21-10-1953ع اسان وٽ رهندڙ هڪ ڇوڪري جو پيار هڪڙيءَ ڇوڪريءَ سان
ٿي ويو آهي. هو هن کي ماءُ يا ڀيڻ يا نياڻي ڪري
سڏيندو آهي، مگر پاڻ ۾ سڪ بيحد اٿين جيستائين هڪ
ٻئي سان نه ملن يا ويجها ويهي ڳالهيون نه ڪن
تيستائين بي چين پيا لڳن. مون ڇوڪري کي سمجهايو ته
پاڻ کي ڇو بيحال ٿو ڪرين؟ جتي ڪٿي وتين نيون
نياڻيون ـ دين جون ڀينر ٺاهيندو ۽ پاڻ ڦرائيندو.
خاص ڪري ان ڏينهن جو منهنجو ڏنل هنداڻو پاڻ نه
کاڌائين ۽ ٻه اڌ ڪري هڪڙو ان نئينءَ ڇوڪريءَ کي ۽
ٻيو اڌ هڪ اڳين ڌرم جي ڀيڻ کي ڏئي آيو، ته مون کي
دک ٿيو. چيو مانس ته منهنجي هٿ جي شيءِ ڏنل مان
گهٽ ۾ گهٽ پاڻ به ڪو ذرو کائين ها! سام جڏهين اها
خبر ٻڌي تڏهين چيائين: ”مون سمجهيو ته فقط هڪ ٽڪرو
هنداڻي جو ڏنائين؛ پر مان هينئر خوش آهيان جو ٻئي
ڀاڱا ڏيئي ڇڏيائين. البت ائين به سچ آهي ته تنهنجي
ڏنل شيءِ مان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ به ڪو ذرو کائي ها
حقيقت هينئن آهي ته پريم هر حالت ۾ پاڪ آهي، چاهي
ڪنهن سان به بڻي ۽ ڪهڙي نموني جوبه هجي؛ فقط سچو
يعني قربانيءَ کان نه هٽندڙ هجي. پريم جو سچو مطلب
ئي اهو آهي ته پنهنجي شخصيت يعني آپي کان ڪري وڌيڪ
ڪشادي ميدان زندگيءَ جي ۾ اچجي. جو انسان پنهنجي
اولاد زال، متر، دوست، يا ساٿيءَ سان سچو پريم رکي
ٿو، اُهو ازخود پنهنجون گهرجون گهٽائي انهن جون
اڳي ڪري ٿو ۽ انهن جي بوجن کڻڻ لاءِ ساگي چنتا رکي
ٿو جا اڳ فقط پنهنجي پيٽ پالنا يا سک لاءِ هيس.
هاڻي، انهيءَ ۾ چئو ته ڪهڙي برائي آهي؟ سنساري
انسان جي پٿر جهڙي من کي پريم ڳاري نرم ڪري ٿو؛
شخصيت جي سوڙهي دائري مان ڪڍي خيال کي وسيع ڪري
ٿو. اهڙيءَ طرح پريم شخصيت کان وڌي ايشور سان خود
ميلاپ ڪرائي ٿو. تنهن ڪري ئي چيو اٿن ته مجازي عشق
حقيقي عشق جو هڪ ڏاڪو آهي. حقيقت ۾ فقط ڏاڪو نه
آهي پر ڏاڪڻ جي چوٽي به آهي. اها ساڳي شيءِ خود
آهي؛ راهه به ته مقصد ڀي آهي. سڀ شيءِ ۽ سڀ جيءَ
کي هڪ آتما ڪري ڏسڻ ۽ انهن کي سمان سمجهڻ، انهن
سڀني سان پريم رکڻ، سو سڀ کان اونچ درجو آهي. تنهن
کان پوءِ درجو انهن جو آهي جيڪي ماڻهو انسان ذات
سان يا فقط پنهنجي وطن سان محبت رکن ٿا ۽ انهن جي
شيوا ڪن ٿا؛ جيڪي ماڻهوءَ وري فقط پنهنجي گهر ٻار
يا مترن سان فقط گهاٽو پريم رکن ٿا، سي به پريمي
آهن ۽ انهيءَ انسان جي ڀيٽ ۾، جو فقط پنهنجي پالنا
پيٽ پالنا يا نفس جي خواهشن لاءِ جيئي ٿو، ۽
اولاد، دوست وغيره کي نٿو ليکي، سندن درجو اونچو
آهي. آخر محبت جي لهه وچڙ سان ئي انسان پاڻ مان
يعني پنهنجي خود مطلبيءَ جي کوه مان ٻاهر نڪري ٿو،
پوءِ اها محبت ڪنهن سان به کڻي هجي.“
***
مون وري ٻيو دفعو ڇوڪري کي سمجهايو ته جنهن صورت ۾ ٻيءَ ذات
واريءَ ڇوڪريءَ سان تنهنجو حياتيءَ لاءِ ناتو به
ڪونه بڻي سگهندو ۽ جڏهن توکي اها تمنا به ڪانه آهي
ته مان کيس پنهنجو ڪريان ته پوءِ ڇا لاءِ ٿو پاڻ
کي ۽ هن کي رولين؛ ڇا لئي ٿو اهڙي راند ڇيڙين جنهن
مان آخر ارمان کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿئي؟
ڇوڪرو فقط ٿڌا ساهه کڻڻ لڳو ۽ منهنجي ڳالهه جو
ڪوبه خاطر خواهه جواب ڪونه ڏنائين.
