سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 8

هن بعد اسين ٽپي وڃي ٻئي اهم وشيءِ ۾ پياسون؛ مون سام کان پڇيو: ”ڪڏهين ڪڏهين انساني عقل جي اوٽ نه وٺي پاڻ کي قدرت جي حوالي ڪرڻ واري اصول جو توهان ذڪر ڪيو؛ اهو شايد انهن لاءِ ممڪن هجي جن کي اڳواٽ حالتن جي ڪا خبر پوندي هجي. اسان اهي حالتون ڪيئن سمجهون؟“

سام چيو: ”اهڙيون ڪي ظاهر نشانيون يا رول ڪونه آهن جن سان اهڙي معلوميت ڪجي. قدرت جي اشاري کي صحيح سمجهڻ لاءِ فقط دل جي صفائي ۽ سچائي ضروري آهي. ڪڏهين ڪڏهين اهم واقعا پنهنجا پاڇا اڳواٽ اڇلائيندا آهن. ان وقت اڪثر عقل جزوي چپ ٿي ويندو آهي؛ خيال تي هڪ قسم جو پاڇو اچي پوندو آهي، يا چئجي کڻي ڪو اثر طاري ٿيندو آهي. گذريل وقت جي آزمودن جي ڪا اُڇل چئجي يا هڪ اندر جو اعلان چئجي سو ظاهري سسن کانسواءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي؛ مگر ان پاڇي پوڻ يا اعلان اچڻ وقت ئي ائين سمجهبو آهي ۽ نه سوچ يا خيال جي طاقت سان اڳواٽ ڪجهه سمجهه ۾ ايندو آهي؛ خيال ۽ احساس ۾ هڪ قسم جي يڪوجودي پئدا ٿيندي آهي. تن ۽ من سن ۾ اچي ويندا آهن؛ ائين پيو ڀانئبو آهي ته هي ڪم اوس ٿيندو يا ٿيڻ گهرجي يا ٿي ويو آهي؛ ان وقت سبب اهنجا لڀندا پر پوءِ ڏسبو ته برابر ان لاءِ زوردار سبب پڻ هئا جي اسان جي سمجهه کان لڪل هئا. هيءَ هڪڙي اندروني تجربي جي ڳالهه آهي جنهن لاءِ ڪابه ثابتي ڏيڻ مشڪل آهي، مگر هيءَ ڪا ودوانن يا گياني پرشن سان خاص لاڳو ڳالهه نه آهي؛ ساڌارڻ منشن کي پڻ اهڙا تجربا ٿين ٿا؛ مثال 1914-1918 واري لڙائيءَ کان پوءِ هڪڙو ڪتاب مون پڙهيو جنهن ۾ هڪ سولجر لڙائي جي وقت جا تجربا بيان ڪندي لکيو هو ته ڪيترا ڀيرا پئٽرولنگ ڪندي دشمن جي طرف کان گولي ڪنن وٽان آواز ڪندي لنگهي ويندي هئي؛ عين انهيءِ وقت جئن هو ڪنڌ هيٺ نوائيندو هيو! يعني اڳواٽ هن کي خطري جي موجودگي معلوم ٿيندي هئي. اهڙو آزمودو توکي اسان جي هڪ ڪمدار جي خون وقت به مليو هو.

***

 

 

نوٽ: ڪمدار جي خون واري ڳالهه هن ريت آهي ته هو سج لٿي مهل جئن بنگلي تي موٽي آيو، مون کيس ٻڌايو ته ماني تيار آهي. چيائين، ”امان! مونکي ماني اڄ نه ٿي وڻي! پڇا ڪرڻ تي فقط ايترو چيائين ته بيمار ڪونه آهيان پر مون تي اڄ ڪو ڀوت سوار ٿيو ٿو ڏسجي؛ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ٿي اچي ۽ نه ڪجهه مٺو ٿو لڳي؛ ڇڏيو ته وڃي سمهي پوان؛ سڀاڻي جيئرا هونداسي ته ماني کائينداسي.“

انهيءَ رات هن کي ڪي بدمعاش خون ڪري ويا جنهن جو منصوبو اڳواٽ ڪو رٿيو هئائون ۽ جنهن جي ڪمدار کي ڪابه خبر ڪانه هئي.

