10-1-1971ع مون سام کان پڇيو ته توهان جي اڪيلي
رهي پوڻ يا ٽڪرين تي سير واري خيال کي ترڪ ڪرڻ ۽
منهنجي هتان جي حالتن جي آسان بڻڻ ۾ ڪهڙو سنٻنڌ ٿي
سگهي ٿو؟ مان ائين ڪونه ٿي چوان ته ڪو انهيءَ
قربانيءَ مان چڱو نتيجو ڪو نه نڪتو هوندو، پر اهو
نتيجو ڪيئن نڪتو سو سمجهڻ چاهيان ٿي.
سام وراڻيو: ”ڪائي به سچي قرباني اهو من جو ماحول
پئدا ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ من ايڪاگر ٿي سگهي ۽
جڳديشور کي ڌيائي سگهي ۽ انهيءَ سَرِوَ وياپڪ چت
شڪتيءَ کي چڱيءَ طرح جاڳائي سگهي. توهان چوندءُ،
يعني بئنگلور ۽ اوٽيءَ جي پهاڙن جو خيال ترڪ نه
ڪجي ها ته اتي به کيس ڌيائي سگهجي ها، مگر ائين نه
آهي؛ جي هڪ پاسي شوق و شڪار يا عيش پيا ڪبا ۽
هوڏانهن فقط نالي ڪاڻ پرارٿنا پيئي ڪبي ته اها
اثرائتي ڪونه ٿيندي. اڪيلائيءَ ۽ قرباني اهو ماحول
پورڻ ايڪانت وارو پئدا ڪري سگهن ٿا جو خيال کي
انهيءَ حد تي پهچائي ۽ ايشور سان ملائي؛ گهمندڙ
ڦرندڙ ۽ خوشين ۾ لپيٽيل من سو ڪيئن ٿو الله کي هٿ
ڪري سگهي؟ تنهن ڪري توڻي جو تنهن جون تارون ٻن ٽن
ڏينهن اندر پهچي ويون ۽ هوڏانهن پوني شهر مان
منهنجي فئمليءَ جو نياپو آيو ته جي اچو ته هت به
اسان کي پهچي سگهو ٿا پر ان حالت ۾ تار ڪجو ته
اسين توهان لاءِ ترسون ۽ پوءِ هتان گڏجي موٽر تي
سير لاءِ نڪرون، مون کي اها ڳالهه نه وڻي؛ اندر ۾
خيال پيدا ٿيو ته اها الله سان ٺڳي آهي، جو ڪم ڪڍي
آڇيل يا ارادو ڪيل قرباني نه ڏجي.
”قربانيءَ کي اها طاقت آهي جو ڪامنائن جي ڪو هيڙي
واري ڌنڌ کي دور ڪري ڇڏي. جيئن سورج جي تيز ڪرڻن
پوڻ سان ڌنڌ دور ٿي ويندو آهي تئين قربانيءَ ڏيڻ
سان خيال جو سورج سمپورڻ، صاف نظر ايندو آهي. مٿي
بيان ڪيل حقيقت اندر جي هڪ آزمائش مان پيدا ٿيندڙ
شيءِ آهي ۽ نه ڪو وهم آهي.
”قربانيءَ ڏيڻ جا به گهڻا نمونا ٿي سگهن ٿا: ڪي
ڌنوان ڌن ڏين ٿا،ڪي ديويءَ تي يا ڪنهن ٻئي پاڪ
آستان تي وڃي ٻڪريون ڇيلا قربان ڪن ٿا؛ ڪي درياهه
۾ اکا وجهن ٿا. مان پنهن جي لاءِ انهن قربانين ۾
اعتقاد ڪو نه ٿو رکان؛ مگر هيءَ هڪ سائنس جي تجربي
وانگر ڳالهه ڪري سمجهو ته خيال ئي خيال کي جاڳائي
سگهي ٿو.
”جي قرباني نه ڏيان ها ۽ ٻارن جي نياپي موڪلڻ تي
وڃي پوني ساڻن ملان ها ته منهن جو پهريون سوچيل
ساڌن پورو نه ٿئي ها. منهنجي بمبئيءَ ۾ رهندڙ
ڇوڪريءَ ۽ ڀاڻيجن وري به صلاح ڏني ته هن اڪيليءَ
جاءِ ۾ رهڻ کان بهتر آهي ته اڃا به هوائي جهاز تي
وڃي بئنگلور ۾ سڀني سان ملو، پر مون سمجهيو ته هڪ
ڀيرو مان قربانيءَ جي دل ۾ باس ڪري ۽ پوءِ وري
انهن کان ڦري وڃان، سو ائين آهي جو ايشور کي ڪجهه
ڀيٽا ڏيئي ۽ مطلب پورو ڪري وري اها ڀيٽا موٽائي
وٺجي؛ انت ۾ سچي خوشي حاصل نه ٿئي ها؛ ٻيو ته منهن
جي لاءِ هيءَ هڪ اندروني اعتقاد جي ڳالهه هئي جا
روحاني تجربات تي بيٺل آهي.“
***
12-1-1971ع اُهو مهينو سام بمبئيءَ ۾ ڪيئن گذاريو،
اها هڪڙي نرالي روحاني تجربي جي ڳالهه آهي جا سام
جي ٻڌايل خبرن مان ڪوشش ڪري سندس لفظن ۾ ئي بيان
ڪريان ٿي.
