30-10-1951ع خاص احوال گذريل ٻن مهينن جا هيءُ آهن: سام
جي هڪ جهوني دوست، مئڊم بولانڊ هربرٽ کي اڳ مون
اتر آفريڪا ڏانهن هڪڙو خط لکيو هو، جنهن سان 1924ع
۾ سام جو مڱڻو ٿيو هو. مگر ڪن مشڪلاتن ڪري سندن
شادي ٿي نه سگهي. سام مونکي سندس پوتر، آدرشي ۽
پريم ڀريل زندگيءَ جي ڪهاڻي ٻڌائيندو هو، جنهن رکي
رکي مون ۾ اِهو چاه پئدا ڪيو ته مان ساڻس خط رستي
ملاقات ڪرايان. مونکي هروڀرو اهڙي اميد ڪانه هئي
ته خط جو ڪو جواب ايندو. سندن ڏيٺ ويٺ کي 26 سال
گذري ويا هئا. اها خبر ڪانه هئي ته هوءَ پرڻي آهي
يا اڪيلي آهي ۽ هينئر ڪٿي رهي ٿي. مون کي ڏاڍي
خوشي ٿي، جڏهين سندس خط اچي هٿ ۾ مليو؛ پر وڏي
خوشي ان ڳالهه جي هئي ته سام ۽ بولانڊ ٻنهي کي
ايتري عرصي جي ماٺ کان پوءِ به ۽ هڪ ٻئي کان بلڪل
جدا ٿي وڃڻ سان به، هڪ ٻئي سان ملڻ جي پياس هڪ
جهڙي هئي. جڏهين ڪوبه انسان ڪنهن سان وفادار رهندو
آهي ته مون کي انهن جي وفائي ڏسي گهڻي خوشي ٿيندي
آهي. سام ان باري ۾ هينئر چيو:
”وفائي دل: جي صفائيءَ وارا رکي سگهندا آهن؛
زندگيءَ جي سچي لذت نه عيش، نه جسماني خواهش جي
پوري ڪرڻ ۾ آهي، مگر سچي پريم ۽ وفائيءَ ۾. تنهن
ڪري اهڙي وفائي مان سڀ ڪنهن کي سڳنڌ ايندي آهي،
توڙي جو رواجي طرح استري ٻئي جو پاڇو به ڪين سهندي
آهي. اها وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو تنهن جي (مون
منوءَ جي) دل ۾ ايشور انهيءَ قسم جو ساڙ ڪونه پيدا
ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ من جي سچيت پاسي ۾ ته توکي ڀاو
اصل ڪونه آهي، آشرم اڏڻ لاءِ اهڙي ئي پريم ۽
همدرديءَ جي ضرورت آهي. تنگدليءَ ۾ نه فقط زندگيءَ
جو مزو گهٽ رهي ٿو، پر ڪابه اڏاوت ڪرڻ مشڪل ٿي پوي
ٿي.“
***
1-1-1952ع هن عرصي ۾ يولانڊ سان ٻه ٽي دفعا منهنجي
۽ سام جي خطن جي اچ وڃ ٿي آهي. عجب اهو آهي ته
هيتري وڏي عرصي گذرڻ بعد به فرينچ ٻولي سام کان
صفا وسري ڪين ويئي آهي. هن فقط چار يا پنج مهينا
ٿورا سبق ولايت ۾ ورتا هئا. هت شهر ۾ ٻيو ڪو فرينچ
جو ڄاڻو ڪو نه هو پر سام سولائيءَ سان يولانڊ جو
خط پڙهي ٻڌايو. ان بنسبت هن هڪ عجيب آزمودو مون کي
ٻڌايو: ”جڏهين مان آلجيريا ۾ پهريائين يولاند جو
واقف ٿيس، تڏهين هن کي هڪ اکر به انگريزيءَ جو
ڪونه ايندو هو، نه وري مونکي فرينچ ٻوليءَ جو
آزمودو هو. اسان ٻنهي جو هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان پريم
ٿي ويو ۽ هڪ هفتو گڏ رهڻ بعد مڱڻو به ٿي ويو
جيتوڻيڪ اسين بلڪل گونگا ٿي رهياسين. منهنجي رهبر
دوست پالرچرڊ اسان ٻن گونگن جا خيال سمجهي اسان جا
هٿ وٺي ملايا. پريم کي اهڙي شڪتي آهي، جو جلد ئي
اسين هڪ ٻئي جي ٻولي سمجهڻ لڳاسين ۽ ٿورن سبقن وٺڻ
بعد بنا ڪنهن رنڊڪ جي هڪ ٻئي سان خيال ونڊي ٿي
سگهياسين. هينئر به ٻئي ڪنهن جو لکيل خط يا ڪتاب
مان جيڪر ايترو جلد فرينچ ۾ پڙهي ڪين سگهان، مگر
يولاند جا خيال ازخود سمجهي وڃان ٿو. اکر خيال جا
اوزار آهن. خيال انهن ۾ ڪڏهين رنڊجي نٿو پوي.“
***
انهن خطن جا ٽڪرا جن ۾ ڪي سٺا امنگ ۽ خيال اچي وڃن
ٿا، وقت ملڻ تي مان جدا ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ درج ڪندس.
