سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 16

 6-10-1951ع گرڌاري ڪيترن ڏينهن کان ماني ڪرڻ ۽ ٻئي هٿ جي ڪم ڪرڻ کان ڪيٻائيندو آهي. اڄ کيس سام چيو ته توکي جلد ٻاهر زمين جي سنڀال لاءِ مهينو يا ٻه وڃڻو پوندو. پر شايد هميشہ لاءِ توکان رڌڻي جو ڪم ڇڏائجي.

سام تيرهن سال اسان وٽ رهيو آهي؛ کيس ڪجهه اظافو ملي ته چڱو ٿيندو، ڇا لاءِ جو هن کي تمنا آهي ته پنهنجو گهر ٻار ٺاهيان. تڏهن کيس چيائين: ”اَڄ توسان هڪ اڻ چيل ۽ اڻ ڪيل واعدو پاڙيون ٿا؛ جيتوڻيڪ اهڙو اقرار ڏنل ڪونه هو، تڏهن به اهو خيال ضرور تنهنجي ۽ اسان جي دل ۾ هيو ته هميشہ تون ڪو سخت پورهيا ڪونه ڪندو رهندين. هينئر جيڪڏهن سچائي ۽ وفائيءَ سان ڪم ڏيکاريندين ته اسان جو خيال اهو آهي ته توکي پنهنجا زمينداري ۽ گهرو ڪم وغيره سڀ سونپي ڇڏيون، ڇا لاءِ جو تون هاڻي وڏو ٿيو آهين ۽ اسان جي به دل گهري ٿي ته سنساري ڪمن کان بلڪل فارغ ٿيون؛ ۽ توکي هي هڪ قسم جو اضافو ڪري سمجهڻ گهرجي.

گرڌاري ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مونکي چيائين: ”ممي! مان اڄ کان وٺي مئنيجر ٿيو آهيان.“

سام کيس وڌيڪ چيو: ”جئن تون خوش ٿيو آهين تيئن اسان کي به خوشي ٿئي ٿي هر ڪنهن کي حق ڪرڻ ۾ خوشي حاصل ٿيندي آهي. جيڪو ماڻهو جنهن جاءِ جو حقدار ٿيندو آهي، اها انکي ملندي آهي ته مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي. جئن ڪو ڊکڻ پورو سل ڪڍي ان ۾ چوڙ فٽ ڪندو آهي ۽ انهيءَ جي ٺهڪي اچڻ تي خوش ٿيندو آهي توڻي جو سندس روز مزوري ڪو پورن سان ڪڍڻ ڪري ٽن مان چار روپيه ٿي ڪونه پوندو آهي، تئين اسان کي به خوشي ٿئي ٿي جو تون پنهنجي حق وٺڻ لاءِ تيار ٿيو آهين ۽ توکي هن نئين ڪم ۾ لڳايون ٿا، توڙي جو هن يا هن حالت ۾ اڄ ڪالهه زمينداري ڪم مان فائدو ٿيڻو ڪونه آهي.“

گرڌاريءَ مون کي چيو ته ممي! توهين دعا ڪريو، جيئن مان سچائيءَ جي رستي کان ڪڏهين ڦري نه وڃان!

مون کيس هيءَ هدايت ڏني: ”سچائي ۽ صبر جو رستو ڏسڻ ۾ ڊگهو ٿيندو آهي، پر سچ پچ سڀ کان ويجهڙو ۽ سولو آهي. ڪنهن وقت سختي ڏسي انسان سمجهندو آهي ته منهنجي لاءِ شايد هميشہ ائين ئي هوندو. پر اڌ رات کان پوءِ پره ڦٽڻ ۾ وڌيڪ دير ڪانه پوندي آهي. توکي پنهنجي نئين ڪم تي چڙهي ائين نه سمجهڻ گهرجي ته تڪليفن جو وقت پورو ٿيو؛ هوند وڌيڪ ڪشالا ڪري، پاڻ کي ڪامياب بنائڻ گهرجئي.“

