سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 42

ڳالهيون ڪندي ڪندي منهن جي ڀيڻ ٻڌايو ته منهن جي ماتا سڀني کان موڪلاڻي ٿي ڪئي؛ تڏهن ڪنهن کي چولو ۽ ڪنهن کي ڪا ٻي سوکڙي پنهنجي ميڙي چونڊيءَ مان ڏيئي ويئي ۽ مون (سرلا) کان سواءِ سڀني ويجهن عزيزن کي اهڙيءَ طرح ياد ڪيائين. مون کي ۽ منهن جي ڀيڻ کي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا؛ ڇا ٿئي ها جيڪڏهين منهن جي لاءِ به ڪا هڪ ننڍڙي سوکڙي ڏيئي وڃي ها! مون دکي دل سان اها ڳالهه سام کي اچي ٻڌائي؛ سام جي اکين ۾ پڻ پاڻي اچي ويو مگر چيائين ته خود اها هڪ ايشور جي طرف کان مليل نشاني ڪري سمجهه؛ جيئن هميشہ ٿيندو آهي، سندس پيارن جو قدر هن سنسار ۾ پهريائين گهٽ ٿيندو آهي؛ تو پنهنجي ماتا جي سڀني کان گهڻي شيوا ڪيئي آهي؛ اها خوشي ئي تولاءِ ڪافي آهي؛ ويتر مان ته ائين ٿو سمجهان ته هيءَ ڳالهه تو لاءِ هڪ نئون سبق ٿيڻ گهرجي. تون انهيءَ سنساري وڳ مان ناهين؛ اسان جو وڳ ۽ اسان جون ڳالهيون نراليون آهن. اسان جي جاءِ انهيءَ ارمانن جي دنيا ۾ نه آهي، ۽ اتي وڌيڪ واسو خيال جو ٿيڻ نه گهرجي.

***

 

 

منهن جي ڀيڻ جئن پنهنجي ٻارن کي وقت تي گهڻو پيار پيئي ڪري ۽ ٿوري گهڻي تي سندن چنتا ۾ اٿي سندن ڪڍ پيئي پوي، تيئن چمٽوءَ مون کي چيو: ”اما تون اسان کي ايترو پيار ڪٿي ڪندي آهين؟“

مون سام کي اچي چمٽوءَ جي ان ريت پڇڻ جو ٻڌايو تڏهين سام کيس هن نموني سمجهايو: ”جسم جي ماتا تن پرور آهي، مگر توهان جي ماتا من جي پرور آهي؛ جيتوڻيڪ تن پرور ماتا به من جي ٿوري سنڀال ڪندي آهي؛ مگر هتي تون آيو آهين نه هن تن کي خاص طور پالڻ، بنائڻ لاءِ پر اُهي ساڌنائون سکڻ لاءِ جيڪي من جي سنوار ڪن ٿيون؛ ڇا توهانجو خيال آهي ته توهان جي ماتا، ڊاڪٽر سرلا ديوي، توهان جي پٺيان ڊڪندي رهي ۽ سڄو ڏينهن اوهان کي کائڻ ۽ پيارڻ جا اپاءَ سوچيندي رهي ته انهيءَ کي توهان پيار سمجهو؟ مان جيڪر چوا ته اڃا نرمائش گهٽ ڪري ۽ توهان سان مون کي وڌيڪ سختي ڪرڻ ڏئي جيئن ڪي مڙسيءَ جا انگ به سکو ۽ نه رڳو سڄو ڏينهن سک جون سنهجون واٽون ڳوليندا رهو جيئن هينئر ڏسان ٿو ته گهر ۾ وڌيڪ ڪم ۽ ڪوشش جي ضرورت هوندي به تون ساڳئي نموني ۾ اجائي چؤٻول ۾ وقت وڃائيندو رهين ٿو. اُهو پيار جيڪو اسين ڏيون وٺون ٿا سو هن کان نرالو آهي.“

***

 

 

2-1-1963ع ساڳيو ئي فقير جيڪو اڳ آيو هو، اڄ وري اوچتو اسان وٽ آيو ۽ سام به ساڳيءَ طرح پنهنجي ڪتابي ڪم ۾ ويٺو هو. فقير ٿوري دير بعد چيو ته ڪجهه مهينا ٿيا ته توهان مون کي انهن ڪتابن بابت ڪجهه ٻڌايو هيو ۽ اُها ساڳي ڳالهه وري هڪ ڪتابڙيءَ ۾ به ڇپيل پڙهيم، مگر مان وري ڦري پنهنجي خيال تي آيو آهيان ته عشق ڪتابن ۾ ڪين ٿو اڙجي سگهي. توهان جي ڳالهه مان سمجهي نه ٿو سگهان! پوءِ ڪي سنڌي صوفين جا انهيءَ خيال پٽاندر بيت ٻڌايائين. سام کيس چيو: ”اسان جو ديدوان سمورو ڇپجي رهيو آهي جو پريس ۾ آهي. هي ڪم اُهو ويٺا ڪريون؛ ٺاهي سينگاري مالڪ جي اڳيان پيش ڪرڻ سٺو آهي. ڀلا فرض ڪريو جيئن هينئر ميز تي ويٺا آهيون، ائين ڪو نوڪر اچي کائڻ جي شيءِ اڳيان اڇلي ته جيڪر ان کي بي ادبي ڪين سمجهجي؟ جي ڪو دوست هجي ۽ گلن جو ٻڪ ڀري اچي ائين ڦٽو ڪري ۽ چوي وٺ فلاڻا هي گل اٿئي، ته جيڪر ايتري خوشي نه ٿئي، جيتري اُهي گل با ادب سينگاري سنواري پيش ڪرڻ سان ٿئي ٿي. تنهن ڪري اسان کي جڳائي ته مالڪ جي اڳيان جهڪي پيش ڪريون سو ٺاهي سينگاري سهڻي نموني ۾ پيش ڪريون.“