هت فقط ايترو چوندس ته اُهي هڪ سچي پريم جو داستان
آهن. سندن لکپڙه ڏسي، مون ۾ اها چاهنا پيدا ٿي آهي
ته آلجيريا هلي يولاند کي ڏسجي؛ سام کي چوندي
آهيان ته مون کي پورو پيار يولاند لاءِ نه آهي جو
توهان هن کي ڏسڻ لاءِ ڪوشش ڪونه ٿا ڪريو؛ سام هن
باري ۾ هڪ ڀيري چيو ته اسان جو آفريڪا هلڻ فقط
پنهنجي دل کي راضي ڪرڻ لاءِ ٿيندو؛ هن وقت اسان کي
پهريائين ٻين جوابدارين جو خيال رکڻو آهي ۽ جيڪا
به طاقت بچت آهي، سا امانت سمجهي پنهنجي شخصي
چهنائن پورين ڪرڻ ۾ نه ڪنهن جوڳي تحرڪ ۾ لائڻي
آهي، جنهن مان عوام کي ڪو لاڀ ملي سگهي.
مون کيس چيو: مرد ائين ئي بي وفا ٿيندا آهن. دل
کان پيسو وڌيڪ پيارو ڪندا آهن.“
سام کلي چيو: ”سري ڪرشن جڏهين گوڪل جهڙو سک جو
آستان ڇڏي، پنهنجي راڄنيتي فرض پوري ڪرڻ لاءِ مٿرا
ڏانهن هليو ويو، تڏهين گوپيون به مٿس بيوفائيءَ جو
الزام ڌرينديون هيون. آلجيريا گهمڻ تي ڪنهن جي نه
دل ٿيندي؟ يولاند سان ملڻ ته مون لاءِ هڪ تيرٿ
ياترا مثل ٿيندو. پر هڪ سپاهي پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي دل
وندرائڻ جي چاهنا رکي نٿو سگهي.“
***
3-1-1952ع سما جيترو اُداسي آهي اوترو سندس
دلوچڙڻي ڀي آهي. چڱي شيءَ، چڱو ماڻهو، ڪو سٺو
جانور يا ڪو نئون وڻندڙ خيال هجي ته جهٽ کيس ان جي
پروڙ پوندي آهي ۽ ان لاءِ کيس ازخود چاهه ائين
ٿيندو آهي. ڪو سهڻو ميوو ڏسندو، پوءِ گهرج نه
هوندي ته به ڳنهندو، ڪو ڇيلو يا ڪتو يا ٻيو ڪو
جانور سٺو پليل ڏسندو سندس دل ٿيندي ته ڌاريونس؛
نه ته به بيهي انکي ڪيتري دير ڏسندو ۽ پوءِ اڳتي
هلندو. مان پنهنجي اندروني طبق ۾ ائين سمجهندي
آهيان ۽ سام به مونکي بلڪل اثرائتن لفظن ۾ خاطري
ڏيندو آهي ته کيس انهن ماڻهن، شين وغيره سان ڪوبه
موهه
(Attachment)
ڪو نه پيدا ٿيندو آهي؛ تنهن هوندي به هو انهن جي
ويجهڙائيءَ ۾ خوش نظر ايندو آهي. جيتوڻيڪ تيا ڳڻ
يا پري ٿي وڃڻ ۾ به مون کيس رنج ڪونه ڏٺو آهي.
مان ڪڏهين پنهنجي شخصي خيال کي پري رکي اهو فرض
ڄاڻندي آهيان ته کيس اهڙن ماڻهن سان ڳالهائڻ يا
ملڻ ۾ مدد ڪريان. ان ڪري يولاند سان وري ستاويهن
سالن جي عرصي بعد لکپڙهه کائنس شروع ڪرايم. مون ته
يولاند کي به لکيو ته توهان ٻنهي کي هڪ ٻي سان
ملائڻ منهنجي حياتيءَ جو هڪ فرض ٿي رهندو. مان
سمجهندي آهيان ته پريم کي دٻڻ به هڪ پاپ آهي ۽ سام
چوندو آهي ته پريم هر صورت ۾ پاڪ آهي.
