سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

ڀاڱو ٽيون

صفحو :16

 

رانجهي جوڳيءَ جو سير لاءِ وڃڻ

 

ٻي ڏهاڙي ڏينهن جو رانجهي اُٿي آسڻ اتان،
جسم کي لائي ڀڀوتي تِلڪُ پڻ چاڙهي مٿان.

 

پوءِ بغچه ڪڇ وجهي ۽ نادُ ڪِشتو هٿ کڻي،
سنبري راهي ٿيو رانجهو صفا جوڳي بڻي.

 

هر ڪنهين در تي اچي سو نادُ ڦوڪي هئن چوي:
”بَکُ ڏيو نالي خدا جي تان اوهان جو سک ٿئي!“

 

ڪجهه ڪٿان ڪي ڪجهه ڪٿان ۽ ڪٿ جهلي خالي جواب،
هن طرح بِکيا پنندو ٿي ويو شونقون شتاب.

 

وک کنيو سو سير سانگي، هير جي ويڙهي ويو،
نينگرين ان کي سڃاڻي، گهر هلڻ جي لهءِ چيو.

 

چؤ پچو چوٻولَ تي زالون اچي مِڙيون ٻه ٽي،
جي ڏسي جوڳي نئون هي گفتگو ڪن منهن ڍڪي.

 

ڪا چوي: ”هي لوٺيو لـُڇَ چور جان جهاتيون وجهي!“
ڪا چوي: ”هرگز نه اهڙي خير، ڏنڊي کي ڏجي!“

 

ڪا چوي: ”جوڳي سچو هي، نور جو هن ۾ ظهور،“
ڪا چوي: ”بس کڏ پوي، پنهنجو بيهڻ ڪهڙو ضرور!“

 

ڇوڪرا پاڙي سڄي جا ڀي مِڙي آيا مٿان،
هوڪرا ۽ تاڙيون هر هر هڻن دل شوق مان.

 

گوڙَ لـُڙَ هن کان گهڻو جوڳي اچي عاجز ٿيو،
ليڪ ڌاري صبر سو تان وک کنيو اڳتي ويو.

 

در مٿانهون مهر اَجو جي اچي ڪيڙي صدا،
ناد ڦوڪي هئن چيو: ”بکيا ڏيو نالي خدا!“

 

ٻار سڀ جوڳي ميان جي ڪڍ پيا ڪاهي وري،
ڌوڙ ڇاپڙڪان هڻي ساڻس ڪرن سي مسخري.

 

ان سبب لاچار ٿي جوڳيءَ انهن کي جِهڻڪيو،
جنهن ڪري ويڙهي سڄي ۾ گوڙ ڏاڍو ٿي ويو.

 

ايتري ۾ هير جي چالاڪ، جا سَهتي نِڻانَ،
گهر ڪنان ٻاهر اچي هن پر چيائين: ”اي جوانَ.

 

”بيک پِنُ بازار مان تون جئن پنن جوڳي ٻيا،
ڪئن پئين ڪاهي گهرن ۾، مـُشٽڏَنڊا بي حيا!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

هٿ ٻڌي جوڳيءَ چيو: ”ڇو رنج ٿي راڻي ٿئين،
موٽيو مان ٿو وڃان، سر جو نه ٿي جي بَکُ ڏئين.

 

”ڪين ڪر ڪاوڙ سياڻي، مون نماڻي جي مٿان،
بخش تون راڻي خطا جيڪا پئي منهنجي مٿان.“

 

”ڪين ڏي بکيا کڻي پر ڪين تون هن پـَـرِ ستاءِ،
بي سبب گَهٽ وَڌِ چئي، هئن ڪين ڪي مون کي تپاءِ!“

 

جواب سَهتيءَ جو

 

هي سخن سَهتيءَ سـُڻي، هن پر ورنديءَ ۾ چيو:
”مڪر جو جوڳيءَ بڻي هي ڪوڙ تو ڪيڏو ڪيو.

 

آءٌ ته تنهنجي ذات نالي کي سڃاڻان ٿي صحيح،
مڪر حيلو ڪوڙ تنهنجو صاف ڄاڻان ٿي صحيح.

 

”وڃ هتان نه ته هاڻ ٿيندين پاهـُه، ڪٽجي بي حيا،
سعد کي هن دم سڏي توکي ڏيان جوڳي سزا.

