13-2-1955ع اڄ ڊپٽي صاحب، صوفي صاحب ۽ هڪ مسلمان
انجنير دوست جنهن جو اڳي ذڪر ڪيل آهي، اسان وٽ
آيا، ڊپٽي صاحب شندوگيه اُپنشد مان ڪجهه پڙهيو.
جڏهين بحث ڪرم ۽ ڪرم جي ڦل تي هليو تڏهين سام ان
انجنير دوست کي سمجهائيندي چيو: ”منهنجي خيال موجب
ڪرم ۽ ڪرم جي ڦل ۾ ڪا وٿي ڪال ۽ ديس جي ڪا نه ٿي
پوي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”اسلام ائين نه ٿو مڃي. اسلام موجب هتان جي ڪرمن
جو ڦل قيامت ڏينهن ملڻو آهي. ان لاءِ توهان ڪهڙي
ٿا سمجهاڻي ڏيو؟“
صوفي صاحب چيو: ”اها ڳالهه هڪ بزرگ اسان کي هينئن سمجهائي هئي.
سئنيما ۾ کيل ڏسجي ٿو؛ کيل وارن ته اهي ڪم ڪي
مهينا يا سال اڄ کان اڳي ڪري ڇڏيا هئا. مگر تنهن
هوندي به پڙدي تي اهي ڪم اڄ اسين ڏسي سگهون ٿا.
اهڙيءَ طرح هن جسماني پتلي گم ٿيڻ تي اهي ڪم گم
نٿا ٿين. روح جي پڙدي تي سئنيما جي پڙدي وانگر اهي
چٽيل رهن ٿا ۽ وري ڏسڻ ۾ وقت يعني قيامت جي ڏينهن
ظاهر نظر اچن ٿا.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”ناٽڪ جي پڙديتي سزا طور تير ڪڇي هڻو ته ڪنهن
ائڪٽر کي سچ پچ سندس ڪيل گناهه جي سزا ڪانه ملي
ويندي، ڇا لاءِ جو اهو سچو ائڪٽر نه آهي. مگر روح
کي قيامت جي ڏينهن سزا يا ثواب جو ڀاڱو ملڻو آهي.
تنهن ڪري ناٽڪ جي پڙدي وارو مثال هت لاڳو نه آهي.“
سام چيو: ”اسان کي ڪرم جي اصول يا
(Theory)
سمجهڻ لاءِ ڪنهن مذهب جي عقيدن ڏانهن نهارڻ نه
گهرجي. پنهنجي خيال ۽ آزمودي مان گهڻو اسين چئي
سگهون ٿا. جيئن مون اڳي ڪيترا ڀيرا چيو آهي. هيڏي
ساري وگيانڪ اصولن تي ٻڌل ۽ اڻ ٽر قانون سان هلندڙ
سرشٽيءَ جو ڪاروبار، جو خود بخود هلندڙ ڏسڻ ۾ اچي
ٿو، سو ڪيئن اهڙو سست يا پٺتي پيل ٿيندو جو ان ۾
ڪرم جو ڦل هن کان پوءِ ڪي سال يا صديون ملي؟ اها
ڳالهه مڃڻ ئي ٻاراڻيءَ ٻڌيءَ جي شاهدي ڏيندي.
منهنجو خيال آهي ته برائيءَ جو نتيجو برائي ڪرڻ
سان ئي ملي وڃي ٿو ۽ ڀلائي جو نتيجو ڀلائي ڪرڻ سان
ڳنڍيو آهي. سا پورڻ نه چئبي جيڪڏهين ڪرم جي نتيجي
ڏيڻ ۾ ايتري دير وجهي ٿي.“
نئين انجنيئر دوست چيو: ”مثال وٺو هڪ بلئڪ مارڪيٽ ڪندڙ ڏوهي
ماڻهوءَ جو. هو پئسا هٿ ڪري پنهنجي حياتيءَ مزي ۾
گذاري ٿو. اسين چئون ٿا ته هن کي برائيءَ جو نتيجو
نيٺ ڪنهن وقت ملندو. پر جي توهان چئو ٿا ته اتي جو
اتي کيس نتيجو ملي ويو ۽ ٻڌايو هن کي ڪهڙو نتيجو
مليو؟“
سام چيو: ”نتيجا ڪرم جا يا انعام ۽ سزائون اسان کي دنيوي عشق يا
غريبيءَ ۾ هروڀرو ڪو نه ٿيون ملن. گهڻو مال گڏ ٿيڻ
خود هڪ سزا ٿي سگهي ٿي، ڇا لاءِ جو اهو چنتا ۽
بيقراري پيدا ڪري سگهي ٿو. گرو نانڪ جي ڳالهه ڪندا
آهن ته پنهنجي ٻن چيلن ٻالي ۽ مرداني سان گڏ وڃي
هڪ سکر ماڻهوءَ وٽ مهمان ٿيو؛ هو پنهنجي ڌن دولت
جي غرور ۾ هيو؛ هنن فقيرن جي ڪا به خدمت ڪا نه
ڪيائين. صبح جو موڪلائيندي کيس آسيس ڪيائون ته
بابا شل اڃان وڌندين ويجهندين! ٻئي هنڌ وري رات
پين، جتي سندن گهڻي خدمت ڪئي وئي، اهو گهر وارو هڪ
غريب ماڻهو هو ۽ ڀڳتيءَ جي مارگ تي هلندڙ هو. کيس
هڪ ٻڪري هئي، جنهن جي چنتا سندس ڀڳتيءَ ۾ رڪاوٽ ٿي
وڌي. صبح جو موڪلائڻ وقت بابا نانڪ هن کي دعا ڪري
چيو ته شل ايها ٻڪري به هلي ويندءِ! گرو نانڪ جي
چيلن کائنس انهي ڳالهه جي سمجهاڻي پڇي. ته جنهن
هيترو غرور ٿي رکيو تنهن کي جهجهيون دعائون ڏنو، ۽
غريب شيواڌاريءَ کي ٻڪريءَ جي کسجڻ جو پاراتو
ڏنوَ. سو ڇو؟ گرو نانڪ اهو راز کولي ٻڌايو ته هيءَ
ٻڪري سندس ڀڳتيءَ ۾ ڀنگ پئي وجهي. هن مثال مان
ائين سمجهڻ گهرجي ته شايد ان مغرور دولت مند کي
اڃا دک پسڻ جي ضرورت هئي، جنهنڪري سندس آتمڪ
انتيءَ لاءِ دک جو باعث هيءَ دولت وڌڻ جي دعا کيس
ملي.“
ڊپٽي صاحب چيو: ”چئبو ته انهيءَ کي پٽيائين!“
سام چيو: ”اسان کي دک سک جو مسئلو ان ريت سمجهڻ نه گهرجي ته ڪو
ايشور اسان جو دشمن آهي، يا هوڪو قهاري حاڪم آهي
جو ساڙ کان انسان کي دک پيو پلئي وجهي. مگر دک ۽
سک ٻئي جيوت جي واڌاري لاءِ جيوت جا ضروري جزا
سمجهڻ گهرجن. جيئن نيگيٽو ۽ پازيٽو جزا بجليءَ جا
پاڻ ۾ ملي پرڪاش پيدا ڪن ٿا؛ جيئن رات ۽ ڏينهن هن
ڌرتيءَ جي انتظام لاءِ فائدي مند ٿين ٿا، تيئن دک
سک خود من جي جاڳرتا لاءِ ضروري ٿين ٿا. دک خود
سچي سک جي چاهنا پيدا ڪري ٿو. مثال طور جيئن گهڻي
ڊڪ ڊوڙ ۽ جانفشانيءَ کان پوءِ گهر هڪ بهشت ٿي نظر
ايندو آهي، تيئن دکي انسان جو من سچي سرڳ جي چاهنا
رکندو آهي. رواجي سک خود ان علاجي دک ڏانهن ڇڪجي
وڃن ٿا. اُهو سچو سک يعني آنند هن سنساري دکن ۽
سکن کان مٿي آهي. دک ۽ سک حقيقت ڪري ڪجهه ڪين آهن.
اهي فقط اثر آهن جي پنهنجي ڀاونائن ۽ مرادن تي
مدار رکن ٿا. تنهن ڪري انهن کي سزا يا انعام ڪري
ڳڻڻ نه گهرجي. جڏهين سچو آنند حاصل ٿيندو، تڏهين
دک، سک، ڪرم، مرادون ۽ سڀ ڀاونائون گم ٿي وينديون.
اهي سڀ نالي ماتر محسوس ڪيا ويندا.“
***
20-4-1955ع هتان جي هڪ نئين آفيسر سان اسان جي ڏيٺ ويٺ ٿي.
سندس عورت جو رلڻو ملڻو سڀاءُ آهي. ان جي بيمار ٿي
پوڻ ڪري هينئر خاص ڪري مون کي وٽس وڃڻو پوندو آهي.
ساڻن ڪافي پنهنجائي ٿي وئي آهي. هڪ لڱا ان آفيسر
پنهنجي پتا کي ياد ڪندي چيو ته منهنجي ساڻس سڀ کان
وڌيڪ محبت هئي ۽ هو مون کي سڀني ٻارن کان گهڻو
پيار ڪندو هو. سام جنهن کي هن جوڙي جون گهڻيون
ڳالهيون ٻاراڻي طور وندرائيندڙ لڳنديون آهن، تنهن
کيس رد ڏيئي چيو ته اها ڳالهه پوري نه آهي، ڇا
لاءِ جو محبت ۾ ڪي فرق ڪونه ٿيندا آهن.