هن بنسبت سام چوندو اٿم ته ايتري سخاوت ڪر، جا
خوشيءَ سان ڪري سگهين! اهو خيال نه رک ته اسان کي
ڪنهن خاص شيءِ يا ماڻهوءَ جي گهرج آهي؛ تون پنهنجي
سڀاو کي متان موڙي هروڀرو منهنجي خيال تي هلندي
هجين! ائين جوڳ نه آهي. مان به ڏسندي آهيان ته چاه
هوندي به سام کي ڪنهن شيءِ يا ماڻهوءَ جو تياڳ
ڪندي، ڪا تڪليف ڪانه ٿيندي آهي. هوڏانهن پيار جي
ڪماليت انهيءَ ۾ ڏسندي آهيان ته ڀل سام پنهنجي
شاعري سڀاو موجب پاڻ وڌائي ۽ اهڙن ماڻهن سان رهاڻ
روبرو يا خطن جي رستي ڪندو رهي، جئين پنهنجي
اڪيلائي جي گفا کان نڪري. هن جو سڀاو چئجي کڻي ته
ٻٽو آهي. ڪڏهين ته پڙ ڪڍي بيهي ۽ چوي ته اهڙين
ڳالهين جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي. مون کي سندس خيال
ڦيرڻ ۾ دير ئي نه لڳندي آهي. مثلاً بيماريءَ ۾
سمجهو ته ڪنهن گوريءَ يا دوا جي مونکي ضروت آهي،
پر مان وٺڻ کان انڪار ڪريان ٿي. تڏهين هو سنڀري
مون وٽ دوا کڻي ايندو ۽ چوندو: توکي ضرور
پئاريندس! مگر جهڙي پڪي ارادي سان اُٿي ايندو
اهڙوئي جلد منهنجي بهاني ڏيڻ تي وري چپ ڪري ويهي
رهندو. ظاهراً ائين پيو سمجهبو ته کيس ارادي جي
طاقت گهٽ آهي، مگر حقيقت هينئن آهي ته سندس سڀاو
ٻاراڻو ۽ مڙجهر وارو آهي. مون ڏٺو آهي ته پنهنجو
خيال ڪهڙو به هجيس ته ٻئي تي مڙهڻ پسند نه ڪندو
آهي؛ جيترو خيال پنهنجي خيال تي پنهنجي طرف کان
اڏول رهندو آهي اوتروئيءَ سولائيءَ سان ٻئي جي سڌي
اپيل ڪرڻ سان اهو خيال مٽي ڇڏيندو آهي؛ کيس ڪو
اٽڪاءُ ٻنهين پاسي ڪونه رهندو آهي. هنکي ٻاراڻو
سڀاو چئجي ڪو گيان جو طريقو چئجي. مگر مان انهيءَ
کي ٻئي ڪنهن نظر سان ڏسي ڪونه سگهندي آهيان.
***
ڪڏهين ته مونکي به سندس ڦرندڙ سڀاو ڏسي هڪ قسم جو
وئراڳ اچي ويندو آهي ۽ سام کي وري موقع ملندو آهي
جو ڪنهن الٽي رستي مون کي پريم جو هڪ وڌيڪ سبق
پڙهائي! مان سجهان ٿي ته هو به حياتيءَ کي هڪ راند
ڪري سمجهي ٿو ۽ اهو خيال سندس ارادن کان ٻاهر ڪونه
هوندو آهي ته الٽي سلٽي رستي به حياتيءَ جي وک
گيان مارڳ ۾ وڌائڻ گهر جي. اهڙيءَ طرح اسين خيال
جي مٽ سٽ يا خيال جي قربانيءَ ڪرڻ سان سچ پچ
زندگيءَ جا ڏاڪا مٿي چڙهي رهيا آهيون.
انهيءَ ڳالهه جي سمجهاڻيءَ لاءِ مان هت ڪن شخصي
ڳالهين جو ورنن ڪري سگهان ٿي پر ممڪن آهي ته اسان
جون نراليون واٽون ڪنهن پڙهندڙ جي دل ۾ ڪا غلط
فهمي پيدا ڪري سگهن. هت وري سام جي سمجهاڻي مضمون
نگاريءَ بابت ياد اچي ٿي ته ڳالهيون ۽ واقعا فقط
خيال جي تصوير چٽڻ لاءِ ضروري آهي. بعضي بعضي انهن
جي گهڻائيءَ ۾ نڪتو خيال جو گم ٿي وڃي ٿو. هي
اُپنشند جو منتر پڻ ياد اچي ٿو: ’استوما سدگميه.‘
ڳالهيون ۽ واقعا سڀ ...... آهن. سچ آهي پريم ۽
گيان جي روشني جنهن جو واڌارو ڪڏهين ماٺ مان ٿئي
ٿو.
