ سان گڏ سوسائٽيءَ ۾ مقبوليت
حاصل ڪرڻ جو اونو به رهندو آهي. مڙس جي راءِ کان
وڌيڪ کيس پاڙيسرين جي راءِ جو اونو هوندو آهي.
هوءَ محبت ۽ مامتا جي ڪمن مان واندي ٿيندي آهي ته
سارو وقت پاڙيسرين سان ڪچهريءَ ۾ گذاريندي آهي.
هوءَ مرد کان وڌيڪ خودپسند هوندي آهي ۽ کيس پنهنجي
چڱائين ۽ حسن جو تمام گهڻو احساس هوندو آهي. هوءَ
پنهنجي نڪ تي پاؤڊر هڻڻ ۾ اڌ ڪلاڪ لڳائي سگهي ٿي
پر هن ۾ مرد کان گهٽ تڪبر هوندو آهي. سندس اندر جي
اظهار جو شوق گلا ٿي پوندو آهي. ۽ ٻين جي اهل ڪرڻ
واري طبيعت جي ڪري روايت پرست ٿي پوندي آهي. هوءَ
مڙس کان وڌيڪ سماج ۾ اعليٰ رتبو چاهيندي آهي ۽
سندس اها خواهش هن جي مڙس جي ترقيءَ ۾ وڏي مدد
ڪندي آهي. هن کان جيڪي مٿي هوندا آهن انهن آڏو پاڻ
کي گهٽ ۽ جيڪي کانئس گهٽ هوندا آهن انهن کان پاڻ
کي گهڻو مٿي سمجهندي آهي، انڪري ئي خوش اخلاق
هوندي آهي، ماڻهن سان گهڻو اُٿڻ ويهڻ ۽ مامتا جي
ڪري هوءَ مرد کان وڌيڪ نرم دل ۽ همدرد هوندي آهي.
هن جي دل کي ڌتارڻ واري خودپرستي پنهنجي جاءِ تي
پر هوءَ اعليٰ درجي جي رحمدل ۽ همدرد هوندي آهي،
هوءَ بيمارن ۽ ڪمزورن جي پرگهور لهڻ ۾ اڳتي هوندي
آهي هن جي فطرت انهن جذبن سان ڀريل هوندي آهي.
ذهن ۽ دل جي انهن چڱاين هن کي وڌيڪ مذهبي بڻائي
ڇڏيو آهي. پنهنجي جذباتيت جي ڪري مذهب هن جي
احساسن تي وڌيڪ اثرانداز ٿيندو آهي. جنسي جذبات تي
سخت سماجي دٻاءَ جي ڪري هوءَ پرستش جي لائق شين جي
دل و جان سان پرستش ڪندي آهي، زندگيءَ کي اداس
ڪندڙ واقعن کي تمام گهڻو دل تي کڻندي آهي. کيس
يقين هوندو آهي ته هوءَ پنهنجن مري ويل عزيزن سان
وري ملندي انڪري هن ۾ موت کان پوءِ حياتيءَ تي پڪو
اعتقاد هوندو آهي، قدرت هن لاءِ هڪ مقدس مانڊاڻ
آهي ۽ ڪهڙي خبر ته پنهنجي گهٽ سمجهه جي ڪري هوءَ
اسان جي ميڪانڪي سائنس کان وڌيڪ قدرت جي اسرارن تي
ويساهه ڪندي هجي. اها هن جي جبلت آهي ته جن شين کي
مرد شايد پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ گهري انهن جي هوءَ
پرستش ڪري، بت ۾ هيڻي هجڻ جي ڪري هوءَ بي پناهه
طاقتور کي ڳوليندي آهي، دنيا جي سورن کان پريشان
ٿي هوءَ آسماني هدايت لاءِ دعا گهرندي آهي.
اڪيلائيءَ کان ڊپ ۽ محفل پسنديءَ، هن ۾ خدا جي
حضور ۾ حاضر هجڻ جي اُڃ پيدا ڪئي آهي انڪري هوءَ
فضا کي انهن روحن سان ڀري ڇڏيندي آهي جيڪي محتاجي
۽ اڪيلائيءَ ۾ هن جا ساٿي هوندا آهن، هوءَ نوان
عقيدا اختيار ڪرڻ ۾ اڳري ۽ پراڻن کي ڇڏڻ ۾ آخري
فرد هوندي آهي. مايوسيءَ جي حالت ۾ مرد خودڪشي ڪري
سگهي ٿو پر عورت پوريءَ طرح مايوس ٿيڻ کان پوءِ
پنهنجو پاڻ کي آسماني طاقتن جي رحم جي حوالي ڪري
ڇڏيندي آهي ۽ خدا جي رحمت مان کيس دلي آرام ملندو
آهي.
