20-2-1967ع سام جي مويشن سان گهڻي دل آهي. روزانو انهن
جي ديک ڀال لاءِ پاڻ ڪجهه وقت وڃي واڙي ۾ ويهندو
آهي. چوندو آهي، هو مون کي ڪڏنهن دانهون ڏيندا
آهن، ڪڏهن رئندا آهن ۽ ڪڏهين پاڻ ڏي سڏ به ڪندا
آهن. اسان جي گهر ۾ انهيءَ ماهئي ۽ ڳائي مال کان
سواءِ ڪتا ۽ هڪ طوطو به آهي جيڪو ٻاهران ڪٿان ڀڄي
اسان وٽ آيو هو. وقت ملڻ تي سام طوطي کي پڃري کان
ٻاهر ڪڍي، پنهنجي ڪلهن تي ويهاري، کيس کارائيندو
آهي ته طوطو بيحد خوش ٿيندو آهي. پر ڪڏهن وقت نه
مليس ته ان ڏينهن طوطو منهن سڄائي اُداس ويٺو
هوندو آهي، ايتري قدر جو سندس اکيون اڇيون نظر
اينديون آهن ۽ پڃري ۾ هٿ وجهڻ تي اسان کي چڪ پڻ
پائيندو آهي، جيستائين سام آهسته آهسته ريجهائي
کيس وري ڪلهي تي ويهاري. ڪڏهن سارو ڏينهن ٻاهر
رهندا آهيون ته موٽي اچي رات جو به ان کي اهڙيءَ
طرح ٻاهر ڪڍي ڪجهه نه ڪجهه کارائيندا آهيون. سام
چوندو آهي ته ٻيءَ صورت ۾ ان جو روح راضي نه
رهندو. مون کائنس پڇيو ته پکين جي روح راضي رهڻ يا
نه رهڻ يا مويشن جي رسڻ ۽ پرچڻ وغيره جي توهان کي
ڪيئن خبر پوندي آهي؟
سام وراڻيو: ”چوندا آهن ته حضرت سليمان پکين
حيوانن ۽ ٻين جانورن جون ٻوليون سمجهندو هو. در
حقيقت پريم ئي اها سليماني رمز آهي، جيڪا سڀني
جانورن جون ٻوليون سمجهائي ٿي. هونءَ ڇا حضرت
سليمان ڪنهن مڪتب ۾ جانورن جون ٻوليون ته ڪين پڙهي
آيو هيو؟ مگر ائين سمجهڻ گهرجي ته آتما هڪڙي ئي
آهي جنهن جو هر شئي ۽ هر جيءَ ۾ واسو آهي. آتما
آتما جي ٻولي ڪيئن نه سمجهندي؟ سندن اکين مان سندن
گهور ڪري نهارڻ ۽ سندس چرپر جي مختلف نمونن مان
سارو راز ظاهر ٿي پوي ٿو. فقط انهيءَ پريم جي
نگاهن ۽ آتمڪ درشٽيءَ سان ڏسجي ته ڪا ڳالهه ڳجهي
يا ڳري ڪا نه آهي، مگر اڄ ڪلهه جو انسان خود
پنهنجي پاڻ کان ئي وڇڙيل آهي؛ پنهن جي دل من جا
آواز ئي نه ٿو ٻڌي سگهي، سو ڪيئن جانورن جون
ٻوليون ٻڌندو؟“
***
2-3-1967ع اڄ ڪالهه اسان سڀني جي وڏي ۾ وڏي ڪوشش
سام جي پاسپورٽ لاءِ هلندڙ آهي. ٻه ٽي سال ٿي ويا
آهن ته اسان مان ڪو به مائٽن مٽن سان گڏجڻ ڪونه
ويو آهي. پاڪستان هندستان جي جنگ کان پوءِ ويچارا
اقليت وارا هُن ڀر ۽ هِن ڀر گويا مائٽن کان وڇڙويا
آهن. مائٽ مٽ، عزيز خويش ٻنهي طرفين هڪ ٻئي کي ياد
ڪري رهيا آهن. حضرت عسيٰ جا لفظ ياد پيا اچن ته
”انسان فقط اٽو کائي ڪونه ٿو جيئي! اٽو لٽو ته هتي
سستو ملي ٿو مگر ڏسان ٿي ته ساري سنڌ جي هندو قوم
هڪ طرف ۽ وڇڙيل مسلمان ڀائي هندستان کان آيل ٻئي
طرف پنهنجي مائٽن مٽن سان ملڻ لاءِ منتظر آهن.