***
مجازي ۽ حقيقي پريم جو ذڪر ڪندي سام هڪ وقت هيءَ
سمجهاڻي ڏني: ”پريم هر شيءَ کي پاڪ بڻائي ٿو.
انساني چولو ناسونت آهي. شرير رت پونءَ جو پڃرو
آهي. اهو نه پاڪ آهي، نه ناپاڪ آهي. آتما هميشه
پوتر آهي. پريم جو جت واسو آهي اُتي ئي سچي پوترتا
آهي! اسان کي ڪنهن خاص شيءِ يا ماڻهوءَ لا تمنا
ڪانه رکڻ گهرجي. ڪو هن راند ۾ اچي اتفاق پاڻ شامل
ٿئي ته گهڙي پل جي ورونهه ۾ ڪو پاپ ڪونه آهي. مگر
موهه پاپن ۾ شمار آهي جو سڄي سندرتا ۾ واسو سندر
شيام جو آهي. ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ نه اسين ٻيو
ڪجهه ڪٿي ڏسي سگهون ٿا!“
***
گرڌاريءَ سام کان هڪ سوال پڇيو: ”توهان کي ڪنهن
پريميءَ جي ملڻ ۾ خوشي ٿئي ۽ نه ملڻ ۾ دک ٿئي ٿو
يا نه؟ مان سمجهاڻ ٿو ته توهان کي ڪڏهن ڪڏهن مئڊم
يولاند يا اهڙن دوستن جي نه ملڻ ڪري دک ضرور ٿيندو
هوندو!“
مون گرڌاريءَ کي جواب ڏنو: ”سام کي ته ڪجهه ياد ئي
ڪونه آهي! انهيءَ مان توکي سبق سکڻ گهرجي“
سام چيو: دک به خراب نه آهي، پر اسين پيار ۾ دکي
ڪونه ٿيندا آهيون. جيئن ڪا ڪچي ڀاڄي يا گوشت جي
شيخ باهه تي رکبي آهي ته پچڻ کان اڳ ۾ پاڻي ڇڏيندي
آهي، تيئن دک جي آگ اسان مان ڪچ ڪڍي ڇڏي ٿي. مگر
اسين ته اُهو پاڻي اڳئي ڳاڙي چڪا آهيون ۽ هاڻي پچي
پخته ٿيا آهيون. هي تن من ٻيئي پنهنجا نه آهن.
انهن جي خوشيءَ لاءِ دک ڪرڻ يا ڪشالو ڪرڻ اجايو
آهي. ڪڏهين پراڻي وقت جي ياد اچي به سگهي ٿي. جيئن
جانور کاڌو کائي پوءِ ڇانو ۾ ويهي اوڳاري، تيئن
اسان به گذريل وقت جي آزمودن کي اوڳاري گيان جو رس
منجهانئن ڪڍي سگهي ٿو. مگر ياد هڪ ڳالهه آهي ۽
پريشاني ٻي ڳالهه آهي. پريشان ٿيڻ هر حالت ۾
ڪچائيءَ جي نشاني آهي. ويتر اسان کي ته توهان ئي
ڪافي پيارا لڳو ٿا ۽ توهان سان ڪافي وندر ڀانيون
ٿا.“
***
17-1-1952ع اڳ هڪ ٻڌر جي ميٽنگ جا نوٽ مون وٽ
رهجي ويا آهن. مان اهي خيال ڪجهه نوٽن مان ۽ ڪجهه
سام ۽ پنهنجي يادگيريءَ مان هينئر درج ڪريان ٿي.
