سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 38

29-1-1960ع ٽيون ڏينهن جئن هتان هڪ متر جي دعوت تي ڀڄن ڪيرتن جي موقعي تي ڳوٺ نصيرآباد وياسون ته اُتي هڪ منهنجي اڳئين بيمار جي گهر وارن مون کي گهر هلڻ جي دعوت ڏني ۽ مهماني طور مون کي خرچي به ڏنائون. اُتي جنهن پريميءَ وٽ اسين ٽڪيل هئاسون سو پاڻ هڪ هوموپٿيءَ جو ڊاڪٽر آهي مگر کيس Practice گهڻي ڪانه آهي. انهن ماڻهن نه فقط مون کي مهماني ڏني مگر سام کي پڻ شڪار جي دعوت ڏنائون جنهن ۾ هنن جو جيڪر گهڻو ئي خرچ اچي وڃي ها ۽ هنن کي ٻيڙيءَ وغيره جو بندوبست ڪرڻو پوي ها. ايتري آجيان اسان جي ٿيندي ڏسي اسان جي پريميتءَ هوموپٿيءَ واري ڊاڪٽر کان وات مان اهي لفظ رشڪ جي ڀاو ۾ نڪري ويا ته سائين مون کي به اها ترتيب ڏسيو جئن مان ڪجهه وڌيڪ ڪمائي سگهان؟

سام ان جو دلي مطلب سمجهي کيس هيئن چيو: ڏسو هاري ستيا ڪري ڪيئن ٿو وڃي مٽيءَ ۾ ٻج وجهي؛ پوک کي پاڻي ٿو ڏئي ۽ ان جي لڳاتار شيوا ٿو ڪري. ظاهر ۾ چئجي کڻي ته هيءَ هڪ چريائي آهي جو کائڻ جي شيءِ، مٺا داڻا ان جا وڃي ڪو بر ۾ اُڇلائي؛ مگر ان نموني ستيا ڪرڻ سان ئي هڪ داڻي مان سو داڻا اپجن ٿا. اهڙيءَ طرح جيڪڏهين اوهان پنهنجي بيمارن جي چڱي شيوا ڪندءُ ۽ وقت تي پنهنجي گهران به ڏيئي انهن جي تندرستيءَ جو خيال رکندءُ ۽ عام طور پنهنجن دوستن ۽ ٻين وهيوارين سان وڌيڪ ڪشاد دل ٿي هلندءُ ته گويا اهو ڀلائيءَ جو ٻج پوکنيدءُ جنهن مان جهجهوئي اَن مراد جي صورت ۾ حاصل ٿيندو. اهو سمجهڻ کپي ته هن سرشٽيءَ جو رچيندڙ هڪ وڏو ڏاتار آهي جو ڪنهن جو به لايو اجايو نه ٿو گنوائي. جيترو سندس مخلوقات سان وهجي ٿو اُن کان هزار دفعا وڌيڪ ڀاڙا هو اسان کي بخشي ٿو. روشي دوار سا ۽ دروپديءَ جي ڳالهه ياد ڪريو جا هن ريت چوڻ ۾ اچي ٿي: هڪ دفعي دوارسا رشي درياهه ۾ اشنان ڪري رهيو هو؛ اشنان ڪندي سندس لنگوٽ ترڪي درياهه ۾ لڙهي ويئي جنهن ڪري هو بلڪل ننگو رهيو ۽ ٻاهر نه پيو نڪري سگهي؛ ٿڌ به اُن وقت چڱي ٿي پيئي؛ ماڙيءَ مان راني دروپدي سندس هي حال ڏسي پنهنجي ساڙهيءَ مان تڪڙ ۾ هڪڙو ٽڪر ڦاڙي کيس اڇلائي ڏنو، مگر ائين ٿيو جو اهو ٽڪرو به درياهه ۾ لڙهندو هليو؛ تڏهن راڻيءَ پنهنجي ساڙهيءَ مان ٻيو ٽڪر ڦاڙي ڦٽو ڪيو جنهن جو پڻ ساڳيو حال ٿيو؛ ٽيون ٽڪرو ساڙهيءَ جو به ائين لڙهندو هليو ويو ۽ رشيءِ جي هٿ اچي نه سگهيو. تڏهين راڻيءَ پنهنجي ريشمي ساڙهيءَ جو باقي بچيل حصو اڇلائي ڏنو ۽ ائين چوڻ ۾ اچي ٿو ته راڻيءَ جي انهيءَ پڃ ڪري ڌرتشر اشٽرا جي سڀا ۾ ڀڳوان سندس لجا رکي ۽ کيس پنهنجي پڃ جو ڦل ڏهوڻ بلڪ سئوڻ ڪري ڏنو جو جيئن سندس ڪپڙا لاهيندا وڃن تيئن اندران وڌيڪ نڪرندا وڃن. اها ڳالهه اکر اکر سچي نه به هجي ته به هن جي لجا ته ضرور رکجي ويئي.“

