13-9-1951ع منشي سام کي حجت مان چيو: ”مان ڇو ويٺو
هي ڊائريون اتاريان؟ پاڻ سمجهان ڪجهه به ڪونه ٿو؛
مونکي اڄ ڪي سٽون ضرور سمجهائڻيون پوندوَ!
سام کيس چيو: ”اڄ ننڊ مان جاڳيو آهين ڇا؟“
منشي تنهن تي چيو: ”سائين، مونکي ٿورو ڪجهه ئي هر روز سمجهايو.“
سام وراڻيو: ”تون شايد رونشي يا خوشامد وچان ائين چئين ٿو. اڃا
شوق پورو ڪونه جاڳيو اٿئي. جي شوق هجي ته پاڻهي
جيڪر سمجهڻ لڳين. عشق عمر جا بند ٿيل دروازا کن ۾
کولي ٿو ڇڏي؛ بر مان واٽون ٿو ٺاهي ۽ پهاڙن مان
پيچرا ٿو ڪڍي. مطلب ته عشق کي پنهنجا اوزار ۽
پنهنجا وسيلا آهن ۽ ٻيءَ ڪنهن سکيا جي گهرج ئي
ڪانه اٿس.“
پوءِ سام اسان کي پنهنجو هڪ آزمودو ٻڌايو: ”مان اڃان پنجون درجو
انگريزي پڙهندو هيس. تڏهين دوستن جي واتان ڪئنٽ
(Kant)
۽ ٻين پشچم جي فيلسوفن بابت ٻڌم. فلاسافيءَ جو اچي
شوق چڙهيو؛ پهريائين، پهريائين هڪ ڪتاب فلسفه تي
ٽيلر جو
(Taylors Elements of Mataphysics) هٿ آيم، جو پاڻهي پڙهي ويس. تنهن
کانپوءِ ٽيهه روپيا پنهنجي مهيني جي خرچيءَ مان
بچائي ڪئنٽ جو مشهور ڪتاب
(Critique of Pure Reason) گهرايم. عام طرح بي اي (فلاسافي) وارا به اهو ڪتاب مشڪل سمجهي
سگهندا آهن، مگر مون کي جو دل ۾ شوق هو، ان وچان
هڪ هڪ اکر آسان ٿي لڳو. مدد فقط ڊڪشنريءَ جي ورتم.
باقي دل جي انومان مان سڀ سمجهي ويس. تنهن کان
پوءِ ويس فلاسافيءَ جا ڪتاب گهرائيندو. آخر ته
اسڪول ڇڏڻ گهر ۾ نويڪلو ٿي پڙهڻ ۽ لکڻ ويٺس.
سمجهان پيو ته ڄڻ اسڪول ۾ اجايو ٻين ڪيترن ڳالهين
تي وقت ضايع ٿئي ٿو. جي منشي کي به اهڙو شوق پيدا
ٿئي ته هيءَ ڊائري ته ڇا پر وڏا وڏا گرنٿ پڙهي
سگهي ٿو.“
منشي جي وري ساڳيءَ گهُر تي سام کيس چيو: ”جيترو چاه چيلي کي
سکڻ جو آهي، ان کان وڌيڪ گروءَ کي سکيا ڏيڻ جو
آهي؛ علم هڪ امانت آهي، جا ضرور ٻين کي ڏيڻي آهي.
مگر سڀڪا شيءِ پنهنجي مند تي وڌي ٿي. هيءَ علم جي
امانت به ٻج مثل آهي. جيئن مالهي مند ڏسي زمين ۾
ٻج گڏيندو آهي، تيئن گرو ذوق ڏسي گيان جو سار
ڏيندو آهي. خيال ڪري ڏس؛ قدرت کي خود تمنا آهي
پنهنجي اتپتيءَ وڌائڻ جي؛ وڻ، ٽڻ، ٻوٽا ڦلجن ٿا ۽
نوان ٻج ڪن ٿا، پکيءَ، پشون ۽ انسان به پنهنجي
اتپتيءَ وڌائن ٿا. اهڙيءَ طرح گيان وارن کي به چاه
رهندو آهي پنهنجي ٻج پوکڻ جو؛ پنهنجي روحاني اولاد
پيدا ڪرڻ ۾ کين بيحد خوشي ٿيندي آهي. پر سو سڀ مند
سان ٿيندو آهي. تنهنجي سکڻ جي جڏهين مند آئي ته
سيکارڻ وارا اڳ ۾ ئي تيار هوندا.“
وڌيڪ منشي کي سمجهائيندي چيائين: ”من ۾ گيان سمائڻ کان اڳ من جي
چئنچلتا مارڻي آهي. چئنچل من يڪ ٽڪ ٿي نه سگهندو
آهي. پهريائين خراب سنگ ڇڏجي ته پوءِ وڪارن کان
پاسو ڪري سگهبو ۽ هڪ خيال سان گروءَ جي ڏنل ٻج جي
پالنا ڪري سگهبي. تون پنهنجو من وڻيئي ته انهيءَ
ڊائريءَ ۾ ئي لڳاءِ. ان مان به سمجهه حاصل ٿي
سگهندي. جيئن اتارين تيئن هڪ هڪ اکر پاڻ سمجهڻ جي
ڪوشش ڪر. پر اڃا تائين ته توکي زور سان چؤ چؤ ڪري
هن اتاري جي ڪم تي ويهارجي ٿو؛ تڏهين مس ٿو ٻه يا
ٽي صفحا اتارين! تنهنجو من ٻين پاسن ڏي وڌيڪ مائل
آهي. اڀياس لاءِ پڻ ڪنهن ساڌن يا تپسيا جي گهرج
آهي. اسان پاڻ ڪيترا سالن جا سال مٿي هڪ جاءِ ۾
گهڻي ڀاڱي بند گذاريندا هئاسون. چڱو هاڻي هڪ ڳالهه
ٻڌ: هڪ راڻي هئي جنهن کي سندس ٻانهن اچي ٻڌايو ته
هن شهر ۾ هڪ وڏو درويش رهي ٿو. راڻيءَ کي ڳالهيون
ٻڌي ٻڌي اچي شوق جاڳيو ته ساڻس ملاقات ڪجي. سو کيس
ملڻ لاءِ چوائي موڪليائين. سندس نوڪرن درويش کي
گهڻو ستايو ته راڻيءَ کي هلي درشن ڪرايو، پر درويش
پنهنجي خيال وارو هو؛ ها ڪري پر وري ڳالهه وساري
ڇڏي. تڏهين راڻيءَ جي نوڪرن کيس صلاح ڏني ته هڪ
ترتيب ڪجي؛ چيائون، هي درويش صبح جو سوير گهمڻ
نڪرندو آهي. جيڪا واٽ منهن سامهون اچيس تنهن سان
هليو ويندو آهي. تنهن ڪري اهڙو ڪم ڪجي، جو شهر جي
گٽين کي هتان هُتان لوڙها ڏيئي بند ڪجي؛ باقي هي
محلات وارو رستو کليل رکجي ته پوءِ هو پاڻهي هتان
لانگهائو ٿيندو! راڻيءَ کي اها صلاح دل سان لڳي ۽
نوڪرن لوڙها ڏيئي سڀ ڳليون بند ڪيون؛ سڀني پيچرن
جو منهن ڦيري آڻي محلات واري رستي ۾ وڌائون. صبح
جو راڻي اُٿي دريءَ اڳيان ويهي رهي ته فقير به اچي
اتان لانگهائو ٿيو. تڏهين راڻيءَ کيس بيهاري
پنهنجي من جي پياس پوري ڪئي ۽ کانئس الله جي ملڻ
جي واٽ پڇيائين. فقير چيو، جيئن مون سان ملاقات
ڪئي اٿوَ تئين الله سان به مِلو! يعني لوڙها ڏيئي
حرص هوس جون ڳليون بند رکو؛ چت کي فقط الله جي
چاري سان هلايو ته الله پري نه آهي. اهڙيءَ طرح
توکي به من جي چئنچلتا مارڻ کان پوءِ ئي گيان
پراپت ٿي سگهندو.“
***
14-9-1951ع اڄ ڊپٽي صاحب اوچتو اسان وٽ هليو آيو. چيائين ته خاص
ڪم ڪونه هو؛ پر ائين ئي چيم ته وڃي ڳالهه ٻولهه
ڪريون. مان ٿوري منجهيل ويٺي هيس. منهنجي
اداسائييءَ مان عام من جي مونجهاري جو ذڪر اچي
ڇڙيو.
سام چيو: ”اُداسائي يا ڏک ڪنهن لڪل مرض مان پيدا ٿئي ٿو. من ۾
مڙيوئي ڪا دقت آهي جو من وياڪل رهي ٿو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مان ته ائين سمجهندو آهيان ته دک فقط خيال آهي.
دک جو خيال مٽائي ڇڏيو ته دک آهي ئي ڪونه.“
سام چيو: ”دک جو خيال رکڻ، سوئي ته من جو مرض آهي؛ پاپ کي پاپ
سمجهڻ سوئي پاپ آهي. پر جيستائين اهو خيال جو ڦيرو
اچي تيستائين ائين ئي چئبو ته دک آهي؛ ان جي لاءِ
ڪي ساڌن پڻ آهن. سڀ کان سٺو ساڌن اهو آهي ته لڪل،
ستائيندڙ خيال جيڪو هجي، سو کولي ظاهر ڪجي؛ پر جي
ان جي لِڪ واري جاءِ پاڻ کي نه سُجهندي هجي ته ان
کي ڳولي ڪڍڻ واري مشين آتمڪ ايڪسري
(X-Ray)
جي آهي، ست سنگ؛ يا ڪنهن شيوا
۽ رياضت جي وندر ۾ دک کي نوارڻ گهرجي. ست سنگ ۾
اهو لڪل مرض تري پاڻهي اچي من جي مٿان بيهندو؛
تنهن کان پوءِ کيس ڪڍي ڇڏڻ سهنجو آهي، جو ڏسبو ته
کيس پاڙ آهي ئي ڪانه.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”صحبت ڪرڻ يا شيوا جو ساڌن به ٻاهريون علاج آهي.
