6-9-1959ع مون سام کي چيو: ”منهنجي دل هئي ته هردوار ۾
ڪجهه ڌرم ڪجي مگر توکي ان باري ۾ ڪجهه ڪونه چيم؛
ڀانيم ته اها ڳالهه متان تنهنجي خيالن جي برخلاف
هجي.“
سام چيو: ”ڌرم ۾ ڏيڻ ڪو برو ڪم نه آهي مگر ڇا ڏجي
۽ ڪنهن کي ڏجي، اهو هڪ منجهائيندڙ سوال آهي؛
منهنجو برابر اهو خيال آهي ته ٻاوا، ٻانڀڻ کارائڻ،
يا گئوءَ جي پڇ کي هٿ لائي ۽ گئو دان جا 50 روپيه
ٻانڀڻ کي ڏيڻ سو پئسو وڃائڻو آهي. هردوار ۾ ٻيون
به ڪيتريون سسنٿائون آهن جيڪي دان گهرنديون آهن،
مگر انهن مان گهڻن جا مقصد ننڍڙا آهن يعني ڪي ڪنهن
خاص پنٿ لاءِ آهن ۽ ڪي ڪنهن خاص جاتيءَ جي اُڌار
لاءِ آهن. انهن جا شيوا جا آدرش پنهنجي جاتيءَ
پنهنجي مذهب يا ڌرم تائين محدود آهن. انهن جي ڀيٽ
۾ تون جيڪو پئسو اسان جي اڪبر آشرم ۽ ٻين ڪتابن جي
ڪم ۾ خرچ ڪرين ٿي يا ٿورو گهڻو هريجن شيوا ۾ ۽
صوفي ست سنگ ۾ لائين ٿي، سو وڌيڪ جوڳي نموني ۾ خرچ
ٿئي ٿو. ادب يا ساهتيه جي شيوا ڪرڻ به هڪ آتمڪ
ڪاريه آهي. ادب وڌائڻ معنيٰ انسانيت وڌائڻ آهي.
ساهتيه جو انسانيت ۽ ادب وڌائي ٿو تنهن جي اڄ سڀ
کان وڌيڪ ضرورت آهي؛ انسان جون سڀ ڪوششون فقط پيٽ
پوڄا ۽ لٽي ڪپڙي يا ٻين ٻاهرين ڳالهين لاءِ هجن ته
انسان جي جيڪر حيوان کان بهتر نه هجي. ادب ئي
انساني تهذيب جي بنياد آهي. ادب چئجي کڻي ته جيوت
جو ڀوشڻ ۽ ننگي انسان جو ڍڪ آهي. تنهن ڪري جيڪي
ادب جي راهه ۾ عمر خرچ ڪن ٿا تن جي سڀ کان وڌيڪ
ضرورت آهي. توکي يا مون کي ٺڳ ٻانڀڻ کارائڻ يا ٻيا
اهڙا ڪم ڪرڻ نه گهرجن ۽ اهو خيال غلط آهي ته
هردوار اچي هروڀرو دان جا ڪم ڪرڻ ضروري آهن.“
***
1-10-1959ع سام پهريائين منهنجا ڪپڙا سامان وغيره
پنهنجي ڪمري ۾ رکائيندو هيو. تنهن کان پوءِ هر هر
ڪلف کولڻ هڪ تڪليف ڀائيندي مون پنهنجو ڪمرو الڳ
رکيو جو گهڻو ڪري ’لال جي ليکي‘ پيو هوندو آهي؛
يعني مان ڪلف وغيره ڪونه هڻندي آهيان. نه رڳو
ايترو پر آهستي آهستي ’چمٽوءَ‘ جا ڪتاب، ٽپڙ وغيره
