17-3-1957ع اسان جي ننڍڙي اسڪول جو ڪم ڏينهون
ڏينهن سڌرندو پيو وڃي. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تعداد
وڌندڙ آهي، کين سنان ڪرائڻ جو ڪم واند نه ملڻ سبب
مان روزانو ڪري ڪونه ٿي سگهان مگر منهنجي پرپٺ هو
سام وٽ ايندا آهن ۽ سندن گهر ڪرڻ تي کين صابڻ ۽
ٽوال وغيره ملندا آهن! هو گهڻو ڪري سڀ صاف ٿي اچن
ٿا. ان بنسبت سام هيءَ ڳالهه ٻڌائي: ”ڪيترا سال اڳ
اڪبر آشرم جي هڪ دوست ڪراچيءَ ۾ اسان کي پنهنجي
آزمودن مان واقف ڪيو. هو پنجاب جي هڪ ماڊل ڳوٺ ۾
ڪم ڪندو هو. هن چيو ته ڪنهن به ڳوٺ واري کي جاءِ ۾
اڳ دري ڪانه هوندي هئي، پر هن وقت ان ڳوٺ ۾ هر هڪ
گهر ۾ هڪ نه پر ڪيتريون دريون آهن! پهريائين اسين
انهن کي گهڻو سمجهائيندا هئاسون ته دريون هوا ۽
روشنائيءَ لاءِ تمام ضروري آهن پر هو ان ڳالهه تي
ڌيان ڪونه ڏيندا هئا پوءِ ڇا ڪيوسون جو ڪجهه دريون
ڊکڻ کان ٺهرائي مفت ٿورن سمجهو گهر وارن کي هڪ هڪ
ڪري وراهي ڏنيوسين. پوءِ ته سڀني کي اچي ريس جاڳي
۽ چوڻ لڳا ته اسين به پنهنجي گهر ۾ دريون
وجهنداسين، جنهن بعد هنن کي سستن درين ٺهرائي ڏيڻ
جو بندوبست ڪري ڏنوسون ۽ هو خوشيءَ سان ٿورو خرچ
ڪري دريون وجهائڻ لڳا.“
سام وڌيڪ چيو: ”مٿين مثال مان ظاهر آهي ته ڪنهن به عملي ڪم لاءِ
فقط ليڪچر ڏيڻ بس نه آهي پر قرباني ڪري تحمل ڌاري
ڪي قدم کڻجن ۽ جلد ٿڪجي نه پئجي.“
ٻي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها ڏٺيسون جو اڄ ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون
پنهنجي گهران پاڻ وهنجي آيا هئا ۽ ڪپڙا اڇا پيا
هين جي خوشيءَ مان اسان کي ڏيکاريائون ٿي ۽ جڏهن
اسڪول بند ٿيڻ وقت اڳ کين ڀڳڙا، ڦلا وغيره ملندا
هئا، تڏهن هو ڏاڍو گوڙ مچائيندا هئا، اڄ سام کين
ڀرسان ويهاري منجهن ’سومان جو خيال ڦوڪيو ۽ کين
چيائين ته توهين ڪو بيکاري ڪونه آهيو، توهين
وديارٿي آهيو ۽ ودرياٿيءَ کي سومان سڀ شئي کان
پيارو ٿيندو آهي. تنهن ڪري اهڙي هلت ڪريو جيئن
توهان کي ڪو گهٽ ڪونه سمجهي ۽ اهو ثابت ڪريو ته
هريجن شاگرد به صاف ۽ ستنتر ٿي سگهن ٿا. تيئن بعد
اهي ننڍا ڇوڪرا بلڪل منتظم ڏسڻ ۾ آيا ۽ شئي وٺي
تمام مٺي نموني گڏجي اسڪول جو پرتگيا منتر
اچاريندا هليا ويا.
***
سام کي ڪيترن ڏينهن کان هڪڙي ڏند ۾ ڪجهه سور رهندو آهي هن چيو
ته گهڻو وقت غافل رهڻ ڪري ڊاڪٽرن جو هينئر رايو
آهي ته سوراخ رڳ تائين پهچي ويو آهي. تنهن ڪري
جيتوڻيڪ ڏند ڏسڻ ۾ مضبوط آهي تڏهن به ڪڍائڻ گهرجي.
