جواب رانجهي جو
هي سڻي چڙهتي رکي، هيئن هير کي رانجهن چيو:
”سچ سياڻي پڪ پڪو تو قول آ مون سان ڪيو.
”شرع ۾ پر عورتن جو واعدو جائز نه ٿي،
ان سبب تنهنجي چوڻ تي ڪونه ٿو ويسهه اچي.
جن مستورات جو استاد آ شيطان شقي،
مرد آهن موم دل ۽ ذات زالن جي پڪي.
”سچ ته ان سودا سبب آهي گهڻو ئي دل ملول،
ڪَرِ کڻي مون ساڻ کولي، جو اٿي دل جو اصول.
”ڪين ڪي سو پاڙيو تو واعدو پنهنجو اگر،
ڳالهه هن ۾ ڪين ٿيندو، فرق ڪو تِرَ جو مگر.
جواب هير جو
هير پنهنجي چاڪ جو هي گفتگو سارو سڻي،
سوچ سان سمجهي چيو هي ڪنڌ ڦيري ڪر کڻي:
”عورتن کي ڇو ميان رانجها ڌڪارين ٿو پيو،
بي وفا سڀ ڪين آهن، سـُڌ نه ڌارين ٿو پيو.
”عام ٿا ائين چَوَن جو عورتون سڀ بدخصال،
ٻڌ ته توکي ٿي ٻڌايان ذات زالن جا مثال.
”پوءِ ڪجهه معلوم ٿيندءِ، سڌ اها ساري صفا،
مرد آهن بي وفا ۽ ذات عورت با وفا.
”قيس سان ڪيڏو وارئي قرب ڏس ليلا ڪيو،
حال يوسف پوئتان پنهنجو زليخا ڇا ڪيو.
”جنهن ڇڏي شاهي کڻي يوسف نبيءَ جي شوق مان،
پڻ رڙي روئي جڏي ٿي زور دل جي ذوق مان.
ڪئن پنهونءَ جي پوئتان سسئي رلي ڏس ٿي خراب،
لوڙهه پڻ ٿيڙس لَڪَن ۾ سر سٺائين سڀ عذاب.
”ٻـُڌ وري سهڻي ٻڏي ميهار لهءِ تک تار ۾،
سر ڏنائين سهج مان هن وصل جي واپار ۾.
”چوءُ ميان رانجها ڳڻي تون ڳالهه ساري سر بسر،
سچ وفا آ عورتن ۾ يا وري مردن مگر.
”آ سچو الله رانجها ۽ نبي بر حقُ ڄاڻ،
رک يقينو ڳالهه هن تي هيئن نه ڪوئي شڪُ آڻ.
”جان و تَن جيسين اٿم تيسين بلي تنهنجي ٿيس،
ڇا کڻي مارين جيارين، سام مان تنهنجي پيس.
”سڀ ويون وايون ڀـُلي، تنهنجو هجڻ درڪار آ،
درد منهنجي جي دوا، تنهنجو فقط ديدار آ.
”تون وسارين جي کڻي ليڪن وساريندَس نه مان،
تو بنا پاسي گهڙي هڪ دم ته گهاريندَس نه مان.
”سڀ ڇڏي واهون ٻيون، دامن اچي تنهنجي لڳس،
پاند، بديون عيب پائي پيش مان تنهنجي پيس.
”لاهه مون تان رنج رانجها، تون خدا جي واسطي،
راز ۾ رهه ريجهه سان صاحب شفا جي واسطي.
”آ ٻيو هڪ عرض هاڻي پيش ٿي سو پڻ ڪيان،
ڪن ڏئي ٻڌ قرب مان تون حال سو رانجها ميان.
”انت ٻيڙو عاشقن جو سير سچ سان پار ٿئي،
سچ ته ثابت سچ ٿئي ٿو، نيٺ ڪچ نروار ٿئي.
”عاشقن کي آ فقط هڪ آسرو الله جو،
جي رکن دل ۾ يقينو وصل جي ويساهه جو.
”عشق جي دڳ سان ٻـُجهن لک سور سهسين تهمتان،
چپ ڪري سر تي سهج سڀ ڪجهه ڪڇين ڪي تون متان.
