16-9-1953ع
سام کان مون مسافريءَ جي وقت ۾ گڏ ڪيل آزمودن بابت پڇيو.
هن هيٺينءَ ريت ٻڌايو: ”هڪ لڱا گهمندي گهمندي
سنڌيا جو وقت ٿي ويو ۽ مون کي ڌيان ۾ ويهڻ جي ڏاڍي
خوشي ٿي. من جي مٿان ماٺ غالب پوندي پئي وڃي. پڪي
رستي تي ناليءَ جي مٿان پوني شهر ۾ هڪ ننڍڙي ديوار
مثل ٻنو بيٺل هو. مونسان هڪ ٻيو به ساٿي ان وقت گڏ
هيو. ٻيئي وڃي ڪجهه وٿيءَ سان ان ٻني تي ويٺاسون.
منهنجي ساٿيءَ چيو: هت آمدرفت
(Traffic)
گهڻي آهي. مون کيس چيو: پاڻي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
”مون اهي لفظ بي خيالا چيا. حقيقت ۾ منهنجو خيال
اهڙو پاڻ ۾ گم هو جو نه مون ٽرئفڪ ٿي ڏٺو ۽ نه
پنهنجي ساٿيءَ جا لفظ ويچار هيٺ آندم. اتي ئي چپ
ڪري ويهي رهيس جيئن ڪو عرصي کان بکيو ماڻهو جتي
کاڌو هٿ لڳيس اتيئي کڻي کائي ۽ ڪنهن قسم جو عار نه
ڪري. ڌيان جي وقت کان پوءِ معلوم ٿيو ته اهو وقت
انهيءَ چوواٽي تي، جتان هميشہ سوين موٽرون، گاڏيون
۽ سائيڪلون پيون اچن وڃن، بلڪل ماٺ ۾ گذريو ۽ هڪ
به موٽر يا گاڏي اسان جي رستي تان ڪانه لنگهي!“
سام وڌيڪ چيو: ”هيءَ ڪا ڪرامت نه آهي. مگر خيال جي
تاثير جي هڪ شاهدي آهي. ڪڏهن ايشور، جنهن کي چت يا
خيال جي ساري موجودات سمجهڻ گهرجي، ننڍڙن انسانن
تي به وڏا احسان ڪندو آهي. هڪ خسيس ماڻهوءَ جي
سهوليت لاءِ ٽرئفڪ جهلائڻ سان ڳالهه انسان کي جيڪر
اهنجي سمجهه ۾ اچي، پر اهو خيال جو پرکيندڙ جنهن
کي ست چت آنند چئون ٿا سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. ان کي
هڪ ڀڳت جي شرڌا جي گهڙي سون هزارن جوشيلن ڪمن
ڪارين کان وڌيڪ ملهائتي نظر اچي سگهي ٿي! ان وقت
مون کي شانتيءَ ۾ ويهڻ جي بيحد پياس هئي؛ خيال
ڀرجي آيو ته اتيئي ويهي رهان. ڀريل خيال جي ڪير ٿو
آڏو اچي سگهي؟ ائين ڀانيم ته موٽرون مون کي ڪا کپت
يا رنڊڪ ڪونه ڪنديون. هڪ ننڍڙي انسان جي سنڌيا
ويلي کي شايد ڪو گهڻو ملهه ڪونه هو، مگر هڪ دل جي
سچي آرزوءَ کي خود هن سرشٽيءَ جي اپائيندڙ ۽ سندس
سرشٽيءَ جي پٺڀرائي هئي!“
اهڙيءَ ريت هڪ ڀيري پارٽيشن وقت جڏهين ڪراچيءَ ۾
سخت فسادن جو امڪان هو ۽ اهي افواهه هئا ته
ڪراچيءَ ۾ جيڪو هندو رات بچيو، سو ڄڻڪ نئون ڄائو،
تڏهين، انهيءَ ئي ڏينهن، سام کي منهنجي سلامتيءَ
جي خيال ڪري ۽ ڪن زماني جي ڪمن خاطر رتيديري موٽڻو
پيو سڀڪو پيو چويس ته هن اهنجي وقت ۾ ننڍن ٻارن کي
توهين ڇڏي موٽي نه وڃو.
