سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 26

30-2-1954ع  اسان جا ڀائر جيڪي سنڌ مان لڏي ويا آهن، انهن جو ذڪر نڪتو، سام چيو: ”ڪلياڻ ڪيمپ (بمبئي) ۾ هڪڙو رتيديرو جو ماڻهو مليو، جنهن اهو عجيب سوال پڇيو ته توهين سنڌ ۾ ڇا کائيندا پيئندا آهيو؛ لسي وغيره پيئندا آهيو؟ مون جڏهين کيس چيو ته تون پاڻ سنڌي آهين؛ توکي خبر آهي ته لسي، ڏڌ وغيره سنڌ جو روزانو کاڌو آهي، تڏهين سندس اکين مان ڳوڙها ڪري پيا؛ کيس سک وطن جا ياد اچي ويا! اهڙيءَ طرح ٻين ڪيتري لڏي ويلن جو حال ڏسي مون کي اهو خيال ٿيو ته سج ٻه پاڇا آهي؛ ڪٿي اس ته ڪٿي ڇانو. انسان کي دنيا جي شين، جڳهن ۽ مال متاع تي آسرو ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ پنهنجي خوشي پاڻ اندر ٺاهڻ گهرجي؛ ٻين شين سان ايترو واسطو رکجي جيترو هڪ مسافر مسافر خاني جي شين ۽ سامانن سان رکي ٿو.“

مون چيو: ”شايد نئين زندگي بسر ڪرڻ وقت، جڏهين آشرم شروع ڪئيسين،اسان کي به اهڙيون تڪليفون ڏسڻيون پون، ڇا لاءِ جو ان وقت جون حالتون هن کان گهڻو نراليون هونديون ۽ خاص ڪمائي وغيره پنهنجي ڪانه ٿيندي.“

سام چيو: ”ان جو مون کي ڪو خوف ڪونه آهي. انسان جي راهه ۾ وڏي ۾ وڏي رنڊڪ سندس چنتا آهي. اها ڪڙمڪي دل ته مال و متاع ۽ سک جي سامگري سڄي اکين اڳيان هجي، ترقيءَ جي راهه ۾ رنڊڪ آهي. سنياس يا شيوا جي مارگ جو پهريون پڌ آهي، چنتا جو ترڪ، بگليون کڻي جڏهين شيواجي ڪم لاءِ نڪرنداسين ۽ سير سفر پيا ڪنداسين. ايشور جو نالو وٺندا، گانا بجانا ڪندا رهنداسين، پوءِ خوف خطرا ڇا جا رکبا؟ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي؟ جيڪڏهين توهان غريبن جي شيوا ڪندؤ ۽ دوائون يا ٻيون شيون سندن ڪتب لائيندؤ ته ڇا توهان جي دوائن جون شيشون يا بگليون خالي رهنديون؟ گهڻا دياوان اچي اڳ اڳ ڪندا ته اهي توهان کي وري ڀري ڏيون؛ فقط آپو ۽ پنهنجي سک جي چنتا ترڪ ڪريون. اهي سنسار جا سک ئي آهن، جيڪي منکي هميشہ مايوس ۽ ڊيڄي ۾ رکن ٿا. گويا اهي دک بڻجي پون ٿا! نانگا جڏهين ناهه ۾ گهرن ٿا، تڏهين ڊپ ڊاو خود انهن کان پري ڀڄي وڃن ٿا دک سک سرير جا، تڪليفون ۽ ڪشالا، سي نه انسان جي حياتي گهٽائن ٿا ۽ نه سچ پچ آتما کي دکي ڪن ٿا؛ دکي ڪري ٿي چنتا ۽ موهه سک جو! انهن شين سان موهه رکڻ بيڪار آهي جي آتما لاءِ ڌاريون آهن؛ اهي دک هت به اچن ٿا، اتي به ايندا، سنسار جي سمنڊ ۾ لهريون پيون لڳن؛ جيئن سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ وقت لهر اچڻ تي ٽپو ڏئي ڪنڌ مٿي ڪبو آهي، تيئن دک سک جي اچڻ وقت پاڻ کي انهن کان الڳ سمجهڻ آهي زندگيءَ جي بازي کٽڻ.“

***

 

15-4-1954ع ڪجهه ڏينهن ٿيا ته اسين شهدادڪوٽ گهمڻ وياسين. اتي اسانجو ڇوڪرو مانيءَ وارو پنهنجي دوستن کي ڏسي، ڪجهه ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. نه رڳو اٿڻ ويهڻ سام جي اڳيان بي ادبيءَ جو ٿي ڪيائين. پر کائڻ پيئڻ ۾ پڻ گهٽ وڌ ٿي ڳالهايائين. کيس نشو چڙهي ويو. سام کيس نشي نه ڪرڻ لاءِ اڳواٽ هدايت ڪئي هئي؛ موٽ تي موٽر ڪار ۾ سڀني ويٺلن کي بي خبريءَ ۾ لتون هڻندو ۽ گهٽ وڌ اکر ڳالهائيندو ٿي آيو. آخر هت اچي ننڊ ۾ پئجي رهيو. سڀاڻي تي سام سندس سڌاري لاءِ رياضت طور ڍورن جي لاءِ ڪتر ڪرڻ جو رزانو ڪم رکيو. ٿورن ڏينهن بعد اهو ڪم هو بي دليو ڪرڻ لڳو ۽ جيئن ڪو چور هڪ ڀيرو هري ته پوءِ چوريءَ جي ڪڍ ڪاهي پوي، تيئن هيءَ به لڄ لاهي، برائيءَ جي ريت اختيار ڪرڻ لڳو؛ سنهي ٿلهي ڳالهه لاءِ وڏا وڏا ڀاري قسم پيو کڻي پر مڙي اصلي ڪين. سام کي ته سندس ڪوڙي سڀاءُ جي اڳ ۾ ئي خبر هئي، پر جڏهين هي لٿو پٿو ٿي بيٺو، تڏهين کيس چيائين ته تون پنهنجا ٽپڙ کڻي ٻاهر ڪر ۽ اڳتي ٿورو اسان کان جدا ٿي رهه؛ ٽوال، سامان، هنڌ وغيره وڃي هيٺ ڪنهن الماڙيءَ ۾ رک؛ فقط ڪم ڪرڻ وقت مٿي اچ.

مون کي اهو قدم ذرا بي واجبي نظر آيو، ڇا لاءِ جو سام پاڻ انهن خيالن جو آهي ته نوڪرن سان گهر جي ڀاتين وانگر پنهنجائي رکجي. هن نموني ڇوڪري کي هڪ نوڪر وانگر ڪري هلائڻ، سو قدم مون کي حد کان وڌيڪ سخت نظر آيو. سام کي چيم ته انهيءَ ۾ ڪهڙو سندس سڌارو ٿيندو يا ڪهڙو اسان کي فائدو پهچندو!

سام هينئن سمجهاڻي ڏني: ”پهريائين سمجهڻ گهرجي ته سڀڪنهن شيءِ کي پنهنجو تاثير آهي. نه رڳو انسان پر انسانن جون ڪم آندل شيون، پنهنجا اثر يا سنسڪار پيدا ڪن ٿيون. ان ڄاڻ تي ئي سڄو پرهيز جو اصول بيٺل آهي. هو به هڪ انسان جو ٻچڙو آهي؛ اسين هن کان نفرت ڪونه ٿا ڪريون، پر هن ريت وٿيءَ سان رهڻ تنهن ۾ اسانجو ۽ خود سندس فائدو آهي.“

پوءِ سام هڪ آمريڪن ليڊيءَ جي ڳالهه ٻڌائي: ”هڪ آمريڪن ليڊيءَ کي ٻه ٻار هوا؛ سندس گهر جي اڳيان پاڙي اوڙي جا غريب ۽ گدلا ٻار اچي هيٺ ميدان ۾ راند ڪندا هوا. سندس ٻارن جي مرضي ٿي ته اسين به وڃي هنن سان راند روند ڪريون. مگر سندن ماءُ چيو ته انهن گدلن ٻارن سان راند ڪرڻ نه گهرجي. ٻارن ماءُ کان پڇيو ته ممي تون جو چوندي آهين ته انسان سڀ هڪجهڙا آهن ۽ سڀني سان محبت ڪرڻ کپي، پوءِ هن ٻارن کان نفرت ڇو ٿي ڪرين؟ تڏهن ان عورت پنهنجي ٻارن کي سمجهايو ته مون کي انهن لاءِ نفرت ڪانه آهي؛ مگر سندن حالت قياس جوڳي آهي؛ ڇا لاءِ جو انهن جي حالت اهڙي قياس جوڳي بڻي آهي تنهن ڪري توهان جي حالت به اهڙي بڻي ڇا؟ هڪ جهڙائيءَ جي معنيٰ اها نه آهي ته گندگيءَ کان پرهيز نه ڪجي. توهان پاڻ کي وڌيڪ سٺو بڻائي پوءِ انهن جي شيوا ڪري سگهندا.“

