سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 33

11-8-1957ع اڄ پريئر ڪلاس ۾ گيتا جي نائين اڌياءَ مان پڙهندي ”سام“ ”سسکم ڪرتويم“ اکر تي آيو؛ ان تي ويچار ڪندي سام چيو: ”سري ڪرشن ارجن کي چوي ٿو ته مان توکي اها وديا، اهو گيان ڏسيان ٿو جيڪو ”سسکم ڪرتويم“ آهي، يعني آسانيءَ سان عمل ۾ آڻي سگهجي ۽ جنهن جي هٿ ڪرڻ سان سک ملي؛ نه هو گيان  جو ڪنهن خاص حيلي يا مارگ سان ملي؛ ٿو؛ مگر اهو علم، اها وديا سڀڪو حاصل ڪري سگهي ٿو، ٻالڪ هجي يا وڏو، انڌو هجي يا منڊو، گونگو هجي يا ٻوڙو، شاهوڪار هجي يا غريب، مطلب ته ڪير به اهو علم پائي سگهي ٿو؛ ان لاءِ بي اي يا مئٽرڪ پاس ڪرڻ جي ضرورت نه آهي نه اهو فقط خيال جي يا ملڪ جي ليڊرن کي نصيب ٿئي ٿو. ان گيان حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا کپي؟ اهو گيان ڪهڙو آهي؟

سام چيو: ”گيتا جو گيان ڳوڙهو آهي؛ نائين اڌياءَ جي سکيا ستار سان ڏنل آهي جنهنجو مان هت تتسار ڏيان ٿو ۽ نه  ترجمو ڪريان ٿو؛ مگر اهو ويچار ڪندي ته ”سسکم ڪرتويم“ ڪهڙي وديا آهي، ڪي خيال من تي اچن ٿا جي مان توهان جي سامهون رکان ٿو گيان اندر جي روشني آهي جو نه ڪنهن ڊگريءَ جي پراپتيءَ سان مگر پريم ۽ شرڌا سان وڌي ٿو؛ مان جيڪر ٻن لفظن ۾ ان گيان جو بيان هن ريت ڪريان: اهو گيان آهي سچ جو گيان؛ اها روشني آهي سچ جي سورج جي روشني؛ سڇ جو اڀياس ڪريون ۽ سچ لاءِ چاهنا رکون؛ سچ آهي سڀني گڻن جي عمارت جو بنياد؛ جي سچا ٿياسون، سچ حاصل ڪيو سون ته  سمجهو سڀ گڻ پاتاسون. هڪ سنت ڳالهه آهي جنهن پنهنجي شش کان فقط هي وچن ورتو ته سچ ڳالهائيندس! هو هڪ چور ۽ ڊاڪو هو ۽ ان سنت جي منتر وٺڻ کان ڊڳو ٿي؛ کيس چيائين ته سائين مان ٻيو سڀ ڪجهه ڪري سگهندس مگر چوريءَ جو وڪار ڇڏي ڪونه سگهندس، ڇا لاءِ جو منهنجي سنگت چورن سان آهي تڏهين ان سنت کيس چيو، توکي جيڪي وڻي سو ڪر پر فقط هڪ پرتگيا ڪر ته مان هميشہ سچ ڳالهائيندس! ان چور اها پرتگيا ڪئي؛ جلد ئي بري سنگت ۾ هو وري چوري ڪري ٿو ۽ چوريءَ جو ڌن کڻي خوش ٿئي ٿو. هن پنهنجي گروءَ سان اهو شرط ڪيو هو ته مان چوري ڪندس پر ڪوڙ ڪونه ڳالهائيندس. جڏهن کائنس پڇا ٿي ته چوري ڪنهن ڪئي آهي ته هيڪر هٻڪي ويو، پر آخر قبول ڪرڻو پيس ته اها چوري مون ۽ فلاڻن فلاڻن ڪئي آهي؛ جيئن جو سندس ساٿين کي اها خبر پيئي تيئن انهن کي به اها چوري موٽائي ڏيڻي پيئي؛ آخر ان ريت ڏٺائين ته ڪا به چوري يا دغا يا ٻيو برو ڪم کيس ڦٻي نٿي سگهيو. سندس سنگتي به کائنس پاسو ڪرڻ لڳا؛ جو سچ ڳالهائي انهن کي به هو ڦاسائيءَ پيو ڇڏي. ان ريت سچ سڀني وڪارن کي ناس ڪري ٿو ڇڏي ۽ سچ لاءِ پريم رکڻ به سڀ ڪنهن انسان لاءِ آسان آهي؛ انڌو يا منڊو هجي، ڪو غريب يا شاهوڪار هجي ڪو ودوان يا اٻوجهه هجي ته به هو سچ سان پريم رکي سگهي ٿو ان لاءِ ڪو گيان يا علم يا ڪا ٻي سجاوٽ ضروري نه آهي. اها سچ جي روشني اسان سڀني جو ورثو آهي.“