سام ان ڊاڪٽر کي چيو: ”جيڪو فراخ دليءَ سان ٻئي جي شيوا ڪري ٿو ۽ پنهنجو هڏلائي ٿو اهو ضرور انهيءِ جو ڦل ڪنهن نموني پائي ٿو. سرشٽيءَ جي مالڪ وٽ ڪا کوٽي ڪانه آهي. جيڪڏهين سندس راهه ۾ خرچ ڪيل پئسو يا طاقت سڌيءَ طرح ساڳي روپ ۾ نه ٿي موٽي ملي ته به وڪڙ سان ٻئي ڪنهن نموني اُن جو ڦل ضرور ملي ٿو. تنهن ڪري خود غرضيءَ جي خيال کان به ڪشاده دل ٿيڻ جو رستو وڌيڪ لاڀدائڪ آهي. توهان به اهڙي نيتي اختيار ڪريو جهڙي اسان جي منوءَ (يعني مون) اختيار ڪئي آهي. ڪيترين ڳالهين ۾ هوءَ مون کان به وڌيڪ ڪشاده دلي ڏيکاريندو آهي؛ توڙي جو مان کيس ڳالهه جو ٻيو پاسو به ڏسيندو آهيان تڏهن به ائين سمجهندو آهيان ته سندس فراخدليءَ واري نيتي ٺيڪ آهي. پنهنجي گهران پئسو لائي به بيمار جو تدارڪ ڪندي آهي. توهين ايشور سان ليکو نه ڪريو ته هو به توهان سان ليکو نه ڪندو. دنيا توهان کي آرسيءَ وانگر اهڙي نظر ايندي جهڙي منجهس پائيندا.“

***

 

 

28-2-1960ع مٿين مضمون ۾ جنهن ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيل آهي اُهو اسان وٽ ڪجهه وقت کان ايندڙ آهي ۽ گهڻو هري مري ويو آهي، ايتري قدر جو کيس پنهنجي ڳوٺ ۾ ايترو آرام نه ايندو آهي جيترو هت لاڙڪاڻه ۾؛ گهڻو ڀاڱو پنهنجي وقت جو لاڙڪاڻه ۾ اسان وٽ هوندو آهي. سندس من ساڌ سنگ ڏي مائل آهي. سڄو ڏينهن يا ٻاڻيءَ جي پڙهڻ جا موقعا پيو ڳولهيندو يا گيان چرچا پيو ڇيڙيندو آهي. هن سام کان هڪ سوال ٻاڻي پڙهندي پڇيو جو هي آهي: ”مانک جوڻ ڦري سگهي ٿي يا نه؟ يعني مانک جوڻ ڇڏائي قدرت آتما کي ٻيو جنم ڏئي سگهي ٿي يا نه؟“