سام وڌيڪ چيو: ”منهنجي دل ۾ پڻ شنڪا هئي ته اهو قدم متان ضروري نه هجي. ائين برابر آهي ته اسين ڪو ٻار ڪونه آهيون جو ڇوڪري جي سنگ کان ڊڄون؛ پر ساڳئي وقت تي اهو پڻ محسوس ڪرڻ گهرجي ته بڇڙائيءَ سان گهڻو گڏ رهي، بعضي بعضي بڇڙائيءَ لاءِ نفرت مرندي ويندي آهي؛ انسان ڪوڙ ۽ بڇڙائيءَ کي پنهنجي چؤطرف هر جاءِ ڏسي، انهن کي ساڌارڻ ۽ ضروري سمجهڻ لڳندو آهي. تنهن ڪري هوڙهيائي ڪري سڀ پرهيزون  ڦٽي ڪرڻ سو آهي هروڀرو شيطان کي للڪارڻ. جتي ڪوڙ ۽ چوريءَ جو ورتاءُ گهڻو آهي، اتي نه رڳو پاڻ ٺڳجي وڃڻ جو امڪان آهي پر اڳلي کي اسان جي سنگت يا ويجهڙائي ڪري دنيا اندر هڪ قسم جو لڪ حاصل ٿئي ٿو، جنهن ۾ هن جي خرابين کي هٿي ملي ٿي، هن حالت ۾ ئي ڏس؛ ڇوڪرو جتي ڪٿي پاڻ کي اسان جو ٻچو سڏائيندو رهي ٿو. ۽ خراب عادتن هوندي به اسان جي لاڳاپي ڪري ايترو معتبر ٿي رهي ٿو.ان نموني ٻين کي ٺڳي ٿو. معتبرائي جي کسجي وڃڻ کان پوءِ اهو ويچار ڪندو ته برائيءَ ۾ آخر عزت ڪانه آهي ازنسواءِ مون کي هڪڙو جهونو وهم ويٺل آهي جو سمجهندو آهيان ته هي شيون ۽ وستر، هنڌ، ٽپڙا هڏا مئل يا بي جان نه آهن جو انهن مان ڪو تاثير پيدا نه ٿئي. مٽيءَ کي پڻ تاثير آهي؛ ڪا مٽي ٿڌي آهي، جنهن مان آسائش جو اثر پيدا ٿئي ٿو؛ ڪا اهڙي آهي جو ويجهو وڃ ته منجهائنس اوٻر پيو نڪري. ڪن وڻن جي ڇانو سٺي ۽ صحت بخش ٿئي ٿي، مگر ٻيرين ۽ ٻين ڪن وڻن جي ڇانو چون ٿا ته آلس پئدا ڪري ٿي ۽ هڏ سڪائي ڇڏي ٿي. هن ڇوڪري جي شين کان مون کي البت خوف ٿيندو آهي. جيئن پريميءَ جي يا پرهيز واري انسان  جي شيءِ هڪ سوکڙيءَ يا سوغات ٿي اندر کي آنند پهچائي ٿي، تئن هي نشين جا سامان، تماڪ، سلفيون ۽ ٻيون گنديون شيون من ۾ هڪ قسم جي خارش پئدا ڪن ٿيون. هن ڇوڪري جو پري رهڻ هن لاءِ فائدي وارو ٿيندو؛ ڇا لاءِ جو هنن ڪوڙن مان ٻيو ڪين تڏهين به کٽائي طبيعت جي پئدا ٿئي ٿي؛ گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته تون به قبول ڪندينءَ ته انهن ڏانهن هر هر ڌيان ڇڪجي ٿو، جنهن ۾ وقت ضايع ٿئي ٿو؛ هن کي به گهڻن ڪوڙن ڳالهائڻ جي ضروت نه ٿيندي. سياڻا چوندا آهن ته فقيرن جي ويجهو گهڻو نه رهجي؛ ان چوڻيءَ جو مطلب هيءُ آهي ته جي ڪڏهن ڪنهن جي من جي اوستا اڃا پوري جاڳرت نه آهي ته ڪنهن به ساڌوءَ يا درڙهه اصول واري ماڻهوءَ جي ويجهو رهڻ هن تي اڻ وقتائتو ۽ بي حد گهڻو بار پاڻ کي موڙڻ يا نوائڻ لاءِ وجهندو جو هو سهي ڪين سگهندو. يعني هن جي لاءِ هر وقت لازمي ٿيندو ته سچ تي هلي، ۽ شڀ ڀاونائون رکي؛ مگر هن ۾ جو اڃا ڪچايون گهڻيون آهن ته ايترو يڪدم پاڻ کي موڙي هلائڻ اهنجو لڳندس. گهوڙو جنهن اڃان گام ۽ دوگام نه سکي آهي سو يڪدم رلو يا مٿيون پنڌ ڪيئن سکندو؟ ائين گهڻا گهوڙا هميشہ لاءِ کري پوندا آهن. ڪوبه سياڻو سوار ائين ڪونه ڪندو آهي. اسين کڻي ساڌو يا فقير چوائڻ جي لائق نه به هجون مگر ايترو تو نوٽ ڪيو هوندو ته اسان جي گهڻي چؤ چؤ ڪرڻ ڪري يا سندس ڪوڙن کي ظاهر ڪرڻ ڪري هو پاڻ همٿ هاري پيو آهي ۽ سچ جي هام هڻڻ ئي ڇڏي ڏني اٿس؛ اهو وڏونقصان آهي. اسان جي اڳيان رهي، اهو کٽي سگهندو، جنهن کي گهٽ ۾ گهٽ ارادو سچ تي هلڻ جو هوندو ۽ سچ ڏانهن لاڙو هوندس. هن ڇوڪري تي سندس بري سنگ جا اثر ايترو ته غالب پئجي ويا آهن جو هو تکي نظر سهي نه سگهندو؛ جئن بيمار ماڻهو اس جو تيک سهي نه سگهندو آهي اگرچ اس صحت واري لاءِ سٺي آهي تيئن اهڙي ماڻهوءَ کي پڻ ٿورو پاسيرو رهڻ گهرجي؛ مٿس مختصر نظر ڀل هجي پر گهڻي چؤ چؤ ڪرڻي نه پوي.“

مونکي اهي سڀ ڳالهيون دل سان لڳيون تنهن ڪري مون سندس جدا رهڻ تي اعتراض ڪونه آندو ۽ جيتوڻيڪ سندس سڌارو جلد ٿيڻ اهنجو آهي، تنهن هوندي به مان سمجهان ٿي ته اهي اپاءُ آخر سندس لاءِ چڱا ٿيندا.

***

 

 

2-4-1954ع  اڄ اهو ذڪر نڪتو ته آشرم جي پهرين اڏاوت ڪيئن ڪجي؛ سام چيو: ”اهو خيال دل تي اصل نه آڻج ته ڪو جلد وڏي پئماني تي ڪاميابي حاصل ٿيندي يا هڪدم ڪو سک جو ساگر کلي پوندو، ستسنگ ڪيرتن وغيره مچي ويندا، ڪتاب ڇپجي ويندا ۽ اخبارون واهه واهه ڪرڻ لڳنديون. نوڪرن ڇڏڻ يا زماني جي ڪمن ڇڏڻ سان يا ’آشرم‘ ’آشرم‘ چوڻ سان ڪو بجليءَ جي بٽڻ تي هٿ لائڻ جهڙو اثر يا شعاع اوچتو ڪونه پئدا ٿيندو. اهڙو خيال من جي اڳيان رکڻ يا انهيءَ جي ترت حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان ٿيڻ سو خود هڪ رستي ۾ رڪاوٽ بڻجي پوندو. اسان جي سچي آس ضرور پوري ٿيندي پر سچي آس اها آهي جيڪا حرص يا پريشاني پيدا نه ٿي ڪري. هيءَ ديهي ناسونت آهي؛ ان جي سک جي چاهنا وچان وڻن جي ڇانو يا ندين جي ڪنارن تي ويهي آسائش وٺڻ جا خواب لهڻ سو آشرم جي مقصد سان ڪوبه واسطو ڪونه ٿو رکي. آشرم اسٿاپن ڪرڻ کان اڳ جيڪو خيال ملڪ سڄي ۾ رٽن ڪرڻ جو آهي، تنهن ۾ خود ايتريون تڪليفون درپيش اينديون جو سک جي طالب کي ڏڪائي ڇڏينديون. ڪچي خيال واري کي هيءُ جيوت جاين، جڳهن، پکن بجلين، ريڊين وغيره واري، جنهن ۾ اسين هينئر پاڻ کي بيزار سمجهون ٿا. سا وري هڪ سورڳ مثل پيئي نظر ايندي. ائين ڪيترائي ڪچا تياڳي سنياس مان موٽي گرهست ۾ آيا آهن ۽ زماني کي بلڪل چهٽي پيا آهن. تنهن ڪري اندر مان سک ۽ آسائش جو يا من مانين ڳالهين پوري ڪرڻ جو، جهڙوڪ ليڪچرن، ستسنگ وغيره دوران مشهورائيءَ جي حاصل ڪرڻ جو، خيال ڪوري ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. پنهنجي خوشي پاڻ اندر حاصل ڪرڻي آهي ورنه ڪيتريون تڪليفون يا ڏک ڏاکڙا اسان کي ان وانپرستيءَ جي حياتيءَ کان خود بيزار ڪري ڇڏيندا. ڪڏهن ڪٿي بيمار نه ٿيو جتي شايد پوري علاج جو بندوبست نه هوندو. ڪڏهن کاڌ پيت جو سامان نه ملندو، ته ڪڏهن وري پيرين پنڌ هلڻو پوندو؛ نه ڪو اتي زور ڏيندو نه ڪو مالش ڪرڻ وارو لڀندو. مطلب ته اهڙيو عادتون جيڪي اسان جي رهڻ ڪهڻ جون آهن، تنکي هميشہ لاءِ چهٽي پئبو ته بيحد دکي ٿبو.“

مون سام کان پڇيو: ”هنن شين، کاڌن يا ڪپڙن ورتائڻ ۾ ڪو ذاتي پاپ آهي ڇا؟“

سام چيو: ”گهڻائي شين جي من کي ڀلائيندڙ آهي ۽ ميڙڻ واي عادت سنياسيءَ لاءِ پاپ آهي. ازنسواءِ آشرم يا فقيرن جو ٽڪاڻو ضرور شهرن کان ۽ گوڙ شور کان پري ٿئي ٿو. اتي جيڪڏهن اهڙيون شيون رکبيون ته ممڪن آهي اتي چوريون ٿين ۽ ڪي ماڻهو اسان جا دشمن بڻجن؛ اسان کي انهن شين بچائڻ لاءِ وري چنتائون ڪرڻيون پون ۽ پهرا رکڻا پون! مطلب ته هي شيون سڀ سنسار ڏانهن هڪ ڇڪ رکن ٿيون. فقير جي لانگوٽيءَ واري ڳالهه نه ٻڌي اٿيئي؟ اها ڳالهه هينئن آهي ته هڪ فقير جي لانگوٽيءَ ڪئا ٽڪي ويندا هئا؛ ٻيءَ لانگوٽيءَ لاءِ وري وري سوال شهر وارن ماڻهن کي ڪرڻو پوندو هيس. هڪ ڀيري ڪنهن شهر واري چيس ته فقير هڪڙي ٻلڙي کڻي رکو ۽ پوءِ ڪئا لانگوٽي ڪونه ٽڪيندا فقير ٻلي ڌاري جنهن جي لاءِ روز پاءُ کير جو پني وٺي ايندو هو. ڀاڳين چيس سائين تون جو روز ٻلڙيءَ ڪاڻ وتين کير پنندو تنهن کان هڪڙي ٻڪري کڻي وٺ ته پاڻ به پيو کير پيئين ۽ ٻليءَ جو به گذاريو پيو ٿئي. پوءِ ٻڪريءَ لاءِ کيس گاهه آڻڻو ٿي پيو، سو کري ۽ ڏاٽو کڻي فقير گاهه ڪندو وتي. ٻڪري به جلد ويائجي پيئي. ڦر پئدا ڪندي ڪندي آخر ڌڻ ٿي ويس. هڪ دفعي سندس مرشد اچي کيس هن حالت ۾ ڏٺو، جڏهن هو ڌڻ چاريندو ٻڪرين جي پٺيان پريشانيءَ ۾ ڊڪي رهيو هو. مرشد پڇيس ته توکي مون ڇا ڏسيو ۽ هي تون ڇا پيو ڪرين؟ فقير کي تڏهن گيان اچي ويو ۽ چيائين سائين رولو سڄُو هن لانگوٽيءَ مان پئدا ٿيو آهي! پوءِ اها لانگوٽي به کڻي ڦٽي ڪيائين، جنهن مان ايترو مهاڄار پئدا ٿيو.