سام چيو: ”هنن حالتن ۾ منهنجي به کيس اها صلاح آهي ته گهٽ م گهٽ
ڇوڪريءَ جي بهبوديءَ لاءِ انهيءَ ناتي کي ٽوڙي
ڇڏي؛ سندس سچي محبت خود اهڙي تقاضا ڪري ٿي. مگر
حقيقت ۾ ڏوهه ويچارن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو ڪونه آهي،
جهَل وچان ڪي رسمون انسان ذات پاڻ تي مڙهيون آهن،
جي الاهي قانون جي برخلاف آهن. پريم هڪ اُتپتيءَ
سان واسطو رکندڙ چيز آهي جا تن من ۽ آتما جي خود
خوراڪ آهي. پريم هڪ الاهي سوغات آهي؛ ڇوڪرن ۽
ڇوڪرين جي وچ ۾ ذات پات يا ملڪ جي حد کان ٻاهر به
پيدا ٿي سگهي ٿو. اسان جي سماج کي اهي ٻنڌن ذات جا
ريت رسم جا ٽوڙڻ نٿا وڻن جيتوڻيڪ اُهي گهڻي ڀاڱي
نه فقط بيڪار ثابت ٿيا آهن پر انسانيت جي خلاف
آهن. ائين شايد هجي ته هن حالت جي جهل ۽ گمراهيءَ
واري ماحول ۾ انهن مان ڪي ٻنڌن اڻ آزمودگار، نون
سامايلن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ چڱا آهن؛ پر جن جو
جو من جاڳرت آهي، جن جي دل زندهه آهي، انهن جي
لاءِ هيءَ حياتيءَ، ريت رسم سان جڪڙيل، ڪهڙي نه
اهنجي ٿيو پوي، اگرچ سچي پريميءَ لاءِ هر حالت ۾
خوشي ۽ آنند آهي! جيڪڏهين سچو پريمي انهن ٻنڌن کي
بيڪار سمجهي تڏهين به سندس مزو پريم جو ٽٽڻ نه
کپي. هو قربانيءَ ۾ اُهو مزو من جو وڌائي سگهي ٿو؛
هر حالت ۾ پنهنجي فرض ادائيءَ پيو ڪري، چاهي اهو
ناتو پريم جو يا پري کان ڏسڻ پسڻ جو به قربان ڪرڻو
پويس. عشق وارن کي هر هميشہ دل اندر سمايل آهي.
البت دنيا وارن جي حال تي ارمان آهي جو انهن هن
ڌرتيءَ کي خود انسان لاءِ هڪ قيد خانو بڻائي ڇڏيو
آهي.“
***
8-11-1953ع ريل گاڏيءَ ۾ هئاسون؛ وڻ ٽڻ ۽ ٻنين جا نظارا سهڻا
ڏسي، سام اُن ڇوڪري کي سندس پيار واريءَ ڇوڪريءَ
جو نالو وٺي چيو: ”اچ ته اها ڏيکاريونءِ! گاڏيءَ
جي دريءَ کان وڻن جي قطارن وغيره ڏانهن اشارو ڪري
هن کي چيائين: ”انهن سڀني شين ۾ اُها سونهن سمايل
ڏس. بلڪل ساڳي اٿيئي!“
ڇوڪري ٿڌا ساهه کڻي چيو: ”ڀوتار، چرچا ٿا ڪريو!“
تنهن تي سام چيس: ”مان قسم کڻي ٿو چوان ته هي چرچو نه آهي؛ اها
خود اُتي ئي آهي جا سونهن، جيڪو تجلو تون ڏسي موهت
ٿيو آهين؛ اها الاهي نور جو هڪ جزو آهي! هي قدرت
جو نماءُ به ساڳي نور جو ظهور آهي. اهو هت، هنن
سڀني شين ۾ سمايل سمجهه! اهو ڪنهن خاص روپ تائين
محدود نه آهي مگر هر روپ ۽ هر شيءِ ۾ سندس واسو
آهي! محبوب کي هٿ ڪرڻ جي تمنا سان پڻ قدرت سان
مليل انسان جي هڪ ذاتي خواهش آهي. مگر ان کي هٿ
ڪرڻ سو حقيقت ۾ آهي اُن ۾ پاڻ سمائڻ. جڏهين کيس هر
صورت ۾ ۽ هر شيءِ ۾ سڃاڻبو ۽ پاڻ هر صورت سندس ۾
سمائبو، تڏهن ئي پوريءَ طرح هن کي پائي سگهبو.
