سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

 

صفحو : 12

هن ٻڌر تي قرآن شريف جي سمجهاڻيءَ بابت پڻ ٻين ڳالهين جي وچ ۾ گفتگو هليو، جنهن جو تتسار هي آهي:

صوفي صاحب چيو: ”اهي مولوي جاهل آهن جيڪي قرآن شريف ۾ جهاد کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڏسن ئي نٿا يا جهاد تي خاص زور ڏيئي فساد وڌائن ٿا؛ اهي جهاد واريون ڳالهيون ڪن خاص حالت سان واسطو رکن ٿيو. قرآن جي اندروني معنيٰ ۾ هو وڃن ئي ڪونه ٿا، باقي اهڙيون ڳالهيون چونڊي ڪڍن ٿا جن مان سندن خيال کي ٽيڪ ملي.

ڊپٽي صاحب چيو: ”ان کان سواءِ هي پڻ سوال آهي ته جيڪي ڳالهيون اسلام جي پيغمبر عرب ۾ ڏسيون، سي هروڀرو هت اسان کي ڏسي ها ڇا؟ مان ٿو چوان ته جي حضرت محمد ڪاشيءَ ۾ پيدا ٿئي ها ته چار زالون هڪ ماڻهو لاءِ شايد جائز ڪين ٺهرايون وڃن ها؛ انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته اسلام ڪاشيءَ وارن لاءِ نه آهي پر مان ائين ٿو چوان ته ڪاشيءَ وارن جي حالتن آهر اسلام ۾ ئي خود ٻي واٽ ڏسيل هوندي ۽ ڇو نه انهن ئي ڳالهين تي زور ڏيون جي اسان جي حالتن سان ٺهڪندڙ هجن؟ قرآن يا ٻيو ڪو مذهب ڪتاب بيشڪ  الله جي هڪ سنيهي يا خط مثل سمجهڻ گهرجي ۽ جڏهين گهرج پوي ته اهو خط کولي چڱيءَ طرح پڙهي ڏسجي؛ پر حالتن آهر ئي منجهائنس ڏنل سمجهاڻي وٺجي.“

سام چيو: مان ائين ٿو سمجهان ته اهو خط اصل ۾ انسان جي قلب تي ئي لکيل آهي؛وري نئين سر اهو خط پڙهي ڏسڻ، سو آهي دلجي ڪتاب جو دور ڪرڻ. گهڙيءَ گهڙيءَ حق جي سنيهي جي درڪاري آهي. اڳين پيغمبرن جي وارتا ٻڌڻ به چڱي آهي، ڇا لاءِ جو اهي به حق جي شاهدي ڏين ٿا؛ پر جيئن اڳي مون هي خيال پيش ڪيو آهي، ڪرم وانگر ڌرم جو سرشتو به ازخود هلندڙ (Automatic) هئڻ گهرجي، جئن نئين سر پيدا ٿيندڙ حالتن ۾ انسان پنهنجي قلب جي ڪتاب ۾ جهاتي پائي الله جو تازي ۾ تازو اعلان پڙهي سگهي. انهيءَ جي سمجهڻ لاءِ قرآن، گيان، ويد، انجيل ۽ ٻيا ڪتاب پڻ مدد ڪري سگهن ٿا.“

وڌيڪ سمجهاڻي هن سوال تي جيڪا سام ڏني سا اڳ هن ڊائريءَ ۾ ڏنل آهي.

