سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 17

16-10-1951ع ڪالهه ڊپٽي صاحب جي واتان هڪ عجيب ڳالهه نڪري ويئي، جنهن تي اسان کي هڪ  قسم جو ڌڌڪو اچي ويو. هن صاحب گفتگو ڪندي چئي ڏنو ته ٻيا وڪار ته مون کڻي جيتيا آهن مگر ڪروڌ باقي رهجي ويو اٿم.“

سام کيس چيو: ”اها ڳالهه ناشدني آهي ته سڀ وڪار جيتجي ويا آهن، باقي ڪروڌ هڪڙو وڃي بچيو آهي! جنهن ماڻهوءَ سچ جي شرن ورتي آهي، ڪام، لوڀ، موهه، اهنڪار يا ڪوڙ، دوئي، وير سڀ دل مان ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ نفس پنهنجو ماري ڇڏيو آهي، انهيءَ کي ڪروڌ ڪرڻ جو موقعو ئي ڪهڙو ملندو؟ ڪروڌ ڇا لاءِ ڪندو ۽ ڪنهن تي ڪندو؟ روحانيت جو واڌارو ڊگرين ۾ چثو کڻي ته ٿي سگهي ٿو، باقي ائين نه آهي ته هڪ طرف ڪماليت حاصل ڪري ٿو ۽ ٻئي طرف روح اڻ پورو رهجي وڃي ٿو. جيتري قدر نفس اڃا جيئرو آهي، اوتري قدر انهن سڀني وڪارن جي جاڳڻ جو هڪ جيترو امڪان آهي. ڇا لاءِ جو نفس يا آپو انهن سڀني وڪارن جي جڙ آهي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ائين ڀلا نه ٿو ٿي سگهي ڇا ته ماڻهو چوري ڇڏي ۽ ڪروڌ اڃا منجهس هجي يا ڪامي هجي پر چور نه هجي؟“

سام چيو: ”جن وڪارن مان چوري پيدا ٿئي ٿي، سي آهن، لوڀ ۽ موهه؛ جيڪڏهين لوڀ ڪنهن ۾ آهي پر چوري نه ٿو ڪري ته سو شايد ان ڪري هجي، جو کيس پرائي مال جي ضرورت اڃا نه آهي، يا عزت وڃائڻ جي ڀَو کان اها ضرورت محسوس ڪندي کليءَ طرح چوري ڪرڻ کيس اهنجو لڳي ٿو. مگر جيستاءِ لوڀ، ممتا، موهه وغيره رهن ٿا تيستاءِ چوري ڪرڻ جو به امڪان پورو رهي ٿو. هاڻي جي ڪروڌ اوهان ۾ آهي ته ڪروڌ پيدا ٿئي ٿو؛ جيستائين آپو يعني ’مانپڻو‘ آهي، تيستائين پنهنجي ۽ پرائي جي ڄاڻ به آهي جي پنهنجي ۽ پرائي جي ڄاڻ آهي ته چئبو ممتا ۽ لوڀ به آهي؛ هوڏانهن ممتا ۽ لوڀ چيوسين ته چوريءَ جا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؛ تنهن ڪري چئبو ته امڪاني طور لوڀي چور به آهي. ائين به شايد هجي ته ڪو چوري لڪل ڪندو هجي ۽ پاڻ کي به ٺڳيندو هجي؛ مثلا ڪم تي ڌيان نه ڏيڻ، ڪم پرائو ڪري سمجهڻ، آفيسريءَ واري پوزيشن مان خانگي فائدو وٺڻ وغيره؛ مونکي اوهانجي ته شخصي طرح خاطري آهي ته ائين ڪونه ڪندڙ آهيو، ۽ اوهان جو ڪروڌ ضدي نه آهي، جنهن ۾ ٻئي ڪنهن لاءِ حقارت هجي، پر هي مڃڻ ضروي آهي ته جيتري قدر هڪ وڪار اسان ۾ زور دار آهي اوتري قدر ٻين جي پيدا ٿيڻ جو به امڪان آهي. حقيقت ۾ نفس يا پاپ يا وڪار فقط هڪ آهي، جيتوڻيڪ سندس روپ جدا جدا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهين نفس جي رواڻ جو هڪ سر ڪٽبو ته ٻيو ان جي جاءِ تي پيدا ٿيندو، جيستائين رواڻ کي جڙ يا مرڪز (ناڀ) ۾ پاڻ نه لڳو آهي، تيستائين فقط سرين ڪٽڻ سان مٿس جيت پائي نه سگهبي!“

***

 

 

26-10-1901ع هن ٻڌرتي ويدانت واري ساڳئي ڪتاب مان پڙهندي، ڊپٽي صاحب سمجهاڻي ڏني ته ويدانت موجب مان هن بت جو ڏسندڙ، پسندڙ آهيان مگر هي بت مان نه آهيان درشٽي، در شيه کان جدا آهي.