سرندا منهنجي ڪمري تائين پهتا آهن ۽ گرڌاري جنهن
کي الڳ ڪمرو مليل آهي تنهن کي به مون چيو ته
منهنجو ڪمرو وڌيڪ ٿڌو اٿيئي؛ تون وڃي اُتي سمهندو
ڪر. گرڌاري ڪجهه ڏينهن کان منجهند جو اتي سمهندو
آهي. سام جڏهن اها خبر ٻڌي تڏهن کيس مٺيان لڳي ۽
چيائين ته نه رڳو تنهنجي ڪمري ۾ ٻئي جو سامان يا
رهڻ مون کي نه ٿو وڻي پر هن نموني تنهنجو رهڻ
صفائيءَ سان ٿي نه سگهندو.“
مون چيو: ”اُنهيءَ ۾ ڇا آهي، جيڪڏهين ڪو غريب وڃي
اونهاري جي وقت ۾ پکي هيٺيان آسايش وٺي؟“
سام چيو: ”تڏهن جڳائي ته تون ۽ مان فقط جاءِ ۾ جدا
هڪ ڪمرو به نه رکون ۽ ڪمرا سڀني کي ورهائي ڏيون ته
ڀل آسايش وٺن. ان ڳالهه ۾ جيڪر مون کي ايترو
اعتراض ڪونه ٿئي، جيترو شايد تنهنجي ميونسپالٽيءَ
جي ايڊمنسٽريٽر کي ٿئي. ملام، دايون، پٽيوالا
وغيره ڊاڪٽر سان گڏجي رهن ته جيڪر هنن کي به سٺو
نه لڳي، ۽ انهيءَ حالت ۾ نه فقط گرڌاري يا چمٽو پر
اسٽوئرٽ جو هيٺ رهيل آهي ۽ اسپتال جاچوڪيدار يا
ٻيا ڪم ڪندڙ ڀنگي وغيره پڻ گڏ رهڻ جا حقدار آهن.“
ازانسواءِ ٻيا ٻه سوال هن ڳالهه سان شامل آهن
تنهنجي رسوئي کي الڳ ڪمرو پکي سان مليل آهي ۽ توکي
خبر آهي ته ان جو نتيجو اهو نڪتو جو هن وٽ چرسي ۽
ٻيا گهڻا نشئي اچڻ لڳا. اُهي اهڙيون شيون
ورتائيندا ٿا رهن جن جو گهر ۾ رکڻ ئي چڱو نه آهي.
اڄ تائين به سندس ڪمرو بدبوءِ سان ڀريل رهي ٿو،.
ڇا لاءِ جو هو چرس ۽ تماڪ وڏي انداز ۾ ڇڪن ٿا ۽
ٻيا صفائيءَ جا قانون پورا نٿا رکن. ٻيو ته هڪ
ڪمرو هڪ انسان لاءِ ڪافي آهي ۽ اها ونڊ ورڇ سٺي
آهي ته هرڪو پنهنجي حد اندر رهي. اهو سوال به اٿي
ٿو ته ڪيتري قدر ڪي به تعليم يافته ماڻهو بنا
تهذيب وارن ماڻهن جي وچ ۾ روحاني سلامتيءَ سان رهي
سگهن ٿا؟ مان ڀانيان ٿو ته تعليم يافته انسان جو
فرض آهي ته تهذيب جا نمونا يعني صاف ۽ ستنتر رهڻ
جا طريقا قائم رکندو اچي. صفائي ۽ گندگي جي وچ ۾
يا سڌريل ۽ اڻ سڌريل ماڻهوءَ جي وچ ۾ جيڪي حدون
آهن سي بنا ويچار ٽوڙڻ نه گهرجن.