***

 

 

21-8-1951ع ڪيترن ڏينهن کان منجهند جي آرام کانپوءِ پهريائين رامائڻ هنديءَ ۾ پڙهندا آهيون. ان وقت هڪڙو ڇوڪرو امر نالي پڻ ايندو آهي. اڄ سام کائنس  پڇيو: ”تون ته هندي سمجهندو هوندين؟“

اهو سوال سام ان ڪري پڇيس جو منشو هميشه چوندو آهي ته رامائڻ هنديءَ ۾ اسانکي سمجهه ۾ نٿو اچي؛ تنهن ڪري ڪٿا ڪري ٻڌايو. مگر سام پاڻ ڪٿا ڪرڻ پسند نه ڪندو آهي. اڄ جڏهين وري ڇوڪرن ڪٿا لاءِ گهر ڪئي ته چيائين: ”اسانکي ڀو ٿو ٿئي ته متان ڪٿائون ڪري ٻاوا بڻجي پئون! ۽ اسين ڪٿا ڪرڻ  جي لائق به نه آهيون جهڙو آهه رامائڻ جو پڙهندڙ (ڊاڪثر سرلا) تهڙا اسان (سام) ٻيئي آهيون روئڻا. رامائڻ ۾ ڪا ڳالهه پريم يا وئراڳ جي نڪري ته اسين ڳوڙها پيا ڳاڙيون؛ پوءِ ٻين ڇا کي ٻڌايون؟“

ڪتاب ٻڌڻ وقت سام گهڻو ڪري پنهنجي خيال ۾ محو ٿي ويندو آهي. منشي جي ستائڻ تي ڪڏهين رامائڻ جي پڙهائيءَ کانپوءِ هنکي ٿورو تتسار ٻڌائيندو آهي. مگر ائين پسند ڪندو آهي ته جيڪر اهو به کائنس ڪونه پڇيو وڃي.

سام چيو: ”آکاڻي جو پد پد ڪري اسين به ڪونه سمجهندا آهيون. هڪ ئي اشاري سان ڪڏهين مطلب من جو راس ٿي ويندو آهي ۽ خيال خاص واقعن بيان ڪيلن کان راس ٽپي اندرين مطلب ۾ محو ٿي ويندو آهي. اهو اندريون پاسو ڳالهه جو حقيقت ۾ ڪو جدا پاسو نه آهي. پريم احساس جي ڏور جو هڪڙو ڇيڙو آهي؛ ٻيو ڇيڙو گيان آهي. پريم جي چوٽيءَ تي چڙهڻ سان خيال گيان ۽ سمجهه جي دائري مان صفا گم ٿي ڪونه ويندو آهي. من سماڌيءَ ۾ اچي ڪري به سڀ ڪجهه سمجهي سگهي ٿو. اسين ته خاص ڪري هن پڙهائيءَ کي خيال جي هڪ ڏاڪڻ ڪري ڪم آڻيندا آهيون. سُر شبد جي ٽيڪ آهي. شبد خيال جي ٽيڪ آهي. جيئن سر سان رامائڻ ٻڌبو آهي، تئين خيال جوڳيءَ جي نانگ مثل مٺي آلاپ ٻڌي، اُڀوئي اُڀو چوٽ چڙهي جهولي ٿو. مگر سندس پاڙ يعني هيٺيون ڌڙ احساس جي پنڊيءَ اندرئي رهي ٿو. ڪڏهن ڪو پريم ڀريو اگر ٻڌجي ته تصور جي ٽيڪ ملي وڃي ٿي؛ اتان خيال کي ڄڻ ڪا لفٽ ملي وڃي ٿي!“

امر چيو: ”مون اڃان گروءَ کان شبد ڪونه ورتو آهي. تنهن ڪري منهنجو خيال ٻين پاسن ڏانهن ٿڙي وڃي ٿو. شبد وٺڻ جي چاهنا اٿم پر ماتا پتا ان ڳالهه ۾ رنج ٿين ٿا.“

سام چيو: ”اها وڏي عجب جهڙي ڳالهه آهي! چڱيءَ رستي تي هلڻ کان ماءُ پيءُ ڇو ٿا روڪين؟ اهو ڀؤ اٿن ڇا ته متان پئسي جي ڪمائي بيهجي وڃي؟ پر ان بندش جو نتيجو اهو ٿيندو جو طلب پاڻ اڳي کان تيز ٿيندي ۽ هونئن ترڪ ۾ چار سال پون ته هينئن هڪ سال اندر اچي ويندو. جيئن جيئن ٿا جهيلن تيئن تيئن ٿو تاڪيد ٿئي.“