ان ڳالهه تان خيال ڪندي مون ڪجهه مسخريءَ ۾ ۽ ڪجهه سچ ۾ سام کي چيو: ”ٻين سڀني سان وعدو پاڙيو ٿا، باقي مون هڪڙي سان ڪو نه پاڙيو اٿو!“

سام چيو: ”توسان وعدو پاڙڻ، سو سڄي جيون جو سوال آهي. پيا ٿا هوريان هوريان پاڙيون! تنهنجو وعدو به ته سڀني کان وڏو ۽ ڊگهي عرصي لاءِ ورتل آهي؛ سو ڀلا هڪ گهڙيءَ ۾ ڪيئن پڙي سگهندو؟ ڪجهه پڙيو آهي ۽ ڪجهه پاڙڻ جي ڌڻي همت ڏيندو.“

مون سام کي چيو: ”توهان مونسان گڏ آهيو ته مونکي سڀ ڪجهه آهي. اسان جي گڏجڻ وقت جن برخلافيون ڪيون يا گلائون ڪيون، سي به پنهنجي براين جو بدلو پيا ڀوڳن مان. ويٺي ٿي ايشور جا رنگ ڏسان ته ڪيئن هو انصاف ڪري رهيو آهي.“

سام چيو: ”اهڙي مراد رکڻ ئي چڱي نه آهي ته ٻيو ڪولوڙي؛ هر ڪنهن کي ايشور سان پاڻ منهن ڏيڻو آهي؛ اسان کي بدلي وٺڻ جو ڪوبه حق نه آهي، نه اسان کي ٻئي جي درشا  ڏسي خوش ٿيڻ گهرجي. مان انهن ماڻهن لاءِ اول دعا گهرندو آهيان، جن سان ڪڏهين به ڪا مخالفت ٿيندي آهي. اهڙيءَ طرح در آچار جي جڙ پٽجي پوي ٿي. تون انهن سڀني کي دعائون ڪندي رهه ته شل ڌڻي سندن واٽ روشن ۽ سهنجي بڻائي. ايشور جو قانون برپا آهي ۽ سندس انصاف اڻٽر آهي. پر اسان کي پنهنجي لاءِ ۽ ٻين لاءِ سدائين مهر جي طلب ئي ڪرڻ گهرجي، ان لاءِ ته انسان خطا جو گهر آهي؛ اسين سڀ خطا کان آجا نه آهيون. هو شل اسان سڀني کي پنهنجون مدايون معاف ڪري!“

***

 

 

7-10-1951ع صوفي صاحب جون حالتون، جن جو هت اڳ ذڪر ڪيل آهي، ڪجهه سڻايون ٿيون آهن. اڄ وري جيئن هو اسان وٽ ماني کائڻ آيو ته ميز تي پنهنجا احوال ورن ڪيائين  ۽ چيائين دعا ڪريو ته اهڙين چنتائن کان هميشہ لاءِ آزاد ٿجي.

سام چيو: ”توهان فقط دڳ مٽ ڪريو، پوءِ انهيءَ دڳ واريون مکيون ۽ مرض پاڻهي توهان کي ڇڏي ويندا. ڪتن جي نزد ۾ ڪتي جي مک پيئي ستائيندي آهي. پر جي نڪري پري هليو وڃبو آهي ته آخر اها ڇڏي ويندي آهي جي توهين چوندا ته پهريائين هي مکيون ۽ مرض ڇڏي وڃن ته پوءِ ڪنهن ٻئي دڳ ۾ نڪري هلون، ته اها ڳالهه اهنجي آهي؛ اول انهيءَ ماحول مان نڪربو ۽ من کي موڙي ٻئي پاسي لائيو، ڪنهن شيوا جي ڪم ۾ يا ادبي، اخلاقي مشغولين ۾ يا کڻي چئجي الله جي ڳولا ۾ خيال لڳائبو ته پوءِ چنتائن کان ڇٽڻ به سڻائو ٿي پوندو، اسان جو پنهنجو من ئي چنتائن جو گهر آهي.“