***

 

 

22-9-1957ع اڄ لاءِ پريئر ڪلاس رکيل هو تعداد ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جو تمام ٿورو هو ساڻن ويجهو ويهي سام گفتگو ڪئي؛ انهن مان هڪڙي ڇوڪري ڪن ڇوڪرين جي پيرن صفا نه هئڻ ڏانهن ڌيان ڇڪايو جو انهن اسڪول جي گلم تي مٽي ٿڦي ڇڏي هئي. سام ارمان ظاهر ڪندي چيو: ”افسوس آهي جو پريئر ڪلاس جهڙي پوتر موقعي تي به صفائي رکي نه ٿي وڃي.

”مان مذهبن جي وچ ۾ ڀيٽ نه ٿو ڪريان، پر ڏٺو اٿم ته خاص ڪري سنڌ ۾ اسان جا هندو ڀائر پنهنجن ٽڪاڻن ۾ پورو انتظام ڪونه رکندا آهن؛ (اڄوڪي ميٽنگ ۾ سڀ هندو ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هئا). هندو جاتيءَ وارن جو پراچين طريقو ڪو ٻيو هو؛ هينئر ته ٽڪاڻن  ۾ ۽ مندرن ۾ جڏهين ڪي ميڙ ٿين ٿا تڏهين نه ويهڻ جو پورو انتظام ڏسجي ٿو ۽ نه پرشاد جي ونڊڻ ورهائڻ جو. نه رڳو پرشاد صفائيءَ سان ورهايو نه ٿو وڃي پر ان جي وراهيت ۾ ڪي ماڻهو بکين وانگر هٿ ڊگهيڙي گهرندا آهن ۽ پروگرام جي وچ ۾ ٻاوا ٻانڀڻ پئسن جي وصولي ڪري ارداسون پٽن ڏيڻ جون يا منوڪامائن پوري ڪرڻ لاءِ ڪندا ڏسڻ ۾ ايندا آهن انهن جي ڀيٽ ۾ ڪرستانن جي ”ديولين ۾ ڪيڏو نه سٺو انتظام ۽ صفائي نظر اچي ٿي ۽ اسلامي جماعتن ۾ پڻ گهڻي قدر قانون نظر ايندو اٿم. مثال طور نماز پڙهڻ لاءِ صفون ٺاهيندا آهن ۽ نماز تي اچڻ کان اڳ هر ڪنهن کي هٿ منهن وغيره ڌوئي يعني وضو ڪري صفائيءَ سان اچڻو پوندو آهي؛ توهان خاص طور وديارٿي ٿي ڪري هي غفلت ڪيو ته ارمان جهڙي ڳالهه آهي. در اصل هي پريئر ڪلاس نه فقط پر هڪ ڪلچر (Culture) ڪلاس ڪري رٿيل هيو، جنهن ۾ مون آشا رکي هئي ته هاڻوڪي جهل جي حالت ۾ خاص ڪري اسان جي جاتيءَ وارا ۽ ٻيا به شريڪ ٿي ان سان اهو ڪڇ پرائيندا جو فقط سڪولي ڪتابن جي پڙهائڻ مان ملي نٿو سگهي، مگر گهڻو وقت ڏتڙيل حالت ۾ رهڻ ڪري ۽ جاتيءَ جي رهبرن جي لڏي وڃڻ ڪري اسان جي شاگردن جا من متل رهن ٿا؛ سندن وڏن کي اڄ ڪالهه پيٽ گذاري جي معاملن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو سمجهي ۽ پنگتي يا آدرشي جذبات چئجي کڻي دٻل رهي ٿي؛ توهان جي دل ۽ من جي مکڙين کي کولڻ لاءِ ڪوبه خاص اپاو ورتو ڪونه ٿو وڃي. جيئن بهار جي هوا ۽ سج جا ڪرڻا گلن جي مکڙين کولڻ لاءِ ضرروي آهن تيئن سچو سنگ يا صحبت دل من جي مکڙيءَ کولڻ لاءِ ضروري آهي؛ ۽ هي ڪلاس انهيءَ آشا سان کوليو اٿئون ته هت سهڻن ويچارن ۽ سهڻن خيالن جو سنگ ڪري، پرارٿنائون ڪري ۽ گيان ويچار ڪري، اسين اهو ڪڇ حاصل ڪريون جو اسان کي اٽي لٽي ۽ پيٽ گذاري کان به وڌيڪ گهربل آهي.“