”خواهش يا ترشنا اها لانگوٽي آهي، جيستائين اها ترڪ نه ڪبي، تيستائين هت هجون يا ڪنهن آشرم ۾ هجون، سچو سک حاصل ٿيڻو نه آهي. هن ديهه  جو سک سو سچو سک آتما جو نه آهي. هن سان ڪو وير به ڪونه اٿئون، مگر تن جي سک کي گهٽ اهميت ڏئي اندر جي سک کي وڏي اهميت ڏيڻي آهي. ان لاءِ ضروري نه آهي ته تن کي ڳاريندارهون يا سندس صحت جا قانون ٽوڙيندا رهون، مگر انهن کي گهڻو چهٽي پوڻ، سو خيال کي هڪ محدود دائري تائين بند رکي ٿو. خيال کي هن تن جي خواهشن کان آزاد ڪرڻو آهي، ڪڏهن انهن خواهشن کي پوري ڪرڻ سان ۽ ڪڏهن انهن کي وساري ڇڏڻ سان. مطلب ته جا ڳالهه سهج سڀاءٌ بڻي اچي، تنهنتي راضي رهڻ سو ئي مول ڪارڻ سک ۽ سنتوش جو آهي، چاهي ان مان ڪابه مراد حاصل ڪين ٿئي، ”مون کي خيال ۾ ائين اچي ٿو ته پهريائين جئن سير ڪرڻ لاءِ نڪرون، تئين ٿورن ٻين ساٿين کي پڻ ڇڪينداسين. پوءِ سڄيءَ ٽوليءَ جي انداز ۽ خيال جي هم رفيقيءَ تي رهندو مدار ڪمن جي رٿڻ جو. آخر جيڪڏهن ٻيو ڪو ساڻ نه هليو ته ائين سمجهبو ته اسان جو ڪم پنهنجو پاڻ سان ئي شروع ٿيڻو آهي. پريم جو آنند پورڻ آهي. ان کي ڪا ضروري ڪنهن ٻاهرينءَ ڳالهه جي ڪانه آهي. ايشور جا گڻ ڳائڻ، ڌرتيءَ جا سندر آستان يا تيرٿ ڏسڻ، ڀلن ماڻهن سان جتي ڪٿي ملڻ سو ڪافي آنند آهي ۽ اهڙي ستنترجيون جو مثال ٻين اڳيان رکڻ سو ڪافي شيوا جو ڪم آهي. منهنجو خيال هيءُ آهي ته جتي خيال جي پڪائي ۽ اورچائي آهي، اُتي پورهيو نشڦل ڪڏهن  ڪونه ٿيندو آهي؛ خيال پنهنجي طاقت، لياقت ۽ اهميت موجب جيئن چؤطرف ڦري ٿو، تيئن وزن وڌائي ٿو يعني ڳر پائي ٿو. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته پٿر جيڪو ڊڪندو رهي ٿو، سو ڳر نه ٿو. وڌائي (Rolling stone gathers no mass) پر مان چوان ٿو، اسانجو ارادو ۽ خيال جئن آزمائش ۾ اچي ٿو، تئن وڌيڪ وزندار ٿئي ٿو. جيڪڏهن اسان جي خيالات ۾ ڪابه خوبي آهي ته اُها خيالات اجائي هرگز نه ويندي. دنيا ۾ خيال سڀ شيءِ کان دير سان مري ٿو، ڇا لاءِ جو اُهو سوکيم جوڙ جو آهي. تنهنڪري مون کي يقين آهي ته هي خيال اسانجا نشڦل هر گرز نه رهندا. مگر ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي ضرور وڃي ڪو نتيجو ڏيکاريندا. انڪري مون صبر سان سالن کان ويٺي واجهايو آهي.

”هن وقت هي پنهنجو غريبي حال ڏسي يا روحاني اڪيلائي محسوس ڪري هن بيروني دنيا جي بر ۾ همٿ نه هارڻ گهرجي؛ مگر اهو اعتقاد رکڻ گهرجي ته ايشور دان بينا آهي؛ هو اسان جون سچيون گهرجون ۽ من جون مرادون ڄاڻي ٿو؛ هو سڀ شيءِ کان پنهنجي لياقت آهر پورو پورو ڪم وٺي ٿو. اسان کان به اهو ڪم وٺندو جنهن جي لائق اسين هونداسين؛ جن جو اهو اعتقاد آهي سي مونجهه ۾ يا گمراهيءَ ۾ هرگز نٿا رهن. البت ايشور جا راز اونها آهن؛ ورهيه ۽ صديون سندس سڄو سار نه ٿيون کولين. سندس گهرا راز بعضي بعضي هزارن سالن کانپوءِ کُلن ٿا. تنهنڪري نه بي چين ٿيڻ گهرجي ۽ نه قدرتي رٿا يا پنهنجي خيال جي اُسرڻ کي پنهنجي چنتائن سان رنڊائي ڇڏڻ گهرجي. اسان جون انتظاريون ئي آهن جي ڪاميابين کي پٺتي وجهي ڇڏن ٿيون؛ جي اسان جي خيال ۽ عمل جا رستا بند ڪري ڇڏن ٿيون.

”قدرتي ڦل انهن جو ازلي انجام ڪري سمجهڻ گهرجي. نه وري مشهورائي يا ناماچار ڪڍڻ ۾ اُن انجام جي پورائي سمجهڻ گهرجي. اچو ته اهي ڪچا خيال من مان بنهه ڪوري ڪڍون؛ فقط سچ ۽ سٺائيءَ جي چاهنا رکون؛ نه ڏکن ڏاکڙن ڀئي ڊڄون؛ نه گهڻن ماڻهن گڏ ڪرڻ جي تمنا رکون؛ خام ارادن کي من ۾ جاءِ نه ڏيون؛ نفس جون لڀائيندڙ تصويرون پنهنجي اکين کان دور رکون؛ نفس ڏانهن صفا مري وڃون؛ آتما جو ڌيان ڌريون! اهائي سچي زندگي آهي! اهائي سچي آشرم جي اڏاوت آهي.“

***

 

 

26-4-1954ع  اڄ صوفي صاحب سنڌ جي هڪ مشهور هندو ساميوادي کي سام سان ملائڻ لاءِ وٺي آيو سام چيو اسان جي اڄ ڪالهه واري اوسٿا اهڙي آهي جو مذهبي تنگدليءَ جو مادو خود ڳوٺن ۾ ڦهلجي رهيو آهي. سڀ ماڻهو ڪنهن به لائين ۾ خاص ترقي ڪري ڪنهن وڏي پوزيشن کي پهچي نٿا سگهن. ”مگر سنڌ جي ڪميونسٽ پارٽيءَ لاءِ ايترو چئي سگهبو ته هو مذهب کان دور آهن ۽ آزاد خيال آهن، جا هڪ وڏي ڳالهه آهي؛ انهيءَ پارٽيءَ  مٿي ذڪر ڪيل ماڻهوءَ پنهنجي پر ۾ چڱي ترقي ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هؤ هڪ هندو آهي. سام ساڻس ملي خوش ٿيو ڇا ڪاڻ جو هو هڪ سچو ماڻهو ٿي ڏيکاريو. ٻيو هڪ دوست به ان وقت ويٺو هو؛ ڳچ دير تائين سندن وچ ۾ گفتگو هلي مگر مون سڄو گفتگو ڪونه ٻڌو. سام جي مدد سان هي احوال مختصر درج ڪريان ٿي:-

گفتگو هلندي هلندي سام چيو: ”هڪ جهڙائيءَ جو خيال سٺو آهي؛ ڌرم ۽ جمهوريت واري اصول موجب آهي؛ هيءَ هوا، پاڻي، کاڌو ۽ دنيا جون ٻيون نعمتون ايشور برابر سڀني لاءِ جوڙيون آهن ۽ نه ڪن ٿورن لاءِ. البت انسان انسان جي وچ ۾ تفاوت آهي. هر هڪ جون گهرجون سندس جوڙ جنس تهذيب ۽ ترتيب پٽاندر نراليون آهن؛ خيال نرالا آهن تنهنڪري عمل ۽ خواهشون نراليون آهن؛ پورن هڪ جهڙائي (Uniformity) ڪنهن به طبقي ۾ آڻڻ اهنجي آهي. ٻي ڳالهه جنهن ۾ اسين ساميوادين جي تائيد نه ٿا ڪريون سا اها آهي جو هوُ شخصي آزاديءَ کي ٺڪرائي ڇڏن ٿا، Regimentation يا قواعد اندر هلائڻ زندگيءَ جو جيڪو ڪميونسٽ ملڪن ۾ روا آهي سو اسان کي انساني فطرت جي خلاف ٿو لڳي.“

ساميوادي دوست چيو: ”اهو ڇاجي ڪري خراب آهي؟ ڪنهن به شخص (Individual) جي ترقي سوسائٽيءَ يا سماج جي سڌاري سان ٻڌل آهي؛ سوسائٽيءَ کي ڪنهن چڱيءَ سٺي، مقرر رستي تي هلائڻ ۽ رٿا موجب قدم وڌائڻ. تنهن کي شايد توهين فوائد اندر هلائڻ چئو ٿا. اسان جي سوسائٽيءَ لاءِ خاص ڪري رٿا موجب قدم کڻڻ ضروري آهي. انتظام ان لاءِ آهي ته جئن سٺي رستي کان ڪو ٿڙي نه وڃي.“

سام چيو: ”جيڪڏهن توهان کي پنهنجي فلسفه جو پورو ڀروسو آهي ته پوءِ ڇونه ڪنهن کي آزاد ڇڏيو وڃي ته پنهنجي مرضيءَ سان ڪميونسٽ راهه تي اچي يا نه اچي؟ جيستائين انسان پاڻ ڪا ڳالهه نه ٿو سمجهي، تيستائين ٻئي جو سمجهائڻ اثرائتو نٿو ٿئي. زوريءَ ڪنهن کي ڪنهن راهه تي آڻڻ تنهن ۾ سڌارو بنهه ٿي نٿو سگهي. ٻئي کي اڌڪار نه آهي جو جيستاءِ مان ڪا ڳالهه فائديمند سمجهان، تيستاءِ زبردستيءَ سان ان ’فائدي‘ واري راه تي موکي هلائي. تنهنڪري توهين بيشڪ پرچار ڪريو ۽ جڏهين قوم جا گهڻا ماڻهو اوهانجي خيالن جا ٿين پوءِ ڀل انهن جي ووٽ سان گورنمنٽ جون واڳون هٿ ڪريو؛ پر هن وقت تائين ڪميونزم جمهوريت جي طريقي سان ڪٿي به برپا ٿي ڪونه سگهيو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته سڀ اصول ساميوادين جا ٺيڪ نه آهن.“