 

”پر خدا جو خوف کان همت نه ٿي ساري سگهان،
سيگهه ۾ ويڙهو ڇڏي بس وڃ ٽري هاڻي هتان!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

هي وري سَهتيءَ ڪنان جوڳيءَ سڻي جوشي جواب،
وک کڻي اڳتي وڌي هن پر چيو واري شتاب:

 

”اي سياڻي راڄ راڻي ڪين ڪي ايڏي اُچاءِ،
عشق وارن ساڻ البت ڪجهه مٺي ٻولي اَلاءِ.“

 

”عاشقن جي عشق جو جيڪس نه آ توکي سماءُ،
سمجهه رک ڌيرج ڌري ڪر ڪين ايڏو تيک تاءُ.“

 

”وير نانگن سان نه وجهه تون ڪجهه سياڻي سمجهه ڌَر،
ڪين ڪر تون فخر ايڏو مال دولت تي مگر.“

 

”عشق جي اسرار جي جيڪس نه آ توکي خبر،
درد جن جي دل رهي سي رحم جي ڌارن نظر.“

 

”جن چکي چاٽي اها، تن کي نه ڀائين ٿو بهار،
درد ۾ دائم رهن، غافل نه پل ليل ونهار.

 

”ٻن ڏئي سڀ ڪجهه، ٻيو سي يار لهءِ ماندا مرن،
عيش عشرت کي ڇڏي، سانگا سٽي واندا ڦرن.

 

”آءٌ ته هان مسڪين جوڳي هت نه ڪا اوڌر اٿم،
گهرج ۾ مون کي نه دولت مال يا ڪجهه زر اٿم.

 

”مَتِ وٺي گـُـر کان رَمائي رنگ مان جوڳي ٿيس،
ڪئن وري تنهنجي نظر ۾ مان مگر ٺوڳي ٿيس.

 

”پِيرَ گـُرَ جو قول جي پاڙن رهن سي خوش سدا،
گهرج ٻي ڪهڙي انهن کي جن مٿان راضي خدا!“

 

جواب سهتيءَ جو

 

سيگهه ۾ سَهتيءَ چيو: ”جوڳي ڪرين ڇو بَڪَ پيو،
ٿي سگهو راهي اڳي، ڇو مفت پائين چَڪَ پيو.

 

”مڪر جو جوڳي بڻي پنهنجو پَڏائين پاڻُ ڇو،
پاڻ کي ڀائين ڀلو تون ڄَٽَ وڃائين ڄاڻُ ڇو.“

 

”حال ههڙي ساڻ ٿيندين، بي حيا، بڇڙو گهڻو،
وڃ ٽري خيرات جو توکي نه مان ڏيندَس ڪڻو.“

 

”لوڪ کي ٿو لـچ بڻائين، پاڻ کي صاحب خيال،
سچ ته اهڙي حال کان ڪڙڪي پوَندءِ ڪو وبال.“

 

”واهرو وارث نه ڪو گـُـرديو ڀي ٿيندءِ ميان،
ٽَرُ هتان نه ته سعد کي ٿي هن گهڙيءَ هِتِ سڏ ڪيان.“

 

”تون ته سيکت ريءَ نه ٿيندين، اي ميان جوڳي سڌو،
هن گهڙيءَ ڏيکاريان توکي اهو سارو مزو.“

 

”آءٌ به تو جهڙن فقيرن جي وڏي گـُـر پيرِ هان،
منهن ڏسي سچ ڪوڙ ثابت صاف سمجهي ٿي وڃان.“

 

”هوند مان توکي ڪيان اڄ ملڪ ساري ۾ خوار،
ڊول تنهنجو ڍونگ سارو، خلق ۾ ٿي آشڪار.“

 

”پر وري دل ۾ رهي خائف خدا جي خوف کان،
راز تنهنجي کي لڪائي، لـڄ پئي تنهنجي رکان.“

 

وڃ ٽري واري چوانءِ ٿي ‘مشٽـَـڏَنڊا بي حيا،
وٺ وڃي بکيا هٽن تان، جئن پنن جوڳي ٻيا!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

هٿ ٻڌي واري ورندي، جلد هي جوڳيءَ ڏني:
”راڄ راڻي تون تپي ڇو پاڻ لاٿو ٿي ڇني.

 

”ڄاڻ تنهنجيءَ ۾ ٿيس لـُچ پر سچو صوفي فقير،
سوز ساڙو آهه ساٿي درد منهنجو دستگير.