”انساني همدردي اها تقاضا نه ٿي ڪري ته اسين به
انهن جهڙا گدلا ٿيون جن جو گڏ رهڻ ضروري هجي. هڪ
جهڙائي ڪن ٻن شين جي وچ ۾ به مشڪل لڀندي. هي تفاوت
اُٿڻ ويهڻ ۽ عادتن، ريتين رسمن، جا قدرت پاڻ بڻايا
آهن. مان ته ڏسان ٿو ته اسان جي ملڪ ۾ ايتري ته
پرهيز جي گهرج آهي جو چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿو ته
’وزن‘ يا جاتين جي وچ ۾ تفاوت ڪئين پئدا ٿيا. سي
سڀ هن بر صغير جي تهذيب جو هڪ وڌندڙ واريءَ جي
بيابان جو مثال آهن. ڪنا طريقا ۽ ڪنيون شيون اسان
جي آليس ۽ اگهور ننڊ جي ڪري ايترو ته گهڻائيءَ ۾
اچي ويون آهن جو زندگيءَ جي سٺن سڌريل روايتن کي
قائم رکڻ ئي مشڪل ٿيو پوي. تهذيب يا سڀيتا
(Culture)
هڪ باغ مثل آهي جنهن کي چو طرف وڌندڙ گندگي جي
واريءَ کان بچائڻ خود هڪ انساني فرض آهي. تنهنجا
ڇوڪرا مون کي ايتروئي پيارا آهن جيترو توکي هوندا.
ٻين غريبن لاءِ پڻ دل گهڻو گهرندي آهي، مگر هن
نموني حدون ٽوڙي ڇڏڻ تنهن ۾ مان چڱائي ڪانه ٿو
ڏسان. مثال طور جي سندس ڪوٺيءَ ۾ هينئر ئي وڃي
ڏسندينءَ ته ٻيڙين جا اڌ اڌ ميرن ڪپڙن جي بدبوءِ ۽
سامان جي ڊاٺ نظر ايندي. اهي حالتون آهستي آهستي
تنهنجي ڪمري جون به ٿي وينديون، جي تنهنجا در سڀني
لاءِ کليل رهندا. ٻيڙين جا سڙيل اڌ ته اڳ ۾ ئي
ڏيکارجن پيا.“
مون چيو: ”اهو سڀ سچ آهي پر ڪڏهن ڪڏهن مان ائين
سمجهندي آهيان ته ساڳي ڳالهه جيڪڏهين مان ڪيان ته
ٺيڪ نه آهي جي تون ڪرين ته اُها ٺيڪ سمجهندو آهين!
مثال طور ڇوڪرن کي ڪڏهن ڪڏهن تون پاڻ اسان جي ڪمري
۾ منجهند جو سمهاريندو آهين، مگر جي هو منهنجي
ڪمري ۾ وڃي سمهن ته توکي ٺيڪ نه ٿو لڳي!“
سام کلي چيو: ”اها تنهنجي سمجهڻ جي گهٽتائي آهي.
مان جيڪڏهن پنهنجي روبرو هنن کي گڏ ساڳي ڪمري ۾
سمهاريان ٿو ته انهيءَ ۾ ڪمرو ته صاف رهندو پر هو
خود ڪيتريون ڳالهيون گڏ رهڻ مان سکندا؛ ساڳي وقت
تي کين جدا ڪمري ۾ ڇوٽ ڇڏي ڏيڻ شايد اهڙوئي ثابت
ٿئي جيئن ڪنهن ٻڪريءَ کي گلن جي واڙيءَ ۾ ڇڏڻ يا
ڪنهن ڏاند کي ڪانچ گهر ۾ ڇڏي ڏيڻ. مان هيءَ ڀيٽ
نفرت مان نه ٿو ڪريان. انسان الاهي نور جو هڪ تجلو
آهي ۽ انسان جي ٻچڙي لاءِ پيار ۽ عزت منهنجو مول
ڌرم آهي. پر اهو منهنجو عقيدو آهي ته انسان جي
ٻچڙي کي پالڻ ۽ سمجهائڻ ٻين سڀني جانورن جي
Training
کان اهنجو ۽ ساڳي وقت تي وڌيڪ لاڀدائڪ ڪم آهي.