انجنير صاحب چيو: ”هي ڪم بت جا، کائڻ، پيڻ، سمهڻ وغيره بت پاڻ ٿو ڪري يا آمتا ٿي ڪري؟ جيڪڏهين بت سان لاڳو آهن ته چئبو بت کي آتما کانسواءِ انهن ڪمن ڪرڻ جي طاقت آهي. پر جي آتما جي اشاري ٿين ٿا ته پوءِ ڪيئن چئبو ته آتما انهن ڪمن کان الڳ آهي؟“

سام چيو: ”حقيقت ۾ بت روح کان خالي نه آهي روح بُت يا روپ کانسواءِ ڌيائي نٿو سگهجي.  ٻيئي هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن؛ اسپرٽ (Spirit) ۽ مئٽر (Matter) يا پرش ۽ پرڪوتي، هڪ ئي هستيءَ جا ٻه پاسا يا طريقا آهن. جيئن گياني هڪ پرماتما کي ٽن وصفن ۾ سمائن ٿا (ست، چت ۽ آنند) تيئن هي به هڪ هستيءَ جي پروڙڻ جا ٻه پاسا آهن. روح يا بت اسنڀو آهي ۽ بنا بت جي روح خيال ۾ آڻڻ ئي انسڀو آهي! بت جي معنيٰ فقط انساني جسم نه آهي، مگر ڪل موجودات جا اکين سان ڏسي سگهجي ٿي سا بت ڪري سمجهو ۽ اها شڪتي جا منجس سمايل آهي سا روح ڪري سمجهو.“

انجنير صاحب چيو: ”تڏهين ته مان چوان ٿو ته روح ۽ بت جي ڪرتويه ۾ سنڌا ڇو رکجن، ته هي آتما جو ڪرتويه آهي ۽ هي بت جو؛ ته آتما بت کان الڳ آهي وغيره؟“

سام چيو: ”عقل اهي ڳالهيون برابر ثابت ڪري نٿو سگهي. مگر اها هڪ قسم جي خيالي وچور آهي. جيئن ساڳئي رستي تي هڪڙو گهوڙن گاڏين، موٽرن وغيره جو لنگهه هجي ۽ ٻيو پئدل ويندڙن لاءِ جدا پاسو هجي، جن کي ورهائڻ لاءِ فقط هڪ ليڪ ڏنل هجي، اهڙيءَ طرح سمجهيو ته هي کائڻ، پيئڻ، سمهڻ وغيره ڪرتويه بت جا آهن ۽ انهن کي ڏسڻ خيال ۾ رکڻ وغيره ڪرتويه من جا آهن؛ جيتوڻيڪ ٻنهي ڀاڱن جي وچ ۾ هڪ خيالي ليڪ آهي ۽ آتما ئي سڀ جو ڪارڻ آهي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان چئو ٿا ته عقل اهي ڳالهيون ثابت ڪري نٿو سگهي، مگر عقل ئي ته اهي راز کولي ٿو. جيئن ڪنهن شيءِ ۾ اونهو ويچار ڪيو تيئن وڌيڪ چٽي ٿي اها نظر اچي.“