اُهو اندروني علاج دک جو چئي ڪونه سگهبو. آخري
علاج گيان آهي، جنهن ما هي من برائيءَ کان پرهيز
ڪرڻ ٿو سکي.“
سام چيو: ”پرهيز کي من سنوارڻ جي سائنس ۾ جاءِ مليل آهي، پر
ائين برابر آهي ته هي ساڌن ۽ پرهيزون بذات خود
آخرين آدرش بڻي ڪونه ٿا سگهن. البت انهن جي ذريعي
اهو آخري علاج پورڻ گيان جو هٿ اچي سگهي ٿو.
جيستائين اها شڪتي من ۾ جاڳي، جو دک ۽ پاپ ان جي
اڳيان بيهي ڪونه سگهن، تيستائين وچينءَ منزل ۾ هي
ساڌن چڱو ڪم ڏين ٿا. صحبت يا سنگ خود آڻ سڌيءَ طرح
هڪ پرهيز به آهي، ڇا ڪاڻ جو اهو نئون شوق جاڳائي
گهٽ درجي وارين ڳالهين کان منهن موڙ ڪرائي ٿو.
پرهيز جو ساڌن عبوديت واري خيال مان پيدا ٿئي ٿو.
اهو طريقو عام طرح سٺو آهي ڇو جو ان ۾ اهنڪار پئدا
نٿو ٿئي. هميشہ اها ٻٽاڪ هڻڻ ته مان آتم روپ
آهيان؛ مونکي پاپ ڇا ڪندو؟ تنهن ۾ خودءَ جي پئدا
ٿيڻ جو امڪان آهي. پر ائين به سمجهڻ ضروري آهي ته
ان هيڪڙائيءَ واري آتم گيان پائڻ جو ئي نمرتا وارو
ڀاؤ خود رستو آهي ۽ نه آخري حاصلات جو درجو.
عبوديت وارو خيال ۽ ’اهم برهم اسمي‘ وارو خيال پاڻ
۾ ظاهر! ٺهڪي نٿا اچن، پر درحقيقت عبديءَ وچان ئي
برهم پد حاصل ٿئي ٿو. جيستائين اٺئي پهر من انهيءَ
’همه اوست‘ واري اوچي پد تي رهي سگهي، تيستائين
پرهيز جي ساڌنن کي ڇڏي ڏيڻ، سو ٿيندو هڪ قسم جو هٺ
ڪرڻ يا پاپ سان خواه مخواه چڪري کائڻ. هوڙهيائي
(Bravado)
روحاني زندگيءَ جي وصفن ۾ شمار نه آهي. جيتر دک،
سور يا ڪو ٻيو مرض آهي، تيتر نه فقط اصلي، بنيادي
علاج سوچجن ٿا، پر حالتن آهر عارضي علاج
(Symptomatic Treatment)
پڻ ڪجي ٿو. هوموپٿيءَ جي اصول، موجب، پاڻ مان طاقت
جاڳائڻ، سو به گهڻن حالتن ۾ علاج جو ڪارگر طريقو
آهي. ان جي ڀيٽ ۾ اُهي روحاني سائنس ۾، آتم ڌان،
ئي سمجهڻ ته مان نج آتما آهيان ۽ هنن ٻاهرين حالتن
سان ڪو منهنجو ذاتي تعلق ڪونه آهي، جن مان دک پيدا
ٿئي ٿو! اهو طريقو نرموهه ٿي رهڻ جو دک جو نوارڻ
ڪري سگهي ٿو. پرسياڻي حڪيم جو ڪم آهي ته مرض کي هر
طرف کان وڪوڙي وڃي ۽ ان تي ڪئن به فتح پائي
جيستائين مرض جا جيوڙا خون مان گم ٿي وڃن،
تيستائين ٻاهرين علاج مالشون، آئڍ ڏيڻ، لوڪل
دوائون لڳائڻ وغيره ساڌنن مان پڻ بيمار کي گهڻي
راحت ملي ٿي. تڏهين ئي شاه چيو آهي: ’هٿين پيرين
مونڙئين هل پريان ڏي هل.“
سام وڌيڪ چيو: ”ڪماليت ۾ به نمرتا ضروري آهي. هوڙهيائيءَ وچان
قانون ٽوڙڻ، تنهن ۾ اهنڪار اپجي ٿو. پرهيز نمرتا
واري خيال مان پيدا ٿئي ٿي. شاه لطيف (رحه) کان هڪ
عورت پڇيو هو ته تون پهتل آهين؟ چون ٿا ته هن چپ
کڻي ڪئي، جيتوڻيڪ هو پورڻ گيان وارو هو. هن پنهنجي
وات سان پاڻ کي پهتل چوڻ غلط سمجهيو. پوءِ جڏهين
موت جي بستري تي ساڳيءَ عورت کائنس اهو سوال وري
پڇيو، تڏهين چيائين ته هاڻي پهچي وياسين پِرَ کي!
مطلب ته انسان جيستائين جيترو آهي، تيستائين دم نه
هڻي ۽ نه پاڻ کي سمرٿ سمجهي بنا ضرورت جي لوڪ جا
قانون ٽوڙيندو رهي. شاه وانگر جيسس ڪرائيسٽ به
اهڙا لفظ ئي ڪم آندا هئا. جڏهين هڪ سماريٽن عورت
کيس چڱو ڪري ڪوٺيو تڏهين هن کي چيائين، ’چڱو ڪنهن
انسان کي نه چؤ!‘ انهن اکرن ۾ سندس نمرتا ڀاؤ جو
اظهار ٿيل آهي. مان ائين سمجهندو آهيان ته روحانيت
۽ نمرتا گڏوگڏ واڌورو ڪن ٿا؛ ’هم اوست‘ وارو خيال
هڪ لاف زني نه آهي، مگر نفس جي مارڻ جي هڪ هونگار
آهي. اها وجداني حالت من جي مچلائيءَ کي جائز نه
ٿي ٺهرائي، جنهن مان پاپ کي نه ليکڻ وارو ڀرم پيدا
ٿئي ٿو. ’هم اوست‘ جو خيال خود نمرتا جو نعرو آهي.
’هم اوست‘ جي معنيٰ ته سڀ هو آهي! يعني مان ڪجهه
نه آهيان. ان ۾ مان جي بلڪل پڄاڻي آهي. ائين آهي
ته برهم گيان واري کان به ڪڏهين اهڙا ڪم ويساري
وچان ٿي وڃن ٿا جن کي لوڪ قانون شڪتي سمجهن، مگر
درحقيقت اهي قانون ڀڃڻ جي ارادي سان نٿا ڪيا وڃن!“
***
15-9-1901ع گذريل ٻڌر تي ڊپٽي صاحب ويدانت تي لکيل هڪ سنڌي ڪتاب
مان اچي ڪجهه پڙهيو.[1]
ڊپٽي صاحب جي ڪتاب پڙهندي صوفي صاحب سوال پڇيو ته ڪرم ڪيئن ٿو
من جو ميل ڪڍي؟
سام چيو: ”جيئن روشن بدن مان مرض يا روڳ ٿي ڪڍي! ڪرم من جي ورزش
آهي؛ اڻ آزمايل خيال کي سنواري ٺيڪ ڪري ٿو؛ خيال
کي آزمائش جي ميدان ۾ آڻي صاف ڪري ٿو ۽ ان ريت من
جي صحت وڌائي ٿو.“
وڌيڪ خاص ڪو گفتگو ميٽنگ ۾ ڪونه هليو. مگر ڪلاس پوري ٿيڻ کان
پوءِ سام پنهنجا ويچار مونکي هن ريت ٻڌايا: ”گيان
۽ ڌيان، پاٺ ۽ پوڄا، سٺا ساڌن آهن پر ڀڳتي مارڳ سڀ
کان سولو آهي؛ ڀڳتيءَ جي تار آتما کي هڪدم پرماتما
سان وڃي ٿي ڳنڍي، جيتوڻيڪ ائين برابر آهي ته گيان
به ڀڳتيءَ کي وڌائي ٿو. جڏهن ڀڳت پنهنجي پريم جي
چوٽيءَ تي پهچي ٿو، تڏهن گيان هن ۾ از خود سمائجي
وڃي ٿو، توڙي جو کڻي هن هڪ به اکر نه پڙهيو هجي؛
ڇا لاءِ جو هُن جي ڀڪتيءَ پٺيان به جنمن جي کوجنا
جو ٻل آهي.“
سام وڌيڪ چيو: ”اسان ته ويهي اهڙي پائبنديءَ سان ڪڏهن ڪي ڪتاب
ڪونه پڙهيا؛ فلاسافيءَ جا ڪجهه ڪتاب ننڍپڻ ۾
پڙهياسين، مگر سي به هينئر وسري ويا آهن. ڪنهن خاص
فلسفه يا مذهبي طريقي جي اوٽ وٺڻ سان خيال تي وڏي
پائبندي پئجي وڃي ٿي. سچ جي آزادي ڳولا پنهنجي
خيال سان ڪرڻ، سو سڀ کان سٺو آهي. نوان فلسفه به
ائين ئي پيدا ٿيندا آهن. پر جيڪڏهن فقط ويدانت،
صوفي فلاسافي يا ڪنهن مذهبي ڪتاب کي هفتن جا هفتا
چهٽي پونداسون ته خيال جو واڌرو ڪونه ٿيندو.