***

 

 

24-8-1951ع منشي اڄ سام کان پڇيو ته توهان جو گرو ڪير آهي؟ سام کيس کلي چيو: ”ڇو ڪنهن ٻائي ڏانهن وٺي هلڻو اٿئي ڇا؟ پر تنهنجي ٽڪاڻي جا ٻاوا ته آفيسرن جا ٽڪاڻا ڀيٽيندا ڏسبا آهن.“

منشي چئي ڏنو: ”سائين! ڪو ته مڙيوئي گرو هجي.“

سام وري کلي چيو: ”اهڙو ته ڪو تلاءُ هجي جنهن ۾ اسان جي من جي مڇلي ماپي سگهي. تنهنجي ڀلا ڇا مرضي آهي؟“

منشو جواب ڏيئي ڪونه سگهيو، پر سام ٿوري وقت کان پوءِ پاڻهي چيو: ”گرو پاڻ پرماتما آهي؛ سندس گرنٿ انسان جو قلب آهي جنهن جو آواز اسين هردم ٻڌون پيا! طريقت جو گرو ضروري آهي پر سو به فقط ڏس ڏيئي سگهي ٿو؛ پنڌ پاڻ کي ڪرڻو آهي. گهڻا ته وڏي نالي وارا گرو ڪري ماٺ ڪيو ويٺا رهن. وڏي اهميت جو سوال اهو آهي ته مون ڪيترو پنڌ ڪيو آهي، نه اهو ته منهنجو گرو ڪهڙو آهي.“

ٿوري دير بعد وري سام چيو: ”قدرت هر ڪنهن کي پير پاڻ اندر جاڳائي ڏنو آهي. جيوت جي راه ۾ هر ڪنهن ياتريءَ کي قدرت پنهنجي پنهنجي جوت هٿ ۾ ڏئي ڇڏي آهي، جئن ڪو قدرت کي ميار نه ڏئي ته روشنيءَ جي نه ملڻ ڪري رستو ڪونه مليو! فقط پريم گهرجي؛ دل جي تيز تمنا هجي، پوءِ ايشور پري نه آهي. الله ڪنهن آسمان جي گفا ۾ ڪو نه وڃي لڪو آهي. هو پاڻ انسان لاءِ هر هنڌ ۽ هر ويل ڦري رهيو آهي. الله جي ڏسڻ لاءِ نه ڪي جادو يا رمل کپن، نه ڪي اٽڪلون ۽ حيلا گهرجن. فقط پريم جي گهرج آهي. اهو پريم سنگ يا صحبت مان اُپجي ٿو ۽ گرو انهيءَ سنگ جو ٻيو نالو اهي. ڀلا جيڪو ماڻهو ٻوڙو هجي ۽ منتر گروءَ کان ٻڌي نه سگهي يا انڌو هجي ۽ ڪو شاستر پراڻ پڙهي يا سمجهي نه سگهي، ان لاءِ الله جي ملڻ جي اميد ٿي سگهي ٿي يا نه؟ جا شيءِ خلقي اٿس، سا پنهنجي ٻج مان؛ پوءِ اها ڪيئن نه ڦرندي، ڪيئن نه وصلت جو ميوو پائيندي؟

”حضرت موسيٰ جي هڪڙي ڳالهه ڪندا آهن؛ هو رستي تان لنگهيو ٿي؛ ڏٺائين ته هڪ شخص گهڻي محبت سان ذڪر الله جو ڪري رهيو آهي پر الله جو نالو هن غلط نموني هڪ چور جي واتان ٻڌو هو؛ هو ان ۾ ايترو ته مگهن هيو، جو جڏهين حضرت موسيٰ هنکي سڏ ڪري حق جي سمجهاڻي ڏني تڏهن هن کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هن جو ذڪر بند ٿي ويو؛ چون ٿا ته حضرت موسيٰ کي الاهي اعلان ٿيو ته اي موسيٰ! تو اسان جي دوست کي ڇو اسان کان جدا ڪري ڇڏيو؟ هو اسان سان مليل هو پر تو پنهنجي سمجهاڻيءَ سان هن جو ايمان ٽوڙي وڌو! هن ڳالهه جو هي مطلب آهي ته گروءَ يا مرشد جي وڏائي نه پر پنهنجي محبت ۽ پنهنجي ڪمائي ئي حق جي راه ۾ ڪم اچي ٿي. چور جي ڏس سان به هن شخص وڃي الله کي پاتو، هوڏانهن پيغمبر موسيٰ جي ڏس هن کي گمراهه ڪري ڇڏيو.