سام چيو: ”گهر ۾ بلڪل اڪيلو هوندو هيس؛ نوڪر جيڪو
سڄي ڏينهن جي ماني ٺاهي ڏيئي ويندو هو؛ سو به
ڪيترا ڏينهن گم ٿي ويو ۽ اهو وقت پاڻ ڪجهه نه ڪجهه
وٺي يا رڌي پچائي کائيندو هيس. اسر جو اٿي اڪيلو
ورانڊي ۾ ويهي ڀڄن ڳائيندو هيس. ۽ چانهه پنهنجي
سويل ئي ٺاهي تيار ڪندو هس. چوڌاري جهان سڄو ستل
هوندو هيو؛ فقط سائيڪلن تي کير، مکڻ وغيره پڄائڻ
وارا رستن تان لنگهندا ها. ٻي ڪا بس وغيره به
ويجهي ڪانه ملندي هئي؛ شانتيءَ جو ماحول هيو.
چانهه پي ڪپڙا بدلائي ڪڏهن ڪا ڊائري لکڻ لاءِ ته
ڪڏهن پڙهڻ جو ڪتاب پاڻ سان کڻي سمنڊ جي طرف نڪرندو
هيس. ٻه ٽي سهڻا رستا اتهان سمنڊ طرف ويندا هئا؛
ڪڏهن ڪهڙو ڪڏهن ڪهڙو وٺندو هيس. جيڪڏهن ڪا بينچ
سمنڊ تي خالي نظر ايندي هئي ته ان تي ويهي ڪجهه
لکندو هيس. بينچ خالي نه هجڻ جي حالت ۾ رستي کان
هيٺ ڪنهن وڏي پٿر تي سمنڊ جي ويجهو وڃي ويهندو
هيس. ائين سمجهندو هيس ته اُهي سمنڊ جون لهريون ۽
هيرون مون سان ڳالهائينديون هيون. انهن جا عجيب
آواز دل سان ٻڌندو رهيس ۽ ڪيترا شعر پاڻ ئي ٺهي
ايندا هئا. اهو خيال وڌندو رهيو ته عشق خود هڪ
لافاني چيز آهي ۽ ڪنهن نتيجي يا ڪاميابيءَ تي ٻڌل
نه آهي، يعني انهن تائين محدود نه آهي. اها هڪ امر
چيز مون ۾ آهي جنهن جو هجڻ خود الاهي رحمت آهي، ٻي
ڪا ڳالهه حياتيءَ ۾ حاصل ٿئي يا نه ٿئي. عشق خود
هڪ حاصلات آهي. جيئن اسان جي هڪ ڪافيءَ ۾ خيال آيل
آهي:
’سام‘ پٿر هوائون ۽ واري، مٽي،
تنهن جي سڪ جو سنيهو ڇا سگهندا رکي؟
پڇندو پاڻ پنهل جڏهن تن کان اچي،
ڏيندا سب ڪي سلي آءٌ رهان نه رهان
ان ريت سسئي يا هيءَ ڳولهائو آتما پاڻ کي دلاسو
ڏئي ٿي ته تون توڻي مري کپي وڃين؛ هي پيرن ۾ چڀندڙ
پٿر، هي هوائون ۽ هي لهريون جن توسان هن مسافت ۾
سنگت ڪئي آهي سي خود تنهنجو سنيهو پهچائي ڏينديون؛
توڻي جو ڳوليندي، ڳوليندي تون پاڻ ختم ٿي وڃين.
پنهنجي مقصد کان مهن نه موڙ!
”ان مهيني ۾ هڪ ننڍي ڊائري اهڙن شعرن سان پاڻ ئي
ڀرجي ويئي. جيئن سمنڊ کان موٽندو هيس تيئن سمجهندو
هيس ته هيءَ اڪيلائي ۽ ايڪانت خود هڪ خزانو آهي،
جو مون خسيس عيش گهمڻ جو ڏيئي خريد ڪيو آهي. انهن
گهڙين جي ياد ساري ڏينهن جي اڪيلي سفر ۾ گويا هڪ
ثمر يا دل جي طاقت ٿي رهندي هئي.
”موٽ تي ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ڇوڪريءَ روشن جي گهر
وٽان لگهندو هيس؛ ان سان ۽ سندس سهري مسٽر
ماڙيوالا سان ٿورا منٽ ملندو ايندو هيس، ڇا لاءِ
جو مسٽر ماڙيوالا ڪراچيءَ ۾ اڪبر آشرم کولڻ جي وقت
کان منهنجو هڪ دوست آهي؛ ازانسواءِ هو ڪجهه بيمار
به هوندو هيو.