اهڙو ٻيو به هڪ ڀيانڪ واقعو ياد ٿو اچيم: سام رات جو ماني کائيندي چيو ته اڄوڪي رات ڳوري ٿي نِظر اچي! جلد هڪڙو معمولي آواز ڪجهه مفاصلي تان ٻڌوسين. اسانکي ڪا خاص ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه آئي پر سام چيو: ڪو حادثو ٿيو ٿو ڏسجي؛ اهو آواز ڪنهن انساني عضوي جي ڀڄڻ جو پيو لڳي! هيو به برابر ائين، سام بلڪل ماٺ ۾ اچي ويو ۽ ماني به اڌ ۾ ڇڏي ڏنائين. آخر معلوم ٿيو ته هڪ وڏي سازش هلي رهي هئي؛ اسين پهريائين ان خيال جا هئا سون ته سڀيئي وڃي انهن ماڻهن سان همدردي ڪريون پر پوءِ ظاهر ٿيو ته نه وڃڻ ئي ٺيڪ هيو،  جئن سام ٿي چيو. انهن سڀني ڳالهين جي تصديق سڀاڻي تي ٿي.

28-6-1951ع مان اسپتال کان بعضي پنڌ ڪري هڪڙي گهٽيءَ مان ايندي آهيان جتي دريءَ کان هڪڙي جاءِ ۾ چٻرو ۽ ڪي ٻيا ڌاريل پکي ڏسندي آهيان. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته اتي هڪ تعويذ لکندڙ رهندو آهي، جيڪو ماڻهن کي دعائون وغيره لکي ڏيندو آهي ۽ چٻرن کي ڪجهه پڙهائيندو آهي؛ ڪڏهن انهن جو سڪل ماس زالن کي ڏيندو آهي، جيئن هو پنهنجي مڙدن کي کارائي اثر هيٺ آڻي سگهن. اسان وٽ هڪ مهمان رهيل هو؛ جڏهين اِها ڳالهه نڪتي، تڏهين اُن رايو ڏنو ته اِهي ڳالهيون بلڪل سچيون آهن.

سام چيو: ”اهي نفرت جهڙيون ڳالهيون آهن.“

مگر مهمان چيو: ”ڪي جادو يا رمل آهن جيڪي انسان تي اثر وجهن ٿا.“

مون سام کان پڇيو: ”آزمائڻ کان سوا ڪئن ٿو چئي سگهجي ته اهي ڳالهيون ڪوڙيون آهن؟“

سام چيو: ”انهن ڳالهين تي ويچار ڪرڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي؛ ڪي ڳالهيون ازخود ڪوڙيون يا خراب نظر ايندو آهن. انسان جو من هڪ فوٽو گرافءَ جي پليٽ مثل آهي، جنهن تي ڪنهن ڳالهه جي تورڻ تڪڻ يا ڳوڙهي ويچار کان اڳ۾ ئي چڱائيءَ، برائيءَ يا ڪوڙ سچ جو پاڇو پوي ٿو. عقل ۽ ويچار پوءِ ٿا جاڳن. اها ڳالهه پري کان ڀرمي ۽ ڪراهت جوڳي لڳي ٿي.“

تڏهن اسان جي مهمان ڪي مثال وچور سان ٻڌايا جن ۾، هن جي خيال موجب، اهڙا جادو يا رمل ڪامياب ٿيا هئا. سام چيو: ”عقل ۽ آزمودو اها ڳالهه ڪونه ٿو مڃي! اها سٻاجهڙي طاقت، جنهن هيءُ جهان خلقيو آهي، جنهن جو ڪاروبار ڪنهن قانون تي ٻڌل نظر اچي ٿو، ڪئن انسانن جي زندگيءَ جي ڏور اهڙن ذليل جادوگرن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندي؟ اِهي ڳالهيون فقط ايتري قدر سچيون ٿي سگهن ٿيون، جو وڏو خيال ننڍي خيال تي، وڏي طاقت ننڍي طاقت تي، چالاڪ انسان جي سمجهه جاهل ماڻهوءَ تي غالب پوي ٿي. مگر چٻري جو ماس يا ڌاڳو يا پڙهيل رک، انهن ۾ ڪو به اثر ڪونه آهي جو سڌيءَ طرح، پنهنجي ڪيميائي (Chemical) عمل يا دوا جي نموني کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن طرح ڪنهن شخص تي پئجي سگهي، اهو جادوگر شايد اتساهه جاڳائڻ ۽ اعتقاد وڌائڻ سان پنهنجي گراهڪن ۾ اثر پيدا ڪريٿو. اِهي چٻرا، رمل وغيره سڀ انهيءَ اعتقاد پيدا ڪرڻ جا نمونا آهن. وهمي ماڻهو ئي اهڙن جادوگرن جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهن. ايشور ۾ سچو اعتقاد رکندڙ کي رملن جي ڪا ضرورت يا پرواهه نه آهي. دراصل اهڙا ڊپ ڊاوَ ۽ ڀرم چور دلين ۾ ئي پيدا ٿي سگهن ٿا؛ جيڪي بنا محنت، ڳجهه ڳوهه ۾ ڪي فائدا وٺڻ گهرن ٿا اُهي گويا قدرت کي ٺڳڻ ٿا چاهين، جا ڳالهه اسنڀوَ آهي.“