”عشق جو جي دم هڻين تان ڪين مهڻن کان ڊڄج،
ماٺ ۾ رانجها ميان هي قدرتي سڀ ڪم ڏسج.
”رات ڏينهان روح ۾ آ وصل جو ويچار بس،
دائما رانجها گهـُران تنهنجو فقط ديدار بس.
”ٿو وجهي شيطان وچ ۾ دائما فِتنو خَلل،
جهيڙ جو جنهن ۾ وڏو بنياد آ پختو پيل.
”عاشقن کي ٿو ڪري جو در بدر خارج ذليل،
پر پڄڻ لائق به ان جي آهه هڪ خاصو دليل.
”هڪ مگر چاچو اٿم ڪيدو ڪمينو نامراد،
ننڍپڻ کان ئي ڪو مون سان اٿس جگري جهاد.
”شِرَ ۾ شيطان کان ڀي سو ته آهي سوڌ، گهڻو،
آهه منهنجو جي عدو ڪو تان اهو آ هڪ ڄڻو.
”ان ڪري ان کان رکج تون خوف دل ۾ ڪجهه خيال،
جئن وري جوڙو ڏسي هي، سر نه ڪو جوٽي و بال!“
هي سمورو حال مخفي هير، رانجهي سان ڪيو،
بعد اُن جي کاڄ کائڻ لاءِ هٿ جوڙي چيو.
کاڄ کارائي تنهين کي، موڪلائي گهر وئي،
هن طرح نت هيڪلي، ماني ڏئي ويندي هئي.
بند
ڪين ڪي لوڪون لڪي، هي نينهن ٿي نروار نيٺ،
پڻ نه جَهجلي جهَلَ ڪنهين پڌرو پوي پَر دار نيٺ.
جي ڪـُريزون ڀي ڏئي، پنڃري وجهي قابو ڪجي،
ته به دَري دل جي ڀڃي ٿي شوق جو به شڪار نيٺ.
عشق بازيءَ ساڻ اٽڪل پيچ بازي نا پـُڄي،
ڏس پڌر ڏاهو پيو ڪئن عشق ۾ عطار نيٺ.
جوش ڏيندي ديڳ مان، جئن ٻاڦ ٻاهر ٿي ضرور،
خمر تئن خالص خفي خاصو ڪري ته خمار نيٺ.
سر جنهين ”مَسرُورَ“ مانجهي نينهن جي نوبت وڄي،
سو ٿئي منصور جان سوليءَ مٿي هسوار نيٺ.
هير جو خوار ٿيڻ
سڌ اها گَهرِ گَهرِ پئي پڻ ڳوٺ جي ڪوڇي ڳلي،
جو وئي آ هير هاڻي چاڪ رانجهي سان رَلي.
نت وڃي ٿي هيڪلي سا چاڪ ڏي ماني کڻي،
ڪا اَڙائي آهه رانجهن، هير کي اٽڪل اَڻي.
هر ڪنهين جي وات وائي چو پچو پـُڇ پـُڇ پئي،
ڪير ٿو ڪنهن جي رکي اڄ خلق خود آ بي ڀَئي.
خوب ملڪيءَ کي تپايو، لوڪ جي مهڻي مَلام،
جا سڻي کامي جلي هر هڪ ڪنان طعنا تمام.
ملڪيءَ جو پنهنجي ڌيءَ هير کي سمجهائڻ
هڪ ڏهاڙي هير جئن رانجهن وٽان آئي وري،
تئن سڏي ماڻس چيو: ”مان تو تتو ويندس مري.
”ڌيءَ ڌڻ ٿي ڪئن ڪري پنهنجو نه ڌارين ٿي سماءُ،
ڪين توکي ماءُ پيءُ جي مار جو آ ڊيڄ ڊاءُ.
”لوڪ مهڻا ٿو ڏئي، مون کي، سدا هن حال تي،
ڀاءُ ڪندءِ ڌار ڌڙ، هن بي حيا بد چال تي.
”مڃ چيو منهنجو اهو تون ڳالهه هن تان وڃ لهي،
هير هاڻي هوڏ هٺ کي ڏي ڇڏي راضي رهي.
