25-12-1950ع مون سام کي چيو ته هيءَ ڊائري جيڪا
مون لکڻ شروع ڪئي آهي، تنهن مان هڪ سٺو ڪتاب ٺهي
پوندو! اسانجو ڀاءُ ماستر ڌڻي بخش (صوفي) ته چوي
پيو هيءُ هڪ گرنٿ آهي؛ تنهنڪري منهنجي آشا آهي ته
جڏهين هڪ جلد جيترا ليک لکجي وڃن تڏهين اُهي
ڇپرائي پڌرا ڪريان. مگر سام ورائي ڏني: ”هن
ڊائريءَ جي ڇپائڻ ۾ اڃا ڪجهه دير آهي. جيتري
ماڻهوءَ جي هستي هجي اوترو ئي هوڪو ڏيڻ کيس جڳائي
۽ نه وڌيڪ. اسانجي هن وقت ظاهري هستي هڪ گرهستي
ماڻهوءَ جي آهي، جنهن ڪري تنهنجو ڪتاب شايد قدر نه
پائي؛ مگر جڏهين اڃا اڳتي وک وڌائي سين يا ڪو
الاهي اعلان ٿيو، تڏهين هي پستڪ پريمين کي ڀيٽ
رکجو. جيترو قد اوترو قدم!“
مون سام کان پڇيو: ”اُهو الاهي اعلان ڪڏهين ايندو؟“
سام چيو: ”جڏهين اهو وقت آيو تڏهين ماڻهو پاڻهي تنهنجي هٿن مان
هي ڪتاب کسي ويندا ۽ پاڻ پنهنجي جوابداريءَ تي
ڇپائيندا يا ڪجهه چاهه ڏيکاريندا ته پوءِ ڇپائي
ڪتاب جي سولي ٿي پوندي. هن حالت ۾ ڇپائي جي
بندوبست جو بوجو سمورو پاڻ تي هموار ڪرڻو پوندو جو
اسانجي خيال جي وهڪري ۾ رنڊڪ وجهندو؛ جيڪڏهين ڪو
لوهه جو واپاري گلن جو ٽوڪرو دڪان تي رکي ويهندو
ته ممڪن آهي هنجو سودو ڪين کپي. جڏهن گلن جا
واپاري ٿياسون، تڏهين گل ڀي وڪڻداسون! حال ڪجهه
سال ماٺ ۾ گذار!“
سام ٿوري دير بعد وري چيو: ”مان ڪڏهين ڪڏهين ائين سمجهندو آهيان
ته ڪتابن جو ڇپائڻ به هڪ حرص ٿي سگهي ٿو. پاڻ جاچي
ڏسڻ گهرجي ته ان ۾ ڪا نالي ڪڍڻ جي تمنا ته لڪل
ڪانه آهي؟ ڪنهن به حالت ۾ گيان جي پرچار لاءِ اهو
اول درجي جو اوزار نه آهي. سڀ کان اتم اوزار صحبت
يعني سنگ جو آهي. جيڪي سنگ صحبت ۾ ڏيئي وٺي سگهجي
ٿو، سو ڪتابن رستي ڏيڻ وٺڻ ممڪن نه آهي. دنيا ۾
سوين هزارين ڪتاب روز ڇپجن ٿا، مگر انهن مان ڪيترا
سجايا آهن ۽ ڪيترا اجايا، تنهن جو ويچار ڪبو ته
ڏسڻ ۾ ايندو ته انهن مان ڪي ٿورا فقط ڪا ضرورت
پوري ٿا ڪن؛ ٻيا مڙيوئي وقت ۽ طاقت جو زيان آهن؛
نه رڳو ايترو پر مونجهاري جو ڪارڻ آهن؛ جيڪڏهين هت
هرڪو پيو هوڪا ڏيندو ته حق وارن جو هوڪو جو اڪثر
سنهڙي آواز ۾ ايندو آهي، سو ڪير ٻڌندو؟ تنهن ڪري
ڪتاب ڇپائڻ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ لازمي نه آهي.“
وڌيڪ پنهنجو هڪ شخصي آزمودو ٻڌائيندي چيائين: ”ڪيترا سال اڳ
اڪبر آشرم جي ماهورا مخزن
(New Age)
جي ڪم ۾ مان مشغول هيس؛ هڪ ڏينهن هڪڙو مستانو آدمي
منهنجي ڪمري جي هيٺان سڏ ڪري چوڻ لڳو، ”او امبا!