مٿين مضمون ۾ ذڪر ڪيل آهي ته انسان جو من هڪ فوٽو گرافڪ پليٽ وانگر آهي جنهن تي سوچ ويچار ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي برائي ۽ چڱائيءَ جو پاڇو پوي ٿو. اڄ هڪڙو ماڻهو اسانجي نوڪر جو نالو وٺي در تي بيهي سڏڻ لڳو. سندس ارادي ۾ شڪ جاڳيو جيتوڻيڪ هن فقط اسانجي هڪڙي ڇوڪري کي سڏيو ٿي. پوءِ ٿوري دير بعد معلوم ٿيو ته اسانجو رسويو اسانجي نوڪرن ۽ مال واري جڳهه جي هڪ ڪمري ۾، پئسن جي لالچ تي، ڪي بد پيشي واريون ڳالهيون رٿي رهيو هيو، مون پهريائين ڪجهه انهيءَ هندو رسويي جي بچاءَ ۾ چيو، مگر شام جو وري ظاهر ٿيو ته ان ڪمري ۾ جوئا به ٿيندي آهي. مون سام جي گهر اچڻ کان اڳ۾ ئي ان رسويي کي نوڪري، مان ڪڍي ڇڏيو. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسان جي گهر جو ماحول صاف ٿي نظر آيو؛ ٻين نوڪرن تي، جيڪي هُن سان جوئا وغيره ۾ شامل هئا، ايترو ته چڱو اثر پيو جو مون کي چيائون ته اسانکي ”دادا“ ڏانهن وٺي هلو؛ پوءِ ٻالڪن وانگر اچي چيائون ته اسين اڳتي وڌيڪ چڱي هلڻ جي ڪوشش ڪنداسون!

مون انهي رسويي ۽ ٻاهرين بدمعاش ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري سام کان پڇيو: ”ڀلا اهڙا ماڻهو هتي به (لاڙڪاڻي ۾) طيب وانگر ڇو اسان جي پلئي ٿا پون؟ ايشور اهڙن ماڻهن کي ڇا لاءِ پيو اسان ڏانهن موڪلي؟“

سام چيو: ”اهو قدرت جو قانون آهي ته پاڻي هيٺائينءَ ڏانهن وهندو آهي؛ بڇڙائي، چڱائيءَ ڏانهن وڌي ايندي آهي، ان لاءِ ته اها اتي ٺوڪر کائي پنهنجو سڀاو مٽائي. ان ۾ رنج رهڻ نه گهرجي مگر خوش ٿيڻ گهرجي ته قدرت اسانکي هن ننڍي پئماني تي ئي بڇڙائيءَ جي پڇاڻ لاءِ هڪ ڪسوٽيءَ طور ڪم آڻي ٿي. جيڪڏهين اسين پنهنجي اصولن تي پورا رهنداسون ته انهن جو اثر ٻين لاءِ پارس پاهڻ جي مثل ٿيندو ۽ بڇڙائي اسانکي ڪوبه جوکو نه پهچائي سگهندي. جنهن صورت ۾ اسين زندگي ساڳين اصولن تي هلائيندا اچون ٿا، تنهن صورت ۾ اهڙا ماڻهو ڇو نه اسان ڏانهن ڇڪجي ايندا؟“