سام چيو: ”عقل سان ته اونهو وڃي ئي ڪونه ٿو سگهجي. عقل سان فقط ڳالهين جو مٿيون تهه کولي ٿو سگهجي؛ وڌيڪ کوٽائيءَ لاءِ ۽ اونهي وڃڻ لاءِ ٻيا تکا اوزار گهرجن جهڙوڪ احساس ۽ انتر گيان، جن جو رستو عقل جي دليل بازيءَ کان نرالو آهي. عقل پنهنجي دليل بازيءَ سان ڪڏهين سڌو رستو ڇڏائي ڪو دڳ به لائي ٿو. مگر اسان کي اُهي وڌيڪ اعتبار جوڳا اوزار ڪم آڻڻ نٿا اچن، ڇا لاءِ جو اسين گهڻو وقت بت جي ڀاڱي ۾ رهون ٿا ۽ بت جي خواهش جي پورائي ۾ وقت ويتيت ڪريون ٿا. جيتوڻيڪ انجنير صاحب جي چوڻ موجب ذاتي تفاوت اندروني ۽ بيروني زندگيءَ جو مرڪز ڇڏي، مرڪز کان اسين ڪجهه ٻاهر رهون ٿا. ايترو فرق آهي جيئن درياه جي سير ۽ ٻاهرين پاسن جو، اگرچ درياه ساڳيو آهي؛ اڄ ڪلهه جي زندگي ائين ئي آهي. مرڪز کان گهڻو ٻاهر رهڻ ۾ جدائيءَ جو جوکو آهي. تنهن ڪري ئي ضرورت ٿئي ٿي، انهن ڪرتويين ۽ ڪمن ڪارين ۾ ميلاپ آڻڻ جي. کين جسماني ۽ روحي سڏڻ جي بدران مرڪزي يا نا مرڪزي وڌيڪ سولائيءَ سان سڏي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ عقل اتي به ڦڏو وجهي سگهي ٿو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان اڳ ۾ چيو ته علم ۽ منطق ڪجهه ثابت نٿو ڪري سگهي، مگر منهنجي خيال موجب، علم يعني گيان کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جي ذاتي خبر پئجي نٿي سگهي.“

انجنيئر صاحب، جو هڪ شاعر به آهي، تنهن هڪ شاعرانه دليل پيش ڪيو؛ چيائين: ”علم ۽ عقل نه رڳو اُها ذاتي خبر ڪين ٿا ڏين مگر سوچ ويچار پيدا ڪرڻ سان حياتيءَ جو مزو گهٽائي ٿا ڇڏين!“

ڊپٽي صاحب ڏانهس منهن ڪري چيو: ”توهان انجنير آهيو؛ مثال هڪ ڀت جو وٺو؛ ڀت جي بنياد  ۽ جوڙ جڪ ڄاڻڻ کانسواءِ ڪيئن ٿي ان تي ڪابه اڏاوت ڪري سگهجي؟ ڪنهن به قدم کڻڻ يا اڏاوت ڪرڻ کان اڳ ۾ بنياد جي ۽ آس پاس جي ڄاڻ ضروري آهي.“

سام چيو: اها تشبيہ پوري نه آهي. پرماتما جي ڄاڻ جي ڀيٽ ڪريو هڪ ٺهيل جاءِ يا محبوب جي بنگلي سان؛ اهو ٺهيو ٺڪيو آدجڳاد کان اتيئي بيٺو آهي. گهڻا ياتري ته فقط ٻاهريان پاسا ڏسي اچرج ۾ پئجي وڃن ٿا. پر آخرين درجي وارو ياتري ڀتين جي رنگن روپن يا دروازن، کڙڪين، پٽين ڳڻڻ ۽ ٻين اچرج جهڙين شين ويچارڻجي حد ٽپي سڌو محبوب جي ڪمري ۾ گهڙي وڃي ٿو. ٻاهرين ڄاڻ سان ۽ بنيادي جوڙ جڪ ڏسڻ سان يا ڪمرن جي ورڇ وغيره سان هو گهڻو واسطو ڪونه ٿو رکي؛ هنجو مطلب آهي، پنهنجي محبوب جي ڪمري ۾ وڃي ان محبوب سان ملڻ ۾.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”مگر ان محبوب جي ڪمري ڳولڻ لاءِ به گيان ۽ عقل جي ضرورت آهي. جيڪڏهين ان جي نيمن، وقتن يا حالتن جي اڳواٽ ڄاڻ هوندس ته سهنجائيءَ سان وڃي هو انکي لهندو؛ ورنه گهڻي مشڪلات پسندو.“

سام چيو: ”سا ڄاڻ ۾ هيٺيئن درجي واري آهي، جن کي شوق سيل هوندو انهن کي اندر ۾ ئي اهڙي ڪشش ٿيندي جو ڪنهن خيال ۾ کوجنا بنا سڌو وڃي پنهنجي سڄڻ سان ملندا؛ نه ڪٿي ترسندا نه گهٽين ۾ گهمندا ۽ نه منجهندا ئي؛ دل جي ڇڪ سان، بنا روڪ ۽ بنا دير وڃي پريتم کي پهچندا. ممڪن آهي ته سڄڻ پاڻ اچي سونهو ٿئين!“