او امبا! (امرت) اڙي، پنڊت نه ٿيءُ؛ رشي ٿيءُ،
رشي!“
”هي چريو ماڻهوءَ جي واتان مونکي ڄڻ هڪ اندر جو اعلان ٿيو. اهو
آواز دل مان ايندو رهيو ۽ جلد ئي اهڙيون حالتون
پيدا ٿيون جو ڪتابي ڪم بند ڪرڻو پيو. مون به ان ۾
قدرت جو هٿ ڏٺو ۽ بس ڪري ويهي رهيس. اڄ ان ڳالهه
کي 27-28 سال ٿي ويا. گمنام ٿي رهڻ ۾ پڻ آتما جو
ڪو مقصد پورو ٿيو. ويتر سنساري ڪمن مان اهڙي مدد
ملي جو ان جڙتو، ادبي ماحول کان، جنهن ۾ خشڪ عقل
جي کيڏ هئي، خيال بلڪل آزاد ٿي پيو؛ خوديءَ جو
خيال ظاهري ساڌو پڻي جو ويس پائي من کي لڀائي ٿو ۽
حرص شيوا جي شوق کي بيڪار بڻائي ٿو ڇڏي. انهن کان
دور هيءَ نماڻي، ڳوٺاڻي زندگي چڱي آهي. وري شايد
سمو اچي جو ڪجهه قدر، ڪنهن ماٺيڻي نموني ادبي ڪم
شروع ڪجي، جيڪڏهين پريم جي واپار وڌائڻ لاءِ ائين
ضروري ٿيو؛ مگر اها آس رکان ٿو ته جو ڪجهه پرماتما
اسان کان ڪرائي سوشڌ ڀاونا سان فقط ان جي وريم جي
خاطر ڪريون. شل حرص ۽ لالچ جو لڀائيندڙ هرڻ پريم
جي شڪاريءَ کي ماريچ مثل نه هر کائي! شل ڪين جي
واٽ ۾ هيءُ نفس نجس نسورو نگهوسار ٿي وڃي! ڪتاب يا
نه ڪتاب، آشرم يا سنياس، ڪم ننڍا هجن يا وڏا، تنهن
۾ اسانجو ڇا؟ جا ڪار سائين کي وڻي سا ئي ڀل اسان
کان ڪرائي!“
16-4-1951ع هن ڊائريءَ کي ڇڏئي اٽڪل چار مهينا ٿيا. اهي چار
مهينا ڊائري ڇو نه لکيم، تنهنجو هي جواب آهي: سام
چيو ته تون پوري طرح نوٽ نٿي وٺين ۽ ان ڪم لاءِ
ڪافي شرڌا توکي نه آهي؛ ڪيتريون ڳالهيون سام چيون
هيون، جي منهنجي خيال تان ترڪي وييون؛ سندس اهو به
خيال هو ته کيس ڪافي اڌ ڪار اهڙين سمجها ڻين ڏيڻ
جو شايد ڪونه آهي، تنهن ڪري مون ۾ لکڻ جو اُتساه
گهٽ آهي. سام کي ان خيال کان باز آڻڻ ۾ مونکي
ايترا مهينا لڳي ويا. جڏهين اهڙو ذڪر ڇيڙيندي هيس
ته هو چوندو هيو: ”اُهو ماڻهو ڪتاب ڇپي جنهن جا
وچن ۽ عمل پورا هجن.“ هن باري ۾ وڌيڪ هڪ دفعي
هينئن چيائين: ”پريم کي فقط اڌ ڪار آهي سکيا ڏيڻ
جو ۽ نه علم کي. جا شيءِ پوري شوق بنا، جڙتو نموني
۾ چئي يا لکي وڃي ٿي، سا ڪيترو به کڻي علم ۽ عقل
جي نڪتن سان سينگاريل هجي يا ٽوٽڪن ۽ نظيرن سان
سجايل هجي، تڏهين به انجو ملهه ايشور جي اڳيان
ڪجهه نه آهي. سندس ڀنڊار ۾ اکت هيرا گيان جا اڳيئي
سمايل آهن. مگر هو پنهنجي ڀڳتن جون ڪوڏيون به
خوشيءَ سان قبول ڪري ٿو ۽ انهن کي پنهنجي خزاني ۾
هڪ اهم جڳهه بخشي ٿو. محبت وچان چريا کريا ٻول،
سادا سودا شعر به گرنٿن تي چڙهي وڃن ٿا. بنا پريم
جي سڀ پورهيو اجايو آهي. تنهن ڪري اسانکي ڪجهه به
تڏهين چوڻ يا لکڻ گهرجي جڏهين ضرورت يا شوق ان
لاءِ مجبور ڪري؛ نه فقط پستڪ وڏي ڪرڻ لاءِ ويهي من
گهڙت سوال يا جواب ريٿون.“
***
22-4-1951ع ڇوڪري جو فوٽو جنهن جو اڳ ذڪر ڪيل آهي، سو هن وري
مونکان واپس گهريو، اُهو فوٽو سندس، جو هڪ نوجوان
سنگتيءَ سان ٻيڙيءَ جي سُوٽن لڳائڻ جو درشيه
ڏيکاري رهيو آهي. سام چيو: ”هي فوٽو کيس ان ڪري ٿو
پيا رو لڳي جو هي سندس جيون جو هڪ پسند ڪيل نمونو
(Pattern of life) آهي. ماڻهوءَ کي سمجهڻ لاءِ فقط انجي ٻاهرين چال چلت، جا هو
جيون جي کلئي ميدان ۾ کيڏي رهيو آهي، سا ڏسڻ نه
گهرجي، پر پنهنجون آزاد ۽ اڪيلائيءَ جون گهڙيون هو
ڪيئن گهاري رهيو آهي، سو اول جاچجي؛ پنهنجي خوشيءَ
لاءِ ڪهڙا وندر جا رستا اختيار ڪريٿو ۽ ڪهڙن ماڻهن
سان سنگ چاهي ٿو، ان مان سندس سچو رنگ ظاهر ٿي
سگهي ٿو ۽ انهيءَ مان ئي سندس پڇاڻ ڪرڻ گهرجي.