 سام وڌيڪ چيو: ”برائي طلسمات آهي؛ ان کي سچو وجود ڪونه آهي. بڇڙن ۽ چڱن ماڻهن جي وچ ۾ ڪو ذاتي فرق ڪونه آهي. مگر روحاني اوسٿا جي مطابق يا آتمڪ انتيءَ جي درجن پٽاندر سندن هلت ۾ فرق آهي. ذاتي طور برو پاڻ کي ڪوبه ڪين ٿو سمجهي ۽ هر آتما جو لاڙو سچ ڏانهن آهي؛ ننڍڙيون ڀلايون وڏين سان ٽڪري پاڻ کي وڌائن ٿيون؛ ننڍيون هستيون وڏين هستين سان ملي پاڻ کي وڌيڪ وزندار بڻائن ٿيون. ذاتي اختلاف آتمائن ۾ آهي ئي ڪونه؛ اهي ساڳيا ماڻهو اسان جا ڪڏهن ساٿي بڻي سگهن ٿا.“

وڌيڪ ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڏيندي چيائين: ”مون زمينداري عرصي ۾ ڪجهه چورن ۽ ڪاٽڪن جي حياتيءَ جو اڀياس ڪيو هو؛ انهن سان لهه وچڙ ۾ اچي مون ڏٺو ته انهن مان ڪي به ذاتي طور ذليل نه هئا. ڪيترن ته دوستيءَ ۽ مردانگيءَ جا اونچ ناتا نڀائڻ چڱي طرح ڄاتا ٿي. هو دوستن لاءِ وقت تي سر به سهائيندا هئا. غيرت جي ڪارڻ وقت تي پاڻ به قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندا هئا. چور گهڻو ڪري انجام تي مضبوط رهندا آهن گهڻي ڀاڱي مون انهن ۾ جيڪا گهٽتائي ڏٺي، سا هئي عقل يا ويچار جي؛ هو پنهنجون طاقتون اگيان جي ڪري غلط پاسي خرچ ڪري رهيا هئا. مان مسخريءَ ۾ انهن کي چوندو هيس ته چور ۽ فقير پاڻ ۾ سچا ڀائر آهن؛ هم خيالي ۽ هڪ رستي جا راهي آهن. ڇا لاءِ جو چور به پنهنجي ڪرت رات جو ڪري ۽ فقير به پنهنجي ڪرت يعني عبادت رات جي پهرن ۾ ڪن ٿا؛ چور به ماڻهن کان ٽهندو وتي ۽ اڪيليون واٽون ڳوليندو وتي، سنت فقير به ماڻهن کان پاسو ڪري خلوت خيالي ٿي رهندا آهن؛ چور کي پئسا هٿ اچن ته هو جلدي ونڊي وراهي دڦ ڪري ڇڏي؛ فقير به طبعيت جا سخي ۽ هٿن جي صفائيءَ تي هوندا آهن؛ ٿورو فرق صرف اهو آهي جو توهان ماڻهن جي گهرن کي کاٽ هڻو ٿا ۽ فقير الاهي پريم جي اکٽ خزاني کي لٽين ٿا!“

وڌيڪ سام چيو: ”سچ پچ مان انهن مان گهڻن کي زماني جي جڪڙيل ۽ ممتا موهه سان ڀريل ماڻهن کان الله کي ويجهو سمجهندو هيس؛ اُهي مونکي زماني جي سياڻن ماڻهن کان وڌيڪ اٻوجهه لڳندا هئا. کين پورهيو ڏيئي مان سٺي دڳ لائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس. انهن جو سڀاو ڪجهه قدر ٻاراڻو ۽ ٻارن وانگر خطرناڪ به نظر ايندو هو. پري وڃن ته دڳ کان ڀلي ڪُدڳ ڪاهي پون. مگر ٿوري رمز ۽ سمجهاڻيءَ سان هو دڳ مٽائي وري سئين رستي تي هليا ايندا هئا. گهٽ ۾ گهٽ جو وقت مونسان، منهنجي نظر ۾، رهندا هئا ته انهن جيڪا شڪايت ڪانه ٿيندي هئي. اُهي گهڻو ڪري اول چوريون ڪري يا ٻيو ڪو ڏوه ڪري پوءِ منهنجي اثر هيٺ ايندا هئا. انهن مان ڪيترا ڪمدار يا ڪاراوا ٿي بلڪل مانائتي زندگي گهارڻ لڳا. اعتبار ۽ پيار سان ئي هو ٺهي سگهندا هئا. هڪ ڀيري ملڪ ۾ وڳوڙ هو؛ نوڪر منهنجا گهڻا  ٻاهر ويل هئا؛ مون کي هفتو کن ٻاهر وڃڻو پيو؛ بنگلو سامان سميت هڪ ڪاٽڪوءَ جي حوالي ڪرڻو پيو جنهن کي مون سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻيو ڪوبه ماڻهو واندو ٿي نه سگهيو جو بنگلي ۾ ڇڏيان؛ هفتي بعد موٽي اچڻ تي ڏٺم ته سڀ سامان، مال، وهٽ وغيره سلامت هئا ۽ ڪک به ڪونه زيان ٿيو هو. معلوم ٿيو ته اسانجي پرپٺ اهو ماڻهو ماني به اٺين پهر کائڻ ويندو هو؛ بنگلو خالي ڪين ڇڏيندو هو!“