پنهنجي آزمودي مان پيدا ٿيل گيان ئي سچو گيان آهي.
باقي ٻيون سڀ ڳالهيون صرف واقفيت وڌائڻ لاءِ آهي.
انهن فلسفه جي ڪتابن مان ڪونه انتر گيان جو واڌارو
ڪونه ٿيڻو آهي.“
***
16-9-1951ع ڊپٽي صاحب مون کي چيو: ”توهان پنهنجي سام لاءِ
”جيتامڙا“ اهيو، ٻين لا ڇا آهيو؟“
مون کيس جو اب ڏنو: ”ٻين لاءِ ’ماتا‘.“
ڊپٽي صاحب پڇيو: ”سو وري ڪيئن؟ ’جيتامڙو‘ يعني ٻار، سو
’ماتا‘ڪيئن ٿي بڻي سگهي؟“
سام چيو: ”ماتا ٿيڻ جي فطرتي مراد
(Instinct)
۽ ٻالڪ ٿيڻ جي ٻوجهه ٻئي گڏوگڏ رهن ٿيون. ساڳيو
انسان ڪٿ، ٻالڪ، ڪٿ ساٿي، ڪٿ ماتا پتا جو پارٽ ادا
ڪري ٿو.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ماتا پڻي جو احساس يا ڄاڻ ۽ پنهنجي ٻار ڄڻڻ کان
سواءِ پيدا ٿي ڪين ٿو سگهي. اوهين کڻي چئو ته
ڊاڪٽر اوهان جي نوڪرن يا هنن ٻالڪن جي ماتا وانگر
سنڀال ڪري ٿي، مگر ان مان ماتا ٿيڻ جي سچي خبر کيس
ڪانه پوندي ۽ نه وري پنهنجي ڄَڻ جيترو ٻئي جي ٻالڪ
مان مزو اچي ٿو.“
سام وراڻيو: ”دنيا ۾ سٺي ۾ سٺا ميوا پيوند ڪرڻ سان پيدا ٿين ٿا.
مثلاً انب جيڪي پيوند ٿين ٿا، سي قدرتي طرح ڌرتيءَ
۾ پوکيل ڪڪڙين مان پيدا ٿين انبن کان وڌيڪ مٺا ٿين
ٿا؛ اُهي ڪڪڙين مان سڌيءَ طرح ڪڏهين ڪونه پيدا
ٿين. هيءَ خيال جو وڻ به قدرتي آهي ان کي پيوند
ڪرڻ سان منجهائنس وڏا گڻن جا ڦل پيدا ڪري سگهجن
ٿا. ان ڪري ئي مهاتما گانڌيءَ ۽ ان کان اڳ ٻين وڏن
مهاتمائن برهمچريه جو رستو بتايو، جو ظاهر ۾ قدرت
جي قانون خلاف آهي، مگر در حقيقت اها ريت هڪ اتم،
اندروني مراد
(Instinct)
مان پيدا ٿيل سمجهڻ گهرجي ۽ نه قدرت جي خلاف.
ٽماٽن جي پوک ۾ مون پاڻ آزمائي ڏٺو ته ڏانڊيءَ کي
نيسائي ڇڏڻ ڪري ٻوٽو پنن تي زور ڏيڻ بدران ڦل تي
زور پيو ڏئي. اهڙي ريت مان وڏا ۽ رنگدار ٽماٽا
پيدا ڪري سگهندو هيس. تيئن هيءَ جسماني ماتاپڻي جي
فطرتي مراد کي نيسائي جڳ ماتا جو روحاني پيار
ڌارڻ، سو سچ پچ قدرت جي قانون خلاف نه آهي. هن
برهمچريه جي طريقي سان جسم جي خواهشن بجاءِ خيال
جو واڌارو ٿئي ٿو. مان سمجهان ٿو ته ان منجهان
جيڪو ماتاپڻي جو سچو روح اسان جي ڊاڪٽر ۾ پيدا ٿيو
آهي، سو رواجي سنساري ماتاپڻي کان هزار ڀيرا وڌيڪ
ڦلدائڪ آهي. قدرت چاهي ٿي ته سندس مطلب، يا مقصد
اتپتيءَ جو سمجهي ايتري قدر ڀل سندس ريت کي ڦيرايو
وڃي، (درحقيقت انکي ڦيرائي نه پر اُن ڏانهن سڌو ۽
سولو رستو وٺي رهيا آهيون) جو زندگيءَ ۾ سهڻا ڦل ۽
سٺا نتيجا پيدا ٿين. هينئر هندستان ۾ اناج جي اڻاٺ
کانپوءِ آدم جي وڌڻ تي روڪ وجهڻ لاءِ تحرڪ هليو
آهي، جيئن زالون ٻار گهٽ پيدا ڪن. مگر هيءُ ان کان
وڌيڪ اونچ آدرش ڪري سمجهڻ گهرجي ته نه هٿرادو حيلن
سان، نه دوائن وغيره جي روڪ وجهڻ سان، پر قدرتي
طرح ماتاپڻي جي فطرتي مراد ڦيرائي جڳ جي شيوا ۾ يا
قوم جي ٻالڪن جي پالنا ۾ لڳائجي وڏي ڳالهه ته هي
آدرش منهنجي جيون ساٿي ۽ بنا ڪنهن ٻاهرين زور جي
حاصل ڪيو آهي؛ يعني برهه چريه ۽ درهم گيان جي مارڳ
تي هلڻ سان هيءَ موڙ ڪئي اٿس. اڄوڪي زماني ۾ سندس
جهڙا ٿورا مثال ملندا.“
***
19-9-1951ع اڄ شام جو ڊپٽي صاحب جي گهر وياسين. اتي پهريائين
ٻين ڪتابن بنسبت ڳالهائيندي، سنڌي ساهيته، خاص ڪري
سنڌي قصن
(Fiction)
جو ذڪر نڪتو. ڊپٽي صاحب کي سندس سوالن جو جواب
ڏيندي سام چيو: ”مون سنڌيءَ ۾ نئون ڇپيل ساهتيه
تمام ٿورو پڙهيو آهي پر جو ڪجهه پڙهيو اٿم، سو
تمام معمولي نظر ايندو آهي؛ مغربي ملڪن جي ساهتيه
گهڻي ترقي ڪئي آهي ۽ جيڪڏهين هو کڻي قصن ۾ بعضي
عشق بازيءَ جي ڳالهين بابت آزاد طور لکن ٿا ته به
گهڻو ڪري انهن ۾ ڪو لڪل آدرش يا زندگيءَ جي حقيقت
ظاهر ڪرڻ جو نمونو رٿيل هوندو آهي. مگر عام طور
اسان جي ليکڪن ليکڪ وٽ اهو هنر ۽ فن ڪاريءَ جو
نمونو ڪٿي؟ سندن وشيه هلڪي نموني ۾ وندرائيندڙ ٿين
ٿا.“
ڊپٽي صاحب هڪ ٻن قصن جي آکاڻي جو تت سار ٻڌايو، جي مغربي ليڪکن
جا هئا ۽ پڇيائين: ”توهين ڇا ٿا سمجهو ته اهڙن
فاحش ڳالهين ۾ ڪا آدرشي مراد رکيل آهي؟“
سام چيو: ”اهڙي قسم جا مغربي ليکڪ ٻيا به گهڻا لڀندا؛ مون
ميٽرلنڪ ۽ ائناٽول فرانس ۽ ٻين ليکڪن جا اهڙي
نموني جا ڪتاب پڙهيا آهن، جي مذهب جي پائبندي يا
سوسائٽي جي ريتين رسمن جي حد کان ٻاهر لنگهي ويا
آهن. مگر تنهن هوندي به انهن جي اهڙن کليل خيالن
وارن لکيتن جو مطلب ڪو آدرش بتائڻ ئي پئي رهيو
آهي. ڪرستاني مذهب جي ڪئٿالڪ پنٿ وارن هنن جي گهڻي
مخالفت ڪئي مگر، ڇا لاءِ جو منجهس فقط فاحشپڻو نه
هو، پر ايمانداريءَ سان تسليم ڪيل نئين هڪ آدرش جو
اعلان ٿيل هو، ان ڪري هنن جي آخر ۾ سوڀ ٿي ۽ هنن
جي قصن جو پاڻ گهڻو وڪرو ٿيڻ لڳو. ساڳيءَ طرح ائسا
ڊورا ڊنڪن جي حياتيءَ جو بيان پڙهبو ته هن جنهن
نموني اگهاڙي ۽ کليو ذڪر جنسي جذبات
(Sex)
جو ڪيو آهي، سو اسان جي سوسائٽيءَ کي وڏو ڌڌڪو ڏئي
ڇڏيندو. مان پڻ ساڻس ايترو خيال جي اگهاڙائي ڪرڻ ۾
شامل راءِ نه آهيان پر ايترو چوندس ته هن جي
لکڻيءَ پٺيان عملي مثال جي طاقت آهي ۽ ائين چئي
هرگز ڪين سگهبو ته ائسا ڊوراڊنڪن پنهنجي نموني هڪ
آدرشي عورت نه هئي. پر اسان جي نئين ساهتيه ۾ سَو
تي نوانوي ساديون سوديون عشق بازيءَ جون آکاڻيون
آهن، جن ۾ ڪوبه نئون رستو زندگيءَ جو بتايل نه
آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مان سمجهان ٿو ته ڪي ٻنڌن ڪتاب ڇپيندڙ تي به
هئڻ کپن. اسان جون ناريون جيڪڏهين اهڙائي ڪتاب
پڙهنديون رهنديون ته ضرور انهن تي اثر خراب
پوندو.“
سام چيو: ”ڪي به هٿرادو ٻنڌن شايد ناممڪن ٿين ۽ نه انهن مان ڪو
فائدو رسي. ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته قصن پڙهڻ سان
گڏ پنهنجي ٻارن کي فلسفه، ڌرمي ڪتابن، سائنس ۽ ٻين
علم جي شاخن مان پڻ واقف ٿيڻ لاءِ همٿائڻ گهرجي.