اسان جي آفيسر دوست چيو: ”فرق ضرور ٿئي ٿو. محبت ڪنهن سان ٿوري
ڪنهن سان گهڻي ڪجي ٿي.“
سام چيو: ”ائين کڻي چئجي ته واهپو يا لاڳاپو ڪنهن سان گهٽ ڪنهن
سان وڌ ٿئي ٿو؛ مگر محبت آتما جو انس آهي، ۽ جيئن
آتما ۾ ڪو فرق ڪونه آهي تيئن سچي محبت ۾ به ڪو فرق
ڪونه ٿو رهي. عام طرح محبت اکر اسين ڦلهڙي نموني
ڪم آڻيون ٿا. مگر مان اشارو ان محبت ڏانهن ڪريان
ٿو جا آتما مان آتما جي لاءِ پيدا ٿئي ٿي. ان جا
ٻيا نالا انسانيت ڌرم يا فرض ادائي کڻي چئجن. ان
ريت مان چئي سگهان ٿو ته مون کي پنهنجي ٻارن لاءِ
يا ٻين عزيزن لاءِ ۽ اوهان دوستن لاءِ جن سان دلي
واهپو اٿم، ساڳي محبت آهي، توڙي جو انهن سان
ٻاهران ناتا ساڳيا نه ٿا رهن.“
اسان جي دوست ان ڳالهه تي بحث ڪونه ڪيو، مگر مون ۾ ذرا رنج پيدا
ٿيو جو سام منهنجي به ٻين سا مشابهت ڪئي ۽ چيائين
ته ٻين کي به مان اوتروئي ڀانيان ٿو. مون ڪجهه
چرچي ۾ ۽ ڪجهه ساڀيا ۾ کيس چيو: ”توهان جو پيار يا
ته اڇاتو هوندو يا ته زمينداري نموني بٽئي ٿيل
چئبو، جو منجهس سڀ هڪ جيترا حصيدار آهن!“
سام چيو: ”راڌا ڪنهن وقت ايترو ته ڪرشن سان پاڻ کي هڪ سمجهندي
هئي جو هر جاءِ سندس صورت پئي پسندي هئي. اهڙيءَ
طرح اسان جو هڪ نثري نظم آهي جنهن ۾ راڌا چوي ٿي
ته مان پاڻيءَ جي ڇولين ۾ ڪرشن جي مورت ڏسان ٿي؛
وڻ جي پنن مٿان چٽيل ليڪن ۾ سندس پوتر نام جا اکر
پڙهان ٿي؛ ڪڪرن جي قطارن ۾ ڪرشن جي گائين جون
صورتون سڃاڻان ٿي؛ منجهن گرڪل جا چراگاهه ۽ چارا
ڏسان ٿي. هيءَ به ساڳي ڳالهه ڪري سمجهه. انسان آتم
درشي ٿئي ٿو ته ان کي هر جڳهه ساڳيو سروپ نظر اچي
ٿو.“
مون چيو: ”مگر راڌا ائين ته ڪٿي ڪونه چيو آهي ته مان ڪرشن جيترو
پيار ٻين کي ڪريان ٿي!“
سام وراڻيو: ”جڏهن ٻيو ڏسي ئي ڪونه ٿي ته پوءِ ٻين جي پيار جو
سوال ئي ڪهڙو ٿو اٿي؟ جڏهن هوءَ ڪڪرن، پاڻيءَ ۾
هوائن ۾ خود ڪرشن ٿي ڏسي ته پوءِ سندس پيار جو
مقصد ضرور هڪڙو ئي چئبو. ان ريت تون سمجهه ته اسين
هڪ ئي آتما انهن پيارين شين ۾ ڏسون ٿا، يعني پيار
آتما ڪارڻ ڪريون ٿا. پيار ۾ ڪا حصيداري يا بٽئي پڻ
ٿي ڪانه ٿي سگهي؛ پيار آتما جي آتما ڏانهن ذاتي ڇڪ
آهي. اپنشد جي رشين جي اها ڳالهه اسان اڳ به
دهرائي آهي ته پٽ، زال، ڀاءُ وغيره پيارا آهن آتما
ڪارڻ، باقي ناتا زماني جا جيڪي آهن تن ۾ ڏي وٺ ٿي
سگهي ٿي پر انهن کي پيار جو نالو نٿو ڏئي سگهجي.
جدا جدا ماڻهن سان انساني فرض ادائي جدا جدا نموني
نڀائي وڃي ٿي؛ برابر اسين ڪمايون پنهنجي گهر ٻار
لاءِ ٿا مگر پيار آتما ڪارڻ سڀني کي ڪري سگهون ٿا.
خيال ۾ ڪو اهڙو موقعو آڻ جي ٻئي جو سونپيل ٻار
(مثال طور ڀاءُ جو) ۽ پنهنجو ڄڻيل ٻار هڪ
....................... ۾ هجن. سمجهه کڻي اهي
توکي ئي سونپيل هجن. ان وقت ٻئي جي ڄڻيل ٻار کي
پرائو سمجهي ڦٽو ڪري ڇڏڻ وڌ ۾ وڌ نيچتا جهڙو ڪم
ٿيندو. بلڪ اهڙا گهڻا مثال زندگيءَ ۾ ٿيا آهن جو
پنهنجي ڄڻيل اولاد کي وساري انسانن، ڪجهه وقت لاءِ
پاڻ کي به وساري ٻين سان فرض پاليو آهي. اهوئي آهي
پيار آتما ڪارڻ. اها فرض ادائي يا سڀني جو ڀلو
چاهڻ يعني انسانيت جو قائم رکڻ سڀ کان اتم ڌرم
آهي. ان ۾ ڪو به فرق ٿي ڪونه ٿو سگهي.“
تنهن کان پوءِ مورتي پوڄا جو ذڪر نڪتو. ان آفيسر چيو اسلام ۾
مورتي پوڄا هر حالت ۾ گناهه آهي. ازانسواءِ هي
سمجهڻ گهرجي ته سچي تصوير ڪرشن جي يا ٻئي ڪنهن
پيغمبر جي ملي ڪانه سگهندي. تنهن ڪري مندر ۾ يا
گهر ۾ اهڙين تصويرن رکڻ ۾ ڪو فائدو ڪونه آهي.
پنهنجي خيال مان الله جون صورتون چٽڻ سو ناجائز
آهي. ڇا ڪاڻ جو الله بي چون، بيمثل آهي.“
سام چيو: ” تڏهين جهان ۾ هي صورتون سڀ ڇا جون ٿا ڏسون؟ انهن ۾
ڪير سمايل آهي؟“
اُن آفيسر چيو: ”اسلام جي ٿيالاجي
(Theology)
موجب الله انهن جو پيدا ڪندڙ آهي؛ مگر اهي الله
جون صورتون نه آهن.“
سام چيو: ”هو مذهب ۽ فلاسافيءَ جو هڪ جهونو سوال آهي. پڇي سگهجي
ٿو ته الله ڇا مان اهي سڀ شيون پيدا ڪيون؟ صوفي
ڪلمي جي منڍ جي اها معنيٰ ڪن ٿا ته الله کان سواءِ
ٻيو الله يعني الله جو ضد ڪو ڪونه آهي. پر جيڪڏهن
اها ڳالهه مڃجي ته الله هر جاءِ حاضر آهي ۽ هر
شيءِ ۾ سمايل آهي يا فقط ايترو ئي کڻي مڃجي ته سڀ
جوڙ انهيءَ جي آهي ته پوءِ انهيءَ جوڙ ۾ ضرور
انهيءَ جا ڪي اُڪار، ڪي وصفون يا شاهديون سندس ذات
جون خود موجود هونديون. ان نموني نه رڳو پوڄا واري
مورتي پر سڀ صورتن ۾ الله جي شاهدي ملي ٿي. مان ته
پوڄا لاءِ ڪنهن مورتيءَ تائين به ڪو نه ترسندو
آهيان. ارادو ٿيندو ته ڪنهن ڀت يا ميز جي سامهو
کڻي مٿو ٽيڪيان! جيتوڻيڪ قبول ڪريان ٿو ته مٿو
ٽيڪڻ به هڪ ٻاهريون نمونو آهي جنهن ۾ اندر جو ڀاءُ
ظاهر ٿئي ٿو. عبادت جا ٻيا به گهڻا نمونا آهن.
ڪڏهين بنا مٿي ٽيڪڻ ۽ يا پريئر ڪرڻ جي. فقط خيال
جي هيڪڙائي حاصل ڪرڻ سان، هن سرشٽيءَ جي سرجڻهار
ساڻ وجودي هيڪڙائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان ريت
اولهه طرف منهن ڪري نماز پڙهڻ سو به مورتي پوڄا
وانگر خيال جي هيڪڙائي آڻڻ جو هڪ ذريعو ڪري سمجهڻ
گهرجي. حج ڪرڻ وقت ڀلا ڇو ٿو ڪاري پٿر کي چمجي يا
ڪعبت الله کي طواف ڪجي؟ ڇا ان ۾ خود اهو هيڪڙائي
حاصل ڪرڻ وارو اصول يا ڀاو سمايل ڪين آهي؟
ان آفيسر چيو: ”اهو پٿر تاريخي آهي. حضرت ابراهيم جي وقت کان
هليو پيو اچي. مگر ان جي پوڄا ڪانه ٿيندي آهي.
انهيءَ سان ڪي يادگيريون ڳنڍيل آهن؛ جن جو خيال
ڪري دل خوش ٿئي ٿي.“
سام چيو: ”وري ڏسو! جڏهن حضرت ابراهيم جو خيال دل تي اچي ويو ته
ان جي چٽي صورت نه ڄاڻندي به ڪي خيال سندس صورت
بابت دل تي چڙهي اچن ٿا. مثل طور اتان جا پهاڙ
رڍون، ڏاچيون وغيره ۽ ان وقت جا ڍنگ پوشاڪ وغيره
جا، جن ۾ اسين ان جو تصور ڪري سگهون ٿا. خاص چٽي
تصوير نه پر ڪا مڙيوئي تصوير خيال ۾ ان وقت جي اچي
ٿي. تنهن جي معنيٰ ته تصوير سان خيال گڏيل آهي.
تصوير خيال جي ٽيڪ آهي. حقيقت ڪري خيال روپ رهت
يعني تصور کان آجو ڪڏهين به ڪونه آهي. من جي ايڪا
گر ٿيڻ وقت روپ گم ٿي وڃن ٿا، ته خيال به ڀاو سان
ملي پاڻ ان ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. پر هيءَ هڪ اندروني
تجربي جي ڳالهه آهي جا عام طور مشڪل سمجهي ويندي.
جنهن وقت ڪو خيال ڪبو ته جيتري قدر اهو چٽو هوندو
اوتري قدر ڪي روپ يا ڪي ليڪا نشان، مڙيوئي ان جا
ٺهي ايندا. مثال طور ڪاٺ جڏهن خيال ۾ آڻيون ٿا ته
ڪاٺ جو بنڊ يا وڻ يا ڏنڊو ڪرسي وغيره ٺهيل شيءِ
ڪاٺ جي ڪانه ڪا خيال ۾ ڏسون ٿا. هاڻي جيتوڻيڪ ڪاٺ،
ڏنڊي، ڪرسيءَ ميز يا وڻ کان نيارو آهي، ڇا لاءِ جو
اهي سندس لازمي طور مقرر صورتون نه آهن، تڏهين به
اسان کي انهن جي خيال ۾ آڻڻ سان ئي ڪاٺ جو خيال
اچي سگهي ٿو. ان ريت الله يا زندگي يا آتما يا روح
هنن شين، تصويرن، ڪمن، ڪاروبارن کان ٻاهر چٽيءِ
طرح يا صحيح طرح خيال ۾ آڻي نه سگهبو. خالق جي
صورت يا خيال ضرور مخلوقات جي پٺ ۾ يا ان جي ڀيٽ ۾
يا ان جي موجودگيءَ ۾ ئي من تي اچي سگهي ٿو. گهٽ ۾
گهٽ پهرين درجي واري ساڌڪ لاءِ تصور ضروري سمجهيو
وڃي ٿو. ائين چوڻ ته ڪنهن پيغمبر يا ڪنهن ديوتا جي
تصوير سچي ملي ڪانه ٿي سگهي سو تصور واري اصول جو
ڪاف رد ٿي نه ٿو سگهي. ڀلا تصوير کڻي ٿوري غلط
هوندي يا هر ڪنهن جي خيال ۾ نياري هوندي ته ان ۾
ڇا آهي! تڏهين به اها پنهنجو ڪم ڪري ٿي، يعني
احساس کي ۽ سمجهه کي مدد ڪري ٿي. جيئن حضرت
ابراهيم جي تصوير اسان جي خيال ۾ جدا جدا نموني
اچي ٿي، تنهن هوندي به اهي سڀ خيال ۽ تصور جي ان
سان شامل آهن، سي حضرت ابراهيم جا ئي چئبا،
جيتوڻيڪ حضرت ابراهيم انهن سان ٻڌل يا انهن اندر
سمايل ڪين چئبو؛ تڏهين به ائين ته مڃبو ته اهي سڀ
خيالي تصويرون سندس خيال کي ئي چٽو ڪن ٿيون.
اهڙيءَ طرح الله يا ايشور جون اڻ پوريون تصويرون
پڻ الله جو ڪونه ڪو آڪار پيش ڪن ٿيون. مان سمجهان
ٿو هن خيال جي تصوف ۽ ويدانت وارا ٻيئي پٺ ڀرائي
ڪندا ته حقيقت روپ جي وسيلي ئي ڌيائي سگهجي ٿي،
جيتوڻيڪ ڪنهن خاص روپ تائين محدود نه آهي.