 

”ڪاڻ ڪنهن جي ڪانه مون کي، ڪاڻ آ هڪ يار جي،
اصل کان مون سِر کنئي جـُٺ ڦِٺ، گِلا سنسار جي.

 

”ڪين ٿي راڻي خفي آءٌ ٿو وڃان ويڙهو ڇڏي،
جي اَٿي رايو اهو ڀَل سَعد کي ڪر سڌ سڏي.

 

“سعد جو مون ڀوءُ نه آ، تنهنجو فقط رايو رکي،
خير جي بدلي خواري پاندَ ۾ پائي سَکي.

 

”بس وڃان ٿو ڀاڳَ واري، ڀاڳُ شَلَ هوندءِ ڀلو،
آءٌ ڀـُلي آيس هِتي، دَڳَ واٽ ويندي ويسلو!“

 

رانجهي جوڳيءَ جو مالدارن جي ويڙهي وڃڻ

 

هي چئي جوڳي سگهوئي وک کڻي اڳتي ويو،
يار جي ديدار لهءِ پر پوئتي موٽي پيو.

 

منهن ڏسڻ جي لاءِ نِوِڙي جهاتيون هر دَر وجهي،
لوڪ جي لَڄَ ۽ گلا کان ڪين ڪي ڪنهن کان پڇي.

 

هي ڏسي آيو ويو ٿي، اڳڀرو راهي ٿيو،
ڪونه ڪو دڳ سان ڏسي، ٿي پوئتي موٽي پيو.

 

لک ڏنائين ڦيريون پر ديد کان پاسي پيو،
نيٺ ٿي لاچار بيوس وک کڻي اڳتي ويو.

 

مالدارن جي وڏي ويڙهي وڃي داخل ٿيو،
در مٿان هڪڙي بيهي، خيرات جو سائل ٿيو.

 

اُت هئي ٽاهڙ ڳئون ڪا ويجهڙي دَرَ سان ٻڌل،
جا ڏسي جوڳي، ٽپڻ ٿي، دهلجي هيبت هنيل.

 

ان گهڙيءَ پڻ گهر ڌياڻيءَ کير ان جو ٿي ڏُڌو،
سو ته اهڙي حال کان سڀ هارجي پَٽَ تي پيو.

 

گهر ڌياڻيءَ هيءَ ڏسي حالت اٿي، ڪاوڙ ڪري،
جوش مان هن پر چيائين: ”ڪير آهين ڀَڃُ پري!“

 

کير جو بدلو وتو هن ويڻ پاراتا ڏئي،
پڻ ڇِڪي دامن ڪنان چِيهان سڄي چولِي ڪئي.

 

لَٺِ کڻي ماري تنهين کي سا لڳي لوڌِڻ وري،
جَنهن ڪري جوڳي ميان کي البته ڪاوڙ چڙهي.

 

منهن ورائي هٿ کڻي، چنبو تنهين اهڙو هنيو،
 جنهن ڳنوارڻ جو سمورو هوش هڪ پل ۾ نيو.

 

هاءِ گهوڙا گهل ڪري، پيئي ڪِرِي پَٽَ جي مٿان،
رڙ ٻڌي پاڙيسري آيا ڊڪي پنهنجي گهران.

 

ڌَڪَ بـُجا جوڳيءَ، جنهن جا جهيڙ ۾ جهليا پئي،
هاءِ ههءِ حسرت سبب ات هٿ ٻئي مليا پئي.

 

لوڌجِي ڪـُٽجي حويليءَ مان سِگهو ٻاهر ٿيو،
حال هن کان جان ۾ جوڳي جلي کامي پيو.

 

نيٺ پويان پير ڏيئي هير جي ويڙهي ويو،
هير ڀي بيٺي هئي، هي ڀي اچي حاضر ٿيو.

 

نادُ ڦوڪي هٿ ڊگهيري، خير جو پاتو سوال،
هي سـُڻي آواز سهتيءَ جوش مان کاڌو بتال.

 

جوش ڪاوڙ جي سبب، دل ۾ جلي کامي پئي،
هير کي اندر اچڻ لهءِ دم تنهين ان رڙ ڪئي.

 

سهتيءَ جو هير سان گفتگو

 

سڏ سـُڻي هي هير ڪجهه گينوار ۽ گيسَر ڪئي،
جنهن سبب کان هير تي سَهتي چِڙي ڏاڍو وئي.