”تنهن بعد سڌو ٽپال آفيس ۾ هليو ويندو هيس جتي
تنهنجو (سرلا جو) خط گهڻو ڪري روز ملندو هو. اهو
وٺي پڙهندو هيس ۽ بعد ۾ ڪنهن بينچ تي ويهي توکي
روز هڪ ڪارڊ لکندو هيس. ان ريت ڄڻڪ خيال جي تار ۾
توسا ڳنڍيو رهندو هيس. ائين ڏهه يا ساڍا ڏهه وڄي
ويندا هئا، پوءِ گهر اچي نوڪر جو انتظار ڪندو هيس،
جو گڏجي بازار ۾ هلندو هيو، جتان ڪجهه ميوو ۽ ڀاڄي
وٺندو هيس؛ يعني نفس جي پالنا ڪري پُوءِ اچي گهر
ويهندو هيس. ان بعد گهڻو ڪري سڄو ڏينهن ۽ رات
اڪيلي گذرندي هئي.
”اهو نوڪر ايماندار ڪونه هو تنهن ڪري ٿوري نظر
سندس ڪم تي رکڻي پوندي هئي. پر مون ڏٺو ته هو گهڻي
ڀاڱي اڳي کان سڌري ويو هو. جيتوڻيڪ گسائيندو هيو،
تنهن هوندي به منجهس ڪو احساس چڱائيءَ جو پئدا ٿيل
ڏٺم جنهن جو ڪارڻ شايد اهو هيو ته مان هن کي کاڌو
چڱيءَ طرح ورهائي ڏيندو هيس ۽ سڀ شيءِ مان کيس حصو
ضرور ڏيندو هيس.
”رسوئي تمام سادي کائيندا هئاسون؛ تنهن کان پوءِ
هو ڏيڍ يا ٻي بجي وري هليو ويندو هو ۽ جي موٽندو
هيو ته رات جو ساڍي ستين بجي ڌاري ايندو هو. ماني
کائڻ کان پوءِ هو وري صبح تائين ڪونه پئدا ٿيندو
هيو.
”منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ٽين يا ساڍي ٽين بجي
تائين مان ليٽي پوندو هيس. عجب جي ڳالهه اها آهي
جو انهيءَ شانتيءَ جي ماحول ۾ پڻ ڏينهن جو ننڊ
گهڻو ڪري ڪونه ايندي هئي؛ البت ان جو اهو سٺو
نتيجو نڪرندو هيو جو رات جو ننڊ سويل اچي ويندي
هئي. اُن وقت يعني منجهند جو ليٽڻ وقت اڪيلائي سڀ
کان وڌيڪ محسوس ٿيندي هئي. تنهن ڪري ڪڏهن اُٿي
اخبارون يا رسالا وغيره ڏسندو هيس، جيستائين شام
جا 5 يا 6 وڄن، انهيءَ وچ ۾ ڪوبه ماڻهو ڪونه ايندو
هو. اتفاقاً ڪڏهن ڪو جاءِ جي مالڪن جو ماڻهو پڇا
ڪرڻ لاءِ ايندو هو. ساڍي پنجين يا ڇهين بجي شام جو
پنهنجي ڇوڪريءَ روشن سان ملڻ جو آسرو هوندو هو.
هوءَ ويچاري منهن جي اڪيلائيءَ جي ڪري اڌ منو ميل
پنڌ ڪري، ٻار پنهن جي کي ڪڏهن آيا کان کڻائي ڪڏهن
پاڻ کڻندي، يا هٿ کان ڇڪيندي، مون وٽ پهچي ويندي
هئي. ”سڄي ڏينهن جي گهرو ڪم کان پوءِ ويچاري ننڊ
به ڪونه ڪندي هئي. شام جي چانهه ٺاهي مون سان گڏ
پيندي هئي.“
”هڪڙي سمنڊ جي ڪناري جي وندر ۽ ٻي هوندي هئي روشن
سان گڏ چانهه پيئڻ جي وندر، باقي سڄو ڏينهن گهڻو
ڪري ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ جو منهن ڪونه ڏسندو هيس.