ميٽنگ ۾ انجنير صاحب سوال اٿاريو: ”توهين جو چوندا
آهيو ته الله کان سواءِ ٻي ڪابه هستي ڪانه آهي ته
چئبو گناهه به الله پاڻ ڪري ٿو!“
سام وراڻيو: ”علم منطق ۾ ڪنهن ڳالهه کي ثابتيءَ
بنا سچي ٺهرائڻ کي چئبو آهي، ’Begging
the Question‘
يا دعوى بلا ثبوت. اڄوڪي بحث ۾ توهان اڃا گناه جو
هجڻ يا نه هجڻ ته ثابت ئي ڪونه ڪيو آهي. جنهن
ڳالهه جو سوال هلي رهيو آهي اڳ ۾ ئي کڻي نشچئي ڪئي
اٿو. پهريون سوال آهي ته گناه آهي يا نه؟ انهيءَ
جي سمجهڻ کان سواءِ ڪيئن چئبو ته گناه اسين ٿا
ڪريون يا الله ٿو ڪري. اسين ته چئون ٿا بذات خود
(Objectively)
نه گناه آهي نه ثواب آهي، يعني اهو ڏسندڙ ۽ ڪندڙ
جو فقط هڪ خيال آهي؛ انهيءَ کي ڪا هستي نه آهي.“
انجنير صاحب پڇيو: ”ڪرم آهي يا نه؟ ۽ ڪرم جو ڦل
آهي يا نه؟“
سام وراڻيو: ”ڪرم جيوت سان لاڳو آهي ۽ ڪرم جو ڦل
ڪرم سان لاڳيتو آهي؛ جيئن ڪرم کان جدا ڪري نٿو
سگهجي، تيئن ڦل به ڪرم کان جدا ڪري نٿو سگهجي.
ايترو ته هڪ ٻئي سان مليل آهن، جو ٻن ڀاڱن تي جدا
آڱر رکي چوڻ جو ته ڪرم آهي ۽ هي ان جو ڦل آهي، سو
اهنجو آهي. ڇا لاءِ جو انهيءَ وٿيءَ ۾ ٻين ڪرمن يا
ٻين سببن جي داخل ٿيڻ جو نه فقط امڪان آهي مگر اها
هڪ ضروري ڳالهه آهي، جو ڪرم يا جيوت جي زنجيريءَ ۾
ڪو خال ڌيائي نه ٿو سگهجي. جي اهڙي وٿي وقت ۽ ديس
جي وجهبي ته اهو ’ڦل‘ يا نتيجو خاص ان ’ڪرم‘ جو
ڪين چئي سگهبو ڇا لاءِ جو حياتي ۾ اندروني يا
بيروني خال آهي ئي ڪونه؛ اتي يعني فرض ڪيل وچين
عرصي ۽ ٻيا ڪرم خيالي يا عملي ضرور پيدا ٿيا
هوندا. اڳي مون چيو آهي ته جيئن هڪ مس چٽي جو سيڪ
وڌي يا واريءَ تي لاڳيتي طرح پاڻيءَ جو سيڪ سيلاب
وڌي يا جيئن باه جي تپت باه کان وٺي، پسگردائيءَ ۾
ڪجهه حد تائين لاڳيتي ۽ ڳنڍيل رهي ٿي، تيئن ڪرم جو
ڦل پڻ ڪرم سان لاڳيتو وڌندو رهي ٿو. ان ڪري ائين
چوڻ ته هي ڪرم آهي ۽ هي انهيءَ جو ڦل آهي يا هي
گناه آهي ۽ هيءُ ان جي سزا آهي، سو ڪجهه غلط آهي.“
انجنير صاحب چيو: ”ان لاءِ وڌيڪ کولي سمجهاڻي ڏيو
جا ڪنهن خاص گناه سان واسطو رکي.“
سام وراڻيو: مثلاً ڪو ماڻهو مون کي ڌڪ هڻي ٿو ۽
مان وجهه وٺي سڀاڻي تي ان کي ڌڪ هڻان ٿو. توهين
چوندا ته اهو منهنجو ڌڪ ان ماڻهو جي ڪلهوڪي ڌڪ جو
ڦل آهي. مگر ڪهڙي خبر آهي ته منهنجي عيوض جو بنياد
نه رڳو انهيءَ ڌڪ تي پر ٻين ڪن ارادن تي به ٻڌل
هجي؟ شايد ڪا نئين رٿ يا لالچ منهنجي ان سان شامل
هجي! ٻيو مثلا: اڄ مون خراب کاڌو پيٽ ۾ وڌو. صبح
جو مون کي بدهاضمون ٿئي ٿو. شايد کاڌي ڪري نه پر
خراب پاڻي پيئڻ ڪري يا شام واري چانهه جي وقت
پيالي تي ڪنهن زهريلي مک ويهڻ ڪري يا اوچتو مليريا
جي جيوڙن وڌي وڃڻ ڪري پيٽ جي تڪليف ٿي هجي! تنهن
ڪري ائين چئي نه سگهبو، ته فلاڻي کاڌي کائڻ ڪري
بدهاضمو ٿئي ٿو.“
انجنير صاحب چيو: ”مون کي ائين ٻڌايو ته ڪنهن گناه
واري ڪم ڪرڻ سان جنهن کي عام طرح گناه چئجي ٿو
ڪيئن ۽ ڪهڙو ڦل پيدا ٿئي ٿو.“
سام چيو: ”گناه جيڪڏهين ان ڳالهه کي چئو ٿا جا
جيوت جي قانون جي اُبتڙ آهي ته پوءِ سمجهو کڻي ته
خون ڪرڻ هڪڙو گناه آهي جيتوڻيڪ مان اڳواٽ ڌيان تي
آڻڻ گهران ٿو ته خون ڪرڻ هر حالت ۾ گناه ٿي نٿو
سگهي. فرض ڪريو توهان ڪنهن جو خون رٿي، سوچي ڪريو
ٿا. ان ڪرم جو پهريون اثر ان وقت اهوئي ٿئي ٿو؛ جو
خون ڪندڙ جي دل ۾ حراص ۽ ڊپ پيدا ٿئي ٿو، چاهي اهو
ڊپ الٽي عيوض جو هجي يا قانون جي سزا جو هجي يا
خدا جي ڏمر جو هجي. اهو ڊپ ۽ هراس خونيءَ جي خيال
۽ سڄي جيوت تي هڪ قسم جو پاڇو يا ڇاپو ٿي رهي ٿو.
