سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

ڀاڱو ٻيو

صفحو :14

 

جواب هير جو

 

هير قاضيءَ کي چيو: ”تون علم کان آهين جڏو،
ڪوڙ تي قاضي سڏائين سر رکي شملو وڏو.

 

”شرع نبوي جو نه آ قاضي ميان توکي پتو،
حڪم صادر ڇا تنهين تي رنگ ۾ جيڪو رتو.

 

”غين جو نقطو ويو بس، عين نِيَتَ ٿي حلال،
بـُد بـُدو قاضي ٻيو سڀ خام تنهنجو آ خيال.

 

”مون ته لاوان چاڪ سان ميثاق ۾ لڌيون ميان،
روبرو هت رَبَ جي ٻولان ٻنهي ٻڌيون ميان.

 

”جت وڪالت ۾ هيو، سـُڻ جبرئيل ۽ ميڪئيل،
جنهن به نسبت آهه شاهد اِسرفيل ۽ عزرئيل.

 

”عينُ شاهد شِينَ جو ۽ شينَ جو مشهودُ قافُ،
سمجهه تون ان مام کي ڪو خَس نه آ جنهن ۾ خلاف.

 

”سچ ته چوءُ قاضي ميان تون، هي ٻيو هاڻي نڪاح،
مسئلي ڪهڙي مطابق ڪئن ٿيو آهي مـُباح!“

 

قاضيءَ جو گفتگو

 

هير جي هن ڳالهه تي قاضيءَ ڪئي ڪاوڙ گهڻي،
هيءُ ورنديءَ ۾ چيائين جوش مان جهٽ هٿ کڻي:

 

”هير توکي وس ڪري مان صاف سمجهائي ٿڪس،
حڪم سڀ شرعي سـُڻائي زور پڻ لائي ٿڪس.

 

”ليڪ تون لائين نه ٿي، دل سان نصيحت جو اکر،
دل اٿي پٿر تڏهن توکي نه ٿو ٿي ڪجهه اثر.

 

”قلب تي جنهن جي ڪـَـڙو ۽ پڻ ڪنن ۾ آ ڪپاهه،
سچ ته اهڙي روح ڪافر کان ڏئي مولا پناهه.

 

”شرع آ ظاهر و ليڪن لک هجي باطن بحال،
وزن ۾ وٺبو نه ڪڏهين منطقي تنهنجو مثال.

 

”آءٌ نه سمجهان ٿو الائي ڇا چوين تون عين شين،
ڇڏ قصا سڀ ڪفر جا تون، پيءُ پنهنجو ڪر امين!“

 

چوچڪ جو اندر اچڻ

 

گفتگو  وچ ۾ اُتي آيو ڪهي چوچڪ مٿان،
هن حقيقت جي به نسبت، سـُڌ پڇي قاضيءَ ڪنان.

 

پوءِ قاضي هير جو هي سڀ قصو ساڻس ڪيو،
حال هن کان مهر چوچڪ کي گهڻو ئي ڏک ٿي.

 

چوچڪ جو قاضيءَ سان گفتگو

 

سيگهه ۾ چوچڪ چيو: ”قاضي ميان چؤ ڇا ڪجي،
ڄڃ به آئي گهر گهري هاڻي پشيمان ٿو ٿجي.

 

”عقل پنهنجي جي خلاصي مصلحت جلدي بتاءِ،
خير سان رهجي اچي جئن هير ڏي ڪجهه ڪن نه لاءِ.

 

”هي ته ٿي آ بي حيا، دل تان ڀلائي ڀوءُ ڀرم،
ليڪ سيڻن جي مون کي ٿو ويڻ جو ماري مرم.

 

”آءٌ ادا ڪندس، گهرندين جوڪ تون حق و حساب،
ڪئن ڪري ڀي ٽار سر تان پر خواريءَ جو خطاب!“

 

جواب هير جو چوچڪ کي

 

هير چوچڪ کي چيو وهلو ورائي سرسري:
”چاڪ کي انجام ڏيئي، هيءُ ڪرين ٿو ڇا وري.

 

”هاڻ هي تنهنجو ڪيو مون کي مگر منظور ناهه،
اڳ حقيقت حال جي پڻ ملڪ کان مستور ناهه.