اهي ڳالهيون ڪندي شرير جي ناسونت هئن تي ڪجهه
گفتگو هليو ۽ سام چيو: ”ڏسو آتما ڪيترو نه شرير جي
ٽيڪ وٺي ٿي ۽ شرير تي آتما جو وري ڪيڏو نه اثر رهي
ٿو! ڪنهن سور يا آزار پيدا ٿيڻ تي ڪيڏانهن ٿا وڃن
ڌيان ۽ امنگ خيال جي يڪ ٽڪائيءَ جا؟ پر فقيري اها
نه آهي ته فقير جي شرير ۾ دک پيدا ئي نه ٿئي، جا
ڳالهه بلڪل اسنڀو آهي؛ مگر فقيري ان ۾ آهي ته دک
سک اندر آتما کي اثاب ڪجي؛ ڀل دک ۾ دانهون به
ڪريون ۽ سور جا حيلا علاج به ڪريون، پر جسم ۽ هن
بئروني زندگيءَ جي فائيءَ جو ويچار قائم ڪريون.
اسان جي هڪ ڇوڪري چيو: ”جيڪڏهن هي شرير سچ پچ ناسونت آهي ته
پوءِ هڪڙي ڏند جو ڇا لاءِ ايترو اوهان خيال ڪريو
ٿا ۽ ان تي ايترو خرچ ڪريو ٿا؟“
سام چيو: ”شرير جي ناسونت هجڻ جي معنيٰ اها نه آهي ته ان کي
غفلت ڪري يا ڄاڻي واڻي پاڻ ناس ڪجي. اهو خيال ڪوڙي
سنياس جو آهي جو اُپ گهاتڪ لڳي ٿو. شرير کي شرير
سمجهو يا آتما جو هڪ اوزار سمجهو يا مالڪ جو هڪ
مندر سمجهو، يعني پاڻ کان الڳ سمجهو، پر تڏهن به
ان جي صفائي ائين ضروري آهي جيئن ڪنهن مندر جي
صفائي؛ اهو آتما جو مندر آهي. اهو اوزار آهي جنهن
جي تيزي ۽ تکائيءَ تي اسان جي آتمڪ اڀياس جو مدار
آهي. شرير جي پرداخت جو به هڪ يوگ آهي، جنهن کي هٿ
يوگ چون ٿا. جنهن کي ان جي ڄاڻ نه آهي تنهن کي ڪرم
يوگ يا راج يوگ جي ڄاڻ پڻ مشڪل ٿيندي.“ وري ڪجهه
عرصي بعد سام چيو: ”ارمان آهي جو ڪيترو ڀاڱو انسان
جي زندگيءَ جو ائٿرائيءَ ۽ غفلت ۾ گذاري ٿو. جيتر
انسان جي سمجهه سالم ٿئي ٿي تيتر سندس جسماني طاقت
گهڻي ڀاڱي گهٽجي وڃي ٿي. هن ڏند جي ڪئوٽيءَ وانگر
سمجهيو ته ٻيا به ڪي کاٽ شرير کي گهڻو وقت اڳ لڳا
هوندا. انسان کي انهن جي سڌ بروقت نٿي پوي، ڇا
لاءِ جو انسان جو عقل سندس حياتيءَ ۾ ٿورو ڀاڱو
والاري ٿو. گهڻو ڀاڱو سندس زندگيءَ جو بنا سوچ
ويچار جي گذري ٿو. پر اها خالق جي جوڙ ائين آهي.
ان تي اسين ڪير جو نڪته چيني ڪريون؟ شايد، ائين نه
هجي ته انسان پنهجي خالق کي ئي وساري پاڻ کي امر
ثابت ڪرڻ جي ڪري تنهن ڪري سندس سمجهه تي حدون پيل
آهن.