ڊپٽي صاحب چيو: ”جن کي ڪا ڄاڻ نه هوندي انهن کي ڀلا مونجهارو ڪيئن نه ٿيندو؟ بنا ڏسڻ وائسڻ جي ڪڏهين ڪا شيءِ لڀندي آهي ڇا؟“

سام وراڻيو: ”لڀندي آهي! ان لاءِ هڪ از خود ڇڪ پئدا ٿيندي آهي!“

پوءِ سام پنهنجي آزمودي مان هي مثال ٻڌايو: ”ڳوٺ ۾ رهڻ وقت بئگ دوائن وغيره ضروري شين جي منهنجي بستري جي ڀرسان رکيل هوندي هئي ۽ رات جو سمهڻ کان پوءِ مان بتي ٻارائڻ پسند ڪين ڪندو هيس. بئگ ۾ ڪريم، پيسٽ، لوڻ، ٽارچ، ڪئنچي، تيلين جو پڙو، دوائون ۽ ٻيون ڪيتريون شيون گڏ پيل هونديون هيون، جن جو اٽڪل تعداد چاليهن تائين ٿي سگهي ٿو. جڏهن انهن مان ڪا شيءِ کپندي هئي، تڏهين ياد اٿم ته ڏسڻ يا ڳولڻ ان اونده ۾ خبر نه پوندي هئي؛ ان وقت اکيون بند ڪري پنهنجا ٻاهريان خيال ترڪي فقط طلب جي اشاري هٿ ڊگهيڙيندو هيس ته پهرئين دفعي ئي انهيءَ شيءِ ۾ وڃي پوندو هو يا انکي تمام ويجهو وڃي رسندو هو. ائين ڪيترائي دفعا ٿيو. اهڙيءَ طرح هڪ ڪتاب ۾ 1914ع واري لڙائيءَ کان پوءِ هڪ سولجر جو احوال پڻ پڙهيم، جنهن لکيو هو ته جڏهن مورچي تي پهري يا پئٽرولنگ تي نڪرندا هئاسون تڏهن ازخود ڪيترا ڀيرا انديشو ٿيندو هو ته هينئر دشمن جي طرف کا گوليون اچن پيون ۽ ان انديشي جي ڪري، جڏهين مان ڪنڌ هيٺ نوائيندو هوس ته گولي ان وقت ’زر‘ ڪري مٿان لنگهي ويندي هئي!

”انهيءَ مان فقط ايترو ڌيان تي آڻڻ گهران ٿو ته دليل بازيءَ ۽ ثابتين واري ڄاڻ کان احساس ۽ انتر گيان وارو رستو وڌيڪ اونهو ۽ اعتبار جوڳو ٿي سگهي ٿو.“

وري پريم مارڳ جو ذڪر ڪندي سام چيو: وڻ ۾ ڪيترا ڦل يا ٽاريون آهن، جيڪڏهين ڪنهن کي ڳڻڻ جو شوق ٿئي ته ڳڻيندي عمر گذري ويندي پر ان مان وڻ پيدا ڪرڻ جو رستو هٿ نه ايندو؛ جي انهيءَ سوچ کي گيان چئجي ٿو ته هڪ هڪ ڦل ۾ ڪيتريون ڪئلريون(Calories) گرميءَ جون آهن، ڪيترا شڪر جا يا ٻيا جزا آهن ته ان کوجنا جي برخلاف اسين نه آهيون؛ مگر ان مان ڪو ڦل جو سواد ڪونه ملندو. رس جي لوڀيءَ يا پريم جي پياسي لاءِ اهڙي پروڙ رکڻ ئي اجائي آهي. هو چوندو، ڇو نه وڃي ڦل کاوان ته وڻ ۽ ڦل جي ذات جي خبر پاڻهي پئجي وڃي! علم جي کوجنا کي هن حياتيءَ ۾ پنهنجي جاءِ آهي، ڇا لاءِ جو اسان مان سڀني کي اها آتمڪ پياس پيدا ڪانه ٿي آهي جا هري ڀڳتن کي رهي ٿي گهڻن لاءِ فقط قدرت جي نيمن ۽ قانون جي ڄاڻ ۾ ئي ڪافي وندر آهي. پر انهيءَ پياس پيدا ٿيڻ کان پوءِ ٻيو علم سڀ اجايو نظر اچي ٿو. هر علم انهيءَ لذت اندر سمايل آهي؛ هر علم انهيءَ لذت حاصل ڪرڻ لاءِ آهي.“