 

سَٽَ ڪري دَرَ تي اچي، هي هير کي سَهتيءَ چيو:
”اي هچاري! هاڻ تنهنجو ڪم هتي ڪهڙو پيو.

 

”بي حيا بد چال هن کان ڪر حيا ڪجهه خوف کاءُ،
چال هن جي، جو ته جيڪس ڪين آ توکي سماءُ.

 

”هي رمائي ويس جوڳيءَ جو ٿيو صوفي فقيرُ،
ليڪ باطن ۾ وڏو بڇڙو بدون ٿي بـَـلـَـهـَـزِيرُ.

 

”گهر وطن پنهنجو ڇڏي آيو هتي لالـچ رکي،
مـُشٽَ ڏَنڊو آ مَتو کائي مکڻ ماني مکي!“

 

جواب جوڳيءَ جو سهتيءَ کي

 

هي سـُخن سَهتيءَ ڪنان جوڳيءَ سڻي جلدي چيو:
”راڄ راڻي ڪئن الائي وَهم هي توکي پيو.

 

”پِير گـُر وارو سچو مان آهيان جوڳي جوان،
تون به پنهنجي پڪ ڪرڻ لهءِ ڀل وٺي ڏس امتحان.

 

”هر ڪنهين جو هٿ ڏسي دل جو ڪيان اُن ساڻ حال،
پڻ ٻڌايان راز مخفي جي ڪري ڪوئي سوال.

 

”تون فقيرن کي ڌڪارين ۽ رکين ٿي بَد گـُمان،
منع جا آهي مگر ان جو نه توکي آ ڌيان.

 

”هوش رک راڻي فقيرن جي گلا تون ڪين ڪر،
ڪين ڪر ايڏي وڏائي ڪجهه سياڻي سمجهه ڌر.

 

”ڪر فقيرن سان ڪرم، قادر ڪرم توتي ڪري،
عاشقن تي ڪر عطا تان، عشق توسان دم ڀري.

 

”عشق جو امداد اهڙو، مول مطلب کي رسين،
پاندِ سڀ پائين مرادون، تون سدائين سک وسين.

 

”گـُهر مگر گـُهربل اَٿي جو، مهل ٿي راڻي اِها،
ڪم ڪري قادر اهوئي، جا گـُهري جوڳي دعا.

 

”هيءُ وسندڙ گَهرُ ڏسي، بِکيا وٺڻ آيس لَڙي،
ٻي نه ڪائي آرزو، اوڌَر هتي منهنجي اَڙي!“

 

گفتگو هير جو جوڳيءَ سان

 

ٻاجهَه وارو ٻول مِٺڙو، هير، جوڳيءَ جو سـُڻي،
پَلٿُ ماري پَٽَ مٿان، ويٺي مقابل وَرَ چـُڻي.

 

هٿ کڻي هن پر چيائين: “تون سچو صوفي وڏو،
ڪير آهي جو مگر تقدير جو لاهي ڦڏو.

 

”تون دعائون لک گهرين ٿو، پر ليک مان ڇا لـِـکَ لهي،
جنهن طرف ٿي اَمـُـر رَبـَـي، وَهڻ ڀي اوڏنهن وهي.

 

”آ مڙيئي وس ڌڻيءَ جي، سڀ ٻيو خارج خيال،
مَنڊَ منتَر جهاڙَ ڦِيڻو ڪـُلُ آ ڪوڙو مثال.

 

”ڏَسِ ڀلا تون ڀاڳ منهنجي جو ته ڇا لکيو قلم،
ڪئن، ڪڏهن هي دور ٿيندو دل اتان درد و الم!“

 

جوڳيءَ جو ڍارو هڻڻ

 

وجهه ڏسي جوڳيءَ چيو: ”راڻي چوين تون سچ پئي،
آ اجهو درويش وارث ڇا سڻايان ڪجهه چئي!“

 

هي چئي جهٽ گود مان ڍارو ڪڍي جوڳيءَ هنيو،
پَنهءُ ڇڪو ٻارنهن ڏسي خوش ٿي ائين واري چيو:

 

”ڏينهن جي تنهنجي ڏکن جا سي اجهو پورا ٿيا،
وَسُ پـُـنو تنهنجو نه توڙي تو لکين حيلا ڪيا.

 

”وَنجهليءَ واري ڪنهين سان من ويو تنهنجو ٻجهي،
هو به ٿي جوڳي پيو آ ڳل ڳچيءَ ڳانا وجهي.