ڇوڪري پڇيو: ”سائين ڪڏهن ٿو ماڻهوءَ جو عقل سالم ٿئي ۽ ڪهڙي عمر
تائين انسان چئنچل ٿو رهي؟“
سام چيو: ”انهيءَ سوال جو جواب سڀ ڪنهن لاءِ هڪ جهڙو نه آهي پر
گهڻو ڪري چاليهن سالن تائين انسان ائٿرو يا عقل ۾
اڻ پوري رهي ٿو ۽ چاليهن سالن تائين کانپوءِ جڏهن
شريرڪ ٻل، جوش يا جذبو ڪجهه گهٽ ٿئي ٿو تڏهن ئي
عقل سالم ٿيندو نظر اچي ٿو. ائين نه سمجهڻ کپي ته
اها قدرت جي ڪا جهرڪ آهي. ڇا لاءِ جو انهن ائٿرائن
۽ ننڊ پڻ جي آزمودن مجهان ئي ته عقل جو واڌورو ٿئي
ٿو. جيڪڏهن ماڻهو بر وقت ئي اهڙي سالم سياڻپ ڌاري
ته شايد اهي ضروري آزمودا زندگيءَ جا هن کي نصيب
نه ٿين، جن مان احساس شڪتي يا انتر گيان ۽ پريم
پيدا ٿين ٿا. اهي ٻالڪپڻ جون ائٿرايون ئي آهن، ۽
اهي توڪل ۽ هوڙيائيءَ وچان مشڪلاتن ۾ ڪاهي پوڻ جا
آزمودا ئي آهن، جن مان آخر گيان ۽ پريم پيدا ٿئي
ٿو. هينئر ڪيتريون ڳالهيون جيڪي ننڍ پڻ ۾ ڪيونسين
سي غلط ۽ ناضروري نظر اچن ٿيون مگر انهن جي ڪرڻ
کانسواءِ ڪيئن ايترو ماڻهو سمجهو ٿي سگهي ها؟
حقيقت هينئن آهي ته جا شيءِ قادر جوڙي آهي سا
پنهنجي جاءِ تي پوري ۽ ضروري آهي. انسان پنهنجي
تنگدليءَ مان پنهنجي زندگيءَ ٻيءَ خلقت کان الڳ
سمجهي ٿو. مگر ائين نه آهي؛ هو هن سموري اتپتيءَ
جو هڪ ڀاڱو آهي ۽ اهو انسان جو فقط ايمان آهي جو
پاڻ کي ٻيءَ مخلوقات جو مالڪ سمجهي، نه ائين هرگز
نه آهي ته انسان لاءِ فقط هي جڳ ٺهيو آهي!
”ڀلا ڏس، انسان چوي ٿو ته مڇر ماريون جنهن لاءِ فلٽ
(Flit)
۽ ڊيٽال
(Dettol)
جوڙي اٿس! ان نموني مڇرن کي يا جيوڙن کي ڇو نه
گهٽايان؟ پر قدرت انهن مڇرن ۽ جيوڙن کان به ساڳي
نموني انسان کي مارائي ڪنهن حد اندر رکي ٿي، نه ته
جيڪر هي ”اشرف المخلوقات“ ٻيءَ ڪنهن ساهواريءَ
شيءِ کي مشڪل رهڻ ڏئي. تنهن مان سمجهڻ کپي ته
انسان به ان اتپتيءَ جي راند لاءِ فقط ايتروئي
ضروري آهن جيترو ٻيا جانور، جا ڳالهه قدرت کي وڻي
آهي سائي ڀلي آهي. هيءَ ايشور جي ليلا آهي جنهن ۾
پاڻ کي ناچيز يا ناسونت سمجهي به ان ۾ ڀاڳ وٺڻو
آهي؛ دک سک به ان ليلا جو خود ڀاڱوآهن.“
مون چيو: ”ائين چوڻ سهنجو آهي، مگر دک سک ۾ سمان رهڻ اهنجو
آهي.“
سام چيو: ”سا ڳالهه برابر آهي پر سمان رهڻ توڙي مشڪل هجي، ته به
اهو هڪ اونچ آدرش سمجهه. اهو هڪ ئي مارڳ سچي آنند
پائڻ جو آهي؛ ڪيتري قدر ان ۾ ڪامياب ٿيون ٿا، اها
پنهنجي ڪوشش يا ڀاڳ جي ڳالهه آهي.“
ڇوڪري وري ڪي ٻيا سوال ٿي پڇيا جڏهن سام چيو: ”گهڻي پڇا ۽ گهڻو
بحث مباحثو ضروري نه آهي. ڪڇ پڇجي ڪڇ نه به پڇجي،
جو اهو ڀاڱو ماٺ مان معلوم ٿي سگهي ٿو. گهڻو عقل ۽
ويچار کي دوڙائڻ بيڪار آهي؛ ايترو کائجي جيرو هضم
ٿي سگهي ۽ بحث ۾ جڏهن زور وڃي اکرن تي لڳندو آهي
ته روح ڳالهه جو هٿان ڇٽي ويندو آهي. تنهن ڪري ماٺ
جو ساڌن به ضروري آهي.