سام ٻڌايو: ”مون ان وقت پاڻ کي هي دلاسو ڏنو ته
جيڪي مان ڪري نه سگهيو آهيان، تنهن جو بار ايشور
کڻندو؛ مان برابر هڪ ننڍڙو انسان آهيان ۽ ڪراچيءَ
جو شهر هڪ وڏو شهر آهي پر سائينءَ جي ديا جا ڀنڊار
ڀرپور آهن؛ هو هڪ ننڍڙي انسان جي مجبوري ڏسي ساري
شهر جي مٿان ڪشٽ دور ڪري سگهي ٿو. لڙاين ۾ ڪيترا
مثال ٿيندا آهن جو ڪنهن پياري انسان خاطر ڪو لشڪر
جو سپهه سالار ڪنهن خاص شهر کي بمبارڊمينٽ کان
بچائي ڇڏي. پر انسان کان الله ڪيڏو نه وڏو ۽ غفور
آهي! جي وڻيس ته هو پاڻهي شهر سڄي جي رکيا ڪندو.
ائين پاڻ کي چئي مان طيب موٽي آيس. تڏهين روزانو
اها دعا گهرندو رهندو هيس: ڌڻي تون ڪراچيءَ کي
بچائج! منهنجي پت رکج! ڌڻيءَ جي مهر ٿي جو ڪراچي
ان وقت بچي ويئي ۽ پوءِ جلدئي اسان جا ٻار ڪراچيءَ
مان نڪري ويا.“
ان بابت سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”ڪراچي بچائڻ جي
شاباس اتهان جي حڪام لهڻي اها هڪ کل جهڙي ڳالهه
ٿيندي جي مان دعوى رکان ته منهنجي پريئر جو اهو
نتيجو هوندو. مون جهڙن ٻين هزارن به دعائون گهريون
هونديون. اهي دعائون به بي اثر ڪونه هونديون. خيال
هڪ بندوق آهي. ٺاهي هڻ ته نشان کي ضرور چٽيندي.
مگر اهو ياد رکڻ کپي ته خيال جي بندوق پوري تڏهين
ڀربي، جڏهين ان جو نشانو جوڳو هوندو، جنهن کي تن
من دل ۽ ضمير سڀ جزا جيءَ جا نظر ۾ رکندا هوندا.
جڏهين اسان جي پريئر يا خيال جي بندوق جو مقصد
ساتوڪ قسم جو هوندو ۽ اها طلب سڀاويڪ دل جي دور
مان يا خيال جي و يڪوجوديءَ مان پئدا ٿي هوندي،
يعني زندگيءَ يا خيال جي تيزيءَ تي روڪ پيل نه
هوندي، تڏهين اهو خيال يا اها آرزو وڃي خود ڪلي
خيال تي اثر وجهندي. اڻ پوريون طلبون ۽ ..... ۽
ڀاونا مان پيدا ٿيل مطلب پڻ خيال نشان ڪري سگهي
ٿو، مگر انهن سان خيال جي بندوق اهڙي زوردار نه
ڀربي، جهڙي ساتوڪ، سڀاويڪ ۽ پريم وچان پيدا ٿيندڙ
مطلبن واري بارود سان ڀربي، ان ڪري اڻ پوري خيال
واري طلب ايتري ته اگهائبي، جيتري پوري ۽ پوتر
خيال واري.“
وڌيڪ ان بنسبت سام هينئن چيو: ”خيال خود روشني
آهي. ان کي پنهنجي ڄاڻ پاڻ اندر آهي. اگهايل پريئر
جي دل کي ائين خبر پئجي وڃي ٿي، جيئن شڪاريءَ جي
سڌي تير يا بندوق جي نتيجي جي اڳواٽ خبر شڪاريءَ
کي پوي ٿي، آزمودگار شڪاري جڏهن پاڻ يا بندوق
ڇوڙيندو آهي ته پکيءَ جي ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ان کي