۽ اهڙو خوني ماڻهو اڪثر خيال ۾ هٽندڙ نظر ايندو
آهي ۽ سندس
Nervous System
يعني طبع اهڙي ڪنهن خوف جي ڪري گهٻرايل رهندي آهي.
ان جو نتيجو ڪڏهن اهو نڪري ٿو، جو نه رڳو من يا
ارادو پر بدن پڻ اهڙي خونيءَ جو ڏٻرو رهي ٿو ۽ ان
ڏٻرائپ جو فائدو وٺي، ڪا بيماريءَ خونيءَ تي غالب
پوي ٿي؛ هو ان مان آجو ٿي نٿو سگهي، ان نموني
جيڪڏهين خونيءَ جو اهڙو موت چئجي کڻي ته سندس بري
ڪم مان پيدا ٿيو ته اهو ويچار ڪجهه قدر صحيح ٿي
سگهي ٿو، پر عام طور جيئن چئبو آهي ته خون جو
نتيجو الاهي قهر يا موت آهي ته اهو غلط به ٿي سگهي
ٿو. ڪُڪَرم يعني قدرت جي قانون خلاف ڪرم خيال جي
غلاظت، خوف ۽ انهيءَ وسيلي هيڻائي تن ۽ من جي ضرور
وڌائي ٿو، جن جا ٻاهريان ظاهري ڦل، بيماريون، مالي
نقصان وغيره يا خود موت ، پوءِ آهستي آهستي پيدا
ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن اندر ۾ من جو مونجهارو ٻڌيءَ
جو ناس ٿيڻ ۽ آتما جي آخر هاڃيءَ جا ڪارڻ پيدا ٿين
ٿا. پر ان وچ ۾ جيڪڏهين سچائيءَ، ديا، محبت يا ٻئي
ڪنهن جي اُپڪار جو خيال ان ڪُڪرمي جي دل ۾ اچي وڃي
ٿو ته بڇڙائيءَ جي وڌندڙ اثر تي روڪ پئجي سگهي ٿي
۽ وري جيوت کي ڦلائڻ وارا اثر پيدا ٿين ٿا. اهي
آهن ڪرم جي ڦل پيدا ٿيڻ جا طريقا. سمجهو ته ڪرم
ڌاڳن جي ڪچيءَ ۾ تانيءَ مثل آهي؛ ڪي ڌاڳا ڊگها، ڪي
بندرا ته ڪي هت يا هُت ٻين ڌاڳن سان ڳنڍيل آهن؛ سي
سڀ گڏجي ڪرم جي تاني بڻائن ٿا. ڪي وچ تي، وري ٽٽي
پون ٿا. انهن مان هڪ هڪ ڌاڳي جي شروع کان آخر
تائين ڄاڻ رکڻ اهنجي آهي. فقط اهو سمجهڻ گهرجي ته
اُهي سڀ ملي هڪ تاني بڻائن ٿا. تانيءَ ۾ به ڌاڳا
ڪنهن حد اندر رهن ٿا مگر ڪرم يا جيوت جو دائرو
محدود ناهي؛ ڪٿان به ۽ ڪڏهن به نوان ڪرم پاڻ مان ۽
ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جيءَ مان پيدا ٿي پنهنجو اثر
وجهي سگهن ٿا. ائين چئي نه سگهبو ته هي يا هي ڌاڳو
ڪارڻ طور وڌيڪ اهميت رکي ٿو. ڪُڪرم جي سزا چٽيءَ
طرح معلوم تڏهين ٿي سگهندي. جڏهين اندر جو راز
سمورو معلوم هجي جو ممڪن نه آهي. ان ڪري ئي ايشور