 

”پـُنهءُ ڇڪا ڍارو پيو اڄ وهم خطرا دور ڪر،
ڪر خوشي، ٿي شاد تون هن ٻول تي ويساهه ڌر.

 

”جوڳ واري ويس ۾ توسان ملندو هو هتي،
اڄ سڀاڻي پَهَرَ پهرين تون هجين راڻي جتي.

 

”ڪانءَ جنهن جو ڪونج کوهي ٿي ويوسو ئي فنا،
هي خبر کولي ڪيم تون پڪ اها ڄاڻج صفا.

 

”جو چوي جوڳي پيو تون سمجهه راڻي سو خيال،
خير ڏي تان خير جو باقي ڪيان تو ساڻ حال!“

 

گفتگو هير جو جوڳيءَ سان

 

وَنجهليءَ وارو پتو، هي هير کي دل سان لڳو،
پڪ اها ڄاتي ته جوڳي، سـُورَ جو ڏيندم سڳو.

 

جنهن ڪري جلدي چيائين، هٿ ٻڌي واري وري:
”ڏي سگهو جوڳي ميان، تون هيءَ خبر کولي کَرِي.

 

”دوست جنهن لهءِ جان دل سَهءُ چاڪ ۽ غمناڪ آ،
سو ته سَلِ ڪهڙي طرف مَفتون يا هوشناڪ آ.

 

”ان بنا آرام ناهي، ڪا گهڙي دل کي قرار،
ڪئن ڪڏهن ايندو هتي محبوب منهنجو غمگسار.

 

”ڪر ميان جوڳي دعا توکي ڏيان ماني مکڻ،
مون نماڻيءَ جي اڱڻ جنهن ويل جو ايندو سڄڻ!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

هير هت هيڪل هئي سَهتي رڌل پنهنجي ڪمين،
وجهه ڏسي جوڳيءَ چيو: ”بس کول گهونگهٽ پس اکين.

 

”کڻ نظر سوجهي صحيح ڪر چاڪ جي صورت صفا،
هاڻ تو وٽ آهه حاضر ڏس ڪَيسُ فـُرقت فنا!“

 

هي سڻي گهونگهٽ کڻي جئن هير جو پاتو ليئو،
ٿي گهڻو گـَـد گـَـد ڏسي سا ڏيهه جو روشن ڏيئو.

 

نو بهاري گل جيان دل ۾ گهڻو تازي رهي،
درد غم تپ سور سڀ ان کان ويو اُن دم لهي.

 

بعد ان جي هير، جوڳيءَ کي اشاري ۾ چيو:
”هت ڏهاڙي سانگ ڪنهن سان منهن پسائج مون پيو.

 

”منهن ڏسي تنهنجو ڏيان، دلجاءِ مان دل کي پئي،
ٿي مڃان ٿورا لکين، تڪليف جيڪا تو ڪئي!“

 

سَهتيءَ جو هير کي سمجهائڻ

 

هي ٻئي  رَلـمـَـل ڏسي، سـَـهتي اُٿي ڪاوڙ ڪري،
هير کي ايندي چيائين: “ٻانهن کان گـِـهـِـلي پري.

 

”هي بـُـڇو بدنام بلڪل آدمي اَڻ گيل ٿي،
سـُـڌ نه توکي آهه ڪا، جوڳي اهو مـَـڪريل ٿي.

 

”تون لڳي ڳـُـٽڪن تي هن جي، جيءَ نه وجهه جنجال ۾،
مَنڊَ مَنتر مَڪرُ آ سڀ، ڇا لڀي ٿو فالَ ۾.

 

”سعد جي هاڻي اچڻ جي مهل آهي اُٿ سگهو،
ڏس متان ڪاوڙ ڪري سو ڄاڻ ڪي آيو اجهو.

 

”هي ڦري هيڏانهن هوڏانهن در مٿي ڌرڻو هڻي،
ڪئن ته ويٺو بم ٻڌي آ، مڪر جو جوڳي بڻي!“

 

جواب هير جو سَهتيءَ کي

 

هن به نسبت هو ڏيڻ ۾ جئن اڃا جوڳي جواب،
هير اڳ ۾ ئي تنهين کان هي چيو واري شتاب:

 

”ڇو مگر سـَـهتي اسان کي تون چوين گهٽ وڌ پئي،
ڏوهه مون ڪهڙو ڪيو، ڪهڙي خطا جوڳيءَ ڪئي.