سام وڌيڪ چيو: ”رشي والميڪ چون ٿا ته اصل هڪ چور هو! هڪ چور مان رشي ٿي پوڻ، سو ڏيکاري ٿو ته اپاڌن جو نج آتما تي ڪوبه اثر ڪونه آهي؛ جئين هڪ تيلي ٻارڻ سان هزارن سالن جي اونده دور ٿي وڃي ٿي، گيان جي پرڪاش سان آتما هڪ کن ۾ پنهنجو سچو روپ پسي ٿي.

”اسين ته ننڍڙن هستيءَ وارا انسان آهيون مگر وڏن مهاتمائن جا مثال پڻ ثابت ڪن ٿا ته هنن جي زندگي، برائيءَ کي هڪ قسم جي دعوت يا للڪار هئي ته برائي ويجهو اچي، پاڻ ٽڪرائي، ناس ٿي وڃي! اسانکي به پنهنجي هٽيءَ آهر اهو وڻج جاري رکڻ گهرجي. اهڙن ماڻهن کان ڊڄڻ نه گهرجي مگر ائين سمجهڻ گهرجي ته هو اسان جا سچا پچا گراهڪ (Customers) آهن ۽ پنهنجي گراهڪن سان اسانکي گهڻي پريم ۽ آدر سان وهنوار ڪرڻ جڳائي! ڀلائي ۽ بڇڙائي جو ميل ڀلائي جي واڌاري خاطر ٿيندو آهي.“

***

 

 

29-6-1951ع اڄ صبح جو درازن جي هڪ هندو فقير سان سندس مڪان ۾ گهاڙ ڀرتي، ملاقات ٿي؛ سام کيس چيو: ”ڪجهه ڀڄن وغيره ٻڌايو!“

فقير چيو: ”جمع رات جو 8 بجي ست سنگ ۾ ڳائيندا آهيون؛ ڪڏهين اتي اچو ته ٻڌايانو.“

سام چيو: ”پريم جو وهنوار هر وقت پيو هلي. اوهان جي مرشد وٽ، درازن ۾ ته هميشه محفل لڳي پيئي هوندي هئي. مگر هت خاص جمع رات تي الله سان ملاقات ڪيئن رکي اٿو؟“

فقير چيو: ”مرشد بادشاه هئا؛ انهن جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“

ان وقت فقير وٽ سندس هڪ چيلو ويٺل هو، جنهن چيو: ”اسين کڻي سڄو ڏينهن ڳايون يا رڙيون ڪريون ته به ڪو لاڀ ان مان حاصل ڪونه ٿيندو. هن شهر ۾ اهڙين ڳالهين جو قدر ئي ڪونه آهي.“

سام چيو: ”ڪو قدر ڪري يا نه ڪري، توهين پنهنجي لاءِ ڇونه ٿا ڳايو؟ پنهنجي لاءِ رڙو؛ پنهنجي لاءِ موج منايو! قدر وڌائڻ لاءِ ڳائڻ ۾ صوفيءَ جو مطلب ڪو نه آهي. سارو مطلب محبت ۾ رکيل آهي ۽ محبت هڪ اجهل چيز آهي؛ جنهن کي سچي محبت هوندي اهو جهلجي ڪونه سگهندو، ضرور ونڊ واره ڪندو رهندو؛ محبت پنهنجو مقصد پاڻ ۾ سمائي ٿي؛ انکي طرز طريقي ۽ وقت نه وقت جي خبر نه ٿي پوي. توهين اهو ويچار ڇو ٿا ڪريو ۽ هرو ڀرو گهڻا ماڻهو اچي ٻڌن تنهنڪري خاص وقت ۽ خاص جاءِ تي ڳايون؟“