فقير چيو: ”صوفي ته مست رهندا آهن. ڪتابي علم جي يا ٺاهه ٺوهه جي پرواه نه ڪندا آهن.“

سام چيو: ”مون وٽ ويجهو ٻه ڪتاب دوستن کان آيا آهن هڪڙو سچل سرمست جو ”گدازنامه“ فارسيءَ ۾ ۽ ٻيو ”ديوان قلندرمست.“ اهي پڙهي ڏسو ته اها فارسي سچل بادشاه ڪتابن مان سکي يا ڄائي ڄم کان سکي آيو هو. اهڙيءَ طرح ”ديوان قلندر“ عالماڻي ۽ عشاقي طرزن جي ثابتي ڏئي ٿو، جنهن مان ثابت آهي ته قلندر شهباز علم و ادب مان به واقف هيو.

”حقيقت هينئن آهي ته هي سڀ صورتون عشق جو آهن. صوفي جيڪڏهين عشق کي الله ڪري مڃن ٿا ته ٻيو هو ڪٿ ڏسن ئي ڪونه ٿا؛ هر صورت، هر حيلي يا هر ڪم ڪار ۾ هو هٿ يار جو ڏسن ٿا. هو مست برابر آهن پر ان مستيءَ ۾ پاڻ گنوائن ٿا ۽ نه پنهنجا فرض. هي علم و ادب جا فرض اسان جي زندگيءَ مان خود اسان تي رائج ٿيا آهن.“

***

 

 

11-2-1963ع مان ننڍي هوندي کان وٺي مهاديو جي سڳڙي جي ڇوڙڻ جو نيم رکندي آهيان، جيتوڻيڪ هن اسان جي سنگ ۾ خاص ڪنهن ساٺ سڳن يا پوڄا جي ڪنهن خاص طريقي جي ڪا ضرورت نه آهي؛ تڏهين به بطور عادت اڳوڻو نيم پورو ڪندي آهيان. انهيءَ سڳڙي جي ساٺ سڳن ۾ اڪ جي ڦلي ڪتب ايندي آهي جو چوڻ ۾ اچي ٿو ته مهاديو اڪ کائيندو هو . اڪ جون ڦليون ڏسي سام اڄ چيو: ”مهاديو جيڪي اڪ کائيندو هو سي ڪي ٻيا اڪ هئا. اهي ڪؤڙا اڪ جيوت جي دکن جا يا ستيه مارڳ تي جيڪي ڪشالا اچن ٿا انهن جا ڪري سمجهڻ گهرجن. هنن اڪن کائڻ سان الله ملي ها ته ٻڪرين ۽ اٺن کي ملي ها.“ سام وڌيڪ چيو: ”هي نيم ڏينهن جا جيڪڏهن پورا ڪجن ته انهن جي اندروني معنيٰ به سمجهڻ ضروري آهي؛ خالي ساٺ سڳن بي معنيٰ آهن!“

***

 

 

12-2-1963ع اسان جو ”رهاڻ“ رسالو جو تازو شايع ٿيو آهي، انهيءَ جا جدا جدا پرت پريس مان کڻائي گهر آياسين ۽ انهن کي گڏي ٺاهي ٽاچڻي هڻڻ جو ڪم فقيرن ۽ اسان جي ڇوڪرن پاڻ ۾ ويهي گڏجي ڪيو. ٻن ڏينهن ۾ ٿورا ٿورا ڪلاڪ ڪم ڪري ٻه ٽي سو ڪاپيون تيار ڪري ورتائون، مگر سام کي سندن ڪم نه وڻيو، جيتوڻيڪ هنن خوشيءَ سان پنهنجي سمجهه آهر تکو ڪم ڪري ڏنو. سام پوءِ ويهي ڪجهه ڪاپيون سٺيون ڪرڻ لڳو ۽ چيائين: ”رياضت جي ڪم مان ڪيڏي نه راحت ٿي ملي! جيڪڏهن انسان سچيءَ دل سان ڪوبه ڪم ڪري ته نتيجي جو مالڪ پاڻ الله آهي ۽ اهو اجايو نه ويندو ائين ڏسڻ نه گهرجي ته پئسن جي لحاظ سان گهڻي جو ڪم گهڻي وقت ۾ ٿيو؛ مگر جو ڪم کڻجي سو سٺيءَ طرح نڀائجي. انهيءَ مان ئي پوري راحت پيدا ٿئي ٿي. هنن ڪاغذن جو هڪ هڪ گهنج لاهڻ، جي پوريءَ شرڌا سان ڪيو وڃي ته اهو برابر آهي پنهنجي من جي گهنجن ڪڍڻ جي. منهنجو ته هن ڪم ڪندي ڄڻ من ايڪاگر ٿئي ٿو. ائين پيو سمجهان ته هيءُ به هڪ عبادت جو طريقو آهي. ڪاش! سڀ ڪم زندگيءَ جا عبادت سمجهي پورا ڪريون!“

***

 

 