”نوڪرن سان نينهن لائڻ ٿو جڳائي ڪين ڪي،
سچ سياڻن جو چوڻ ڇڏجي ڀلائي ڪين ڪي.
”چاڪ سان تنهنجي محبت جي خبر هر جا هـُلي،
ڇو، ڪرين بدنام، نالو جهنگ ٻيلي ۾ رُلي.
”ننڍڙي تون ڪين آهين جو وڃين هيڪل هلي،
ٿا ڪرن ماڻهو گلا تنهنجي اها، ڪوچي ڳلي!“
جواب هير جو
”هير هي واري چيو جهٽ ماءُ ملڪيءَ کي ائين:
اي امان! جيجل مٺي جيڪي چوين آهي تئين.
”منهن نه رانجهي کان مٽيندَس، جا گهڙي جڳ ۾ جيان،
هڏ نه ان ريءَ سينڌ سرمو يا سـُهيلا سِرِ ڪيان.
”ڪين ڪي منهن موڙيان، توڙي وڍي ٽڪرا ڪيو،
انگ منهنجو چاڪ سان آ لوح ۾ لکجي ويو.
”ساهه ڏيندس سير ۾ سهڻيءَ جيان ساجن لهي،
ڪڍ پڄندس هوت جي ٻانڀن جيان هَبَ ۾ ڪهي!“
گفتگو ملڪيءَ جو
هير کي ملڪيءَ چيو جهٽ هي وراڻيءَ ۾ وري:
”هاءِ ههءِ ههءِ هير تون ڇا ٿي چوين چڙ مان چري.
”ٿي سياڻي ماٺ ڪر ڪجهه، سوچَ تون دل ۾ ڌري،
لڄ وڃائي وات ڦاڙي ڇا چوين ٿي ڪئن ڪري.
”آهه عورت گهر حيا جو هير راڻي اصل کان،
هر گهڙيءَ واري وري توکي پياري ڇا چوان.
”بس نه وڃ ٻيلي وري تون، سمجهه، سوچي ڏي جواب،
جئن لهي هي لاڏلي ڌيءَ عام جو مون تان عتاب.
”ذات عورت کي حيا سان گهر سدا گهرجي رهڻ،
جئن گهڻو ئي ڪم گهرو تن کي ٿيو فرضي ڪرڻ.
”جو نه ٿو ٻالڪ مڃي ڪجهه ماءُ پيءُ جو چيو،
وِهـُه اهو اولاد تن جي آهه اکين تي ٿيو.
”ڏس اسان جو ڏيهه ساري ۾، وڏو آ شان مان،
تون ذرا گهر جي گلا جي ڌار ڪجهه دل ۾ ڌيان!“
هير جو ماٺ ۾ رهي روز ٻيلي وڃڻ
چپ ڪئي ملڪيءَ ڪنان هي هير سمجهاڻي سڻي،
دل موافق مثل ڪوريءَ جي مگر تاني اُڻي.
روز رانجهي ڏي وڃي چوريءَ لڪي پيءُ ماءُ کان،
پڻ گهڻو ئي ٿي ڊني سلطان پنهنجي ڀاءُ کان.
کنڊ ماني گهه گڏي، جوڙي ڪٽي هيجون جهجهي،
روز رانجهي کي ڏئي ايندي هئي، ٻولن ٻڌي.
پڻ ٻيو ڪندي هـُئي احوال ان سان سر بسر،
جئن ته اڄ هي چو پچو ڪجه ڳوٺ ۾ ٿي ياڪ گهر.
ڪيدوءَ جو هير کي ڏسي چوچڪ کي چغلي هڻڻ
هڪ ڏهاڙي هير کي ڪيدوءَ ڏٺو ڪنهن ٽيٽ سان،
ڌر تتيءَ جو تيز تڪڙي ٿي وَريِ ٻيلي ڪنان.
هي ڏسي حالت ٿيو حيرت سبب ڪيدو وسو،
جلد چوچڪ وٽ وڃي، ان سان ڪيائين هي قصو.