انسان جيترو آزاديءَ جو طالب آهي اوترو تربيت ڏي
گهٽ مائل آهي ۽ ننڍي وهيءَ ۾ خاص ڪري جيڪڏهن مٿس
نظر نه آهي تو حيوانن کان بدتر آهي. تون مٿن نظر
رکي نه ٿي سگهين جو تون سڄو ڏينهن هيٺ اسپتال جي
ڪم ۾ رڌل آهين. پر منهنجي روبرو جي هو منهنجي ڪمري
۾ رهندا ته ان ۾ ڪو به هرج ڪونه رهندو.“
***
25-11-1959ع اڳين نوٽ لکڻ کي ٻه مهينا ٿي ويا.
ائين نه آهي ته اڄ ۽ انهيءَ نوٽ جي وچ ۾ ڪو اهڙو
گفتگو ڪونه ٿيو آهي جنهن ۾ گيان جي چرچا هجي، مگر
ڪيتريون ڳالهيون اڳ لکيل آهن جي وري وري لکڻ مون
اجايو ٿي سمجهيو، جيتوڻيڪ انهن جو ورنن نئين ماحول
۽ نيئن طريقي سان پي ٿيو آهي. ازانسواءِ گذريل وقت
۾ صوفي ست سنگ جو وڌڻ ۽ گلن وغيره پوکڻ جي موسم
چالو ٿيڻ سبب وقت انهن وندرن ۾ گهڻو گذر ٿي ويو.
ڪتاب ”تون ۽ مان“ جي ڇپڻ ڪري پڻ ڪيتري لکپڙهه ۽
ڪتاب جي ڪاپين پوسٽ ڪرڻ جو ڪم وڌيل آهي جنهن ڪري
نيون لکيتون سام کان يا مون کان پڄي ڪونه سگهيون
آهن. تان ڀي سام روزانو پنهنجي ڪمن کان وقت ڪلاڪ
ٻه ”تون ۽ مان“جي ترجمي کي ڏيندو آهي. اهو
انگريزيءَ ۾ ڇپائڻ جو ارادو ڪيو اٿئون. شڪرانا
ايشور جا مڃڻ گهرجن جو ڪابه چڱي شيءِ يا چڱو ڪم
اجايو ڪونه ٿو وڃي. جيتوڻيڪ اسان جو رهڻ ڪرڻ
ماٺيڻو ۽ گوشي نشينيءَ جي ماحول ۾ آهي تڏهن به
”تون ۽ مان“ ڪتاب جي چرچا سنڌي ادبي مرڪزن ۾ چڱي
قدر ٿي آهي ۽ ڪيترن اديبن دوستن چاهه ڏيکاري اسان
جي ڪم ۾ حوصله افزائي ڪئي آهي.
اڄ مٿين ڪتاب بنسبت هڪ دوست هلڪي نموني چيو ته
اسين ڇا لاءِ هي ڪتاب خريد ڪريون؟ اهڙو ڪجهه هن
ڪتاب ۾ آهي ڇا جو اڳ ٻڌل نه هجي ۽ جنهن مان ڪا
نئين ڳالهه سکي سگهون؟ مون هن کي ساڳي ڪتاب مان
فقط هڪ ٽڪرو پڙهي ٻڌايو جنهن جو تتسار هنيئن آهي:
”مون پنهنجي مالڪ کان پڇيو ته جو ڪجهه ڪرڻو اٿم سو
ڪري آيو آهيان؛ جو ڪجهه چوڻو هيم جو سو چئي آيو
آهيان؛ جو ڪجهه سکڻو هيم سو سکي آيو آهيان؛ جو سک
ماڻڻو هيو سو ماڻي آيو آهيان؛ هينئر وڌيڪ مان ڇا
ڪريان؟ جو اب مليو ته جو ڪجهه نه ڪرڻ سان ڪبو آهي
ته سو ڪري ئي نه آيو آهين؛ جو ڪجهه نه چوڻ سان
چئبو آهي سو ته چئي ئي ڪونه آيو آهين؛ جو سچ اکرن
۾ اچڻ ۽ عقل جي سمجهڻ کان ٻاهر آهي سو ته اڃا
سمجهي ئي ڪونه آيو آهين ۽ جنهن جي ماڻڻ ۾ سک سڀ
بڻن رنڊڪون، سو ته اڃان تو ماڻيو ئي نه آهي.“
***
ان دوست چيو ته ٻي هڪ ڳالهه به مون ڪتاب ۾ پڙهي
جيڪا دل سان ٺهڪي آئي سا اها آهي ته اسان جي مالڪ
کي ئي خبر آهي ته اسان جون گهر جون ڪهڙيون آهن.