اسان جي دوستن مان گهڻي قدر اسانجي لياقت جي خبر
پوي ٿي. هو ڪير آهن تنهن مان سڌ پوي ٿي ته اسين
ڪير آهيون. ائين برابر آهي ته ڪي وسيع خيال وارا
انسان ظاهر ۾ مختلف قسمن جي ماڻهن سان واهپو رکن
ٿا، مگر باطن ۾ هو پنهنجي اصلوڪي شخصيت قائم رکن
ٿا. اهي ڪنهن به ماڻهوءَ يا شيءِ سان خاص دلچسپي
نٿا رکن مگر هر شيءِ ۽ هر انسان کي پنهنجي اُڌار
جو ذريعو ڪري ٿا سمجهن. انهن تي برائي جو اثر ڪونه
ٿو پوي ڇا لاءِ جو برن سان خود هو ڀلائيءَ خاطر
واهپو رکن ٿا. مگر اهڙا ماڻهو ڪي لکن ۾ هيڪڙ ٻيڪڙ
ٿين ٿا.“
***
سام سڄو ڏينهن اڄ ان ڇوڪري سان ٿوري گهڻي ڳالهه تي ناراض پئي
رهيو آهي؛ مونکي عجب ٿي لڳو ته هو ساڻس ڇو ٿو کهرو
پوي. ظاهري سبب ايترو سختيءَ جو نظر ڪونه ٿي آيو
مگر اندروني سبب، جنهن جي هنکي شايد پاڻ به خبر نه
هئي، جلد ظاهر ٿي پيو. پاڻ فقط ايترو ٿي چيائين ته
اڄ هن ڇوڪري جي من ۾ ڪا برائي آهي؛ اسان جي سامهون
نه اچي ته چڱو. پوءِ ظاهر ٿيو ته سندس سنگتين جو
ٽولو کيس خراب پاسن ڏانهن وٺي هلڻ لاءِ ڇڪي رهيو
هو ۽ هي انهن سان لڪ چوريءَ ملي ڪجهه بندوبست ڪري
رهيو هو. سام چيو: ”خراب شين ۾ فقط بد بوءِ نه
ٿيندي آهي پر خراب رٿون ۽ خيال پڻ پنهنجا پاڇا
اڳواٽ اڇليندا آهن. هن ڳالهه تي وڌيڪ زور ڏيڻ به
نه گهرجي، ڇا لاءِ جو بندو مڙيوئي گندو آهي؛ عيب
کان ڪو انسان آجو نه آهي. جڏهين حضرت عيسى جهڙائي
چئي ويا، ”مونکي چڱو نه چئو“ تڏهين اسين ڪير آهيون
جو چئون ته ڪنهن انسان مان بڇڙائيءَ جي بوءِ ٿي
اچي! برائيءَ کان پاسو ڪرڻ، سا انسان ذات لاءِ
نفرت نه مگر هڪ روحاني پرهيز آهي جنهن ۾ اهنڪار جو
ڪو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. تنهن هوندي به ايترو
محسوس ڪجي ٿو ته جا مان ڀلائي ٿو سمجهان سا ٻيو ڪو
برائي سمجهي سگهي ٿو ۽ جا منهنجي نظر ۾ برائي آهي
تنهن ۾ ٻي ڪنهن کي پنهنجي جيون جي مقصد سڌ ڪرڻ جو
شايد ڪو ذريعو نظر ايندو هجي.“
***
ڪن وڏن ساڌن ۽ فيلسوفن جون ڳالهيون ڪندي، سام مونکي اڄ عجب ۾
وجهي ڇڏيو. جن جا نالا اڄوڪي زماني جي رشين ۽
مهاتمائن ۾ شمار ڪيا وڃن ٿا، انهن جي اندرين جيوت
جا طبقا، جي لوڪ کان لڪل آهن، سي ڪيترو نه ڪام ۽
ترشنا سان ڀريل آهن! اهي ڳالهيون ٻڌي انسان جو ڄڻڪ
ايمان ئي روحانيت مان نڪريو وڃي. جيڪڏهين اهڙا
مهاپرش جن جا اکين ڏٺا مثال مون اڄ ٻڌا، ڪام جي وس
ٿي سگهن ٿا ته پوءِ باقي رواجي انسانن لاءِ ڪهڙو
چارو آهي؟
هن وشئي تي ويچار ڪندي سام چيو: ”گهڻو ڪري برائي لڪ ۾ زور وٺي
ٿي، ٽڪاڻن ۽ آشرمن وغيره ۾ ڪامديو جو خاص واسو نظر
اچي ٿو. لڪ يا ڪوڙ پاپن ۾ شمار ان ڪري فقط نه آهي