***
22-4-1955ع اڳ هڪ آفيسر جو ذڪر ڪيل آهي، ان اڄ پنهنجي عقيدن جو
ذڪر ڪيو ۽ چيائين ته قرآن شريف ۾ سڀ ڪجهه قطعي طور
الله جي خود لفظن ۾ صاف چيل آهي؛ ان کان وڌيڪ ٻيون
معنائون ڪڍڻ سا اجائي اپٽار اهي. صوفي جيڪي
اندروني معنائون ڪڍن ٿا، سي پنهنجي مغز مان ٿا
ڪڍن. قرآن شريف ۾ جيڪي به چيل آهي سو صاف لفظن ۾
آهي. ان ۾ ڪا اندروني يا بيروني معنيٰ ڳولڻ نه
گهرجي.
سام چيو: ”مگر سو سڀ اسين پنهنجي پنهنجي سمجهه سان سمجهي سگهون
ٿا. اوهان جن اصولن تي هلو ٿا، انهن جي پاڻ به ڪا
کوجنا ضرور ڪئي هوندو. علم هٿ ڪرڻ جا گهڻا طريقا
آهن. هڪ اهو علم آهي جو ٻئي کان ٻڌي پرائجي ٿو ۽
ان تي اعتبار ڪجي ٿو. ٻيو گيان پرائڻ جو رستو آهي
پنهنجي اندرين جي معرفت ڏسڻ، پسڻ، ڇهڻ سنگهڻ وغيره
جو. ٽيون رستو علم پرائڻ جو آهي انو مان يعني
ويچار جي ذريعي سمجهي پوءِ ان تي اعتقاد ٻڌڻ. مثلا
ڪو ماڻهو مون کي دڙڪا ڏئي ٿو؛ ساڳيو ماڻهو وري
ڪاتيون به تکيون ڪري ٿو، ان مان مان انو مان ڪڍان
ٿو ته هو مون سان وڙهندو. اهو آهي منطق جي اصولن
موجب ڏنل حقيقتن ۽ آزمودن مان ويچار ڪري ٿيندڙ
ڳالهين جو انو مان ڪڍڻ. مگر انهن ٽنهي علمن يعني
ٻڌل؛ ۽ اندرين جي معرفت ڏٺل ۽ پروڙيل ۽ انو ماني
ويچار سان هٿ ڪيل ۾ اسان جي سمجهه جو ڪجهه حصو
ضرور آهي. تنهن ڪري ان کان وڌيڪ يقين ڏياريندڙ اهو
علم آهي جو احساس جي رستي معلوم ڪجي ٿو. ان جي
ڪماليت آخر انتر گيان ۾ آهي جتي اهو از خود پاڻ
مان پيدا ٿيندڙ نظر اچي ٿو. ان کي صوفي معرفت جو
درجو يا مڪان چون ٿا. اها ترنت ڀاسنا جي شڪتي
حقيقت ۾ سڀ ڪنهن انسان جي اندر سمايل آهي. مگر
اسين اڄ ڪلهه ان کان ڪم ڪونه ٿا وٺون. احساس جي
واڌاريءَ لاءِ پهريائين قلب جي صفائي يعني شڌ
ڀاونا کپي. ان طرح دل ۽ دماغ جي واڌاري ۾ جيڪي
خواهشون ۽ خود مطلبيءَ جا خرا رڪاوٽون آهن، تن کي
پهريائين دور ڪرڻو آهي؛ سچن سنتن ۽ صوفين جي گيان
پرائڻ جو اهو رستو هو. هو نفس کي ماري منزل معرفت
کي پهچندا هئا. اهو گيان يقين ڏياريندڙ آهي تنهن
ڪري توهان انهن جي گيان کي مختصر طور بيوقوف ڪري
نٿا سگهون، فقط ائين چوڻ سان ته اهي خيال سندن مغز
جي پيدائش آهن. اسان جي خيال موجب شريعت پڻ چڱو دڳ
ڏسي ٿي. اسين ان جي برخلاف نه آهيون. مگر جيئن
شاعر چيو آهي،
ساري سک سبق، شريعت سندو سهڻي
طريقتان تکو وهي ٿو حقيقت جو حق
آ معرفت مرڪ اصل عاشقن کي
ان ’ساري سکڻ‘ جو مطلب ڇا آهي! مطلب ضرور اهو آهي اکري معني نه
ڳولهه پر انهن جي پٺيان جيڪي ارادا يا مطلب آهن
انهن جي جاچ رک. ٻين لفظن ۾ ته اُهي اندروني
معنائو آهن جيڪي سچيون آهن ۽ صوفي قرآن شريف جي
اندرين معنيٰ جا ڳولائو آهن؟“
سام کيس مٿئين بيت جي معنيٰ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائي ۽ مٿيون
گفتگو ڪجهه اردوءَ ۾ ڪجهه انگريزيءَ ۾ هليو هو.
***
27-4-1955ع سان جي اڳئين ڳالهه ته پيار هڪ آهي ۽ سڀني کي هڪ
جيترو پيار ڪريان ٿو، تنهن منهنجي دل ۾ وڏي شنڪا
پيدا ڪري ڇڏي. مون کي اها ڳالهه هرگز سمجهه ۾ نه
آئي ته ڪيئن ماڻهو سڀني سان هڪ جهڙوناتو نٿو نڀائي
سگهي. تنهنڪري چيم ته يا ڪو منهنجي سمجههه ۾ ڦيرو
آهي، يا اهڙي دعوى رکڻ پاکنڊ آهي. مون ور ور ڪري
سام کي ان ڳالهه تي ٽوڪيو ٿي ته مون جهڙو يا ٻارن
جهڙو پيار تون ٻين کي به ڪرين ٿو! سام کلي ڳالهه
ٽاري ٿي ڇڏي يا ائين ٿي چيائين ته ”انهيءَ ڀاو ۾
ڪابه ڳالهه سمجهي نه سگهبي؛ گيان جي پراپتيءَ لاءِ
يا خيال جي صفائيءَ لاءِ من جي ٿڌائي نه رڳو پر
تياڳ پنهنجي شخصيت جو بلڪل ضروري آهي؛ بحث مباحثي
مان شخصيت يا پاڻ پنهنجو صفا ڪڍي ڇڏڻو آهي؛ اها
ڳالهه ڪري نه مون توتي ڪو وار ڪيو ۽ نه توکي ان ۾
ڪا پنهنجي گهٽتائي سمجهڻ گهرجي.“
آخر ڪالهه وري جيئن مون ان ڳالهه کي ڇيڙيو ته سام چيو: ”چڱو
تون ئي ٻڌاءِ ته سمدرشي ڇا کي چئجي ۽ اهو آدرش
سمدرشي ٿيڻ جو چڱو آهي يا برو؟“
مون چيو: ”ايترو تون به ضرور قبول ڪندينءَ ته جيڪو ماڻهو هڪ
دوست يا عزيز سان ڪوڙو ٿئي ٿو، سو ٻئي سان به ڪوڙو
ٿي سگهي ٿو. يعني کوٽو هميشہ پاڻ سان کوٽ جو مادو
کنيو ٿو اچي ۽ سچو هر جاءِ سچو آهي؛ ائين نه ته هڪ
هنڌ ماڻهو چڱو ته ٻئي هنڌ ماڻهو برو پنهنجي مرضيءَ
تي ٿي ٿو سگهي.“
مون اها ڳالهه قبولي مگر پڇيم ته انهيءَ جو هڪ جهڙي پيار ڪرڻ
سان ڪهڙو واسطو آهي؟
سام چيو: ”سچائي، سندرتا، پريم، آتمڪ شڪتي رکڻ يا گڻونت ٿيڻ سا
هڪ ئي ڳالهه آهي. اهي سڀ هڪ وستوءَ جا جدا جدا
نالا آهن. جيترو پريم يا سچائي يا سندرتا مون ۾
هوندي اوتري ضرور مان زندگيءَ ۾ ظاهر ڪندو رهندس.
جيڪڏهن هڪ هنڌ سچائي ڏيکاريم ۽ ٻئي هنڌ ڪوڙ ڪيم ته
چئبو ته مون ۾ سچائيءَ جو ڳڻ حقيقت ۾ ڪونه آهي ۽
اهو لباس فقط ملمعي طور اختيار ڪيل آهي. اهڙيءَ
طرح جيترو علم يا روشني مون ۾ هت آهي، اوترو ساڳين
حالتن هيٺ ٻيءَ جاءِ ۽ ٻئي موقعي تي به مون ۾ پيو
بکندو. ساڳيءَ طرح پريم جو ماده يا طاقت جا مون ۾
هوندي سا هر هنڌ ۽ هر ناتي ۾ ظاهر ٿيندي. ۽ جيترو
سچو پريم ما سڀڪنهن سان رکان ٿو اوتروئي ايشور کي
مان اوڏو ٿيان ٿو. ٻين اکرن ۾ هينئن کڻي چئجي ته
جيڪو منهنجو سچو رنگ روپ آهي سوئي مان آئيني ۾ پيو
ڏسندس، ايشور يا آتما اُهو آئينو آهي. جيڪي ڀاوَ،
گڻ وغيره مان زندگيءَ ۾ پر گهٽ ڪريان ٿو اُهيئي
پنهنجي آتما اندر پايان ٿو. جيڪي اهڙي هيڪڙائي
خيال جي رکن ٿا ۽ زندگيءَ جا مقصد ان ريت هڪ سمجهن
ٿا، سي دوئي ڀاوَ کان دور رهن ٿا. جيڪڏهن تون ۽
مان ان عقيدي کان ٻيءَ طرح عقيدو رکندڙ هجون ته
پوءِ چئبو ته گويا پنهنجي فقيري يا آتمڪ اصول جي
خلاف هلون ٿا ۽ خود ايشور کان انڪاري ٿيون ٿا.
سمدرسِي ٿيڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو آتمڪ انتيءَ
جو ڪونه آهي.“
مگر مان اڃان ان ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ڪونه ٿيس ته پيار سڀ مان
هڪ جهڙو ٿي سگهي ٿو. مان ائين سمجهان ٿي ته اُهو
جدا جدا ڊگرين ۾ جدا جدا ماڻهن سان ظاهر ٿئي ٿو.
***
29-4-1955ع مون کي سام جون ڳالهيون جيئن مون مٿي نوٽ ڪيون آهن
اڃان پوريءِ طرح سمجهه ۾ ڪونه آيون ۽ سام کي وري
ڪجهه چرچي ۾ ڪجهه ساڀيا ۾ چيم ته مون کي به فقط
ٻين وانگر هڪ ساٿي ڪري پيا سمجهو!