اسان جي گهر جون ته حالتون اهڙيون آهن جو وڃون ته
سڀ گهمڻ وڃون. منهنجي ۽ سام جي گهر وارن ۾ ڪيترا
اهڙا واقعا ٿيل آهن جن لاءِ هڪ ٻئي سان ملڻ چاهيون
ٿا. هن حالت ۾ هي مال، ٽپڙ وغيره ڪنهن جي حوالي
ڪري وڃون؟ ان ڪري نڪرڻ پڻ دشوار پيو لڳي توڻي جو
پاسپورٽ ملي به پون. تڪليفون ڏسي مون ته ارادو ڪيو
آهي ته مان في الحال ڪونه ويندس؛ ڇوڪرن ۽ مويشن
سميت هتي رهندس. ڀلا مون جهڙو ڪو ٻيو ديوانو ٿي
سگهي ٿو؟ سام کي چيو اٿم ته منهنجي مائٽن سان به
ملي اچي. ان رستي ڄڻ مان پنهنجي مائٽن سان ملي سڪ
پوري ڪندس. اميد ته سام کي پاسپورٽ جلد ملي ويندو.
مون کي ان ڳالهه جي بيحد خوشي آهي جيتوڻيڪ پاڻ وڃي
ڪو نه ٿي سگهان. هن اڪيلائيءَ ۾ اندروني سهارو به
سام جو رهندو. سام چوندو آهي ته وفا جي خوشي
قربانيءَ ۾ آهي. ورنه هي وڇوڙو اڄ ڪلهه جي ماحول ۾
ڪير سهي؟
نوٽ: هن کان پوءِ ڊائريءَ جو نئون مضمون اصلوڪي
ڊاڪٽر سرلا جي هٿ اکري لکيل ڪاپيءَ ۾ وري ٻارهن
مهينا بعد 8-3-1968ع تي شروع ٿئي ٿي. وچ ۾ ڪيترا
پنا خالي ڇڏيل آهن جن مان سمجهجهي ٿو ته ان وقت ۾
شايد ٻئي ڪنهن نوٽ بڪ يا مسافري ڪندي ڪنهن ننڍي
ڪتاب ۾ ڪجهه مضمون لکيل هوندا جي هن وقت هٿ ڪونه
ٿا اچن. جي اُهي هن ڪتاب جي ڇپائيءَ واري عرصي
اندر هٿ آيا ته ڪتاب جي آخر ۾ ”ضميمو“ ڪري درج ڪيا
ويندا حال في الحال ”نوان مضمون“ 8-3-1968ع کان
شروع ڪرڻا پون ٿا.
-ايڊيٽر
***
8-3-1968ع اڄ سام پنهنجو ڪو حساب ڪتاب ويٺي ڏٺو.
اُن وقت نرمل وٽس آيو. کيس ٻڌايائين ته هي حساب هڪ
دوست کي ٺاهڻ لاءِ ڏنو هيم، مگر ڪم پرائو پرائو
ڪري ڪيو اٿس؛ دل سان نه ڪيو اٿس، جنهن ڪري پيج پيج
تي چڪون نظر اچن ٿيون. نرمل جي پڇڻ تي سام کيس
ٻڌايو ته اهو حساب فلاڻي ماڻهوءَ سان آهي. تڏهن
نرمل چيو: ”سائين، مان عجب کائيندو آهيان ته اهي
حساب توهان جا ڪيستائين هلندا! ڪالهه ڏٺم ته جڏهين
اهو ماڻهو توهان وٽ آيو تڏهن اوهان ٿڪل هيؤ، مگر
ان سان ويهي حساب ڪتاب جون ڳالهيون ڪيوَ!“
***
سام چيو: ”جيڪڏهين اُن سان نه ڳالهايان ها ته هو
پنهنجو نرآدر سمجهي ها؛ ائين ڪالهه ٻيا هڪڙا ماڻهو
به زمين جي سودي لاءِ آيا هئا؛ مگر مٿي ۾ سور هيو،
تنهن ڪري کين وقت ڏيئي نه سگهيس. پر هي ماڻهو مٿان
اچي بيٺو. اها ڀلا ٻين ماڻهن کي ڪهڙي خبر ته بعضي
بعضي اسان جو شاعري سڀاءُ اهڙي حساب ڪتاب لاءِ
اجازت نه ٿو ڏئي ۽ انهن ڳالهين ۾ دلچسپي گهٽ ٿي
رهي!“
نرمل چيو: ”توهان جي اوسٿا به هن وقت وڌيل آهي؛
گهرجي ائين ته فقط رام جو نالو ويٺا وٺو!“ تڏهين
سام چيو: ”جيستائين انسان جيئرو آهي، تيستائين
سنسار پچر ڪين ڇڏيندو. فقير جي لانگوٽيءَ واري
ڳالهه ياد ڪر؛ جيستائين لانگوٽي پنهن جي لاهي ترڪ
نه ڪيائين تستائين ڪونه ڪو مسئلو پيو پيدا ٿئي.