13-2-1963ع اسان وٽ ڪم ڪندڙن ڇوڪرن مان هڪڙي کي نئين سر شوق جاڳيو ته موٽر مڪئينڪل جو ڪم سکان ۽ ڪو ڪارخانو وغيره ڪڍان ۽ پنهنجي حياتيءَ جي اڏاوت شروع ڪريان. سندس عمر 40 سالن جي ويجهي آهي. سندس سڀاو مان واقف ٿي ڪري سام پهريائين اهو رايو ڏنو ته هي شوق جٽا نه ڪندو. ٿيو به ائين: ٻه ٽي ڏينهن ته هن پاڻ صفا ڳاري ڇڏيو ۽ ڪارخاني مان موٽڻ وقت سندس ڪپڙا ۽ چمڙي تيل جي چٽن سان ڀريل هجن؛ گهر ۾ اچي ته ٿڪو ٽٽو پيو نظر اچي؛ ظاهر هيو ته هن پاڻ تن ۽ من جي ٿڪاوٽ محسوس پئي ڪئي مگر ضد ڪري يا حرص وچان پنهنجي ڳالهه کي چهٽيو رهيو. سندس حالت جو ويچار ڪندي سام چيو ته چاليهن سالن جي عمر کان پوءِ ڪوڪو انسان حرص کان بچيو رهي ٿو. اهي اَتي سخت لفظ آهن پر اها هڪ حقيقت آهي ته انهيءَ عمر ۾ انسان جي من ۾ نئين سر نوان حرص اڀرن ٿا ۽ جيڪي ڳالهيون اڳ پوريون ڪري نه سگهيو آهي انهن جا ارمان وري ڪوشش ڪرڻ لاءِ اعلان ڪن ٿا. نوجواني ۽ ٻالڪ اوسٿا ۾ انسان سخاوت جي ڀاو ۾ رهي ٿو. ڪيتريون شخصي سک جون ڳالهيون يا لوڀ لالچ جا طريقا سچو شوق لٽي ڇڏي ٿو ۽ قدرت جي نقطه نگاهه کان جيڪي سچ پچ سندس اندروني اُنتيءَ يا اڀياس لاءِ ضروري ڳالهيون آهن جهڙوڪ هنر، علم، ڌرمي سکيا، فلسفه، نقاشي يا شاعري وغيره وساري، انهن ڳالهين ڏانهن لاڙو رکي ٿو جن مان پئسي جو فائدو ٿئي يا ڪا پوزيشن هٿ اچي. زماني جي گردش ۾ جوانيءَ جي هٽڻ بعد پئسو ۽ ڪوڙا سک گهڻن انسانن کي وڌيڪ اهميت وارا نظر اچن ٿا. جيڪڏهين قدرت ٻالڪپڻ جا ذوق شوق يا نوجوانيءَ ۾ فراخدلي نه آڻي ته انسان جي سڄي حياتي جيڪر سوڙهي دائري ۾ بسر ٿئي، اسان جي ڇوڪري کي به اُهو 40 سالن بعد جوانيءَ جي پڇاڙيءَ جو نئون حرص جاڳيو آهي ۽ کيس فقيري يا آشرم جو جيون پوري ڪشش نه ٿو ڪري. تنهن ڪري کيس اڃا ڪجهه ڏينهن لڳندا؛ ڪجهه وڌيڪ ٿڪاوٽ بعد وري پوري تور تڪ ڪري سگهندو.

ٿيو به ائين جو ٿورن ڏينهن بعد هن ڪارخاني وڃڻ کان ئي بس ڪري ڇڏي ۽ وري نئين سر ويچار ڪرڻ لڳو ته ڇا ڪجي.

***

 

 

18-2-1963ع لاڙڪاڻي کان ٻاهر هڪ دوست جي دعوت ملڻ بعد ڏانهس ويا هئاسون. مون کي اها آس هئي ته اتي وڃي ڪا راڳ جي محفل لائينداسين. ان ڪري پنهنجي ٽولي مان ٻن ڳائيندڙن کي به پاڻ سان کنيوسين مگر اتي ڏٺوسين ته جن دوستن وٽ اسين وياسون انهن کي راڳ ويراڳ جو ڪو شوق ڪونه هو. جيتوڻيڪ اسان جي قوال کي چڱيءَ خرچي ڏنائون ۽ اسان جي کاڌ پيت تي چڱو خرچ ڪيائون، تڏهين به هنن جو بندوبست دل پسند نظر نه آيو. ماني وغيره بازاري گهرايائون ۽ خاص تڪليف وٺي ڪو رهائش جي لاءِ بندوبست به ڪونه ڪيائون. ايتري قدر جو ڪاٺيون ڪليون به اسان جي ڇوڪرن هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ڪري گهٽين ۾ ويهي پاڻ گرم ڪيو. اسان جي دوست کي ٻه گهر هئا مگر ائين ٿي لڳو ڄڻڪ هو هڪ بي گهر انسان هيو. پاڻ به چيائين ٿي ته ’منهنجي زندگي سڄي بي بندوبستيءَ جو مثال آهي.‘ هو پاڻ هڪ وڏو اديب ۽ پيسي وارو شخص آهي مگر جيترو سندس ڪم ۽ آفيس ۾ اچڻ وڃڻ يا پنهنجو ڌنڌو هلائڻ بي انتظام هو اوترو ئي سندس رهائش جو نمونو بي انتظام نظر آيو. هو سام جو هڪ پيارو دوست آهي جنهن ڪري هن کي ڪا لکا پنهنجي تڪليف جي اسان ڪونه ڏني. مگر موٽندي ڪار ۾ اسان جي پارٽي ان سڄي معاملي تي ويچار ڪرڻ ۽ راين ڏيڻ کان باز نه آئي. سام انهن سان يڪراءِ ٿي چيو: ”اڄ ڪلهه اسان جي شهري حياتي مصنوعي ٿي پيئي آهي. اهو ڪجهه قدر پشچم جي سڀيتا جو اثر آهي. انهن جون به اسان گهڻيون بريون ڳالهيون ڪاپي ڪيون آهن ۽ چڱيون تمام ٿوريون. اُتي جيڪڏهين ماڻهن جي گهرو حياتي شخصي پڻي (Individualism) جي ڪري ٽٽي پئي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جون سماجڪ حالتون تمام سٺيون آهن. ريسٽارنٽ هوٽل ۽ ڪلبن جو رواج اتي گهڻو آهي ته وري انهن ۾ جيڪي کائڻ پيئڻ وغيره جا بندوبست آهن سي به صحت جي اصول پٽاندڙ آهن. اسان وٽ مان نه ٿو ڀايان ته ڪنهن به ڊسٽرڪٽ ٽائون ۾ ڪو رهڻ جهڙو هوٽل هوندو جنهن ۾ ماڻهو صحت بگيڙڻ کان سواءِ گهڻو عرصو رهي سگهي. مون کي ياد آهي ته منهن جا ڪيترا حيدرآبادي دوست، ملڪ جي پارٽيشن کان اڳ رات جي ماني گهر ڪندا ئي ڪونه هئا ۽ سئينما يا گهمڻ کان پوءِ بزار مان چاپون، ڪباب ڊبل روٽي وغيره وٺي ايندا هئا. ننڍن ٻارن کي به اهو ئي کاڌو ڏيندا هئا. اهڙي طرح خفي کان ڇٽڻ جي لاءِ اڄ ڪلهه سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا آهن جيڪي بازاري کاڌا کائي وقت ٽپائي ڇڏين. ان ۾ هو آزادي سمجهن ٿا، هوڏانهن گهر ۾ زالون هار سينگار ڪرڻ يا پراين پچارن ڪرڻ ۾ پيون اجايو وقت وڃائين.“