جو منجهس دغا سمايل آهي مگر خاص هن ڪري جو لڪ ۾ هر
برائي موٽي ۽ مضبوط ٿئي ٿي. قدرتي خواهشن کي دٻائڻ
سان ٻيو غير واجبي خواهشون پيدا ٿين ٿيون.بکئي
انسان جي واجبي گهرجن پورين نه ٿيڻ ڪري انقلاب
پيدا ٿين ٿا. سڪايل دل ۽ من ۾ خطرناڪ خواهشن جو
واسو ويتر وڌيڪ ٿئي ٿو. ڌرم جي پالنا جيتري سنڀال
۽ پرهيز گهري ٿي اوترو ئي آزاد هوا جي کيس ضرورت
رهي ٿي. هٿرادو ٻنڌن وجهي، تن ۽ من کي سڪائڻ يا
سُڪائڻ سان تمنا پاڻ تيز ۽ طاقتور بڻي ٿي. جيتوڻيڪ
ستنتر جيون لاءِ پوترتا ضروري آهي، تڏهين به ائين
سمجهڻ ته ماس يا شراب ورتائڻ يا عورت جو سنگ هر
حالت ۾ خراب آهي، سو بلڪل غلط آهي. هيءَ ساڳي تنگ
خيالي آهي، جنهن جي زوريءَ مڙهڻ جا نتيجا انهن
مثالن ۾ ظاهر آهن جيڪي مون اڄ توکي ٻڌايا. جيتوڻيڪ
خراب سنگ جو نتيجو خراب آهي، تڏهين به ائين سمجهڻ
ته فلاڻو ماڻهو خراب سنگ ۾ آهي، تنهن ڪري منجهس ڪا
چڱائي ڪانه هوندي. سا تنگ خيالي آهي. انسان جي جوڙ
قادر اهڙي رچي آهي جو هو ايترو ذليل ڪڏهين به ٿي
نٿو سگهي جو سڌاري جي اميد منجهس ڪين رهي. نه وري
اعليٰ روحانيت ڪنهن هڪ ٻن ڪچين، پڪين عادتن جي ڪري
گم ٿي سگهي ٿي. عام طور انسان جي سچي پروڙ لاءِ ڪو
اڻٽر اصول اختيار ڪري نٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو حقيقت
۽ روحانيت اصولن کان ٻاهر آهن. ڪئين گهٽ پيشي وارا
ماڻهو روحاني رنگ ۾ رچيل آهن ۽ ڪيترا اُتم پيشي
وارا نيچ ڀاونائن سان ڀريل رهن ٿا. سڀني کان اتم
گڻ آهي نمرتا جو؛ برو ٿي به ماڻهو نمرتا پاؤ رکي
ته هو ڇوٽڪاري جو اميدوار ٿي سگهي ٿو. مون فقط
توکي انهن مهاپرشن جي جيوت جو ٻيو پاسو ٻڌايو، ور
نه اُهي سچ پچ پوڄا جي لائق آهن.“
***
16-5-1951ع منشو جو پاڻ هڪ ٻائو هو ۽ پوءِ اسان وٽ
رسويو ٿي رهيو، سو ڪجهه عرصي کان اسان وٽان نڪري
ويو آهي؛ هو ڪڏهين ڪڏهين ڇڪجي اسانوٽ گهڻ ايندو
آهي. سام ساڻس ڳالهائيندي معلوم ڪيو ته هو هڪڙي
ٻائي سان گڏ ٻيڙين جي پڙي ڪڍي ويٺو آهي. سام کائنس
دڪان جون ڳالهيون پڇي رهيو هو؛ سندس ڀائيوار بابت
پڻ پڇيائين ته هو ڪير آهي؛ ڪو گهر ٻار اٿس ڇا جنهن
جي لاءِ هو ڪمائي پيو؟
منشي چيو: ”هو هڪ ٻائو آهي ۽ ٻار يا زال ڪجهه ڪونه اٿس؛ نڪو ٻيو
ڀاتي مدار رکي ٿو.“
تنهن تي سام عجب ۾ پئجي کانئس پڇيو: ”پوءِ باقي ڇا لاءِ ويٺو هي
ٻائو ٻيڙين جو دڪان هلائي؟“
منشي چيو: ”سائين، اوهان پاڻ به ته اڃان زماني ۾ ويٺا آهيو؛
پوءِ ٻائي باقي ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟“
سام انهيءَ تي ٿڌو ساه ڀري کيس چيو: ”اڙي ڀائي، هو ٻائو آهي!