مهينو کن جيڪو اڪيلو رهيس ان ۾ روشن هڪ ڏينهن به
اچڻ کان ڪونه گسايو. هڪ ڏينهن سندس ڪڪي رويءَ جو
جنم دن هيو. مان آسرو لاهي ويٺو هيس؛ سمجهيم ته اڄ
وٽن گهڻا مهمان آيل هوندا، تهن ڪري روشن ۽ روي
ڪونه اچي سگهندا. پر انهيءَ ڏينهن به ستين بجي شام
جو مهمانن کان واندي ٿي، پندرنهن ويهه منٽ هلي
آئي، سندس نيم جي پالنا ڏسي مون کي وندر کان وڌيڪ
اها خوشي ٿيندي هئي ته منجهس ايترو فرض ادائيءَ جو
احساس آهي ۽ ساڳي مون وانگر نيم جي پالنا ڪندڙ
آهي! ان نموني ست يا ساڍا ست وڄي ويندا هئا. روشن
جي وڃڻ بعد رسويو اچي تڙ تڪڙ ۾ ماني اٺين يا ساڍي
اٺين ڏيئي، پاڻ به کائي هليو ويندو هو. ڪڏهن در جي
ٻاهران ڪٿي سمهي پوندو هو ۽ جلد ننڊ اچي ويندي
هيس. وري صبح جو پنجين ڇهين بجي اٿي چانهه ٺاهيندو
هيو.“
”اهڙيءَ طرح ڏينهن هڪ ٻئي پٺيان گذرندا ويا، تان
جو هڪ ڏينهن اوچتو گهر وارا سير تان موٽي اچي ڪار
۾ لٿا. اڪيلائيءَ جو عرصو پورو ٿيو ۽ ايشور اها
ننڍڙي قرباني قبول ڪئي جو سرلا به سک سانت ۾ هئي،
پستول به لڀي پيو ۽ هوڏانهن اسان جي برخلافي ڪندڙ
آفيسر به بدلي ٿي ويو. مون تو کي لکيو ته يا تون
گهمڻ اچ يا مان موٽي اچان. تنهنجي نه اچڻ جي فيصلي
جو خط مليو ۽ موٽي اچي پنهن جي ماڳ تي سڀني سان
گڏياسين.“
هت اڃا مارشل لا لاڳو ٿيل هو ۽ ٿورا گهڻا انديشا
سڀ ڪنهن کي رهيا ٿي ته متان ڪي تڪليف جهڙيون
حالتون پئدا ٿين. روزاني ست سنگ جي وندر به بند ٿي
ويئي؛ نه وري منهن جي هندستان وڃڻ لاءِ ڪا آساني
پئدا ٿي. مون کي سام کان سواءِ اڪيلي وڃڻ جو به ڪو
ارادو ڪو نه هو. مائٽن مٽن ڏٺي گهڻا سال گذري ويا
هئا پر هت ڪم به گهڻائي ٿيندا ويا، جنهن ڪري دل بي
چسي ٿي پيئي هئي. البت سام جي اچڻ جي خوشي هئي.
نون آفيسرن جو اچڻ ۽ اسپتال جو وڌيل ڪم تن مون کي
بلڪل ٿڪائي وڌو هو. سام چوندو آهي ته ٿڪاوٽ پنهن
جي خيال مان پئدا ٿئي ٿي. بت کان اڳ ۾ خيال ٿڪجي
پوي ٿو ۽ اهو ئي سبب هو جو مون ڇهن ڊسمبر 1969ع تي
پاڻيءَ جو گلاس ڀريندي ڌڪ کاڌو ۽ منهن جي کٻيءَ
ڄنگهه جو ويهڻ جي جاءِ تي فرئڪچر ٿي پيو. اهو هيئن
ٿيو جو اسان جي ڇوڪرن ماني ٿي کاڌي، جڏهن انهن مان
هڪڙي سڏ ڪري چيو ته اما اڄ تون پنهن جي هٿ سان
پاڻي ڀري پيار! اهو خيال مون کي ڏاڍو وڻيو ۽ سام
جي صلاح وزن ۾ نه آڻي به مون وڃي سندن لاءِ
گهڻاونجيءَ تان پاڻي ڀريو. سام گهڻيون دانهون ڪيون
ته گهڻاونجيءَ هيٺان ترڪڻ آهي؛ ايڏانهن نه وڃ! پر
مان نه مڙيس ۽ پير ترڪي وڃڻ تي ويهڪ واري هڏي تي
اهڙي چوٽ لڳي جو پوءِ وري نئون هڪ دکن جو داستان
شروع ٿي ويو جو پڻ سبب بڻيو مٿي ذڪر ڪيل اڍائي
سالن لاءِ ڊائري نه لکڻ جو.
مون ڪرڻ سان رڙيون ڪيون ته مان هڪ پورهيت؛ مان
ڪيئن ٿي هيءُ ڌڪ سهي سگهان! ايترو سمهڻ يا علاج
ڪرائڻ مون کان ڪيئن ٿي سگهندو!
ڪن چيو ته ڪا رڳ ٿڙي هوندي ۽ هڏو ڪونه ڀڳو هوندو،
ڇا لاءِ جو اُن ترڪڻ واري جاءِ جي اونچائي گهڻي
ڪانه هئي؛ نه ڪا ڏاڪڻ هئي ۽ نه ڪو ڪوٺو هيو جنهن
تان ترڪيس. فقط گهڻاونجيءَ کان ٻه اڍائي فوٽ هيٺ
فرش تي ڌک کاڌم پر مون کي سور بي حد گهڻو هيو. سام
مون سان اچي ٿڌي فرش تي سامهون ويهي رهيو ۽ ٻين کي
ڊاڪٽرن ڏانهن موڪليائين. آخر سج اچي لهڻ کي ويجهو
ٿيو ۽ ٿڌ به وڌندي رهي. سام کي منهن جي ٿڌ لڳڻ جو
ڀؤ ٿيو جنهن ڪري ڪجهه ٽپڙ آڻي منهن جي مٿان
وڌائين. وڏي حيلي سان هڪ فراسي منهن جي هيٺان
ترڪائي ٻئي پاسي لنگهايائون. آخر اها صلاح بيٺي ته
Morphia
جي سئي هڻائي پوءِ سول اسپتال ڏانهن وٺي هلوس ته
اتي ايڪسري ڪرائجي. ڏاڍي مشڪل سان مون کي اسٽريچر
تي ڏاڪڻ کان هيٺ آندو ويو. سوڙهي ڏاڪڻ ۾ اهو ڀؤ
هيو ته متان ڪنهن جو پير ترڪي پوي تنهن ڪري سام اڳ
۾ ٿي پاڻ به گڏيو هليو. ايڪسري ڪڍيائون جن مان هڪ
ڪاپي اسان کي بروقت ڏيکاريائون ۽ ٻيو، ٻئي پاسي
کان ورتل، سو چيائون ته سول سرجن کي ڏيکاريو
ويندو. پر هيٺين ڊاڪٽرن جي ايڏي بي پرواهي هجي جو
اهو ٻيو ايڪسري جنهن ۾ سچ پچ فرئڪچر خطرناڪ ٿي نظر
آيو سو سول سرجن کي ڏيکاريو ئي ڪونه ويو. سڀاڻي تي
مون کي گهر ۾ ئي سول سرجن اچي پلسٽر لڳايو. ڪنهن
کي اهو خيال ۾ ئي ڪونه آيو ته ٻيو ايڪسري به ڏسجي.