”ٻي هڪ ڳالهه حضرت موسيٰ جي آهي ته هڪ ريڍار ويٺي الله سان حال اوريو ۽ چيو، او الله! اچ ته مان توکي پنهنجي رڍن جو کير پئاريان! حضرت موسيٰ انکي خبردار ڪري چيو ته الله کير ڪين پيئندو آهي؛ هو بي چون  ۽ بيمثل آهي! ته حضرت موسيٰ کي الاهي اعلان ٿيو ته اي موسيٰ، تو هيءُ گناه ڪيو آهي جو منهنجي هڪ ڀڳت کي گمراه ڪري مون کان وڇوڙي ڇڏيءِ!

”هن ڳالهه ۾ اسانجو مطلب هيءُ آهي ته الله جي ڳولا لاءِ ڪو به سياڻپ وارو طرز طريقو ضروري نه آهي؛ فقط الله جي محبت من ۾ هجي. طرز طريقو به محبت کي وڌائڻ لاءِ آهي؛ پر جڏهن ڪنهن به طريقي تي خاص زور ڏجي ٿو ۽ انکي محبت کان اول رکي جي ٿو، تڏهين اهو راه ۾ هڪ رنڊڪ بڻجي ٿو پوي؛ جڏهن عشق مڪمل ٿئي ٿو تڏهن سڀ طريقا ڪارگر نظر اچن ٿا. ڪي ستار جا سکندڙ عمر سڄي سا-ري-گ-م وڄائيندا رهن ٿا يا لکيل گتيون ڳائيندا رهن ٿا؛ جيڪي من جون مينڍون سڻي هٿ کي ڇوٽ ڇڏن ٿا، سيئي جوڙ وڄائين ٿا! جئن شاه چيو آهي ’سڪ رساڻي سوهڻي اصل عاشقن!. جيڪي منزل تي پڳا آهن انهن ائين ئي چيو آهي. ٻيون سڀ ٻڌل ڳالهيون آهن.“

***

 

 

25-8-1951ع اڄ شام جو ڊپٽي صاحب؛ صوفي صاحب، هتان جو هڪ مشهور شاعر (جنهن کي هت اسين انجنير صاحب ڪري سڏينداسين) ۽ ٻيا ٻه ٽي ڄڻا گڏجي آيا.

صوفي صاحب پنهنجي تازي سئر جو احوال ڏنو ۽ چيائين؛ ”هڪ هندو فقير سان سکر ضلع ۾ ملڻ ٿيو. سندس آستان جي ويجهو ننڍيون ننڍيون ٽڪريون هيون. فقير پاڻ بي ڀؤ ٿيو ويٺو هو ۽ چيائين ته هندو پاڪستان مان لڏي ويا آهن، مگر اسان کي ته ٻنهين ملڪن ۾ ڪو تفاوت نظر نٿو اچي. سندس زال تمام ڪروڌڻ هئي. ٿوري گهڻي ڳالهه تي پيئي ڪر ڪر ڪري. فقير جيڪي چوي ته هوءَ ان جي ابتڙ پيئي ٻولي! منهنجي دل ۾ هڪ سوال اٿيو ۽ اهو مان اوهان کان پڇان ٿو؛ فقير لاءِ زمانو يا گرهست ڪيتري قدر چڱو ٿي سگهي ٿو؟“