پوءِ ان لاءِ ڇو پيا اجايو منٿون ڪريونس؟ توهان به
ته ڪتاب ۾ چيو آهي: ”اهي بخشيشون ڏي جن ۾ هجي
منهجي ڀلائي!“
وڌيڪ ائين چيائين ته حيدرآباد ۾ جتي مان رهندڙ
آهيان انهيءَ جاءِ تي ٻيا ڪي آفيسر ۽ دوست روز
گڏجي
Prayer
ڪندا آهن. ايشور کي ويهي گهڻو ٻاڏائيندا آهن ۽
منٿون ڪري ڪري روئندا آهن. مان کين چوندو آهيان ته
روئو ڇا جي لاءِ ٿا، جڏهين هن کي سڀ خبر آهي توهان
جي گهرجن جي؟ چڱو پيءُ ته جا شيءِ ٻار کي گهرجي سا
پاڻهي ڏيندو آهي!“
سام کيس چيو: ”توهان جو خيال به ٺيڪ آهي. روئڻ
انهيءَ لاءِ نه جڳائي ته ڪي سک يا انعام وٺون؛ مگر
رئندي آهي ڦٽيل دل ۽ وڇڙيل آتما پنهنجي پريتم کي
ياد ڪري، ان لاءِ ته ان سان وري هيڪڙائي حاصل ٿئي.
پاڻي گهڙي ۾ پوڻ وقت گڙ گڙ ڪري ٿو. شاعرانه طريقي
۾ چئجي کڻي ته روئي ٿو جو گهڙي جي اُپاڌي درياهه
کان کيس جدا ڪري ٿي؛ بوند ساگر سان ملڻ ۾ خوش ٿئي
ٿي ان ڪري شاعراڻي نوع ۾ چئجي کڻي ته برسات جو
نظارو ساگر ۾ سڀ کان وڌيڪ دل لڀائيندڙ رهي ٿو! هي
به پريئر وقت تن من يا دل جو گويا پنهنجي ذات آتما
سان سنٻنڌ وڌائڻ جو طريقو ٿي سگهي ٿو.