ٻئي هڪ نئين دوست چيو: ”اسلام خود ڪميونزم آهي؛ ڇو نه اسلامي ملڪن ۾ اسلام جي معرفت ڪميونزم آڻجي؟“

ساميوادي دوست چيو: ”ائين کڻي هجي به، پر هن وقت اهو اسلام گهڻن ماڻهن وٽ رهيو آهي، سو توهان ئي ٻڌايو. اهو تمام ٿورا ماڻهو عمل ۾ آڻيندا هوندا. مولوين ۽ ملن انهيءِ اصلوڪي اسلام جو رنگ روپ ئي مٽائي ڇڏيو آهي. هن وقت اسلامي ملڪن جا ليڊر سڀ خود مطلبي ۽ سرمائيندار فرقي مان پيدا ٿيل ڏسجن ٿا. اسلامي ملڪن ۾ سچي پچي جمهوريت اچي وڃي ته اسان جو ڪم جيڪر سولو ٿي پوي. انڪري جمهوريت خود اسين سمجهون ٿا ته ساميواد جو پهريون ڏاڪو آهي پر اها جمهوريت ڪٿي آهي؟“

سام چيو: ”جمهوريت پهريون ڏاڪو فقط نه آهي، پر آخري منزل به سمجهڻ گهرجي. انسان هر حالت ۾ بحال رکڻ گهرجي. پهريون ڳالهيون پهريائين رکو ۽ پويون ڳالهيون پوءِ رکو. اقتصادي يا ٻئي ڪنهن به واڌاري لاءِ جمهوريت جو اصول ترڪ ڪري نٿو سگهجي. توهين جمهوريت فقط انڪري فائدي واري سمجهو ٿا جو انجي هُل هلاچي ۾ ساميواد جو تحرڪ زور سان هلائڻ آسان لڳي ٿو. مگر اها سچي جمهوريت نه آهي. سچي جمهوريت ۾ شايد اوهان جا هوڻوڪا اصول سڀ بحال ٿي نه سگهن. ان ڪري ئي ڪميونزم ۽ جمهوريت جو پاڻ ۾ جهيڙو آهي.“

ساميوادي دوست چيو: ”پهرئين ڳالهه آهي اَن ۽ لٽو سڀني لاءِ موجود ڪرڻ. آزادي يا جمهوريت يا مذهب وغيره سڀ پوءِ اچن ٿا. ان ۽ لٽو پورو نه هوندو ته ٻي ڪابه ترقي ڪري نه سگهبي.“

سام چيو: ”اَن ۽ لٽو وغيره جسماني گهرجن جون شيون، سي انسان جي سک جو فقط هڪ پاسو آهن. انسان جي ترقيءَ جي عمارت چورس آهي؛ منجهس چار وڏيون ديواريون آهن. اَن ۽ لٽو وغيره فقط هڪ ڀاڱو آهي؛ ٻيو ڀاڱو آهي انسان جون جذباتي ضرورتون جنهن ۾ سونهن جي واڌاري لاءِ هنر ۽ شعر، ٻيون تجويزون ۽ طرزون حياتيءَ جون اچي وڃن ٿيون، جن مان انسان جي دل کي لطف حاصل ٿئي ٿو. ٽيون ڀاڱو آهي من جي سکيا ۽ گيان جو واڌارو، جنهن ۾ تعليم، سائنس، فلاسافي وغيره اچي وڃن ٿا. چوٿون ڀاڱو آهي سندس آتما جو اُڌار جنهن ۾ يوگ ڪريائون وغيره اچي وڃن ٿيون. جي شانتي ۽ آنند آتما جو پيدا ڪن ٿيون. جيئن ڪنهن جانور جي خوش رهڻ لاءِ نه روڳو کاڌو پاڻي يا واڙي جو سک پر گهمڻ، ڦرڻ، هوا جهٽڻ وغيره سب ضروري آهن، تيئن اسان کي خوش رکڻ لاءِ مٿيون چار ڳالهيون سڀ گڏ ويچار ۾ آڻڻ ضروري آهن.“

”جيڪڏهن انسان کي اٽو لٽو ڪافي موجود ڪري ڏبو ته ٻيون زندگيءَ جون تمنائون سندس پوريون نه  ڪبيون ته هو خوش رهي نه سگهندو. حضرت موسيٰ جي اکرن جي اونهي معنيٰ آهي، جو چيو اٿس ته انسان فقط اٽو کائي نٿو جيئي (Man liveth not by bread alone) ڪميونسٽ ملڪن ۾ روس سڀ کان وڌيڪ اقتصادي ترقي ڪئي آهي پر ڪٿي آهن اتي ٽئگور ۽ اقبال جهڙا شاعر ۽ خيال جا رهبر جيڪي روح کي پنهنجي خيال يا امنگ جي پرن سان آڪاش جا سير ڪرائن؛ ڪٿي آهن گانڌيءَ جهڙا ڌرم جا پرڪاشڪ ۽ سياست جا اڳواڻ جي انسان جي اونهي ۾ اونهي گهرجن کي سمجهي ان جي هر مسئلي کي منهن ڏيئي سگهن؛ ڪٿي آهن اُهي گذشته زماني واري يورپ جهڙا ڪلاڪار جن جي تصويرن، چٽسالين يا اُڪار جي ڪمن ۾ امنگ روپي ساگر جون لهرون پيون لڳن؟“

ساميوادي دوست چيو: ”اُتي به گهڻائي شاعر ۽ هنرمند پيدا ٿيا آهن.“

سام چيو: ”ضرور هوندا ڇا لاءِ جو انسان جي سڀاو کي ڪيترو به دٻايو وڃي ته ڪٿان ۽ ڪنهن نه ڪنهن بهاني مڙيوئي ڦاٽ کائي اهو ظاهر ٿئي ٿو. انهن جا شعر وغيره ٿورا مون پڙهيا آهن. رشيا جيڪي سائنس يا ٻين دائرين ۾ ڪيو آهي، تنهن لاءِ مون کي عزت آهي، مگر مون کي سندن شعرن مان ڪوبه لطف ڪونه ايندو آهي. انهن منجهان روس جي سخت انتظام ريجيمينٽيشن جي بوءِ پيئي اچي.“

پوءِ اُن ساميوادي دوست ٻڌي ته ڪميونزم جي فلاسافي پڻ اونهي آهي. چيائين: ”جي توهان چڱيءَ طرح پڙهي ڏسندو ته اُها اوهان کي بلڪل پورڻ نظر ايندي ڇا لاءِ جنهن ۾ ........... انداز ٿيل نه آهي؛ بنيادي ڳالهه جسم آهي، جنهن مان سڄي زندگي جي راند مچي ٿي. زندگيءَ جو مقصد زندگي آهي؛ ٻيون سڀ ڳالهيون انهن کانپوءِ اچن ٿيون.“

سام چيو: ”اهو اوهان جو نظريو اڻ پورو آهي. حياتيءَ جو مقصد نه جئاپو آهي پر پورڻ جياپو جو پورڻ گيان کانسواءِ حاصل ٿي نه سگهندو. جيوَ آتما جو مقصد پورڻ آنند يا پرماتما ئي آهي. توهين پهريون ڳالهيون پوءِ رکو ٿا ۽ پويون اڳ ۾. جسم گاڏي آهي. آتما سندس گهوڙو آهي. توهين گهوڙي کي اڳ ۾ ڪرڻ بدران گاڏيءَ کي اڳ ۾ ڪريو ٿا. ان نموني گاڏي ۽ گهوڙي ٻنهي کي گهلي ڪنهن اوڙاهه ۾ وڃي هڻندا. آزادي خيال جي ۽ زبان جي، ڪنهن به حالت ۾ وڃائڻ نه گهرجي. اوهان سان جيڪي شامل راءِ نه هجن، انهن کي به حق ملڻ گهرجي ته هو پنهنجا خيال ظاهر ڪن يا پنهنجو پرچار ڪن. هاڻي اها ڪسوٽي اوهين لائي پوءِ پاڻ سان پڇي سگهو ٿا ته هيءُ ڪميونزم اها آزادي ڪيتريقدر ڏيئي سگهي ٿو. هن ملڪ ۾ به ساميواد جو ڪو زمانو هيو پر اهو آزاديءَ جو گهاتڪ ڪونه هو ۽ منجهس ڌرمي امنگ سمايل هو. جنهنڪري  ڪنهن به هڪ ورن يا ڪلاس لاءِ اهنجو ثابت ڪونه ٿيو. البت تنگدليءَ سبب پوءِ اهو سرشتو ٽٽي پيو.“

ساميوادي دوست چيو: ”رشيا ۾ شخصي آزادي هر ڪنهن کي آهي، بشرطيڪ هو سوسائٽيءَ جو دشمن بڻجي نه پوي.“

سام چيو مان ڀانيان ٿو ته اسان جهڙن ماڻهن جي لاءِ جيڪر ڪميونسٽ سرشٽي ۾ جاءِ ئي ڪانه ٿي سگهي، توڙي جو اسان جو اعتراض ڪميونزم جي اصول خلاف نه آهي، مگر انهن جي هنسا واري رستي خلاف آهي. مان رشيا جي عظيم رهبرن جي نندا نٿو ڪريان؛ اڄڪلهه روسي ڪميونزم ايشيا جي قوميت (Asian Nationalism) جي وڏي ٽيڪ ٿي رهيو آهي؛ ڇا لاءِ جو  جيتوڻيڪ رشيا جو چڱو يورپ ۾ آهي تڏهين به رشيا جو  روح ايشيائي آهي ۽ رشيا مثال ٿي ڏيکاريو آهي ته هن ڀر وارا به ڪي ڪجهه ڪري سگهن ٿا. پر ايترو ضرور قبول ڪرڻو پوندو ته اتي شخصي آزادي پورڻ نه آهي، ساڳئي وقت تي ائين نه چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ٻين جمهوريت پسند ملڪن ۾ پڻ شخصي آزادي گهٽ آهي؟“

ساميوادي دوست چيو: ”ڪهڙين ڳالهين ۾ روس اندر شخصي آزادي توهين سمجهو ٿا ته گهٽ آهي.“

سام وراڻيو: ”مثلاً جي مان اُتي ڪميونزم جي برخلاف اُٿي پرچار ڪريان ته مون جهڙي انسان کي جيڪر اُتي رهڻ ڏنو ڪين وڃي ۽ مان اُتي پنهنجو آئيندو جيڪر اڏي نه سگهان، جيستائينڪ اُتان جي گورنمنٽ جي مقرر ڪيل لائين تي پير نه کڻان، ويجهي تاريخ ڏسي ٿي ته روسي انقلاب کانپوءِ طلاف ڌر وارن جي ڪڍ ڪيئن نه ڪات ڪهاڙا کنيا ويا ۽ ’صفائي‘ (Purge) جي بهاني اڃا تاءِ اُتي ڇا نٿو ڪيو وڃي؟“

ساميوادي دوست چيو: ”مان شخصي آزاديءَ جي فائدي ۾ آهيان ۽ محسوس ڪريان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ پڻ انهيءَ پرچار جي وڌيڪ ضرورت آهي.“

تنهن کانپوءِ گفتگو سام جي ادبي ڪم وغيره ڏانهن ڦريو.