کي بي انت چيو اٿن. باقي ٿلهي ليکي ائين چوڻ ته
خوني دوزخ ۾ وڃي ٿو ۽ پر اپڪار جي ڪم ۾ جيڪي لڳل
آهن سي سڀ بهشت ۾ وڃن ٿا، سو فقط هڪ خيال ظاهر ڪرڻ
جو نمون
(Figure of Speech)
آهي مگر ان کي گياني ڪا به اهميت ڪين ٿا ڏين. ٻج
کان سواءِ برابر ميوو پيدا ڪو نه ٿو ٿئي، پر ٻج
سان گڏ سج جي روشني مٽي، پاڻي، هوا، ڀونرن ۽ مکين
جو اٿڻ ويهڻ گلن تي، اهي سڀ شيون ۽ حرڪتون جدا جدا
نمونن ۾ ۽ جدا جدا ڊگرين ۾ پنهنجي کيڏ ڪن ٿيون؛
انهن سڀني جو نتيجو ٿئي ٿو ڦل وڻ جو. تنهن ڪري،
جيتوڻيڪ ڦل هميشہ ٻج مان پيدا ٿئي ٿو ته به ٻج
هميشہ مقرر نموني جا ڦل، وڏا ننڍا يا هڪ جيترو
مٺاس رکندڙ، ويدا نٿو ڪري سگهي. سببن جي زنجيري
(Chain of Causation) اهڙي ته ڳنڍيل ۽ ڳتيل آهي، جو منجس ڪي به گهر ۽ پد حقيقت ۾ جدا
نه آهن، پر اُهي يڪو هڪ رستو بڻائن ٿا؛ هيءَ هڪ
ڳنڍيل تار ۽ هڪ لڳاتار رفتار
(Process)
آهي.“
سام وري چيو: ”ٻن خونين جي حياتيءَ جي مون کي ڪجهه
قدر خبر آهي. هو اسان جي ڳوٺ ۾ رهندا هئا. ڪيئن
انهن جي ڪڪرم منجهن اهڙو ڊپ ۽ هراس پيدا ڪيو، جو
جلدئي هپندا، خوف ۾ ڳرندا، بيمارين ۾ آخر وٽجي مري
ويا، اهو هڪ خيال کي اُٿاريندڙ آزمودو هيو.
انجنير صاحب چيو: ”مون وٽ هڪ بيلدار آهي جنهن ڇهن
ماڻهن جو خون ڪيو آهي مگر هن کي ڪجهه ڪونه ٿيو آهي
۽ بلڪل خوش رهي ٿو.“
سام چيو: ”هو ڪو پڪو بنڊ هوندو. جنهن جي ڳارڻ يا
نرم ڪرڻ لاءِ شايد اڃا وڌيڪ دک پيدا ڪندڙ ڪرمن جي
ضرورت آهي. جيتريقدر مون کي خبر آهي ته اهڙن ماڻهن
جو اندر کاڌل هوندو آهي توڙي جو ٻاهران خوش نظر
ايندا آهن. سمجهه به ثابت نه رهندي اٿن؛ سندس
ڪڪرمن سان گڏ ئي سندن زندگيءَ ۾ بگاڙو شروع ٿئي
ٿو.“
انجنير صاحب چيو: ”مان في الحال اها ڳالهه قبول
ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ اڃا ٻئي دفعي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي
ضروت آهي ۽ ٻيا ڪجهه سوال به پڇندس.“
***
1-5-1952ع هيءَ ڊائري وري ڪيترن مهينن بعد شروع
ڪريان ٿي. حقيقت هيءَ آهي ته ڪم جي گهڻائيءَ ۽ گرم
آبهوا سبب مون کان لکڻ پڄي ڪو نه سگهيو آهي.