تنهن کان پوءِ سام هڪ پريئر ڪئي جنهن ۾ خاص خيال هي هيو: ”هي پرڀو، اسان کي ته اها به خبر نه آهي ته ڇا اسان لاءِ ضروري آهي. تو وٽ بکاري ٿي دان وٺڻ اچون ٿا پر اها خبر نه اٿئون ته ڇا توکان گهرون!

تون اهو ڪجهه ڏي اسان کي جنهن ۾ ڀلو هجي اسانجو؛ جو پرائي اسين هيءَ جيون ياترا سڦلي ڪري سگهون؛ جو اٽي لٽي کان به وڌ هن مسافري زندگي جيءَ ۾ اسان جو زاد راهه ٿي رهي!“

***

  

4-11-1957ع  آرتوار تي پريئر ڪلاس ۾ اسان جي سڪول ۾ جيئن سام پستڪن مان پڙهيو ٿي ته سکمني صاحب پڙهندي اهي تڪون نڪتيون: ”برهم گياني سدانرليپ جئسي جل ۾ ڪمل اليپ.“ انهن تڪن تي ويچار ڪندي سام هن ريت ڳالهائيو: ”هي سنسار هڪ مهاساگر جي مثل آهي جنهن ۾ اميدن ۽ ارمانن جون ڇوليون لڳن ٿيون؛ جنهن ۾ طمع جا طوفان لڳن ٿا؛ انهيءَ ۾ اهڙي ريت رهڻو آهي جيئن منجهس ٻڏي نه وڃون يعني اُهي چنتائون اميدون ۽ ارمان اسان جي آتما ۾ گهري نه وڃن، مگر سنساري زندگي هڪ ياترا سمجهي انهيءَ جي دک سک جا ويچار اُتي ئي ڇڏي، پاڻ کي يعني پنهنجي آتما کي هر حالت ۾ ثابت سلامت رکون؛ ڪمل گل جو ويچار ڪريو: ڪمل گل کي ڊگهي ڏانڊي ٿيندي آهي جا پاڻيءَ جي تر کان ئي نڪرندي آهي؛ تلاو ۾ پاڻي ڪيترو به وڌي پر گل ان ۾ ڪڏهين ڪين ٻڏي؛ هر هڪ ڇوليءَ سان هو مٿي چڙهندو اچي؛ رهي به پاڻيءَ ۾ ۽ رهي به نرليپ! اها آهي ريت جنهن سان اسان سڀني کي پنهنجي آتما جي رکيا ڪرڻ کپي؛ هن جسم جي رکيا لاءِ ڪيڏا نه اپاو ڪريون ٿا ۽ ڪوشش ڪريون ٿا ته جئن ان کي بک ڏک نه ستائي؛ مگر سڀ کان اتم شيءِ جا اسين پاڻ سان کنيو وتون ٿا سا آهي اسان جي آتما؛ افسوس جو انهيءَ جي سنڀال جي اسين ڪا چنتا ڪونه ٿا رکون! مثال طور ڪو اعتراض جوڳو ڪم آهي جنهن ۾ ڪوڙ جي ضرورت آهي؛ ڪو اعتراض جوڳو ڪمائيءَ جو ذريعو آهي جنهن ۾ آتما کي هاڃي رسي ٿي؛ اهڙا ڪيترا ڪم ۽ ارادا اسين روز ڪريون ٿا ۽ جيڪڏهين انهن تي ٻئي ڪنهن جي نظر نه ٿي پوي ته پاڻ انهن کي ڍڪي ڇڏيون ٿا؛ مگر تنهن هوندي به انهن مان اسان کي هاڃي رسي ٿي، ڇا لاءِ جو برائي چاهي ڍڪيل يا اگهاڙي هجي اها ساڳيءَ ريت هاڃيڪار آهي؛ اڃان به لڪ ۾ اها پنهنجو اثر وڌيڪ زهري ڪري ڇڏي ٿي؛ انريت گويا کيس خلاصو ميدان ملي ٿو. تنهن ڪري هي ويچار مان اڄ توهان جي اڳيان رکان ٿو ته سڀ ڪم ۾ پهريائين اهو خيال ڪريون ته انهيءَ جي ڪرڻ سان اسين ڪو آتما جو قانون ته نه ٿا اولنگهن ڪريون؟ نفعي نقصان جا خيال، سک يا دک جا خيال پوءِ رکون ۽ اول اها چنتا رکون ته جيئن آتما اسان جي نرليپ رهي.“