***
هريجن اسڪول جو اڳ ذڪر ڪيل آهي. ڪجهه ڏينهن ٻارن کي ايترو چاهه
هو جو سڄو ڏينهن پيا اسان جي جاءِ جي طرف ڦيرا
ڏيندا هئا. پر هينئر ٻن يا ٽن ڏينهن کان شاگردن جو
تعداد گهٽجي اڌ ٿيو آهي يعني ويهه کن ڇوڪرا ۽
ڇوڪريون مس ٿا اچن، ۽ تن ۾ به ڪجهه ڀاڱو هريجن
کانسواءِ ٻين هنڌن جي ڇوڪرين جو آهي.
مسٽر پهلاجراءِ جيڪو شيوا جي ڀاو وچان مفت اچي اسان سان ڪم ڪندو
آهي، ان کي سام آٿت ڏيڻ جي نموني ۾ چيو ته جيتوڻيڪ
شوا جو ڦل ضرور ملندو آهي ته به اسان کي ان جي
چاهنا رکڻ نه گهرجي. ڪاميابي ايشور جي وس آهي.
مسٽر پهلاجراءِ چيو ته منهنجو به اهوئي وشواس آهي. اڄ سام جي
ڪلاس ۾ فقط ست ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هئا. سام چيو: ”مون
تڏهن به ساڳئي چاهه سان ڪلاس ورتو ۽ جيڪڏهن انهن
ستن مان ڇهه ٻيا به هليا وڃن ۽ باقي هڪ کي ڪجهه
فائدو رسائي سگهان ته اهو سموري محنت جو ڪافي اجر
ٿي سگهي ٿو. حقيقت ۾ لاها چاڙها هر هڪ ڪارج ۾ پيش
اچن ٿا ۽ توڙي جو هتان جا هريجن ڀائي اهڙا پٺتي
پيل آهن جو منجهن چاهه پيدا ڪرڻ ئي اهنجو ڪم آهي
تڏهن به اسان کي پنهنجي ڪوشش هلائڻ گهرجي جيستائين
ڪو هڪ به انهن مان ايندو رهي. ڪنهن کي خبر آهي، ته
وڏا اسڪول ۽ ڪاليج انسان جي واڌاري يا زندگيءَ جي
ترقيءَ لاءِ ڪيترو ضروري آهن؟ ڪهڙي خبر آهي ته
ڪٿان ڪو اڻ ملهائتو لال لڀي پوي! تنهن ڪري
ڳولهائوءَ جو ڪم آهي پنهنجي تلاش بنا ٿڪاوٽ ۽ بنا
ارمان جي ڪندو رهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مون کي ته ٻارن جي وچ ۾ ويهڻ، خاص ڪري متفرقه
ڪلاس وارن معصوم آتمائن سان گڏ گذارڻ هڪ دعا نظر
ايندي آهي ۽ جڏهن حيلا ڪري سندن مغز ۾ اکرن جون
صورتون وهاريندو آهيان، جو ڪم رولو هريجن ٻالڪن جي
حالت ۾ تمام اهنجو آهي، تڏهن ائين سمجهندو آهيان
ته منهنجي سموري زندگيءَ جي آزموديءَ، هنر ۽ عقل
جي خود اتي گهرج آهي ۽ پرک پڻ آهي. دنيا جي وڏي ۾
وڏي انجنيئر جي هنر يا ڪاريگريءَ واري رمز جي هت
ضروري آهي اهڙوئي پرائمري ماسترن جو سچ پچ اتم
ڪاريه آهي.
***
نئين ديري کان ڪار ۾ ٿي موٽياسون ته ڪار جي مالڪ جو ذڪر نڪتو.