لانگوٽي ڪوئا ٽڪي پيا وڃن ۽ ٻلي رکيائين؛ وري
ٻليءَ لاءِ کير جي پن ڪري ته ماڻهو چونس ٻڪري ڇو
نه ٿو رکين؟ ٻڪريون وڌي ڌڻ ٿي پيون؛ جتي چاري ته
اُتي ماڻهو رنج پيا ٿين. آخر لانگوٽي لاهي ڦٽي
ڪيائين تڏهن جند ڇٽس. جستائين سنسار ۾ رهبو
تيستائين ڪو نه ڪو انتظار رهندو.
”رشي وشوامتر کي به پنهن جي آشرم ۾ جڏهن دئيت
ستائڻ لڳا تڏهين اچي راجا دشرٿ کان سري رام جي
ٻانهن گهريائين، ته اُهو اچي بچاءُ ڪري. مطلب ته
هن زماني ۾ اهو آدرش رکڻ اهنجو آهي، ته سنسار کان
بلڪل جدا ٿي ويهي ڀڳتي ڪجي. هن سنسار جي رينگٽ
واري نار مان پاڻيءَ چڪو پي وٺڻو آهي؛ جي نار بند
ٿيندو ته پاڻي به بند ٿي ويندو.“
”هي سنسار برابر هڪ پڙدو آهي؛ پڙدي جي وچان يار کي
جهاتي پائي ڏسڻ ۾ به ڪو مزو آهي. ڀلا هو پاڻ هن
مايا يا چئجي کڻي ڪثرت جي برهمانڊ وچان پريم مان
ڪيئن ٿو جهاتيون پائي! سنسار ۾ رهڻ گناهه نه آهي
مگر اُن يار کي وسارڻ يا زندگيءَ جو اصل مقصد ترڪ
ڪري ڇڏڻ سوئي گناهه آهي.
سنسار هڪ ڪسوٽي ڪري سمجهو پر سچي سون کي انهيءَ
سان گسڻ ۾ ڪهڙو ڀؤ آهي؟“
***
28-8-1968ع اسان وٽ پنهن جي ٻڪرين مان ٻه ڇلا
پئدا ٿيا هئا ۽ هڪڙو ٻيو مفت مليو هيو. انهن کي
چڱيءَ طرح پاليندا هئاسون. ڇيلا جيئن وڏا ٿيا تيئن
باغ ۾ وڌيڪ نقصان ڪرڻ لڳا. ازانسواءِ اهو سوال هر
هر ٺهي پيو اچي ته آخر ڪهڙي مطلب لاءِ کين رکيو
ويٺا آهيون؟ ڪافي وڏا به ٿي ويا هئا، تنهن ڪري
اسان سڀني سام کي صلاح ڏني ته انهن کي وڪڻي ڇڏجي.
مگر ڇيلا ڏاڍا سهڻا هئا ۽ ڌاريلا ٿي ويا هئا. وقت
تي اناج نه ملين ته گويا سڏ ڪري گهري وٺندا هيا.