سام جواب ڏنو ته ”ڌرمي سکيا ڏيندڙن جو اهو خيال آهي ته آتما پنهنجي اڇا سان جنم وٺي ٿي ۽ قدرت جو مٿس ٻيو ڪو زور ڪونه ٿو هلي، سواءِ سندس ڪرمن مان پئدا ٿيل سوڀاءَ جي، جيڪي ان کي ڇڪي ڪنهن خاص ريت ڏي مائل ڪن ٿا. انهن ڳالهين بابت ڪا اکين ڏٺي ثابتي ڏيئي نه ٿي سگهجي پر عام طور ائين کڻي چئجي ته انسان جي پدوي ڇڏي آتما حيوان جي پدوي ڇو پسند ڪندي؟ پر انسان ۾ ڪيترا انسان فقط نالي طور انسان آهن؛ هنن جا ڪرم ۽ وحشاني تمنائون کين حيواني درجي جي ويجهو رکن ٿيون. جنهن ماحول ۾ ماڻهو رهي ٿو اُنهيءَ جا اثر ضرور مٿس پون ٿا ۽ انهن اثرن پوڻ ڪري جيڪي هو ڪرم ڪري ٿو سي نه رڳو سندس من جو لاڙو ڏيکارين ٿا پر سندس اڇائن کي پڻ جوڙن ٿا. ڪرم انهيءَ ڪري هڪ پاڻيءَ جي گٺ مثل آهي جو وهندڙ پاڻيءَ کي ڪنهن خاص نشيب ڏانهن مائل رکي ٿو، ۽ جهڙو ٿانو اهڙي پاڻيءَ جي صورت! انهيءَ نموني پنهنجي اڇائن ۽ ڪرمن جي پٺيان آتما پنهنجي فطرت آهسته آهسته ڦيرائي سگهي ٿي. مثال طور اسين شڪار تي ويندا آهيون؛ جيڪڏهين اسين شڪار هڪ راند سمجهي نه ڪريون ۽ پاڻ کي پنهنجي خيال جي ٻل سان هيٺ گهرڪڻ کان نه روڪيون ته بگهڙ يا ڪتي وانگر ذاتي طور شڪاري روح ٿي پئون ۽ اهڙيءَ طرح رهندي رهندي ٿي سگهي ٿو ته اسان جي آتما ۾ شڪاري ڀاو جو واسو پڪو ٿي وڃي. پوءِ جي آتما پنهنجي اِڇا سان جنم وٺي ٿي ته ڪهڙي مشڪل ڳالهه آهي جي ٻئي جنم ۾ مانک ديهي ڇڏڻ بعد شينهن بگهڙ يا ٻئي جانور جي روپ ۾ واس ڪري! پر انهن ڳالهين بابت يقين سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي.

”وڏين آتمائن کي پاپ جي وچ ۾ يا ظاهري هنسڪ ماحول جي وچ ۾ رهندي به من جي ورتيءَ ۾ ڦيرو ڪونه ٿو اچي؛ پر اهو سمجهڻ کپي ته هوريان هوريان سالن يا جنمن جا ڪرم نوان ڀاو پيدا ڪن ٿا. ڪرم ماڻ يا گهڙي، گهگهيءَ ۽ گهاگهر مثل سجهيو. هيڏانهن ڀاؤ (جو پاڻيءَ مثل آهي) خالي ڪرم جي برتڻ کي معنيٰ دار بڻائي ٿو ته هوڏانهن خالي برتڻ (ڪرم) ڀاو جي پاڻي اندر روپ ۽ گڻ سمائي ٿو. جئن پاڻيءَ ۾ بانس يا فقط واس پٿر جي مٽيءَ جو يا لوهيءَ گهاگهر جو يا ٺڪر جي مٽيءَ جو رهجي ٿو وڃي تيئن ڀاو تي به اثر ڪرم جو پئجي ٿو وڃي. مطلب ته ٻنهين جو يعني ڀاو ۽ ڪرم جو هڪ ٻئي تي اثر پوي ٿو. وڌيڪ جوڻ مٽائڻ بابت ڪجهه به خاطريءَ سان چئي نه ٿو سگهجي.“

ڪتاب اڳتي پڙهندي ڊاڪٽر صاحب هن پائنٽ تي اچي پهتو ته آتما جو آخري اونچي ۾ اونچو مقصد آنند ۾ سمائجڻ آهي.