سام ڊاڪٽرن کان پڇيو ته گهڻا ڏينهن سمهڻو پوندس؟
ڪو چوي ته 3 هفتا ڪو وري چوي 6 هفتا. آخر سول سرجن
ستن ڏينهن بعد وري ڏسڻ آيو جنهن چيو ته هي پلسٽر
خراب ٿي پيو آهي. جنهن ڪري وري ٻيو چاڙهڻو پوندو ۽
ٻه يا ٽي مهينا هڏي ڳنڍجڻ ۾ لڳي ويندا. انهيءَ وچ
۾ اسان کي ٻئي ڊاڪٽر دوست صلاح ڏني ته ايڪسري ۾ ڌڪ
تمام خراب ٿو ڏيکار جي تنهن ڪري ڄامشوري يا
ڪراچيءَ وڃو. اهو ٻيو ايڪسري گهرائي ڏٺو سون ته ڌڪ
برابر خطرناڪ نظر آيو. سول سرجن به چيو ته مون اهو
ايڪسري ڏٺو ئي ڪونه هيو؛ تنهن ڪري هاڻي نئين سر
پلسٽر چاڙهيندس.
سام چيو ته وڌيڪ خطرو کڻڻ نه گهرجي، تنهن ڪري
ڪراچيءَ هلي ڪنهن اسپيشلسٽ
(Orthopedic Surgeon)
جي هلي پڙ پئون ته چڱو آهي. پوءِ جيڪا سام ۽ اسان
جي ڇوڪرن گڏجي هڻ هڻ ڪئي سان مون فقط بستري تان
ويٺي ڏٺي. مسافريءَ جي تياري لاءِ سامان هڪ پاسي
ٺاهڻو هو ته ٻئي پاسي گاڏي جو ريزرويشن ڪرائڻو ۽
ائمبولنس وغيره جو بندوبست ڪرڻو هو. وڏي مشڪل سان
ٻين بجي رات واريءَ گاڏيءَ ۾ وڃي چڙهياسين. گهر جي
ڏاڪڻ مان لاهڻ وقت اسٽريچر جي اڳ ۾ سام پاڻ هٿ
وجهي بيٺو ته متان غلطيءَ کان ڪنهن جو پير ترڪي
وڃي. ريلوي جو سڄو گاڏو پنهن جي بلي ڪيو سين ۽
واري تي سڀ ننڊ ڪن پيا ۽ منهن جي مٿان نظر به ڪن
پيا، مگر سام سڄي رات اوجاڳو ڪيو. ڪراچيءَ ڏانهن
اڳواٽ ماڻهو موڪليل هو. اهو اتي ائمبولنس جو
بندوبست ٺيڪ رکيو بيٺو هو. سام جو خيال اهو هو ته
متان گذريل اٺن يا نون ڏينهن ۾ پهرين پلسٽر مان ڪو
فائدو هجي، تنهن ڪري ڪوبه ڌوڏو سرلا کي نه اچي،
جيئن ڪو نقصان نه ٿي پوي، ڪراچيءَ ۾ سام کي سڄو
ڏينهن هڻ هڻ ڪرڻي پيئي. پهريائين هڪ وڏي ڪرسچن
هاسپيٽل ۾ وياسين، پر اتي خبر پيئي ته ڪو خاص
Orthopedic
سرجن ڪو نه آهي. پوءِ انڪليسيريا نرسنگ هوم ۾ رهڻ
جو فيصلو ڪيو ويو. اتي ڪراچيءَ جو هڪ وڏو
Orthopedic
سرجن ايندو هو؛ اتفاق اهو ٿيو جو هن جا ڪي ڪيس
انهيءَ نرسنگ هوم ۾ انوقت ڪونه هئا. جنهن ڪري ٻه
ڏينهن آسري ۾ ٽڪڻو پيو. سام جي اڳوڻي دوست ڊاڪٽر
سعيد جي پٽ، ڊاڪٽر شاد کان ڪوشش ڪرائي، ان کي فون
تي هٿ ڪري، کيس حقيقت ڪئيسين ۽ مٿس بار رکيوسين ته
ضرور اچي. ڪن ماڻهن ڀَوَ ٿي ڏنا ته هو تمام لالچي
آهي پر سام چيو ته هن ڳالهه جو ڪو فڪر ڪونه آهي؛
ڪيترو به خرچ ٿئي، مگر ڪم سٺو ٿئي. ٻئي ڏينهن جي
رات تي ڊاڪٽر سليمان مون کي ڏسڻ آيو. ايڪسري ڏسي
چيائين ته آپريشن ڪري به هڏي ڳنڍي سگهبو ۽ پلسٽر ۾
به ٺهي سگهندو؛ آپريشن جي حالت ۾ فقط 15 ڏينهن
سمهڻو پوندو ۽ پلسٽر جي حالت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 هفته.