لاهي پاهي قصن پڙهڻ تي زور نه رکجي، جيتوڻيڪ ائين
سمجهڻ گهرجي ته اهي قصا پڻ هڪ وڏي گهرج پورئي ڪن
ٿا، اسان جي سوسائٽيءَ جي خيال جي اوستا اهائي
آهي؛ جيڪڏهين هٿرادو روڪ وجهي، نوجوانن کي قصن
پڙهڻ کان منع ڪبي ته هو وڌيڪ جو کائتي نموني
پنهنجي لڪل خواهش کي پورو ڪندا. لڪل تمنائون، جي
انهن جي من ۾ موجود آهن، سي وڃي ابتي نموني پوريون
ڪندا جيستائين گهرو انتظام ۽ تعليم ۾ سڌارو نه ٿيو
آهي، تيستائين هٿرادو بندش ننڍي پوش وارن تي وجهڻ
مان ڪوبه فائدو ڪونه ٿيندو. اسان جي گهر ۾ به ٻار
قصا ۽ چرچي جو آکاڻيون
(Comics)
گهڻو پڙهندا آهن. جيتوڻيڪ پنهنجي دل چاهيندي آهي
ته هو ڪجهه وقت بچائي ٻي سٺي ساهيته
(Literature)
مان واقف ٿين، تڏهن به هن تي بندش وجهڻ ٺيڪ نه
لڳندو آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين ٺيڪ آهي؛ ڪن حالتن ۾ مون ڏٺو آهي ته انهن
فاحش ڪتابن پڙهڻ سان جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون اڳواٽ
خبردار ٿي پاڻ بدراهيءَ جي ڦندن کان بچي وڃن ٿا.
ڇا لاءِ جو اهڙا موقعا حياتيءَ ۾ به پيدا ٿين ٿا،
جن بابت هو پڙهي خبردار ٿين ٿا.“
گهڻي ڀاڱي گفتگو انگريزيءَ ۾ ٿي هلي، جنهن جو مون فقط تنسار ڏنو
آهي. ان کان پوءِ ميزبان ديوي صاحب ٻه صوفيانا ڀڄن
ڳاتا ۽ اسين به ڳائڻ ۾ شامل ٿياسون؛ اهو وقت وڏي
وندر ۾ گذريو. موٽي اچڻ تي سام چيو: ”پريم ئي ست
سنگ جو بنياد آهي ۽ پريم جو بنياد آدرڀاو آهي.
ڊپٽي صاحب ۽ ديوي صاحب نه فقط ماني کارائي پر انهن
ڀڄنن ۽ روح رهاڻ سان قرب جو ڪفاف پڻ اسانجي آتما
کي ڏنائون.“
مون سام کي موٽڻ وقت چيو: ”شايد اها ڳالهه سچي آهي، جيڪا اڳئين
ٻڌر تي ڊپٽي صاحب چئي هئي ته جيڪو مزو پنهنجي ٻار
مان اچي ٿو، سو پرائي ٻار مان نٿو اچي ۽ جيڪا ڇڪ
پنهنجي ٻار کي ٿئي ٿي سا پرائيءَ ڄڻ کي ٻي ماڻهوءَ
لاءِ نه ٿي ٿئي.“
سام چيو: ”شايد ڊپٽي صاحب جي ٻارن ڏسڻ کانپوءِ اهو خيال اتپن
ٿيو هجي، جو سندس ننڍي ڪڪيءَ کي تون گهڻو کڻندي
آهين، پر هوءَ جلد ماءَ ڏانهن ڀڄي ويندي آهي.“
مون چيو: ”رت کي ضرور رت جي ڇڪ ٿئي ٿي. چوندا ڪيئن آهن ته رت
پاڻيءَ کان گهٽي ٿيندي آهي!“
سام چيو: ”اهو خيال غلط آهي. هيٺين درجي وارن انسانن ۾ ائين کڻي
هجي پر ڪنهن به روحانيت واري انسان لاءِ ائين ٿيڻ
نه کپي. دنيا جي تواريخ ۾ ڪيترا اهڙا مثال لڀندا
جي ڏيکارين ٿا ته رت کان خيال وڌيڪ گهاٽو آهي.
تنهن ڪري هر حالت ۾ ائين سچ نه آهي ته پنهنجو ڄڻيل
سڀ کان وڌيڪ پيارو لڳي ٿو. گهڻي ڀاڱي پيار خيال جي
هم رفيقي ۽ مطلب جي ساڳيائي مان پيدا ٿئي ٿو. ڏس!
زال بلڪل ڌاري ٿي ٿئي،[2]
تڏهين به ڀائرن ۽ ماءُ پيءُ جهڙي ۽ ڪڏهين ڀائرن
کان وڌ ڪن کي پياري لڳي ٿي. ڪيترا مثال ٿيا آهن جو
ماڻهن ٻار گهر مان ڪڍي ڇڏيا آهن، مگر زال مرد جدا
ٿي نه سگهيا آهن. ڪيترا گرو ٿي گذريا آهن جن
پنهنجي اولاد کي پري رکي پنهنجو روحانيت جو راز ۽
پنهنجي گديءَ جو حق پيارن چيلن کي ڏنو آهي. اهڙو
اتم مثال گرو نانڪ ۽ ڀائيي لهڻي (هرو انگد ديو) جو
ٿي گذريو آهي. ائين چئي سگهبو ڇا ته گوتم ٻڌ جو
سنيهه آنند سان رواجي ٻالڪ کان گهٽ هو؟ پنهنجو ٻار
ته هو گهر ۾ ڇڏي هليو ويو! اهوئي خيال غلط آهي ته
رت جي رت کي ڇڪ ٿئي ٿي. اهو ئي تفاوت انسان ۽
حيوان جي وچ ۾ آهي، جو انسان جي زندگيءَ جو مرڪز
خيال آهي ۽ حيوان جي جسماني خواهشون ۽ جنسي مرادون
(Sex Instinct).“
***
23-9-1951ع هن ٻڌر ڏينهن ڊپٽي صاحب ويدانت فلاسافيءَ تي وري
ساڳئي ڪتاب مان پڙهيو. ڪجهه دير ماٺ ڪري ٻڌڻ بعد
سام چيو: ”سڀ ڪنهن پنٿ يا فلسفه ۾ ڪي ڳالهيون از
خود ورتل يا نشچي ڪيل آهن؛ جن کي عربيءَ ۾ مفروضات
۽ سنڌيءَ ۾ فرضي ڳالهيون ڪري چئجي. انهن جي ثابتي
ڏنل ڪانه آهي. پوءِ انهن اعتبار ڪيل ڳالهين مان
خود ٻيون ثابتيون ڏنيون وينديون آهن. اهڙيءَ طرح
ويدانت فلاسافيءَ ۾ جيوَ آتما ۽ پرماتما وغيره
بنيادي ڏنل ڳالهيون ڪري سمجهڻ کپن، نه ته جيڪر ڪو
ڀڇيته ڪيئن ٿا چئو ته جيو آتما ۽ پرماتما اصل ۾
ساڳيا آهن، يا وري ڪو پڇي ته ڇو جدا ٿيا ۽ ڪڏهين
جدا ٿيا؟ عقل کي جيئن گهڻو ڊوڙايو، تيئن گهڻو
مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. اهڙيءَ طرح ٻين مذهبن ۾ پڻ
ڪي ڳالهيون از خود ورتل آهن جن جي سمجهاڻي فقط پاڻ
مان ملي سگهي ٿي؛ احساس يا انتر گيان ڪم ڪري ٿو
مگر دليل ڪڏهين پورا ڪونه ٿا پون.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ائين شايد هجي پر ابتڙ انومان جڏهين ناممڪن يا
اسنڀو هوندو آهي تڏهين جيڪو انومان ڪڍبو آهي سو
ممڪن يا سنڀو هوندو آهي. پوءِ انهيءَ کي ئي حقيقت
ڪري مڃيو آهي.“
ٿوري دير بعد ڊپٽي صاحب سام کان پڇيو: ”توهان کي ديَولوڪ
(Spirit. World)
بابت ڪا سڌي ثابتي يا پنهنجو آزمودو آهي ته
ٻڌايو.“
سام چيو: ”نه! مگر، سو آليور لاج ۽ ٻين اهڙن ارواجيت جي حامين
جي لکتن مان واقف آهيان. ڪيتريون ڳالهيون اڳين جون
چيل ظاهراً اهنجون هيون؛ جيتوڻيڪ اهي اندر جي
انومان کي سچيون لڳنديون هيون. ويجهن سالن ۾ سائنس
اهڙين گهڻين ڳالهين جي ثابتي ڏني آهي، جن ۾ اسان
جي وڏن جو اعتقاد هيو. ظاهر ۾ اَسنڀوَ ڳالهيون
آهستي آهستي دنيا جا سائنسدان ۽ من وديا جا ماهر
ثابت ڪندا پيا وڃن. مان ڀانيان ٿو ته مون کي ڪو به
لاڙو ڪنهن خاص ڌرم يا خاص ملڪ جي ماڻهن ڏانهن ڪونه
آهي، مگر ڪو ته طريقو آري قوم جي بزرگن کي معلومات
ڪرڻ جو هو جو سندن نظريو چاليهن صدين کان مٿي وقت
گذرڻ بعد به اڃا سچو نظر اچي ٿو؛ سائنس جي ترقيءَ
هوندي به بنيادي اصول انهن جي فلسفه جا نا ثابت
ڪونه ٿيا آهن. نه فقط مئڪسملر جهڙا مغربي ڄاڻو پر
ٿيسافيءَ وارن جون اندروني آزمائشون پڻ انهن ۾
ظاهر ۾ اسنڀوَ يا ناممڪن ڳالهين جي پٺڀرائي ڪن
ٿيون. سر آليَو رلاج جا آزمودا اشراق
(Telepathy)
جي لائين ۽ غيب داني
(Clairvoyance)
بنسبت نه فقط، پر علم حياتيات
(Biology)
۽ علم هئيت
(Astronomy)
۽ ٻيون سائنسيون پڻ انهن انتر گيان مان معلوم ڪيل
ڳالهين کي ٽيڪ ڏين ٿيون؛ تارا منڊل يا نڪشتر بنسبت
سندن خيال، ان وقت جا ٺهيل ڪئلينڊر ۽ جنتريون
وغيره پڻ اڄوڪي علم سان ٺهڪي اچن ٿيون، اهو عقيدو
ته جيءُ جي هر شيءِ ۾ موجود آهي، ته آتما کانسواءِ
سڀ شيءِ جي صورت ڦرندڙ آهي، ته آتما هميشہ حيات
آهي يا چت شڪتيءَ جو هر شيءِ ۾ واسو آهي، اهي سڀ
خيال اڄ ڪلهه جي سائنس ۽ فلاسافيءَ جي خلاف نه
آهن؛ مگر سائنس عام طور انهن کي ٽيڪ ڏي ٿي. تنهن
ڪري ديو لوڪ
(Spirit World) جون خبرون به سراسر ڪوڙيون ته سمجهڻ گهرجن.“
صوفي صاحب چيو: ”اسلام بابت اوها جو ڇا رايو آهي؟“
سام چيو: ”اسلام بنسبت مونکي خاص طرح ڪجهه چوڻ جي قابليت نه
آهي، نه وري مٿيون رايون مون هندو ڌرم جي تائيد ۾
ڏنو آهي؛ مگر ملڪ جي عملي حاصلات جو ذڪر ٿي ڪيم.