جيءَ سڀ سونهن اُها ساڳي تمنا پيدا ڪري ٿي. ان ۾
ڪا خيال جي ڪچائي ڪانه آهي، مگر اها خيال جي وڏائي
آهي! دک تڏهين ٿو پيدا ٿئي، جڏهين موهه وچان اسين
ان پريتم جي ذات کي سڃاڻي نٿا سگهون؛ نه ته حقيقت
۾ اها توسان سدائي ساڻ آهي. عشق کي وصل جي ڇا
پرواهه آهي؟“
مون انهيءَ ڳالهه تي اعتراض آندو ۽ چيم: ”اهو وري ڪهڙو پريم
چئبو جو ڪڏهين هن ڇوڪريءَ سان ته ڪڏهين هن ڇوڪريءَ
سان پيو لڳائي؟ وري ڪيترن ۾ اڳين کي وساري ۽ نين
جي ڪڍ پيو ڦري؟ هي ته نفس ٿو انسان کي رلائي.“
سام چيو: ”عشق هڪ پوتر آگ آهي، جتي ٻري اُهي نفس جلايو ڇڏي، هر
حالت ۾ سندس ستڪار ڪجي. ڪنهن به صورت ۾ ان مان
برائي پيدا ڪانه ٿي ٿئي. اهو حسن به الاهي نور
ڪڏهين هت ڪڏهين هت پيو وسي، مگر ذات ان جي ساڳي
آهي توڙي جو روپ انيڪ ٿو ڌاري. عشق جي ذات به هڪ
آهي. ڪٿي اونهو ڪٿي پترو، مگر آهي ساڳيوئي عشق.
پريم تن ۽ من جي اُڇا ترن خواهشن کي نٿو چئجي. مگر
اُن اندروني اڪير کي اسان چئون ٿا، جنهن ۾ پاڻ
پنهنجو اول ڀلي وڃي ٿو ۽ نفس صفا مري وڃي ٿو. عاشق
پنهنجي محبوب تي سر به صدقي ٿا ڪن. پريم جي پريکشا
آهي قرباني؛ تنهنڪري عاشق هرو ڀرو ڪنهن خواهش پوري
ڪرڻ جي تمنا رکن نه معشوق کي ان لاءِ ستائن ٿا.
ٻين جي خوشي کي هو لتاڙڻ نه ٿا گهرن، پر جي معشوق
جي خود ڏسڻ پسڻ به کين روڪيو وڃي ته هو ان ۾ الله
جو امر سمجهن ٿا، پاڻ کي سڪائڻ سان به هو گويا جڳ
۾ سرت سڪ جي سمائن ٿا ۽ آخر سُڪي سُڪي پنهنجي نفس
کي نابود ڪن ٿا. هر جڳهه ۽ هر صورت ۾ هو يار کي
سڃاڻي اُن کي ئي سجدو ڪن ٿا. اها ظاهر ۾ گهڻائي
روپن جي خود هيڪڙائي حسن جي مان پيدا ٿئي ٿي، جو
هر جڳهه ساڳيو حسن سمايل آهي.
”هڪ ڪڙميءَ جي ڳالهه آهي جو هڪ بزرگ وٽ آيو ۽ کيس اچي چيائين ته
مون کي طالب ڪريو ۽ الله سان ملايو. ان بزرگ اهڙو
سادو سوال ٻڌي کيس چيو: تون ڇا ڪندو آهين؟ هن
وراڻيو ته مان ڪڙمي آهيان ۽ کيتيءَ جو ڪم ڪندو
آهيان. کائنس مرشد پڇيو ته تنهنجي ڪهڙيءَ شيءِ سان
محبت آهي؟ ڪڙميءَ چيو ته مون کي ڏاندن جو هڪ جوڙو
آهي جن سان منهنجي سڀ کان گهڻي محبت آهي. تڏهن ان
بزرگ چيس: ”الله جي صورت به بلڪل ڏاند وانگر آهي؛
تون سٺي رستي تي آهين؛ فقط پنهنجي عشق کي پڪو ڪر!“
پوءِ کيس هڪ سوڙهي دروازي واري جاءِ ڏيکاري چيائين
ته هت ويهي تون الله جو ڌيان ڪر ۽ اُن جي صورت پاڻ
اندر سماءِ.