 

”جو اچي جوڳي سوالي ڪين تنهن کي جهڻڪجي،
ڪين ڪي رنجائجي گر ڪجهه نه ان کي بـَـکُ ڏجي.

 

”اوَٿ پاراتي ڪنان هن جي، سياڻي خوف ڪر،
ٿو ڏئي پورا پتا،جوڳي سچو ٿي سمجهه ڌار.

 

”مڃ چوڻ منهنجو اهو تون ڪين ڪي گهٽ وڌ چويس،
ڪجهه خدا جي واسطي پر خير ڏيئي خوش ڪريس!“

 

جواب سَهتيءَ جو ۽ ٻانهي رابيل کي خيرات لاءِ چوڻ

 

هيءَ ورندي هير ڏئي مس اڃا ئي چپ ڪئي،
جوش مان سَهتي وراڻي سيگهه ۾ واري چئي:

 

”هير هي تون ڇا چوين ٿي ڪجهه ته پنهنجي سمجهه ڌار،
سڀ  ڌڻيءَ جي آهه وس تون ڪين ڪي مالڪ وسار.

 

”هن ته توکي ســُر سڻائي چَٽَ ڏئي پنهنجو ڪيو،
مَڪر جي واقف وِڏي مان تون سـُڻائين ڇا ٻيو.

 

”مان به هن مڪريل جوڳيءَ جي وڏي گـُر پير هان،
 بس فقط تنهنجي ڪري هن کي نه ٿي ڪي ڪَجهه چوان!“

 

هي چئي واري اتائين سڏ وڏو واڪو ڪري:
”اي اُٿي رابيل، هن کي ڏي مٽر ٽويو ڀري.

 

جلد جوڳيءَ کي اچي ڏي تان هچا سر تان ٽري،
جئن نه جهيڙو ٿي، اڳي ئي جو پئي اک ٿي ڦَري!“

 

 

 

رابيل جو جوڳيءَ کي مٽر ڏيڻ ۽ جوڳيءَ جو سَهتيءَ سان گفتگو

 

سـَڏُ سڻي رابيل مٽرن جو ٻٽو ٽويو ڀري،
خير جوڳيءَ کي ڏيڻ آئي سگهو هڪ سَٽَ ڪري.

 

هي ڏسي جوڳيءِ چيو: ”آءٌ نا مٽر مـُورئون وٺان،
جِنَ جو هي قـُوت آهي سو وٺي ڪاڏي ڪيان.

 

”خير ڏيڻو ٿي ته ڏي راڻي وڏي تون دل ڪري،
کنڊ چانور گِهـُه گهڻو ۽ ڪڻڪ جو ڪاسو ڀري.

 

”ڪين ڪي هرگز وٺندس، وڃ مٽر موٽي کڻي،
خير جو ڏيندينءَ هِتي ڏهه چند هـُت ڏيندءِ ڌڻي.

 

”لن تنالو البِر حتيٰ ــ حڪم هن ڏي گوش ڪر،
ڏي چڱو نالي ڌڻيءَ جي، ڪين ڪي تون جوش ڪر!“

 

جواب سَهتيءَ جو

 

چِڙَ وچان سَهتيءَ چيو: ”اي واهه ڙي جوڳي ميان،
هڪ پنين واتون گهرين ٻي ڪانه ٿئي ٿي لَڄَ اڃان.

 

”کنڊ چانور ڪڻڪ گيهه ري ڪين ٿو توکي وڻين،
ڏيهه ۾ جوڳي ٻيا ڀي يا فقط تون هڪ بڻين.

 

”تو جيهو جوڳي اسان سچ ڪونه ڪو اڳهين ڏٺو،
ڪئن جڳت جوڳي رکي سو، جنهن ڏٺو کائي مٺو.

 

”جو ملي نالي خدا جي سو وٺي وجهجي پلي،
پڻ ٿجي راضي رضا تي، خيرُ جو سڪ سان ملي.

 

”ليڪ هئن ڌرڻو هڻي دل تي گهرڻ خيرات جو،
ڪم فقيرن جو نه آهي پر ڪنهين وهيات جو.

 

”اسم جوڳيءَ جو لڄائين، لڄ پوئي ٿي ڪانه ڪا،
مڪر جو جوڳيءَ ٿيو آنهه مـُشٽَ ڏَنڊا بي حيا.