هو ڄڻڪ گهر جا ڀاتي ٿي ويا هئا. جهنگ کان ايندا
هئا ته کين مال جي واڙي ۾ ڪو نه بيهاريندا هئاسين،
مگر پاڻ وٽ ويجها رکندا هئاسين. سام به چيو آخر
هيءَ راند گهڻا ڏينهن هلندي؟ پوءِ پنهن جي ڌنار کي
چيائين ته ڀلي وڃي وڪڻي ڇڏيو. سڀاڻي تي اسان جو
ماڻهو جڏهن مارڪيٽ ڏانهن ويو ته انهن جون سيسيون
ڪٽيل نظر آيس جي هن سڃاتيون؛ سام کي اچي ٻڌايائين.
سام اکين ۾ پاڻي آڻي مون کي ٻڌايو ته ويچارن ڇيلن
سان هيءَ حالت بڻي.
اڳي گوشت کائڻ يا نه کائڻ جي سوال تي ڪافي ڪجهه
لکيو اٿئون. هي ڪو نئون وشيه ڪو نه آهي ۽ اسين
ائين ئي مڃيندا آهيون ته انهن گگدامن لاءِ هن وقت
تائين اڃا ڪسڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم الله ڪو نه
خلقيو آهي. مالداريءَ جون حالتون تقاضا ڪن ٿيون ته
نرن ڇيلن منجهان به ڪجهه اپڙاسو ضرور ٿيڻ گهرجي،
ورنه کير ۽ کاڌو اڃا به مهانگو ٿي سگهي ٿو. اهو
خيال اسين ڦيري ڪونه سگهيا آهيون، پوءِ ڀلا هي
ڳوڙها ڇا لاءِ؟
سام انهيءَ جي سمجهاڻي ڏيندي چيو ته سچ پچ هيءَ
هڪڙي افسوسناڪ حالت آهي جو انسان جو گذارو هنسا
کان سواءِ ٿي نه ٿو سگهي. هن سرشٽيءَ جي ليلا جنهن
رچي آهي انهيءَ کي ئي خبر ته اها راند ڇو رچي اٿس.
هونءَ ته سڀني جيئن ۽ جانورن ۽ به ساڳي آتما وسي
ٿي. انهن کي به پنهن جي ڏک سک ۽ ايذاءَ جي خبر پوي
ٿي. هو به جتي گهر ڪن اتي دادلا ٿي وڃن ٿا. اهو
پاسو ڳالهه جو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچن ٿا. پر جنهن
صورت ۾ هن سوال جو ڪو جواب ملي ڪو نه ٿو سگهي ته
انهن سان ڇا ڪجي، تنهن صورت ۾ هن رچنا جي رچيندڙ
کي نمسڪار ڪري سر جهڪائجي ٿو. ڳالهه هيئن به آهي ۽
هونئن به. هنسا به پاڻ ٿو ڪرائي ۽ ديا ڀاوَ به پاڻ
ئي پيدا ڪيو اٿس.“
***
8-1-1971ع هن ڊائريءَ ڇڏي تقريباً اڍائي سال ٿي
ويا! اسان جي حياتيءَ ۾ غم ۽ خوشيءَ جا موقعا هڪ
ٻئي پٺيان ايندا رهن ٿا. مگر انهن ما ڪي ڪي پنهن
جو وڌيڪ چٽو اثر دل ۽ دماغ تي نه فقط پر انسان جي
سموريءَ زندگيءَ تي ڇڏي وڃن ٿا. هنن گذريل اڍائي
سالن جي واقعن جو اثر پڻ اسان جي زندگي تي بي حد
ڳوڙهو رهيو آهي. هڪ ٻئي پٺيان انهن واقعن جو پئدا
ٿيڻ ۽ ساري زندگيءَ جو پروگرام ڊهي پوڻ سا هڪ
رواجي ڳالهه نه آهي.
اڄ ڌڻيءَ جي مهر سان وري اسين ٽٽل ڌاڳا پنهن جي
جيون جا ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سا خود هڪ
ڌڻيءَ جي شڪر گذاريءَ مڃڻ جهڙي ڳالهه آهي. هن عرصي
۾ ڪي ٿورا گهڻا خوشيءَ جا موقعا به آيا هوندا مگر
ڏکن ۽ ڪشالن انهن کي بلڪل لٽي ڇڏيو هو، ايتري قدر
جو اهي به درج ٿيڻ کان رهجي ويا.