ٿورن ڏينهن بعد اُن بزرگ وري اچي کائنس پڇيو ته ڇا حال آهي؛ هن
کي ٻاهر اچڻ لاءِ سڏيائين ته هو جلد اُتان نڪري
آيو. تڏهين مرشد کيس چيو اڃا تنهنجو خيال پڪو نه
آهي! وري وڃي الله جي صورت پاڻ ۾ سماءِ! ڪجهه عرصي
بعد ان بزرگ سمجهيو ته هاڻي هي پڪو ٿيو ٿو
ڏيکارجي. سندس آزمودي وٺڻ لاءِ کيس سڏ ڪيائين ته
ٻاهر نڪري اچ. تڏهين طالب چيو: ’مرشد سائين، در
سوڙهو آهي. ٻاهر ڪيئن اچان؟‘ هون پاڻ کي هڪ ڏاند
مثل وڏو سڱيارو سمجهڻ لڳو! تڏهين هن کيس الله جي
ذات جو سچو گيان ڏنائين ۽ چيائين: ’پاڻ کي پنهنجي
پريتم سان هڪ بنائڻ سوئي رستو کيس هٿ ڪرڻ جو آهي.‘
ڀلا پنهنجو پاڻ ان ۾ گم ڪرڻ يعني نفس کي مارڻ سو
ڪيئن ٿو خراب ٿي سگهي؟ ڏاند يا ڪنهن انسان جي صورت
دل ۾ سمائي يا نرگڻ روپ الله جو ڌيائي، سامڙيوئي
ساڳي ڳالهه آهي. جنهن کي مجازي عشق چئجي ٿو، سو به
نفس کي مارڻ لاءِ ساڳيءَ ريت ڪارگر ٿئي ٿو؛
تنهنڪري ئي مون چيو ته عشق هر صورت ۾ پاڪ آهي.“
مون چيو: ”مون کي اها ڳالهه پوري سمجهه ۾ نه آئي ۽ نه اهو ٺيڪ
ٿو لڳي ته اهو اسان جو ڇوڪرو يا ڪو ٻيو پريم جي
بهاني هِن هُن ڇوڪريءَ جي ڪڍ رلندو رهي. منهنجي
اعتراض جو سبب اهو آهي جو هن ڇوڪري جي هلت ڪچائيءَ
واري آهي: اهو قربانيءَ جو انگ منجهس ڪونه ٿي
ڏسان، جنهن جو توهان ذڪر ڪريو ٿا. پريم لاءِ
قربانيءَ ته خوشي پيدا ڪندي آهي. مگر هن جي منهن ۾
اُها خوشي ڪٿي آهي؟“
سام چيو: ”اهي ڪامل عاشق جون منزلون آهن. جيڪڏهين ننڍڙن انسانن
۾ اهي نشانيون اڃا ظاهر نه آهن ته ائين به نه
سمجهڻ گهرجي ته اهي اصل پيدا نه ٿينديون. ائين
ڄاڻڻ کپي ته سڪ اهو هٿوڙو آهي جو هن من جي پهاڙ کي
هوريان هوريان ڳاري، آخر واريءَ جا داڻا ڪري ڇڏي
ٿو. اسان جو سڪ وارن کي سلام آهي!“
جڏهين گهر موٽي آياسين ته انهيءَ ئي رات جو اتفاقاً هڪ ڪتاب
منهنجي هٿ آيو. مون ساڳي قسم جون ڳالهيون ان مشهور
ڪتاب نويس جون پڙهي سام کي ڏيکاريون. سام کلي چيو:
”چئبو ته توکي پڇاڻ پوري نه آهي؛ جڏهين ٻئي هنڌان
توکي تصديق ملي ٿي، تڏهين تون سچ کي سڃاڻين ٿي،
مگر پهريائين اسان جي ڳالهين جو ملهه ڪٿي نه ٿي
سگهين!“
***
3-12-1953ع مٿي ڄاڻايل ڇوڪري جي پيار جو ذڪر وري به ڪريان ٿي.