سام وڌيڪ چيو: ”مون کي ائين لڳندو آهي ته جيڪا عورت گهر هلائڻ نٿي ڄاڻي ۽ پنهنجي مرد يا ٻارن کي سڀ سهولتون ميسر ڪرڻ ۾ ناڪامياب رهي ٿي، سا سچي عورت نه آهي. اڄ ڪلهه ڪي عورتون فقط پنهنجي سونهن جي کٽي کائن ٿيون يعني مرد انهن تي موهت ٿي انهن لاءِ وڏا وڏا بنگلا رکن ٿا. اها ٻنهي طرفين عزت ڀري ڳالهه نه آهي. جيڪا عورت پنهنجي مرد کي ساٿ ڏئي ان جا ۽ پنهنجيءَ حياتيءَ جا مسئلا حل ڪري ٿي، اُها سچو سک حاصل ڪري ٿي. مگر جيڪا پاڻ خود هڪ مسئلو بڻجي پوي ٿي سا پاڻ کي ۽ پنهنجي مرد کي نرڳ ۾ گهلي هڻي ٿي. گهڻو ڪري دنيا دارن جي گهرن ۾ مون جهڳڙائي جهڳڙا ڏٺا آهن. اسان جي پراڻين ريتن رسمن پٺيان وڏو فلسفو رکيل هو. جنڊ پينهي، ان صفا ڪري ۽ ٻيا گهرو ڪم پورا ڪري سنڌ ۽ ڀارت جون عورتون نه فقط گهر جي صحت برقرار رکنديون هيون مگر ڪم ۾ پاڻ وندرائڻ سان پاڻ کي خطرناڪ عادتن ۽ بيڪار شوقن کان بچائي سگهنديون هيون اڄ اهي ريتيون رسمون فقط ڪنهن ڪنهن گهر ۾ نظر اچن ٿيون.“

***

 

 

27-3-1963ع درازن جي هڪڙي پير سان گڏ ڪڇي مهاجرن جي طرفان اسان کي به دعوت ملي؛ سندن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان کي ۽ درازي فقير کي اهو خيال هو ته شايد اُتي ڪو راڳ ويراڳ به ٿيندو. پر اتي وڃڻ سان معلوم ٿيو ته هو ميلاد وغيره جو پروگرام پورو ڪري نماز پڙهي پوءِ شايد راڳ ڪندا. نماز هڪ نئين طريقي پڙهيائون ۽ وچ ۾  ٻه ڀيرا بانگ به ڏنائون؛ تنهن بعد حلقو ٺاهي ٽيهه يا چاليهه ڄڻا گڏجي ذڪر ڪرڻ جي لاءِ ويٺا. اسان کي هنن بروقت چيو ته توهان ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي مٿي چڙهي وڃي ويهو ته اوهان جي مرضي. مگر سام کين چيو ته اسين به اوهان سان هر حال ۾ شريڪ ٿينداسون؛ توهين ڀلي پنهنجو پروگرام پورو ڪريو. پوءِ ته اهڙو جوشيلو ذڪر شروع ڪيائون جنهن ۾ نه رڳو آواز چوٽ چڙهيل هيو پر ڪنڌ ڌوڻ به سخت نموني هلي، ايتري قدر جو انهن مان جن جون ڊگهيون ڏاڙهيون هيون سي ذڪر ڪندي اچي هڪ ٻئي سان پيون ٺهڪن. ان ڳالهه ڪرڻ جو سبب هي آهي جو اسان کي ڀؤ اچي لڳو ته متان اسان جا ڇوڪرا کلن يا ڪنهن نموني بي ادبي ڪن. سام کي وجهه مليو جو پير صاحب سان ٻه منٽ ڳالهايائين ۽ کيس چيائين: ”صوفيءَ جو هر مظهر ۾ سئر آهي. هي سڀ خيال ۽ طريقا انهيءَ يار جائي ايجاد ڪيل آهن؛ سالڪ جي منزل ان ڪري سڀ کان مٿي آهي جو سالڪ هر رنگ ۾ راضي رهي ٿو. تنهن ڪري توهان اسان جو ڪو فڪر ڪونه ڪريو. اسين هن مان پڻ مزو وٺي رهيا آهيون.“