مون ڊائري وري وري ڪجهه عرصي لاءِ لکڻ ڇڏي ڏني
آهي. مگر ان لاءِ اهڙا ڪي خاص سبب سچ پچ ڪونه
هوندا هئا، جهڙا سمجهان ٿي ته هن ڀيري ڊائري ڦٽي
ڪرڻ لاءِ پئدا ٿيا. انهن واقعن جو ٿورو ذڪر ڪرڻ هت
مناسب آهي.
سيپٽمبر 1968ع ۾ اوچتوئي اوچتو هڪ پاڙيسري ميونسپل
ملازم اسان جي در اڳيان پنهن جي ڳئونءَ جو ڪونر
ٺهرايو ۽ اتي پنهنجي ڳئون بيهارڻ لڳو. اسان
پهريائين ڪوشش ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪئي، مگر هو اُن
ڳالهه تان باز نه آيو؛ ان ڪري مون سارو احوال
ميونسپالٽيءَ جي وائيس چيئرمن کي ڪيو. انهيءَ صاحب
هڪدم واسطيدار آفيسر کان فون ڪري اهو بي واجبي دخل
اسان جي لنگهه اڳيان پٽرائي ڪڍيو. انهيءَ تي اچي
اهو ميونسپل ملازم ڪاوڙيو ۽ چيائين، هي هندو ماڻهو
ڪير جو ايتري هستي رکن؛ منهنجي بيعزتي ڪرائي اٿن!
پوءِ هن ڇا ڪيو جو ڪيتريون گمنام ۽ ڪوڙين صحين سان
جدا جدا آفيسرن کي درخواستون لکرائي موڪليائين جن
۾ لکيل هو ته هي هندو ماڻهو هن ملڪ سان وفادار نه
آهن، پر هندوستان جا جاسوس ٿي رهن ٿا! انهن
درخواستن لاءِ عجيب و غريب ”حقيقتون“ پيش ڪيائون.
منهنجي کاتي وارن بالا عملدارن کي اهي شڪايتون
ڪيائون ته هيءَ ڊاڪٽرياڻي رشوت خور آهي ۽ اسپتال
جي حاطي ۾ برن ماڻهن کي اجهو ڏئي ٿي. اهڙيون چؤطرف
کان پڪارون ٿي ويون، جن جي جاچ هڪ پاسي کان پوليس
کاتي جي وڏن آفيسرن. اهو جنرل ايوب جو زبردستيءَ
وارو زمانو هيو. ان وقت جيڪوضلعي جو هڪ وڏو
عهديدار هيو سو چون ٿا جنرل ايوب جي پٽ جو دوست
هيو. انهيءَ سام صاحب کي چوائي موڪليو ته توهان
هندستان لڏي وڃون ته بهتر ٿيندو. انهن جو دلي مطلب
اهو هو ته سام پنهنجي زمين جي موٽائڻ جي ڪوشش نه
ڪري. اهڙا خيال ان آفيسر پنهنجي دوستن سان ظاهر
ڪيا ۽ ان جي هڪ زيردست آفيسر ته مون کي ائين به
چوائي موڪليو ته سام کي هاڻي وڌيڪ رهڻ نه ڏبو. ان
ڪري سپٽيمبر کان وٺي سال جي آخر تائين اهو خطرو ٿي
رهيو ته هو شايد ڪوڙو ڪيس ڊفينس آف پاڪستان
آرڊيننس هيٺ ڪري سام کي تڪليف ڏين. تنهن ڪري مون
کي لاهور قاضي صاحب ڏي ۽ سام کي به ڪراچيءَ ۽ ٻين
پاسي ڪجهه ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پيئي.
جيتوڻيڪ ان وقت جي هڪ وزير ان وڏي عهديدار سان سام
جي سچي واقفيت ڪرائي ۽ سندس سفارش ڪئي، تڏهن به
اهو ڀروسو ڪونه هو ته اهو صاحب ڪو وزير کي
ليکيندو. هو ايترو ته مغرور ۽ خود خيالي هيو جو
وزيرن جي پرواهه به ڪونه ڪندو هيو، پر اسان کي اهو
يقين هيو ته آخر سچ سچ ٿيندو ۽ ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ
پوندي، جيتوڻيڪ حال في الحال حالتون ڳوريون ٿي
لڳيون.