شوم شيطان ڪين ڪي، ان ۾ ڪيو ڪو گهٽ ڪڻو،
”پر وڌائي وڻ ڪيائين، سمجهه وس آهر گهڻو.
ڀاءُ چوچڪ کي چيائين طرز سان آزي ڪري:
”اي ادا سڻ تون عجائب حال هي ڌيرج ڌري.
”هاءِ ههءِ هيڪل وڃي ٿي هير هيءَ ٻيلي سدا،
روز رانجهي وٽ وڃي ٿي رانديون کيلي سدا.
”ڳالهه هيءَ ڳوري گهڻيري، شرم جو پڻ آ سوال،
ان ڪري چوچڪ ادا، هن حال جو ڪجهه رک خيال!“
جواب چوچڪ جو
”هي سڻي چوچڪ چيو وهلو ورنديءَ ۾ وري:
هير تي هي صاف ڪوڙي تو ته آ تهمت ڌري.
”پڪو پوي مون کي تڏهن سا، هي جڏهن اکئين ڏسان،
ڳالهه تنهنجي تي فقط ويساهه مان ڪنهن پَرِ ڪيان.
”تون سدائي هير تي الزام ٿو ڪوڙا ڌرين،
خاص سڀ منهنجي خواريءَ لاءِ ٿو ڪوشش ڪرين.
”مفت ٻي کي ليوَ لائڻ هي ته تنهنجو ڪم ڪـُڌو،
وڃ ٽري هاڻي هتان مون سر قصو سارو ٻڌو.
”جو چوڻ آهي وڏن جو، سو صحيح آهي صفا،
آهه منڊو وڌ گهڻو ابليس کان ڪي ئي حصا!“
ڪيدوءَ جو هير کي خوار ڪرڻ ۽ پڪڙڻ
ٿي ڦِڪو واپس ويو کائي ڌڪا ڪيدو هتان،
دانهن مان ڪجهه ڪين وريس ڀاءُ ڀاڄائي وٽان.
گهر اچي سوچڻ لڳو رِٿَ ويرَ پاڙڻ لهءِ وري،
ڇا ڪري جو هَٿِ نه آيس ڳالهه مان ڪا هڪ ذري.
هي پچائي پَهـُه ڪيائين جو ڪجي هن کي خوار،
ڳوٺ ۾ ڪوچي ڳليءَ جئن ڳالهه ڳائي ٻار ٻار.
هڪ ڏهاڙي ويس گيڙوءَ جو عجب ڪيدو ڪري،
هير جي پويان پيو پيرو کڻي پاڇئون پري.
هير ڀي چـُوري مکڻ جَهڻِ ٿي وئي ٻيلي کڻي،
چاڪ رانجهي ڏانهن، ڏاهي حور جان بيسڪ بڻي.
هير پنهنجي چاڪ کي ماني ڏئي کيڪر ڪئي،
بعد ان جي ڍنڍ تان پاڻي ڀرڻ پرتئون وئي.
هير پٺ ڏيئي هلي، ڪيدو وڌائي وک وڏي،
اڳ ڦري آيو اتي جهٽ پيش رانجهي، وجهه وٺي.
هٿ ڊگهيري چاڪ رانجهي کي ڪيائين هي صدا:
”منڊڙو لاچار آهيان، خير ڏي نالي خدا.
”ڪالهه کان بک ۾ مران ٿو پيٽ ۾ ڪونهي ڪڻو،
ڏي بکئي کي ڪجهه ميان راضي ڌڻي ٿيندءِ گهڻو!“
رحم سائل جي صدا تي يار رانجهن کي پيو،
“ٻـُڪ ڀري اڌ جيترو ڪجهه خير ۾ ڏيئي چيو:
“ٿي قراري گهر وڃي هي کاءُ، هاڻي ڀڄ سگهو،
جئن ڏسي توکي نه ڪو هت، هير ڀي آئي اجهو!”
هَڙَ ٻڌي ڪيدو ويو هئن پير سو پويان ڪري،
مَنڊِ کي تاڻي تکو جئن ڪونه ڪو اڳيان وري.