تڏهن به پير صاحب جا ڪي مريد آهستي چوڻ لڳا: ”هنن ته اسان جي محفل ئي خراب ڪري ڇڏي!“ سام ڇوڪرن کي اشارن ۾ فهمائش ڪئي ته سٺي نموني ۾ هلجو. پوءِ گهر اچي هن بابت هينءَ چيائين: ”اسين پنهنجي لاءِ بيشڪ فيصلو ڪري سگهون ٿا ته ڇا ڪريون ۽ ڇا نه ڪريون مگر ٻين جي لاءِ ڪهڙو حق اٿئون جو چئون ته هو هينئن ٿا ڪن! دنيا ۾ هزارين طريقا مذهب جا آهن. ڪنهن کي خبر آهي ته خدا ڪهڙي نموني سان ٿو ريجهي؟ حضرت موسيٰ جي هڪ آکاڻي آهي جنهن ۾ هن هڪ ريڍار جو خيال ٽوڙي وڌو جنهن ذڪر ٿي ڪيو؛ سندس اکرن جي معنيٰ هئي ”يا چور!“ تڏهين کيس هدايت ڪيائين ته يا چور، يا چور چوڻ جي بدران چؤ يا ڪريم! يا ڪريم! ان تي چون ٿا ته الله جي طرف کان حضرت موسيٰ کي هدايت ٿي ته تو منهنجي پريميءَ جو پريم ڇو ٽوڙي وڌو؟

مطلب ته هي سڀ پڪارون پنهنجي آتما کي آهن؛ من کي ڪنهن به حيلي جاڳائڻو آهي ۽ اهڙا ساڌن ته هندو پنٿن ۾ به ٿيندا آهن؛ تنهن ڪري اسان لاءِ ضروري آهي ته انهن جي عزت ڪريون، اگرچ خيال جي چڪاس مان ڏسبو ته اهي سڀ هيٺين درجي جا طريقا آهن. جي روح فقط اک جي اشاري سان جاڳي پوي يا ڪنهن رنداني رمز سان کيس گيان جي پراپتي ٿئي ته پوءِ هيءَ ڪنڌ ڌوڻ برابر اجائي آهي. پر آتما جي جدا جدا اوسٿائن لاءِ جدا جدا طريقا فائدي وارا آهن ۽ انهن سڀني جو آدر ڪرڻو آهي.“

***

 

 

10-4-1963ع  آتما رام هريجن پنهنجي جاتيءَ وارن ۾ هڪ سمجهو ماڻهو ڏيکاربو آهي جنهن ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي ته پنهنجو ڌنڌو مٽائي ڪو ٻيو سٺو ڪم ڪجي. اسان به کيس دڪان ڪڍڻ يا ٻارن جو اسڪول ڪڍڻ وغيره جي ڪم ۾ ڪيترا ڀيرا مدد ڪئي آهي؛ سندس گهر واري به انهن ۾ شامل ٿيندي هئي. سندن ڪوشش آخر ناڪام ٿيڻ بعد ويچارن کي ڀنگيءَ جي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڪرڻي پئي. هينئر زال مڙد ٻيئي وري صفائيءَ جو ڪم ڪرڻ لڳا آهن. سندن دڪان جي ناڪاميابيءَ جو سبب اهو آهي جو سندن جاتيءَ وارا خود حسد کان سندن دڪان تان شيون وٺڻ کان عار پيا ڪن. ٻيا ماڻهو ’ڀنگيءَ‘ کان ڪا شيءِ خريد ڪن سو ته اسان جي سماج جي هن اوستا ۾ مشڪل پيو لڳي. سام آتمارام کان اهي احوال ٿي پڇيا، تڏهن هن چيو: ”اسان جي جاتيءَ جي زندگي هڪڙي پڃري مثل آهي جنهن مان نڪري ڪونه ٿا سگهون؛ وري وري ڦري اهوئي ڀنگين وارو ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪجي؟“

سام کيس چيو: ”همٿ نه هارڻ گهرجي. درحقيقت هي سنسار جا سڀ ڌنڌا پڃرن مثل آهن؛ جيئن تون پاڻ کي پڃري ۾ سمجهين ٿو تيئن اسين به زمينداري لائين ۾ گويا هڪ پڃري ۾ اچي ڦاٿا هئاسون، جنهن مان نڪرڻ اهنجو ٿي لڳو. نه رڳو گهر ٻار لاءِ ڪمائڻ جي ضرورت هئي پر زمينداري حياتيءَ ۾ ٻيا ڦڏا به اهڙو گهيري ويا جو سمجهجي پيو ته هن چڪر مان جلد نڪري نه سگهبو. اگهه اناج جا گهٽجي رهيا هئا؛ ڪيس فساد ۽ دشمنيون وڌنديون رهيون ته هوڏانهن سياست به اهڙو روپ اختيار ڪيو جو انگريزن جي هونديئي هندن جي لاءِ زمينداري ڌنڌو اهنجو ٿي پيو. پر انهيءَ آشا جي ول کي هميشہ پاڻي پيو ڏبو هو ته ڪنهن ڏينهن ستنتر جيون هلي ڪنهن آشرم ۾ گهارينداسون. اڄ به اڃا اها آشا پوريءَ طرح حاصل ڪو نه ٿي آهي. اهڙيءَ طرح ٻين ڌنڌن ۾ به ويچار ڪري ڏسندءُ ته مشڪلاتون گهڻيون آهن؛ درحقيقت اسان کي ڇوٽڪارو پاڻ منجهان ئي پائڻو آهي ۽ نه ڪن ٻِاهرين حالتن مان. تون ڪوشش ڪندو ره وڌيڪ رام تي ڇڏي ڏي.“