گرناڻي صاحب چيو: ”پر جيڪي ملي اڳ ۾ ئي هڪ ٿي ويا
آهن سي ڇا لاءِ رئن يا ٻاڏائن؟“
سام چيو؛ ”اُها هيڪڙائي حاصل ڪرڻ جنمن جو ليکو
آهي. پريتم کي هٿ ڪرڻ ڪاٺ جي هڪ ٿنڀ وانگر ناهي جو
جاءِ ۾ بيهاري کيس ڇڏي ڏجي، مگر سو هڪ آلي، سائي
وڻ مثل آهي جنهن کي نيڻن جو آب پيئاربو پيو ته وڻ
سائو ۽ خوش نما رهندو. البت ٻاهرين ڏيک کان ماٺ ۾
پريم رکڻ وڌيڪ مٺو آهي ۽ ظاهري ڳوڙهن کان ماٺ جا
موتي يعني اندر جا ارمان وڌيڪ ملهائتا آهن!“
اتي ٻي ويٺل هڪ چيو: ”مهرباني ڪري ڏسيو ته قسمت
انسان کي ڪيترو پابند رکي ٿي ۽ نجومين جون اڳ
ڪٿيون ڪيتري قدر سچيون ثابت ٿين ٿيون؟“
سام کيس ويجهن گلن ڏانهن اشارو ڪري چيو: ”اجهو هي
سلام گل اشرفيءَ جا آهن؛ هنن جي قسمت ٻج جي داڻي ۾
فيصل ٿيل آهي، ايتري قدر ته هن جو ٻوٽو اٽڪل فوٽ
يا منو اُڀو ٿيندو ۽ گل جو رنگ سونهري ٿيندو وغيره
وغيره؛ مگر انهيءَ وچ ۾ انهيءَ نتيجي لاءِ ڪيترا
ڪم ڪرڻا آهن جن جو اثر انهيءَ قسمت کي ايترو ڦيري
سگهي ٿو جو يا ته گل صفا نڪرڻ ئي ڪونه يا تمام سٺا
۽ رنگدار ٿين؛ جيئن هوا، پاڻي ۽ ڀاڻ وغيره ۾ ڪي
نقص يا خاصيتون موجود هجن. اهڙي طرح اسان جي
زندگيءَ ۾ ڪي ڳالهيون اڳڪٿيءَ جهڙيون آهن ۽ ڪي نه
به آهن!
***
28-1-1960ع گذريل مهينن جا خاص واقعا اسان جي
زندگيءَ ۾ هي آهن:
(1) ڪتاب ”تون ۽ مان“ جو پڌرو ٿيڻ ۽ (2) صوفي ست
سنگ جو واڌارو. انهن کان سواءِ سام جون ڪي چيل
ڳالهيون پڻ درج ڪرڻ جوڳيون سمجهان ٿي.
ڪتاب ”تون ۽ مان“ کي جيڪا آجيان ملي آهي تنهن لاءِ
هروڀرو اسان کي ايتري اميد ڪانه هئي. سام پنهنجا
نثري نظم جا باقي ٽڪرا ميڙي سيڙي ۽ ڪي نوان انهن
سان گڏي هن ڪتاب ۾ آندا هئا؛ ائين ٿي لڳو ڄڻڪ سڀ
ٽڪرا هم لباس ڪونه ٿي سگهندا، مگر عجب جي ڳالهه
اها آهي جو ڪيترن سنڌ جي شاعرن ۽ ڪاليجن جي
پرنسپالن، اديبن وغيره نه رڳو هي ڪتاب هم لباس ڪري
ورتو آهي پر ان کي سام جي تصنيفن ۾ هڪ خاص جاءِ
ڏني اٿن. ڪيترن سنڌ جي نامور اديبن هن ڪتاب جي
بلڪل سٺي آجيان ڪئي آهي. ريڊئي حيدرآباد تان
ڳالهائيندي ڊاڪٽر محمد ابراهيم (خليل) خاص طور ان
ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته توڙي جو هن ڪتاب ۾ ننڍا
وڏا 137 جدا شعر آهن تڏهين به هي سارو هڪ ئي مضمون
پيو لڳي. ان مان چٽيءَ طرح سمجهجي ٿو ته لکندڙ جي
خيالات ڇو نه ڪهڙن به اکرن ۾ جدا جدا وشين تي هجي
تڏهن به هن جي شخصيت جو ٺپو هر هڪ مضمون تي لڳي
وڃي ٿو. مگر شايد تڏهن ئي ٿئي ٿو جڏهن لکندڙ:
پنهنجي شخصيت سچ پچ ٺاهي هجي يعني جدا جدا دورن
مان لنگهندي ۽ جدا جدا تجربن مان هن ائين گيان
نچوڙيو هجي جيئن جدا جدا کاڌن مان انسان يا حيوان
جو جسم ساڳئي قسم جو خون طاقت ٺاهي سگهي ٿو.