منهنجي ضعيف ۽ منهن جي بلڊپريشر جو خيال ڪري سام
فيصلو پسلٽر لاءِ ڪيو، جيتوڻيڪ 6 هفتا هڪ جاءِ تي
سڌو سمهڻ ڏاڍو اهنجو هيو. سڀاڻي تي مون کي بيهوش
ڪري تازا ايڪسري وٺي باقاعدي نئون پلسٽر هنيائون.
پلسٽر لڳڻ کان پوءِ محسوس ڪيوسون ته هي وڏو مشڪل
مسئلو ٿي پيو. مون چيو ته هي پلسٽر پيرن کان وٺي
ڇاتيءَ تائين، گويا منهن جي قبر ٺاهي اٿو! اهو
اهڙو سخت هجي جو سچ پچ خطرناڪ پيو لڳي. عزيز ۽
دوست گهڻائي دلاسا ڏين پيا ته 6 هفتا گذري ويندا،
مگر مون کي اهي 6 هفتا پهاڙ جيڏا ٿي لڳا. روز شام
جو روئي ويهان؛ مون سان گڏ سام ۽ اسان جو ڇوڪرو
جيڪو گڏ آيوهو سي به روئي پيا ويهن! سام روز نئين
نموني جا دلاسا ۽ آتت ڏيندو اچي؛ ائين سانده ڏيڍ
مهينو منهن جي مٿان رات جو اوجاڳا ڪيائون. سام کان
ڄڻ ته پنهنجي دل جي تڪليف به وسري ويئي. ڪڏهن ڪڏهن
کيس اٺ ئي پهر ننڊ ڪانه ايندي هئي جو ٿوري سُر پر
يا منهنجو ڪرڪڻ ٻڌي اٿي ويهندو هيو. مان وري سندس
لاءِ چنتا ڪرڻ لڳندي هيس.
نرسنگ هوم ۾ يا ڪهڙي به اهڙي هنڌ جت زندگيءَ جون
رواجي وندرون ڪو نه ملي سگهن، اتي به انسان پاڻ کي
خوش رکڻ لاءِ وس ڪري ٿو. جيل ۾ به ٻڌندا آهيو ته
اتي قيدي پنهنجون پنهنجون وندرون ٺاهيندا آهن.
نرسنگ هوم واري ڏيڍ مهيني ۾ اسان جون پڻ ڪي ٿوريون
وندرون هيون ڪڏهن سام ڪنهن ڪتاب مان ڪجهه پڙهي
ٻڌائيندو هيو، ڪڏهن ڪي وزٽرس ايندا هئا ته انهن
سان ڳالهائڻ به هڪ وندر ٿي پوندي هئي. ڪڏهن ڪن
نرسن ۽ داين جون ڳالهيون ٻڌندي هيس. سج لٿي ڌاري
روزانو پنهنجي ڊاڪٽر جو انتظار رکندا هئاسين ۽ اهو
اڳ ۾ سوچ ڪندا هئاسين ته کائنس هيئن پڇبو يا ڪنهن
کاڌي وغير جي موڪل وٺبي وغيره وغيره. سام هڪ ڀيرو
ڏينهن ۾ اڪيلو گهمڻ نڪرندو هو. ان وقت سندس موٽڻ
جو انتظار رکندي هيس، ڇا لاءِ جو هو گهڻو ڪري سڄي
عمر اڪيلو گهمڻ تي ڪونه هريل هو. جيڪڏهن ڪا نرس
وغيره يا خاطريءَ جهڙو مهمان ڀرسان هوندو هو ته
ڇوڪري کي کيس ساڻ وڃڻ لاءِ چوندي هيس. پر هتي گهڻو
ڪري ٻئي ڪنهن ماڻهو نه هئڻ سبب پنهنجو ڇوڪرو مون
ساڻ رهندو هو. سام جي موٽڻ وقت اڳ ۾ ئي در کولائي
ڇڏيندي هيس، پر جڏهن ڏنل وقت تي يا ٿورا منٽ فقط
ليٽ ايندو هو تڏهن خوشيءِ مان چوندي هيس: ”سام
راجا آگيا! سام راجا آگيا!“ سج لٿي کان پوءِ وري
هڪ ڳوٺاڻو سنڌي ڇوڪرو اسان وٽ ايندو هو جو اسان جي
پاسي جو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندو آهي. انهيءَ
جون مستانيون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو کلندا هئاسين. هو
چوندو هو ته مان ڪراچيءَ ۾ رهي سڄي اردو سکي ويو
آهيان. پوءِ هو جيڪي جملا اسان کي اڻڄاڻ سمجهي
سيکاري ۽ سڀاڻي تي اچي ’امتحان‘ وٺي ته سام وري
کيس اهي جملا سرائڪيءَ زبان ۾ ٻڌائي. تڏهين هو چوي
ته اوهان جو ديوان صاحب ٻڍو ٿي ويو آهي؛ اردو سکي
ڪونه سگهندو؛ باقي توهان پڙهو ته، توهان کي
سيکاريان. هڪ ڏينهن سام چيس ته يار مان اڄ باغ ۾
گهمڻ وقت پنج روپيه ڏيئي هڪ استاد کان ’سڄي اردو‘
سکي آيو آهيان! تنهن تي هو امتحان وٺڻ لڳس. سام
سندس سوالن جا جواب ٺيڪ اردوءَ ۾ ڏنا پر تڏهن به
هن مستاني کي اهو خيال ڪونه پيو اچي ته ڪو سام
صاحب اردو ڄاڻندو آهي. هن يقين ڪيو ته برابر پنج
روپيه ڏيئي ڪلاڪ ۾ سکي آيو آهي.