سام چيو: ”آتما هميشہ آنند جي پڻ قائل نه آهي ڀلا ويچار ڪريو ته سرڳ يا آنند ۾ ڪيترو رهي سگهبو! ڇو نه ڏينهن رات اُنهيءَ آنند ۾ آتما ٻڏل رهي تڏهن به اها حالت هيمشہ لاءِ جڳان جڳ ڪنهن کي قبول پوندي ۽ ڪيئن حاصل ٿيندي؟ ان ڪري ٻڌ ڌرم وارن نرواڻ پند ۽ صوفين وري نيستيءَ يا ڪين جو مڪان آخري منزل سمجهي آهي. مگر آنند يا نرواڻ کان پوءِ به ته ڪجهه آهي، جي آتما امر آهي. آتما کي يا ٻيءَ ڪنهن هستيءَ کي ڪا بيهڪ ڪانه آهي ته هي هڪڙو وهڪرو آهي جنهن کي اسين زندگيءَ جو درياهه ڪوٺيون ٿا، يا سمجهو ته هڪ تيز رفتار سان هلندڙ مشين آهي جنهن جا پارٽ به فقط نالا آهن، ڇا لاءِ جو پارٽن جا خود جزا به رفتار ۾ آهن؛ هن مٽيءَ جي ذري کي خوردبينيءَ سان ڏسبو يا هن ميز کي ته انهن جي ائٽمن جي رفتار هڪ لک ڇهاسي هزار ميل هڪ سڪينڊ ۾ آهي. تڏهين هڪڙيءَ شيءِ کي اهڙي بيهڪ آهي جنهن کي ڪو نالو ڏيئي سگهجي؟ ان ڪري ئي ويدانت وارا، رشي وشثٽ جي ڪم آندل اکرن ۾ چوندا آهن: ’رام جي يه جڳ بڻيا ئي نهين!‘

”اهي خيال ڪندي ته آتما ڇا آهي، انت ڇا آهي، جيوت ڇا آهي ۽ سرشٽي ڇو پئدا ٿي آهي وغيره، ماڻهوءَ جو مغز چڪر ۾ اچي وڃي ٿو. عقل اتي ٿڪجي پوي ٿو ۽ ڪو تسلي بخش ڏس ڏيئي ڪونه ٿو سگهي. جتي عقل ٿڪجي پوي ٿو پريم پر گهٽ ٿئي ٿو. پريم جي لوڙ محسوس ڪجي ٿي ڇا لاءِ جو اُن پريم جي وسيلي ئي اُها هيڪڙائي هن آد پرش سان (قدرت چئوس يا زندگي چئوس اُنهي سان) حاصل ڪري سگهجي ٿي. پريم ئي اها هاج پوري ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري آنند، نرواڻ نيستي وغيره مقصدن کان وڌ اسين پريم جي پورنتا چاهيون ٿا؛ پريم وشو سان هيڪڙائيءَ آهي جي واٽ ڏسي ٿو. وڌيڪ ڳالهين مان اسان جو ڪهڙو مطلب ته ڇا انت آهي يا ڇو هي سڀ پئدا ٿيو آهي؟“

ڪتاب ۾ اڳتي پڙهندي پنجن وڪارن يا پنجن دشمنن جو ذڪر آيو؛ ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه ۽ اهنڪار، سام چيو: ”اهي پنجئي وڪار هڪ ئي نفس جا نالا آهن.“

ڊاڪٽر چيو: ”سڀ هڪ ڪيئن آهن؟ ان جا هي جدا جدا روپ ڇو ڏسون ٿا؟“

سام چيو: ”نه فقط اهي پر سڀ روپ هڪ ئي چيز جا آهن.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”بديءَ ۽ نيڪيءَ جي جدا اصولن ۾ توهان جو اعتقاد آهي يا نه؟“

سام چيو: ”جي ٻه شيون هجن ها تڏهن به جڳان جڳ گڏ رهندي جيڪر هڪ ٿي وڃن ٿا. ويتر هت ته ائين چيو ٿو وڃي ته تت سڀني ۾ ساڳيائي پنج آهن. پوءِ اُتي ٻيائيءَ جو سوال ئي ڪونه ٿو رهي. هڪ شيطان ٻيو الله يا پنج دشمن ۽ ٻه مقام سرڳ ۽ نرڪ وغيره جا ويچار سڀ محدود خيال جو دائرو ڏيکارين ٿا ۽ اڻ پوري ڄاڻ مان پئدا ٿين ٿا. مگر اُها نظر جيڪا سڀ کي هڪ ڪري ڏسي ٿي اُها ڪا وڏي رٿ  خيال ۾ رکي ٿي، جنهن ۾ هي سڀ ننڍيون رٿون ۽ انهن جون شڪليون، روپ وغيره سمائجي وڃن ٿا؛ انهيءَ لاءِ نه ڪي پاپ ۽ وڪار آهن نه دشمن. فقط اکٽ پريم ئي انهن لاءِ ڏسڻ، ٻڌڻ، ڇهڻ ۽ هنڊائڻ وغيره جو هڪ رستو آهي.“