سنسار مان جند ڇڏائي، گرهست کان پاسو ڪري، ايشور
جي شرن وٺي پوءِ هنکي ڪهڙي پيئي آهي جو تماڪوءَ جو
دڪان ڪڍي؟ اهڙي ڌنڌن مان پئسا ٺاهي ۽ ويٺو ليکا
چوکا رکي فقط ان لاءِ ته چڱو کائي يا سينيمائون
ڏسي؟ اهو ڪنهن به ٻائي لاءِ جوڳ نه آهي، ڇا لاءِ
جو هن سنسار کان هيءَ املهه آزادي ٻائي ٿيڻ سان ان
ڪري نه ورتي آهي ته گرهست جي گپ کان بچي وري شخصي
سوارٿ جي گپ ۾ گهڙي ۽ نفس جا پاڻ تي نوان بوج
مڙهينديو وڃي. اُن جي ڀيٽ ۾ گهر ٻار لاءِ ڪمائڻ صد
بار سٺو آهي. ويتر جي اهو خيال رکجي ته ٻالڪ ۽ گهر
به ايشور جو آهي ۽ رواجي موهه جي بدران ديا ڀاو
رکي يا فرض ادائي جي خيال کان انهن جي پالنا ڪجي
ته اهو هڪ اتم مارگ موڪشيه جو ٿي سگهي ٿو.“
وڌيڪ سام چيو: ”جيون ساگر ۾ اسين سڀ پنهنجي پنهنجي، ننڍي يا وڏي
ٻيڙيءَ ۾ مسافري ڪريون ٿا؛ ڪنهن کي فقط شخصي سوارٿ
هي ٻيڙي آهي؛ ڪنهن کي مسافريءَ لاءِ گرهست جي بر
سان ڀريل ڪا ڪشتي آهي؛ ڪنهن قوم يا ملڪ جي شيوا جو
ٻيڙو هٿ ڪيو آهي؛ ڪنهن انسان ذات جي خدمت يعني پر
اپڪار جو شاهي جهاز هلايو آهي! پر ٻيڙين ۽ ٻيڙن جي
پار پوڻ يا ٻڏڻ ترڻ لاءِ درياهه جو هڪ ئي قانون
آهي. جي تمنا جو ٽنگ ٿي پوندو يا سڙهه سچيتائيءَ
جا ٽٽي پوندا ته نفس جو نير اندر ڪاهي ايندو. ائين
نه ڪو چوي ته مان وڏو ڪم پر اپڪار جو ٿو ڪريان
تنهن ڪري ضرور پار پوندس! نه؛ خوديءَ جو طوفان
ننڍي ۽ وڏي ٻيڙن کي هڪ کن ۾ ٻوڙي سگهي ٿو. تنهن
ڪري گهرجي ته جنهن به ٻيڙن ۾ رهون، ان کي ٽنگ ٿيڻ
نه ڏيون؛ نه غفلت ۽ حرص جي هوا کان غافل رهون. اهو
ايمان هرگز نه ڪريون ته اسانجي مضبوط يا وڏي ٻيڙي
کي ٻڏڻ جو خوف ڪونه آهي.“
***
16-6-1951ع سام ڪجهه وقت ٻاهر ويو هو. سندس موٽڻ تي هڪ يو پي
(اتر پرديش) جي مهاجر دوست سان ملڻ وياسين جو
سرڪاري نوڪريءَ ۾ آهي. هو پنهنجي بنگلي ۾ اڪيلو
ويهي قرآن شريف پڙهي رهيو هو. هن خوشيءَ مان
اسانکي کيڪاريو ۽ چيائين:
”مونکي اڄ ڪلهه ٻئي ڪنهن ڪم مان مزوئي ڪونه ٿو اچي؛ رمضان جو
مهينو آهي؛ روزا به رکي ڪونه ٿو سگهان؛ مگر اُهو
دل جو مزو قرآن شريف جي پڙهڻ مان پيو وٺان؛ هڪ هڪ
اکر پڙهي دل يان پيو ويچاريان؛ سچ پڇو ته منهنجي
دل هن ڪتاب مان ڍاپي ئي نٿي!“
وڌيڪ چيائين: ”الاجي ڇا ٿي ويو اٿم؛ رمضان کان اڳ به منهنجي من
جي حالت ڦريل هئي پر هينئر ته نه آهي آفيس جي ڪم
جي چاهنا نه گهرجي مشغول؛ سچو سک هنن ڪمن مان ڪونه
ٿو ملي.“
سام چيو: ”جنهن کي اسين سک چئون ٿا، اُن شيءِ جي ڏيڻ لاءِ هيءُ
سنسار جڏهين پيدا ئي ڪونه ٿيو آهي ته پوءِ اُن مان
سک ڪيئن پراپت ٿيندو؟ جنهن وڻ جو ڦل شروع کان رٿيل
ئي کٽو ۽ کارو آهي، سو ڀلا ڪيئن مٺا ميوا
کارائيندو؟ اڪن مان انب به اهڙائي ملندا جهڙي اڪ
جي ذات هوندي سنساري زندگيءَ جو ڦل دک ئي آهي پر
اُهو خالق چڱي مطلب سان جوڙيو آهي.“
تنهن کان پوءِ سام هڪ ننڍڙي ڪتاب ”بهشت جو شڪاريءَ