فقير جي چيلي چيو: ”ماڻهن ۾ ڀي ته اهوئي ٿو وسي!“

سام چيو: ”فقير جو تڙ هميشه قائم آهي، واٽهڙو اچي ڪنهن به مهل چڪو پي، مزو وٺي وڃي. تڙ بند ڪري نه ڇڏيو!“

فقير جي چيلي چيو: ”ڳالهائڻ ۾ به ساڳيوئي مزو آهي. اچو ته ويهي گيان گوشٽ ڪريون!“

سام چيو: ”بس؛ هينئر ماٺ مان مزو وٺبو!“

فقير جي چيلي چيو: ”ماٺ مان ڇا حاصل ٿيندو؟ جڏهين واد وواد ٿيندو ۽ سوال جواب اٿندا تڏهين ئي ته گيان وڌندو! فقير ماٺ مان ٻاهر نڪري پر اپڪار لاءِ سمجهاڻيون ڇو ڏيندا آهن؟“

سام چيو: ”اهو توهان جو غلط خيال آهي ته فقير سمجهاڻيو ڏيندا آهن. پرماتما ئي هڪ پر اپڪاري آهي. اسين سڀ سندس در تي بکاري آهيون. ڳائڻ ۽ ڳالهائڻ محبت وچان ٿئي ته ڀلو آهي، جي نه ته ان مان ڪوئي اپڪار جو ڪم ٿي ڪونه ٿو سگهي. توهان کي مزو اچي ته ڳايو؛ نه ته ڪنهن کي سکيا ڏيون. اهو هڪ قسم جو غرور آهي. محبت سڀ کان اتم گيان آهي. محبت کان سواءِ نه گيان آهي نه پر اپڪار آهي.“

فقير جي چيلي چيو: ”محبت ڪرڻ مان فقط ڪيئن گيان وڌندو؟ گيان ته کوجڻ سان ئي ملندو.“

سام چيو: ”گيان ايشور جي مهر سان ملي ٿو. مهر ديدار سان ٿئي ٿي؛ اهو ديدار دل ۾ حاصل ٿئي ٿو.“

تنهن بعد فقير چيو: ”ڀلا توهان ڇو نه ٿا ڳائي ٻڌايو؟“

تڏهن سام يڪتارو وٺي ٻه ڪلام پنهنجا ٻڌايا؛ ڪلامن جون ڪجهه تڪون هي آهن:

”کڻ هٿيار کڻ هٿيار، چور آيا ٿي گهر ڪاهي.“

”ڪام ڪوڙو ۽ لوڀ لڀائي ڪروڌ اچي ٿو ڪارو ڪاهي“

راڳ بعد فقير چيو: ”چور ڪير آهي جڏهن سڀ پاڻ ئي آهي؟ ڪام نه هجي ته سرشٽيءَ جو ڪم ڪيئن هلي” ڪام به ديوتا ليکبو آهي.“

سام چيو: ”هروڀرو اکرن تي ويڙهه نه ڪريو، اهي ئي گڻ ڪنهن منزل کانپوءِ ڪار بڻجيو پون. جيڪي شيون اتپتيءَ لاءِ اول ضروري آهن سي وري ڪنهن حد کانپوءِ ان جي نتيءَ لاءِ رنڊڪون بڻجيو پون.“

فقير چيو: صوفي ته ڪي چور يا وڪار ڪو نه ٿا مڃن.“

سام وراڻيو: ”صوفي نفس کي نندن ٿا ۽ نفس سمجهو ته سڀني وڪارن جو گڏيل نالو آهي. ڪام، ڪروڌ، لوڀ ۽ موهه برابر انهن کي ڪونه ٿا ستائن، پر اها ڪا ٻي سمجهه آهي جنهن وچان ڪام کي ديوتا تسليم ڪيو ويو آهي. ڪام اتپتيءَ لاءِ ضروري آهي، تنهن ڪري ڇا انکي جيون جو مقصد ڪري ڄاڻجي؟ اهي ئي گڻ ڪنهن حد کانپوءِ اوگڻ بڻجيو پون. ڪام، ڪروڌ وغيره به ڪنهن حد تائين ضروري آهن، پوءِ هاڃيڪار بڻجيو پون. ڪام به برهم جو روپ آهي پر هن ’فيلوان‘ جي پڪار به ٻڌڻ گهرجي فيلوان جي ڳالهه هن ريت آهي:

”هڪڙو فقير پنهنجي گروءَ وٽان ٿي موٽيو؛ گروءَ کيس اهو منتر ڏنو هو ته سڀ برهم آهي. ٿوري دير بعد فقير ڏٺو ته سامهون هڪڙو هاٿي ڊوڙندو پيو اچي ۽ فيلوان ’پوش‘ ’پوش‘ ڪندو ٿو اچي. مگر فقير دل ۾ خيال ڪيو ته هي هاٿي به برهم، آءٌ به برهم، پوءِ کانئس ڇو ڊڄان؟ ايتري ۾ هاٿيءَ کيس سونڊ هڻي ڪيرائي ڇڏيو. سندس گرو رڙيون ٻڌي اتي آيو. فقير سڄو حال بيان ڪري ٻڌايس چيائين، سائين! توهان ته چيو ته سڀ برهم ئي برهم آهي پر هن ’برهم‘ ته منهنجون پاسريون ئي ڀڃي وڌيون! سندس گروءَ وراڻيو: ’مون جيڪي چيو سو سچ آهي مٿان به ته برهم ويٺو هيو جنهن پوش پوش ٿي ڪئي؛ انهيءَ جو آواز تو ڇو نه ٻڌو؟. اهڙيءَ ريت اسان جيڪڏهين پنهنجي راڳ ۾ ’پوش‘ پوش‘ جو اشارو ڪيو آهي ته اهو به ويچارڻ گهرجي. ’همه اوست‘ جي خيال کان اسان پاڻ انڪاري ناهيون، جيتوڻيڪ پرهيز کي به آتمڪ انتيءَ جي فلسفه ۾ جاءِ آهي. گيان هڪ ئي آهي؛ ويچار ان جو بنياد آهي. صوفين جا ڪي مقرر اصول مذهب جا ڪونه آهن جو چئجي ته صوفي هينئن نٿا مڃن يا هونئن ٿا مڃن. ڪنهن ڳالهه کان عار نه ڪريو جي سچي لڳي. جيڪا ڳالهه ڌاري لڳي ٿي سا پڻ ٻڌڻ سکو. عبوديت ۽ احديت جون واٽون وڃي ٿيون هڪ جاءِ ملن؛ توهين فقط سڌا سڌا هلندا هلو!“

***

 

 

سام اهو اشارو هن هندو فقير کي ان ڪري ڏنو جو هو فقير ۽ ڪي ساٿي سندس، جن وٽ فقير جمع رات تي ڳائڻ ايندو آهي. خاص ڪري هندو جاتيءَ جي خيالات کان ڇرڪندا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ جڏهين اسين پنهنجي ٽولي سان گڏجي هنن وٽ وياسين تڏهين اسان جي هڪڙي ڇوڪري پنهنجو ٺاهيل راڳ انهن جي محفل ۾ ڳاتو، جنهن ۾ سنسار ساگر پار ڪرڻ وغيره هند ڪار جا لفظ ڪم آندل هئا، مگر هنن دوستن کي اهو راڳ نه وڻيو ۽ کيس چوڻ لڳا: هتي ڪو رندي، صوفياڻو ڪلام ڳاءِ!

بعد ۾ سام چيو: ”سندن گفتگوءَ مان مون کي شڪ پيو ته هو نوان صوفي ٿيا آهن* پاڻ کي سچي صوفي ثابت ڪرڻ لاءِ هندي خيالات سان واسطي ڏيکارڻ ۾ شايد عيب پيا سمجهن.“