مون کي هندستان مائٽن ڏانهن وئي گهڻا سال ٿي ويا
هئا. مگر مون کي وڃڻ جي موڪل ڪانه ملي، جيتوڻيڪ
پاسپورٽ وغيره تيار هئا. هوڏانهن سام جي پاسپورٽ ۾
باقي ٿورو عرصو رهيو هيو. ان خيال ڪري ۽ هتان جي
ناخوشگوار حالتن جي ڪري مون سام کي ٻاهر موڪلي
ڏنو؛ پاڻ ڪوشش ۾ هيس ته وڃي سام سان ملنديس ۽ ڪجهه
وقت مائٽن مٽن سان چنتائن کان دور فرحت ۾
گذارينداسين. مگر انسان جي رٿ هڪڙي ۽ ڀڳوان جي رٿ
ٻي! هو ڏانهن ملڪ ۾ ايوب سرڪار جي خلاف ويا گوڙ ۽
فساد وڌندا، سام منهنجي لاءِ دهليءَ ۾ ترسي ترسي
آخر بمبئيءَ پنهنجي ٻارن ڏانهن هليو ويو. تڏهن جلد
ئي هت مارشل لا نافذ ٿي ويو ۽ جنرل ايوب جو راڄ
ختم ٿي ويو.
سام جڏهن ٿوري وقت لاءِ ٻاهر ويندو آهي تڏهين پنهن
جا ۽ منهن جا هٿيار پستول وغيره سيف يا ڪن پيتين ۾
بند ڪري رکي ويندو آهي. هن ڀيري به ائين ئي
ڪيائين، جيتوڻيڪ هن مون کي آخر وڃڻ وقت پستول ڏئي
ڇڏيو هو جو مون پنهنجي پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيو هو، ان
لاءَ ته منهنجي ٻاهر اندر اچڻ مهل ڪم اچي. پر اُتي
ئي مون خيال ڦيرائي پستول کيس موٽائي ڏنو؛ مون چيو
ته پاڻ سنڀالي رکو جو متان مون کان گم ٿي وڃي.
تنهن ڪري سام اهو هتي هڪ ٽجوڙي ۾ رکي هليو ويو.
هميشہ جي دستور موجب ڪراچيءَ مان هوائي جهاز تي
وڃڻ وقت پنهن جي ڪراچيءَ واري سيف ۾ ڪونه رکيائين
جو هن ڀيري پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ 144 قلم
۽ ڪرفيو وغيره لڳل هوا. تنهن ڪري پستول ڪراچيءَ
ڪين کڻي ويو هو. اهي ڳالهيون تڙ تڪڙ ۾ سامانن رکڻ
جون نه کيس ياد رهيون نه مون کي ئي ياد رهيون. سام
جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن مارشل لاءِ لاڳو ٿي ويو ته
مون کان طلب ڪئي ويئي ته پستول ۽ ٻيا هٿيار پوليس
کي پيش ڪريو، ڇا لاءِ جو منهن جو نالو به انهن
ليسنن ۾ پيل هيو. آفيسرن کي جڏهن مون چيو ته خبر
نه آهي ته سام صاحب پستول ڪٿي رکي ويو آهي، تڏهن
هو مون تي کليا ۽ چوڻ لڳا ته قانون موجب هٿيار نه
ڏيندءُ ته سختي ڪرڻي پوندي جنهن جو مطلب اهو هو
ته مون کي شايد جيل ۾ رکن. پوءِ ته تارن مٿان
تارون مون سام کي ڪيون. هن ڪنجيون سڀ ٽپال رستي
رجسٽري ڪري موڪليون پر جيستائين ڪنجيون پهچن
تيستائين اختياريءَ وارا ڇو ٿا ترسن؟ مارشل لا جي
ڪري اسپتال ۾ لکهه پڙهه جو ڪم هڪ طرف وڌيل ۽ نون
قانونن جي ڪري موڪل نه ملڻ ٻئي طرف، انهيءَ سخت
مونجهاري جي وچ ۾ هڪ ڏينهن ڪيئن به ڪري موڪل وٺي
مون وڃي ڪراچيءَ ۾ رکيل سيف هڪ مستريءَ کان ڀڃائي،
پر ان ۾ به پستول رکيل ڪونه هيو. تڏهن منهن جي ڇا
حالت بڻي هوندي! هت مون کان پگهر نڪرڻ لڳا ته هت
بمبئيءَ ۾ سام وڏي ويسوري ۾ اچي ويو ته هيءَ ڇا
ٿيو؟ هن کي وري پهرين ڳالهه ياد آئي ته پستول شايد
لاڙڪاڻي ۾ ئي رکيو هيوسين؛ ٿي سگهي ٿو اُهو اُتهان
چورائجي ويو هجي يا ڪٿي ٻاهر وڃائي آيا هجن!