معلوم ٿيندو آهي ته منهنجو ڪان وڃي لڳو. ان وقت
شڪاري چوندا آهن ته ’هٿ ٺريو.‘ اهڙيءَ طرح پورن
چاه ۽ پورن ڀاؤ مان ڪيل پريئر هڻي هنڌ ڪري ٿي ۽
مقصد جي حاصل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي حاصل ٿيل سنتوش مان
من کي ڀروسو ٿيندو آهي ته ’اها وڃي سائينءَ جي در
اگهائي.‘
***
17-9-1953ع آشرم بابت وري ذڪر نڪتو، سام چيو: ”اها
آشرم ضروري هن ڪري آهي جو منجهس ايڪانت اندر ڪنهن
خيال جي پالنا ٿي سگهندي. جيئن آفيس جي ڪم لاءِ
ميز، فائيل، مس، قلم وغيره ضروري آهي، يا جيئن
لوهارڪي ڪم لاءِ هٿوڙا، سنداڻ، ڦوڪڻيون وغيره
ضروري آهن، تيئن آدرشي زندگي يا آتما جي پالنا
لاءِ هڪ سادو، سندر آستان، جنهن ۾ ايڪانت هجي، جتي
چنتائن کان اجو ٿي سگهجي ۽ قدرت سان سڌو سنٻنڌ رکي
سگهجي، جو خيال کي کولڻ ۽ وسيع ڪرڻ ۾ مدد ڪري،
بلڪل ضروري آهي. ائين برابر آهي ته هڪ هوشيار
ماستر اسڪول کي ڪتاب، ميزن وغيره کان سواءِ به
هلائي سگهي ٿو ۽ بنا بورڊ جي سبق ڏيئي سگهي ٿو، هڪ
هوشيار ليکڪ يا ڪلارڪ لکپڙه جي لاءِ سٺي فرنيچر
وغيره جي پرواه نٿو رکي ۽ ائين به سٺا ليک يا خط
لکي سگهي ٿو. پر پورنتا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪتاب،
سامان، فائيل به مدد ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ انهن
کان وڌيڪ اهميت وارو ڀاڳ ٻيون اندر جون لياقتون
والارن ٿيون. اهڙيءَ طرح هڪ ساڌو پنهنجي چئن ساٿين
سان ڪٿي به رهي، چاهي گوڙ شور گهڻو هجي يا آس پاس
۾ گندگي هجي؛ پنهنجي خيال کي قابو رکي اندر جي
شانتي حاصل ڪري سگهي ٿو. مگر اهو سندس لاءِ هڪ
آدرشي وايو منڊل چئي نه سگهبو. اهو سندس آزمائش
لاءِ هڪ لڙائيءَ جو ميدان ئي ٿي سگهي ٿو، جتي خيال
کي قابو رکڻ لاءِ خود جفاڪشي ڪرڻي پوي ٿي. ان کي
خيال جي پالنا يا سندس ساٿين جي پالنا جو هندورو
ڪڏهن به چئي نه سگهبو. ڪنهن به پالنا جي ڪم لاءِ
ستنتر صاف ۽ نويڪلو آسٿان ضروري آهي.“
***
18-9-1953ع ڪام، ڪروڌ ۽ ٻين وڪار جي هڪالي ڪڍڻ
لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ان سوال جي جواب ۾ گفتگو هلندي
سام هينئن چيو: ”وڪارن جي مارڻ لاءِ گهڻا فيلسوف
گهڻن قسمن جون سکيائون ڏين ٿا. وڪارن جي مارڻ جو
رستو آهي زهد ۽ تپسيا يعني هڪ رواجي قانوني علاج
وارو رستو، جيئن ائلوپٿي جو انساني بيمارين لاءِ
هڪ طريقو آهي جنهن قانوني علاج جي جاءِ ورتي آهي.