ڪنهن ٻڌايو ته پنهنجي وزيريءَ جي وقت ۾ ۽ ٻين عهدن
تي رهي ڪري انهيءَ ماڻهوءَ 3 يا 4 ڪروڙن جي ملڪيت
ٺاهي آهي. مون سام کي ٻڌايو ته هو ويچارو بيمار ٿي
پيو آهي ۽ هر سال ولايت دوا ڪرائڻ لاءِ ويندو آهي،
مون وڌيڪ چيو ته پئسو جنهن کي آهي اهي علاج ڪرائن
ٿا مگر غريب ويچارا ڏتڙجي وڃن ٿا.
سام چيو: ”ڌڻيءَ وٽ الاجي ڪهڙو حساب آهي؛ شخصي طرح انهيءَ مدبر
لاءِ مون کي گهڻي عزت آهي. مگر هي بيماريون
زندگيءَ جي طريقي مان ئي شايد پئدا ٿين ٿيون؛ چئجي
کڻي ته اهي انهيءَ بي پرواهيءَ جون پئدا ڪيل آهن
جنهن ۾ گهڻو عيش يا ڪپت وغيره ڪرڻي پوي ٿي. اهي
ڳالهيون هڪ ٻئي کان الڳ نه آهن ۽ ائين به سمجهڻ
کپي ته گهڻو ڌيان دنيان کي ڏيڻ يا ڪنهن به شئي جي
ڪڍ گهڻو ڪاهي پوڻ سو قدرت جي قانون جي برخلاف آهي.
دنيا داري ۽ طاقت به ڪنهن حد اندر فائدي واريون ٿي
سگهن ٿيون. ڪنهن به شئي جي گهڻائي زهر مثل آهي.
پئسي مان سچي خوشي حاصل ڪا نه ٿي ٿئي؛ نه ولايت
وڃڻ مان. خوشي اها سچي آهي جا هر حالت ۾ ماڻهو
قائم رکي سگهي يعني من جو صبر ۽ خيال جي صفائي سڀ
کان اول ۽ ضروري آهن.“ سام وري چيو: ”حياتيءَ سان
يا ايشور سان رٺل نه رهجي، جيڪڏهين ڪي شيون گهٽ
نصيب ٿين ٿيون ته ٻيون ڪيتريون شيون اسان کي چڱيون
ڏنيون اٿس جنهن لاءِ اسان کي شڪر گذار رهڻ گهرجي
گهڻي عرصي کان تنهنجي رک رکڻ ڪري مون به توسان گڏ
رک ٿي رکي ۽ اڄ توسان گڏ هي هنداڻي جو ٽڪر کائي
مان ائين ٿو سمجهان ته اسين عبادت ڪري رهيا آهيون
۽ هيءُ شڪر جو ڀاڱو کائي رهيا آهيون. اهڙيءَ طرح
هر ڪنهن انسان کي ڪيتريون الاهي نعمتون روز عطا
ٿين ٿيون. مگر جيڪي خواهشون پوريون نه ٿيون ٿين
انهن جي ارمان ۾ اسين مليل نعمتن جو مزو نه ٿا
ماڻي سگهون.
***
اسان جي ننڍڙي اسڪول جا ڪي ڇوڪرا، جيڪي ڀڄي ويا آهن يا روز
ايندڙ نه آهي سي ڪن ڳالهين تي رنج ٿي ٻاهر وڃي
اسان کي، مون کي ۽ ٻين پڙهائيندڙن کي ڪچيون ڪچيون
گاريون ڏيڻ لڳا.