ساميوادي دوست چيو: ”توهان انهن خوش نصيب انسانن منجهان آهيو، جن کي روشني حاصل آهي ۽ جيڪي دنيا جي خدمت ڪري سگهن ٿا. پوءِ ڇو نه پنهنجي خيالات مان ٻين کي به واقف ڪندا رهو ته ٻين جو به ڀلو ٿئي؟“

سام چيو: ”اسين ٻين جو ڀلو هميشہ چاهيون ٿا مگر پنهنجو دهل پاڻ وڄائڻ سو نه فقط پاڻ کي خراب لڳي ٿو پر ان مان نتيجو گهڻو ڪونه ٿو نڪري. خيال جي اثر به انهن تي پوندو آهي جن کي اڳ ۾ ڪجهه شوق پنهنجو هوندو آهي. تنهن ڪري اسان جو آدرش اهو آهي ته پاڻ کي هڪ سندر سيتل پاڻيءَ جي چشمي وانگر بڻائجي پوءِ ڪنهن کي سڏ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه آهي. پکيءَ پئسون ۽ ٻيا جيءَ جيڪي پياسا هوندا، سي پاڻهي اچي چشمي تي پاڻي پيئندا. گهڻو گوڙ شور سچن پياسن کي پاڻ وڌيڪ پري رکي ٿو.“

ساميوادي دوست چيو: ”اهو خيال ٺيڪ نه آهي. دنيا هڪ باه ۾ ٻري رهي آهي. ان کي اهڙي حالت ۾ ڏسي گهر ۾ چپ ڪري ويهي رهڻ سو توهان جو فرض نه آهي. اهو ايڪانت جو رستو اڄ ڪلهه جي زندگيءَ ۾ ڪارگر نه آهي. اوهان جا خيال اوهان لاءِ فقط نه آهن، مگر انهن جو فائدو ٻين کي به ملڻ گهرجي. اهي خيال اتي ئي ڊٻ ٿي وڃڻ نه گهرجن.“

سام چيو: ”اسان جو ڪنهن به هلچل يا تحريڪ هلائڻ جو ويچار نه آهي. ايشور کي پائڻ يا پنهنجي جيون سڦلي ڪرڻ سوئي هڪ سچو آدرش شيوا جو آهي ۽ ان جي پائڻ جا ٻيا به گهڻا ئي رستا آهن. ڪرم يوگ جو به هڪڙو مارگ آهي، جو توهان پڪڙيو آهي. اها تمنا هر ڪنهن کي رهي ٿي ته مان جسماني يا روحاني اولاد پيدا  ڪريان. پر جي سهج سڀاؤ ڪنهن کي اولاد حاصل نه ٿئي ته پوءِ ائين آهي ڇا ته اُها زال مڙيوئي ڪٿان به وڃي اولاد پائي اچي؟ غلط رستي ڪم ڪرڻ  ۽ هنسا جو مارگ وٺڻ يا اعتراض جوڳي نموني اهو مطلب پورو ڪرڻ سو ان وڀچارڻ زال جي مثل ٿيندو. مطلب ته جيڪڏهين ايشور پنهنجي مهر سان ڪو وڏو مارگ جيوت ۾ نه کولي ته مشهورائيءَ لاءِ نفس جي سينگايل سهڻن رستن تي ڪاهي نه پئجي!“

ساميوادي دوست چيو: ”مان ته جيڪر چوان ته اُها زال ڀل ڪٿان به ٻار پائي اچي. اهو آريه سماج وارن جو به اصول آهي. مطلن ته پنهنجو آدرش ڪيئن به پورو ڪرڻ گهرجي.“

سام چيو: ”خراب نموني سٺي شيءِ حاصل هرگز ٿي نٿي سگهي؛ جي ٿيندي ته ان مان سک يا مزو پراپت ڪونه ٿيندو. سچي آدرش لاءِ سچا رستا اختيار ڪرڻا آهن. مشهورائيءَ جو خيال يا حاصلات جي لالچ، سي سچ پچ پورڻتا جي راهه ۾ رڪاوٽون آهن. ايشور جي ليلا اهڙي آهي جو جيتري لياقت جنهن شيءِ ۾ آهي، اوترو ڪم ان کان ضرور ورتو وڃي ٿو. البت اُن جو اثر بعضي بعضي گهڻي وقت کانپوءِ ظاهر ٿئي ٿو. مثلا سري رام ڪرشن پرم هنس جي حياتي ڏسو؛ سندس ديهانت جي وقت تائين ڪي مٺ ڀر انسان هن جا پوئلڳ هئا. پر سندس خيال جي خوشبوءِ اڃا وڃي ٿي دنيا ۾ ڦهلبي؛ سندس ٻول ڄڻڪ هڪ نئين پنٿ  جو بنياد ۽ مرڪز سمجهيا وڄن ٿا. اسان کي يقين هئڻ گهرجي ته قدرت اسان جي لياقت آهر پاڻهي اسان کي ڪتب آڻيندي. ڪهڙي خبر آهي اوهان دوستن مان ئي ڪنهن جي من ۾ ائين اچي ته هنن خيالن کي وڌائڻ گهرجي؟ پوءِ اسين به اُن واڌاري جي آڏو ڪونه اينداسين. مگر هٿرادو حيلا هلائي ’ڪم کي اڳي ڪرڻ‘ سا حقيقت ۾ وک پٺتي وجهڻي آهي.“

***

 

 

10-5-1954ع آرتوار ڏينهن مون خوشي ٿي ڪئي ته آرتوار سٺي نموني ۾ گذارينداسين پر سام چيو، آرتوار ڏينهن ته هميشہ اسين پاڻ ۾ ٽڪرندا آهيون! مون کائنس ان جو ڪارڻ پڇيو:

سام چيو: ”گهڻي ڇڪ (Attraction) کانپوءِ هڪ اُبتو اثر (Repulsion) پيدا ٿيندو آهي. اهو هڪ قدرت جو قانون آهي. پريم انهن ٻنهي حالتن ۾ قائم رهي سگهي ٿو ۽ انهن ٻنهي منجهان ڪري سگهي ٿو يعني انهن جي اثر کان بچي سگهي ٿو. اسان جي ٿوري لڙائي ڏيکاري ٿي ته دل زنده آهي. اها لڙائي تفاوتن گم ڪرڻ جو هڪ حيلو ڪري سمجهو. البت ائين ظاهر آهي ته تفاوت ڪجهه مڙيوئي رهيا آهن. ان ريت هڪ ٻئي ڏانهن وڌيڪ ويجهي اچڻ ۾ ڪاميابي نه پائي پوءِ دل نا اميد ٿي، ٿوري وقت لاءِ پري ٿيڻ گهري ٿي. ان نموني ئي تنهنجي طبيعت کٽي ٿي پوي ٿي. اهو خاص ڪري توسان لاڳو آهي. منهنجي حالت ۾ ائين آهي ته مان هڪ قسم جي ماٺ ۾ اچي ويندو آهيان؛ تنهنجو ۽ منهنجو پريم تن جي طلبن کان آجو آهي، پر اڃا من جي جذباتي تفاوتن کان آجو نه آهي. اُها ايڪتا جنهن ۾ سڀ تفاوت سمائجي وڃن ٿا، فقط ڀڳتي ڀاؤ ۾ ۽ آتمڪ اورچائيءَ ۾ پورن ٿي سگهي ٿي. جڏهين ان ۾ ڪمي پيشي ڪانه رهندي تڏهين پيار ۽ حقارت يا ڪشش ۽ نفرت واري قدرتي قانون جي دائري کان نڪري سچي سک ۽ ستنترتا جي حدن اندر واسو ڪبو.“

اڳواٽ اهڙي اطلاع ملندي به جيئن آرتوار جو سج چڙهندو ويو ۽ جيئن مان واندي ٿي گهر ۾ اچي ويٺس ته ڳالهه مٿان ڳالهه ويئي نڪرندي ۽ مون سام کي چيو ته پنهنجي ٻارن جي پاس ٿيڻ جي ۽ ڪڪيءَ جي شاديءَ ٿيڻ جي سوکڙي مون کي اڃا ڪانه ڏني اٿؤ!“

سام چرچي طور چيو: ”ڇونه تون سال بسال مليل اضافن جون سوکڙيون مون کي ڏين!“

سام چيو: ”ائين ته سنساري حاصلات ۾ اسان کي به دلي خوشي ڪانه ٿيندي آهي. مگر جو ڪم جنهن جي هٿ ۾ آهي، اُن جي پوري ٿيڻ تي هڪ وفادار سپاهي ۽ ايماندار انسان کي ضرور خوشي حاصل ٿئي ٿي. سا خوشي فرض جي ادائيءَ منجهان آهي ۽ نه ڪنهن شيءِ يا درجي حاصل ڪرڻ جي آهي.“

مون چيو: ”مون کي ته اُها به حاصل ڪانه آهي.“

سام اتي ٿورو ويچار ۾ پئجي ويو ۽ چيائين: ”اها خراب نشاني آهي؛ يا ته تون پنهنجا ڪم پريم ۽ فرض ادائيءَ جي خيال وچان نٿي ڪرين پر ڪنهن خاص ننڍڙي مطلب يا ارادي سان اهڙا چڱا ڪم ڪرين ٿي؛ يا ته چئبو تون اهڙي نرموهه ٿي ويئي آهين، جو خود پنهنجي ڪم جي چڱي يا نه چڱي ٿيڻ جو توکي احساس ڪونه ٿو رهي؛ پر اها حد اڃا پري آهي.“

مون چيو: ”مون کي موهه فقط توسان آهي پر تنهنجو موهه گهڻن سان آهي؛ ٻارن ٻچن، گهر ٻار وغيره سان.“