(Hound of Heaven)
جو ذڪر ڪيو؛ ان ۾ انسان جي هڪ تصوير ڏيکاريل آهي
جو پنهنجي ڪلهن تي هڪ ماڙي سامان سان ڀريل کنيو
بهشت ڏانهن وڃي ٿو. تصوير جي هيٺان لکيل آهي ڪجهه
بوج هلڪو ڪري هل! ان ڪتاب ۾ وڌيڪ ڏيکاريل آهي ته
انسان سک جي ڪڍ پوي ٿو پر ايشور هڪ شڪاري جو روپ
ڌاري هن کي ورائيندو وڪوڙيندو آخر پنهنجي رستي تي
آڻي ٿو.“
سام چيو: ”هي دک به الله انسان کي محبت وچان موڪلي ٿو. هو
اسانجو ويري ڪونه آهي. جنهن به رستي سان سنسار ۾
هلون اتان دک اچيو منهن ڪڍي! سو ان ڪري آهي جو
ايشور چاهي ٿو ته اسين ڪوڙن سکن جي ڄار ۾ هميشہ
لاءِ ڦاسي نه وڃون. ”بهشت جو شڪاري“ جتي وڃون اُتي
اسانکي بيٺو آهي! آخر ڇوٽڪارو تڏهين ملي ٿو جڏهن
آڻ مڃي اُن جي پيش ٿو پئجي.“
مهاجر دوست چيو: ”مان سمجهان ٿو ته دک ۽ مفلسي هميشہ فائديمند
آهن.“
سندس مطلب شايد اهو هو ته اهي روحاني زندگيءَ لاءِ ضروري آهن.
مگر ڳالهه جو ٻيو پاسو سمجهائيندي، سام چيو: ”آخر
مطلب نفس جي مارڻ ۾ آهي. ڪيترو به ماڻهو غريب
هوندو ۽ ممتا سندس مئل نه هوندي ته اها غربت
روحاني حاصلات ۾ شمار ڪري نه سگهبي؛ مگر هڪ رنڊڪ
ٿي پوندي. پر جيڪڏهين ظاهر ۾ گهڻا سک هوندا يا
دولت گهڻي هوندي پر من انهن ۾ اٽڪيل نه هوندو ته،
اهي سک يا اها دنيا داري روحاني ترقيءَ ۾ ڪابه
رڪاوٽ نه وجهندا.“
پوءِ سام کيس سچي سنياس جا ڪي مثال ٻڌايا: ”راجا جنڪ کي ’وديهه‘
ڪري ڪوٺيندا هئا،. يعني ديهه کان الڳ! راجيه
ڪاروبار ۾ سدائين مشغول رهندو هو؛ زماني ۾ هنکي
اوچ پدوي حاصل هئي؛ لشڪر، هاٿي، گهوڙا وٽس گهڻا
هئا؛ مگر هن جي آتما انهن هاٿين گهوڙن يا راجنيتي
ڪمن ۾ قيد ڪانه هئي، جنهن ڪري راجائن ۾ سريشت
هوندي به هو سنتن مهاتمائن. ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
هنجو راڄ ڀاڳ سندس روحاني رستي ۾ ڪڏهن رڪاوٽ ڪين
بڻيو.“
ٻيو مثال نوشهري واري مخدوم گهراڻي جي هڪ بزرگ جو ٻڌايائين؛
”چون ٿا ته شاه صاحب وٽ هڪڙو غريب ماڻهو طلب وٺڻ
لاءِ آيو يعني شاه صاحب کي پنهنجو گرو ڪرڻ ٿي
چاهيائين. سندس درگاه تي اچي ڏٺائين ته هو پٽ جي
چادرن ۽ گديلن مٿان بر اجمان آهي؛ قسمين قسمين
طعام پيو کائي؛ ڪچهري سندس پڻ بادشاهن وانگر لڳل
هئي. چون ٿا ته مخدومن جي درگاهه جا ڪڪڙ به سونن
سان ٻڌبا هئا! غريب کي دل ۾ گمان جاڳيو ته مونکي
ڪهڙو ڏس پنڌ الله جو ڏيندو جيڪو پاڻ عشق ۾ غرق
آهي! پر مخدوم صاحب هڪ ڪامل فقير هو ۽ هن کي انتر
گيان جي ڏات مليل هئي، سو هن غريب جي منهن مان
سندس من جي حالت سموري سمجهي ويو. سج لٿي کانپوءِ
هنکي سڏي چيائين: ابا تون ڪير آهين؛ ڪٿان آيو
آهين؟ اُن ماڻهوءَ جواب ڏنو ته مان پنڌرهن يا ويهن
ميلن جي مفاصلي کان پنڌ ڪري آيو آهيان، جنهن تي
شاه صاحب چيو: تو پنهنجو گهر ٻار ڇو ڇڏيو؟ تنهنجا
ته اڄ رات، عصر جي وقت دم پورا ٿيندا. هاڻي ته
پنهنجي عزيزن کي هن پاري ۾ پهچي به ڪونه سگهندين!