مون کيس جواب ڏنو: ”جيڪو توهان فقير جو احوال ٻڌايو ٿا، ان موجب سندس گهر واريءَ جي ڪر ڪر فقير لاءِ هڪ ڪسوٽي ڪري سمجهڻ گهرجي. زمانو فقير لاءِ ڪيتري قدر چڱو ثابت ٿيو يا نه ٿيو، ان جو اندازو تڏهين لڳائي سگهبو جڏهين توهين ٻڌائيندا ته فقير ان ڪسوٽي تي ڪيترو سچو ثابت ٿيو.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”اهوئي سچو جواب آهي ته فقير ڪر ڪر محسوس ئي ڇو ڪري؟ هو ته انهيءَ ۾ ئي پنهنجو يار ويٺو ڏسي. گرهست خراب نه آهي پر گرهست سان موهه رکڻ خراب آهي. نرموهه ٿي رهڻ سوئي سچو علاج آهي.“

صوفي صاحب سام ڏانهن منهن ڪري چيو: ”اوهان جو ڇا رايو آهي!“

سام چيو: ”سنسار پٿر يا روهيءَ مثل آهي. فقير جو خيال ڪاتيءَ مثل آهي. جي ابتو وهايو ته پٿر ڪاتيءَ کي مڏو ڪري ڇڏيندو پر جي ڪنهن طرز طريقي سان ڪاتي سڌي رکي لايو ته سنسار خيال جي ڪاتيءَ کي ويتر تيز بڻائيندو. طرز رکڻ جو مطلب هي آهي ته گرهست ۾ ساڌوءَ کي ڪي عمل ۽ رمل هئڻ گهرجن. سنسار کي هڪ سانهر سمجهي مٿس پختو ٿي بيهي ته اهو خيال ۽ خوديءَ جا پٿر سڀ ڀڃي وجهندو.

”ٽڪرن تان برسات پوڻ سبب پٿر پٽجي هيٺ ڪرن ٿا؛ ڌڪا کائي کائي پاڻيءَ ۾ لڙهي هلن ٿا؛ اهڙيءَ طرح ڪچون ڪنڊون ڀڄي پون ٿيون ۽ باقي پڪا گول، لسا روهيءَ مثل صاف وچ وڃي بچن ٿا؛ ڪي پٿرن جا ٽڪرا وري پرزا پرزا ٿي پوءِ واريءَ جا داڻا بڻجي پون ٿا. انهن جو ته هيڪاري ٻيڻو ملهه آهي. گيان جي سمٽ سان گڏ نمرتا ۽ نيم جي واري خود پٿرن کان وڌيڪ مضبوط شيءِ بڻجيو پوي جا روحاني عمارت جي اڏاوت لاءِ ڪارگر ٿئي ٿي. هن نفس کي به سنسار جي ٽڪر تي ٽڪرائي، گرهست جي درياهه ۾ وهائي، داڻا داڻا ڪرڻو آهي. تنهن ڪري سنسار فقير لاءِ پار پوڻ جو ذريعو آهي، پر ڪچن لاءِ هڪ ڀور يعني ڪُن مثل آهي، جنهن ۾ هيڪر هو ڪرن ته وري جنم ڀر پيا گوتا کائين. تنهن ڪري شايد ڪن لاءِ ائن چڱو آهي ته اُن کوهه کان پاسو ڪري لنگهن يا ڪو تختو مٿانئس رکي پار پون. پاسو ڪرڻ سمجهو ته آهي برهم چريه جو يا ٻيو ڪو اصول اختيار ڪرڻ؛ تختو مٿان رکڻ آهي نيم سان گرهست ۾ گذارڻ. نمرتا پوروڪ رهڻ ۽ ڪي اصول سنسار ۾ قائم رکڻ ضروري آهن؛ پر سڀ ڪنهن لاءِ ساڳيو رستو ٿي نٿو سگهي. هن مسافريءَ ۾ همت، حوصلو، سوچ، ويچار ۽ سڀ عملي طرزون ڪم ڏين ٿيون. سڀ سٺا ساڌن پڻ ڪم ڏين ٿا. شاه جي لفظن ۾ چئون ته ’هٿين پيرين مونڙين هل پريان ڏي هل!‘ سڀ سٺا ساڌن اختيار ڪرڻا آهن. سنسار نانگ آهي؛ فقير جوڳي آهي؛ جوڳيءَ کي پنهنجا عمل رمل ضرور هئڻ گهرجن.“