سام کلي چيو: ”اها ڳالهه به عجب جهڙي آهي؛ جيڪڏهين موهه هڪ سان آهي، تڏهين به اوتري ڳالهه آهي جي گهڻن سان آهي تڏهين به اوتري ڳالهه آهي. موهه هڪڙو مرض آهي؛ ان جي هلڪائي  يا گهرائي هروڀرو ڦٽن ظاهر ٿيڻ مان نه پر ڦٽن جي اونهائيءَ مان لکي سگهجي ٿي؛ ٻانهن ۾ ڦرڙي هجي يا ڄنگهه ۾ ڦرڙي هجي يا ٻين عضون تي، اها ڳالهه مرض جي گهاٽائيءَ ۾ فرق نه ٿي آڻي. مرض هڪ منهن ڪڍي يا گهڻا منهن ڪڍي، اهو هر حالت ۾ خطرناڪ آهي.“

تنهن کانپوءِ سام شڪارپور جي هڪ مشهور وڪيل جي ڳالهه ٻڌائي: ”ان وڪيل وٽ ڪو ٻروچ قوم  جو ماڻهو ڀاءُ جي ڪيس ۾ اپيل ڪرائڻ لاءِ آيو. سندس ڀاءُ کي ٻن قلمن هيٺ ڦاسيءَ جي سزا آيل هئي. پاڻ ۾ فيصلو ڪيائون ته جي موت جي سزا لهرائي وئي ته ٻروچ وڪيل کي ٻه هزار ڏيندو. ڪجهه پئسا هن بياني ۾ ڏنا. اپيل ڪارگر نه ٿيڻ جي حالت ۾ فقط بياني وارا پئسا وڪيل کي ملڻا هئا ۽ ٻيو ڪجهه به نه. پر اپيل ۾ انهن ٻنهي قلمن مان هڪ قلم هيٺ ڏوهه ناثابت ٿيو؛ باقي هڪ قلم هيٺ ساڳي موت جي سزا ثابت رهي. وڪيل تڏهين اصيل کان باقي پئسن جي گهر ڪئي، جي مٺائيءَ طور کيس ملڻا هئا. چيائين ته مون هڪ موت تنهنجي ڀاءُ تان ٽاري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري تون مون کي اڌ پئسا گهٽ ۾ گهٽ ڏي. ٻروچ چيو ته سائين ڦاسي ته اُهائي منهنجي ڀاءُ کي ايندي باقي پئسا ڇا جا ڏيان؟ تڏهين وڪيل کيس وري سمجهايو ته چريا! اڳي ٻن ڦاسين جي سزا هيس؛ هاڻ فقط هڪ ڦاسيءَ جي سزا آهي!“

سام وڌيڪ چيو: ”تنهنجي ڳالهه به اُن وڪيل جهڙي پيئي لڳي ته تنهنجي موهه کي فقط هڪ منهن آهي ۽ منهنجو تيرهن منهون آهي!“

مون اها ڳالهه قبول نه ڪئي پر ٿوري دير بعد ويون ثابتيون ملنديون. جيئن مان سام جي اڳيان وڃي تڏي تي ويٺس ته هن چيو شايد پير پورا صفا نه اٿئي. مون کي انهن لفظن تي ڏک ٿيو ۽ اُٿي پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺس. تڏهين سام چيو: ”تنهنجو موهه هاڻي ٻه منهون ته گهٽ ۾ گهٽ ثابت ٿيو. پنهنجي سُو مان سان ايتري ته سڪ اٿيئي جو ٿوري چوڻ تي رُسي هلي وئينءَ!“

تنهن کان پوءِ وري ڪي اکر منهنجي مائٽن بابت سام ڪم آندا جنهن مان مون انومان ڪڍيو ته انهن لاءِ سام کي پوري عزت نه آهي. مون کي ان تي وري رنج پيدا ٿيو.

سام چيو: ”در حقيقت مون تنهنجي ڪنهن مائٽ لاءِ ڪجهه به ڪونه چيو، پر تنهنجو موهه هاڻي ٽه مُنهون ثابت ٿيو؛ يعني توکي مون سان نه رڳو پر پنهنجي سومان سان ۽ پنهنجي گهراڻي جي عزت سان به گهاٽو سنيهه آهي.“

سام مسخريءَ ۾ مون کي ائين چيڙائيندي رهيو مگر مان چرچو نه سمجهي گهر مان اُٿي هلڻ لڳس ۽ چيم: ”هن گهر ۾ مون کي سک ملڻو ئي ڪونه آهي. آرتوار ڏينهن گهڻو اچي ويهان ٿي تڏهين ته ڪِر ڪِر ٿئي ٿي.“

سام تڏهين چيو: ”اهو چوٿون موهه پنهنجي سک جو وري اهڙو آهي جو خود منهنجي موهه کي لٽي ڇڏئين. مون سان ايتري موهه هوندي به مون کي ڇڏي هلي وڃڻ ٿي چاهين! هت دک پراپت ٿي ٿو ۽ ٻئي هنڌ سک ملڻ جي وڌيڪ اميد ڏسجي ٿي! ان مان سمجهه، اي مورک! موهه هڪ قسم جي انڌاري آهي انڌاري انڌاري آهي، چاهي ڪنهن به طرف کان اچي.“

پوءِ مون کي تاڪيد ڪيائين: ”اڄوڪو گفتگو پنهنجي ڊائريءَ ۾ ويهي لک توڙي جو توکي پنهنجي ورکائي درج ڪرڻ چڱو نه لڳي.“

***

 

 

24-5-1954ع ٻن ڏينهن کان اسان جي گهر ۾ هڪ قسم جو ڦيٽهڙو اچي پيو آهي. اسين پاڻ ۽ اسان وٽ رهندڙ ڇوڪرا (جن کي اسين نوڪر ڪونه چوندا آهيون) سڀ ڄڻڪ بي سُرا پيا هلن. هر ڪو سڄيو مڄيو ويٺو آهي!

سام چيو: ”اها شُڌيءَ جي آگ اٿوَ. بروقت ئي، ان جي اُڀرندي مون کي اهو احساس ٿيو ته منجهس ڪجهه وڌيڪ ڪچ ڪوڙ يا دوئي ڀاوَ جيڪو هوندو سو سڙي ويندو. مون کي اها اميد ڪانه هئي ته ٻن ڏينهن ۾ اهو ڪم پورو ٿي ويندو. مون سمجهيو ٿي ته ڏهه يا پندرهن ڏينهن اهو نمونو گهٽ ۾ گهٽ هلندو، جيستائينڪ ڏوهه ڪندڙ ڪافي پڇتاءُ ڪري.“

هن ڀيري ڦيٽهڙي جو ڪارڻ اسان جو رسويو هيو. مگر مون هن جي پڇتاءُ ڪرڻ تائين ڳالهه کي ڪونه ڇڏيو. مون پنهنجو سولو رستو ڳولي لڌو. ان ڇوڪري ڀو ڪري يا ڪنهن دلي ناراضپي ۽ نا اميديءَ ڪري ڪم سٺو نٿي ڪيو ۽ اٿڻ ويهڻ ۾ بعضي بعضي اوڇو اوڇو نظر ٿي آيو. مٿس ڪي الزام چال چلت جا هئا. سام جو خيال هو ته اهڙي سزا ڀوڳي جنهن ۾ سندس سڌار ٿئي. مون سام کي چيو ته کيس موڪل ڇونه ٿا ڏيو. سام کي ازخود اها ڳالهه وڻي آئي ۽ چيائين ته سندس پري رهڻ ٿوري وقت لاءِ چڱو ٿيندو.

اهي ٻه ڏينهن گهر جو سڀ ڪم سام ۽ مون پاڻ ۾ ورهائي ٿي ڪيو. سام پاڻ ڪلهي تي دلا رکي پاڻي ڀري آيو. مون کيس چيو ته هروڀرو ائين نه ڪريو. ان تي سام جواب ڏنو: ”هينئر اهو زمانو اچي ويو آهي جو نوڪرن کان ڪم وٺڻ، پاڻ کي ئي خراب پيو لڳي. جيڪڏهين نوڪر گهر جي ڀاتيءَ وانگر ٿي وڃي ته اها ٻي ڳالهه آهي يا جنهن ماڻهوءَ کي وڏا ڌنڌا ۽ ڪاروبار هٿ ۾ هجن ته ان جي لاچاري به محسوس ڪري سگهجي ٿي. مگر عام طرح فقط شخصي سک لاءِ نوڪر رکڻ جو رواج بلڪل خراب آهي. اسان کي نئين زماني جي خيالات موجب هڪ بنا نوڪرن جي سوسائٽي اڏڻ کپي. ’ڪميونزم‘ پوءِ پيدا ٿيو، مان ننڍيءَ عمر ۾ ئي اهي خيال رکندو هيس ۽ اڃا تاءِ ڪڏهين ڪڏهين هٿ جو ڪم ڪري، انهن خيالن تي ڪجهه عمل ڪندو رهندو آهيان. هن ڇوڪري کي اسان سان گڏ رهي اٽڪل سترهن سال اچي ٿيا. جيڪو ماڻهو ايتري عرصي لاءِ گڏ هجي، پوءِ توڙي جو هو پگهاردار هجي تڏهين به ان کي گهر مان تڙي ڪڍڻ هڪ سخت قدم پيو لڳي. پر ڪن حالتن ۾ اهڙا سخت قدم کڻڻ ضروري ٿين ٿا. هن کي اهو شايد خيال هو ته اسين ڪم جي لحاظ ڪري سندس ڳالهيون سڀ برداشت ڪنداسين. مگر جيڪڏهين اٺن پهرن ۾ فقط هڪ دفعو ئي کائڻو پوي ۽ سڀ ڪم پاڻ ڪرڻو پوي، تڏهين به ستنتر ٿي رهڻ سٺو آهي. هن رستي گهٽ ۾ گهٽ اسين پنهنجي من کي خاطري ڏيون ٿا ته ٻيلي اسين هروڀرو اهڙا عاجز ۽ محتاج نه آهيون. جيڪو ماڻهو پنهنجي روٽي پاڻ ڪمائي ۽ پاڻ پچائي نٿو سگهي، اهو ڪنهن به عزت جي لائق نه آهي ۽ حياتيءَ مٿان هڪ ٻوجهه آهي.“

مون پهريائين ڪجهه ناراضپو ڏيکاريو جو سمجهيم ته سام کي پاڻ ڪم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿيندي ۽ ٿڪجي پوندو، مگر ڏٺم ته سام کي اڪيلي رهڻ جي طاقت ۽ پنهنجي ڪم پاڻ ڪرڻ جي سمر ٿي آهي اهي ٻه ڏينهن جيئن اسپتال مان موٽندي هيس ته هو ماني بلڪل صاف، سٺي ٺاهي رکندو هو. رات جو وري مان پاڻ ڪندي هس. عجب اهو اٿم جو پڙهڻ، لکڻ ۽ اڀياس ڪرڻ لاءِ پڻ اسان ٻنهي کي اڳي کان وڌيڪ وقت بچت ٿيندو هو!