***

 

 

8-3-1960ع هن کان اڳ هوموپٿي جي ڊاڪٽر جو ذڪر ڪيل آهي، جو گهڻو وقت اسان وٽ اچي ٽڪندو آهي. هو به چئجي کڻي ته هڪ ڳولهائو آهي، ڇا لاءِ جو جتي ڪو ساڌو يا فقير ايندو ٻڌي يا ڪو ڀڄن ڀاءُ ٿئي ته اُت مڙيوئي حاضر هوندو آهي. اسان جي ست سنگ مان شايد کيس گهڻو مزو ڪونه ايندو آهي، پر تنهن هوندي به هن نموني جي رهڻي ڪهڻي، کليل گهر ۽ باغ ۽ خيالن جي ڏي وٺ جي وندر، هن کي شايد وڻندي آهي. هو ايترو هري ويو آهي جو ڪا به اٿڻ ويهڻ ۾ ابتي ڳالهه ڪندو آهي ته سام کيس بنا حجاب چئي ڏيندو آهي ۽ مٺن لفظن ۾ کيس پنهنجي قانون تي آڻيندو آهي. اهڙيءَ طرح ڪالهه سام کيس چيو ته ”سائين! توهان پنهنجي جي ڪمري جي حد ۾ پريئر ڪندا ڪريو ڇا لاءِ جو لاڳيتو ٻيو ڪمرو مهمانن جي لاءِ آهي؛ اتي دخل گهٽ ڪريو جيئن هو ڪا تڪليف نه محسوس ڪن.“ ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اُتي ديديءَ جي به اچ وڃ آهي، تنهن ڪري ڪمرو خالي نه هوندو آهي ته مون کي ايڪانت لاءِ ٻئي ڪمري ڏانهن وڃڻو پوندو آهي.“

سام چيو: ”تڏهن سڀ کان سٺو، توهين منهنجي ٺاهيل جهوپڙيءَ ۾، يا ڪوٺي جي مٿان، وڃي ويهندا ڪريو!“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اُتي من ايڪاگر نه ٿو ٿئي ڇا لاءِ جو کليل هوائون ۽ پکين جون ٻوليون وغيره آهن، جنهن ۾ منهنجو خيال ٿڙي وڃي ٿو.“

سام عجب ۾ پئجي چيو: ”اها ڪهڙي ايڪاگرتي ڳولهيو ٿا ۽ انهيءَ جو ملهه ڇا آهي؟ ڇا توهان جو من ٻاهرين هوائن لڳڻ سان اُڏي وڃي ٿو؟ تڏهن ته توهان کي چوندو آهيان ته توهان اڃا اُها واٽ ئي ڪانه ورتي آهي جت ٻاهريون هوائون ته ڇا پر خود اندر جا طوفان، جيڪي اسان جون خواهشون ۽ تراسون گڏجي پئدا ڪن ٿا، من جي دکن جا بادل ۽ انهن جا گوڙ گهمسان، سي پڻ خيال کي لوڏيءَ نه ٿا سگهن ۽ ان کي ئي چئبو آهي ايڪاگر ٿيڻ. هي ٻاهريان طوفان ته ڪجهه به ڪونه آهن. پر توهان کي ته هي بهارن جون هيرون، پکين جون مٺڙيون ٻوليون ئي ڪونه ٿيون وڻن جن سان اسان جي رشين جون ٻيلن ۽ آشرمن ۾ روح رهاڻيون هونديون هيون ۽ جي سچ پچ نيومن کي انهيءَ موج جي ويجهو پهچائين، جا خود ايڪاگر ٿيڻ جو مقصد آهي.