آتما رام چيو: ”جيڪا رٿ پنهنجي پئچائت کي ڪنهن سڌاري جي لاءِ ڏيان ٿو ته اُهي قبول ڪونه ٿا ڪن. توهان ئي ٻڌايو ته جيڪي مان ڪرڻ چاهيان ٿو سو غلط آهي ڇا، جو سڀ ڳالهه ۾ مان اڪيلو ئي رهجي ٿو وڃان؟“

سام کيس چيو: ”پنهنجا سچا ساٿي ڳولهه. اُهو سنگ ڳولهه جنهن ۾ تون اڪيلو نه سمجهين پاڻ کي. بر ۾ سلو پيدا ٿيندو تڏهن به اسرندو مشڪل پر باغ ۾ ٻين سلن جي صحبت ۾، يعني آلهه ۽ ڇانو ۾، سندس واڌارو چڱو ٿيندو. تنهن ڪري تون به نئين سر پنهنجا ساٿي وڃي ڳولهه. هت اچ يا ٻئي هنڌ جتي دل جو مزو پائين اُتي وڃي انهن سان ڪم ۾ شريڪ ٿيءُ؛ سچي سنگ ۾ وڏي طاقت پائيندين ۽ اڪيلائي محسوس نه ڪندين.“

***

 

 

6-12-1963ع لاڙڪاڻي ۾ هڪڙو ساڌو رهندو آهي جو ڪيترا سال پنهنجي گهر کان ٻاهر ڪونه نڪتو آهي. ڪجهه عرصي لاءِ ته پنهنجي گهر جي کڏ تان به هيٺ ڪونه لهندو هو، سندس رهڻي ڪهڻي جا نيم چڱا نظر ايندا هئا، مگر سام جڏهن کيس پهرين ڀيري ڏٺو هو تڏهن سندس ٻاهرين لباس ۽  رهت سٺي هوندي به اهي اکر چيا هئائين ته هي حدون پاڻ تي ڇو وڌيون اٿس؟ سالڪ پوري سمجهه وارا ته نه ڪي اهڙيون حدون پاڻ تي وجهندا آهن ۽ نڪي قسم عمر لاءِ کڻي ڇڏيندا آهن؛ زنده دلي وارن جو نيم به زندهه ٿيندو آهي. گويا سندن نيم شوق مان پيدا ٿيندو آهي ۽ نه ڪنهن ٻاهرين مجبوريءَ مان.

ڪجهه عرصي بعد ائين پڻ معلوم ٿيو ته اهو ساڌو ڇوُت وغيره جا خيال رکندو آهي. تنهن بعد ڪي سندس خط اسان ڏانهن اچڻ لڳا جن ۾ ٻين ڳالهين کان علاوه هو سام کي ائين به لکڻ لڳو ته توهين مشهوري پسند ڪريو ٿا؛ پنهنجا ڪلام ڳايو ٿا ۽ ان ۾ خوش به ٿيو ٿا. اڳين فقيرن جي اها ريت ڪانه هئي ۽ نه توهان وانگر بحر وزن ۾ ڪلام لکندا هئا!

سام پهريائين ته چوندو هو ته هيءَ فقير جي هڪ محبت جي ويڙهه آهي؛ ڀل پيو ڪري کيس ڪو جواب ڪونه ڏيندا هئاسون. پر هي ساڌو جلد جلد وڌيڪ اهڙا خط لکندو رهيو؛ وڌيڪ ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجن سوالن جا جواب گهرڻ لڳو. تڏهن سام کيس خط آڻيندڙ سان هينءَ زباني نياپو ڏياري موڪليو:

”نئين گهوڙي جڏهين پهريائين وهو نڪرندي آهي ته گاهه کان، ٻوڙي کان، سڀ شئي کان پيئي ڇرڪندي آهي؛ اهڙيءَ طرح نوان فقير به ورت ۽ ڇوت وغيره جا ڇرڪ رکندا آهن. مگر جڏهن گهوڙا يا عشق جا راهي منزلن تي چڙهندا آهن تڏهن کانئن ڇرڪ سڀ ڇڏائي ويندا آهن. اهي ڦڏا تيستائين آهن جيستائين منزلن تي نه چڙهيا آهيو. ڀلا پنهنجن راڳن ڳائڻ يا اخبارن ۾ ليکن وجهڻ ۾ ڪهڙو هرج آهي؟“ سام وڌيڪ چيو: ”اسين ته هر جاءِ ۽ هر ڪم ۾ اهو هڪ يار ڏسون ٿا. اوهان جا حجاب اوهان جي دوئيءَ مان پيدا ٿين ٿا. جيستائين پاڻ پوريءَ طرح آرپن نه ڪيل آهن تيستائين اُهي لڄڪا رهندا آهن. مگر جن پاڻ ۾ خود يار وهاريو آهي سي گويا پاڻ کي راضي ڪرڻ سان ان کي ئي راضي ڪن ٿا.“

***

 

 

هڪ ڀيري ان ساڌوءَ وٽ هڪڙو ماڻهو شرڌا سان گل کڻي آيو. مگر هن جي گهڻي ڪوشش بعد به ساڌوءَ گل ڳچيءَ ۾ نه وڌا. آخر گلن آڻيندڙ کي کڻي اهي گل ڳچيءَ ۾ وڌائين. سام چيو: ”مون انهيءَ مهل ئي سمجهيو ته فقير ۾ اڃان ”مان پڻو“  آهي. ظاهر ۾ نمرتا جو اظهار نڪرڻ سو به من جي اڀمان ۽ ڪنهن لڪل خواهش نالي ڪڍڻ جي مان پيدا ٿئي ٿو. اسان کي انهن ٻاهرين ڳالهين تي ڪو به ڌيان ڏيڻ نه گهرجي مگر ساڌوءَ يا فقير جي محبت مان ئي سندس وڏائي معلوم ڪرڻ گهرجي. جيتري محبت هو دل ۾ رکي ٿو ۽ جيترو پريم جو آنند پاڻ ماڻي ٿو اوترو ئي ٻين کي ڏيئي سگهندو. باقي اهڙا نيم وغيره سڀ الله سان اٽڪلون آهن جن مان ڪجهه به نه ورڻو آهي.“