پوءِ پنهنجن فقيرن کي سڏي چيائين: هي ويچارو راتو
ڪي رات فقط هن جهان ۾ مهمان آهي. هنکي کاڌو ۽ هر
قسم جو عيش ڪرايو.
”ان شخص کي فقير مهمانن جي ڪمري ۾ وٺي ويا ۽ کيس ريشمي بسترو
وڇائي ڏنائون ۽ سٺي ۾ سٺو طعام ڏنائون. عصر جي وقت
جيئن شاه صاحب اٿيو ته ان ڪمري وٽان اچي لنگهيو
ڏٺائين ته اهو مهمان جاڳي رهيو آهي ۽ طعام رات
وارا جيئن جو تيئن اڳيان ڍڪيا رکيا اٿس. شاه صاحب
پڇيو: ماني ڇو نه کاڌي اٿيئي؟
”مهمان چيو: سائين مونکي ته نه آرام آيو آهي ۽ نه ماني ٿي مٺي
لڳي. جڏهن جهٽ پل ۾ مرڻو ئي آهي ته باقي کائي ڇا
ڪريان؟
”تڏهين شاه صاحب کيس سندس شنڪا جو جواب ڏنو ته توکي من ۾ ڪو
گمان هو؛ فقط هڪ رات موت جي سامهون ٿيو آهين ته
ماني ۽ ننڊ مٺي نٿي لڳئي! اسانکي، موت هر وقت ياد
آهي. هي طعام ۽ لٽا اسانجي دل نٿي کائي يا هنڊائي،
نه اسان حقيقت ۾ هن سيجن تي سمهون ٿا؛ اسان ته
پنهنجو پاڻ ۾ گم آهيون! فقير کي ان ريت اها سمجهه
ڏنائين جنهن جي لاءِ هو پنڌ ڪري آيو هو.
”هيءَ ڳالهه ٻين نمونن ۾ به ڪندا آهن پر مطلب هي آهي ته جن مرڻ
کان اڳ پاڻ ماريو آهي تن جيئڻ جي بازي کٽي آهي.
انهن جي دلين ۾ سيج ۽ سک دنيا جا ڪو به فرق نٿا
آڻي سگهن نه ڪم ڪار ۽ ڪشالا دنيا جا انهن کي
پريشان ڪري ٿا سگهن.“
18- 6- 1951ع مون سام کي خوش مزاجيءَ ۾ چيو: ”توهان صوفين ۾ جو
ايتري حسن پرستي آهي، پوءِ توهين آشرم ڪيئن اڏي
سگهندا؟ عام طرح لوڪ حسن پرستيءَ کي خراب ٿا
سمجهن“
منهنجي سوال پڇڻ جو اهو مطلب نه هو ته صوفين جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾،
اها اعليٰ جذبات موجود نه آهي جا انسانن کي ڪشش
ڪري سگهي مگر ان ڳالهه ڏانهن منهنجو خيال ڊوڙي ويو
جو صوفين جي واتان سڄو ڏينهن ”حسن“ ”حسن“ پيو
ٻڌجي؛ زلفن، ۽ نگاهن وغيره تي پيا شعر ڳائن؛ دل ۾
خيال آيو ته انهن جي سنگ ۾ ڪا پوري يا ننڍي عورت
ڪيئن رهي سگهندي؟
سام جواب ڏنو: ”آشرم جي اڏاوت خود انساني پريم تي مدار رکي ٿي.
جنهن دل ۾ پريم جو واسو ڪونه آهي، سا مرده دل آهي.