سام وراڻيو: ”تون اها ڳالهه غلط سمجهي رهي آهين ڇا لاءِ جو
پنهنجي شخصيت ۽ پنهنجو آپو دور ڪري اها ڳالهه هڪ
وديارٿيءَ جي نموني ڪانه سوچي اٿئي، مگر هڪ وڪيل
جي نموني ويچاري اٿيئي جو فقط ڪيس ۾ پنهنجو فائدو
چاهي ٿو.“
مون ٻاراڻي نموني کيس چئي ڏنو: ” ’منلو‘ ته سام جي جيءَ جو جزو
ٿي ويو آهي؛ ٻين کي ايترو پيار اصل نه ملندو آهي!“
تڏهين سام کلي چيو: ”ائين برابر آهي ته تون ٻين
کان پيار جو گهڻو حصو ڇڪي وڃين ٿي.“
تڏهين مون کيس اڳئين ڳالهه ياد ڏياريندي چيو: ”ته پوءِ اها
ڳالهه ڪيئن ٿي سچي ٿي سگهي ته مان سڀني کي ساڳيو
پيار ڪريان ٿو؟“
سام چيو: ”مان جيڪي ٻيئي ڳالهيون چوان ٿو سي هڪ ٻئي جي ورڌ نه
آهن. اها ڳالهه هينئن ڪري سمجهه ته انسان جي دل هڪ
درياهه يا وڏي تڙاڳ مثل آهي. منهنجي پيار جي تلاءَ
وٽ تو ويجهو اچي پنهنجو آکيرو ٺاهيو آهي. جنهن ڪري
توکي ٻين کان گهڻا موقعا ان مان پاڻي پيئڻ جا ملن
ٿا. پر ٻيو جيڪو اتفاقي اڏندڙ پکي پياس ڪري اچي
ٿو، سو به ٻه چهنبون ساڳيءَ پاڻيءَ پيار جي مان پي
وڃي ٿو پاڻي ساڳيو آهي، دل جو تڙاڳ هڪ آهي. آتمڪ
شڪتي پيار ڪرڻ جي يعني نفس قربان ڪرڻ جي سا ساڳي
ئي آهي؛ فرق انهن شين ۾ ڪونه آهي. پاڻيءَ ۾ ميل ۽
ميراڻ جو برابر دوئيءَ جو زهر آهي جنهن جي گڏجڻ
سان تلاءُ جو سڄو پاڻي زهري ٿي وڃي ٿو. يقين ڪر ته
جيڪڏهن اها دوئي مان دل ۾ ڌاريان ته توکي خود اُن
تلاءُ جي پاڻيءَ مان مزو نه ايندو. سچ جي راهه تي
هلندڙ کي ۽ ادويت برهم جي مڃيندڙ کي ڪو ڀيد ڀاو
عزيز دوست يا ڌارئي جي وچ ۾ رکڻ نه گهرجي. ان لاءِ
توکي ساڙ جي بدران خوشي ٿيڻ گهرجي، ته مان پنهنجي
وت آهر انهيءَ ڪوشش ۾ آهيان ته آتمڪ طور سڀ کي
مهمان ڪري سمجهان جيئن پيار ۽ انساني همدرديءَ ۾
فرق نه رکان ۽ جدا جدا جاين تي جيڪو منهنجو ڌرم
آهي سو پالن ڪريان.“
مون کي اهو مثال ڪجهه وڌيڪ سمجهه ۾ آيو ۽ چيم ”ته اها ڳالهه آخر
قبولڻي پيئي ته ڪو ان ساڳئي پاڻيءَ مان ئي وڌيڪ ۽
ڪو گهٽ حصو پيئي ٿو!“
***
3-5-1955ع اڄ سام ڇوڪرن کي اسٽور روم صفا ڪرڻ لاءِ چيو؛ هنن
جيئن سامان سمورو ٻاهر ڪڍيو ته ان ۾ ڪجهه خالي
بوتلون سوڍا جون نظر آيون. مانيءَ واري ڇوڪري جيڪو
اٽڪل ويهه سال گڏ رهيو آهي، تنهن ٻه بوتلون وڌيڪ
ڏسي چيو ته اهي ٻيئي منهنجون آهن. سام کي سندس ڪوڙ
۽ حرص جدا جدا شين رکڻ جو نه وڻندو آهي؛ تنهن جوش
۾ اچي کيس چيو: ”اهي سڀ بوتلون تون کڻي وڃ! بوتلون
نه رڳو پر ٻي ڪا به شيءِ توکي گهرجي ته ڀل اول تون
کڻي پنهنجي پورت ڪر، پوءِ اسان لاءِ جيڪي بچي يا
نه بچي!“
ان ڇوڪري هيءَ ڳالهه شايد هڪ چرچو ڪري سمجهي“ تنهنڪري سام وري
کيس چيو: ”تون هي چرچو نه سمجهه؛ اڄ وارو مليو
اٿيئي؛ مان خدا پاڪ جو قسم کڻي چوان ٿو ته جا شيءِ
توکي وڻي، هنڌ، ٽوال، ٽپڙ يا ٻي ڪا به قيمتي شيءِ،
زيور وغيره سرلا جا، هُڪ يا سڀيئي، تون کڻي سگهين
ٿو.“ ائين چئي سيف کولي کيس درکان اندر ڪري پاڻ
ٻاهران بيهي چيائين: ”مان سخن ٿو ڏيان ته اُهي سڀ
مان خوشيءَ سان توکي ڏيندس ۽ هميشہ لاءِ تنهنجون
ٿينديون. توکي جيڪي وڻي سو بنا حجاب کڻ.“
ڇوڪري انڪار ڪيو ۽ چيائين ته مون کي فقط توهان جي دعا گهرجي
تنهن بعد ڪجهه دير رکي سام ٻاهر نڪري آيو ۽ وري
کيس چيائين: ”عقل کان ڪم وٺ ۽ اهي سڀ شيون اڄ تون
پنهنجون ڪري سگهين ٿو ۽ وري مون کي حيف آهي جي مان
ڏيڻ کان ”ڏرمايان.“
ڇوڪري وري به ڪجهه کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ جلدئي لهي مون وٽ هيٺ
اسپتال ۾ آيو؛ خوشيءَ وچان مون کي مٿيون احوال
ڏنائين ۽ چيائين ته دادا وچن ڏنو ته جيڪي وڻيئي سو
کَڻُ پر مون فقط دعا گهُري. پوءِ دادا پاڻ چيو ته
ڪجهه ته هينئر توکي ملڻ گهرجي. تنهنڪري اڳيون قرض
مون کي سڀ معاف ڪري ڇڏيائين!“
مان جڏهن گهر آيس ته سام مون کي چيو: ”اڄ اهڙي آڇ تنهنجي ڇوڪري
کي ڪئي هيم جو چاهي ها ته سڀ سامان ۽ تنهنجو پڻ
زر، زيور پنهنجي قبضي ڪري سگهي ها. ڇا لاءِ جو مان
سخن ۾ ٻڌل هوس. پوءِ تون ڇا ڪرين ها؟ رنج ٿين ها
ڇا؟“
مون کيس چيو: ”نه! اسين جيڪر تارا ۽ هرشچند وانگر گهر کان پاڻ
ٻاهر نڪري، خوشيءَ سان سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيون ها.
تنهنجي ڪئيءَ تي رنج ڇو ٿيندس؟“
پوءِ وري دل ۾ خيال آيو ته سام کي اهڙا امنگ وري وري پيا اچن؛
(مون اڳيئي ذڪر ڪيو آهي ته هن ٻه ڀيرا پنهنجا ڪپڙا
لٽا سمورا ائين ڏئي ڇڏيا آهن)؛ تنهنڪري مون کيس
چيو: ”هن ڇوڪري جي حالت ٻي آهي؛ ڇا لاءِ جو هو گڏ
رهي پنهنجو ٿي ويو آهي. مگر ٻئي ڪنهن پنهنجي يا
منهنجي مائٽ کي متان اهڙي آڇ ڪئي اَٿَو: اُهي سڀ
ڪجهه کڻي ويندوَ! مان ته هر حال ۾ توهان جي ڪئيءَ
تي خوش رهندس.“
سام چيو: ”سڀ ڪجهه ڏئي به هڪ انسان جي دل کٽڻ سو وڏي فائدي جو
ڪم آهي.“
مون ڇوڪري کان پڇيو: ”تو اهڙو وارو ڇو وڃايو؟ ڇا، اعتبار ڪين
آئي ڇا ته توکي سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيندو.“
هن چيو: ”مون کي دادا جي سخن تي پورو وشواس رهندو آهي. هو وچن
ڏئي ڪڏهن نه ڦيريندو آهي. پر مون سوچيو ته ڪجهه
وٺيءَ پوءِ اُن سان مان ڇا ڪريان! ڪجهه سُجهي ڪونه
آيو؛ تنهنڪري ڪونه گهريم.“
مون سام کي چيو ته هي ڇوڪرو امتحان ۾ پاس ٿيو آهي؛ تڏهين سام
چيو: ”هن ايترا سال اسان وٽ اجايا ڪونه گذاريا
آهن. مون کي پاڻ شرم ايندو آهي ۽ چوندو آهيان ته
مان ڪهڙي آشرم يا سنسٿا اڏي سگهندس، جي هن کي پاڻ
سان ملائي نه سگهيو آهيان ۽ هن مان دوئي ڀاوَ نه
ڪڍي سگهيو آهيان! پر اڄ هن گهڻا قدم اڳتي وڌي
ڏيکاريو آهي. جيڪڏهن هو ڪا به شيءِ يا سڀ شيون
تنهنجي زيورن سميت کڻي وڃي ها تڏهن به مون کي جيڪر
خوشي حاصل ٿئي ها. ڇا لاءِ جو عوض ۾ هن جي دل ضرور
ملي ها، هينئن به فائدو آهي،. هونئن به فائدو ٿئي
ها. مون کي ٻي خوشي اها ٿي ته اڃان مون ۾ اڳئين
جذبات موجود آهي، جو وقت تي ضروري قدم کڻي ڪنهن
مرض جو عالج لهي سگهان ٿو. حقيقت ۾ هي حساب ڪتاب
جا طريقا هڪ ٻئي سان عارضي آهن. انهن جو اسان جي
پريم تي ڪو به اثر پوڻ نه گهرجي، بلڪ ائين سمجهڻ
گهرجي ته هي آشرم جي ڀاتين جي وچ ۾ فقط ونڊ وراهه
جا طريقا آهن. هي سڀ دنيا جون شيون انساني پريم ۽
سچائيءَ جي اڳيان تما خسيس آهن. انهن کي وقت تي
ترڪ ڪرڻ سان اسين پنهنجي پريم ۽ سچائيءَ جو ثبوت
ڏئي سگهون ٿا.
***
4-5-1955ع مون ٿورو چنچل نموني هلت ٿي ڪئي، ان وقت سام هينئن
چيو: ”من جو واهپو جن ڳالهين سان وڌيڪ رکبو انهن
جو واسو نه فقط من جي جاڳرت اوستا ۾ پر وڌيڪ اونهن
تهن
(Sub-conscious Self)
۾ پڻ ٿي وڃي ٿو. جيئن ڪو رستو روڪيل هوندو آهي ته
اُتان وهڪرو گهٽ ٿيندو آهي، تيئن چنچل من ۾ يا
اجاين مشغولين جي حالت ۾ گيان جو واڌارو گهٽ ٿيندو
آهي. شانتي اهو ماحول يا چئجي ته مارڳ آهي جنهن
مان اُتم ويچار اندر لنگهي پون ٿا. تنهنڪري جيترو
اجاين ڳالهين ۾ پاڻ وندرائبو اوترو ڌيان ۽ گيان
گهٽ پراپت ٿيندو. شانتيءَ جي کيت ۾ ئي گيان جا
سهڻا ڦل ڦول اُپجي سگهن ٿا.“
***
14-5-1955ع مان سام سان گڏ گهوڙي گاڏيءَ تي ڪيڏانهن وڃي رهي
هيس. رستي تي هڪ واقف دڪاندار تي نظر پيئي جو ميل
سوا تي پنڌ ڪري ويجها آستان ڇڏي، خاص هڪ مندر ۾
پوڄا واسطي ايندو آهي. مون سام جو خيال ان ڏانهن
ڇڪايو ۽ چيم: ”سائين ته هر هنڌ وسي ٿو، پوءِ هي
خبر نه آهي ڇو خاص هن مندر ۾ سيڙجي اچي ٿو. پر وري
به چڱو آهي جو ها اورچائي ڪنهن سُٺي ڪم لاءِ ڪري
ٿو؛ توهان جي چوڻ موجب شايد جپ تَپ ۽ زهد وارن جا
اهي ئي طريقا آهن.“
سام چيو: ”هي پنڌ ڪري اچي ٿو، تنهن ۾ خود انهيءَ جي ڀلائي آهي.