***

 

 

23-2-1958ع  هتان جو سول سرجن سام جو دوست ٿي ويو آهي؛ سام کيس هڪ ڪتاب سوکڙي ڏيندي انگريزيءَ ۾ ائين لکيو ته منهجي 1957 جي تون هڪ حاصل ڪيل چيز آهين! هو ڪڏهن ڪڏهن اسان وٽ ايندو آهي توڙي جو اسين ايترو هن وٽ وڃي ڪونه سگهندا آهيون. اڄ جنهن وقت هو آيو ته سام سنڌيا جي وقت ڪنڊ ۾ هڪ تڏي تي ويٺو هو؛ ملڻ وقت سول سرجن کائنس پڇيو ته پريئر توهان جي ڪهڙي دستور ٿيندي آهي، سو مون کي سمجهايو. سام کيس چيو: ”اسين فقط پاڻ کي گڏ ڪرڻ يا جاڳائڻ يا سمجهو يڪوجوديءَ ۾ آڻڻ جو ساڌن ڪندا آهيون.“

 سول سرجن چيو: ”اهو ڇا آهي” مون کي وڌيڪ چٽو ڪري ٻڌايو.“

سام چيو: ”گهڻن ڪمن سودائن ۽ حرصن ۾ انسان جو خيال ڀڄي پرزا پرزا ٿي پوي ٿو؛ انهيءَ کي وري گڏ ڪري يا يڪوجوديءَ ۾ آڻڻ لاءِ ايڪانت يا شانتيءَ جي ماحول ۾ ويهي ڌيان ڪرڻ هڪ سٺو اپاءُ آهي.“

سول سرجن چيو: ”مون ته ڏٺو آهي، ڪيتري به ڪوشش ڪريو ته انسان جو من پيو ڀٽڪي ضرور؛ ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا خيال پيا اچن؛ انهن کي ڪيئن ٿو ٽاري سگهجي؟“

سام چيو: ”اسين انهن کي ٽارڻ جو ساڌن ڪونه ڪندا آهيون. اهي خيال ۽ خواهشون خود اوهان جي من (Mind) جو ڀاڱو آهن؛ انهن کي تڙي ڪڍڻ ضروري نه آهي. انهن کي ڇڏيو ته ڀل اچن، ڪٿان به اچن ۽ ڪيتري انداز ۾ به اچن؛ پر هڪ وڏو ماڻ يا وڏو شوق يا وڏو خيال هجي جنهن ۾ اهي سڀ سمائيا وڃن؛ انهن ۾ خود ايڪتا آڻبي آهي. مثال طور ڪجهه سال ٿيا جڏهن مان هڪ آدرشي صورت کي اهو ماڻ ڪري رکندو هيس؛ اها صورت ٻڌ، ڪرشن، ڪرائيسٽ، محمد يا ٻي ڪنهن به آدرشي انسان جي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ سڀ خيال حرص، صورتون، ماڻپون، زمينون، آڪاش ڌرتيءَ وغيره جا نظارا سمائجي وڃن، يعني ان سان ايتري لگن هجي. اهو هڪ طريقو يڪوجوديءَ يا خيال جي هيڪڙائيءَ حاصل ڪرڻ جو آهي. پر جيڪڏهين اهڙو ڪو نقش يا تصور نه به رکجي ۽ فقط پنهنجي خيالن جو پاڻ ئي تماشبين تي بيهي ڏسجي؛ يعني انهن کان الڳ ٿي ڏسجي يا انهن کي وساري ڇڏجي يا انهن کي به ڀل پنهنجي پنهنجي صورت وٺڻ ڏجي ۽ خاص لگن ڪنهن سان نه رکجي. ته پوءِ اهي حرص يا خيال پريشان ڪين ڪندا مگر روح جي وڏيءَ هستيءَ ۾ پنهنجي پنهنجي ننڍڙيءَ جاءِ وٺي گم ٿي ويندا.“