سام گفتگو ڪندي وڌيڪ چيو: ”مونکي به طيب ۾ گهڻا اهڙا زماني جا انتظار ڪڍي لڳل هئا؛ وقت بوقت الله کي پيو سوال ڪبو هو ته ڇوٽڪارو ملي. آخر جڏهين طيب جي ڪم ڪارين مان هٿ ڪڍيوسين ته اُهي سڀ هٽي ويا. توهين به ائين ڪريو؛ نيون وندرون پنهنجي لاءِ ڳوليو؛ ڇا لاءِ جو اسان جي چنتائن جي جڙ اسان جي چاهنائن ۾ آهي.“

صوفي صاحب وري شام جو اسان وٽ آيو ۽ گهرو ڳالهين جو ذڪر ڪندي چيائين: ”مان ته جيل وڃڻ لاءِ به تيار آهيان. سمجهان ٿو ته جيل ۾ مان جيڪر دکي نه ٿيان!“

سام چيو: ”اهڙا ويچار ئي نه ڪريو. ان جي بجاءِ باغن جا، گلن جا، ٽڪرين جا ۽ فقيرن جي صحبت جا سٺا ويچار رکو ته الله ڪندو اُهي ئي شيون توهان کي نصيب ٿينديون؛ جن تي خيال آرو ڪري ٿو، اهي ئي ڳالهيون اچي زندگيءَ ۾ موجود ٿين! خيال کي هڪ عجب قسم جي ڪشش آهي. نه فقط موجود شين کي پاڻ وٽ رکي ٿو پر پنهنجي طلب واريون شيون نيون پيدا ڪري سگهي ٿو؛ زهر مان امرت ۽ امرت کي زهر بڻائي سگهي ٿو. جي جيلن ۽ تڪليف جا خيال رکندو ته سچ پچ اُهي ئي حالتون اچي وينديون! خدا ڪري شل ائين نه ٿئي!“

صوفي صاحب جي وڃڻ کان پوءِ مون سام کان پڇيو: ”امرت مان زهر يا زهر مان امرت  ڪيئن ٿو خيال بڻائي؟“

سام چيو: ”اها اندروني تجربي جي ڳالهه آهي. اهڙا گهڻا مثال خيال جي ڪرامت جا ڏيئي سگهبا. هڪڙو توکي هي ٻڌايان ٿو؛ هڪ فرينچ ڊاڪٽر ڪنهن ڪيمسٽ جي دڪان تي ڪمپائونڊر هو. هڪ مريض کانئس دوا ٺهرائڻ آيو جا هو هميشہ ٺهرائي ويندو هو. ان ڏينهن هي ڪمپائونڊر کيس ڀل ۾ دوا ڏيئي ويٺو جا هن لاءِ بي حد نقصان ڪار هئي. سندس ايڊريس پڻ ڪانه هيس جو هو کيس اطلاع ڪري سگهي. جستائين وري اهو ماڻهو موٽي آيو تيستائين اهو ڪمپائونڊر ڏاڍو انتظار ۾ رهيو. سڀاڻي تي جڏهن هو دوا لاءِ آيو ته ڪمپائونڊر کائنس پڇيو:، دوا مان ڪو نقصان ته ڪونه ٿيو؟ هن چيو، نه! اهو هڪ قابل ڊاڪٽر جو نسخو آهي ۽ مونکي گهڻو فائدو ڪيو اٿس؛ تڏهين هن ڪمپائونڊر خيال ڪيو ته فائدو سندس اعتقاد مان ٿيو آهي؛ ورنه اها مٽيل دوا سندس لاءِ زهر هئي! پوءِ هن دنيا ڀر مشهور آٽو سجيسشن (Auto Suggestion) جو طريقو ايجاد ڪيو. ان جو منتر رکيائين: هر ويل ۽ ’هر روز مان اڳي کان بهتر ڀانيا ٿو.‘ (Every day & every hour I am getting better & better) اهو آهي هڪڙو ننڍڙو مثال زهر کي امرت بنائڻ جو. ان مان اهو به ثابت آهي ته جهڙا ويچار رکيا اهڙائي نتيجا نڪرندا.“