منهنجو اهو به مطلب نه آهي ته ڪو آري قوم وارن جي
فلاسافي يا مذهبي اعتقاد سڀ سائنس ثابت ڪيا آهن.
هوڏانهن اسلام جو علم اخلاق
(Ethics)
به لاثاني آهي. جيڪي معنائون وري صوفي قرآن شريف ۾
پڙهن ٿا ۽ جن تي صوفي پنهنجي خيال جو دارومدار رکن
ٿا، سي ته بلڪل ويدانت وغيره سان ملي اچن ٿيون.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”مون کي ته ائين ئي سجهي ٿو ته جن آيتن تي صوفي
دارو مدار رکن ٿا، انهن جي سچي پچي معنيٰ صوفين جي
خيال مطابق ئي آهي؛ مگر انهن ڏينهن ۾ جهَل سبب
انهن تي هروڀرو خاص زور ڏنو نه ويو هو. بنيادي
ڳالهيون ساڳيون آهن.“
سام چيو: ”فقط زور ڏيڻ جو سوال نه آهي؛ ڪي اختلاف به آهن. مثلاً
مرڻ کان پوءِ اسلام موجب روح پنهنجي الڳ هستي اڃا
قائم رکي ٿو. مگر صوفي ۽ ويدانت وارا ائين مڃن ٿا
ته جيءُ آتما، يا روح آخر پرماتما سان هڪ ٿي وڃي
ٿو؛ جيئن جوت جوت ۾ سمائجي وڃي يا حباب پائيءَ ۾
اهڙا ٻيا پڻ گهڻا تفاوت ويدانت، صوفي فلاسافيءَ ۽
اسلام جي وچ ۾ لڀندا، جن کان انڪاري ٿي نه سگهبو.“
صوفي صاحب سوال اٿاريو ته صوفي مت اسلام جي پيدائش آهي يا
ويدانت جي؟“
سام چيو: ”هي سوال اسان لاءِ ڪا خاص اهميت ڪونه ٿو رکي. مگر مون
کي ائين لڳندو آهي ته صوفي ڪجهه قدر سيميٽڪ مذهبن
کان يعني اسلامي، عيسائي ۽ يهودي خيالات کان الڳ
آهن، جن جو عرب جي تواريخ سان واسطو آهي. جيتوڻيڪ
انهيءِ خيالات جو به ڪجهه قدر صوفين تي اثر آهي،
سندن خيال ٻڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم وارن سان به مطابق
آهي، ان مان ظاهر آهي ته صوفي مت جدا جدا خيالات
جي هڪ سنڌي يعني سُٺي جوڙ آهي. هن وقت بر زبان مون
وٽ ثابتيون موجود نه آهي پر گهڻا سال اڳ ڪراچيءَ ۾
مون هڪ ليڪچر ڪيو هو؛ جنهن ۾ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي
هيم ته بغداد ۽ ايران ساڻ اڳوڻي هندستان جا گهاٽا
ناتا هئا ڪيترا هندو تجارت وارا ٻڌ ڌرم جا بکشيو،
ٻڌ ڌرم جا خيال هندو ڌرم جي ملاوٽ سان، ٻاهر
ڦهلائي رهيا هئا. مثلاً پاڻ کي ڪين ڪرڻ وارو يعني
نفي ٿيڻ وارو خيال ٻڌ ڌرم جي نرواڻ سان ملي ٿو.
اهڙيءَ طرح ڪائونٽ نڪولس رورش پنهنجي هڪ ڪتاب
’التائي هماليه‘ ۾ ڪي اشارا ثابتين سان ڪيا آهن ته
جيسس ڪرائيسٽ خود ٿٻيٽ ۾ ڪنهن وقت آيو هو، جنهن
مان انو مان ڪڍجي ٿو ته ٻڌ ڌرم جا خيال فلسطين ۾
به وڃي رهيا هئا. مگر هي اونهيون ڳالهيون انڊو
لاجي جي کوجنا وارن لاءِ آهن. اسان جو سٻنڌ انهن
سان فقط ايترو آهي جو ان خيال جي تصديق وٺون ته
صوفي مت ۾ ملا وٽ ويدانت ۽ ٻڌ ڌرم ۽ اسلام جي
وحدانيت جي آهي؛ ساڳيءَ طرح ڪرست جي محبت جو پيغام
۽ ٻڌ ڌرم جو اهنسا مارگ به هڪ ٻئي کان گهڻو جدا نه
آهن.
”انهن خيالات جا پاڻ ۾ تواريخي لاڳاپا آهن. هي هڪڙو هر کائيندڙ
۽ وندرائيندڙ وشيه آهي پر اسين پنهنجي اصلوڪي
وشيءَ کان پري نڪري ويا آهيون. هينئر توهين ڀل
ويدانت جي سمجهاڻي ڪتاب موجب ڏيو؛ هيءُ بحث اسين
بند ٿا ڪريون.“
ٿوري دير ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اڻ پوري گروءَ جي ڳالهه تي آيا
سون:
سام چيو: ”ويدانت فلاسافي ۾ گيان گهڻو پر پريم يعني ڀڪتي مارگ
جي ڪا سمجهاڻي ڏنل ڪانه آهي. هن ڪلجگ جي زماني ۾
ڀڪتي مارگ سڀ کان وڌيڪ آسان آهي.“
ٻيو هڪ متر ويٺو هو. جو اُن ۾ شامل راءِ ٿيو. مگر ڊپٽي صاحب
چيو: ”گيان جي پر گهٽ ٿيڻ کان اڳ ۾ پريم پيدا ٿي
ڪونه سگهندو ۽ پوري گيان حاصل ٿيڻ کان پوءِ ٻيءَ
ڪنهن کوجنا جي ضرورت پڻ نه رهندي.“
سام چيو: ”چوپڙ جي نموني هڪ راند خيال ۾ آڻيو جنهن ۾ فقط ٽي
چيلا آهن. هڪڙي مان گيان وارو پنهنجي منزل کان
پهچي ٿو. هو منزل کي پهچي سمجهي ٿو ته گيان لاءِ
ئي ڪرم جي هَڻ هَڻ ضروري هئي؛ جنهن ڪري وڌيڪ ڪرم
جي ڪا ضرورت ڪانه آهي. هوڏانهن وري ڪرم مارگ وارو
پاڻ پتوڙي اچي ساڳيءَ جاءَ تي پهچي ٿو. هو سمجهي
ٿو ته گيان ڪرم مان ئي پيدا ٿيو آهي. تنهن ڪري ڪرم
ئي سچو مارگ آهي. ڀڪتي مارگ وارو جڏهين پنهنجي
منزل کي پهچي ٿو ته هو سمجهي ٿو ته جو ڦل يعني
آنند ڪرم ۽ گيان وارو پائي ٿو سو ڦل ازخود ڀڪتيءَ
۾ سمايل آهي، تنهن ڪري ڀڪتيءَ ئي سچو مارگ آهي. پر
در حقيقت اهي ٽيئي رستا ڪارگر آهن ۽ ساڳيءَ منزل
تي پهچائيندڙ آهن. مان ڀانيان ٿو ته ويدانت ۾ گيان
اکر پڻ اونهي معنيٰ سان ڪم آندل آهي جو رواجي علم
۽ اڀياس کان وڌيڪ اونهو آهي. منجهس اُها روشنيَ
جنهن کي چدا ڀاس چئجي ٿو، سمايل آهي. پر توهان جي
ڪتاب ۾ ڀڪتيءَ جو رستو جدا تسليم ڪيل نه آهي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”گيان آهي ته پوءِ ڀڪتيءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي:؟
سام چيو: ”اهو سوال هڪ ڀيري طيب ۾ اسان جي صوفياڻي سنگت ۾ اٿيو
هو؛ تڏهن مان زمينداري ڪم ۾ مشغول هيس. مون ان وقت
جواب ۾ چيو ته ڏسو، واحد بخش منهنجو وڏو ڪمدار آهي
جو سڄو ڪم ڪار زمين جو ڪري ٿو؛ دانسنگهه منهنجو
وڏو منشي آهي، جنهنکي منهنجي سڄي ڪاروبار جي خبر
چار آهي؛ لعل منهنجو پٽ آهي، جنهنکي اڃا نه ڪنهن
ڪم ڪرڻ جي طاقت آهي، نه ڪاروبار جي هو ڄاڻ رکي ٿو.