هڪ ته روزانو چڱي ورزش مليس ٿي، ٻيو ته ان ريت
پنڌ ڪري اچڻ سان هن جو خيال شايد وڌيڪ پڪو ٿئي ٿو،
فقير رياضت يا ڪشالو پڻ ان ڪري ڏسيندا آهن جو ان ۾
طالب جو من وڌيڪ سولائيءَ سان اسٿر ٿئي ٿو ۽ خيال
کُلي ٿو من جو جاڳائڻ به انجڻين جي مثل آهي. هڪڙي
انجڻ ٿئي ٿي جنهن کي صبح جو گرم ڪجي، تڏهن چالو
ڪري سگهجي ٻي انجڻ ٿئي ٿي، جا ڪولڊ اسٽارٽر
(Cold Starter) چئجي ٿي يعني اها ٿڌي رهنديئي چالو ٿي سگهي ٿي. اُن کي فقط
هنڊل هڻڻ يا ڦيرائڻ سان اسٽارٽ ڪري سگهجي ٿو. ٽين
انجڻ ٿئي ٿي جا فقط اليڪٽرڪ بٽڻ تي ٿوري زور ڏيڻ
سان چالو ٿي وڃي ٿي. ان کي سيلف اسٽارٽر يعني خود
بخود چالو ٿيندڙ چئبو آهي اهي ماڻهن جي ٽن درجن
مثل آهن. هڪڙا اهي جيڪي من جي انجڻ کي رياضت ۽
ڪشالي سان ئي چالو ڪن؛ (مون ڪيترا طالب ڏٺا آهن،
جي ڏينهن تتي ۾ مٽ ڀريندي يا لوڙها ڏيندي پاڻ کي
ڏاڍو خوش سمجهندا آهن. ان طرح جسم کي مشغول رکي
خيال کي هيڪاندو ڪندا آهن ۽ اهو رستو انهن لاءِ
لاڀدائڪ آهي) ٻيا جگيا سو آهن، جي گيان جي نڪتي يا
ڪنهن فلسفه يا وديا رستي پنهنجي من کي روشن ڪن ٿا؛
انن جي ٻُڌي کليل ٿئي ٿي جنهن ڪري کين هرو ڀرو
ڪشالي ڪرڻ جي ضرورت نه ٿي ٿئي. اُهي آهن ڪولڊ
اسٽارٽر
(Cold Starter)
انجڻين وانگر ۽ انهن لاءِ گيان جي تيليءَ سان سندن
من جي انجڻ چالو ٿئي ٿي. ٽيان اُهي آهن جن کي نه
آهي ضرورت ڪشالن جي ۽ نه اٿن ڪي شڪ گمان دل ۾ جن
جي دور ڪرڻ لاءِ وديا جي روشني ضروري ٿئي. ائين
سمجهڻ گهرجي ته گيان ۽ تپ سندن اڳين جنمن ۾ ئي ڪيل
آهن اُهي آهن سيلف اسٽار ٽنگ انجڻين وانگر؛ سندن
من هڪ پريم جي هوا ۽ سڪ سان پاڻهي وڃي ٿو ٺڪاڻي
لڳي! هي ٽيئي رستا جدا جدا ڪرم، گيان ۽ ڀڳتيءَ جا
رستا ڪري چئجن ۽ ائين سمجهڻ گهرجي ته جيتري قدر
جيڪو طالب انهن مان ڪنهن به رستي لاءِ چاهه رکندڙ
آهي، اوتري قدر اهو رستو اڃا اُن لاءِ ضروري آهي
تنهنڪري ڪنهن کي غلط نه سمجهون ۽ نه ڪنهن تي ٽوڪ
ڪرڻ گهرجي؛انهن رستن تان ڪنهن کي زوريءَ ٿيڙبو ته
ان جي خيال ۾ گهٻراهٽ پيدا ٿيندي. جيئن ڪچي ڦل مان
رس ڪانه نڪرندي آهي ۽ جي نڪرندي آهي ته مٺي ڪانه
ٿيندي آهي، تيئن طالب کي ڪچي ئي هڪ رستي تان ٿيڙي
ٻئي تي آڻبو ته سندس من جي واڌاري ۾ وگهن پوندو ۽
مقصد حاصل ڪونه ٿيندو.“
***
15-5-1955ع ڪالهه صوفي صاحب چيو: ”بهتر ٿيندو ته جنهن ڪتاب مان
ٽڪرا ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيا ويا هئا؛ اُهو ڪتاب
توهان جو آهستي آهستي ڪري اخبارن جي ذريعي شايع
ڪجي، ڀيري ڀيري پنج يا ڇهه ٽڪرا نثري نظم جا
حيدرآباد جي ڪنهن مئگزن کي موڪلبا.“
سام کيس چيو: ”اڳي اهي ٽڪرا ’نيو ايج‘ اخبار ۾ ترجمو ڪري ڇپيندا
هئاسين؛ پر اسين ته فقط هڪ ٽڪرو واري ته شايع
ڪندا هئاسين. مون کي جيڪر گهڻا ٽڪر گڏ هڪ وقت هڪ
ٻئي پٺيان ڪنهن رسالي ۾ ڏيڻ نه وڻن. ان ۾ هڪ نفيس
خيال رکيل آهي برابر، مضمون وڏا وڏا رسالن ۾ ڏئي
سگهجن ٿا، پر هنن ٽڪرن لاءِ مان جيڪر ائين چاهيان
ته هڪ وقت هڪڙو فقط ڏنو وڃي.“
صوفي صاحب پڇيو: ”ائين ڇو؟“
اُن جو سبب سمجهائيندي سام چيو: ”جپان جي هڪ امير جي ڳالهه آهي،
جنهن وٽ شاهي گهراڻي جو شهزادو مهمان ٿي اچڻو هو.
امير کي خبر هئي ته شهزادي کي خاص طور اُهي گل
وڻندا هئا. جيڪي سندس باغ ۾ تمام سُٺا ڦلاريا
هئا. هن مند ۽ موقعو گلن جي ڦلارجڻ جو سٺو ڏسي،
شهزادي کي پاڻ وٽ اچڻ جي دعوت ڪئي هئي، پر جنهن
ڏينهن شهزادو اچڻ وارو هو، اُن ڏينهن امير اهي گل
سڀ لڻائي باغ مان ڪڍي ڇڏيا ۽ انهن مان فقط هڪڙو گل
جو سڀني ۾ سٺو ۽ وڏي ۾ وڏو هو، چونڊي کڻي ميز تي
گلدستي ۾ رکيائين جت شهزادو ويهڻو هو. ان بنسبت
امير کان جڏهين سبب پڇيو ويو، تڏهين هن چيو ته هن
گل جي نزاڪت هيڪڙائيءَ ۾ چڱي ٿي ظاهر ٿئي؛ گهڻن
گلن ۾ سندس خوبي ايتري ظاهر نه ٿئي ها! اهو هڪ
نفيس خيال آهي جو اديب ۽ فنڪار چڱيءَ طرح سمجهي
سگهن ٿا.“
***
16-6-1955ع منهنجو ننڍو ڀاءُ اٽڪل اڍائي مهينن کان هت آيل آهي.
سندس هندستان کان اچڻ لاءِ اسان ڪيترن ڏينهن کان
انتظاري ٿي ڪئي. خاص ڪري گرڌاري ته ڄڻ هن لاءِ
تڙڦي رهيو هو. پهريائين جنهن وقت هو در تي گاڏيءَ
۾ اچي لٿو ته ان وقت گاڏيءَ جو کڙڪو ٻُڌي گرڌاري
خوشيءَ مان ٽپ ڏئي اٿيو. چيائين ته ضرور اهو هوندو
۽ هو ڊُڪ پائي وڃي ساڻس گڏيو؛ تنهن کانپوءِ قريباً
سمورو وقت هن سندس خوب شيوا ڪئي آهي. نه فقط زور
ڪري کارائڻ ۽ سڀڪا سهولت ميسر ڪرڻ، مگر وقت تي
ڪيترا خرچ سندس گرڌاري پاڻ تي هموار ڪندو آهي. سام
جيتوڻيڪ منهنجيءَ ڀاءُ جي اچڻ ٿيو، تڏهن به سندس
اهو خيال هو ته هو هلت چلت ۾ اُتامرو آهي، جنهنڪري
کيس جدا ڪمرو ڏنو وڃي جيئن سندن گهڻي سنگت ۽ اُبتي
اٿڻ ويهڻ ڪري سام کي پنهنجي روزاني زندگيءَ ۾ ڪا
ڦير گهير ڪرڻي نه پوي.
منهنجي ڀاءُ جي ڪمري ۾ الماڙي وغيره ڪا نه آهي. جنهن ڪري الماڙي
گرڌاريءَ سان گڏ ڪتب آڻيندو آهي ۽ سامان سڙو
پنهنجو حفاظت سان رکڻ جهڙو به اُتي رکندو آهي؛ وقت
تي ڪپڙا لٽا به گرڌاريءَ جا ڪڍي پائيندو آهي ۽ پاڻ
ڪپڙا جو هندستان کان ٿورا آند اٿائين ته گرڌاري
پنهنجا سٺا وڳا هن جي اڳيان حاضر ڪندو آهي. منهنجو
ڀاءُ پنهنجا ڪپڙا ڇڏي به گرڌاريءَ جا پيو چوڙي،
اها ڳالهه مون کي بلڪل ڪين ٿي وڻي ته گرڌاري
پنهنجي پگهارن مان ايترو هن جي لاءِ خرچ ڪري ۽
ڪپڙن وغيره جي به مٿس چٽي پوي، تنهنڪري مون ڪي
ڪپڙا گرڌاريءَ جا کڻي پاڻ وٽ لڪائي رکيا؛ پر
گرڌاريءَ کي ايترو ته چاهه هو جو مونسان وڙهه وڙهه
پيو ڪري ته اهي ڪپڙا ڀاءُ لاءِ ڏي! واچ به
گرڌاريءَ جي سٺي ڏسي هن کڻي پاتي، ڇا لاءِ جو
پنهنجي دوستن اڳيا پراڻي واچ ڏيکارڻ نٿي چاهيائين.