هير جو پاڻي ڀري اچڻ رانجهي سان گفتگو
هير ڀي دم دير ۾ پاڻي ڀري آئي سگهو،
هٿ ڌئاري هوت رانجهي سان ڪيائين گفتگو:
”رنج لاهي کاءُ ماني، ڀال هي رانجها ڀلا“،
آ ڌڻي ساڻي سدا تون وهم سڀ دل جا وڃا!
ٿالهه تان ڀي هير جئن جو پوش کي لاٿو اڃان،
کاڄ اڌ کان گهٽ ڏسي ماندي مـُئي حيرت وچان.
هي ڏسي حالت عجب غم هير کي ڏاڍو ٿيو،
جوش ۾ جحت پٽ اچي، هن ريت رانجهي کي چيو:
”ڪئن وري کاڌو کڻي تو، يا ڏنو ٻي ڪنهن ڏَهو،
اڌ به پورو ناهه باقي ڪر سچي رانجها سگهو!“
جواب رانجهي جو
”هيءُ ورنديءَ ۾ چيو رانجهي ورائي هير کي:
مون ڏنو آ خير ۾ ڪجهه بينوا دلگير کي.
”ٿي مئو بک جي وگهي، لاچار منڊو پڻ هيو،
حال هي ان جو ڏسي، راڻي گهڻو مون ڏک ٿيو!“
گفتگو هير جو
بس ڪئي رانجهي اڃا مس، هير ههءِ گهوڙا ڪئي،
هي وراڻي چاڪ کي جهٽ جوش مان واري چئي:
”هاءِ هي سعيو ڪري، ترسين ته ها هڪڙي گهڙي،
مفت هي منڊو مچائيندو وڃي گهر ڌُم ڌَڙِي.
”مون مٿان پڻ پاڻ تي تو ظلم آ ڪيڏو ڪيو،
صاف ٿي سمجهان ته هي چاچو سڳو منهنجو هيو.
”مون اڳي رانجها ميان هـُئي سـُڌِ سڄي توسان ڪئي،
ليڪ ان جي يادگيري ڪانه ڪا توکي پئي!“
رانجهي جي نياز مان ورندي ڏيڻ
تر گٿي چوٽون جهلي، هي سچ سياڻن جو چوڻ،
پڻ ٻيو هٿ جي وَڍيءَ جو ڪونه ڪو وارو سنوڻ.
ڪين ڪي هر گز وري سو تير جو هٿ مان ڇٽو،
پڻ ٿڻين پائي نه سگهجي، کير موٽائي ڏُڌو.
ان طرح رانجهي هٿان هيءَ جو پئي سو ڇا ڪري،
هٿ ٻڌي هَر هَر پيو سِرُ هير جي پيرن ڌري.
قرب مان نوڙي ڪيائين هير سان هن پر ڪلام:
”غم نه ڪر ان جو مگر ڪجهه ٿي نه پڻ تڪڙي تمام.
”هير مون نالي خدا جي، خير هي ويٺس ڏئي،
خير ڏيندي هٿ سڙن جي پوءِ ڪجهه ناهي ڀئي.
”آ ڌڻي ياورَ اسان سان ڪوبه انديشو نه ڪر،
ڪجهه وٽيندو ڪين ڪي چغلي هڻي ڪيدو مگر.
”سچ سچن سان سو سٻاجهو رَبُ آ ساڻي سدا،
هي مگر شيطان چغلي خور ڪندا ڇا جدا.
”عاشقن سر تهمتان لک بي سبب ماڻهو رکن،
ليڪ صابر صبر ڌاري سڀ پيا سر تي سهن.
”سوڀ ٿي تن جي سدائي صبر جن جو سِير آ،
ڪين ٿو وئرٿ وڃي اڻ گس انهن جو تِير آ!“
جواب هير جو ۽ ڪيدوءَ کي ڊڪي پڄڻ
هير هي واري چيو: ”رانجها ڪيو تو ڪم خراب،
ساهه منهنجي تي سراسر تو ڪيو ڪيڏو عذاب.“
”اڄ زمانو آ زبون، جو آخرين ٻـُڌجي صدي،
ٿو ملي نيڪيءَ ڪئي اڄ ڪلهه عيوض ان جو بدي.