مگر جيتوڻيڪ هي ڪتاب به ٻين وانگر سام جي خيالات
پيش ڪري ٿو تڏهن به مان سمجهان ٿي، هڪ متر جي لکڻ
موجب، منجهس ’اصلي‘ سام ٻين ڪتابن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
چٽيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو ۽ هي ڪتاب سندس خيالات جو
اظهار وڌيڪ صاف نموني ڪري ٿو. پر سام ته اڳ ۾ ئي
هن ڪتاب کي ”پراڻو“ سمجهي رهيو آهي ۽ سندس خيال
وري ڪنهن ٻئي ميدان ۾ ڊوڙي رهيو آهي. اها ڳالهه
شايد سڀني شاعرن سان لاڳو هجي ته ڪنهن به نئين شعر
يا ڪتاب کان پوءِ جلد ئي ان مان چاهه ڪڍي وري ٻئي
طرف واجهائيندا رهن ٿا. سام چوي ٿو ته هيءُ ڪتاب
”تون ۽ مان“ فقط منهنجي گذريل سالن ۽ خيالن جي هڪ
قبر آهي؛ انهيءَ ۾ هاڻي سندس ڪوبه چاهه ڪونه ٿو
ڏيکارجي. نئين بهار جي اچڻ جي مستي اڳ ۾ ئي سندس
من تي غالب ڏسان ٿي ڪجهه نوان شعر جيڪي بهار جا
ٺهي رهيا آهن، وڌيڪ ٺهن يا نه مگر امنگ ورشا رتوءَ
جي بادلن وانگر ڀربا ۽ بڀڪندا اچن ٿا.
***
صوفي ست سنگ گذريل ٻن مهنن ۾ خاص طور وڌي رهيو
آهي. جدا جدا طبقن جا ماڻهو اسان جي گهر ۾ گڏ
ٿيندڙ نه رڳو اچي موسيقيءَ جي وندر وڌائن ٿا مگر
سچ پچ اسان جو گهر هڪ آشرم بڻبو پيو وڃي. سام جو
هڪ قول ياد اچي ٿو ته سنگ صحبت ۾ سڪ جو ٻوٽو سائو
رهي ٿو؛ بنا سنگ صحبت اهو بر جي هڪ ٻوٽي وانگر سڙي
سڪي ٿو. هن صحبت جو اثر خاص طور اسان سان گڏ رهندڙ
ڇوڪرن تي گهڻو نظر اچي ٿو.
انهيءَ مان هڪ ڇوڪري بنسبت هڪ ڳالهه خاص طور هيءُ
نوٽ ڪرڻ جوڳي آهي: ٻه ڏينهن ٿيا ته هن سام کان ٻه
رپيا خرچيءَ طور گهريا. سام کيس چيو ته جي سچ
ڳالهائڻ جي پرتگيا ڪرين ته ٻن روپين جي بجاءِ جيڪي
گهرين سو ڏيانءِ. هي ڇوڪرو جو اهڙي پرن ڪرڻ کان
نٽائيندو هو، تنهن امالڪ وچن ڏنو ته مون اڄ کان
وٺي ڪوڙ ڳالهائڻ ڇڏيو. سام کيس پنجاهه روپيا
خرچيءَ طور ڏنا ۽ ائين چيو ته سچار جو ملهه هزارن
۾ ڪٿي نٿو سگهجي. اڄ کان وٺي تون پاڻ هيرو آهين.