***

 

 

27-10-1951ع هن ٻڌر تي جڏهن ڊپٽي صاحب شام جو اسان وٽ آيو ته مون کيس چيو: ”اڄ ميٽنگ تي ماڻهو ڪي به ڪو نه آيا اٿو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان جي مرضي هجي ته اسين پاڻ ۾ ئي ويهي ڪتاب پڙهون.“

مون چيو: ”اهي ڪتاب ۽ بحث مونکي بلڪل خشڪ لڳندا آهن.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان کي جيڪا ڳالهه چڱي لڳي سا ڪريون، پڙهون يا ڳالهيون ڪريون؟ فلسفه جا ڪتاب ڪن کي ته ڏاڍا سهنجا لڳن ٿا ۽ ڪن کي وري ناول يا قصا وڻن ٿا.“

سام چيو: ”ائين برابر آهي؛ مان نڍي اوسٿا ۾ ئي ڪئنٽ (Kent) ۽ ٻين مغربي فيلسوفن جا ڪتاب ازخود سمجهي ويندو هس پر جي ڪو قصو کڻي پڙهان ته ٿوري وقت ۾ ئي خفي ٿي، ڦٽو ڪري ڇڏيندو هوس؛ فلسفه جا ڪتاب اکر به اکر سمجهه ۾ اچي ويندا هئا، ڇا لاءِ جو منهنجي من جو لاڙو اُن طرف هو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”اسان وٽ جي ڪي ماڻهو ايندا آهن، اُهي سڀ هن ڪتاب جي ڳالهه پوريءَ طرح نٿا سمجهن سوال اهڙا پڇندا آهن جو اُڇاترا پيا لڳن.“

سام کائنس پڇيو: ”توهين ڇا ٿا سمجهو ته هن جي ٻُڌي گهٽ آهي يا انسان انسان جي ٻڌيءَ ۾ ڪي ذاتي فرق آهن؟“

ڊپٽي صاحب چيو: ”سندن خيال جي منزل هيٺ آهي يا ته انهن کي هن قسم جون ڳالهيون ڪين ٿيون سمجهه ۾ اچن.“

سام چيو: ”ٻُڌي ته هڪ آهي؛ منجهس قسم ڪونه ٿين. مگر هي هڪ اڀياس يا من جي لاڙي جو سوال آهي. ائين برابر آهي ته جدا جدا رستا وٺي ماڻهو ساڳيءَ منزل کي پهچي سگهي ٿو پر ڪنهن به رستي تي ڪاميابيءَ سان هلڻ جي طاقت اسان جي منزل يا اڀياس جي درجي تي مدار رکي ٿي. ڪو شيوا جي رستي، ڪو گيان ۽ ڀڳتئي جي رسي جيوت جو مقصد پائي ٿو. البت ائين چوڻ ته ٻيا اسان کان گهٽ ٻڌيءَ وارا آهن تنهن ۾ اڀمان نظر اچي ٿو. ساڌوءَ يا فقير جو ڪم آهي ته سڀ ڪنهن سان پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ورتاءُ ڪري يعني جنهن جي جهڙي منزل هجي، ان موجب ساڻس پيش اچي ۽ هر حالت ۾ سندس ستڪار ڪري.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”مان سمجهان ٿو ته ’همه اوست‘ وارو خيال هي سڀ اهو آهي، سو جيڪر اسان جو دوست...خاص ڪري ڪين سمجهي سگهي. هن کي سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ ثابتي گهرجي. جيتوڻيڪ ايترو مان قبول ڪندس ته گيان جي کوجنا جو اهو به هڪ رستو آهي.“