ذهني فرق:
هي آهن مردن ۽ عورتن جون جبلتون، پر ائين نه سمجهڻ
گهرجي ته طبعيتن جا اهي بنيادي لاڙا تجربي ۽ تعليم
سان متاثر ٿي بدلبا نه آهن. مرد توڙي عورت ۾ انهن
لاڙن جي بنيادن تي سندن عادتن ۽ عقل جي عمارت
اسرندي آهي. هاڻي ڏسڻو آهي ته عمارت جي اها اوسر
مرد ۽ عورت ۾ ڪيئن جدا جدا ٿي ٿئي. مردن ۾ اها
وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ اونچي هوندي آهي جو ڪيترن نسلن
کان هنن کي گهران نڪري دنيا ۾ زندگيءَ جي هڻ هڻان
سان منهن ڏيڻو پيو. هنن کي اهڙن نئين حالتن تي
حاوي ٿيڻو پيو جن تي حاوي ٿيڻ لاءِ هنن جي جبلتن
جا ردِعمل ڪافي نه هئا انڪري هنن ۾ نئين ۽ ڪامياب
ردِعمل جي لچڪ پيدا ٿي جنهن کي جبلت جي ذهانت چيو
ٿو وڃي، جنهن جي معنيٰ ته جبلت به ذهين ٿي سگهندي
آهي، جيڪڏهن حالتون روايتي نوع جون هجن جهڙيون
هاڻي تائين ماڻهوءَ کي پيش اينديون رهيون آهن ته
پوءِ جبلت ڪم اچي سگهي ٿي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ذهانت
کان وڌيڪ ڪامياب ٿئي. هاڻوڪي زماني تائين عورت جو
فرض مڙس حاصل ڪرڻ ۽ ٻارن جي پرورش ڪرڻ هو، اهو فرض
اڄڪلهه جي صنعتي شهر جي عورتن کانسواءِ ٻين سڀني
عورتن سان لاڳو آهي، اهي بنيادي فرض ڏاڍا پراڻا
آهن، تاريخ جي شروعات کان وٺي هرهڪ عورت کي اهي
فرض پورا ڪرڻا پيا آهن. انهن مسئلن لاءِ جبلي
ردِعمل پيدا ٿيا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن تباهه ڪندڙ پر
گهڻي ڀاڱي ڪامياب ثابت ٿيا. انڪري عورت (صنعتي
طبقي جي عورتن کانسواءِ) جون جبلتون، اتحاد، ربط ۽
اختصار ۾ مرد جي جبلتن کان وڌيڪ واضح هونديون آهن.
مرد جي فطرت ۾ تنقيد، شڪ ۽ فڪرمندي هوندي آهي، لچڪ
پيدا ڪرڻ لاءِ هن جون جبلتون ڀڄي ڀُري پيون آهن، ۽
انهن مان يڪدم عمل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ اعتماد ختم ٿي
ويو آهي. عورت جي آڏو مرد وائڙو هوندو آهي، جتي به
ڪنهن مرد کي ڦاسائڻ، ڪنهن عاشق کي پنهنجي قبضي ۾
رکڻ، يا گهر ٺهرائڻ جو مسئلو هجي عورت وڌيڪ
خوداعتماديءَ سان عمل ڪندي آهي. سٺي رٿابندي ڪري
ان تي يڪدم عمل ڪندي آهي. محبت جي جنگ ۾ ٽيهن سالن
جو مرد هڪ ويهن سالن جي ڇوڪريءَ جو مقابلو ڪري نٿو
سگهي. ڪنهن مرد کي ڏسو (کڻي ڪيترو به پوڙهو ڇو نه
هجي) جيڪو ڪنهن عورت جي محبت ۾ مبتلا آهي (هوءَ
ڪيتري به جوان ڇو نه هجي) ته ڪير ڪنهن جي اشارن تي
ٿو نچي. ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي عورت ماءُ جي
پيٽ مان سکي ايندي آهي، پر مرد کي تلخ تجربي ۽
مايوسين کانپوءِ سکڻيون پونديون آهن. عورت ڏسندي
وڌيڪ آهي پر هن ۾ بيان ڪرڻ جي قوت گهٽ هوندي آهي.