 

حَقُ کوهي چاڪ جو ڪندين اتي ڪهڙو جواب،
جنهن ڏهاڙي حَقَ هن جو، حَقُ کي ڏيندين حساب!“

 

گفتگو چوچڪ جو قاضيءَ سان

 

چپ ڪئي مس هير تان هي مهر، قاضيءَ کي چيو:
”هيءَ مڙندي ڪين هَٺَ کان ڪا اوهين مڙسي ڪيو.

 

”بس هلي خطبو پڙهو، هن کي مَرَمُ ماري نه ٿو،
هيءُ هچاَري مَک جَيان مَرجان پِٽي پنهنجو مٿو.

 

”ٿي وڏي عزت تنهين جي، هوند جي راضي رهي،
هير هَهَءِ هَٺَ کان نه ٿي پر ڪنهن به حيلي سان لهي.

 

”ڪين ڪي هن کي پوي ٿو ڪو حياءَ وارو سماءُ،
هن به نسبت هاڻ قاضي ڪر هلي پنهنجو اُپاءُ!“

 

جواب هير جو قاضيءَ کي

 

هي اٿي ٻاهر ويا ٿي، هير ات وهلو چيو:
”ڪئن ميان قاضي خدا توکي ته اڄ بڇڙو ڪيو.

 

”تون وٺي رشوت ميان ٿو، حقُ کوهڻ جي ڪرين،
پاپ هي پنهنجي مٿانهون مفت ٿو مورک رکين.

 

”ڪجهه خدا جو خوف ڪر پنهنجو نه هئن نالو لڄاءِ،
ڊڄ قهاري رَبَ کان ڪي دل نه تون منهنجي ڏکاءِ.

 

”ڪين ڪي توکي ذرا آ چاڪ جو معلوم شان،
سو ڪيان اظهار توسان جئن لهي تنهنجو گمان.

 

”مان چوان الله اول، بعد رحمـٰن الرَحِيم،
هي اشارو صاف ان ڏي آهه الف ولام ميم.“

 

”ٿي پڙهان اَلحَمدُللهِ صاف هيءَ صورت پسي،
جئن ته ربُ العالمين ويٺو اچي ان ۾ وسي.“

 

”اَلرَحمـٰن الرَحيم ۽ جوڪ مالک يَومِ الدِين،
مون وڏو ويساهه اُن تي، تون به ڪي ڪجهه ڪر يقين.“

 

”سـُڻ لقب رانجهي سندو هو آهه فخر العاشقين،
ذات رانجهي جي سڃاڻان آهه مون لهءِ مهه جبين.“

 

”عاشقن جو آ شهنشاهه، حسن وارن ۾ حسين،
جا بجا جلوه جنهين جو عرش کان تا سر زمين!“

 

بيان نڪاح بابت

 

هير جو هي، مهر، قاضيءَ ڪين سمجهيو گفتگو،
رنج ڪاوڙ کان ڪيو تن ڪجهه ٻڌو ڪجهه اڻ ٻڌو.

 

هو ٻئي ٻن شاهدن گڏ رنج ۽ آڪڙ ڪري،
منهن ڏيڻ آيا مڙن کي، هير تي ڪاوڙ ڪري.

 

گهوٽ کي پائي سروپا، موڙ گل جوڙي مٿان،
سير سرگس جي پڄاڻان پڪ وٺي ملڪيءَ ڪنان.

 

وقت سر قاضيءَ ڪيو، پنهنجو هتي خطبو شروع،
هير هوڏنهن گهر ڪيو لـُڙُ گوڙ ۽ پِٽڪو شروع.

 

هير کي ملڪيءَ ڍڪايو زور سان کنهبو وڳو،
سٺ سهيلين جي مدد سان پڻ وڌائين ڳهه ڳٺو.

 

ٿي ادائي ڪاڄ جي، بس هير کي ڌوڻي ڌڪي،
چاڙهيو گڏ گهوٽ سان ڏوليءَ وٺي ٻانهون ڇِڪي.

 

هير جو احوال

 

هير ڏوليءَ ۾ پڪارون هاءِ ههءِ گَهل گَهل ڪئي،
زور سان جنهن کي ڪڍڻ جي پيءُ ڀي هَل ڀَل ڪئي.