مون سام کي چيو ته گاريون ته کڻي اسين سهنداسين پر هنن ڇوڪرن جو
سڌرڻ هر حال ۾ مشڪل آهي. سام چيو: ”ان تي مون کي
هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي؛ گهڻا سال اڳ جڏهين پهريائين
مان زمين جي ڪم تي طيب آيس تڏهين شهر جي هڪ غريب
ماڻهوءَ جنهن سان منهنجو ڪوبه واسطو ڪونه هو، مون
کي اچي ستايو ته سندس جاءِ گهرجي قرض ۾ نيلام ٿي
ٿئي سا هلي مهرباني ڪري مون کي واڪ ڏيئي کڻي ڏيو،
نه ته مون کي اباڻو شهر ڇڏي وڃڻو پوندو! هن جي رئڻ
تي مون کي قياس اچي ويو ۽ مون وڃي سندس جاءِ تي
واڪ ڏنو. سندس شرط اهو هو ته واڪ جو بيانو جو اٽڪل
سڄي رقم جو ٽيون چوٿون حصو ٿيندو آهي حال اوهان
ڀري ڏيو، پوءِ باقي پئسا مان پاڻهي مدي تي ادا
ڪندس. مون ائين ڪيو. ٿوري عرصي کان پوءِ خبر پيئي
ته هو پنهنجا باقي پئسا ادا ڪري نه سگهيو جنهن ڪري
بروقت بياني جا ڏنل پئسا سرڪار ضبط ڪري ڇڏيا ۽
جڳهه جو وري نيلا ٿيڻو آهي. ان ماڻهوءَ جي ستائڻ
تي مون حد جي ڊپٽي ڪليڪٽر کي ان باري ۾ ڏٺو؛ هن
چيو ته قانون موجب اهي پئسا ضبط ٿي چڪا ۽ نيلام به
وري ضرور ٿيندو.
مون کيس چيو: ”توهان کي خبر آهي ته مون فقط هڪ غريب ماڻهوءَ جي
مدد ڪئي آهي، جو وري اهي پئسا ڀري ڪونه سگهندو وچ
۾ اهي پئسا مو کي هرج پوندا.“
هن وراڻيو: ”اها توهان خبر نه آهي ڇا نه خير ڪندي هٿ ساڙائي
اچبا آهن؟“
سندس لفظ منهنجي لاءِ هڪ تلقين مثل هئا. تڏهن مون کيس چيو، ائين
ٺيڪ آهي. اهو مون حياتيءَ جو هڪ سبق ڪري سمجهيو جو
توکي پڻ ياد رکڻ گهرجي. اڃان انهن رولو ٻالڪن جي
ڪم مان شايد ٻيا به ڪي گهڻا گل نڪرن جي اسان کي
صبر سان برسر ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهين انهن مان ڪو
هڪڙوئي سڌري پيو ته اهو اسان جي سڀني پورهين جو
ڪافي اجر ٿيندو پر جيڪڏهين اهو مطلب به حاصل نه
ٿيو ته به دنيا ۾ چڱائيءَ جو احساس گهٽ ۾ گهٽ
وڌندو. مٿين ڳالهه تي ويچار ڪندي سام هڪ ٻي به
ڳالهه ٻڌائي. چيائين، ته بزار ۾ هڪ واڻيو آهي جو
تمام پڪو ۽ بي مروتي آهي، ايتري قدر جو ڪيترا ڀيرا
پنهنجي هٽ تي ويهاريل ڇوڪري جو ڏنل سودو به ڦيرائي
ڇڏي. مون سان جيڪو گڏ هلندو آهي اهو هن کان ڪجهه
خريد ڪرڻ پسند ڪونه ڪندو آهي. پر اهو واڻيو پنهنجي
ڪم لاءِ روز ڪونه ڪو سوال ڪندو آهي، ڪڏهين ڪا دوا
ڏيکاري صلاح وٺندو آهي، ڪڏهين چوندو آهي ته منهنجو
تون علاج ڪر! ٻه دفعا هو مون وٽ اچي دوا به مفت
وٺي ويو آهي. جڏهين هو سوال ڪندو آهي ۽ اتي ڳالهه
وساري سودي ۾ وري شوخ ۽ بي مروتي ٿيندو آهي. تڏهن
مان ائين چوندو آهيان ته ڀلائي ڪرڻ ئي اهڙي
ماڻهوءَ سان جڳائي ڇا لاءِ جو هن کي ڪجهه سکڻ جي
گهڻي ضرورت آهي. ان ڪري مان کيس خوشيءَ سان سوا
وغيره جو ڏس ڏيندو آهيان ۽ دعوت ڏيندو آهيانس ته
گهر اچ ته سڄي ڳالهه سمجهائي توکي مان پنهنجي دوا
ڏيان.“
*** |