”توهان کي مدد ڪرڻ جي بدران اهي توهان جي من کي ٿيڙي ٿيون وجهن! گهگهه ۾ ويهي ڪهڙي ايڪاگرت ڳولهيو ٿا؟ گهرجي ته اها ايڪاگرتي حاصل ڪريون جو زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ صبح کان شام تائين، گوڙ ۽ هلچل جي وچ ۾، ڪمن ڪارين ۽ زماني جي چنتائن هوندي ۽ خود ننڊ ۾ به پنهنجي پريم ۾ پر رهون ۽ اهو آنند هر هميشہ پيا ماڻيون!“

ڊاڪٽر صاحب پڇيو: ”معاف ڪجو جيڪڏهن اڄ مان اوهان کان هڪ سڌو سوال پڇان. توهان به سنت ته آهيو ئي پر مان پڇڻ گهران ٿو ته اوهان اها شيءِ حاصل ڪئي آهي؟ اُها جوت ڏٺي اَٿو؟“

سام زور سان چيو: ”مان قسم کڻي چوان ٿو ته اها شيءِ ته ٻي ڳالهه آهي پر اسان اصل اها شيءِ پاڻ آهيون. توهان به اهائي ذات آهيو پر توهان پاڻ کي سڃاڻو ڪونه ٿا.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”اها ته ڳالهه سچي آهي پر ڪيئن سڃاڻجي؟“

سام چيو: ”اهو ڪم هڪ گهڙيءَ جو نه آهي؛ شايد اتي جنمن جو ليکو آهي.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”ائين هرو ڀرو نه آهي. چوندا آهن ته گروءَ جي درشٽيءَ سان گيان کن ۾ حاصل ٿي ويندو آهي.“

سام چيو: ”جيڪي جنمان جنم پريم يا گيان جا پيالا پي پر ٿي ٿا اچن، انهن کي برابر هڪ سرڪي ملڻ سان ئي نشو ٿي ٿو وڃي. پر ان سرڪيءَ جو ملڻ خود جنمن جي ڪرم جو نتيجو آهي يعني پورن گرو به ان کي ملندو جنهن جو دل ۽ من گروءَ جي سڃاڻڻ لاءِ تيار هوندو، جنهن جي ڪرمن جي ڪمائي کيس انهيءَ پڇاڙيءَ جي منزل طيءَ ڪرڻ لاءِ طاقت ۽ سمجهه ڏني هوندي.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”گرو پنهنجي شڪتيءَ سان ۽ پنهن جي گيان سان سنواري سڌاري جلد ئي منزل تي رسائي نٿو سگهي ڇا؟“

سام چيو: ”پنڌ پنهنجي پيرن سان کٽندو آهي؛ نه وري گرو ڪو ماستر آهي جو ويٺو ٻار کي سڄو ڏينهن سکيا ڏي؛ توهان چوندا آهيو ته منهنجي گروءَ مون کان هي وچن ورتا آهن پر اها ته ڳالهه ئي ان منزل تي ڪانه آهي.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”ڇا، گرو سيکاري ۽ سنواري نٿو سگهي؟“

سام وراڻيو: ”انهيءَ نموني نه؛ پريم مان سڀ ڪي حاصل ٿي سگهي ٿو. جئن سلو، هوا، اس، پاڻي، مٽيءَ جي ميلاپ سان نپجي ٿو، تيئن هي دل من جو ٻوٽو پريم جي ماحول ۾ پختو ٿئي ٿو. اهو گرو ڪهڙو جيڪو وچنن ۽ ٻنڌنن تي اعتبار ڪري ويهي رهي ۽ پنهنجيءَ پريم جي طاقت تي ڀروسو نه رکي! گرو هڪ همراه آهي؛ سنگتي آهي؛ يا سمجهو روحاني ماتا پتا آهي ۽ جئن ماتا پاتا پنهنجي اکٽ پيار سان ٻار کي ننڍي اوسٿا ۾ نپائن ٿا تيئن گرو هٿراڌو حيلن بنا، پنهنجي پريم دوران، دل ۽ من کي پر ڦلت ڪري ٿو. در حقيقت توهان اڃا گرو ڪيو ئي ڪونه آهي! اڃان ڪرڻو اٿو.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”مان جو وچن ڏيئي شبد وٺي آيو آهيان، اهو گرونه ڪيو اٿم ته ڇا ڪيو اٿم؟“