ڳالهائيندي ڳالهائيندي صوفي صاحب وري ٻيو سوال اٿاريو جو هي آهي: ”فقير کي زماني ۾ ڪيئن هلڻ گهرجي؟ لوڪ جي مريادا رکجي يا نه؟“

انجنير صاحب چيو: ”ضرور رکڻ گهرجي.“

صوفي صاحب ڳالهه کي چٽو ڪري پڇيو: ”سمجهو ته فقير چڪلي ۾ وڃي ٿو ۽ چوي ٿو ته اتي به الله جو حسن ٿو ڏسان، ڇا لاءِ جو صوفي جو سڀ ۾ سئر آهي. انهيءَ کي توهان فقير ڪري سمجهندا نه؟“

انجنير صاحب چيو: ”فقير هوندو ته چڪلي ۾ ويندو ئي ڇو؟“

صوفي صاحب سام کان پڇيو: ”توهان پنهنجو رايو ٻڌايو.“

سام چيو: ”پهريون سوال آهي ته فقير ڪهڙي هستيءَ ۾ ڪيڏانهن وڃي ٿو؛ جي نفس جي ڇڪ ڪري وڃي ٿو ته فقير نه آهي؛ پر جي صرف سئر جي خيال کان لنگهي ٿو يا نفس کي تُڇ سمجهي ٿو ۽ سم درشٽي واري نظر رکي پنهنجي آتما جو ڪو مطلب پورو ڪري ٿو؛ يا  ديا ۽ محبت جي ڀاوَ وچان چڪلي وارن کي به انسان سمجهي هنن سان پنهنجي گيان جي ونڊ وراهه ڪري ٿو ته ان ۾ ڪو هرج ڪونه آهي. لوڪ مريادا جو سوال به اٿي ٿو ۽ فقير جي دل ۾ جيتري ديا چڪلي وارن لاءِ آهي، اوتري ديا لوڪن لاءِ پڻ هئڻ گهرجي؛ لوڪ جي چڱڀلائيءَ لاءِ جيڪي واجبي قانون لوڪ مريادا جا آهن سي جيتري قدر ٿي سگهن، فقير کي بجا آڻڻ گهرجن؛ مگر ايتري پائبندي ريت رسم جي نه گهرج جو سندس سئر ۾ ڪا رنڊڪ پوي؛ ايتري تنگدلي نه جڳائي جو خيال جا چشمائي سڪي وڃن؛ انهن چشمن تي لٽ وجهي اسين فقيريءَ جا جر نه بند ڪري ڇڏيون؛ اهو به وڏو خطرو آهي. ’پسر اين مَڪن‘ واري فلاسافي مٿاڇري آهي. هر ڪنهن ڳالهه جو حالتن موجب فيصلو ٿيڻ گهرجي.“

انجنير صاحب سام کي چيو: ”توهان جي هڪڙي ڪتاب ۾ پڻ ائين لکيل آهي ته Spirit & Form يعني آتما ۽ روپ جو پاڻ ۾ گهرو سنٻنڌ آهي؛  جي ڳالهين کي اسين ٻاهريون چئون ٿا، ۽ جيڪي ظاهر ۾ جسم سان لاڳو آهن، جهڙوڪ شراب پيئڻ، حرام کائڻ، چڪلي ۾ وڃڻ وغيره، تن جو به ڪو آتما تي اثر پوندو يا نه؟“