هو چوندو آهي ته اها ڇوڪري منهنجي نياڻي آهي ۽ کيس
’امان‘ ’امان‘ ڪري پڻ سڏيندو آهي. مگر سندس
انتظاري ۾ جسماني جوش ۽ طلب جي تاس ڏسي ماڻهو ان
ڳالهه جي هسي ڪندا آهن ۽ سام پڻ چوندو آهي ته
منجهس ڪا لڪل ڪچائي خيال جي ضرور آهي، جيتوڻيڪ هن
جا هاڻوڪا واسطا هن ڇوڪريءَ سان خراب نه آهن. ان
ڇوڪريءَ جي نانءَ ڳنهڻ وقت ڇوڪرو سندس نالي پٺيان
’بادشاهه‘ اکر شامل ڪندو آهي. تازو سندس ٿوري وقت
لاءِ جدا ٿي وڃڻ تي ڇوڪري جي منهن ۾ گهڻو ناراضپو
۽ ڪروڌ نظر آيو؛ ڄڻڪ گهر دوستن ۽ خود پاڻ سان
بيزار آهي. پنهنجو غم ٽارڻ لاءِ صبح ۽ شام نشو ڪري
پاڻ کي ويساري جي حالت ۾ رکڻ جي ڪوشس ڪري ٿو؛ کاڌو
پيتو به گهٽ ڪري ڇڏيو اٿس. سام کيس گذريل رات چيو:
”ذرا غور ڪر؛ تون پنهنجي پياريءَ کي بادشاهه ڪوٺين
ٿو؛ بادشاهن سان جن جا ناتا بڻندا آهن سي ته
سدائين پاڻ کي شاهوڪار سمجهندا آهن. عشق جي
بادشاهيءَ ۾ هميشہ خوشي ئي خوشي آهي. پنهنجي خيال
جي چڪاس ڪري ڏس، متان عشق جي بادشاهيءَ ۾ نه پر
نفس جي ملڪ ۾ وڃي واسو ڪيو هجيئي! عشق جا پوڄاري
ته سدا مست رهندا آهن ۽ نه تو وانگر ڦريا ماريا
نظر ايندا آهن. پريم تنهنجو ته گهٽ ۾ گهٽ تو وٽ
آهي. اهو ڪنهن توکان جدا ڪونه ڪيو آهي. جي سچو هجي
ته ان مان سڳنڌ سچ جي ڇو نه ٿي اچي؟ هي ڪروڌ ۽ رنج
جي بدبوءِ ڪٿان ٿي اچي؟ پيڙا جيڪا تنهنجي منهن ۾
ظاهر آهي سا ڏيکاري ٿي ته تنهنجي پريم ۾ ڪا
گهٽتائي آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان ائين نٿو چوان ته غم ڪو عاشقن کي ڪونه ٿيندو
آهي. مگر اهو غم نرالو آهي. اهو پورن آنند جو فقط
ٻيو نالو آهي، جنهن ۾ نه خفقان هجي ۽ نه ماڻهو ڇتو
ٿي پوي. اهو الاهي غم صبر ۽ دل جو صلح وڌائيندڙ
آهي. منجهس ٻين شين جو ترڪ هن ڪري آهي جو من ٻين
ڳالهين کان پاسو ڪري هڪ محبوب جي خيال ۾ گم ٿيڻ
گهري ٿو. حقيقت هيئن آهي ته سڪ ڪوڙ ۽ ڪچ کي ڪوري
ٻاهر ڪڍي ٿي، جنهن ڪري سڪ وارن جو چهرو سدائين صاف
۽ نرمل رهندو آهي. پر تون ته ڀائي اهڙو منهن بڻائي
ٿو گهمين، جيئن چوندا آهن ته ڪا ٻلي ماري ويٺو
آهين.اُٿ! جاڳ! جي سچو عاشق آهين ته ڪپٽ ڇڏ!
تنهنجي پياري توسان ئي آهي. هي بت ناسونت آهي جو
عمر وڌڻ تي ڪروپي بڻجي ٿو پوي. ان بت جي چاهنا رکڻ
سچو عشق نه آهي!“
***
24-12-1953ع مان سام سان گڏجي صوفي صاحب جي گهر ويس. سام کي اڄ
ڪالهه ٻين پوزيشن رکندڙ دوستن جي سنگت کان صوفي
صاحب سان ملڻ وڌيڪ وڻندو آهي. خاص ڪري هن جي
سادگيءَ جو نمونو ۽ سندس نياڻيءَ، جنهنکي سام
پنهنجي نياڻي ڪري سمجهندو آهي، تنهنجو چاهه ڏسي هن
کي صوفي صاحب وٽ وڃڻ وڌيڪ وڻندو آهي. ٿورا ڏينهن
اڳ سندن چلهه تي، باهه جي اڳيان، هيٺ ويهي جڏهن
چانهه پي آياسين (ان وقت خاص ڪو گيان جو گفتگو به
ڪونه ڇڙيو هو) تڏهين گهر اچڻ تي مون سام کي چيو:
”دير ٿي ويئي اٿو! هن وقت توهين سنڌيا تي ويهندا
يا موکان سکمني صاحب ٻڌاندا؟
سام جواب ڏنو: ”پريئر ته اڄ ٿي چڪي آهي.“
سندس مطلب اهو هو ته صحبت ۽ سانت جون گهڙيون جيڪي صوفي صاحب جي
تڏي تي گذاريونسين سي خود پريئر جون گهڙيون هيون.