مڪر جا سڀ معرڪا ميڙي ٿيا ماڻهو فقير،
دل اٿن ابليس جي ظاهر ته ڄڻ روشن ضمير.
”دود غيبت جو دکندي ٿو وڏو ئي مچ ٿئي،
ڪوڙ تي هرڪو لڳي ٿو، سچ ته جيسين سچ ٿئي.
”ڏس ته مون کي ڏاههِ ڪهڙي تي ويو سو راهزن،
تان وٺي ان کان اچان پنهنجو اجورو ڀي حزن!“
هي چئي پٺتي وري، سا پير ڪيدوءَ جا کڻي،
اڳ وٺي پهتس سگهوئي گام هاٿيءَ جان کڻي.
شينهن جان ڪيدوءَ مٿانهون هير آئي رڙ ڪري،
ڌوڙ ۾ ان کي کڻي دسيو، ڊڪي ڀاڪر ڀري.
لت ڏئي ان کي ڳچيءَ تي، هير هي جلدي چيو:
”ڏي ورائي خير مون کي، خير تان تنهنجو ٿيو!“
ٿي ڪيو انڪار ڪيدوءَ، هير لک حيلا ڪيا،
ويڙهه ۾ واگهن جيان، پئجي ٻکين ٻيئي ويا.
جهيڙ ۾ چـُوري سموري هيٺ پيئي هارجي،
پوءِ ڪيدو گهر ويو، هيئن موچڙن سان مارجي.
ڪيدوءَ جو چـُوري ميڙي هير کي خوار ڪرڻ
پهر پوئين سج لٿي، ڪيدو وري آيو اُتي،
چور جان پهچي ويو، جهيڙو ٿيو هو، هي جِتي.
تڙ تڪڙ ۾ ڌوڙ، مان چونڊي ڪـُٽي ميڙڻ لڳو،
هير جي هيبت ڪنان، اڳ پوئتي جاچڻ لڳو.
گهر وڃي ويڙهي سڄي ۾ ڳالهه ان ساري ڪئي،
ليڪ ڪيدو سان ڪنهين ڀي ڪانه غمخواري ڪئي.
ڪيدوءَ جو چوچڪ وٽ چغلي هڻڻ
رات ساري جوش کان ڪيدو رڙي روئي پيو،
پوءِ چوچڪ ڏي ويو سو روز روشن جئن ٿيو.
هي قصو سڀ ڪالهه جو ڪيدو چٽو ان کي چئي،
داد دل جي لاءِ واري هٿ ٻڌي آزي ڪئي.
کيس ڏيکاري ڪـُـٽي پڻ ڳنڍ مان ڇوڙي تنهين،
پڪ ڏيڻ جي لهءِ پڪو حيلو ڪيو هو، هي جنهين.
جواب چوچڪ جو
پوءِ ڪيدوءَ کي چيو، چوچڪ ائين ڪجهه زور تر:
”هي گهڙي ٺاهي بڻايو ڪوڙ تو ڪيڏو مگر.
”تون سدائين هير تي الزام ٿو ڪوڙا ڌرين،
مفت ان کي ليوَ لائي، پاڻ کي پڌرو ڪرين.
”سڻ سياڻن جو چوڻ ڪيدو اهو تون ڪن ڏيئي،
جو ڪنهين جو ڳجهه ڪجي پڌرو نه ڪنهن ٻي کي چئي.
عيب جـُوئي ڪنهن سندي ڀي، هي وڏو ئي عيب آ،
ڪيترو ڪوئي به جي بد عادتو بد زيب آ.
”ڪين ڪي ڪڏهين ڪجي ڪنهن عيب واري کي خوار،
آهه سچ سَتارُ سڀ جو ڏس سٻاجهو ڪردگار.
”عيب ٻي جي کي ڇڏي، ڪجهه عيب پنهنجي جي ڪجي،
لوڪ جون ڏس ڪيڏيون، مولا ڍٽايون ٿو ڍڪي.
”آهه مون کي پڪ اهائي، هير ويڙهي ۾ وڃي،
جيڏين سان راند کيڏي، گهر اچي ٿي دم ڀڃي.