 

”فاقيو فرضي قناعت ۽ رياضت سان رهڻ،
فقر جي في - قاف - ري جو ڪونه آ تو ۾ لڇڻ!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

هي سخن سهتيءَ ڪنان جوڳي سڻي جلدي چيو:
”سمجهه ڪر ڪجهه راڄ راڻي هي ته توکي ڇا ٿيو،

 

”ڏين خدا جي نانءَ تي مون کي سهائين ڇو پئي،
اَجر ملڻو خير جو هن پر وڃائين ڇو پئي.

 

”امر هي آهي، ڏجن جو خير ۾ چڱيون شيون،
حشر ۾ بدلي انهيءَ جي، پاند پائين اڻ ميون.

 

”خير آ رَدالبلا تون هـِـت هـُـتي پائين اَمانُ،
خير ڏي نالي خدا جي، ڪڍ ٻيو دل مان گمان.

 

”خير جو ٿورو نه ٿڦِ، راڻي سياڻي مون مٿان،
ڏي ڌڻيءَ جي نانءَ تي، ڪجهه خير کَٽُ پنهنجي هٿان!“

 

سَهتيءَ جو جوڳيءَ کي خيرات ڏيڻ

 

هي سـُڻي سهتي وئي جهٽ ڪڻڪ ڪوٺيءَ مان کڻڻ،
ٻـُٽُ ڀري ڪاسو وري سا جلد جوڳيءَ کي ڏيڻ.

 

ڪڻڪ ڪشتي ۾ وڌائين، چڙ وچان جو سٽ ڏئي،
جئن ڪري ڪشتو ڀڳو ۽ ڪڻڪ سڀ پٽ تي پئي.

 

هٿ ڏئي جوڳي مٿي کي، هيٺ ويٺو پور ۾،
ڪڻڪ کان وڌو سو گهڻو ڪشتي ڀڄڻ جي سور ۾.

 

جلد سَهتيءَ کي چيائين: ”راڄ راڻي ڇا ڪيهءِ،
هي وري ڪشتو ڀڃڻ سا ڇا پَلوَ ۾ ڪجهه پيهءِ.

 

”لاڏ مان ٿي خير ڏين، تون ڪجهه خدا جو خوف ڪر،
ڪين ڪر ايڏي وڏائي مال دولت تي مگر.

 

”سمجهه ڌر دل ۾ سياڻي رَبُ بي پرواهه آهه.
حسن دولت جو مگر ڪنهن ساڻ ڀي نيباهه ناهه.

 

”حسن ۽ جوڀن جواني مال دولت چار ڏينهن،
ناز نخوت شان شوڪت عيش عشرت چار ڏينهن.

 

”شل قهاريءَ جو ڪرندو قهر ڪو تنهنجي مٿان،
اوچتو ايندينءَ اَري ڪنهن، پاڻ تون پنهنجي هٿان.

 

”اوٿ ڪا راڻي پوندءِ هن تي منهنجي حال جي،
آ وڏي توکي وڏائي، بي بقا ڌن مال جي!“

 

جواب سَهتيءَ جو

 

هش! ڪري هئن وات سان جهٽ هٿ کڻي سَهتيءَ چيو:
”آءٌ سدائين سک وسان، تنهنجو هـَـرُ هارو ٿيو.

 

”ٽر هتان هاڻي سگهوئي، ٿي سڌو، رستو وٺي،
هيءَ رهت تنهنجي اڍنگي، ڪانه ٿي مون کان سـَـٺي.

 

”ڪين ڪي پـِـٽَ ساڻ پٽجي مان ته ويندس هَلُ هتان،
ڪين توڏنهن ڄاڻبو جي ڪا پئي سِرَ جي مٿان.

 

”هي سندءِ ڪشتو ڪسيري ڏيڍ جو تقدير سان،
بس قضا سان آ ڀڳو، منهنجي نه پر تدبير سان.

 

”نقد قيمت جا هجي سا هاڻ وٺ مون کان ڀري،
ڪجهه وٽيندين ڪين ڪي تون ڏک مگر ان جو ڪري.

 

”غم ڪرين ڪهڙو وري ڪنڀار وٽ ڪشتا گهڻا،
حال وجهه زَنبيل ۾ هي ڪڻڪ جا ميڙي ڪڻا.