سام چيو: ”مگر هڪ لنبو رستو آهي ۽ ٻيو سڌوئي سڌو آهي؛ هڪ گيان جي کوجنا لاءِ هلڪو اوزار آهي، ٻيو وڏو. دليل بازي ننڍڙو اوزار آهي، جو فقط زندگيءَ جي ظاهري حقيقت کي جاچڻ ۾ مدد ڪري ٿو. حياتيءَ جي ڳوڙهن مسئلن جو حل منطق (Logic) سان نڪري ڪونه ٿو سگهي. جيئن هڪ ڏندڻ مڇڻ لاءِ فقط ڪپ يا قئنچيءَ ئي بس آهي مگر وڏي وڻ وڍڻ لاءِ ڪهاڙيءَ ياڪرٽ جي ضرورت آهي، تيئن انهن ڳوڙهن مسئلن جو حل دليل بازيءَ سان نه پر اندروني گيان جي درشٽيءَ سان ملڻو آهي. البت سڀ ڪنهن کي سڀني مسئلن مان ساڳيءَ طرح پار پوڻو ڪين ٿو پوي؛ ڪي منزلون طيءَ ڪرڻ بدران ٽپي به سگهجي ٿو. ان ڪري ائين نه چئبو ته سڀ ڪنهن کي هروڀرو دليل بازي ڪرڻ جي ضرورت آهي؛ نه وري سڀ ڪنهن کي اُهو اندروني فهم آهي، جنهن ڪري هو دليل بازيءَ جي گهرج نه رکن.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”جي ذات ۽ شيءِ ساڳي آهي ته پوءِ اهي تفاوت ڇو پيدا ٿيا آهن؟“

سام چيو: ”خيال جي ذات خيال آهي. پر دليل بازي وارو رستو سڌي واقفيت نه هئڻ جي حالت ۾ ورتو وڃي ٿو؛ اهو ڪنهن حد کان پوءِ بيڪار ۽ ڀلائيندڙ ثابت ٿئي ٿو؛ احساس ۽ انتر گيان وارو رستو جو خيال کي سڌو، خيال جي منزل تي پهچائي ٿو، منهن ۾ ڀلڻ ڀلائڻ جو انديشو ڪونه آهي. البت اهو عام طور آزمائش هيٺ نه ٿو اچي. شرڌا سڪ ۽ پريم، سي مطلوب (Object) جي اندر سڌي جهاتي پارائين ٿا! ٻاهريون ثابتيون ابتري پروڙ ڪين ٿيون وڌائين. مثلاً جيڪا خبر زال کي پنهنجي مرد جي آهي، سا پاڙي وارن يا ساڳئي ڌنڌي وارن کي نه آهي، توڙي جو سڄو ڏينهن هو ٻاهر ڌنڌي ۾ گذاري ٿو ۽ ٿورو وقت گهر ۾ رهي ٿو. اها ڄاڻ زال جي دليل بازي سان هٿ ڪيل نه آهي. دل طرح ڪنهن شيءِ يا ماڻهوءَ جي جيڪا خبر پوندي، اهڙي ٻُڌلن احوالن يا عقل جي انومانن وغيره سان ڪانه پئجي سگهندي.

”جيڪا خبر ماءُ کي پنهنجي ٻار جي آهي، اوتري خبر سندس اسڪول جي ماستر کي نه آهي، توڙي جو ماءُ اڻپڙهيل ۽ استاد علم جو ماهر آهي جنهن ٻارن جي سکيا ۽ تربيت بنسبت گهڻائي ڪتاب پڙهيا آهن. وري ڏسو، هڪ مرد، پريميءَ کي دور شهر ۾ ڄاول ۽ نپايل سندس پريتما جي دل جي خبر، ملڻ بعد هڪ کن ۾ پئجي وڃي ٿي ۽ هو ٻيئي جلدئي هم خيالي ٿي وڃن ٿا! منجهن اهڙي يڪوجودي اچي وڃي ٿي، جو اباڻا گهر جتي پليا، نپنا آهن سي ڇڏي پاڻ ۾ جيون ساٿي ٿي رهن ٿا! تنهن ڪري ئي مان چوان ٿو ته دليل بازي بيڪار آهي؛ پريم پرماتما سان هڪ لحظي ۾ ملائي سگهي ٿو.“

***

 

 