مگر جيتوڻيڪ ائلوپٿي اڄ ڪلهه وڌيڪ استعمال ۾ اچي
ٿي، تڏهين به منجهس ڪيتريون خاميون آهن.
هوميوپٿيءَ جو اصول هڪ بنيادي سچ تي بيٺل آهي،
جنهن موجب جيوڙن کي دٻڻ يا مارڻ کان بهتر آهي،
انهن کي للڪاري ٻاهر ڪڍڻ ۽ ظاهر ڪرڻ، اهڙيءَ ريت
انهن کي هميشہ لاءِ يا گهڻي عرصي لاءِ ختم ڪري
سگهبو. اڄ ڪلهه اهو جسم جي بيمارين جي بنياد پٽڻ
جو سٺو رستو سمجهيو وڃي ٿو. من جي وڪارن ڪڍڻ لاءِ
به مان جيڪر چوان ته ڪا ’روحاني هوميوپٿي‘ هئڻ
گهرجي. وڪارن ۽ خواهشن کي دٻڻ کان بهتر آهي، انهن
کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ. ڪو وڏو دل کسيندڙ خيال ڪو شاهي
شوق يا عشق پيدا ٿئي، جيڪو دل من کي هڪدم لڀائي
وٺي ته وڪارن کان من جلد مڙي پوندو. جيئن پتنگ يا
روشنيءَ جا جيت، ننڍڙا ڏيئا ۽ ننڍڙيون جوتيون ڇڏي
وڏي روشنيءَ جي مرڪز ڏانهن ڊوڙندا آهن، تيئن وڏي
پريم جي اڳيان ننڍڙا شوق حرص وهوس جا، يعني وڪار،
ازخود گم ٿي ويندا. انسان جي من جي عادت آهي ته ان
کي ڪا ويهڪ يا بئيٺڪ جي جاءِ کپي. من جي چڙي خالي
هوا ۾ رهي نٿي سگهي. جي وڪارن جي لئن لاڻين تان
کيس اُڏارڻو آهي ته عشق جو وڏو درخت ڪو سندس اڳيان
هجي جنهن ۾ آکيرو اڏي.“
”هن جو مطلب هي آهي ته ”پسر اين م ڪن!“ واري
فلاسافي ڪچي ۽ ڪسي آهي. اُها آهي وڪارن جي وڏي وڻ
جي هڪ هڪ ٽاري ڪري وڍڻ مثل؛ مگر جي وڻ پاڙ کان
وڍڻو آهي ته ان جو بنياد دل مان پٽي ڪڍجي. سو
تڏهين ٿيندو جڏهين دل ۾ ٻيو وڻ ان جي جاءِ تي
ويهاربو، نه ته پراڻن وڪارن جون پاڙون وري ڦٽي
ظاهر ٿينديون. اُها سڀ کان وڌيڪ دل کي لڀائيندڙ
شيءِ آهي درويشن ۽ فقيرن جو سنگ، جنهن ۾ وڪار بنا
لڙائي ڪرڻ جي پاڻهي هٽيو وڃن؛ جيئن روشنيءَ ۾ زهري
جيوڙا اونده جا نپايل پاڻهي گم ٿي وڃن!
***
اڄ هڪ غريب لنگڙو شاگرد اسان وٽ آيو. سام کي
چيائين ته مون کي ڊاڪٽرياڻي جي (منهنجي) دوا مان
فائدو ٿيو آهي. مون کي الله ڪارڻ وري اها دوا ڏيو.
پر منهنجي کيس پارت ڪجو. مون کي پئسو ڪجهه به ڪو
نه آهي؛ مان فقط الله جو نالو وٺي آيو آهيان.