صوفي صاحب جي گهر پهريائين وڃڻ وقت ڏٺوسون ته صوفي صاحب پاڻ گهر
۾ ڪونه هو. ان ڪري سام مون کي چيو ته تون ٿوري دير
سندس گهر جي ماڻهن سان ويهه ته مان ڪجهه ٻنين ۾
پنڌ ڪري اچان. سام البت دير ڪري موٽيو. مون کائنس
سبب پڇيو ته چيائين: پراڻو هڪ دوست مليو جنهن چيو
ته مان به توهان سان گڏجي هلڻ ٿو گهران ۽ جي توهان
کي اعتراض نه هجي ته ما ڪي سوال به اوهان کان
پڇان؛ پوءِ هن ڪي گيان جون ڳالهيون ڇيڙيون. واهه
جي ڀرتي، هڪ سهڻو آستان ڏسي ڳچ دير ويهي رهياسين.
مون تڏهين سام کان پڇيو ڪهڙيون ڳالهيون ڇڙيون ۽ ڇا
ڇا ڳالهايو، سو مون کي ٻڌايو. اهي ڳالهيون وري ياد
ڪري سام مون کي ٻڌايون: سام کان ان دوست پڇيو
توهين هت ڪيئن آيا آهيو؟ سام کيس چيو ته صوفي صاحب
اسان جو جهونو دوست آهي، ان سان گهڙي کن رهاڻ ڪندا
آهيون. پر هو هن وقت گهر ۾ ڪونه آهي؛ جنهنڪري ٿورو
پنڌ ڪرڻ وڃون ٿا.
تڏهن ان پريميءَ پڇيو: ”رهاڻ توهان کي ڪهڙي وڻندي آهي؟ ۽
پهريائين رهاڻ چئو ڇاکي ٿا؟ جنهن کي اسين عام طرح
روح رهاڻ چئون ٿا”؟ اهو سچ پچ ته من جو ڀٽڪڻ آهي ۽
خيال کي اجايو ڊوڙائڻو آهي. ڪتاب پڙهڻ، گيان جا
نڪتا ڳولي ٻڌائڻ، هن هن ڳالهه تي رايو ڏيڻ سو خيال
جو ڀٽڪڻ ئي آهي. ان کي توهين رهاڻ ٿا چئو ڇا؟ سام
چيو: ”اسين ٻيو ته ڪجهه ڪونه ڪندا آهيون؛ چپ چاپ ۾
ڪڏهين چانهه پيئندا آهيون يا ڪا اتفاقي ڳالهه نڪري
ته ان جو جواب ڏبو آهي نه ته ڪو گيان گوشٽ سعيو
ڪري ڪون ڇيڙيندا آهيون. هاڻي توهين اسان کي ٻڌايو
ته سچي رهاڻ ڇا آهي؟“
هن وراڻيو: ”هيءَ آتما ديهه کان نياري آهي؛ جيتر پاڻ کي ايڪانت
۾ ويهي ديهه کان جدا نه سمجهبو ۽ سڀ کان پري ٿي
ڌيان پرماتما جو نه ڪبو، تيستائين نه من ٺڪاڻي
ايندو نڪو سنگ يا سچي رهاڻ ٿيندي؛ نه آنند ئي من
کي ملندو.“
سام کيس چيو: ”جدا ٿيڻ جي هروڀرو ضرورت نه آهي. جڏهين گيان پورن
ٿئي ٿو، تڏهين جسم ئي نظر نٿو اچي؛ هي سڀ ان کي
آتما جو پسارو نظر اچي ٿو؛ تڏهين سڀ پاڻ ئي پاڻ
پيو نظر ايندو. پوءِ ان کي اڪيلائيءَ جي يا جسم
کان جدا ٿيڻ جي ڪا گهرج ڪانه آهي. گهمندي، کائيندي
پيئندي،. ڳالهائيندي يعني هر حالت ۾ آتما پر ماتما
جي سنگ ۾ رهي ٿي.“
ان دوست چيو: ”اهو تڏهين ٿيندو جڏهين ڪو ڪامل گرو هٿ ايندو ۽
اهڙا ساڌن ڪرائيندو؛ ساڌن کانپوءِ گيان جي اک
کلندي. تڏهين ٻيو ڪجهه برابر نظر ئي نه ايندو.“
سام کيس چيو: ”گرو به هڪ ذريعو يا بهانو بڻجي ٿو؛ ڪامل گروءَ جو
سنگ پريم ۽ شرڌا وڌائي ٿو. تنهنڪري پريم ۽ شرڌا
خود گرو ٿي سگهن ٿا. گيان جي اک پريم کولي ٿو جيئن
شاه صاحب چيو آهي: ’سڪ رساڻي اصل عاشقن.‘ سڪ يا
شرڌا خود گرو آهي!“
ان پريميءَ چيو: ”گروءَ جي ڏس کان سواءِ ڪيئن ٿو ماڻهو گتيان
پائي سگهيئ شرڌا ۽ پريم گيان کانسواءِ انڌا آهن.“
سام چيو مگر اهي گيان رهت نه آهن پريم ۽ شرڌا خود گيان پاڻ ۾
سمائن ٿا. پائي ڪمر جو گرو سنت رامداس هو. اهو هڪ
برهمڻ هو ۽ ظاهر ۾ ڌرم جي پائبندي رکندو هو. ڪنهن
مسلمان يا اڇوت کي نه ڇهندو هو. اهو سندس ٻاهريون