مرد ڏسندو گهٽ آهي پر هن ۾ بيان ڪرڻ جي قوت وڌيڪ
هوندي آهي. عورت سوچ کان ڪم گهٽ وٺندي آهي، ۽ بنان
تدبر جي ڪوڙ ڳالهائيندي آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ هوءَ
مرد کان وڌيڪ هوشيار آهي ۽ جڏهن گناهه ڪندي جهلجي
پوندي آهي ته اطمينان سان پنهنجي صفائي پيش ڪندي
آهي.
جيئن ته عورت زندگيءَ جي روزاني جي ڪمن لاءِ
پيدائش کان تيار هوندي آهي انڪري هوءَ جلد بالغ ٿي
ويندي آهي ۽ سندس جوانيءَ جو عرصو به گهٽ هوندو
آهي. ان ڳالهه تي ڪن مردن کيس ادنيٰ نسل سڏيو آهي،
پر اهو دليل صحيح نه آهي. دليل موجب ته جهنگلي
ڳيرو خدا جي بهترين مخلوق آهي. اهڙيءَ طرح اهو
نتيجو به ڪڍي سگهجي ٿو ته عورت ذهنيءَ طرح مرد کان
برتر آهي ڇاڪاڻ جو هن جي جسم جي سندس ذهن سان
مناسبت مرد کان گهڻو وڌيڪ هوندي آهي. هن جي
جوانيءَ جي دور جي گهٽ هجڻ جو هڪ سبب اهو به آهي
ته ڪنهن آڳاٽي زماني ۾ هن کي جلد ماءُ بڻجڻ لاءِ
مجبور ڪيو ويو هو. مرد جي اڄڪلهه جيڪا عمر آهي ان
جي اڌ عمر ۾ هو پيءُ ٿي سگهي ٿو، پر مالي حالتون
کيس اجازت نه ٿيون ڏين، جواني، جسم ۽ ذهن ٻنهي جي
هوندي آهي ۽ ان جو انحصار جدا جدا حالتن تي هوندو
آهي. ڪي مرد جلد بالغ ٿي ويندا آهن، ڪي دير سان ۽
ڪي بنهه بالغ نه ٿيندا آهن. ماڻهوءَ جي جوانيءَ جو
عرصو ڊگهو ٿيندو ٿو وڃي. ڇاڪاڻ جو هيءُ ڳتيل ۽
منجهيل تهذيب، روزانو اسان جي فطري لاڙن سان ٿي
ٽڪرائجي ۽ اسان کي وڌيڪ بيوس ٿي بڻائي. اسان جي
زماني ۾ تمام گهٽ مرد اڌ زندگي گذارڻ کان اڳ ذهني
طور بالغ ٿي سگهندا آهن. ان جي ڀيٽ ۾ عورت جنهن جي
زندگيءَ جا فطري لاڙا سادا آهن ننڍيءَ عمر ۾ ئي
ذهني ۽ جسماني طور بالغ ٿي ويندي آهي. هوءَ رسمي
ڪم ڪار جلدي سکي وٺندي آهي ۽ اسڪول ۾ پنهنجن هم
ڪلاسي ڇوڪرن کان وڌيڪ هوشيار هوندي آهي، تازو ريڊ
ڪلف ڪاليج جي ڇوڪرين ذهني آزمائش ۾ هارورڊ جي
ڇوڪرن تي پنهنجي برتري ثابت ڪئي، عورت پنهنجي
پيدائشي حالت کان ايترو اڳتي نه وڌندي آهي جيترو
بي چين ۽ نون تجربن جو شوقين مرد وڌندو آهي. هوءَ
خانداني لاڙن سان چنبڙيل هوندي آهي ۽ مرد نئين
نئين حالتن جي پٺيان ڊوڙندو آهي، عورت نسلي
استحڪام جو وسيلو آهي پر مرد تبديليءَ جو
علمبردار. هوءَ انساني وڻ جي پاڙ ۽ ٿڙ آهي جيڪو
زمين سان ڳنڍيل هوندو آهي ۽ جڏهن وڻ جون شاخون
آسمان ڏانهن وڌنديون آهن ته وڻ پنهنجي پاڙ کي وڌيڪ
مضبوط ڪندو آهي.