گرڌاري کيس هميشہ ڀاءُ ڀاءُ ڪري پيو سڏي. هو جو
ننڍي کان گڏ رهيا هئا، ته اها ڳالهه بلڪل ٺيڪ ۽
سهائيندڙ ٿي لڳي، ويتر اسان جي زندگيءَ جي هاڻوڪي
نموني ڀراتريءَ ڀاءُ واري موجب اهو ڀائپيءَ جو
ناتو هنن جي وچ ۾ سهڻو ٿي لڳو. هندستان ۾ سنڌي لڏي
ويلن جي وچ ۾ پڻ گهڻا فرق نڪري ويا آهن، ڇا لاءِ
جوهنن مان ڪيترا غريب شاهوڪار ۽ شاهوڪار غريب ٿي
ويا آهن. اڳي جو حيدرآبادي ’اتراڌين‘ کي پنهنجون
ڇوڪريون ڪين ڏيندا هئا، سي به هينئر عام جام نه
رڳو اُتراڌين سنڌين سان پر هندستان جي ٻين جاتين
سان پڻ شاديون پيا ڪن. منهنجو ڀاءُ به اتي ڪنهن
پوزيشن کي ڪونه پهتو آهي، بلڪ بي روزگار يعني ڪنهن
خاص ڪم ڪار کانسواءِ پيو وقت گذاري. مون کي هُن ۽
گرڌاريءَ جي وچ ۾ هي نئون سنگت جو نمونو ڏسي گهڻي
خوشي ٿي. مگر گرڌاريءَ جي چڱائيءَ جو هن کي پورو
احساس ڪونه آهي. اڄ منهنجي ڀاءُ شڪايت ڪئي ته
گرڌاري هڪ درزيءَ وٽ ۽ ٻين واقفڪارن جي اڳيان کيس
ڀاءُ ڀاءُ ڪري پيو ڪوٺي! سان ڳالهه کيس پسند نه
آئي! هو گرڌاريءَ سان گهڻو تنگ پيو ۽ ان ڳالهه تي
کيس گهٽ وڌ ڳالهايائين. گرڌاريءَ کي اکين ۾ ڳوڙها
اچي ويا. منهنجي ڀاءُ کي اهو وڏائيءَ جو خيال
اوچتو ان ڪري پيدا ٿيو جو سندس پراڻن دوستن مان
گذريل ٿورن سالن ۾ ڪي چڱي پوزيشن کي وڃي پهتا آهن
۽ هو کيس کارائن پيارين ۽ دعوتون پيا ڏين؛ ان
نموني هو پنهنجي دوستيءَ جو پارٽ ادا پيا ڪن. مگر
وڏ ماڻهپ جي ماحول، شراب خوريءَ ۽ عيش سندس من ۾
ڪجهه اڀمان پيدا ڪيو ٿو ڏسجي. جنهنڪري هن هڪ غريب
جي ڀاءُ چوائڻ ۾ عيب سمجهيو. گهرڌاريءَ کي انهيءَ
ڳالهه جو گهڻو ڏک ٿيو. آخر ڪار اهڙا ڪي ڏک مان لفظ
چيائين جو سام هن کي پاڻ وٽ سڏي چيو: ”توکي شايد
ان ڳالهه جو ڏک آهي ته تون هڪ غريب نوڪر آهين، مگر
تون هڪ اهڙي شئي حاصل ڪري سگهين ٿو، جو سڀني سان
ڪنڌ کڻي هڪ جيڏو ٿي هلين. جي هن کي وڏن ماڻهن جي
سنگت آهي ته تون وري فقيرن جي سنگت ڪر! جنهن کي
علم يا پئسو نه هجي سو به فقيري پدوي پائي سگهي
ٿو. فقيرن جي اڳيان خود شاهه امير پيا نمن؛
تنهنڪري نا اميد نه ٿيءُ ۽ نه ان ڳالهه جو غم ڪر.
خيال کي جاڳائيءَ ۽ فقيري طريقو اختيار ڪر! آخر
زماني وارن جو حال ته اهو پاڻ ڏسين ٿو! تنهن ڪري
انهن سان ريس ڪري پاڻ کي به انهن جهڙو ذليل نه
بڻائجي، مگر انهن کان بهتر ٿي ڏيکارجي. دل ۾ انهن
تي پاڻ قياس ڪر ته ويچارا ڪيترو نه نيچ آهن!“
انهن لفظن گرڌاريءَ جي دل تي ڇنڊو وڌو ۽ مون کي پڻ خوشي ڏني جو
گرڌاريءَ سان بي انصافي ٿيندڙ ڏسي مون کي رنج ٿيو.
***
15-6-1955ع اسان وٽ هڪڙو دوست ٻن ڏينهن کان شام جو ايندو آهي.
هو نه رڳو بنا ڪوٺ جي پيو اچي مگر ڏهين يا يارهين
بجي رات تائين ويٺو رهي! ماني ته اسين سندس ويٺي
ساڻس ئي گڏ کائي اٿندا آهيون پر ننڊ پيئي اچي تڏهن
به هن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي ٻيا به ڪي دوست ٻن
ڏينهن کان ايندا آهن. انهن مان هڪڙو منهنجي ڀاءُ
جو سنگتي آهي جنهن جي گهڻي شراب پيئڻ ڪري سام خفي
ٿيو پوي. ويتر مٿئين ماڻهوءَ، جنهنجو پهريائين ذڪر
ڪيو آهي، ڇا ڪيو، جو سام جو سنان جو ٽوال کڻي ٻوڙ
هاڻان هٿ اُنسان اگهي هليو ويو. سندن گهر ۾ ٻين
ڪيترن گهرن وانگر اهڙوئي رواج آهي جو سڀ ڀاتي هڪ
ٽوال سان هٿ منهن اگهن ڪنهن سمجهو ماڻهوءَ کي اهو
به خيال ٿيڻ کپي ته مان جو پنج فوٽ لنبو ٽوال هڪ
نئپڪن وانگر ڪم آڻي خراب ڪري رهيو آهيان، سو ٺيڪ
نه آهي. سام مٿين دوستن ڏانهن اشارو ڪندي چيو:
”افسوس جو اسان جي ڪيترن ماڻهن کي اڃا رهڻ جو
طريقو هٿ نه آيو آهي. انسان جي ڀيٽ ۾ گهڻا جانور ۽
پکي، جيت وغيره زندگيءَ جي قانون تي وڌيڪ پختا
آهن. گهڻو ڪري انهن جي آزمودن کين زندگيءَ جي
قانون جي اهڙي واقفيت ڪرائي آحي جو سڀ اُن کي عمل
۾ پيا آڻين پر انسان اڃان اهو قانون نه سمجهيو آهي
اسان جا سڌريل ماڻهو به اڻ سڌريل، ايسڪيمو قوم جي
ڀيٽ ۾ به ان ڏس ۾ وڌيڪ پٺتي پيل نظر اچن ٿا هڪ
پاسي وحشاني هلت عيش ۽ شراب خوريءَ جي ڏسو ته ٻئي
پاسي هن سخت نمازيءَ ماڻهوءَ جو دير دير تائين وهي
رهڻ ۽ اسان جو ڊگهو ٽوال ان ريت ڪم آڻڻ ڏيکاري ٿو
ته اسان جي ملڪ وارن اڃا اُهو قانون زندگيءَ جو
پوري طرح ڪونه سمجهيو آهي جيتوڻيڪ ظاهري طور مذهب
جا پابند آهن. گهڻو ڪري زماني وارن جو اهڙو حال
آهي جو هو فقط پنهنجي مطلب ۽ سهنج لاءِ پيا جيئن.
جاڳرت انسان ته ٻين جي خيالن جو احترام ڪندا آهن.
سچو مذهب به ائين سکاري ٿو ۽ ڏسو ته منع هوندي به
پيا ماڻهو سئنيمائن ۽ ريلوي گاڏين ۾ ٻيڙيون ڇڪين!
هو ٻين جي تڪليف جو ڪو خيال ڪونه ڪن! جنهنکي رلڻ
ملڻ چئجي ٿو، ان ۾ به ڪيتري اجائي وارتا پيئي هلي!
ڪيترا ماڻهو اسان جي دوست وانگر سنگتين سان ويهي
ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ پنهنجو فرض پيا سمجهن ۽ ٻيا
وري ڪونه ڪو جواب مڙيئي ڏين، توڙي جو هنن کي
ڳالهائيندي دل به نه ٿئي! شايد ائين به هجي ته هي
ماڻهو اسان وٽ ايترو ويهي ائين سمجهندو هجي ته هو
ڀلائيءَ جو ڀيرو ڪري رهيو آهي يا اسان تي احسان
ڪري رهيو آهي. مگر حقيقت ۾ هو پنهنجو ۽ اسان جو
وقت اجايو وڃائي رهيو آهي. اسين به دوستن کان ڪنڌ
نه ڪڍائي اهڙا ناتا قائم رکندا اچون ٿا، اها اسان
جي گهٽتائي آهي. جانور ان باري ۾ وڌيڪ سمجهه واري
هلت ڪن ٿا جو جڏهن وڻين تڏهين ٻوٿ ڦيرايو هليا
وڃن. حياتيءَ جي هر طبقي ۾ اهڙيون بي سود رسمون
ڏسي فقير دنيا کان پري رهن ٿا. هو پنهنجي خيال جا
بادشاه آهن. اڪيلائيءَ ان ڪري پسند ڪن ٿا ته جيئن
هو پنهنجي ريت قائم رکي سگهن ۽ ان طرح ٻين کي ڪجهه
سيکاري سگهن. اسين بي سمجهاڻيءَ ڪري ان کي ترڪ يا
انسان ذات کاءِ نفرت سمجهون ٿا، مگر حقيقت ۾ اها
سچي زندگي آهي، جنهن ۾ ڳالهائڻ دلئون ٿئي؛ اُٿڻ
ويهڻ مرضيءَ سان ٿئي؛ کائڻ پيئڻ بک دور ڪرڻ به
ضرورت وچان ٿئي ۽ نه ڪنهن رسم ادا ڪرڻ لاءِ! زندگي
جيڪا اسين پنهنجي خيال پٽاندر نه ٿا گهاريون، جا
سَوَن حجابن ۽ ڪوڙن لحاظن سان جڪڙيل آهي، سا زندگي
نه آهي مگر اسان جي قومي زواليت جي نشاني آهي.
ڪيترو نه ٽپي ٽپي تي پنهنجي خيال کي موڙڻ لاءِ
تيار رهون ٿا! ورنه هر ڪنهن انسان کي پنهنجي اندر
۾ اها روشني خيال جي موجود آهي، جنهنجي پٺيان سڌو
سڌو هليو وڃي ۽ سچي خوشي حاصل ڪري سگهي. اسين
پنهنجي خيال کي بار بار موڙي گويا مُڏو ڪري رهيا
آهيون تان جو آخر ڪار اهو بيڪار ۽ بي طاقتو بڻجيو
پوي ۽ رهبري زندگيءَ جي ڪري نه سگهي. پوءِ ٻُڌين
سُڌين ڳالهين يا رسمن رواجن تي فقط پيا هلون افسوس
جو جيئن زندگي گهارڻ گهرجي تئين نٿا گهاريون!“
***
16-6-1955ع منهنجي ڀاءُ جي موڪلائڻ وقت سام جي اکين ۾ ٻه ٽي
ڀيرا پاڻي ڀرجي آيو. مون کي ذرا عجب لڳو، ڇا لاءِ
جو جيترو وقت هو اتي هو اهو سمورو عرصو سام ۽ موهن
جي وچ ۾ اڻبڻت هئي، منهنجي ڀاءُ جي اٿڻ ويهڻ جو
طريقو نه رڳو اتامرو هو، پر ڪيترا دفعا هن بي
ادبيءَ جي نمونيءَ سام سان ڳالهايو. مون جڏهين سام
کي چيو ته مون کان اڳ ۾ ڳوڙها تنهنجي اکين ۾ پيا
اچن، تڏهين هن چيو: ”هو آخر به تنهنجو ڀاءُ آهي!