سام چيو: ”انهيءَ کي گرو ڪرڻ نه چئبو آهي. جڏهين توهان جو من وڃي پنهجي گروءَ ۾ سمائجي، انهيءَ جو اٿڻ ويهڻ رهڻي ڪهڻي توهان کي ازخود اونچي ڏسڻ ۾ اچي ۽ پنهنجو پاڻهي دل پنهنجي ئي طلب سان ان جي نمونا، طريقا، اپنائي ۽ سندس عادتون علم طور توهان جي خود پنهجا طريقا ٿي وڃن، تڏهين سمجهو ته توهان گرو لڌو آهي. پر هن حالت ۾ ته وچن ڏئي ٿا اچو تڏهين به مڇيون، گوشت اسان وٽ کائي وچن ڀنگ ڪري ٿا ڇڏيو! پوءِ ڪيئن چئجي ته اوهان گرو لڌو آهي؟ وچن اهي ڇوٿا ڀنگ ٿين؟ جي سچي شرڌا هجي ته ائين نه ٿئي. فقط شبد وٺي گرو ڪونه ڪبو آهي پر شرڌا ۽ پريم سان ملندو آهي.“

ڊاڪٽر صاحب چيو: ”آهستي آهستي ئي ته من ٺهندو آهي. تنهن ڪري ئي هي ساڌن پڻ من کي ايڪاگر ڪرڻ جا ڪجن ٿا.“

سام چيو: ”ڀائي ڊاڪٽر اهي ته ڳالهيون ئي پريم جي مارگن ۾ ڪونه آهن؛ خبر نه آهي ڪٿان ٻڌيون ۽ پڙهيون اٿو. نه انهن قسمن ۽ ڪوششن سان من ٺهندو نه ايڪاگر ٿيندو. من جي چڙي هوا ۾ ته ڪونه بيهي رهندي؛ ڪنهن وڻ تي ضرور ويهي. ڪنهن جو من دنيا جي سکن تي ته ڪنهن جو نالي ناموس جي وڻ تي ته ڪنهن جو ڪنهن ٻئي آسا جي درخت تي آشيانو اڏي ٿو. هڪ شوق يا هڪ مقصد تڏهين ڦٽي ڪري يا ترڪي سگهجي ٿو جڏهن ٻيو ڪو ان کان وڏو شوق يا عشق پئدا ٿئي ٿو. تنهن ڪري هي سڀ پريم يا عشق جو معاملو آهي ۽ نه حيلن بهانن جو. توهان جي  من جي چڙي پنهن جي گروءَ جي پريم جي وڻ تي سچ پچ ويٺل آهي ته پوءِ من چلانمان ڇو ٿو ٿئي ۽ پکين جي چرپر تي يا گوشت مڇيءَ جي سوادن تي توهان جو قسم ڇو ٿو ڀلجي وڃي؟ تنهن ڪري وڃي انهن ڳالهين تي وڌيڪ ڌيان ڪريو.“

***

 

 

11-3-1961ع باغ ۾ پراڻا گل موسم جا ڪڍي، ٻاريون صاف ڪري جڏهين سام ۽ گرڌاري ورانڊي ۾ آيا تڏهين سام پٺتي نظر ورائي ٻارين ڏانهن ڏسي چيو: ”هينئن خالي ٻاريون پاڻ سٺيون ٿيون لڳن! اُهي ئي ٻاريون جتي نوان گل بهار جا اُسرندا ڏسي خوش ٿيندا هئاسون اڄ پنهنجي هٿن سان گل ڪڍي خالي پڌر ڪري آيا آهيون ۽ ائين ڪهڙيون نه صاف ۽ سٺيون لڳن ٿيون. ڪڏهن بر ۾، ڪڏهن باغ ۾، ڪڏهن ڊاٺ ۾، ڪڏهن اڏاوت ۾، ڪڏهن غم ۾ ڪڏهن خوشيءِ ۾ ساڳي موج پيا ماڻيون! وڌيڪ گرڌاريءَ ڏانهن منهن ڦيري چيائين ”انهيءَ موج کي هر حال ۾ بحال ڪرڻو آهي!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org