 

”هير روئي ٿي چيو: ”هي پيءُ، ته غم پـُرسانُ ناهه،
خير ڪي اِن ڳالهه جو مون کي ته ڪجهه اَرمان ناهه.“

 

”پيٽ ڄائي مان جنهين جي، ماءُ سا منهنجي نه ٿي،
سڀ سيالي راڄ جي ساري شرافت مون ڏٺي.“

 

”هي نه گهربو هو اوهان کي جا ڪئي آ اڄ توهان،
جوڪِ نڪرندو نتيجو سو به ڏسندا خود اوهان!“

 

هي سنيهو صابريءَ کي هير اُت ويندي ڏنو:
”هاءِ ههءِ ههءِ دور گردش سڱ سندم سڀ کان ڇنو.“

 

”ليڪ رانجهي سان سڀاڻي هي ته ڪج ساري خبر،
حال منهنجي جي سڄي زوريءَ وڃڻ واري خبر!“

 

درد کان دانهون ڪري، سا وار ڳهه ڪپڙا پٽي،
پرکڻي ڏولي ڪهارن راهه ورتي دَڳُ مٽي.

 

واٽ سان سعدو به تنهن کي آزيون چـُپِ لهءِ ڪري،
منٿن سان وڌ هچي پر ڪين ڪجهه ڌيرج ڌري.

 

هير جي حالت ڏسي سعدو به سچ ڪڪ ٿي پيو،
تـُرت ڏوليءَ مان لهي اُت، پا پيادو سو ٿيو.

 

چوپچو ڄَڃَ ۾ پيو هن ڳالهه جي ڳولها ڪرن،
هير جي هن ڦوڪ جي سي پاڻ ۾ ڦولها ڪرن.

 

نيٺ آڌيءَ رات تائين، ڄڄ کنئي منزل يڪي،
پهر هڪ هو صبح ۾ ڪي پڻ پيا ڄاڃي ٿڪي.

 

پوءِ سڀ آرام لهءِ هڪ جاءِ تي پيڙا لهي،
سعد جلدي سڌ لهڻ لهءِ هير وٽ آيو ڪهي.

 

هير کي ماتام پنهنجو، اُونڌ وَٽڻَنَ ۾ هئي،
چَٽُ چري سا چاڪَ جي لهءِ مفت ٿي ماندي مئي.

 

عرض آزيءَ تي نه ڪي سا ميڙ منٿ سان ٺهي،
سس گهڻا حيلا ڪيس پر ڪين ڪي راضي رهي.

 

نيٺ سهتيءَ، هير جو، جا ننڍڙي هيڙس نِڻان،
رمز سان ريهي، سگهو گهـُونگهَٽ ڇڪي لاٿو گمان.

 

ٿالهه رَتڙَن جو ڀري جهٽ گهوريو سَسُ، هير تان،
سڳن لا نوَن جا ڪيائون، هير ۽ پڻ سعد سان.

 

ٻي ڏهاڙي ٿَڪُ پٽڻ تي ڪـُوچ جو سعيو ڪيو،
هير کي بس رات ڏينهان روڄ ۽ پِٽڪو هيو.

 

رانجهي جو اچڻ

 

رنگپور ٿي هير راهي، صابريءَ ساجهر سويل،
سـُڌِ رَسائي چاڪَ کي، جنهن تان مچائي واءِ ويل.

 

رت رڙي دانهون ڪري، سو، وار کوهي منهن پٽي،
گهر ڇڏي پيرو کڻي، جهٽ وک هڻي پهتو اچي.

 

سنبري ٿي ڄڃ اڃان هي هير جي ڏولي ڏسي،
ويجهڙو وٽ ساڻ بيهي با ادب ڍاري سِسي.

 

عرض ايندي سان ڪيائين، هير کي سڪ مان سڏي:
مون ڇڏي گوندر گڏي، ڪاڏي وڃين هاڻي لڏي.

 

هئن نه لائق هير توکي جئن ڪيهءِ مون سان دغا،
ريب سان مون کي رهايـُهءِ سچ نه ڳالهايـُهءِ صفا.