هو هر هر سام جي پيرن تي پيو هٿ رکي ان لاءِ ته
جيئن سام دل سان ڪوشش سندس باري ۾ ڪري. سام کيس
پيرن پوڻ کان منع ڪئي ۽ چيو: ”تون ائين نه سمجهه
ته غريب آهين تنهن ڪري تنهنجو خيال گهٽ رکنداسين.
تنهنجو خيال پاڻ سڀني کان وڌيڪ رکبو، ڇا لاءِ جو
شاهوڪار جو پئسو اسان کي وڌ ۾ وڌ گهوڙي، موٽر يا
محلات تائين پڄائيندو، مگر تو غريب جي دعا الله
تائين پهچائي سگهي ٿي. تنهن ڪري تون يقين ڪر ۽
وڌيڪ پير نه پؤ.“
اهي ٿورا لفظ سام جا مون کي ڏاڍا وڻيا جنهن ڪري
مان هت درج ڪريان ٿي.
***
19-9-1953ع هيٺيون گفتگو اڳين نوٽن سان اتاري لکان
ٿي: هڪڙو ٻروچ قوم جو ماڻهو جنهن گذريل وقت ۾ اسان
جي مخالف ڪئي آهي ۽ ڪجهه نقصان به پهچايو آهي،
جيتوڻيڪ ڪنهن وقت اسان جو مٿس گهڻو اعتبار رهندو
هيو، سو پنهنجي خيال ۾ منجهيل گهمندو نظر آيو. شام
جي وقت جيئن اسان گهمڻ نڪتاسين. اهو ماڻهو اسان جي
ڀرسان لانگهائو ٿيو. سام کي اڳ ۾ ٿوري خبر ملي هئي
ته هنجي ڀاءُ جي مٿان ڪا ڳوري فرياد ٿيل آهي هو
ڪنهن مصيبت هيٺ آهن. هن ماڻهوءَ ڪا اميد اسان ۾
سمجهي يا اڳوڻي ضد جي ڪري پاسو ڪري رهيو هو ۽ ڪا
کيڪر به ڪانه ڪيائين. مگر سام ساڻس ڳالهائڻ جي
ارادي سان ڏانهس نهاريو. هو بيهي رهيو؛ سام کيس
ڀاڪر پائي چيو ته هن وقت اسين ڪا به مدد ڪري سگهون
ته اسان کي ٻڌائجو. ان ٻروچ اکين ۾ ڳوڙها آڻي چيو:
”منهنجو ڪم آهيئي توهان ۾، پر مان حجاب کان ڪونه
ٿي توهان وٽ آيس.“
سام کيس چيو: ”تون هليو اچ ۽ ڪوبه حجاب نه ڪر؛
جيڪي اسان جي وس ۾ هوندو، سو ڪنداسين.“
مون سام کان پڇيو: ”هيءَ اوچتي تبديل خيال جي ڪيئن
آئي؟“
سام وراڻيو: ”زماني جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهندا
آهن ڪنهن مطلب ڪري، مگر فقير وڙهندا به محبت جي
ڪري آهن. فقير جو ڪنهن سان دلي جهيڙو آهيئي ڪونه.
هو مهل ڏسي مدد کان ڪين هٽندو آهن. جتي ڪو سُود يا
مطلب نه هجي، اُتي ڊڪي وڃي پاڻمرادو مدد آڇڻ،
انهيءَ جهڙو فقير لاءِ ٻيو ڪهڙو سٺو موقعو ٿي سگهي
ٿو؟“[1]
***
1-10-1953ع سئنيما ۾ ويٺي ويٺي سام کان مون پڇيو:
”مون کي پنهنجي ماتا جي گهڻي سڪ لڳي آهي؛ توهان کي
به انهيءَ جي سڪ لڳي آهي يا نه؟“
سام مشڪي چيو: ”تون ۽ مان ڀلا جدا آهيون ڇا؟ سڪون
سڀ گڏجي هڪ نهر ٿي دل ۾ وهن ٿيون؛ ٻارن جون عزيزن
جون، مٽن مائٽن، سنتن فقيرن جون، پهاڙن پکين، برن
۽ برساتين جون، راڳن ۽ رس ڀريل ڳالهين جون! انهن
سڀني جو هڪ نالو آهي: پريم! پريم ۾ پياس آهي پر
اُن ۾ تاءُ ۽ تاس آهي. اُنجو مزو ماٺ ۾ آهي. اهو
پريم جي پورنتا جو هڪ شرط آهي. جا شيءِ پُورن ۽
موج ۾ آهي، سا ظاهر ۾ ماٺيڻي ٿيندي آهي. درياه ۾
اُونهو پاڻي گونگو وهندو آهي. کڙڪو ڪونه ڪندو آهي.