ٻيو ته فقير کي ڪنهن سان ضد رکڻ نه جڳائي؛ نه فقط
ايترو پر فقيريءَ جي اها تقاضا آهي ته ٻئي جو دک
يا غم پنهنجو ڪري سمجهجي ۽ اسان جو احساس دک ۽ غم
جو نه صرف پنهنجن عزيزن تائين محدود هجي، مگر جيءُ
جنتر ۽ خود بيجان شين تائين پهتل هجي، ڇا لاءِ جو
حقيقت ۾ ’بي جان‘ ڪا نه چيز نه آهي.“
پوءِ سام هڪ فقير جي ڳالهه ٻڌائي ۽ چيائين: ”ڪن ماڻهن جو هڪ
ويجهو عزيز گذارو ويو هو ويٺي ان لاءِ رُنا فقير
جو اُتهان لانگهائو ٿيو، تنهنتي ايترو ته اثر پيو
جو هو به سُري وڃي ساڻن ويٺو ۽ اوڇنگارون ڏيئي
رُنو، جڏهن ڀر وارن کائنس پڇيو ته تون هن جو يعني
مري ويل جو ڇا ٿئين، تڏهين چيائين ته سور مڙيوئي
سور آهي، مان به پنهنجي حال تي ٿي رُنس.
” هن جو مطلب هي آهي ته فقير جي دل هڪ گل جي مثل نرم ٿئي ٿي،
اُها هميشہ ڀڳل رهي ٿي. فقير پرائي پيڙا نه فقط
پنهنجي ڪري سمجهي ٿو، پَر اُن مان هن کي پنهنجون
هيڻايو ياد اچن ٿيون. سندس احساس واري پڙدي تي ٻين
کان چٽيرا پاڇا پون ٿا. هن جي غم ۽ خوشيءَ وچ ۾
تفاوت ڪو ٿورو ٿو رهي ۽ هن جي نه ڪنهن سان سچ پچ
ميتمري ۽ نه ڪنهن سان دشمني آهي.“
***
25-8-1955ع اڄ اسان وٽ ڄڻڪ هڪ ننڍڙو کيل کيلجي ويو جنهن جا ڪي
وندرائيندڙ پاسا هيٺ درج ڪريان ٿي:
ڪيترن مهينن کان اسان وٽ بادل نالي هڪ نوڪر بيٺل آهي جنهن کي
سندس مائٽ اسان وٽ ڇڏي ويا آهن، ائين چئي ته
تنهنجي ٻچي وانگر هلائجوس، هو ننڍي ڄمار جو آهي،
مگر کيس گهڻيون خراب عادتون پيل آهن هڪ ته هو تمام
عجيب قسم جا ڪوڙ مطلب سان يا بنا مطلب هر هر پيو
ڳالهائي؛ ٻيو ته نشو جهڙوڪ ڀنگ، چرس وغيره به
استعمال ڪندو آهي، جنهن ڪري ڪم ۾ پورو ئي نه پوندو
آهي. اسين پنهنجي نوڪرن کي عام طور ٻين جي نوڪرن
کان گهڻو وڌيڪ سٺو هلائيندا آهيون، تڏهين به سام
چوندو آهي ته هي نوڪرن وارو سرشتو بلڪل قدرتي
قانون جي برخلاف ۽ اڄوڪي حالتن سان اڻ ٺهڪندڙ آهي،
ڇا لاءِ جو اڄ ڪالهه اثر سڀني تي اهڙا پون ٿا جو
نوڪر مالڪ کي پتا يا وڏي سمان نٿو سمجهيءَ مالڪ
وري عام طور نوڪر کي هڪ ڪم ڪندڙ مَشين ڪري سمجهي.
هن ڪري ڪم جي وٺڻ ۽ ٻئي طرف پگهار جي ملڻ کانسواءِ
ٻيو ڪو مطلب هن ناتي ۾ ٻنهي ڌرين کي ڪونه ٿو نظر
اچي. آشرم ۾ يا اسڪول ۾ يا گهر ۾، جتي اهي به مطلب
رٿيا نه وڃن. اُتي ڪنهن به ٻالڪ کي سولائي سان
سڌاري، سنواري سگهجي ٿو. مگر نوڪر کي سڌارڻ ان غير
انساني نالي جي پيدا ٿيڻ ڪري اهنجو ٿيو پوي.“
سام وڌيڪ چيو: ”سڌاري جي ڪم لاءِ پريم ۽ شرڌا جو هجڻ ضروري آهي
پر اڄ ڪلهه جي نوڪرن ۽ مالڪن ۾، هن نئين ساميوادي
دور ۾، خاص طور اهي ٻه شيون يعني پريم ۽ شرڌا،
باقي نالي ڪاڻ وڃي رهيون آهن. ان ڪري جيتوڻيڪ مون
ڪڏهين ڪنهن ٻار يا شاگرد کي پنهنجي عمر ۾ ڪونه
ماريو آهي ۽ ماسترن جي مارڪٽ تي هميشہ اعتراض
اٿاريندو آهيان، تڏهين به ڪن نوڪرن کي ڪا سزا ڏيڻ
ڪجهه قدر ضرور سمجهي اٿم. جيڪڏهن ڪم جو لحاظ نه
هجي، نه زماني جي ڀيڙ ۽ وقت جي تنگيءَ جو سوال
پيدا ٿئي ۽ نوڪر فقط ڪنهن اڪيلي آستان تي پاڻ سان
گڏ هجي، ته جيڪر ان کي ڪنهن به سزا ڏيڻ جي ضرورت
نه پوي. مگر هنن حالتن ۾ يعني پاڻ کي زندگيءَ جي
هڪ غلط رستي ۾ وجهي پوءِ آدرشي ريت انسان ۽ انسان
وچ ۾ قائم ڪرڻ ذرا اهنجو ڪم آهي، جيتوڻيڪ ان لاءِ
به هر وقت ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ هر حال ۾ انساني پري
قائم رکڻ گهرجي؛ جا سزا ڏجي، سا پريم وچان ۽ سڌاري
ڪارڻ ڏجي!“
اهو آهي سام جو عذر بادل کي وقتاً ٿوري جسماني سزا ڏيڻ لاءِ ۽
سمجهاڻي اڄوڪي، مٿي ذڪر ڪيل کيل جي، جنهن ۾ هو چوي
ٿو ته ان انسانيت جي سبق سکڻ لاءِ مون هي هڪ
آزمودو ٿي ڪيو؛ سو آزمودو هي آهي:-
مان جيئن اسپتال کان گهر موٽيس ته بادل جا هٿ پٽيءَ سان ٻڌل
ڏٺم. کائنس پڇيم ته هي ڇا آهي؟ سام ڪو ڌڪ ته ڪونه
هنيو اٿئي؟ سام جو اتي ويٺو هو، تنهن مون کي
پهريائين چئي ڏٺو ته بادل کي اهو ڌڪ دروازو ڏيندي
پنهنجو پاڻ لڳي ويو. مون بادل کي چيو ته سچي ڳالهه
ڪر ته ڌڪ ڪيئن لڳاءِ.؟ سام اُتي جو اتي ڏوهيءَ جو
منهن بڻائي اهڙي نموني ڳالهيون ڪيون جو ڄڻڪ هن
پاڻ اهو ڌڪ بادل کي هنيو هو ۽ فقط مون کان لڪائڻ
لاءِ بادل کي سيکاري ڇڏيو هئائين ته پاڻ تي قصور
مڙهه! بادل کي به اک جو اشارو ڏيئي ڇڏيائين جنهن
ڪري هو به ائين چوڻ لڳو. پوءِ سام اهڙو ڏوهيءَ
وانگر پيو هلي ۽ ڳالهائي جو سچ پچ مون ائين سمجهيو
ته نه رڳو ڌڪ ڇوڪري کي هنيو اٿائين، پر مون کان
ڊڄي اها ڳالهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين! ان خيال
منهنجي دل کي گهڻو صدمو پهچايو جيتوڻيڪ هاڻي
سمجهان ٿي ته اهو سام جو نه پر منهنجو امتحان هو.
ڇا لاءِ جو هن مونسان ڪڏهين ڪوڙ ڪين ڳالهايو آهي.
مون سام کي خوب ڇينڀيو ۽ چيم ته ههڙو لعل ڪڍي ماتا
توکي ڏنو آهي، ان لاءِ ته تون ان کي مارين يا ٻڌي
ويهارين! مان اڄ ماني ڪونه کائيندس ۽ گهرجي ائين
ته تون به ماني ته کاءُ يا مون کي ۽ پاڻ کي ڪا ٻي
سزا ڏي! سام موکي ڀلائڻ جا نمونا وٺڻ لڳو ته ماني
ٿيل آهي زيان ڪرڻ نه گهرجي ڇوڪرو پاڻ ڏنگو آهي ۽
چپاٽ گسائڻ جيڪيائين تڏهي کيس ڌڪ ٻي جاءِ تي لڳي
ويو، وغيره! ان وچ ۾ مون کان انجام پڻ ورتائين ته
اڳتي گهرو ڪمن کان کيس فارغ ڪريون جن مان هيءُ
نتيجا نڪرن ٿا! مون هي سڄو قصو سچو سمجهي اهو
انجام پڻ ڏنو ۽ سام قبول ڪيو ته مان پاڻ کي سزا
ڏيندس؛ چيائين، تون هاڻي اٿي ماني کاءُ! آخر ماني
کائڻ وقت اها ڳالهه پڌري ٿي ته نه رڳو سام ڪو به
ڌڪ ڇوڪري کي ڪونه هنيو هو مگر کيس اتفاقي ضرب اچڻ
تي سندس ملم پٽي چڱيءَ طرح ڪئي هُئائين. سام چيو:
”مون کي مزو ٿي آيو جو پاڻ کي ڏوهيءَ جي صورت ۾
پيو ڏسان. اُن مان اهو احساس پيو پيدا ٿئي ته ڪنهن
ٻار يا نوڪر سان ظلم ڪرڻ ڪهڙو نه خراب آهي! ٻيو
وري تنهنجي ڪاوڙ ۽ جذبو حق جي طرف ڳالهائڻ ۽ مون
کي بي ريا نموني نندڻ جو، سو به ڏاڍو ٿي وڻيو.
اهو تو ۾ سوڀادايڪ ٿي لڳو. مگر اهو ارمان ٿيو ته
مون مان سچ ڳالهائڻ جي اميد ايتري جلد تو ڇو لاهي
ڇڏي ۽ ڇو ائين نٿي سوچيءَ ته سام ڪيئن مون کان ڪا
ڳالهه لڪائيندو!“
مون کي پڻ انهيءَ ڳالهه تي ارمان ٿيو. پر تنهن بعد وري ماني
کائيندي اسان کي گمراه ڪرڻ لاءِ سام اهڙي ڦرتي
کاڌي جو ٻيو ڀيرو دل ۾ شڪ پيدا ٿيو ته شايد سچ پچ
بادل کي ماريو اٿس. ٻيا ڇوڪرا پڻ چوڻ لڳا ته دادا
جو ارمان آهي جو اسان کان ڳالهه الي ويو. تڌهين
سام اسان کي ٻيو ڀيرو شڪ ۾ وجهڻ بعد ڪرائيسٽ ۽
پيٽر جي ڳالهه ٻڌائي ته مقدمي هلڻ کان اڳ ۾
ڪرائيسٽ پنهنجي چيلي پيٽر کي چيو هو ته ڪڪڙ ٽي دس
ئي نه هڻندا جو تون مون کان اڳ ۾ ٽي ڀيرا منافق ٿي
ڦري ويندين! پيٽر کان ڀيري ڀيري اها ڳالهه وسري ٿي
ويئي ۽ جڏهين کائنس سرڪاري ماڻهو پڇن پيا، تون ڪير
آهين؟ تڏهين هو ڇرڪ ڀري چوي پيو ته منهنجو هن
(ڪرائيسٽ) سان ڪو به واسطو ڪونهي! تڏهين ڪڪڙن جا
دس ٻڌي وري کيس ڪرائيسٽ جي لفظن جي ياد اچي ٿي
ويئي! مون به گويا پيٽر وارو ڪم ڪري ڏيکاريو:
اُتيئي ٻه ڀيرا سام جي لفظن ۾ شڪ آندم!