واحدبخش ڪرم جي مارگ وارو سمجهو جو خاص طور پنهنجي
جسماني طاقت منهنجي ڪمن ۾ خرچ ڪري ٿو؛ دانسنگهه
ٿيو ڪارخاني جو گياني، جو پنهنجو عقل ڪارخاني جي
حساب ڪتاب لکپڙهه وغيره جي ڪمن ۾ خرچ ڪري ٿو؛ اِهي
ٻيئي جيڪڏهين پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ڪن ٿا ته
ضرور مونکي پيارا لڳن ٿا؛ پر بنا ڪم ڪرڻ جي ۽ بنا
ڪنهن گيان يا ڄاڻ رکڻ جي لعل مونکي از خود پيارو
لڳي ٿو، ڇا لاءِ جو منهنجو هن سان يا هن جو مونسان
دل جو سنيهه آهي! اهڙيءَ طرح ڀڳت لوڪ ايشور کي
هميشہ پيارا آهن توڙي جو هو پوريءَ طرح سندس
سرشٽيءَ جي راز مان واقف نه هجن ۽ سندس سرشٽيءَ ۾
ڪي وڏا ڪم ڪو نه ڪري ڏيکارين. مطلب ته پريم
روحانيت جو انس آهي؛ پريم خود مارگ ۽ منزل به
آهي!“
ڊپٽي صاحب چيو: ”پريميءَ کي به جڏهين ڪا ڄاڻ ٿيندي تڏهين ته
منزل ڏانهن ويندو. ان ڄاڻ کانسواءِ منزل تي پهچڻ
وارو مزو پڻ هو ڪونه ماڻي سگهندو.“
سام چيو: ”آخر منزل ڪرم، گيان ۽ پريم جي هڪ آهي. در حقيقت رستو
به هڪ آهي ۽ اهي ٽي فقط بيان ڪرڻ جا الڳ نمونا
آهن. پريم شايد اهي ڪن ٿا جن جڳان جڳ هن کان اڳ ۾
سڦلا ڪرم ڪري پنهنجي آتما شڌ ڪري ڇڏي آهي؛ جن کي
هينئر وري ڪرم ڪرڻ جي لوڙ نه آهي. گيان به پريم
سان مليل آهي. پريميءَ کي ميلاپ کان پوءِ ئي صحيح
سمجهه پرماتما جي اپر اپار شڪتيءَ جي حاصل ٿئي ٿي.
ڪرم مارگ وارو به آخر آزمودا ڪري يا ٺوڪرون کائي
گيان وڌائي محبت کي پائي ٿو. اهي ٽيئي هڪ ٻئي مان
وڌندڙ آهن. فقط ڪو شروع ۾ زور ڪرم تي، ڪو گيان تي
ڏئي ٿو. آخر ته سڀئي پريم ۽ پريم جي آنند ۾ سمائجي
وڃن ٿا. جو رستو جنهنکي ٺهڪي اچي سو ان لاءِ سٺو
آهي. سڀ شيءِ ۽ سڀ جيءَ کي، پاڻ اندر ئي پورنتا جا
ڪي انگ رهن ٿا. سچي پورنتا جي حاصل ڪرڻ لاءِ
زندگيءَ ۾ ڪيترا دروازا کلن ٿا. ڪو ٻج نپائڻو هجي
ته هٿرادو حيلي سان ۽ محنت سان، ڪونڊيءَ يا ننڍي
ڏول ۾ به نپائي سگهجي ٿو؛ لئباريٽريءَ ۾ ڪيميڪل
جزن جي رلڻ سان پڻ انهيءَ کي اڳائي سگهجي ٿو ۽
قدرتي طرح کيت يا باغ ۾ سج ۽ روشنائي يا هوائن جي
سٺي اثر سان پڻ انکي وڌائي سگهجي ٿو. اهو ٻج آهي
پاڻ ست چت آنند، جو سڀ جيءَ ۽ سڀ شيءِ ۾ ويا پڪ
آهي. هٿن ۽ پيرن سان ڪرم جا حيلا ڪندو رهه، تڏهين
به انهيءَ کي پائي سگهجي ٿو. ڪنن سان ڪٿائون ٻڌندو
رهه؛ اکين يا ٻين اندرين سان احساس وڌائيندو رهه
تڏهين به اهو حاصل ٿئي ٿو؛ پريم ۽ پياس سان
سنڀاليندو رهه تڏهين به کيس پائي سگهجي ٿو. ڇا
لاءِ جو هو سڀ ڪنهن ۾ حاضر حقيقت آهي. اهي سڀ رستا
چڱا آهن ۽ هر ڪنهن جي اوستا آهر، انهن جو جدا
اختيار ڪرڻ يا ميلاپ ڪرڻ، سو ڀاو ڀاو پٽاندر ٿي
سگهي ٿو. انهن مان ڪوبه رستو آتما لاءِ ڌاريو نه
آهي، ڇا لاءِ جو اهي ٽيئي، ڪرم گيان ۽ پريم، خود
آتما جو انس آهن. انهن بنا آتما ڇا آهي؟ جڏهين مان
چوان ٿو ته محبت جو رستو يا ڀڪتي مارگ سڀ کان سٺو
آهي ته ان جي معنيٰ فقط اها آهي ته جڏهين ڪرم ۽
گيان ڪمائي آتما آخر پريميءَ وارو پد پائي ٿي،
تڏهين ميلاپ باقي پري نه آهي. حاصلات جا حيلا گهڻا
آهن، مگر منزل هڪ آهي. جن اندروني اڀياس ڪيو هوندو
انهن لاءِ هي هڪ ڳوڙهو مسئلو ڪونه آهي. فقط ظاهر ۾
ٽيئي مارگ نرالا نظر اچن ٿا؛ ورنه گڏو گڏ هلن ٿا ۽
هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ئي رهن ٿا.“
ٿوري دير بعد سام وڌيڪ چيو: ”اڳي پٿر گسائي ان مان روشنيءَ جي
چڻنگ ڪڍندا هئا؛ تنهن کان پوءِ انسان جو جئين عقل
وڌيو ته ماچيس نڪتا؛ هينئر سائنس جي ذريعي بجليءَ
جي بٽڻ هيٺ ڪرڻ سان آگ يا روشني پيدا ٿئي ٿي. پٿر
گسائڻ سو آهي ڪرم ولوڙڻ جي موافق، يعني آزمودا
پرائي ۽ حيلا هلائي پوءِ گيان جي چڻنگ پيدا ڪرڻ؛
ماچيس آهي علم ۽ عقل جي هيٺين حيلن سان گيان جي
روشني پيدا ڪرڻ جي برابر ۽ بجلي آهي اها محبت جنهن
جي لڳڻ سان من وڃي ٿو پرم آنند ۾ پاڻ سمائي! البت
بجليءَ جو بٽڻ هلائڻ يا گيان جي تيلي لڳائڻ، سو به
هڪ قسم جو ڪرم چئي سگهجي ٿو.“
***
26-9-1951ع مون سام جا ڪي شعر ٿي پڙهيا جن ۾ هڪڙي هيءَ تُڪ به
هئي، ’منهڙو پسائي هيڪر ڇو پاڻ ٿو ڇپائين؛‘ منجهن
ملڻ جي آس ظاهر هئي ۽ منهنجي دل ۾ ڪي خيال اچڻ
لڳا؛ اُهي شايد هن نوع ۾ هئا: هڪڙن شعرن ۾ چيل آهي
’مون درشن پاتو‘ وغيره؛ درشن پائڻ کان پوءِ اڃا
طلب ڇاجي ٿي رهي؟ سام انهن خيالن جو ڪو پاڇو مون
تي ڏٺو ۽ چيائين: ”زندگي لڪ ڇپ راند آهي؛ نه رڳو
روحاني زندگيءَ ۾ مند وانگر ڦيرا اچن ٿا پر منجهس
ڏينهن رات پڻ ٿين ٿا؛ شاعر ۽ فقير وڇوڙي جي رات ور
ور محسوس ڪن ٿا؛ زماني جي بيوفائي، ڪوڙ، ڪپٽ ۽
ڪروڌ جو ورتاءُ حياتيءَ جي ميدان ۾، سو سندن امنگن
کي اٿاري ٿو؛ مگر ان حقيقت جو احساس اڪثر سالڪيءَ
واري درجي تائين رهي ٿو. مجذوبيءَ واري يا برهم
گيان واري حد ۾ اهو احساس گم ٿي وڃي ٿو.
”ڪڏهن شاعر خود غم ۾ وڏي وندر ڀانئي ٿو؛ رات پنهنجي نموني سهڻي
آهي ۽ ڏينهن پنهنجي نموني. هجر ۽ وصال، حقيقت ۾
ساڳي پريم جا ٻه پاسا آهن. جئن روزاني بک ۽ پيٽ جو
ڀرڻ ٻئي قدرتي طرح رڳن ۾ رت ۽ ست وڌائڻ جو ڪارڻ
آهين، تئن وصل وارا ڏينهن ۽ پياس ڀريل وڇوڙي جي
راتين جو نتيجو آهي امنگ جو واڌارو. مان سمجهندو
آهيان ته روحاني ترقي سڌي لائين ۾ نه آهي مگر هڪ
گول ڦرندڙ ڏاڪڻ مثل يا هڪ اسپرنگ مثل چڙهندڙن وڪڙن
(Spiral rungs)
جي نموني ۾ هلي ٿي. لهه چڙهه جيوت جو قانون آهي.