28-10-1951ع ڪالهه سام ڪجهه اُداس ٿي نظر آيو. مون هن کي ڪنهن ٿوريءَ ڳالهه تي رنج ڪيو هو. جيتوڻيڪ منهنجو وڙهڻ يا سندس رنج جٽادار نه آهي، تڏهين به اُن گهڙيءَ ته ائين سمجهيو آهي ته خيالن ۾ ڪو وڏو تفاوت آهي. سام ان وقت گهڻي اڪيلائي محسوس ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ان جو ذڪر ڪندي چيائين: ”مان ائين پيو سمجهان ته حياتيءَ جي هن وڏي، لمبي مسافريءَ ۾ هوريان، هوريان سڀ سنگتي ته پنهنجي واٽ وٺي ويندا رهيا؛ باقي رهيل هڪ ساٿي، سو به ڳچ پنڌ تائين گڏ هلي آخر ٻيو رستو وٺي رهيو آهي؛ پنهنجي حياتيءَ جا اُڻونجاه سال گڏ هڪ درشيه ۾ گذرندا ڏٺم. حقيقت ڪري ننڍ پڻ کان ئي مان اڪيلو، اڪيلو آهيان ۽ اڪيلائيءَ ۾ پنهنجا رستا ڳوليندو رهيو آهيان؛ پنهنجي گهر ۾ خود ٻالڪپڻ کان هڪ ڌاريو ٿي رهيو آهيان. جيتوڻيڪ ماتا جو پيار بيحد گهڻو هوندو هو، تڏهين به هم خيالي ڪو انسان گهر ۾ يا پسگردائيءَ ۾ ڪين هوندو هو. ڪڏهين ڪنهن نوڪرکي، ڪڏهين ڪنهن ٻئي دوست کي ٿوري ٿوري وقت لاءِ فقط همراز سمجهندو هيس پر هميشہ جو ساٿي ڪونه بڻيو. اسڪول جي وقت ۾ پڻ هڪ ٻن دوستن کانسواءِ ٻيا سڀ ناتا سچ پچ اُڇاترا هئا. آخر تون اچي ساٿي بڻينءَ. بر وقت اها اميد ڪانه هيم ته هروڀرو تون ڪو منهنجي خيال کي ٻين کان وڌيڪ سمجهدينءَ پر تو گهڻي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري هينئر ڏسان پيو ته شايد تون به ٿڪجي پيئي آهين. دل ائين ٿي گهري ته ڪنهن وڏي ياترا، جهڙوڪ بدريناٿ يا هماليه پربت جي اندرين ڀاڱن ۾، يا ڪنهن وڏي سير تي وري نڪري وڃجي ۽ خيال جو ملڪ وڃي ڪجهه وقت اڪيلو ڏورجي. توکي ڏسان ٿو ته ڪي اندروني پائبنديون آهن؛ جيتوڻيڪ ٻاهري واسطن کان پاڻ گهڻو آجو ڪيو اٿيئي. شايد اها سير جي هڪ آس به رهجي وڃي. ڪڏهين ڪڏهين ته دل صفا پڙ ڪڍي بيهي ٿي ته سنسار ۾ هڪ وک اڳتي نه وڌجي. پر فرض ادائيءَ جي خيال کان گهَگير گهوڙيءَ وانگر من کي موڙي سوڙي هن دڳ ۾ لائجي ٿو. ظاهراً هو چڱيون وکون کڻي ٿو، جيتوڻيڪ اندر ۾ گهه گهڻو اٿس. منهنجي دوستن کي هن اندرين جهيڙي جي خبر نه آهي. هو ائين سمجهندا آهن ته مان هن سنساري جيوت ۾ ڪجهه ڪامياب ٿيو آهيان ۽ بلڪل ترپت رهان ٿو، مگر ائين نه آهي؛ منهنجي اڪيلائيءَ يا اُداسائي سنسار کان منهنجو هڪ بچاءُ آهي.“

***

 

 

29-10-1951ع ساڳيو خيال سام تي وري وري غالب پوندو آهي ۽ اها عجيب اُداسائي نه رڳو سندس من ۾ هڪ قسم جي بهار آڻيندي آهي يا پنهنجا جهڙ ڪڪر ٺاهيندي آهي، پر مون کي پڻ ڪجهه ان بهار جي بوءِ ڏيندي آهي ۽ مون ۾ آزاديءَ لاءِ پياس پيدا ڪندي آهي. پنهنجي من جو پکي خود، هن هَڻ هَڻ جي پڃري کان منهن ڪڍي، آڪاش ۾ نئين روشني ڏسندو آهي؛ اُڏامڻ جي دٻيل آس وري دل اندر جاڳندي اٿم، جيتوڻيڪ اها خبر ڪانه اٿم ته ڪيڏانهن اُڏامڻو آهي. اهو بار سڄو سام تي رکيو اٿم!