سام وڌيڪ چيو: ”جي توهان کي وڌيڪ چاهه هوندو ته ڪنهن وقت سرلا کي ٻڌايل اهڙا آزمودا يا درشن جي هن درج ڪيا آهن، سي توهان کي پڙهي ٻڌائيندا.“

مون چيو: ”ادا، توهان اهي ضرور ٻڌجو ۽ مان توهان کي ٻڌائيندس ته ڪيئن، ڪيتريون ڳالهيون اڳواٽ ان وقت سام جيڪي چيون هيون سي پوءِ پوريون نڪتيون. پر مون پاڻ به ڏٺو آهي ته ايڪانت ۾ ويهڻ سان ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪنهن منجهيل بيمار لاءِ ڪو نئون علاج سجهي ايندو اٿم ۽ اهو گهڻو ڪري ڪارگر ٿيندو آهي.“

سام چيو: ”ان ۾ ڪا ڪرامت جي ڳالهه ڪانه آهي فقط خيال کي نج ۽ صاف ڪرڻ سان ئي اهو هڪ تکو اوزار ٿي پوي ٿو. هونءَ پريشانيءَ ۾ اچي ڪري اهو بي ڪار ٿي پوي ٿو ۽ ان جي تکائي يا اثر گهٽجي وڃي ٿو.“

***

 

 

18-2-1958ع  اسين نئين سال يعني 1 جنوري 1958 تي اڳين پراڻي جاءِ ڇڏي هڪ نئينءَ جاءِ ۾ اچي ويٺا آهيون جا شهر جي هڪ طرف آهي ۽ چوڌاريءَ باغات ۽ هڪ نهر جو نظارو اٿس. سام هت اچڻ کان اڳ ۾ چوندو هو ته نئين جاءِ  ۾ ويهڻ به هڪ آسيس آهي، توڙي جو اها ننڍڙي هجي مگر هيءَ جاءِ ته بلڪل ڪشادي، ذري گهٽ اسان جي طيب واري بنگلي جيتري آهي ۽ جي شهر کان ڪڇ دور آهي ته ان ڳالهه جو پڻ ارمان ڪونه اٿئون ڇا لاءِ جو هت ڪافي ايڪانت ۽ آرام آهن. مون جو ڪيترا سال ڪا هوا جي تبديلي ڪا نه ڪئي آهي ته مون کي هت اچڻ سان ڄڻ اها مٽ سٽ هوا جي وڻي وئي آهي، ۽ صحت ۾ سڌارو محسوس ڪيو اٿم هن مٽا سٽا ۽ نئين بهار جي اچڻ ڪري سام پڻ هت اچي ڪيترا نوان شعر لکيا آهن. ازانسواءِ سندس شعر جو اتارو ۽ سڌارو جو گهڻي ڀاڱي رهيل هو سو هت اچي هٿ ۾ کنيو اٿئون؛ هن وڏي جاءِ ۾ گهڻيون تصويرون گهربل هيون ڪجهه تصويرون سري ڪرشن ۽ ٻين ديوتائن جون مليون آهن؛ مون کي پنهنجي نيم انوسار انهن سڀني وٽ وڃي آسيس وٺڻي پوندي آهي؛ منهنجن مديني منور جي مسجد جي تصوير به آهي. منهنجو هڪ اهو به نيم آهي ته انهن مورتين کي نمسڪار ڪري اهو دعا جو هٿ سڀني کان ڦيرائي سام کي اچي گهمائيندي آهيان، جيتوڻيڪ سام جي سکيا موجب ايترو به سمجهندي آهيان ته هر جاءِ اهو هڪ ڀڳوان آهي جو هڪ ئي تصوير مان يا بنا تصوير جي به ڌيائي سگهجي ٿو؛ مگر هيءَ هڪ منهنجي دل جي وڻندڙ وندر يا ورزش ٿي ويئي آهي جا هت تصويرن جي تعداد وڌيل هوندي به پوري ڪندي آهيان. اڄ جيئن اهو هٿ سڀني مورتين وٽان دعا جو ڀري سام کي گهمايم تيئن هن چيو:

”منو! جيئن تون هڪ هڪ مورتيءَ وٽان دعا پني اچين ٿي تيئن مون پنهنجي ڌيان ڪرڻ وقت نيئن بسنت رنوءَ جي اثر هيٺ اچي ڪري اڄ توکي هڪ نرالي قسم جي دعا ڪئي آهي. هي وڻ ٽڻ، گل ڦل، زمين، هوا، آڪاش، پلي پسون ۽ ٻيون سڀ صورتون ايشور جون ڏسي انهن کان دعا وٺي ميڙي سيڙي توکي خيالي رستي اچي هٿ گهمايم ۽ ائين ڀانيم ته جيڪي شيون توکي پياريون آهن سي مون کي به پياريون آهن ۽ جيڪي شيون يا ماڻهو مون کي پيارا آهن سي توکي به پيارا آهن. اهو خيال ڪندي پنهنجي سڀني عزيزن، تنهنجي ڀائرن ڀينرن ۽ پنهنجي ٻارن ڀائرن، دوستن وغيره کي پڻ ساڳيون دعائون ڏنم.“

***

 

 

25-4-1958ع  مون کي رات بخار هو جنهن جي اثر هيٺ اچي ڪري ڪڇ نه ڪڇ ڳالهائڻ لڳس سام چيو ته اهڙن وقتن تي جو ڪڇ ڳالهائجي ٿو سو به گهڻو ڪري بي سود نه آهي؛ پاڻ ڪڏهين ڪڏهين حجاب جي پردي يا عقل جي رواجي روڪ لهڻ ڪري انسان اهي ڳالهيون انهن وقتن تي چئي ٿو ڇڏي جي سندس اندر جو پورو پورو راز بتائن ٿيون. مون جيڪي لفظ ان وقت چيا سي سام چيو ته درج ڪرڻ جهڙا آهن، اهي هن ريت هئا:

مون سام کي سڏي چيو: ”خبر ناهه مري وڃان؛ پر اهو توکي ٻڌائڻ ٿي گهران ته منهنجي دل ۾ هڪ اٿاهه ساگر پيار جو آهي جو فقط تنهنجي لاءِ آهي؛ توڙي جو ان ۾ ڪي نانگ بلائون به هجن. ان ۾ مائٽن مٽن جو ڪوبه حصو ڪونه آهي!“

سام چيو: ”ائين برابر آهي ته اهي ڪروڌ روپي نانگ بلائون، ننڍيون ننڍيون نفس جون ڄؤرون جي اسين پاڻ اندر ڌاريون ٿا، سي ڪڏهن به ان اونهي ساگر جي مهما گهٽائي ڪونه ٿيون سگهن! انهن هوندي به پريم پاڪ آهي، جيئن دريا جو پاڻي هميشہ پاڪ آهي توڙي جو منجهس سپ يا مڇ رهن ٿا، توڙي جو منجهس خود مڙدا لڙهندا اچن ٿا. هي هٺ وير يا ساڙ روپي جيوڙا پريم پنهنجي وهڪري ۾ صاف ڪري ڇڏي ٿو. گنگا جل پوتر آهي توڙي منجهس هزارها ماڻهو هاٺيون ميڙي وجهن ٿا؛ سندس تيز وهڪري ۾ سڀ جيوڙا مري وڃن ٿا، اهڙي طرح جي اسان جي دل جو درياهه وهندڙ آهي يعني منجهس جي ڪا عقل جي روڪ ٽوڪ يا ڪو نفس جو وڏو مونجهارو يا دوئيءَ جو بند ڪون آهي ته ان کي ميلي ٿيڻ جو ڪو ڊپ ڪونه آهي. اسان جا ننڍڙا تفاوت اسان جي پريم جي پاڪائي ۾ ڪوبه تفاوت آڻي ڪين ٿا سگهن.“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org