اسين جڏهين اهڙا راڳ هندي لفظن ۾ صوفي ڌڻي بخش ۽ ٻين مسلمان دوستن سان گڏ ڳائيندا آهيون ته هننکي ڪا هند ڪار جي بوءِ منجهانئن ڪانه ايندي آهي. هيڏانهن هي هندو جامي ۾ نوان صوفي فقير اهڙي خالات کان نفرت پيا ڪن! مون اهو سوال ”صوفي“ صاحب کان پڇيو جنهن چيو: ”اسان ۾ جيڪي نوان مسلمان ٿيندا آهن، سي گهڻو ڪري ٻاهرين لباس تي زور ڏيندا آهن ۽ عام مسلمانن کان ڏاڙهيو ڊگهيون ڇڏيندا آهن؛ يعني اصلي مسلمان نه هئڻ ڪري مذهب جي ٻاهرين ڏيک ويک تي وڌيڪ ڌيان ڏيندا آهن. هي نوان هندو صوفي به ائين آهن.“

سام چيو: ”ڪنهن حد اندر اٽڪي پوڻ صوفيءَ جو مذهب نه آهي. صوفي جيڪو صوفيپڻو رکي ٿو سو اڃا سچو صوفي نه آهي. جيڪو حق جي ڳولا ۾، اکرن جي اوٽ وٺي هلي ٿو سو حقيقت کان دور رهجي وڃي ٿو. سڀ ڪنهن ڌرم يا مذهب جي شروعات آزاد خيال واري کوج منجهان ٿئي ٿي. مگر پوئلڳن جي تنگدلي سبب مذهب ۾ ’پڻو‘ پيدا ٿئي ٿو. اسان کي گهرجي ته هندو يا مسلمان هوندي به ’هندپڻو‘ يا ’مسلمانپڻو‘ نه رکون. صوفي ۽ سچا ويدانتي هر هنڌ ساڳيو برهم ڏسن ٿا!“

***

 

 

30-7-1951ع گهاڙ ڀر واري فقير جي آستان تي ويهي، باغات ۽ وڻراهه اتساهه واري اثر هيٺ اچي، منشي اسان جي ڇوڪري (جو اڳ هڪ ٻائو هو) سام کي چيو؛ ”سائين ڪنهن وڏي سئَر تي هلو؛ هت جنجال ۾ پيا آهيون. هلي ڪا سنتن جي صحبت ڪريون.“

سام کيس کلي چيو: ”ضرور هلنداسين!“

وري جڏهين منشي ٻاراڻي نموني زور لائي چيو ته سائين جلد ڪيڏانهن هلو؛ تڏهين سام چيس: ”هي به ته هڪڙو سئَر آهي! محبت جو ميوو هتي ئي کائي وٺ؛ ٻئي هنڌ هلڻ ۾ ڇا فائدو ٿيندو؟“

منشي وراڻيو: ”سائين، هتي ڪجهه نه آهي. توهان چوندا آهيو ته بدريناٿ ۽ ٻين آسٿانن تي هلنداسون؛ مان به انڪري ٽڪاڻو ڇڏي اوهان جي ڪڍ لڳو آهيان ته ڪيڏانهن هلي جيون سڦلو ڪريون.“

تڏهين سام کيس هڪڙي ڳالهه ٻڌائي: ”هڪ پينو فقير گهوڙي تي سوار ٿي، تڙ تي گهوڙي کي پاڻي پئارڻ لاءِ آيو. کوهه تي نار چڙهيل هو جنهن جي رينگٽ ڪري گهوڙو ڇرڪيو ٿي ۽ نيسر ۾ منهن ئي نٿي وڌائين. فقير تڙ جي مالڪ کي چيو، ائٽ جهل ته رينگٽ بند ٿئي جو ائين گهوڙو پاڻي نٿو پيئي! هاڻي جي رينگٽ بند پيو ٿئي ته پاڻي به بند پيو ٿي وڃي؛ جي ائٽ گڙي پيو ته رينگٽ به پيو ٿئي! فقير ڪئن ڀيرا ڪوشش ڪئي پر گهوڙو پاڻي ئي نه پيئي؛ تڙ جي مالڪ تڏهين هڪل ڪري چيس: فقير! جي گهوڙي کي چڪو پئارڻو اٿئي ته لڪڻ هڻي، انهيءَ رينگٽ وچان پئاري وٺينس! مطلب ته سنسار جو رينگٽ پيو هلندو پر نفس کي لڪڻ هڻي. اتيئي مزو وٺي سگهجي ٿو، نه ته بدريناٿ به شايد مشڪل ملندو. راز جو رس جي پي ڄاڻن، سي جتي ڪٿي پيا پئن!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org