فقيرن ۽ سنتن جي دل صاف چادر مثل آهي. برائي،
چڱائي، صفائي ، گندگي، سچي سونهن ۽ بدزيبائيءَ جو
هنن تي جلد اثر پوي ٿو. اهوئي سبب آهي جو سندن
آستان گهڻو ڪري سندر پهاڙن، ندين، باغن يا نويڪلن
برن ۾ اڏيل هوندا آهن. جيڪڏهن هنن کي حسن جي ڄاڻ
نه هجي ته جيڪر ائين به نه ٿئي. مگر اها سونهن روپ
جي ڪاراڻ يا اڇاڻ تي مدار نٿي کي، جنهن جو من سندر
نه آهي تنهن جو چهرو سندر ٿي نٿو سگهي. جيئن هڪ
شعر ۾ چيل آهي: سيرت کان سواءِ صورت ڪٿي؟ جتي صورت
خلقي اٿس، اُتي سيرت به ضرور آهي. ڪي سندر ٻوٽا،
سندر گل، سهڻا جانور، پکي ۽ ورکشيه وغيره آهن جن
جي جوڙ پنهنجي ذات وارين ٻين شين کان نرالي نظر
ايندي آهي؛ نه ڪنهن اتفاق يا قدرت جي بي پرواهيءَ
کان پر ڇاڪاڻ جو هوا، پاڻيءَ ۽ کاڌي جا جزا انهن ۾
سٺا سمايل آهن؛ يعني انهن ۾ ڪي سٺا گڻ آهن؛ خيال
انسان جي جوڙ ۾ هڪ خاص چيز آهي؛ تنهنڪري انسان جو
روپونت آهي سو ضروري گڻونت به آهي. گڻ روپ جي
روشني آهي؛ گڻ ۽ خيال جي خوبيءَ کان سوءِ حسن
جٽادار نه آهي. برا خيال چڱن چهرن کي بدزيبو بڻائي
ڇڏيندا آهن ۽ سهڻي سنگ ۾ ڪروپا انسان بدلجي سهڻا
ٿي پوندا آهن. سڀني سندر شين مان، بي جان پهاڙن،
ندين ۽ ٻين حسين نظارن مان فقير کي ساڳي هڪ پريم
جون پلڪاورن پيون اينديون آهن. سهڻيون شيون سڀ
فقير جي من جو ٺڪاڻو آهن. سهڻن شين جي صحبت سندس
روح جي سفر جو سامان ۽ زندگيءَ جو خزانو آهي؛ انهن
کان سواءِ هن جو رهڻ مشڪل آهي.
”برائيءَ جو لڪل ڪارڻ آهي، ممتا، ڊپ ۽ لڪ؛ ممتا ڪوڙ ۽ برائي
لاءِ گويا دروازا کولي ٿي ڇڏي جي اچي سندرتا کي
جلد هڙپ ڪيو وڃن. مگر حسن خود برائي جو ڪارڻ ٿي
نٿوسگهي ۽ نه سچو پريم. پياس جا ذاتي سڀاو مان
پيدا ٿئي ٿي، سا خود بڇڙي نه آهي مگر ڪنهن حرص جي
ملڻ سان اُها بري بڻجيو پوي.“
سام وڌيڪ چيو: ”مان ڪڏهين ڪن ظاهري سهڻن انسانن کي چتائي ڏسندو
آهيان سندن روش ڪيترا به چڱا هجن تڏهين به هو
بدزيبا پيا لڳندا آهن؛ خاص ڪري جتي پئسي جي ممتا
هوندي آهي يا پريم وڪيو ويندو آهي، جيئن وئشائين
۾، اُتي سچي سندرتا ملڻ مشڪل آهي. ٻئي پاسي وري
ڪيترا ڪارا ماڻهو جن جا روش هرو ڀرو خاص ٺاهوڪا نه
هوندا آهن. پنهنجن اکين ۽ خيال جي نزاڪت ڪري دل کي
ڏاڍا مهڻا لڳندا آهن ڇا لاءِ جو اکيون ۽ منهن
انسان جي دل جي درسني آهي. تنهن ڪري صوفي جڏهن حسن
کي سلام ڪن ٿا، تڏهن اُن اَتي سندر، اَتي
سوڀياوان، آدپرش ڀڳوان يعني نج آتما کي خود تسليم
ڪن ٿا جنهن مان هيءَ ساري سونهن اپجي ٿي؛ جڏهين
ڪنهن وڻ وڇڙي، ڪتي، گل يا انسان کي اسين پيار
ڪريون ٿا، تڏهين ان سندر، سرو وياپڪ، سڳنڌي آتما
کي نمسڪار ڪريون ٿا، جنهن پاڻ مان هي سڀ روپ رچيا
آهن. زلفن ۽ چشمن وارن شعرن ۾ پڻ صوفين جون
اونهيون معنائون رکيل آهن؛ انهن ۾ فاهش ارادا نه
ڏسڻ گهرجن.“
*** |