اهو فقير خطن ۾ پاڻ کي هڪ وڏي صوفي درويش جو ”ڪتڙو“ ڪري سڏائيندو آهي؛ دستخط به ائين ڪندو آهي، جيتوڻيڪ پاڻ اصل هندو گروءَ جو چيلو آهي. پنهنجي نئين مرشد جو منهن به ڪونه ڏٺو اٿائين. اهو ڏيکاري ٿو ته هو نالي لاءِ خواهان آهي. خطن آڻيندڙ فقير ائين پڻ ٻڌايو ته جنهن داتا جو ”ڪتڙو“ سڏائيندو آهي، تنهن جي پوٽي جي هٿ لڳل پيالي ۾ وري پاڻي به ڪونه پيئي، اگرچ هو اُن کي به مرشد ڪري سڏيندو آهي! مسلمانن جي گلاس کي سندس هٿ لڳندو ته پنهنجو هٿ ڌوئندو آهي! سام وڌيڪ چيو ته اها ڳالهه سنڌ جي هڪڙي چڱي گهراڻي واري هندو استريءَ جي ياد ڏياري ٿي، جنهن هڪ مسلمان آفيسر سان شادي ڪئي هئي. ان مان ٻار به ڄڻيائين، مگر کاڌو هندوءَ جي هٿ جو رڌل کائيندي هئي! ان ڪري هو لاڙڪاڻي اچن ته کاڌؤ اسان وٽان گهرائيندا هئا.

”مرشد ڇا آهي ۽ ڇو ڪجي ٿو؟“ ان سوال جي سمجهاڻي ڏيندي سام چيو: ”الله ڪنهن عرش تي ڪونه وڃي لڪي ويٺو آهي؛ هو اتي ئي پنهنجو پاڻ پر گهٽ ڪري ٿو. کيس اتي ئي تسليم ڪجي. جيڪو سندس روپ سڀ کان سهڻو ۽ سچو ڏسڻ ۾ اچي، يعني جنهن انسان ۾ ان جي جيوتيءَ جو پر ڪاش نظر اچي انهيءَ کي ئي ڀل سجدو ڪرڻ گهرجي. انهيءَ کي ئي گرو يا مرشد ڪري مڃڻ گهرجي، جنهن ۾ اسان جا سڀ آدرش سمايل نظر اچن. انهيءَ ڪري ئي گروءَ ۾ ايشور جي مورتي نظر اچي ٿي جو ان جي مثال کان وڌ ٻيو ڪو مثال پاڻ کي ان جي پورنتا جو معلوم ڪونه آهي؛ تنهن ڪري چيلو پنهنجي گروءَ تان ٻلهار وڃي ٿو. انهيءَ محبت منجهان ئي ادب پيدا ٿئي ٿو ۽ گروءِ يا مرشد جي هر شيءِ پاڪ نظر اچي ٿي. مگر جتي اها سچي محبت ڪانه آهي ۽ ٻاهرين مطلب ڪري ڪو گرو ڪيل آهي ته اتي اهو ادب به رهي ڪين سگهندو! نه ته مرشد جو پيالو کيس پاڪ نظر اچڻ گهرجي. ڪا عجب جي ڳالهه ڪانه آهي جو مرشد جو هٿ لڳل پيالو به مانجي پوءِ هي ساڌو پاڻي پيئي ٿو!“

***

 

 

انهيءَ ساڌو جي هن يا هن ڳالهه تي اعتراض واري رخ بنسبت سام چيو: ”جانور هڪڙا سچر ٿيندا آهن ۽ هڪڙا ڏچر. سچر اُهي آهن جيڪي گهڻن گاهن مان مزو وٺي سگهن ۽ جهنگ ۾ پن ٻوٽو ڊڀ ڊاڙي کائي پيٽ ڀري اچن. ڏچر اُهي چئبا آهن جيڪي ڪي گاهه دل سان کائن ئي ڪونه. اهڙيءَ طرح سالڪ اُهي آهن جيڪي حياتيءَ جي هر پهلوءَ مان مزو وٺن ۽ هر ڳالهه کي ويچاري ان مان چڱو مطلب ڪڍن ۽ ان ريت پنهنجي زندگي وڌيڪ مالا مال ڪن. سندن عشق و ذوق هميشہ قائم آهي. جيڪي هنن ’ويتنو‘ فقيرن وانگر پيا ويڪون سڀ مان ڪڍن، نيم ۽ نيتيءَ جي ٻنڌنن ۾ نهوڙجي وڃن ۽ ڀانتي ڀانتي انسانن مان مزو وٺي نه سگهن، اُهي هميشہ خيال ۾ ڏٻرا رهجي ٿا وڃن.“

***

 

 

ٿورا ڏينهن ٿيا ته دادا جهامنداس هڪ ڪارڊ لکيو جنهن ۾ ظاهر ڪيائين ته اوهان جي ڊائري سنڌي ادب ۾ هڪ نرالي چيز آهي. سام ان ڳالهه تي چيو: ”مون کي خوشي آهي جو تنهنجي ڊائري سنڌي ادب ۾ جاءِ والاريندي.“

مون چيو: ”ان ۾ ته منهنجو ڪجهه به ڪونه آهي؛ خيال ته سڀ توهان جا ۽ ٻين جا پيش ڪيل آهن؛ اُن ۾ منهنجي ڪهڙي وڏائي آهي؟“