سام چيو: ”اندروني ۽ بيروني جيون هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. مگر هميشه ٻاهرين حالتن مان اندروني يعني سچي يا سڄي جيون جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي ۽ نه ڪن مقرر حالتن مان اندر جي حالتن جو انومان ڪري ٿو سگهجي، ڇا لاءِ جو خيال هڪ هميشه هلندڙ شيءِ آهي؛ يعني نوان رنگ ۽ روپ اختيار ڪري ٿو. ڪڏهين وري ڪي ساڌو ريت رسم ٽوڙي پنهنجي فقيريءَ جو لڪُ رکندا آهن. چوندا آهن ته سنڌ جو هڪ مشهور بزرگ جمع ڏينهن خاص ڪري مسجد ۾ ويهي شراب ونڊيندو هو! ڪڏهين پنهنجي وسيع خيال وچان فقير قانون کان ٻاهر لنگهي ’اناالحق يا اهم برهم اسمي‘ جو نعرو هڻندا آهن. هر حالت ۾ قانون جي ڀڃڪڙي نفس خاطر چئي نه سگهبي. ڪڏهين ماڻهن کي ريتين رسمن ۾ قيد ڏسي فقير حق جو هوڪو الٽي نموني ڏين ٿا. ڇا لاءِ جو آزادي آتما جو سڀ کان وڏو آدرش آهي. بعضي ظاهري زهد ۽ تقوى خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. فرض ڪريو هڪ جاءِ آهي؛ ٻاهران رنگ روپ ۽ سرون پڪيون اٿس؛ مگر ان مان ائين سمجهڻ ته اندر آسائش به اٿس سو بعضي غلط نڪري پوي؛ اهو شايد هڪ جيل خانو هجي! هوڏانهن ٻي هڪ جاءِ آهي، جنهن کي ٻاهران خاص ڪو رنگ روپ ڏنل ڪونه آهي، مگر اندر هوا دار ٿڌي ۽ آسائش جوڳي آهي. اهڙيءَ طرح فقيريءَ جي پدويءَ جو اندازو به ڪنهن ٻاهرين نيم يا اٿڻ ويهڻ جي نموني مان لڳائڻ مشڪل آهي. تنهن ڪري فقير اهو آهي جنهن جي دل فقير آهي. وڌيڪ ان باري ۾ ڪجهه چئي ڪونه ٿو سگهجي.“

ڊپٽي صاحب چيو: ”منهنجو خيال هينئن آهي ته جيڪڏهن فقير چڪلي ۾ چڪلوئي نه ڏسي، پر جتي ڪٿي الله پيو ڏسي ته پوءِ ان لاءِ گناهه ڪونه آهي.“

سام چيو: ”ملڪ جو بادشاه سڄي ملڪ جو سئر ڪري سگهي ٿو، اگرچ اتي ڪي گناهه جون جايون به هجن. بادشاه جا آفيسر وغيره پڻ سڀ پاسي وڃي سگهن ٿا. انهن کي ڪا روڪ ٽوڪ ڪانه آهي. پر بادشاه جيڪڏهن پنهنجا بادشاهي خيال ڇڏي پاڻ نفس جو پوڄاري بڻجي اچي روز چڪلي ۾ پنهنجي گاڏي بيهاري يا سندس مکيه نوڪر اهڙي هلت ڪن، توڙي جو هو پنهنجي ملڪ جي حد اندر هجن، تڏهين به اهي بادشاهي مريادا کان گٿل ڳڻبا. مطلب ته سڄي ڳالهه خيال ۽ ڀاونا تي مدار رکي ٿي. اهڙو ڪوبه قانون ڪونه آهي جو هر جڳهه ۽ هر حالت ۾ سچو ثابت ٿئي.“

انجنير صاحب چيو: ”مان انهيءَ خيال جو آهيان ته ڪرم جي شڌي هميشہ ضروري آهي. گيتا ۾ پڻ ڪرم جي مهما ٻين سڀني طريقن کان سٺي ڄاڻايل آهي.“