سام چوي ٿو: ”اصل ۾ اها دل جي شوق يا اورچائي جي
گهٽتائي آهي، جنهن جا ڪارڻ ڪجهه جسماني ۽ ڪجهه
روحاني ٿي سگهن ٿا. جسماني ڪارڻ هي آهي جو هن ننڍي
شهر ۾ گهڻو وقت رهندي زندگيءَ ۾ هڪ قسم جي بي
چسائي يا ساڳيائي
(Monotony)
پيدا ٿي آهي جا سستيءَ کي همتائيندڙ آهي. روحاني
سبب هي آهي، جو آدرشي زندگي يعني رٿيل آشرم واري
زندگي اڃا پري نظر اچي ٿي؛ هاڻوڪي زندگي اسان ڪن
ڌارين يعني بيروني، مالي يا گهرو خيالن کان اختيار
ڪئي آهي ۽ نه دل جي چاه مان. پر هڪڙو تفاوت تنهنجي
۽ منهنجي وچ ۾ هي آهي ته تون هن عارضي طور اختيار
ڪيل زندگيءَ کي بلڪل بي سود ۽ بي سواد سمجهي،
ٻاراڻي نموني اُن کان رسي ويهين ٿي ۽ مان ڪوشش
ڪريان ٿو ته مجبوريءَ وارين حالتن مان پڻ ڪجهه کڙ
تيل ڪڍجي. انهيءَ عارضي طور اختيار ڪيل زندگيءَ جي
نموني کي پڻ آدرشي زندگيءَ جي حاصلات لاءِ هڪ
ذريعو يا ڏاڪو بڻائي سگهجي ٿو. ڪنهن به صورت ۾ بنا
چاه جي ڪوبه ڪم ڪرڻ نه کپي خاص دلچسپي نه هجي تڏهن
به ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته من اتان به ڪجهه حاصل ٿئي.
حياتيءَ جون واٽون گهڻيون گڏيل آهن حقيقت ۾ آدرشي
۽ عارظي طور اختيار ڪيل زندگيءَ ۾ آتما لاءِ ڪو
خاص فرق ڪونه آهي. ڇا ڪاڻ ته جا هستي ۽ جا وستو
اسين آهيون، اها هميشہ رهنداسون. يعني جنهن به
دائري حياتيءَ جي ۾ کيڏ ڪبي، تنهن جو ڦل اسان جي
لياقت، ڀاونا ۽ سڀاو موجب ضرور ملندو. خسيس ماڻهن
سان واهپو هجي، ۽ بلڪل معمولي ڪمن ۾ کڻي رڌل هجون،
تڏهين به جي اسان ۾ ڪا سچائي يا مڻ آهي ته اها لڪل
نه رهندي لکن ماڻهن تي پوي يا فقط هڪڙي ماڻهوءَ تي
ان جو اثر پوي، ان هڪ ماڻهوءَ مان به وري اهو اثر
لکن ۾ ڦهلجي سگهي ٿو. ان ڪري بي چسو ٿيڻ نه گهرجي.
سکن جو گرو ٽيڪ بهادر صاحب قيد ڀوڳي رهيو هو تڏهين
به سندس وشواس ذرو گهٽ ڪونه ٿيو؛ حضرت بهاوالله
جڏهين چاليهه سال بندخاني ۾ رهيو، تڏهين به پنهنجي
آدرش ۾ ايمان رکندو آيو. ٻين مذهبن جي اتهاس مان
پڻ انيڪ مثال ساڳي قسم جي ڏيئي سگهبا. پسند يا اڻ
پسند حالتن ۾ صبر ڌارڻ، پنهنجو نيم قائم رکڻ،
پرارٿنا ۽ پريم جو ورتاءُ جاري رکڻ سوئي سچي ڌرم
جو مارڳ آهي. جيڪڏهين اسين هيءُ هڪ قيدخانو به ڪري
سمجهون تڏهين به چاه زندگيءَ جو گهٽ ڪرڻ نه گهرجي.
سستي ۽ آلس پاپن ۾ شمار آهن.“
هيترا مهينا سمجيم به ٿي ته ڪيتريون لکڻ جهڙيون
ڳالهيون هٿان وڃائي رهي آهيان. ڪنهن نه ڪنهن سبب
ڪري اُهي درج ڪري نه سگهي آهيان. ان جو ذڪر سام
سان ڪيم.
سام چيو: ” جيئن هڪ بي چسو شڪاري شڪار جي علائقي
مان هٿين خالي موٽي اچي يا جيئن پراڻو ڇڳل ڄار کڻي
مهاڻو سمنڊ مان ڪجهه به حاصل ڪري نه اچي، تيئن
تنهنجي سستيءَ به زندگيءَ جي وهندڙ درياه مان توکي
فائدو وٺڻ ڪونه ڏنو آهي.“
سچ پچ آهي به ائين. اسان جي نڪتن ۽ ٽوٽڪن سان
ڀرپور روزاني واد وواد هڪ سکيا واري وهندڙ درياهه
مثل آهي. ويجهو ويهي به مان ڪجهه قلم روپي گهڙي ۾
آڻي ڪين سگهي آهيان. پر اڄ وري نئون ارادو ڪيو اٿم
ته جيتريقدر ٿي سگهندو اهڙا نوان خيال هٿان ڪين
وڃائيندس.
*** |