اهڙيءَ طرح ٻيو هڪ مهاجر ڇوڪرو جو نرسنگ هوم ۾ ڪم
ڪندو هو ۽ ڪاليج ۾ به پڙهندو هو سو به ڪڏهن ڪڏهن
ايندو هو ۽ وندرائيندو هو. هو مون کي امان ڪري
ڪوٺيندو هو ۽ همدرديءَ وچان آڇ ڪندو هو ته ڪو به
ڪم هجي ته ٻڌايو. هڪ قريباً روزانو وزٽر مهراج
درگاهه داس، رٽائرڊ ڪليڪٽر، پڻ هوندو هو، اهو سام
صاحب جا شعر ۽ ٻيون لکيتون پسند ڪندو هو ۽ مون کي
ننڍي کان پنهن جي پتري ڪري سڏيندو هو. ڏاڍا دلاسا
ڏيئي ويندو هو ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين جا گهڻا
وندرائيندڙ احوال پڻ ڏيندو هو.
ائين نه ته نرسنگ هوم ۾ سڄو وقت اسين وندر ۾
هئاسين؛ ڪي اهنجايون به پيدا ٿينديون هيون. ساندهه
هڪ جاءِ تي مون کي سمهڻو پوندو هو؛ ڪڏهن پيٽ جي
تڪليف، ڪڏهن کنگهه، ڪڏهن پلس تمام وڌيل، ڪڏهن بلڊ
پريشر وڌيل، ڪونه ڪو مونجهارو مڙيوئي هوندو هو.
رات جو خاص ڪري اهو انتظار وڌندو هو ته الاجي ڪڏهن
اٿڻ ٿيندو. سمهي سمهي پاسا ٿڪجي پيا هئا ۽ چٿڙ ماس
جا لهي پيا؛ انهن جو علاج پڻ پيو ٿيندو هو. هڪ نرس
جي غلطيءَ ڪري ۽ سخت مهٽي ڏيڻ ڪري سمهڻ واري جاءِ
تي هڪ
Bedso
ٿي پيو؛ کل مهٽڻ سبب لهي پيئي هئي اهو
Bedsore
پلسٽر جي هيٺان هيو. پوءِ نرس جو هٿ لارائڻ بند
ڪيوسين ۽ ان جاءِ کي سام اٽڪل سان لسٽرائين وغيره
سان ڌوئي، هڪ پئڊ هيٺان ڏيئي ڇڏيندو هو؛ اهو آخر
صفائيءَ ۽ گهڻي سنڀال سان ڇٽي ويو.
ان کان ٿورا ڏينهن اڳ ۾ هڪ ننڍڙي آرائيءَ جيڏي
داڻي، پير ۾ آزار مچائي ڏنو ۽ ايڏو انتظار اچي ٿيو
جو چئون پيا ته شل پلاسٽر کولڻو نه پوي. ڊاڪٽر
سليمان صفا چئي ڏنو ته ڪجهه به ٿي پوي ته مان
پلاسٽر خراب ٿيڻ نه ڏيندس. پوءِ مون کي ننڊ جون
دوائون اهڙيون ڏنائون جو ٻه ڏينهن ننڊ ۽ بيهوشيءَ
جي حالت ۾ هيس. هوڏانهن سام پنهن جون پرارٿنائون
شروع ڪري ڏنيون. ايشور جي ديا ٿي جو اهو داڻو
پلاسٽر اندر ئي سڪي ويو.
چانهه جو وقت به هڪ وندر جو وقت هوندو هو، جيتوڻيڪ
مان فقط اڌ پيالي ساهين سان پي سگهندي هيس، جيئن
هميشہ اسان جي گهر جو دستور آهي، اُتي به چانهه
هِنَ هُن کي سڏي پياريندا هئاسون. نرسون، دايون ۽
پٽيوالا وغيره اچي شريڪ ٿيندا هئا. ان نموني نه
فقط وندر وڌندي هئي پر انهن سڀني جون دعائون پڻ
حاصل ٿينديون هيون.
ائين لوڏا لما کائيندي پنج هفته پورا ٿي ويا.