***

 

 

7-10-1951ع منشي کي سام چيو ته هي ماني ۽ چانور جيڪي بچايا اٿو سي زيان پيا ٿين. اُهي کڻي اچ ته ڪانون کي وجهون. جڏهين هو ماني وغيره کڻي آيو، تڏهين سام اهو خيال ڪيو ته ڀل پاڻ پکين کي ڏئي، جئن اڳتي لاءِ چڱي عادت پويس. منشي کي چيائين ته چڱيءَ طرح، شرڌا ڀاو سان، جيئن مندر ۾ پوڄا جي لاءِ شيءِ ٺاهي اچجي، تيئن هي چانور وغيره ٺاهي وڃي ڇانو ۾ رک ته ڀڳوان پکين جي روپ ۾ اچي پاڻ کائي وڃي! ٿوري دير بعد وري چيائينس: ”ڏس، ڪانو ڪيئن مزي سان پيا کائين!“

منشي کي اها ڳالهه رواجي لڳي، جنهن چيو: ”سائين“ کائيندا نه تڏهين ڇڏي ڏيندا؟“

سام کيس چيو: ”گيتا ۾ چيل آهي ته جو ڪک پن يا گاهه ئي مون کي شرڌا سان ڏئي ٿو، سو مان سويڪار ڪريان ٿو ۽ ڪنهن به ديو جي پوڄا ۾ شرڌا سان جو ڪجهه آڻي ٿو، سو به مون وٽ ئي پهچي وڃي ٿو! مطلب ته شرڌا ئي شيءِ کي ملهائتو بڻائي ٿي. ايشور وٽ تارازي اسان جي دان وغيره چڱن ڪمن جي تورڻ لاءِ ڪا نرالي رکيل آهي؛ آگهائي ته پاو نه ته مڻ به موٽيا وڃن! هن ڪرم جو ڦل ان ڪري مونکي نه ملندو جو اِهو آن يا چانور منهنجا آهن؛ مگر جيڪو شرڌا سان ڏيندو اُهوئي ڦل پائيندو. ايشور وٽ پڃ ڀاونائن يعني ارادن جي تارازي ۾ توريو وڃي ٿو ۽ نه شيءِ جي تور يا ملهه وغيره جو اُتي ڪو حساب آهي. هن آن ڏيڻ سان توکي به دان جو ڦل ملي سگهي ٿو ۽ مون کي به، جيتريقدر شرڌا سان اهو ڪم سٺي طرح اسين پورو ڪريون ٿا. ائين سمجهه ته اهو آن ڪانون کي نه پر ڪانون جي معرفت خود ايشور کي ڀيٽ اڪريون ٿا ۽ هن ساڳئي آن مان اسين ٻيئي شيوا جو ڦل وٺي سگهون ٿا. مون ارادو ڪيو ۽ تو اهو عمل ۾ آندو؛ جيترو پريم ڪرم ۾ وجهبو اوتروئي ڪرم سڦلو ٿيندو ۽ ٻنهين کي پنهنجي پنهنجي شرڌا آهر ڦل ملندو.“

***

 

 

ڪالهه صوفي صاحب جئن اسان وٽ چانهه ٿي پيتي ته پڇيائين: ”پيالي ۾ کنڊ وڌي اٿو يا نه؟“

سام کلي چيو: ”سڀ کان سٺي ڳالهه آهي پي ڏسڻ؛ پوءِ خبر پوندي ته مٺي آهي يا ڦڪيءَ.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”ڪسيءَ يا پڪيءَ شيءِ جي فقيرن کي ڄاڻ هئڻ نه گهرجي!“