سام چيو: ”ڪروڌَ وقت مان نه فقط پر هر ڳالهه مان برڪت ڪڍيو ڇڏي. زندگيءَ جي نوڙي پڻ ڪيتري ننڍي ڪري ٿو ڇڏي. سنتوش ۾ رهڻ سان ئي سڀ فائدا حاصل ٿين ٿا.“

نه وري مون کي ڪا اسپتال جي ڪم ۾ گهٽتائي معلوم ٿي مون کي به اندروني طرح شايد اهو آزمودو وڻيو ٿي نه ته سام پرچائي ڇڏڻ ڪا اهنجي ڳالهه ڪانه هئي. سام جي سڀاوَ جي خبر اٿم. وڃي هٿ وجهوس ته هڪ نه ٻئي ڀيري سان پرچي ويندو؛ جيتوڻيڪ اصول جو سوال هوندو ته اُن تان هرگز ڪين هٽندو. ٻن ڏينهن بعد ان ڇوڪري کي مون سمجهايو ته جنهن جي ڪارڻ مون دنيا ۾ سڀ ڪجهه ڇڏيو آهي، تنهن کي جيڪڏهين تون ائين پيو ناراض ڪندين ته ڪيئن گڏ رهي سگهبو؟ تنهن ڪري هل ته هلي پيش پئونس ۽ سندس ڳالهيون سڀ مڃيون. پوءِ اسين ٻئي اچي سام جي پيرن ۾ ويهي رهياسين. مون سندس پيرن کي چنبڙي روئي ڏنو ۽ کيس چيم ته ڪاوڙ ۾ جيڪي لفظ مون کان نڪتا هجن، سي مون کي به معاف ڪيو. اهي لفظ مون سڏڪا ڀري چيا. سام هڪدم مونکي ڀاڪر پائي اُٿاريو ۽ ڇوڪري کي به چيائين ته وري ڪوشش ڪري وڌيڪ سٺي هلڻ جي.

اهي ٻه ڏينهن سام گهڻو ڪري فرصت جو وقت اسان کان جدا پنهنجي ڪمري اندر گذاريندو هو. عجب اٿم ته انهيءَ وقت ۾ خيال پاڻ وڌيڪ هڪ ٻئي ڏانهن مائل هو، جيئن هيٺين مثال مان ظاهر آهي.

مون کي هڪ وقت ائين لڳو ته سام ڄڻڪ مون کي اهي اکر چيا ته ’هيءَ ڇري وهي وهي تکي ٿي پيئي آهي!‘ پوءِ مون سام کان پڇيو: ”اهي اکر رنڌڻي واريءَ ڇريءَ بنسبت توهان مون کي ڪهڙي خيال سان چيا هئا؟“

سام کلي چيو: ”مون تنهنجي پر پٺ اڄ اهو خيال ٿي ڪيو ته هيءَ ڇُري، جيڪا صبح مون وهائي ٿي، سا ڀاڄين تي وهي وهي تمام تکي ٿي پيئي آهي؛ متان توکي، ڪم آڻيندي، ڪنهن مهل چير ڏيئي وجهي! مون اها ڳالهه نه توکي چئي ته ٻئي ڪنهن کي، ڇا لاءِ جو تون اتي ڪونه هيئين ۽ ماني مون تنهنجي پرپٺ ڪئي هئي. ائين ٿو ڏسجي ته منهنجي خيال جو اثر توتي پيو آهي. اها ڳالهه خيال جي هم رفيقيءَ (Telepathy) جو هڪ مثال آهي. تنهنجي ذهن تي خيال اهڙو چٽو ويهجي ويو آهي جو تون سمجهين ٿي ته سام مون کي اهي زبان سان چيا هئا. ظاهري جهيڙي جي وقت ۾ شايد اسان جو من هڪ ٻي جي ويچارن ڏانهن وڌيڪ مائل رهيو آهي!“

وڌيڪ هن وشيه تي ڳالهائيندي سام چيو: ’ٽيليپٿي‘ (Telepathy) خيال جي ميلاپ جي فقط هڪ ٿورڙي شاهدي ڏئي ٿي. خيال جو ميلاپ وڌيڪ اونهو ۽ جٽاندار ٿي سگهي ٿو. مگر ڊپ، شڪ ۽ نفس جون گهرجون سي هڪ ديوار بڻجي پون ٿيون. بعضي بعضي انهن اوڻاين نه هوندي به خيال جي هڪجهڙائي حاصل ٿي نه سگهندي آهي، ڇا لاءِ جو من چئنچل هوندو آهي. اجاين سجاين ڪمن ۾ هٿ وجهڻ، اجايو گهڻو ڳالهائڻ، دنيا جي شين يا جيئن سان نا ضروري واهپو وڌائڻ سو پڻ من کي يڪ ٽڪ ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وجهي ٿو. تنهن جي حالت ۾ گهڻو ڪري تنهنجا ڊپ ۽ تنهنجي چئنچلتا تنهنجي ايڪا گر نه ٿيڻ جو ڪارڻ آهن؛ ٻي ضروري شئي شرڌا يا اعتقاد آهي. اعتقاد پريم جي پورئتا جو ٻيو نالو آهي، جڏهن صفا لاڳاپا لاهي يڪوجودي ٿي، دل دل کي پائي ٿي، من من کي سمجهي ٿو تڏهين گويا اسين پريم جي چوٽيءَ ’ايورسٽ‘ تي پهچي وڃون ٿا، اتي آنند ۽ سمورو گيان حاصل ٿئي ٿو جنهن گيان جو ٽيليپٿي (Telepathy) فقط هڪ ترورو آهي. مگر جيستاءِ ڪي خواهشون، لحاظ، ڊپ وغيره دل کي روڪن ٿا، تيستائين ان چوٽيءَ تي پهچي نٿو سگهجي، هيڪڙائيءَ فقط ان پورنتا منجهان پيدا ٿئي ٿي؛ نه ته جدائي ضرور رهي ٿي. هنن ٻن ڏينهن ۾ ٿورو مون کي الڳ سمجهي تو پنهنجا ٻيا لاڳاپا گهڻا گهٽائي، خيال کي منهنجي طرف موڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ نموني ئي اهو ڇريءَ وارو خيال تو وٽ پهچي سگهيو. هن ڇوڪريءَ کي تو ٻالڪ ڪري پاليو آهي منجهس موهه وڌو اٿيئي. اهو موهه تو کي بعضي بعضي پنهنجي اصلوڪي پريم ۾ رنڊڪ ٿو وجهي، ڇا لاءِ جو منهنجو هن سان گهڻو ٽڪراءُ ٿئي ٿو. اسان جي شعر جي هڪ تڪ آهي: ’سوڍل ڪين سهي شراڪت شريعت جي.‘ مطلب ته جيڪڏهين ڀاءُ، ڀيڻ يا ٻالڪ جو موهه خود استريءَ کي پنهنجي پرش کان پري ڪري ته اهو جائز نموني وارو پريم خود آتمڪ پريم جي واڌاري ۾ اٽڪاءُ ٿي سگهي ٿو. پريم گهڻا نه آهن؛ پريم هڪ آهي؛ تنهنڪري اهو خيال ڪرڻ ته متان سام فلاڻي نه فلاڻي ڳالهه تي ڪاوڙجي، متان ڇوڪري سان سخت هلت ڪري ۽ ان خيال ڪري انهيءَ جي ڍال ٿي بيهڻ، سو هڪ قسم جي ڌاريائي وڌائي ٿو. جڏهين من وچن ۽ ڪرم ۾ ڪا به دوئي نه رکبي ۽ ڪو به ڊپ انديشو هڪ ٻئي کان نه ڪبو، ته چئنچلتا جي ڪري ٻين وشي يا ماڻهن جو خيال گهڻو پاڻ تي غالب پوڻ ڏبو، تڏهين ئي سچي هڪڙائي حاصل ٿيندي. پوءِ اهڙا خيال، جيئن ڇريءَ جي تصور جو ننڍڙو مثال  آهي، گهڻائي پيا پسبا؛ پوءِ جيون سڄو هڪ سنگ ۽ هڪ رنگ ۾ رتل رهندو؛ خيال هڪ ڳنڍيل وهڪرو ٿي پوندو، جنهن ۾ ’تون‘ ۽ ’مان‘ يا ’ٻئي‘ ڪنهن جي جدا هستي ڪا نظر نه ايندي ۽ هر جاءِ هڪ آتما پئي نظر ايندي. پوءِ انهيءَ هيڪڙائيءَ حاصل ڪرڻ بعد جيڪڏهين ڪنهن ماڻهوءَ يا جيءَ سان پريم جو ورتاءُ ڪبو ته اهو موهه ٿي نه پوندو يعني ڪا رنڊڪ ڪانه وجهندو. جيئن زهر، مارڻ کان پوءِ، ڪشتو ٿي پوي ٿو، تيئن ان هيڪڙائيءَ جي حاصل ڪرڻ کان پوءِ هي سڀ وشيه ۽ سڀ ننڍڙا سنگ، سڀ خواهشون ۽ مرادون خود هڪ آتما جي پسڻ جا دروازا ٿي پون ٿا.“

***

 

 

29-5-1954ع سري ڪرشن جي جيون چرتر ۾ پڙهبو آهي ته گائين ۽ وڇڙن جو ساڻس اويترو ته پريم هو، جو هن جي بنسريءَ جي آواز تي سڀ ڦرندا رهندا هئا، ۽ جڏهين هو کين چارڻ نه ويندو هو ته گايون کير گهٽ ڪري ڇڏينديون هيون. ڪيترا اڄ ڪلهه جا پڙهيل ماڻهو انهيءَ کي هڪ قسم جو وڌاءُ ڪري سمجهندا آهن ۽ چوندا آهن ته مذهبي پوئلڳن جون اهي من گهڙن ڳالهيون آهن، جن جي وسيلي پيغمبرن ۽ اوتارن جي ڪرامتن بابت ويساهه ٿا ڄمائن. مگر پريم جي ليلا سچ پچ اهڙي ئي آهي. پريم جي طاقت جو ڪو انت ڪونه آهي.