ان مضبوطيءَ جو ٻيو پاسو هي آهي ته عورت جي قدامت
پسندي ۽ سوچ نامڪمل هوندي آهي، هن جون دلچسپيون
گهريلو ۽ گهڻي ڀاڱي سندس ماحول واريون هونديون
آهن. هوءَ فطرت وانگر گهري ۽ چار ديواري وانگر تنگ
نظر هوندي آهي. جبلت هن کي روايت پرست بڻائيندي
آهي ۽ هوءَ روايت کي ائين پسند ڪندي آهي، جيئن
ماهر پنهنجي ان شيءِ کي پسند ڪندو آهي جنهن سان هو
پنهنجا جوهر ڏيکاريندو آهي. هوءَ ذهني ۽ اخلاقي
شين ۾ گهٽ تجربا ڪندي آهي. هوءَ جيڪڏهن ”آزاد
محبت“ ڪندي آهي، ان لاءِ نه ته آزاد محبت سان کيس
آزادي ملندي آهي. پر ان لاءِ جو هوءَ هڪ ذميوار
مرد سان شادي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي آهي. هوءَ وڏي
خوشيءَ سان ڪنهن مرد کي ويجهو آڻيندي آهي. ته جيئن
هن کي گهريتڙو بڻائي ۽ جيڪڏهن نوجوانيءَ ۾ سندس
لاڙو سماجي ڀلائيءَ ڏانهن هوندو آهي ته هوءَ
پنهنجي محبت کي سموري انسانيت تي پکيڙي ڇڏيندي آهي
۽ جيڪڏهن کيس ڪو ايماندار مڙس ملندو آهي ته هوءَ
پنهنجن سمورين دلچسپين کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي،
جلدئي هوءَ پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي مڙس کي ان
سموري انسانيت تي پکڙيل ڪنهن عالمگير مقصد جي محبت
کان پاسو ڪرائي کيس خاندان سان وفاداريءَ جي شديد
جذبي سان روشناس ڪرائيندي آهي. نوجوان محبت جي
مستيءَ ۾ چوندو آهي ته: ”تنهنجي لاءِ مان ساري
دنيا کي ترڪ ڪري سگهان ٿو“، پر پوءِ جڏهن شادي
ڪندو آهي ته پنهنجو قول پورو ڪندو آهي.
ائين ٿيڻ به گهرجي. عورت کي فطري طور خبر هوندي
آهي ته اصل سڌارو سدائين گهر کان شروع ٿيندو آهي.
هوءَ جڏهن هڪ رولاڪ مرد کي پنهنجي ٻارن جو عاشق
بڻائيندي آهي ته هوءَ نسل جي نمائندگي ڪندي هن جي
خدمت ڪندي آهي، فطرت کي قانونن ۽ ملڪن سان ڪو
واسطو نه هوندو آهي. عورت جو واسطو خاندان ۽ ٻارن
سان هوندو آهي. جيڪڏهن هوءَ انهن جي حفاظت ڪري
سگهندي آهي ته حڪومتن ۽ بادشاهن کان بي پرواهه ٿي
ويندي آهي ۽ انهن ماڻهن تي کلندي آهي جيڪي ادارن
کي بدلائڻ ۾ لڳل هوندا آهن. اڄ جيڪڏهن فطرت خاندان
۽ ٻارن جي پرگهور نٿي لهي ته ان جو سبب اهو آهي جو
عورت فطرت کي وساري ڇڏيو آهي. پر فطرت گهڻي وقت
تائين شڪست نه ٿي مڃي سگهي. هوءَ ڪنهن به وقت
پنهنجي تڪميل لاءِ سوين ذريعا استعمال ڪري سگهي
ٿي. دنيا ۾ ٻيا ماڻهو به آهن جيڪي تعداد ۾ اسان
کان گهڻا آهن انهن جي ذريعي فطرت پنهنجو اڻٽر
تسلسل قائم رکندي.
عورت ۽ دانائي:
عورت پيدائشي داناءَ هوندي آهي، جڏهن ته مرد
دانائي حاصل ڪندو آهي ۽ ڪن مردن تي وري دانائي
مڙهي ويندي آهي. صنعتي انقلاب کانپوءِ مردن لاءِ
هڪ عجيب بي ترتيب حالتون پيدا ٿيون جن جي ڪري کين
سخت ذميوارين کي منهن ڏيڻو پيو جن سان ڪيترا مرد
ڀڄي ڀُري پيا ۽ ڪيترن پنهنجي تنتي سرشتي ۽ قوتن کي
استعمال ڪندي پنهنجي ذهن ۾ وسعت ۽ روشني پيدا ڪئي.