سام وراڻيو: ”فقيرن کي ڄاڻ چڱائيءَ لڱائيءَ جي پاڻ وڌيڪ ٿيندي آهي، جيتوڻيڪ هو صبر سان ٻيئي برداشت ڪندا آهن. روحانيت جي سچي معنيٰ آهي ڪماليت، جنهن ۾ ڄاڻ جي به ڪماليت اچي وڃي ٿي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”مان سمجهندو آهيان ته فقير اهڙن تفاوتن جي ڄاڻ کان مٿي آهن.“

سام چيو: ”سو ان ڪري نه، ته ڪو احساس يا سمجهه منجهن گهٽ آهي؛ پر ان ڪري جو سندن هستيءَ جو مڪان اونچو آهي. جيئن ٽڪر جي چوٽيءَ تي بيٺل کي يا هوائي جهاز مان ڏسندڙ کي هيٺان ماڻهو بندرا يا ڊگها ڏسڻ ۾ نه ايندا آهن. تيئن فقير جي درشٽي به سک ۽ دل جي تفاوت تي ڪا نه ٿي رهي. روحاني انسان کي احساس آهي پر اهو وڌيڪ اونچن شين سان واسطو رکي ٿو. تنهن ڪري کڻي چئجي ته ڦڪيءَ، مٺيءَ يا ڪسيءَ پڪيءَ جي فقيرن کي ڄاڻ ڪونه ٿي رهي.“

***

 

ڍپوءِ ميٽنگ ۾ ٿورو پريم ۽ گيان مارڳ تي بحث هليو، اسانجي انجنير دوست چيو: ”هن ڪتاب (پنڇي ڪرڻ) ۾ گيان مارڳ تي زور ڏنل آهي؛ پر مان چوان ٿو ته ڪرم کانسواءِ گيان به هڪ قسم جو ڏس آهي؛ اُن تي جڏهين عمل ڪيو تڏهين ئي انهيءَ مان فائدو ٿيندو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”گيان فقط ڏس نه آهي. مگر مقصود منزل آهي. گيان جي حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن به ڪرم جي ضرورت نه ٿي رهي.“

سام چيو: ”مان سمجهان ٿو ته انسان جي اُڏار لاءِ ٻئي ضروري آهن. هڪڙو به گياني هجي ته ڪي عمل يعني ڪرم ضرور ڪندو هوندو؛ جيئن جيئن پنڌ ڪجي ٿو تيئن تيئن ڪرم يعني انهيءَ پنڌ مان ازخود گيان پيدا ٿئي ٿو ۽ منزل مقصود جو نظارو چٽيرو پسجي ٿو؛ ڪرم سان گڏ ڄاڻ جو واڌارو ٿئي ٿو ۽ جيئن ڄاڻ وڌي ٿي، تيئن ڪرم سولو ۽ سوکيم ٿيندو وڃي ٿو. پر جي پريم ٻنهي ۾ سمائجي ته ويتر معاملو سڻائو ٿي پوي ٿو. ڪرم ۽ گيان کي پريم جي طاقت جلد وڌائي پورڻ بنائي ٿي! تنهن ڪري پريم خود هڪ عمل ٿي پوي ٿو ۽ گيان سندس پاڇي مثل رهي ٿو. جيو آتما پريم آتما کي ڪرم رستي پائي يا گيان جي رستي هڊائي، پر مطلب ٻنهي جو آهي اُن سان هڪ ٿي وڃڻ؛ سان ڳالهه پريم ازخود حاصل ڪري ٿو. سچي پريميءَ کي سڀ گيان پاڻ اندر سمايل آهي. اُن اتم شڪتيءَ يعني ست چد آنند سروپ سان ملي وڃڻ کان پوءِ گيان جي گهٽتائي ڀلا ڪيئن رهندي؟ ميلاپ ۾ هڪ جزي کي نه فقط ٻئي جزي جي ڄاڻ رهي ٿي، پر ان سان گهرائپ ۽ هيڪڙائي ٿي وڃي ٿي.“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org