پويان ٻه ڏينهن ڏاڍو انتظار رهيو ته ڊاڪتر پلاسٽر
کوليندو الاجي نه، جو وچ ۾ جيڪي ايڪسري ڪڍيا ويا
هئا سي انهيءَ پلاسٽر جي مٿان نڪتل هئا ۽ اهڙا صاف
ڪونه هئا. پنجن هفتن پورن ٿيڻ تي ڊاڪٽر صاحب مشين
کڻي آيو جنهن سان جلد سارو پلاسٽر ڪٽي ڇڏيائين.
بعد ۾ وري آپريشن روم ۾ نيو ويو جتي ايڪسري ڪرايو
ويو. مون سام کي چيو ته جي وري پلاسٽر جي ضرورت ٿي
۽ مون کي وري گهڻو وقت سمهڻ لاءِ چيائون ته پڪ ئي
پڪ مان ڪو نه بچنديس. دعائون گهرندا اسٽريچر تي
ايڪسري روم ۾ پهتاسين. ڌڻيءَ جي مهر سان وري
پلاسٽر جي ضرورت ڪونه ٿي مگر ايڪسري ڏسي ڊاڪٽر جهٽ
پٽ اها فتوى ڏني ته ٽي هفتا اڃا بستري تان لهي
ڪونه سگهندي؛ باقي بستري کي هيٺ مٿي ڪرڻ سان اٿي
ويهڻ جي موڪل ڏنائين. مان ته بستري ۾ اٿي به ڪونه
ٿي سگهيس. ڪمزوريءَ سبب اٿي ويهڻ ۾ ڀانواٽيون پيون
اچن؛ ڪجهه ڀؤ به رهيو ٿي ته متان ڪجهه هڏي کي
نقصان پهچي وڃي. ڄنگهه به اڃا ساري سڄيل هئي،
ايتري قدر جو گوڏا چورڻ به مشڪل ٿي لڳا. آخر هڪ
ڏينهن ڊاڪٽر پاڻ نرس کان چاٻي کسي پلنگ کي ڦيرائي
اڀو ڪرڻ لڳو! پر ان بعد به هڪ هفتو وڌيڪ نرسنگ هوم
۾ رهڻو پيو. هفتي کان پوءِ موڪلائڻ وقت پڻ اهڙي
حالت هئي جو وري به اسٽريچر تي جيئن پاڻ کڻائي آئي
هيس تيئن ئي نرسنگ هوم منجهان نڪتس سام داين ۽
نرسن ۽ نرسنگ هوم جي ٻين نوڪرن وغيره کي سوکڙيون ۽
خرچيون گهڻيون ئي ڏنيو ته جيئن سڀني جي دعا وٺي
وڃون، مگر دل اسان جي اڃا کاڌل هئي. اها آس رکي
ايترو وقت ٽڪيا هئاسون ته هتان لاڙڪاڻي بلڪل خوش
ٿي وينداسين؛ مگر اها حالت اڃا دور ٿي نظر آئي!
خلاصي گاڏي ملڻ تي به ٽري ۾ ننڍ مون کي ۽ سام کي
ڪو نه آئي. من ۾ سخت مايوسي هئي. ۽ انهيءَ بي
آراميءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو ٽرين کان لهڻ وقت
پاڻ کي بلڪل هاريل ٿي سمجهيم. هوڏانهن اسان جون
ارجنٽ تارون وغيره لاڙڪاڻي ڪونه پهتيون جنهن ڪري
ائمبولنس ڪونه آئي. اسٽيشن تي رکيل اسٽريچر
گهرايوسين پر اهو صفا بيڪار هيو. آخر منهن جي
هيٺان جيڪا ٿلهي سوڙ هئي انهيءَ کي ئي اسٽريچر
بڻايو ويو ۽ مزدورن ڪنڊن کان پڪڙي، جهولي ٺاهي،
مون کي گاڏيءَ تان تمام مشڪل سان هيٺ لاٿو. ان
ڏينهن ٿڌ به تمام سخت هئي. اڌ رات جو اسٽيشن جي
ويٽنگ روم ۾ اچي ٿياسون. باقي رات به ائين ئي
جاڳندي مايوسيءَ ۾ گذري. ننڊ نرسنگ هوم ڇڏڻ کان
پوءِ هڪ لحظو به ڪونه آئي. صبح جو هڪ وڏي آفيسر جو
اسٽيشن وئگن ملي ويو جنهن تي سڄو پلنگ، جنهن تي
مان سمهيل هيس، سام کڻائي وڌو ۽ سويل ئي اچي پنهن
جي اسپتال ۾ پهتاسين.
اسپتال جا ملازم مون کي ڏسي سڀ روئي ويٺا. هنن کي
به اها آس هئي ته هيترو عرصو رهڻ بعد پاڻ گهمندي
ايندي. پر جيئن اسٽريچر تي اسپتال مان نڪتي هيس
ائين ئي، بلڪ ان کان وڌيڪ ضعيف حالت ۾، اچي پهتس،
پوءِ ڪيترن ملازمن جو صدق به گهٽجي ويو ۽ پاڻ ۾
چوڻ لڳا ته هيءَ ويچاري وري ڪونه اٿي ڊاڪٽري
هلائيندي.
*** |