هيڏانهن واسطيدار آفيسرن کي شڪ پڪو ٿيندو ويو ته
پستول شايد هنن هندوستان موڪلي ڏنو آهي. اهو
برخلافي ڪندڙ آفيسر به اڃا اتي ئي هيو. منهن جي
انتظار ۽ پريشانيءَ جي ڪا حد نه رهي. هوڏانهن سام
ٽيليفون تي ارجنٽ ڪال بوڪ ڪري ٿڪجي پيو پر آخر ٽن
ڏينهن ۾ کيس ڪنيڪشن ڪو نه مليو جو لائين برساتين
سبب چيائون ته خراب ٿي پيئي آهي، ان وقت سام جا
گهر وارا سڀئي تيار هئا ته بئنگلور ۽ اوٽيءَ ۽ ٻين
هل اسٽيشن ڏانهن گڏجي وڃون. سام ٻڌايو ته اها
ڳالهه منهن جي دل کي اهنجي لڳي ته منهنجو ساٿي
پستول جي پريشانيءَ ۾ دربدر ڀٽڪندو رهي يا جيل جا
در ڏسي ۽ هيڏانهن مان پنهن جي ٻارن سان ٽڪرين تي
سير ڪندو رهان! اندر ۾ اهو پڻ خيال آيو ته اها
قرباني ڏيان ۽ گهمڻ لاءِ ٻاهر نه نڪران؛ هن اڪيلي
گهر ۾ مهينو رهي پرارٿنائون ڪريان ته ڀڳوان راضي
ٿيندو ۽ سرلا لاءِ سڻايون حالتون پئدا ڪندو. سام
چيو ته ٻارن گهڻو زور لاتو ۽ چيائون ته اڪيلو هيڏي
بنگلي ۾ ڪيئن رهندين، پر مون چيو ته اڪيلو ويهي
دعا پيو گهران ته سرلا ڏي خير رهندو. الله کي سوال
ڪندو هيس ته تون چاهين ته پستول لڀي سگهي ٿو؛
توکان ڪجهه به پري نه آهي!
سام ٻڌايو ته ان وقت مان ايشور کي بلڪل پنهن جي
سامهون حاضر ناظر سمجهندو هيس ۽ هن سان ڄڻڪ سڌو
ڳالهائيندو هيس. دل کي پڪ هئي ته منهن جي قرباني
قبول پوندي جيتوڻيڪ عقل ائين پيو چوي ته مسئلو
مشڪل آهي. ٿورن ڏينهن ۾ ٻيون تارون اچڻ لڳيون:
پهريائين اها تار ته ڪنهن دوست جي وچ ۾ پوڻ ڪري
توکي ڪجهه مهلت ڏنائون؛ وري جلد ٻي تار آئي ته
ڪنجي سيف جي پهتي پستول لاڙڪاڻي واريءَ سيف مان
لڀي پيو! اسان جو سوال ته اگهائجي ويو پر الله کي
ائين به وڻيو جو اهو وڏو عهديدار نه فقط ’بدلي‘ ٿي
ويو پر سسپينڊ پڻ ڪيو ويو. شايد ٿوري وقت کان پوءِ
نوڪريءَ تان لهي ويو.
مون سام کي لکيو ته مان اچي ڪونه ٿي سگهان جو موڪل
ڪونه ملي سگهندي پر جي تون چاهين ته ڀل هليو اچ.
انتظاريءَ جون حالتون دفع ٿي ويون ۽ اسان جي رسوئي
گرڌاريءَ کي 26 ڊسمبر 1968ع تي هڪ ڪڪي ڄائي جنهن
ڪري مون کي پڻ ڪجهه وندر ٿي پيئي.
*** |