طريقو يا هڪ قسم جو لڪ هيو. ڪبير کي موقعو نه ٿي
مليو ته ان وٽ وڃي گر منتر وٺي. آخر جنهن واٽ سان
اهو سنت اسر جو روز اشنان ڪرڻ لگهندو هو، ان واٽ ۾
وڃي ڪبير ڪپڙو پائي سمهي پيو ته اڪيلائيءَ ۾ اسر
جو ساڻس ملندس. جيئن ڪبير کي اوندهه ۾ سنت رامداس
جي پير جو ٿڏو لڳو ۽ سنت کيس هي اکر چيا، ’اوٺو
ڀائي رام بولو!‘ تيئن ڪبير کي گيان اچي ويو. هن کي
انهن اکرن ۾ گر منتر ملي ويو ۽ هن جو يقين ٿي ويو.
سندس پير جو ڇهڻ سو گويا کيس آسيس برابر لڳو. هو
ان کانپوءِ سوامي رامداس کي گرو ڪري سمجهڻ لڳو.
سندس گروءَ کيس ٻيو ته ڪجهه ڪو نه سيکاريو. تنهن
ڪري گروءَ کي فقط پريم جاڳائڻ جو بهانو ڪري
سمجهيو. اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ جي هڪ ڳالهه آهي؛
چون ٿا ته هو هڪ رستي تان لنگهيو ٿي، جڏهين هڪ
ريڍار ڏٺائين جو الله کي غلط نموني پڪاري رهيو هو
۽ سڪ مان الله کي چيائين ٿي ته اي دوست تون مون وٽ
اچ ته مان توکي پنهنجن رڍن جا کير پياريان؛ ڏڌ مکڻ
۽ ماني کارايا! حضرت موسيٰ سمجهيو ته هي ڪفر پيو
ڪري، ڇا لاءِ جو الله بي چون ۽ بي مثل آهي. تڏهين
هن کي پنهنجو غلط راه تان موڙڻ لاءِ کيس صحيح
وصفون خدا جون ٻڌايائين. هن ريڍار جي دل کي صدمو
پهچي ويو ۽ هن الله سان رهاڻ ئي بند رڪي ڇڏي. چون
ٿا ته حضرت موسيٰ کي انهيءَ وقت الاهي اعلان ٿو ته
’اي دوست منهنجا! تو هي ڇا ڪيو؛ منهنجي هڪ عاشق کي
مون کان جدا ڪري ڇڏيءِ!‘ هنن مثالن جو مطلب هي آهي
ته ان ريڍار کي يا ڪبير ڀڳت کي وڏي گيان يا لڪل
علم ۽ فيلسوفيءَ جو ڪو راز ڪونه بتايو ويو هو. مگر
هنن جي شرڌا ۽ پريم سندن لاءِ سچي گيان جو خزانو
کولي وڌو ۽ ان پريم دوارا وڃي آتما پرماتما سان
ملي. تنهن ڪري پريم کي خود گيان سمجهيو ۽ پريم کي
ئي گرو ڪري سمجهو.“
ٻيو سوال جيڪو هن دوست اٿاريو، سو هي هيو: ”آتما اصل ڇا آهي؟
پهريائين جو چون ٿا ته آدپرش الڳ، نيارو يعني واحد
هيو، تنهن پوءِ پنهنجي خوشيءَ لاءِ هيءَ مايا يعني
ڪثرت ڪيئن رچي؟ اهو الڳ روپ ڪهڙو هو؟“
سام کيس چيو: ”ڀائي هي ڳالهيون شايد توهان ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيون
آهن. گهڻائي ڪتاب ۽ گهڻائي فلسفه دنيا ۾ آهن. پر
ائين سمجهڻ ته پهريائين پرماتما هن مايا کان الڳ
هو ۽ ڪنهن سمي کانپوءِ هي روپ رچيائين، سا ڪنهن
گيان جي تجربي جي ڳالهه نه آهي. ڀلا توهان ئي
ٻڌايو ته ڪهڙيءَ صديءَ يا سمي ۾ هو الڳ هو ۽ ڪڏهين
کان وٺي هي جهان جوڙيائين؟ انهيءَ ’پهريائين‘ يا
’پوءِ‘ جو مطلب فقط اهو ٿي سگهي ٿو ته اتيئي پاڻان
ٻاهر اچي ٿو يا ڦول مثل پنهنجي مکڙيءَ مان ٽڙي
ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري ڦول مثل ٻج ڪري يعني پنهنجي
هستي سميٽي سوڙهي ڪري اصلوڪي روپ وٺي ٿو؛ مطلب ته
وحدت مان ڪثرت ۾ ڪثرت مان وحدت ۾ اچي ٿو. مگر مايا
سڄي سندس ئي آهي. جو ڪجهه آهي سو آڌ کان موجود
آهي. جيئن توَ کي باهه کان جدا ڪري نٿو سگهجي،
تيئن هيءَ مايا ايشور کان الڳ ڌيائي نٿي سگهجي.