”هن گهڙيءَ منڊا ٽري وڃ، سيگهه ۾ تون مون وٽان،
نت وري هن ڪوڙ جو ٿو تو ڪنان بدلو وٺان!“
ڪيدوءَ جو ملڪيءَ وٽ دانهن کڻي وڃڻ
گهر ويو واپس ستت جهوليءَ جهلي ڪيدو جواب،
جوش کان کائي پيو، دل ساهه ۾ سؤ پيچ تاب.
پوءِ تڪڙو هير جي هو ماءُ ملڪيءَ وٽ ويو،
پڻ وڃي ان سان قصو هي رت رڙي سارو ڪيو:
عرض ڪيڙو تان گهڻوئي، مون ته چوچڪ کي چيو،
ليڪ منهنجي ڳالهه تي ويسهه نه ڪوئي ان ڪيو.
”هير جا مون سان ڪئي ان جو ته ڪو ناهي ڌيان،
تون مگر ان جي چلت، هيڪل گهمڻ جو سـُڻ بيان.
هي نه هڪ منهنجي خواري پر گهراڻي جي گِلا،
سچ ته ڪنهن جي ڪو رکي ٿو ڪين ڪي اڄ ڪلهه صفا!“
ملڪيءَ جو جواب ۽ ڪيدوءَ جو هير کي خوار ڪرڻ
هيءَ سـُڻي ڪَهڻي وئي اُت ماٺ ملڪيءَ کي وٺي،
لال ٿي لوهي جيان جئن جو ٿيس ڪاوڙ ڪٺي.
جلد ڪيدوءَ کي چيائين: ”اي ادا ڪجهه غم نه ڪر،
هير کان بدلو وٺان ٿي حال هن جو سر بسر!“
هي جڏهن ڪيدوءَ ڏٺو تان دادُ چغليءَ جو ٿيو،
پوءِ رخصت ياب ٿي واپس سگهو گهر ڏي ويو.
واٽ ويندي سڀ ڪنهين سان سڌ اها ساري ڪري،
هير جا احوال هي، جو جهنگ ٻيلا ٿي ڦِري.
چاڪ سان آ چاهه ان جو، گهر نه ٿي گهاري گهڙي،
جَهڻ مکڻ چـُوري کڻي ان ڏي وڃي لڪ ڇپ لڙي.
ملڪيءَ سان سندس مائٽياڻين جو ملڻ
هير جي ڪِن مائٽن کي ڪَن پئي هيءَ سڌ سڄي،
پڻُ سـُڻي ماسي پـُڦي هر هڪ رهي دل ۾ لڄي.
سي به ملڪيءَ ڏي ويون، هن ڳالهه جو ڌاري ڌيان،
روبرو ان ساڻ ويهي هي ڪيو سارو بيان:
”اي پياري ڀيڻ ملڪي هير جو هي سڻ قصو،
حال هي ان جو سـُڻي ويڙهي ويو آ وسوسو.
”هير جي هن پر حڪايت هر ڪنهن جي وات آ،
چاڪ پنهنجي ساڻ جئن جو مست ڏينهان رات آ.
”جهنگ ٻيلي ڏي وڃي هيڪل رُلي ٿِي آ خراب.
لوڪ جا طعنا سـُڻي اڄ ٿي ويو جيرو ڪباب.
”هن به نسبت ڀيڻ ملڪي تو ڪيو ڪهڙو اپاءُ،
يا وري توکي پيو آ ڪين ڪي اهڙو سماءُ!“
ملڪيءَ جو هير کي گهرائڻ
صاف ملڪيءَ جا وڄي ٻارنهن ويا هن حال کان،
جان ۾ کامي جلي سا هير جي بد چال کان.
سڏ ڪري ٻانهي مِٺيءَ کي هي چيائين چڙ وچان:
”وڃ وٺي اچ هير کي تان ڳالهه ڪجهه ان کان پڇان!“
ملڪيءَ جو هير کي پاراتا ڏيڻ
هٿ ڏئي جئن هير آئي ٿي مِٺيءَ سان ماءُ ڏي،
تئن ڏسي ملڪيءَ ڪيو واڪي وڏي ورجاءُ هي:
”هير ههءِ ههءِ ٻوڙيو پنهنجو ته تو نالو نشان،
اُڀ اتان لاهي ملايو، خاڪ ۾ سڀ خانمان.