سڀ گهڙيون ۽ سڀ ڏينهن، جئن ماڻهو ننڊ ۾ رهي نٿو
سگهي، تئن من به هر هميشہ وصال جي سماڌيءَ ۾ نه ٿو
رهي. روحانيت جي ڪماليت اُنهن ٻن مختلف ڀاون مان
پيدا ٿئي ٿي، جن جو نالو عبوديت ۽ احديت ڪري چئجي،
يا وڇوڙو ۽ وصال ڪري چئجي. پورڻ شانتي خالي، خيال
رهت دل يا من جي نشاني نه آهي پر اها امنگن ۽ ڀاون
سان ڀريل دل ۾ ئي پيدا ٿي سگهي ٿي. پورڻ
(Absolute)
شانتي يا پريم کي پڪي ڪرڻ لاءِ خود حالتن جي وهڪري
۾ اچڻ ضروري آهي. مطلب ته پورڻ گيان جي هوندي به
طلب ۽ تاس جو رهڻ ضروري آهي. عبوديت ۾ ئي عشق جو
مزو آهي! ساڳيءَ طرح فقير ۽ ساڌو سماڌيءَ ۾ اچڻ
کان پوءِ به ڀڪتيءَ جي مزي چکڻ لاءِ ’مان‘ ڪجهه
قدر قائم رکندا ايندا آهن. عبوديت روحاني
تندرستيءَ جي نشاني آهي. پسيني جو وهڻ جسماني
تندرستيءَ جي نشاني آهي. زنده دل ۽ پياس ۽ پريم جا
سڀ ڀاو سمايل رهن ٿا.“
مجازي ۽ حقيقي پريم ڏانهن اشارو ڪندي سام چيو: ”اهو تفاوت فقط
اگيان مان پيدا ٿئي ٿو؛ پريم جي ڪا به وراهست ٿي
ڪانه سگهي، نه وري سندس جدا جدا روپن ۾ ڪو ذاتي
فرق آهي؛ مقصد مجازي ۽ حقيقي عشق ساڳيو ئي آهي.“
مون پڇيو: ”سو وري ڪيئن ٿي سگهندو؟ مجازي پريم واري ڪنهن خاص
روپ جو قائل آهي. ان جي ڀيٽ حقيقي پريم سان ڪهڙي
ٿي سگهي ٿي؟“
سام چيو: ”ٻنهي جو مقصد آهي نفس وڃائڻ، جيئن من حسن ۾ هيڪاندو
ٿئي يا حق ڏانهن مائل ٿئي! ٻنهي جو انت آهي بيخودي
ٿيڻ. تنهن ڪري ٻئي وڃي ساڳي منزل کي رسن ٿا.“
***
28-9-1951ع اڄ سام کي زڪام هيو. ست سنگ ۾ رامائڻ يا ٻئي ڪنهن
ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ٻه يا ٽي ڀڄن ڳائيندا آهيون.
سام آمر کي چيو: ”اڄ گلو اسان جو زڪام سان ورتل
آهي، تنهن ڪري ڪجهه تون ڳاءِ!“
امر عذر ڏنو ته ڪتاب ساڻ ڪونه آهي؛ تنهن ڪري سام منشي کي چيو ته
تون ڪجهه ڳائي ٻڌاءِ؛ سام به ٿورو گڏجي چوايس ۽
ڪتاب ڳائڻ وارو منشي جي هٿ ۾ ڏنائين ته هُو اڳ ۾
ڳائي ته پٺيان اسان چئون. منشو اهڙو اچي گهٻرايو
جو بي سُرا آواز ڪڍڻ لڳو ۽ راڳ ۾ ميٺاج ڪو به ڪونه
رهيو. ست سنگ کان پوءِ سام چيس: ”ڪيترا ماڻهن چڱن
روشن هوندي به ڪُ روپا ڇو لڳندا آهن نڪ، منهن، چپ،
ڪن، اکيون جدا جدا ڏسون ته ڏاڍا پورا پيا لڳن، پر
سڄي روپ جو تاثير اگرو پيو لڳي؛ ڇا لاءِ جو خيال ۽
روشن ميلاپ ڪونه آهي! اهو ميلاپ روپ جو خيالات جي
سُٺائي مان پيدا ٿئي ٿو. جنهن جي خيالات ۾ موزو
نيت يعني ميلاپ آهي تنهن جي روشن ۾ پڻ تاثير نظر
اچي ٿو. اهڙيءَ طرح ڪيترا ڳائيندڙ ڳلي سٺي هوندي
به ميل راڳ جو پورو نه رکندا آهن، جنهن ڪري راڳ بي
چسو ٿي پوندو آهي؛ راڳ ۾ ميلاپ آڻڻ واري شيءِ آهي
پريم يا محبت. جئن روپ ۽ امنگ تي مدار رکي ٿو.“
وڌيڪ منشي کي چيائين: ”تون پورو پريم نٿو رکين! هونئن ته ٻائو
ٿي رهيو آهين، پر اڄ ڪلهه رلين پنين گهڻو ٿو. جنهن
ڪري اڳي کان وڌيڪ بي سُرو ٿي پيو آهين. تنهنجي من
جو لاڙو ست سنگ کان وڌيڪ ٻين شين ڏانهن آهي. سُر
آواز کان اڳ ۾ دل منجهان نڪرندو آهي. پنهنجو پاڻ
سريالو بڻاءِ.“ (روپ يا مهانڊن ڏانهن اشارو شايد
سام ان ڪري ڪيو جو منشو روش چڱا رکندي به، اڄ ڪلهه
خواهشن جي اثر هيٺ اچڻ سبب، سام کي بي ڊولو پيو
لڳندو آهي. سام چوندو آهي ته سندس اکي مان ڄڻڪ
خوفائتا خيال پيا بکندا آهن).
***
30-9-1951ع اڄ منشي مون سان گڏجي ويهي ڊائري اُتاري ۽ چيائين ته
ممي مون سان ڀيٽا جو ڪم به ڪرايو؛ مون کيس چيو ته
کيس پوءِ ڪنداسين. پر هن گهڻو ضد ڪيو ته هيئنر ئي
ڪري ڇڏيون. چيائين، ٻين ڪمن کان هي وڌيڪ ضروري
اٿو. تڏهين سام کيس هن ريت سمجهايو: ”جيڪڏهن سچ پچ
ڪا شرم يا سنسٿا اڏڻي اٿو ته ڪي اصول ۽ نيم روزاني
ڪم جا ضرور عمل ۾ آڻڻا پوندا. جيڪڏهين سڀ ڪو پاڻ
کي قابل سمجهي پنهنجي ڳالهه سڀني کي مڃائيندو ته
اهو گويا ٻئي جي آزاديءَ ۾ رنڊڪ وجهندو. جنهن جي
جيتري گهر ۾ يا آشرم ۾ حيثيت آهي، اوتري حد اندر
انهيءَ کي هلت ڪرڻ گهرجي ۽ نه وڌيڪ. وڏي
جوابداريءَ واري جو ننڍي جوابداريءَ وارو چوڻ مڃي.