اها ’پهريائين‘ يا ’پوءِ‘ ڪال ۽ ديس جي ويچار تي
ٻڌڻ هڪ ٻاراڻو خيال آهي؛ ائين چوڻ غلط آهي ته
پهريائين ايشور الک ۽ نرگڻ هو ۽ پوءِ هي گڻ ڌارڻ
ڪيا اٿس! جيئن پاڻي آلاڻ کانسواءِ ۽ سورج روشني بن
ڌيائي نٿو سگهجي. تيئن پرماتما هن مايا کان الڳ
ويچاري نٿو سگهجي. ايشور پنهنجي اتپتيءَ کان الڳ
نه آهي. جيو جسم سان ڳنڍيل آهي. هن پڙدي منجهارون
ئي جهاتي پائڻي آهي. الک انهيءَ سچيءَ مايا جي
پٺيان آهي. پر پٺيان اکر فقط هڪ خيال ظاهر ڪرڻ جو
نمونو آهي؛ ائين نه ته ڪا وٿي يا مفاصلو تصور ڪري
سگهجي ٿو. ايشور جي نرگن ۽ سرگن روپ ۾ ڪو ذاتي فرق
ڪونه آهي. اوهان کي پهريائين پاڻ کان پڇڻ گهرجي ته
مان ڇا آهيان ۽ منهن جو مقصد ڇا آهي ۽ انهيءَ
مقصد تي پهچڻ لاءِ مان ڇا ڪريان؟ ان ۾ سچي ڪرم ۽
گيان وارو فلسفو سمايل آهي.
”ٻيون ڳالهيون هتان هتان چونڊي انهن مان انومان ڪڍڻ سو آهي
خيالي بوتا گهڙڻ. هتِ هُت هٿوراڙن هڻڻ بدران سئيءَ
جي ڳولا ڌاڳي جي ڇيڙي مان ڪريو؛ ڌاڳو هٿ آيو ته
سئي پاڻهي هٿ اچي ويندي. توهين جيڪي سوال پڇو ٿا
تن مان ظاهر آهي ته توهان ڳالهين پڙهڻ يا ٻڌڻ ۾
مشغول رهيا آهيو؛ پنهنجي کوجنا خيال جي ڪانه ڪئي
اٿوَ.“
روح رهاڻ بنسبت سام کيس وڌيڪ هيئن چيو: ”روح رهاڻ جي معنيٰ اها
نه آهي ته عقل جا ويهي آڏا سوال پڇجن يا دليل بازي
ڪجي. دليل بازي ڪنهن حد تائين ڪارگر ٿئي ٿي، تنهن
کانپوءِ خيال انجي ٻنڌنن کان آزاد ٿي وڃي ٿو ۽ بنا
دليل بازيءَ جي ڳالهه ظاهر ڪري سگهي ٿو، فقط ٿورن
اشارن سان. جيڪڏهن پريم ۽ شرڌا موجود نه آهي ته
ٻڌائيندڙ ۽ ٻڌندڙ کي اهڙن دليلن مان ڪو به فائدو
ڪونه ٿو رسي. پريم، جنهنجي هڪڙي صورت اعتقاد يا
شرڌا به آهي، سو گيان جو سچو ماڻ آهي. تنهنڪري
گيان جي ڏي وٺ لاءِ محبت يعني سڪ واري سنگ جو
ذريعو ضروري آهي. روح رهاڻ ان کي چئبو آهي.“
*** |