”هاءِ ڪيڏو ڪم ڪيو تو چاڪ سان لائي پيار،
دم ٿيو نڪ ۾، اسان جو خلق ۾ نالو خوار.
”پاڪ تو پوشاڪ پنهنجيءَ کي لڳايو داغ ڪئن،
ڪين ڪر بدنام بس ههءِ ههءِ رلي تون هير جئن.
”ڌيءَ ڪنهن جي دربدر جي تو جيان ڪائي ٿئي،
مائٽن پيءُ ماءُ کي ڳڻتي وڏي جائي ٿئي.
”هاڻ تنهنجو مان ته يا ڪنهن ديس تي پرڻو ڪيان،
يا ورائي ڪنڌ ۾ نوڙي وجهي ڦاهو ڏيان.
”جئن وري مان لوڪ جي مهڻن ڪنان آجي رهان،
ڪين جي هوندينءَ ته هڪڙو نانءُ مان واري وهان!“
جواب هير جو
جوش مان جهٽ پٽ چيو هي هير ملڪيءَ کي ائين:
ڇو مگر جيجل امان، ايڏو غصي ڇا تي ٿئين.
”انگ رانجهي ساڻ منهنجو لوح ۾ لکجي ويو،
پاڻ کان بيوس ٿيس جو وس نه ڪو منهنجو هيو.
”سچ ته رانجهي ساڻ دل جو قول ۽ اقرار آ،
ان سواءِ اونداهه اکين، سڃ سڄو سنسار آ.
”ديد ان جي آهه مون لهءِ حج زيارت جو مثال،
دم بدم ان کي ڏسي دل ۾ ٿيان ٿي نو نهال.
”ان سوا ڪم ڪار مون کان ڪين ٿو اُڄهي ڪڏهن،
ٿي ٿيان تازي تواني جئن پسان رانجهن جڏهن!“
جواب ملڪيءَ جو
چڙ وچان ملڪيءَ چيو جهٽ هير کي واري وري:
”شال هاڻي هير توکي، موت ڪو ماري وري!“
هٿ کڻي پڻ هير کي ڏي، ويڻ پاراتا پئي:
جو اڄوڪي ڏينهن ۾ شل نانگ کائيندءُ نِئي.
”شل نه ڪنهن جو ڀي رُلي ڪو تو جيان وڏوَر وياءُ،
ڀينگ ڀل اولاد اهڙي کان ڪري جو تيک تاءُ.
”سـُڌ اها دل ۾ اڳي تنهنجي ڏئي ها جي ڌڻي،
تان ڄمڻ جي ويل توکي مان ڏيان ها وهه کڻي!“
جواب هير جو
هير پنهنجي ماءُ ملڪيءَ کي چيو واري ائين:
”مهر ڪي ڪجهه ڌار آيل ڇو پٽين طعنا ڏئين.
”هي اکر ساڳي ورائي جي چوان توکي وري،
ڇا رهي ڪجهه مانُ تنهنجو هوند وڃني، ٺپ ٺري.
”ڇو ڪرين بدنام تون ڪي ڪجهه خدا جو خوف ڪر،
پيٽ ڄائي جي به ڪائي، اي امي! تون سمجهه ڌر.
”ڇا وري هو چاڪ چورائي ويو ٿي ڪجهه کڻي،
ٿي ڪرين ان جي گلا ڪيڏي نه تون ڄاڻي ڌڻي.
”چاڪ جي خدمت گذاريءَ جو نه توکي آ خيال،
ملڪ سارو مطلبي هي سچ سياڻن جو مثال.
”چاڪ ڏي ويندي امي! مون سال ٿي مدت بحال،
اڄ اچي دل ۾ پيو ٿي هي نئون خارج خيال.
”ان سوا ويندس مري مان دم تنهين کائي ڪڻي،
سچ چوان ٿي صاف هي مان تون ڪرين ڇاڀي کڻي!“ |