 

”سڀ جڏهن آهي فنا تان ڇوڪجي ڇا لاءِ غم،
تون وڏو مڪريل ڪو، هي تو ٻڌو بي سود بَم!“

 

جواب جوڳيءَ جو

 

جلد هي جوڳيءَ چيو: ”او شل وڃين ايڏَ ئي سگهو،
ڪو ڪرندءِ قَهر سِرَ تي اڄ سڀاڻي ڪي اجهو.

 

”تون ڀڃي ڪشتو وري ڪنڀار جو ٿي گَهرُ ڏَسين،
جو مون کي گـُرديو کان مليو هيو پاکر مسين.

 

”تو ڪنان بدلو وٺان مان پِيرُ گـُر پنهنجو سڏي،
ڇا ڪيان لاچار جو آيس لڙي تنهنجي تَڏي.

 

حال منهنجي جو عيوض تو کان وٺندو اُت ڌڻي،
روز محشر جي جتي هيڪل ته هوندينءَ هِڪَ ڄَڻي!“

 

جواب سَهتيءَ جو ۽ ٻانهيون سڏڻ

 

چِڙَ وچان سَهتيءَ ورندي جهٽ ڏني واري وري:
”بي حيا بڇڙا بدون تون وڃ هتان هاڻي ٽري.

 

”تون ته جوڳي ڪين آهين، جـُوٺُ آنهه جوڳي ميان،
طبع مون تنهنجي سڃاتي صاف هيءَ ٺوڳي جيان.

 

”جو پِٽي پيري پَگهاري سو ته سچ ناهي فقير،
حالَ اهڙي ساڻ تنهنجو ٿي پيو ظاهر ضمير.

 

”وڃ هتان ورنه ڏئي توکي ڌڪا لوڌي ڪڍان،
هن گهڙيءَ تنهنجي سخن جو مان عيوض توکان وٺان!“

 

هي چئي سَهتيءَ ڪري رڙ ٻانهيون سڀ ڪوٺيون،
دانهن تي سي ڊوڙ پائي دم تنهين حاضر ٿيون.

 

جن اشاري ساڻ جوڳيءَ کي ڪـُـٽي ڏيئي ڌِڪا،
دير ريءَ ڇڏيو تڙي، ويڙهي ڪنان ٻاهر صفا.

 

احوال جوڳيءَ جو ۽ سندس ڪالا باغ ۾ وڃي رهڻ

 

پوءِ تان ٻاهر اچي جوڳي گهڻو روئڻ لڳو،
مـُنهنِ پٽي پنهنجي مـَـٿي جا وار پڻ کوهڻ لڳو.

 

صاف سودائِن جيان سو هِئن چوي، سَڀُ وَجهـُـه ويو،
واءِ تڪليفون سَٺم پر ڪين ڪي ڪجهه پـِـڙِ پيو.

 

دم گهڙي ديدار جو مليو هيم موقع عجب،
بد نصيبيءَ جي سبب بس دور پيڙس ههءِ غضب.

 

هاءِ هن بد ذات سَهتيءَ قهر هي ڪيڏو ڪيو،
سور سڀ سِرنو ٿيا، گوندر سدا گهارڻ پيو!“

 

ان طرح دل ۾ ڏکن جون ڳالهيون جوڳي ڪري،
جوش جهيڙي ۽ جدائيءَ کان پيو ڳجهه ۾ ڳري.

 

رنگ قدرت جو ڏسي روئي ڪري دانهون هزار،
يار جي ديدار خاطر پڻ ڪري آ هون هزار.

 

نيٺ سودا ۾ سڙي دل سان ڪيائين پَهـُه پڪو،
”جو ڪٿي ڪنهن جاءِ تي ڌوڻي هڻي رهجي يڪو.

 

مانَ ڪنهن سانگي اچي ساجن لهي منهنجو سماءُ،
ڪجهه ڏهاڙا ماٺ ۾ ڏسجي  نصيبن جو نماءُ.’

 

هي ارادو خاص ڌاري، جهنگ جو رستو ڏئي،
باغ ۾ پهچي سگهوئي جاءِ جاچڻ جي ڪئي.

 

جت گلن جو سير ڪندو هڪ ڏسي خالي پڌر،
مَچُ هڻي آسڻ وڇائي لاڳ لاهي بي خطر.

 

جسم کي لائي ڀڀوتي، ٽنگ چاڙهي ٽنگ تي،
دم ڇڪي ويٺو وڏي ويساهه واري انگ تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org