سام چيو: ”گيتا ۾ ڪرم، گيان ۽ ڀڪتي ٽنهين جو سٺو ميلاپ (Synthesis) ڄاڻايل آهي. حقيقت ۾ ٽيئي نه فقط سٺا رستا آتمڪ اُنتيءَ جا آهن، پر ٽيئي هڪ ٻئي لاءِ ضروري آهن. ڪرم جي آزمودي کانسواءِ پورن گيان پيدا نٿو ٿئي ۽ گيان کانسواءِ ڪرم نشڦل رهي ٿو. پر ٻنهين جو انت آتمڪ آنند ۾ آهي، جتي ڀڳتي مارڳ وارو سڌوئي سڌو پهچي وڃي ٿو. البت ان ڀڳتيءَ جو پئدا ٿيڻ ضرور اڳوڻي ڪرمن يا گيان جي کوجنا جوئي نتيجو هوندو! ساڳيءَ طرح پاپن جو پڃرو پڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل تيلين جو ٻڌل آهي. جي هڪ ٽٽي ته سڄو پڃرو ٽٽي پوي. هڪ چور جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن بزرگ وٽ مريد ٿيڻ ويو پر چوري ۽ ٻيون خراب عادتون ڇڏڻ کيس اهنجون ٿي لڳيون ان پهتل شخص کي پنهنجون حال ڪيائين، هو وڏو گياني هو؛ ان چور جي حالت سمجهي کيس چيو، تون فقط ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت ڇڏ؛ مان ٻي ڪنهن به ڳالهه ڇڏڻ لاءِ توکي ڪونه ٿو چوان. چور اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي ۽ ان کي مرشد ڪري ڪوڙ نه ڳالهائڻ جو وعدو ڪيائين؛ دل ۾ چيائين ته هاڻي دوزخ کان به بچياسين ۽ هت به جيڪي وڻي سو ڪري پيا مزا ماڻينداسين! باقي ڪوڙ کڻي نه ڳالهائبو؛ سا وڏي ڳالهه ڪانه آهي!

”رات ٿي ته هليو پنهنجي يارن سان گڏ چوريءَ تي. صبح جو جئن ٻين سان گڏ هن کان پڇا ڪئي وئي ته کيس پنهنجي مرشد سان ڪيل وعدو ياد پئجي ويو ۽ ڳالهه سڄي سلي ڏنائين. اهڙيءَ ريت پاڻ سان گڏ پنهنجي سنگتين کي به چوري موٽائي ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيائين؛ نه هو هن کي چوريءَ تي وٺي هلن، نه وري هنکي ڪو گناه ئي ڦٻي. جيڪر گناه ڪري سو پاڻ کي باسڻو ٿي پيس؛ فقير کي چيائين، سائين! هيءَ ته ڳالهه ڏاڍي اهنجي ٿي پيئي آهي؛ جي سچ ٿو ڳالهايان ته ٻيا سڀ گناه جا ڪم به ڇڏڻا ٿا پون!

”مطلب هي آهي ته ڪوڙ، جنهن جا ٻه پاسا آهن لڄ ۽ ڀَو، سا هڪ قسم جي اونداهي غار آهي. ان ۾ ٻيا سڀ پاپ روپي چور اجهو وٺن ٿا. اول ڪوڙ، لڄ ۽ ڀَو ڪڍو ته پاپ روپي چورن جي لڪ واريدُڻي ڊهي پوندي. سچ جي شرن وٺو ته پوءِ پاپ پاڻهي ٻاهر نڪري ڀڄي ويندا. سچ جي روشنيءَ ۾ وڪارن جا جيوڙا سڀ سڙي ڀسم ٿي ويندا چڪلو گهمڻ يا نه گهمڻ، هي ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ، اهي سڀ خسيس ڳالهيون آهن. ستيه مارڳه تي هلڻ، سٺي سنگه ۾ رهڻ، اهي آتمڪ اڌار لاءِ ضروري ساڌن آهن. ٻين ڳالهين جا وهم سڀ واري ڇڏڻ گهرجن. ڀڳتيءَ جي ڀيڙ ۾ سڀ پاپ جلي وڃن ٿا.“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org