ساڳي خيال مان ئي هي سام جو خط ٿورا ڏينهن اڳ ڪراچيءَ مان لکيل ٿو ڏسجي؛ اُن ۾ هو لکي ٿو: ”اميد ته تون بلڪل خوش هونديءَ ۽ سام جي يادگيريءَ ۾ پڻ ساڳي وندر سمجهندي هونديءَ جيڪا روبرو ڳالهائڻ يا وڙهڻ وغيره ۾ سمجهندي آهين! سچن پريمين لاءِ وڇوڙو آهي ئي ڪون! سام غريب کي ڀلا ڇا لاءِ هيڏانهن موڪليو اٿيئي؟ پيو ويچارو اجايا سجايا ڪم ڪري، ’الائي ڪهڙيءَ ڳالهه ڪاڻ‘ (شايد سچل سرمست جي تڪ آهي: ’رانجهن چاڪ ٿي آيو الائي ڪهڙي ڳالهه ڪاڻ‘). جي ايشور وٽ ڪو ليکو ٿيو ته سرڪاري وڪيل اُٿي پڪاريندو ته هي ڀڳوان! هن ماڻهوءَ (سام) تنهنجي قانون مان واقف ٿي ۽ تنهنجي پريم جو مزو چکي ڪري پوءِ به سڄو سارو هڪ هفتو پهرينءَ کان وٺي ستين آڪٽوبر تائين ڪراچيءَ شهر ۾، جو ڌرتيءَ تي عربي سمنڊ جي ڪناري تي آهي، اجايو ضايع ڪيو، اهڙي زماني ۾ جڏهين اسان کي شيوادارن جي هر هنڌ ضرورت هئي؛ تڏهين هن مجرم پنجاه ساکن کي ويجهو پهچي به واجب ٿي سمجهيو ته پنهنجي فرض کان منهن موڙي، شاپنگ يعني سامان خريد ڪرڻ، ڪپڙن جي ڪڇائڻ، سبائڻ، پنهنجي گهر ۾ سک جي سامگري وغيره ٺاهڻ ۽ ٻين شخصي ڪمن ۾ ويهي پنهنجو وقت وڃائي. اهڙي ماڻهوءَ تي، اي مالڪ! اسين ڪوبه ڀروسو رکي ڪونه ٿا سگهون. ڪهڙي خبر آهي ته وري سرڪاري (الاهي) ڪم ڪاريون ڇڏي ڪنهن وندر جي ڳولا يا موهه جي ڄار ۾ ڦاسي وڃي ۽ آشرم جا ڪم رولي الاهي آدرش کي جهان ۾ لڄارو ڪري ڇڏي! تنهن ڪري هن ماڻهوءَ کي خارج ڪيل ليڊرن وانگر پروڊا (Public Representative Officers Disqualification Act) هيٺ اوهان جي نوڪرن کان موقوف ڪرڻ جي آءٌ سفارش ٿو ڪريان.

”پوءِ جي تو اچي اُتي ڪا شاهدي هن غريب جي فائدي ۾ ڏني ته شايد ڪجهه بچاءُ ٿي پوي. تون چئي سگهندينءَ: ’اي سائين! مون کي هن شخص جي باري ۾ هيءَ خبر آهي ته هيءُ خريدارين، سامانن وغيره وٺڻ لاءِ شائق اصل ڪين هوندو هو، نه ٻين ڪمن سان ڪا دل چسپي رکندو هو مگر توهان پنهنجي مايا سان يا ڪنهن لڪل راز موجب جو هن غريب کي زماني جا ڪم بڇي ڇڏيا هئا، سندس ورتاءُ اهڙن ماڻهن سان رهندو هو جو هن کي پنهنجي خيال جي ابتڙ ٻاهريون زماني جو لباس رکڻو پوندو هو، مان ڀانيان ٿي ته انهيءَ لڪ ۾ هي شخص ڪو اندروني مزو به ڀائيندو هو، تنهن ڪري هن جي ٻاهريون نمونو سندس اندروني خيال کان ڪجهه الڳ نظر ايندو هو. پر مان خاطري ڏيان ٿي ته هيءُ غريب ايماندار هوندو هو ۽ سندس سمرٿي گهٽ هوندي به هو اوهان سان دلي پريم رکندو هو.“

پوءِ شايد الله معاف ڪري ۽ چوي ته هن کي وري هڪ خدمت ڪرڻ جو وجهه ملڻ گهرجي“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org