***
27-8-1955ع هيٺيان نوٽ ٿورا ڏينهن اڳ جا لکيل آهن: منهنجي جيون
جو مطلب سام سان گڏيل آهي؛ ٻيو ڪو مطلب مراد
زندگيءَ اندر نه هوندي به خبر نه آهي ڇو بعضي بعضي
خود سام سان جهڳڙو ٿيو پوي! جيتوڻيڪ هڪ ٻئي کان
ڇڄي رهيا آهيون! هي آخري جڳهڙو ته خاص ڪري ان خيال
کان بلڪل خطرناڪ هو؛ ايتري قدر جو رات جو سمهڻ
وقت، مون کي اهو خيال ٿي بيٺو ته سام متان بيزار
ٿي يا غصي وچان راتو واهه نڪري ڪيڏانهن هليو وڃي!
سو درن کي چپ چپ ۾ وڃي قلف هنيم ۽ ننڊ به چنتا ۾
ڪانه ڪيم. هر هر منهن ڪڍي ڏسان پئي ته هو ڪٿي آهي.
سڀاڻي تي سنڌيا جي ڌيان کان پوءِ مان وڃي سام جي
اڳيان ويٺس. هن ٿورو هٿ گهمايو مگر اسان جي وچ ۾
اڃان ڄڻڪ حجاب جو پڙدو هو. مون جيئن ساڻس وڌيڪ
ڳالهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته هو ڇرڪيو ٿي آخر اسپتال
کان موٽي منجهند جو جڏهين ساڻس اچي ڳالهيم ته
چيائين: ”ٺاهه ڪبو، پر ڪي ڳالهيون اڳ ۾ ڪبيون.“
مون سمجهيو ته ڪي شرط هوندا جي هو وجهندو، سو کيس چيم ته ڀل
هينئر ئي اُهي چئي ڏيو.
سام چيو: ”منجهند جي ننڊ کان پوءِ اُهي ڳالهيون ڪبيون. ٿڪ ۾
ٺاهه جون ڳالهيون ڪين ڪرڻ گهرجن. جسم آرام ۾ ۽ من
سيتل رهي پوءِ ڳالهيون ڪجن.“
ننڊ کان پوءِ چيائين: ”هينئر اُهي ڳالهيون ٻڌين ته ٻُڌ!“
مون چيو: ”ڀلا تيئي ٻڌايو.“
سام چيو: ”ٿڪ برابر هوندءِ؛ پورهيو ڪري اچين ٿي، مگر ان سان گڏ
زندگيءَ ۾ چاهه جي پڻ گهٽتائي آهي جا تو ۾ ٿڪاوٽ
پيدا ڪري ٿي. زندگي چاهه بنا لاچار هلي رهي آهي ان
ڪري ڪٽ پٽ پڻ وڌي آهي. گيان ۽ ويچار جيوت جا اُتم
ڦل آهن سي تڌهين پيدا ٿيندا، جڏهين جيوت جا سڀ جزا
پورا بيٺل هوندا. نه رڳو سڀ جزا موجود هجن، پر
ڪنهن انتظام هيٺ هجن. تنهن لاءِ ساڌن کپي اسان جي
جلد جلد وڙهڻ جو ڪارڻ اهو آهي، جو انهيءَ جيوت جي
انتظام ۾ ڪا مڙيوئي گهٽتائي آهي. ائين نه آهي ته
هن اڄوڪي سمجهاڻيءَ کان پوءِ يا ٺاهه ڪرڻ کان پوءِ
وري ڪو اسان جي وچ ۾ تفاوت پيدا ئي ڪونه ٿيندو،
مگر وري ڪوشش ڪري انهن تفاوتن هوندي به ڪا هيڪڙائي
حاصل ڪرڻي آهي، ڪيتريون ڳالهيون اسين الڳ الڳ
نموني سمجهون ٿا. انهن سان گهڻيون وقت اندر پاڻهي
صاف ٿي وڃن ٿيون، تنهنڪري جيڪي ڪنهن ڌُر کي سمجهه
۾ نه اچن، تن لاءِ ڪشاده دليءَ جو رخ اختيار ڪرڻ
کپي. ٻه ڄڻا ڪي به هڪ جهڙا نه ٿيندا آهن، نه ته
جيڪر الڳ ڇو پيدا ٿين؟ پر پريم يا شرڌا، اُها ڳنڍڻ
واري لئي يا کؤنر آهي جا ٻن پٿرن کيپاڻ ۾ ملائي
سگهي ٿي هڪ طرف ڪو پٿر دل انسان هجي ۽ ٻئي طرف نرم
۾ نرم دل وارو هجي، هڪ طرف ڪو گياني هجي ۽ ٻئي طرف
مون جهڙو جَڙ ٻُڌي وارو انسان هجي، ته به انهن کي
پريم ملائي سگهي ٿو. اها ايڪتا جيڪا تفاوتن جو گم
ٿيڻ گهري ٿي، سا ڪوڙي ۽ اڻ لڀ آهي. انهن تفاوتن جي
هوندي به پيار قائم رکڻ سو زندگي جو سچو مقصد آهي.
حقيقت ۾ پيار آتما ڪارڻ ئي آهي. ان ڳالهه جو
اپنشدن ۾ ورنن ڪيل آهن. اُها هن ملڪ جي رشين جي
سمجهاڻي آهي ته پٽ پيارو آهي آتما ڪارڻ؛ زال پياري
آهي ته به آتما ڪارڻ وغيره. اهو نه رڳو خيالي آدرش
آهي، مگر زندگيءَ جي هڪ حقيقت پڻ آهي. ڪئين مثال
تو پاڻ ڏٺا ٻڌا آهن. جو پيءُ پٽ ۽ هڪ ٻئي جي آڏو
ايندڙ آخر هڪ ٻئي مان بيزار ٿيو پون ۽ جدا ٿي وڃن.
اها ڳالهه تنهنجي ۽ منهنجي حالت ۾ اڃا به وڌيڪ
لاڳو آهي. مون ننڍي کان پنهنجي دل اندر جيڪو جيون
جو آدرش رکيو آهي ۽ جنهن جي حاصل ڪرڻ جي اڃا به آس
گهڻي اٿم، ان جي آڏو هي گهرو ڪر ڪر اچي رهي آهي.
تنهن ڪري جيتوڻيڪ هي خيال ڪندي به دل کي ايذاءُ
پهچندو آهي، تڏهين به اها ڳالهه ساسنڀو نه آهي ته
ڪر ڪر اسان کي ٿوري وقت کاءِ ئي جدا ڪري وجهي.“
وڌيڪ اهڙيون ڳالهيون مان ٻڌڻ لاءِ تيار نه هيس تنهن ڪري سام کي
چيم: ”بس، اهو ڪافي آهي! وري جهڳڙو ڪو نه ٿيندو.“
***
28-8-1955ع اڄ ويٺي ويٺي مون گرڌاريءَ کي چيو ته تون سڀاڳو
آهين جو ڪتاب (آتم باغ) جيڪو سام توکي ارپن ڪري
ٿو، سا هڪ اُتم چيز آهي. ان وقت سام کان مون پڻ
پڇيو ته ٻيا ڪهڙا ڪهڙا ليک يا ڪتاب اسان وٽ ڇپائڻ
لاءِ آهن. سام مشڪي چيو: ”جرمنيءَ جي هن گذريل
لڙائيءَ وقت جڏهين جرمن قومن ڪجهه شڪستون کائڻ
شروع ڪيو، تڏهين هٽلر جي هڪ وزير ربن تروپ ائين
چيو هو ته مان جڏهين پنهنجا نوان ٺهندڙ اوزار ۽
هٿيار ڏسان ٿو، ته منهنجي دل وڏي ٿئي ٿي ۽ مون کي
پنهنجي آخرين سوڀ ۾ ڪو به شڪ ڪونه ٿو نظر اچي. ان
وقت وٽن ”وي ون“
(V.1)،
”وي ٽُو“
(V.2)،
۽ شايد ائٽم بم جو به ڪو نمونو تيار ٿي رهيو هو.
پر تنهن هوندي به جرمنيءَ هار کاڌي؛ اهي اوزار ۽
انهن سان گڏ سائنس جي ترقي جيڪا جرمن قوم حاصل ڪئي
هئي، سا هٽلر دنيا کي ورثو ڏيئي ويو. ساڳيءَ طرح
هي ڪتاب اسان جا به آشرم جي مرڪز يا شيوا جي ڪنهن
هلچل آڏڻ لاءِ هيٿار ٿي سگهن ٿا. مگر اها آشرم اڃا
برپا ٿيندڙ نه ٿي ڏسجي. اسان جي زندگيءَ جي هار
ظاهر آهي. پَر تنهن هوندي به هي پريم جا آوزار
’آتم باغ‘ ۽ ٻيا سڀ ڪتاب دنيا کي نماڻي سوغات ورثو
ڏيئي وينداسين.“
***
سام جي انهن لفظن مون کي ڪجهه غمگين ڪيو ۽ مون کيس دلداري ڏيڻ
جي نموني چيو ته هار ڇو ٿيندي؟ تنهنجو هن سال هڪڙو
ٻيو به ڪتاب ڇپيو آهي ۽ وڌيڪ ڪتابن ڇپائڻ جي ڪوشش
ڪئي ويندي. سام تنهن تي وراڻيو. ”ان هار جو اسان
کي ارمان ڪونه آهي نه وري زندگيءَ جي ظاهري هار
آتما جي هار آهي. ڪتابن ڇپائڻ سان به اسان جو ڪو
خاص پريوجن ڪونه آهي اُها سوڀ اڃا ڪنهن ٻيءَ ڳالهه
۾ آهي، جنهن سان جيون سڦلو ٿئي ٿو. ايشور کي خبر
آهي ته هت ڇا سجايو ۽ ڇا آهي اجايو. ڪنهن به
هٿرادو ڪوشش ڪرڻ ۾ دلي خوشي يا آتمڪ آنند پيدا
ڪونه ٿيندو، جيئن اشارو ايندو، تيئن تيئن پيو ڪبو
۽ ڪنهن خاص ڦل جي چاهنا ڪا نه رکبي.“
مون کي ان ڳالهه مان پورو دلاسو ڪونه مليو تنهنڪري اڄ ڪن دوستن
کي چيم ته ڪو سنڌي خواند حال في الحال سام جي ليکن
اُتارڻ لاءِ وٺي ڏيو ته پريس کي اُتاري موڪلجن. اڄ
وري نئين سر ارادو ڪيو اٿم ته هن ماحول ۾ به ڪجهه
نه ڪجهه ڪم پيو ڪبو؛ ڏسان ڪيتري قدر ڪامياب ٿيون
ٿا. باقي سام ته ائين پيو هلي ڄڻڪ کيس ڪي صديون هت
رهڻو آهي، يعني ڇپائي يا ٻئي ڪنهن ڪم لاءِ ڪو خاص
اُديم ڪونه ڪري ۽ جيئن اٽڪل ويهن سالن کان انهن
ڪمن کي نا ضرور سمجهي ڇڏي ڏنو اٿس، اهو خيال ٿو
رکي ته ٻيو ڪو پيدا ٿيندو جيڪو سندس زندگيءَ جو
ڪتابي يا خيالي ڀاڱو اچي سنڀاليندو: اڃا هو ڄڻڪ
ٿڌو ٿانهريو ويٺو آهي. شل ايشور مون کي ئي اها
همٿ ڏئي جو مان هيءَ آس سندس ۽ پنهنجي دل جي پوري
ڪري سگهان!
*** |