اسان ڪجهه وقت ٿيو ته هڪ ٻڪري هت خريد ڪئي، جنهن جي مالڪ وڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻڌايو ته ٻڪري وڪڻڻ جهڙي ڪانه هئي پر هن آزار ڪري وڪيم جو ٻارن سان ۽ ايندڙ ويندڙ سان ڏاڍو وڙهندي آهي. چيائين خوف رهندو هيم ته متان ڪنهن ننڍي ٻار کي زخمي ڪري وجهي. اها ٻڪري تمام مظبوط، چهنبدار سنڱن سان ڪارَ مهين آهي، جنهن کي ڏسي زالن ۽ ٻارن کي ويجهو ويندي ڊپ ٿيندو آهي. مان ان جي ڀرسان ويندي به ڊڄندي آهيان. ٻين ڦرن ٽڪرن سان به سندس ويڙهه هلي اچي. سام کي خيال ٿيو ته ٻڪريءَ کي شايد ڊپ ڪري ڪنهن پورو پيار ڪونه ڏنو آهي ۽ نه ڪنهن شروع کان هٿ گهمايو اٿس. هو کيس گاهه به کارائيندو رهيو ۽ هٿ گهمائي پيار به ڪندو رهيو. هينئر ڪيترن ڏينهن کان ڏسندي آهيان ته جڏهين هو ڀرسان وڃي بيهس يا ڳالهيون ڪريس ته ٻڪري ڄڻڪ ڪَن ڏيئي ماٺ ۾ پئيي ٻڌي. سام ان جي پاران اهڙا اهڙا اکر پيو چوي، جهڙوڪ ’ڀلا ماڻهو منهنجي ڇو ٿا گلا ڪن! نه مون کي ڪيو آهي پيار ڪنهن، نه مون کي پاتو ڪنهن ڀاڪر ڪڏهين، پوءِ مان به ڇو نه وڙهندس؟ توهان جو ڀائي مون کان ڊڄو ٿا تنهن ۾ منهنجو ڏوه ته ڪونه آهي گهر گهر ڌڪا ڏيئي پوءِ وڪڻي ٿا ڇڏنم. مون سان ڪو چڱو هلي پوءِ وڙهان ته ڏوهه ڏيو!‘

اهڙيون اهڙيون ڳالهيون سام جون اکرن دوارا نه پر آتما سان ڄڻڪ ٻڪري ڪن لائي پيئي ٻڌي ۽ منهن کڻي پنهنجو سام جي ٻانهن تي ليٽائي رکي. سام پنهنجو هٿ پري ڪري ته وري وڃي منهن ملائيس پر وڏي عجب جي ڳالهه ته اها آهي جو جڏهين هو ڀرسان بيهيس ته کير به چپ ڪري ڏهائي ۽ گهڻو لاهي. ٻيو ڪو ڏهيس ته کير لٿل به کڻي وڃي. هيءَ پريم جي هڪ ڪرامت آهي!

***

 

 

ڪانءُ تمام شڪي ۽ چور پکي ڪري سڏبو آهي. مگر پيار جي ورتاءَ ۾ ڪانءُ به ڪيترا اسان جا دوست ٿي ويا آهن. هڪڙو منڊو ڪانءَ سام سان اهڙو ٺهي ويو آهي جو ٻه ٽي ڀيرا ڏينهن ۾ سندس هٿ مان کاڌو وٺي ۽ چمچي مان کير وغيره پي وڃي. ڀرسان ويهي مٺڙيون ٻولڙيون به پيو ڪري. مون کي عجب لڳندو آهي ته ڪانءُ ٿي ڪري ڪيئن پيو ذري گهٽ طوطن جهڙيون ٻوليون ڪري. ٻيو هڪڙو ڪانءُ وري سندس مٿي يا ڪلهي تي ويهي هٿ مان کاڌو وٺي ۽ سام جو خيال ٻئي پاسي هجي ته ٻوليون ڪري يا آخر کيس هلڪو ٺونگو هڻي پنهنجي خيال ڇڪائي.

اڃا ٻيو هڪڙو ڪانءُ آهي جيڪو ڪرسيءَ جي پٺيان ويهي قميس جي ڪنڌي کي اچي ڇڪي ۽ کاڌو وٺي پوءِ هليو وڃي. هڪ ڪٻر به ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي هرندي. شام جو سام جڏهين ڪرسيءَ تي نڪري ٻاهر ويهندو آهي تڏهين توڙي جو نوڪرن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ هوندي آهي، ته به اهڙن پکين جا ننڍڙا ميڙ اسان جي چؤڌاري اچيو مڙن ۽ مان ائين چوندي آهيان ته سينٽ فرئنسز ۽ ٻين مها پرشن جون  ڳالهيون ضرور سچيون هونديون. اهڙي هڪ ڳالهه سوامي راما تيرٿ جي به ٻڌبي آهي ته هو هڪ شينهن جي غار ڀرسان جهنگل ۾ رهندو هو؛ سوامي راما تيرٿ کي شينهن کان ڪو ڊپ ڪونه ٿيندو هو. چون ٿا ته پاڻ ۾ دوستاڻو ناتو ٿي ويو هين! اهي ڳالهيون مون کي اسنڀو ڪونه ٿيو لڳن، مگر هي ننڍڙي پئماني تي، گهر جو گهر ۾، پريم جي طاقت جو هڪ تجربو (Experiment) ڏسي مون کي اهي وڌيڪ اهنجون ڳالهيون به هينئر اعتبار جوڳيون نظر اچن ٿيون.

سام چوندو آهي ”جڏهين هر جاءِ هڪ آتما وسي ٿي ته پوءِ دشمن ڪير آهي ۽ سڄڻ ڪير آهي؟ سڀ هڪ ذات آهي! ڌاريو هت ڪوبه ڪونه آهي. جيترو پريم جو ورتاءُ وڌايو، اوتروئي رفقت ۽ راضپو حياتيءَ ۾ وڌنڌو. سمدرشتيءَ کانسواءِ آتمڪ اڀياس يا گيان جي پراپتي به حاصل ٿي نٿي سگهي.“

***

 

 

30-5-1954ع پريم ڇا آهي؟ ڪهڙن گڻن تي ٻڌل رهي ٿو؟ ان وشيءِ تي سام پنهنجي حياتيءَ جي آزمودن مان اڄ هيئن ٻڌايو: ”سڀ جيءَ هڪ جهڙا نه آهن ۽ سڀ انسان هڪ ريت پريم نٿا ڪن. تنهن ڪري جيڪي اسان جي آزمودي ۾ آيو آهي سو شايد سڀني جي سمجهه ۾ نه اچي. مگر جيتري هڪ جهڙائي اسان جي وچ ۾ آهي اوتري ساڳيائي پڻ تجربات ۾ ٿي سگهي ٿي. پريم انسان جي ذاتي، يعني پئدائش وارن اصولن مان آهي. جيئن هوا ۽ پاڻي سڀ جيءَ گهرن ٿا، تيئن پريم ۽ همدرديءَ به انسان ڄائي ڄم کان گهري ٿو ۽ انهيءَ بنا هن جي من يا هردي جو واڌارو ٿي ڪو نه ٿو سگهي. تنهن ڪري هر انسان کي پريم جا ڪي مڙيوئي آزمودا ٿين ٿا، جن مان سندس زندگيءَ جو رستو ٺهي ٿو. انسان جي دل تي سنهن ٿلهن موقعن جون ڪي ڳالهيون چٽيون ويهن ٿيون جيڪي سندس دل جو اتم خزانو بڻجي پون ٿيون. اهڙيءَ طرح ياد ڪريان ٿو ته پنهنجي ماتا  يا ٻين عزيزن دوستن جي لهه وچڙ ۾ ننڍي هوندي کان ڏي وٺ پريم جي مون پڻ ڪئي آهي. عام طرح ماڻهو پريمي عاشق معشوق يا زال مرد کي چون ٿا. مگر پريم ۽ انسان همدرديءَ جي ڄاڻ نفسياتي ڄاڻ کان گهڻو اڳي ظاهر ٿين ٿا. خود ٻالڪپڻ جي اوستا ۾ اها ڄاڻ نظر اچي ٿي. جيئن هڪ ول اسرندي ئي تاندورا ڪڍي ۽ انهن جي دوران ٻن سخت شين کي پڪڙي، انهن کي ٽيڪ بڻائي وڃي اڳتي وڌندي، تيئن انسان جو من پڻ محبت جي ڌاڳن سان وچڙ وچڙ ڪندو، ميلاپ وڌائيندو ۽ گيان پائيندو رهي ٿو. جن شين يا ماڻهن يا ساهدارن سان هو دل رکي ٿو، اهي ئي سندس گيان جي پراپتيءَ جي ڪارڻ بڻن ٿا. دنيا ۾ ڪيئي جيءَ ۽ شيون موجود آهن، مگر اسان کي روشني فقط انهن مان ملي ٿي جن سان ڪنهن نه ڪنهن قسم جو چاه ٿئي ٿو. تنهنڪري اهو چاهه، جنهن جي ڪماليت عشق يعني محبت ۾ آهي، سچي گيان جو دروازو سمجهڻ گهرجي. نه وري پريم ڪومال، ڌن، روپ، ڪل، ديس وغيره جو قائل آهي. درياهه ۽ سمنڊ وچ ۾ اچي وڃن ٿا؛ موت جا ويڇا پئجي وڃن ٿا، تڏهن به ديوانه پريم جا وفا جي راهه تي پڪا رهن ٿا. ماڻهو ائين چوندا آهن ته پريم جوانيءَ جي مستي (Infatuation) آهي جا پوءِ گم ٿي وڃي ٿي. مگر مون ائين ڏٺو آهي ته جسم يا جوانيءَ جو پريم تي بلڪل ڪو ٿورو اثر آهي. جسماني سنٻنڌ گهٽ ٿيڻ سان يا بلڪل گم ٿي وڃڻ سان اها پريم جي مستي پاڻ وڌي سگهي ٿي، بشرطيڪ پريم بنا مطلب شروع ٿيو آهي ٻيون سڀ شيون حياتيءَ جون يا خيال جون حالتن سان واسطو رکندڙ آهن؛ منجهن ڪو ڀاڱو جسماني ۽ ڪو ڀاڱو ذاتي يا اصلي ٿي سگهي ٿو. مگر پيار خود اصلي چيز آهي جا سورنهن ئي آنا سچ آهي. انهيءَ جي پيدا ٿيڻ ۾ ئي جيون جو سچو لاڀ حاصل ٿئي ٿو. پيار جو ڪوبه مطلب ڪونه ٿيندو آهي. ان جو مزو ان جي اندر ئي آهي. ان جي ڀيٽ ۾ وقت يا زر ۽ ملڪيت ۽ خود سلطنتون ڪجهه به ڪونه آهن. بادشاهه ايڊورڊ اٺين جو مثال اڄ ڪلهه پرسڌ آهي. مگر اسان پنهنجي زماني ۾ ٻيا به اهڙا مثال لهي سگهنداسين. جن مان ثابت ٿئي ته پريم کان وڌ ٻي ڪابه طاقت نه آهي. پريم جي ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ ئي زندگيءَ جو سچو مقصد حاصل ٿئي ٿو.“

*** 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org