انقلاب کان اڳ مردن ۾ اهڙا داناءَ ۽ چريا پيدا نه
ٿيا هئا. جيئن جيئن صنعت عورتن کي پنهنجي دائري ۾
آڻيندي ٿي وڃي، تيئن تيئن انهن ۾ به اهڙيءَ ذهني
ترقي ايندي ٿي وڃي، پر ان ترقيءَ کانپوءِ به
ذهنيءَ طرح هو مردن کان الڳ آهن. عورتن ۾ تجريدي
خيال گهٽ هوندا آهن. واقعن لاءِ عورت جي نظر ۽
يادگيري تيز هوندي آهي، پر هو اصول ٺاهڻ ۽ معاملن
جي نئين سر تشريح ڪرڻ جي اهل نه آهي- هوءَ مردن
بابت ڳالهائيندي آهي ڇاڪاڻ جو مرد هن لاءِ مسئلو
آهي، شخصيتن جهڙوڪ گهر وارو ۽ ٻار ۾ دلچسپي وٺڻ هن
جي تقدير آهي. مرد جي مقدر آهي ته هو صنعت ۽ تجارت
۾ ڦاٿل هجي، سببن ۽ نتيجن جي مونجهاري ۾ ڦاسي ۽
عورتن ۽ مردن سان واهپو رکي. مرد لاءِ ڪنهن اهڙي
ڪتاب ۾ دلچسپي ڳولهڻ سولو آهي جنهن ۾ ڪنهن خيال جي
وضاحت ٿيل هجي ۽ عورت ڪنهن افساني جي ڪتاب ۾
دلچسپي وٺندي آهي خاص ڪري اهڙو افسانو جيڪو مرد جي
باري ۾ هجي. عورت ڪائناتي، اجتماعي ۽ اقتصادي
تبديلين جي غير شخصي عمل کي خدائي قوتن ۽ بهادر
انسانن جي افسانن سان جوڙيندي آهي.
عورت ۽ مرد جي ذهني فرق جو مطالعو ڪرڻ وارن مردن
کي اها ڳالهه هميشه آٿت ڏيندي رهي آهي ته عورتن ۾
ڪابه وڏي داناء عورت پيدا نه ٿي آهي. حسن سان
واسطو رکندڙ فن ۽ احساسن ۽ جذبن سان لاڳاپيل
موسيقي ۾ به عورتن ڪوشش کانپوءِ به ڪو نانءُ نه
ڪڍيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته عورتن ۾ مردن کان
وڌيڪ موسيقيءَ جو شوق آهي پر عورتن کان وڌيڪ مرد
سگهاري موسيقي تخليق ڪندا رهيا آهن. مرد جڏهن عورت
جي تعريف ڪندي کيس چوندا آهن ته هوءَ ذهني ۽ فني
لحاظ کان جينيئس آهي تڏهن کيس مرداڻي قسم جون
عورتون چئي اڻ سڌيءَ طرح مرد جي تعريف ڪندا آهن.
شوپنهار اسان کي يقين ٿو ڏياري ته جينيئس ۽ مامتا
هڪ ٻئي جا مخالف آهن جيڪڏهن اسان شوپنهار جي اها
ڳالهه مڃون ته پوءِ اسان ان نتيجي تي پڄنداسين ته
ڪابه عورت شوپنهار وانگر خطرناڪ قسم جي ذهني طرح
غير معمولي ٿيڻ کانسواءِ ذهني برتري حاصل ڪري نٿي
سگهي. جارج سينڊ هڪ مرداڻي قسم جو سگار پيئندي هئي
۽ جارج ايليئٽ اسپينسر جي ٿڌي روح لاءِ به وڏي
مرداڻي قسم جي عورت هئي. ميڊيم حبيراڊين جو خيال
هو ته جارج سينڊ جي هر ناول ۾ هن جي نئين عاشق جو
انداز، ڪردار ۽ اثر نظر اچي ٿو. هن چيو آهي ته
اسان جڏهن عورتن جي لکڻين تي تنقيد ڪندا آهيون
تڏهن گهڻو ڪري اسان کي بوفون جو هم خيال ٿي چوڻو
پوندو آهي ته سندن لکڻ جو انداز مرداڻو آهي.