سام چيو: ”ڏاند جي مٿان جهڙي ڀري ڪاٺين جي اهڙي ڀري تاتار جي مشڪ جي! ڇا تون هڪ اخباري رپورٽر ٿي اهي ڳالهيون لکيون آهن يا پاڻ به اُن مشڪ مان ڪو مزو ورتو اٿيئي؟ جي تو پرائو بوج سمجهي اُهو بار کنيو آهي ته برابر تنهنجي حالت قياس جوڳي آهي، پر جيئن انهن ڳالهين ۾ تنهنجو ذاتي چاهه آهي ته اُها هڪ وڏي خوش نصيبيءَ جي ڳالهه آهي، جو اهڙي واپار ۾ انسان جو وقت گذر ٿئي. هيرا موتي پراوا ڇو نه هجن يعني تنهنجا پيدا ڪيل نه هجن تڏهن به انهن کي هڪ سهڻي هار جي صورت ۾ پوئڻ سان ڪا گهٽ ڪاريگريءَ ۽ گهٽ خوشيءِ جي ڳالهه نه آهي!“

***

 

 

8-12-1963ع ڪجهه وقت کان هڪڙو نئون ڇوڪرو نرمل نالي اسان وٽ ايندو آهي. سندس چوڻ تي سام ٿورا مهينا اڳ کيس ڪو اتاري جو ڪم ڏنو هو مگر هو چڱيءَ طرح ڪري نه سگهيو. سام چيو: ”هن جي دل ڪم سان نٿي لڳي. جاچ ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هو ڪن گهرو حالتن ڪري خوش نه رهندو آهي. ڪالهه جڏهين وري اسان وٽ آيو تڏهين سندس اُتاري جي ڪم جو ذڪر نڪتو. سام چيو: ”کيس ڪم ڪجهه ڪونه ڏبو ڇا لاءِ جو هن جي دل انهيءَ ڪم ۾ ڪانه آهي ۽ ڏانهس منهن ڪري چيائين. ”توکي ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سچ پچ تنهنجي دل لڳي؛ پر شارٿ ضروري آهي پر هر ڪنهن انسان کي پنهنجي ڪم جو دائره پاڻ چونڊڻو آهي. هر آتما ڪو نئون ارادو يا اڇا ڌاري هت اچي ٿي ۽ ان کي ڪو نه ڪو ڪم ڪري ڏيکارڻو آهي. اسان کي ائين پيو لڳي ڄڻ تون ننڊ ۾ گهمي رهيو آهين ۽ جيوت ۾ پورو اتساهه ڪو نه ٿو رکين! حياتيءَ جو مطلب کائڻ پيئڻ يا وقت گذارڻ ۾ نه آهي مگر ڪنهن ڪم ڪري ڏيکارڻ ۾ آهي.“

سوال اٿيو ته نرمل ڪهڙو ڪم ڪري، تڏهن سام هڪ فقير جي ڳالهه ٻڌائي جو پنهنجي مرشد وٽ ويو ۽ چيائين ته ذڪر فڪر جيڪو ڏسيو سي ڪياسين، پر الله ته اسان کي ڏسڻ ۾ ڪو نه آيو! هاڻي اهڙو ڪو ڏس ڏيو جو الله جو پاڻ ۾ ديدار حاصل ٿئي. مرشد سندس ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ کائنس پڇيائين ته جهان ۾ توکي سڀ کان وڌيڪ ڇا وڻندو آهي؟ فقير وراڻيو مون کي سڀ کان وڌيڪ ڏاند وڻندا آهن. تڏهين مرشد کيس چيو: ”پوءِ ته ڳالهه سهنجي آهي. ڇا لاءِ جو الله جي صورت به سچ پچ ڏاند وانگر آهي. تون وڃي ڏاند جي صورت تي ڌيان ڪر ۽ انهيءَ سان وڃي هيڪڙائي حاصل ڪر.“ فقير چاليهه ڏينهن وڃي هڪ سوڙهيءَ گفا ۾ ويٺو ۽ ڏاند جي صورت ۾ الله جو ڌيان ڪرڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن بعد سندس مرشد کيس ٻاهر سڏ ڪيو، اهو خيال ڪري ته ڏسان ته هو ڪيتري قدر ڪامياب ٿيو آهي. فقير  سڏ تي ٻاهر نڪري آيو. مرشد وڌيڪ پڇا ڳاڇا کان سواءِ کيس چيو: ”اڃا پورو تصور ڪونه پچايو اٿئي. وري ڌيان وڃي ڪر.“ ڪجهه ڏينهن بعد جڏهين کيس ساڳيءَ گفا مان سڏ ڪيائين ته فقير چوڻ لڳو ”مان ٻاهر ڪيئن اچان؟ منهنجا سڱ هن سوڙهي در مان نڪري ڪونه سگهندا.“ مطلب ته هن الله جي اهڙي صورت من ۾ ويهاري جو پاڻ کي گويا ڏاند جي صورت ۾ ڏسڻ لڳو. هو ذڪر فڪر ڪجهه ڪونه ٿي ڪري سگهيو پر هن اتي پنهنجي عشق واري شيءِ مان اُن سان هيڪڙائي حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح هي دنيا جون شيون سڀ بهانا آهن. انهن جي معرفت به اها هڪ شيءِ حاصل ٿي سگهي ٿي جنهن جي اسان جي آتما کي لوڙ آهي. هاڻي نرمل کي به پاڻ کان سوال پڇڻو آهي ته ڪهڙيءَ شيءِ يا ڪهڙو ڪم کيس سڀ کان پيارو لڳي ٿو. پوءِ اُن کي چهٽي وڃي ۽ اُن مان پنهجي آتما جو مقصد حاصل ڪري!

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org