جنگ ۾ اهڙا اتفاق ٿيندا آهن جو ڪڏهين وڏا آفيسر
ڀلل هوندا آهن۽ ڪنهن ننڍي آفيسر کي وڌيڪ خاطريءَ
جهڙي ڄاڻ هوندي آهي. ان وقت ننڍي جو فرض آهي ته
وڏي جي اڳيان ڀل پنهنجا خيال آزاديءَ سان پيش ڪري،
پر جي سندس ويچار مڃڻ ۾ نه اچن ته وڌيڪ ضد نه ڪري
، جي هر ڪنهن سولجر کي حق ڏبو ته بيهي پنهنجي
ڪمانڊر سان ٽِپي ٽِپي تي بحث ڪري، ته گهڻو
مونجهارو پيدا ٿي پوندو. تون هت ننڍي ساٿيءَ يا
سولجر مثل آهن. ڳالهه شايد تنهنجي پوري آهي ته
ڀيٽا جو ڪم بروقت ٿيڻ گهرجي. پر جي تنهنجي مميءَ
کي مڃڻ ۾ نه ٿي اچي ته ضد نه ڪر!“
***
مون ڪجهه نوٽ لکي سام کي ڏيکاريا ته نظر مان ڪڍي ڏيو؛ ٺيڪ آهي
يا نه؟ سام ڪي تبديلون ڪري مضمون لکڻ بابت مون کي
هيئن سمجهاڻي ڏني: ”مضمون ۾ ڪئميرا وانگر فوڪس جو
خيال رکڻ گهرجي. اُهو خيال فوٽو گرافر فوٽو ڪڍڻ
وقت ۽ چترڪار
(Artist)
نقش چٽڻ وقت رکندو آهي. فرض ڪيو فوٽو گراف هتي
تنهنجو فوٽو ڪڍڻ چاهي ٿو. جيڪڏهين سندس مطلب آهي
تنهنجي فوٽو ڪڍڻ جو ته هو تنهنجي شڪل کي هن سڄيءَ
ارد گرد ۾ خاص اهميت واري جاءِ ڏيندو. جيڪڏهين هو
ائين نه ڪندو ۽ مڙئي کڻي تصوير ڇڪيندو، جنهن ۾ هي
ڪاٺيون، کٽون ابتا سبتا سامان سڀ اچي ويندا ته اها
تصوير سچي ته هوندي پر اُن هوندي به اڻ پوري
هوندي؛ ڇا لاءِ جو اُن ۾ مطلب واري شيءِ، يعني
تنهنجي صورت، انهن جاين سامانن وغيره جي وچ ۾
پنهنجو سچو تاثير نه ڏيکاريندي ۽ مزي جهڙي نه
ٿيندي ؛ پر جي نا ضروري شين کي ڇڏي ڪئميرا فقط شڪل
تي فوڪس ڪبي ۽ پٺ سنواري صاف رکبي يا مطلب جون
شيون چونڊي شامل ڪبيون، ته اها شڪل وڌيڪ چٽي ۽
مزيدار پئي لڳندي؛ روش ٻين شين کان وڌيڪ خيال کي
ڇڪيندا. اهڙيءَ طرح مضمون ۾ جيڪڏهين اجاين ڳالهين
جي اپٽار ڪبي جهڙوڪ فلاڻي هينئن چيو يا مون وري
هينئن چيو ته خيال وارو نڪتو گهڻي اپٽار ۾ لڪي
ويندو. تنهن ڪري ڪوشش ڪري نوٽن ۾ ناضروري ڳالهيون
نه لکجن يا ٿورن ۽ سليس لفظن ۾ چئي وڃجن؛ فقط
ايتريقدر اُهي آڻڄن جو خاص ڳالهين جيڪا چوَڻي هجي
انهيءَ کي وڌيڪ چٽو ڪري ڏيکارين؛ جئن اهو خاص خيال
اثرائتو ۽ نوڪدار نظر اچي.“
***
5-10-1951ع ڪالهه ڊپٽي صاحب اسان وٽ آيو. اسان کيس ٻارن سميت
پاڻ وٽ ماني کائڻ لاءِ چيو مگر هن ڪجهه ساڀيا ۾ ۽
ڪجهه چرچي طور چيو: ”توهان جنهن صورت ۾ اسان جي هٿ
لڳل شيءِ به نٿا کائو، تنهن صورت ۾ اسين ڇو توها
وٽ کائون؟ پرجي ماني کائڻ آياسين ته سڀني شين کي
هٿ لڳائي ڇڏبا، جيئن توهان لاءِ بنا هٿ لڳل شيءِ
ڪائي ڪانه بچي! پنهنجي گهر ۾ ته مان ائين نٿي ڪري
سگهيس جڏهين توهين مون وٽ آيا هئا!“
ڳالهه هينئن آهي ته ڊپٽي صاحب پنهنجي گهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ
صوف ڇلي، هٿ ۾ جهلي مون کي کائڻ لاءِ آڇيو؛ مون
کيس چيو ته مان پنهنجو صوف پاڻ ڇليندسين؛ تڏهين
سام کيس ٻڌايو ته اسين ڪچي شيءِ پنهنجي ئي هٿ سان
ڇلي کائيندا آهيون! ڪالهه جيئن ڊپٽي صاحب انهيءَ
ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته سام کيس هن ريت جواب
ڏنو: ”انهيءَ ۾ نه ايمان جي ڪا ڳالهه آهي ۽ نه
ڌاريائي جي؛ پاڻ اسين توهان کي ايترو ته پنهنجو
سمجهو ٿا جو بي حجاب پنهنجا خيال توهان کي ٻڌائي
ٿا ڏيون؛ اهو خيال ڪونه ٿا ڪريون ته متان توهان
ڪجهه دل ۾ ڪريو. جتي اڳلو تمام ناراض ٿيندو آهي ته
اُتي ڪن حالتن ۾، هٿ جي ڇهيل شيءِ به ست ڪري کائي
ويندا آهيون. عام طور اِهو اصول چڱو اهي ته ٻئي
ڪنهن جي هٿ جي ڇهيل شيءِ خاص ڪري ڪچي، ڌوئڻ
کانسواءِ نه کائجي. ڇا لاءِ جو هٿ ۾ پگهر رهي ٿو ۽
عام طور ماڻهو هٿ ايترو صاف ڪونه ٿا رکن. اسان جي
ملڪ ۾ ته خاص اهڙي پرهيز جي ضرورت آهي. ڪيترن
سڌريل ملڪن ۾ هٿ کاڌي لاءِ بلڪل ڪم آندو نٿو وڃي.
مان انهيءَ خيال جو نه آهيان ته پنهنجي کائڻ لاءِ
هرو ڀرو چمچا، ڪانٽا، ڇريون هر وقت ڪم آڻيون. مگر
پنهنجي هٿ سان پاڻ کائڻ ۽ ٻئي جي هٿ سان وڍيل شيءِ
کائڻ تنهن ۾ گهڻو فرق آهي. منهنجو هڪڙو دوست بئرن
هوون، هڪ روسي ڪرستان، دکن فرانس ۾ رهندو هو. اُتي
مان جڏهين وٽس هيس تڏهين مونکي ڏسي عجب لڳو ته هو
۽ سندس گهر وارا ولايت جي تهذيب جي اُبتڙ کاڌو،
جيتريقدر ٿي سگهي، هٿ سان پيا کائين! نه فقط ايترو
پر انهيءَ بئرن هوون جي اسٽيشنري يعني لفافن پنن
وغيره جي پٺ تي هٿ سان کائڻ جي فائدي ۾ پرچار جي
نموني ڪي ٽڪرا ڇپيل هئا. مان پنهنجي دوست سان شامل
راءِ ٿيس ته چمچي ڪانٽي جي پوري صفائي رکڻ کان
پنهنجي هٿ جي وقت بوقت صفائي رکڻ وڌيڪ آسان آهي.
ڪن حالتن ۾ ڪڙهي وغيره پترن کاڌن جي کائڻ لاءِ
چمچو ڪانٽو سهنجو ٿئي ٿو، جو ٻي صورت ۾ هٿ ۽ ٻوٿ
وغيره ٿڦجيو پون. پر ٻئي جي هٿ جي پگهريل شيءِ
کائڻ، سا ته هڪ نرالي ڳالهه آهي. اها هر حالت ۾
نقصانڪار آهي. ڇو ته توهين به ائين ڪريو جئن اسين
ڪريون ٿا؟“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ٿورو وقت اڳ، توهان قبول ڪيو ته ٻئي کي دک نه
پهچائڻ جي خيال کان سندس هٿان شيءِ ڪن حالتن ۾ وٺي
کائيندا آهيون. پوءِ هميشہ ڇو نه ٿا ائين ڪريو؟
جڏهين اهو قائدو توهان جو هٿ نه لائڻ وارو هميشہ
عمل ۾ به اچي نٿو سگهي ۽ سو بي هڪ ٻن ڀيرن ڀڃڻ سان
منجهائنس ڪو نقصان ڪونه ٿو ٿئي، ته پوءِ هميشہ ڇو
نه انهيءَ قائدي کي ٽوڙي ڇڏجي ۽ هن ملڪ جي عام
ماڻهن وانگر رهجي؟“
سام وراڻيو: ”جيڪڏهين ڪو قائدو صحت واري يا ٻئي ڪنهن چڱي اصول
تي بيٺل آهي پر سو تي پنج ڀيرا لاچار ٽوڙڻو پوي
ٿو، ته ائين نه چئبو ته پنجانوي ڀيرا قانون بحال
رکڻ ۾ منجهائنس فائدو ڪونه ٿيندو. شايد انهن
پنجانوي ڀيرن ۾ ڪيتريون بيماريون ۽ غلاظتون ٽري
وڃن.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”توهان ۽ اسان جي ڏيٺ فقيري خيال کان ٿي آهي ۽
نه زماني وارن وانگر. فقيرن کي جڳائي ته ايتريون
پائبندي نه رکن!
تڏهن منشي ڊپٽي صاحب کي ٻڌايو ته اسان جو دادا (سام) ڪا به ڪا
نه رکندو آهي؛ ڪيترا ڀيرا هريجن جي مندر ۾ خود
سندن هٿان پرشاد وٺي اُتي جو اُتي کائي ويندو آهي.
ڊپٽي صاحب کلي چيو ته پوءِ باقي منهنجي هٿن ۾ ڪهڙي غلاظت آهي؟
جي ڀنگين جو به هٿ لڳل کاڌو کائي سگهون ٿا ته ڇا
مان ڀنگين جهڙو به صفا نه آهيان؟“
سام چيو: ”هريجن مندر ۾ جيڪڏهين اسين ان وقت پرشايد وٺي نه
کائون ها ته اهو خيال شايد انهن کي ٿئي ها ته
اسين ڀنگي يا گهٽ ذات وارا آهيون، تڏهين اسان جو
پرشاد نه کاڌائون. اُتي سوال پيدا ٿي پيو انسانيت
جو انسانيت جي اصول کي ڇڏي صحت جو اصول مٿي ڪرڻو
نه هو. صحت وارو اصول خود انسانيت جي اصول جي ورڌ
ناهي، تڏهين به ان وقت جي اها تقاضا هئي ته هنن جي
خيال ۾ ڪو وگهن نه وجهجي. پنهنجي جاءِ تي انهن کي
اسين سمجهائيندا آهيون ته مندر ۾ صفائيءَ جا نيم
پورا رکو. اسان جون ڳالهيون پوءِ پاڻ چڱيءَ طرح
سمجهي سگهندا آهن؛ ان وقت انهن مان ڪي غلط فهميءَ
هيٺ اچي وڃن ها جي اسين پرشاد وٺڻ کان انڪار ڪريون
ها.“
سام وري ڊپٽي صاحب کي چيو: ”مونکي توهان جي سنگيت پروگرام
کانپوءِ چمچي سان پرشاد ورهائڻ واري ريت وڻندي
آهي. جيئن اهو نمونو اختيار ڪيو اٿو تئين اسان جا
ٻيا خيال به هڪ وقت اختيار ڪندو.“
***
|