عورتن ۾ جينيئس جي نه هجڻ جا ڪيترائي سبب آهن،
شايد ته اسان جينيئس جي تشريح ڪرڻ وقت تعصب کان ڪم
وٺندا آهيون ۽ اهو نه سوچيندا آهيون ته ممڪن آهي
ته سياست، ادب ۽ جنگ وانگر مامتا ۾ به جينيئس جي
ذهني بلندي ڪم ڪندي هجي. هر جنس ۽ هر عمل جي فطري
فرضن کي پورو ڪرڻ جي اعليٰ صلاحيت مان ئي جينيئس
جو اندازو لڳائي سگهون ٿا. اسان جڏهن چئون ٿا ته
اڳئين زماني ۾ جينيئس گهڻا هوندا هئا ۽ اڄڪلهه گهٽ
ٿا ٿين تڏهن اسان غلطي ٿا ڪيون، اسان دانائن جي
ڳولها انهن ئي شعبن ۾ ٿا ڪيون جن ۾ هو ماضيءَ ۾
پيدا ٿيندا هئا. ٿي سگهي ٿو ته اسان جي اها ذهني
قوت جيڪا پهريان فن ۽ ادب تخليق ڪندي هئي، هاڻي
سائنس ۽ صنعت جي وسيع شعبن ۾ سمائجي وئي هجي. اڄ
اسان پنهنجي نئين علم ۽ نئين طاقت جي ذريعي مادي
دنيا کي نئين سر تعمير ڪرڻ ۾ مصروف آهيون. اسان وٽ
وڏيون ايجادون ڪرڻ وارا ۽ سائنسدان، بين الاقوامي
ڪاروبار جو انتظام هلائڻ وارا ۽ اُهي سرمائيدار
آهن جن جو اثر ساري دنيا تي آهي. هن زماني ۾
افلاطون، شيڪسپيئر، ليونارڊو ۽ بيٿوون جي اميد رکڻ
غلطي آهي.
شايد ته دانائيءَ ۾ مرد ان لاءِ عورتن کان اڳتي
وڌي ويا آهن جو داناءَ ماڻهو پڙهيل ڪڙهيل اقليت ۾
هوندا آهن. جيستائين عورتن ۽ مردن ۾ تعليم پرائڻ
وارن جو انگ هڪجيترو نه هوندو تيستائين عورتن جي
مردن سان ڀيٽ ڪرڻ اجائي آهي. لکين پڙهيل مردن مان
ڪي ٿورا داناءَ ٿيندا آهن ۽ ڪن سَوَن پڙهيل عورتن
مان ڪي عورتون داناءَ ٿينديون آهن. عورتن کي
جيڪڏهن موقعا ۽ تربيت ملي ته عورتون سيفو جهڙيون
عظيم شاعرائون، جارج ايليئٽ جهڙيون ناول نويس،
ميڊيم ڪيوري جهڙيون عظيم طبيباڻيون، هائي پاشيا ۽
سونيا ڪائولوسڪي جهڙيون حساب جون عظيم ماهر،
اسپيشيا ۽ ميڊم ڊي شٽيل جهڙيون عظيم مفڪر، راڻي
ايلزبيٿ ۽ ڪيٿرائن ڊي ميڊيسي جهڙيون سياستدان پيدا
ٿينديون آهن. تعجب جهڙي ڳالهه آهي ته انهن حالتن ۾
به ڪيتريون ئي داناءَ عورتون پيدا ٿيون آهن، شايد
عورتن ۾ رڳو اها جسماني قوت گهٽ هوندي آهي، جيڪا
فني تخليق لاءِ لازمي آهي ۽ شايد هنن ۾ مردن جهڙو
جمالياتي ذوق به نه هوندو آهي، جيڪو تخليق لاءِ
هرکائيندو آهي. ان سان گڏ اسان عورت جي جنسي طور
دير سان سجاڳ ٿيڻ جي ڳالهه به ڪري سگهون ٿا، جنهن
جي باري ۾ نفسيات جا ماهر مرد اسان کي ٻڌائن ٿا پر
جنهن جو مثال اڄوڪي اخلاقيات ۾ نٿو ملي. عورت گهڻو
ڪري پنهنجي مڙس ۾ حسن نه پر قابليت ۽ طاقت ڏسندي
آهي، جنهن مان کيس تحفظ ملندو آهي، مرد پنهنجي
چونڊ ۾ حسن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي، انڪري نه، جو
حسن مان کيس خوشي ملندي آهي پر انڪري جو حسن طاقت
۽ صحت جي علامت آهي، زندگيءَ جي ساٿيءَ جي چونڊڻ
وقت عورت پنهنجي جمالياتي ذوق کي وساري ڇڏيندي
آهي، ڇاڪاڻ جو هوءَ قبضو ڪرڻ نه پر پاڻ تي قبضو
ڪرائڻ چاهيندي آهي. انڪري هوءَ فن کي تخليق ڪرڻ
کان وڌيڪ فن لاءِ تحرڪ پيدا ڪندي آهي. شايد هن کي
مرد ۾، مغرور ۽ کل جهڙي مرد ۾ اهو حسن نظر نه
ايندو آهي. جيڪو کيس تخليق لاءِ تيار ڪري. هوءَ
حسن جي تخليق ڇو ڪري، ڇاڪاڻ جو هوءَ پاڻ حسن آهي.