ان ريت سڪون اسانجون سڀ جيئريون آهن پر اُچاريندا
ڪونه آهيون ۽ انهن ۾ سڀ عزيزو خويش، دوست، واقفڪار
۽ خود اڻ واقف به سمايل آهن!“
***
5-10-1953ع سام جو هڪ عزيز پوني ۾ رهندو آهي. سندس باري
۾ هڪ خط آيو ته هو ناخوش ٿو رهي ۽ گهڻو ڪجهه ڪمائي
نٿو سگهي. سام خط پڙهي چيو ته هو سمجهندو هوندو ته
ڪاڪو مونکان اڳين ضدن جي ڪري پاسو ڪري ٿو؛ تنهن
ڪري مدد نه ڪندو. مگر حقيقت هينئن آهي ته مان روز
سندس لاءِ دعا گهرندو آهيان. هي مثال به مٿي ذڪر
ڪيل ٻروچ جي مثال جهڙو آهي جنهنڪري مان هت آڻيان
ٿي. انجو وڌيڪ ذڪر شايد هن کان پوءِ ڪجي.
***
6-10-1953ع مون سام کي چيو: ”مان ته پنهنجا مائٽ
مٽ سڀ وساري ويٺي آهيان. توهان کانسواءِ ٻئي ڪنهن
سان ڪو موه ڪونه اٿم. هتي ئي موه ۾ ڦاسي ويئي
آهيان.“
سام وراڻيو: ”جيڪو ماڻهو هڪ شيءِ ۾ موه رکي ٿو، سو
امڪانا ٻين ۾ به رکي سگهي ٿو. تنهن جي معنيٰ ته
تون به موه کان آجي ڪونه آهين. جيئن چيل آهي ته
زنجير جي گڏيل طاقت ان جي ضعيف ۾ ضعيف ڪڙيءَ کان
وڌيڪ نه آهي، تيئن انسان جي من جو اُڌار به هڪ ئي
لڪل عيب رنڊائي يا ناس ڪري سگهي ٿو. جيترو موه
انسان رکين ٿو اوتريقدر تون ٻين ٻنڌنن ۾ به ڦاسي
سگهين ٿي. ان هڪ موه مان ئي تنهن جي من جي ڦاٿل يا
ڇُٽل حالت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. روڳ جيستائين
اندر ۾ آهي، تيستائين تَن کي سگهو چئي نٿو سگهجي،
پوءِ اهو روڳ هڪ منهن ڪڍي يا پنج منهن ڪڍي.
جيڪڏهين تون هن اوسٿا يا هن زندگيءَ کي هڪ ڄار يا
جهانسو ڪري نه سمجهين پر ڄار جي بجاءِ ان کي اجهو
۽ جهلڪي جي بجاءِ هڪ ڏاڪو ڪري سمجهين ته پوءِ هيءَ
زندگي خود اسان جي آخرين منزل مقصود تي پهچڻ جو هڪ
ذريعو ٿي پوي. هي موه خود هڪ پريم بڻجي پوندو ۽
اسان جي ستنترتا ۾ ڪا رنڊڪ ڪين وجهندو.“
***
|