ڇوڪري پنجاهه روپين وٺڻ کان انڪار گهڻو ڪيو مگر
سام کيس زوريءَ ڏنا ۽ هونءَ جو کيس دل تان لاهي
ڇڏيو هئائين ۽ کيس (سام کي) پنهنجو گرو چوڻ جي منع
ڪئي هئائين، کيس چوندو هيو ته تنهنجي ڪوڙن اسان جي
وچ ۾ وڏا ڪوٽ ديواريون کڙا ڪري ڇڏيا آهن. پر اڄ
سندس سڀ خطائون معاف ڪري ساڻس وري پنهنجائيءَ جي
هلت ڪرڻ شروع ڪيائين. هن موقعي کي خاص هڪ خوشيءِ
جو موقعو سمجهي انهيءَ وقت اسان وٽ آيل مهمانن
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيه ۽ ٻين کي سڏي ايشور جي
مورتيءَ اڳيان ڇوڪري کان سيس نوارائي مٺائي
ورهايائين. ڇوڪري هي اکر چيا: ”هي پرڀو! اڄ نئون
جنم ورتو آهي؛ مون کي همت ڏي ۽ آسيس ڪر مون تي ته
مان سچ جي راهه تي سدائين قائم رهان!“
هن باري ۾ وڌيڪ هي اکر درج ڪرڻا اٿم ته مون جو هن
پرارٿنا وقت اچڻ ۾ دير ٿي ڪئي ته سام چيو: ”هن کان
وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ڪم اهم ٿي سگهي ٿو؟ اڄ سمجهه ته هن
ڇوڪري نئون جنم ورتو آهي ۽ هوڏانهن سندس جوٺو روپ
مري چڪو آهي، يعني ٻه گنڀير موقعا اسانجي گهر ۾
ٿيا آهن، جنهن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه ڪم اڳرائي نه ٿو
رکي.“
مون مٿي ذڪر ڪيو آهي ته اسان جي ٻين ڇوڪرن تي ته
هن ست سنگ جو اثر پيو آهي. اُن وقت جيئن پرارٿنا
ڪئي وئي ۽ پرشاد ورهايو ويو مون هن ڇوڪري کي جنهن
جي ننڍي عمر ۾ ماتا مري وڃڻ بعد مون پالنا ڪئي
آهي، ڀاڪر وجهي هي دلاسو ڏنو ته توکي پنهن جي ست
سنگ جو ويس پهرائبو، يعني توکي به پڪيءَ طرح
پنهنجو ميمبر ڪنداسين!
سام کي ”چيلو“ اکر ڪونه وڻندو آهي ۽ سندس اهو خيال
آهي ته ”گرو چيلي“ جي ناتي ۾ جيتوڻيڪ پريم ۽ شرڌا
وڌ ۾ وڌ هجن تڏهن به ننڍي ٻالڪ جي من تي ايڏو هن
ناتي جو ڳورو ۽ ناضروري ادب جو ٻوجهه مڙهڻ نه کپي،
جو ان جي خيال جو واڌاروئي بند ٿي وڃي. ائين پڻ
ٺيڪ ناهي ته هو سڀ ڳالهه گروءَ يا استاد جي ڪاپي
ڪندا رهن: تنهن ڪري هن ناتي کي ڪجهه آزاد بڻائڻ
گهرجي؛ اهڙيءَ طرح جيئن ماءُ ۽ پيءُ جي پيار هيٺ
ٻار جو جسماني ۽ مانسڪ واڌارو ٿئي ٿو. سچي استاد
جي نظر هيٺ ٻالڪن جي دل من ۽ آتما جو پڻ واڌارو
ٿيڻ گهرجي، ۽ نه دٻاو هيٺ انهن کي نچوڙي يا نيسائي
پاڻ سان هم لباس ڪرڻ گهرجي.
پر ان ڇوڪري ڪيتري وقت کان انهيءَ ناتي پڪي ڪرڻ
لاءِ خاص طور ويس جي گهر پئي ڪئي آهي. سندس ننڍي
عمر ڪري سام اها ڳالهه پٺتي وجهندو ايندو آهي. آخر
ڪالهه اهو فيصلو ڪيو ويو ته سندس 18 سال پوري ٿيڻ
تي يا ايندڙ هوليءَ تي کيس ويس ڏنو وڃي ۽ اُنهيءَ
لاءِ جوڳي نموني ست سنگ ڪري پريتي ڀوڄن کارائي
اُهو ڏينهن سندس روحاني جنم جو ڏينهن ڪري ملهايو
وڃي.
*** |