جيئرو حسن، سڀ کان حسين فن ۽ ذهانت کان وڌيڪ تعريف
لائق آهي. هوءَ فن جو سرچشمو ۽ ذهانت جو مقصد آهي.
جيڪڏهن زندگي حسين هجي ها ته ان کي ذهانت جي ضرورت
ئي ڪانه پوي ها پر جيڪڏهن ذهين هجي ها ته حسين
بڻجڻ جي ڪوشش ڪري ها.
ڇا اهي ذهني فرق فطري آهن؟
هاڻي رڳو هڪڙو سوال پڇڻو آهي ته ڇا اهي ذهني فرق
فطري آهن، يا پيدا ڪيل آهن. هي اهڙو موضوع آهي
جنهن بابت سائنس به اسان کي فلاسافيءَ وانگر گهٽ
ڄاڻ ڏئي ٿي ۽ مفروضا وڌيڪ ٻڌائي ٿي. اسان چئي ٿا
سگهون ته ذهنن جا اهي فرقَ جيتوڻيڪ جوڙجڪ ۽ عمل جي
بنيادي فرقن جي ڪري آهن پر اهي گهڻو ڪري ماڻهن ۾
اجتماعي اثرن جي ڪري پيدا ٿيندا آهن. اهي فرق دنيا
جي گهڻن حصن ۾ انهن تصورن تي بيٺل آهن جيڪي مردن
پنهنجي فائدي ۽ اطمينان لاءِ عورتن جي باري ۾ قائم
ڪيا آهن ۽ ماحول جي هزارين اثرن ذريعي انهن تي
حاوي ڪري ڇڏيا آهن. جيئن هڪڙي ليڊي پروفيسر لکيو
آهي ته ڇوڪرن ۾ انفراديت پيدا ڪئي ويندي آهي، هنن
کي سوچ ۽ ڪم ڪار ۾ آزاديءَ جي سکيا ڏني ويندي آهي.
هنن کي تجربا ڪرڻ ۽ پاڻ شيون ٺاهڻ لاءِ هرکايو
ويندو آهي. ڇوڪرين کي فرمانبرداري، ضرورتمندي ۽
انڪساريءَ جي سکيا ڏني ويندي آهي. هنن کي احساس
ڏياريو ويندو آهي ته زندگيءَ ۾ هن جي ڪاميابيءَ جو
دارومدار ڪنهن نئين ڪم کي پورو ڪرڻ ۾ آهي. سوسائٽي
ڇوڪرين مان اهڙي ڪا اميد نه ٿي رکي.
ڏٺو وڃي ته اسان هڪ وسيع تجربي جي نتيجي ۾ ان سوال
جو سائنسي جواب ڏيئي سگهڻ جا لائق ٿي ويا آهيون ته
ڇا مردن ۽ عورتن جو ذهني ۽ اخلاقي فرق فطري آهي،
اقتصادي حالت هڪ تجربو ڪيو آهي جنهن لاءِ زندگي
پاڻ هڪ تجربيگاهه هئي. ائين ٿو لڳي ته اهو مسئلو
جيڪو اسان کي منجهائيندو رهيو آهي ان کي قدرت پاڻ
هڪ عالمي تجربي جي ذريعي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
مردَ پيدائشي طرح عورتن کان ذهني طور تي برتر آهن
يا حالتن جي ڪري؟ ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ ضروري
هو ته عورتن کي وڏي انگ ۾ ان قسمين قسمين ۽ متحرڪ
حالتن جي حوالي ڪيو وڃي. جيڪي مردن کي ٺاهين ٿيون.
۽ پوءِ ڏسڻ گهرجي ته اهي حالتون ڪيتريقدر تيزيءَ
سان عورتن کي بدلائن ٿيون. سموري انگلستان ۽ اڌ
آمريڪا ۾ اهو تجربو ٿيندو رهيو ته ٻنهي جنسن لاءِ
ڪارخانن، آفيسن ۽ ٻين پيشن لاءِ دروازا کوليا ويا،
اقتصادي حالتن لکن ڪروڙن عورتن کي گهران ڪڍي صنعتي
تجارتي دنيا ۾ مرد سان گڏ آڻي بيهاريو. ان تجربي
جو نتيجو ڪهڙو نڪتو؟
نتيجو اهو نڪتو جو آزاد عورتن ۾ اهڙو تيز انقلاب
آيو جو دنيا حيران ٿي وئي. ٽن نسلن جي اندر صنعت
جي انهن ڪارڪنن هر اُن ميدان ۾ قسمت آزمائي ڪئي
جنهن ۾ جسماني طاقت جي ضرورت نه هئي ۽ هر ميدان ۾
هنن پاڻ ۾ مردن واريون ذهني ۽ اخلاقي خاصيتون پيدا
ڪيون. ايستائين جو عيسائيت جو اخلاقيات جو هر
اُستاد عورتن ۾ مردن واريون خاصيتون پيدا ٿيڻ لاءِ
افسوس ڪرڻ لڳو. قانوندان عورتون، ڊاڪٽر عورتون،
گورنر عورتون، ڌاڙيل عورتون مطلب ته عورتن ثابت
ڪري ڏيکاريو ته هو پنهنجن محدود موقعن کانپوءِ به
هر ميدان ۾ مردن جو مقابلو ڪري سگهن ٿيون. ڪاليجن
مان ڊگري ورتل ڇوڪرين سان سندن ذهني برتري جي ڪري
ڪو مرد شادي ڪرڻ لاءِ تيار نه هو ڇاڪاڻ جو هن جي
ذهني برتريءَ مرد جي برتري کي قبول نه ٿي ڪيو جيڪا
شاديءَ لاءِ ضروري هئي. مرد ۽ عورت ۾ ذهني ۽
اخلاقي فرق ائين ختم ٿيندو ويو جيئن دڪانن ۽
ڪارخانن، زراعت واري زمين ۽ گهرن کي ختم ڪري ڇڏيو
هو.
ان انقلاب تي اسان اڳتي هلي وڌيڪ تفصيل سان
ڳالهائينداسين. في الحال اهوئي نتيجو ڪڍي ٿا سگهون
ته جيڪڏهن عورتن مردن جي پيشن واري زندگي پوريءَ
طرح گذارڻ جو ارادو ڪيو آهي ته پوءِ هنن کي پاڻ ۾
مردن واريون ذهني ۽ اخلاقي خاصيتون پيدا ڪرڻيون
پونديون، پر شايد عورتون سٺي پسند جو مظاهرو
ڪنديون، هنن جو اهل ڪرڻ وارو هاڻوڪو دور گذري
ويندو، هو سمجهي وينديون ته اهل ڪرڻ هڪ قسم جي
خوشامد آهي ۽ مرد جي خوشامد ڪرڻ جي ڪا ضرورت
ڪانهي. هو اها ڳالهه به سمجهي وينديون ته علم
ذهانت نه آهي ۽ خوشي، حسن ۽ ڪمال وانگر، فطري لاڙن
جي تڪميل ۾ آهي، آزادي پسند عورتون نامڪمل مرد نه
پر مڪمل عورتون ٿيڻ گهرنديون. هو مامتا کي اهڙو
هنر بڻائينديون جنهن لاءِ اهڙي ئي ذهانت جي ضرورت
آهي جهڙي ڪَلن ۽ پرزن کي جوڙڻ ۽ ٽوڙڻ لاءِ، شايد
هو سمجهي وينديون ته اهو بهترين فن آهي.
هنن جي نئين آزادي ۾ کين اهڙائي منجهيل مسئلا پيش
ايندا جهڙا سندن غلاميءَ جي دور ۾ آيا هئا. انهن
لاءِ مرد هنن جي مدد ڪري نه سگهندا ڇاڪاڻ ته مرد
جو ذهن ايڏو ته ميڪانڪي ۽ سخت آهي جو هو انهن نازڪ
خطرناڪ تبديلين کي سمجهي نٿو سگهي، جيڪي عورت جي
زندگيءَ ۽ ذهن ۾ انتشار پيدا ڪري رهيون آهن، رڳو
هنن جو نئون علم ئي نين حالتن تي ضابطو رکي سگهي
ٿو. شايد هو ڪامياب ٿين. جنهن قوت کين آزادي ڏياري
هئي اها سندن آزاديءَ جا مسئلا به حل ڪندي. هوءَ
ڪو اهڙو رستو ڪڍندي جو هن جي محبت ۽ مامتا ۾ ڪمال
حاصل ڪرڻ واري طبيعت جي نرمي، هن جي طاقت، سجاڳي ۽
لافاني حسن سان هڪ ٿي ويندي. |