 

”مون ڪئي اڳ پڪ پڪي تنهنجي وڏي ويساهه تي،
هاڻ ڏي جلدي وراڻي، تان ته پليان ساهه کي!“

 

جواب هير جو

 

گفتگو هي چاڪ جو ڪجهه هير ڏوليءَ ۾ سڻي،
ڪنڌ جهٽ ٻاهر ڪڍي هن پر چيائين هٿ کڻي:

 

”ماءُ پيءُ قاضيءَ مـُلي هي ڪم ڪيو آ زور سان،
ڏوهه مون کي ڪين ڏي، جاچي اهو ڏس غور سان.

 

”هي ملڻ موٽي اسان جو آ نصيبن تي وري،
ٿي وري ميلو الائي يا ائين وينديس مري.

 

”پر اڃان مون آسرو لاتقنطوا جو آ وڏو،
ڪيستائين ڪجهه رهندو قسمتي ڪم جو ڦڏو.

 

”ڇا الائي ٿي اڳي ان جو ته ڪجهه ناهي سماءُ،
نت نئون ڏسڻون پيو هاڻي نصيبن جو نماءُ.

 

”آءٌ ته دانهون درد کان ڪندَس پئي صبح و مسا،
روز شب روئي رڙي بس ساهه ائين ڏيندَس صفا.

 

جواب رانجهي جو

 

”چست ٿي رانجهي چيو: ”دل جا نه هي بوتا بڻاءِ،
آس تنهنجي اڄ پـُني مون کي نه پر رِڻَ ۾ رُلاءِ.“

 

”ڳالهه تنهنجي تي اجايو مون لڳي ويسهه ڪيو،
هاڻ حسرت جي سبب پڇتائڻو راڻي پيو.

 

”آءٌ ته سمجهان ٿو اهو تنهنجو سڄو حيلو فريب،
تو ته رکيو آهه ان ۾ انگ پيچيدو اريب!“

 

جواب هير جو

 

هير ورجايو: ”قسم آ خالق الافلاڪ جو،
مالڪِ روزِ جزا ۽ صاحب لولاڪ جو.“

 

”هي نسورو ظلم مون سان ماءُ پيءُ قاضيءَ ڪيو،
گهر ڪنان ڪڍيو ڌڪي ڀي وَسُ نه ڪو منهنجو هيو.“

 

”هن طرف غازي گهڻا ئي، مان اڪيلي هڪ ڄَڻي،
زور سان گِهلي جنهين ڏوليءَ وڌو مون کي کڻي.“

 

”جوڪ سوگهو ساهه تو وٽ هينئڙو سو هڪ اٿم،
ڪين ڪي آهي ٻيو جنهن ۾ ڪيو ڪو لڪ اٿم.“

 

”هن ته تنهنجي ڳالهه کان سچ سور ٿو ٻيڻو ٿئي،
جنهن سبب ويتر ورائي حال ٿو هيڻو ٿئي.“

 

”هاڻ، بهتر در ڌڻيءَ جي رات دن ڪر التجا،
وصل جو وارو وري مقبول تنهنجي ٿي دعا!“

 

جواب رانجهي جو

 

هير کي رانجهي، وراڻي هن طرح واري چئي:
”هير تنهنجي قول تي بس پڪ وڏي مون کي پئي.“

 

”حقُ جن کوهيو آ، حقُ تن ڏيندو جزا،
بعد مردن جاءِ دوزخ جي تري جوڳي سزا.“

 

”سک ملندا مون وري آخر ته دُک داتا ڪٽي،
ليک راحت سان ڏکن جو نيٺ ٿو مولا مٽي.“

 

”ويجهڙي سڃ کي وَسـَـنوَ ظلمات کي نزديڪ نور،
سڃ سڄي جهاڳي ملندس مان اچي توسان ضرور.“

 

”آ اهائي موڪلاڻي هاڻ بس حافظ خدا،
هي ملڻ موٽي نصيبن تي پيو گهارڻ جدا!“

 

ڄڃ جو ڪوچ ڪرڻ

 

هير رانجهي پاڻ ۾ جو ڪيو ڪجهه گفتگو،
سو سڄو ماڻهن گهڻن پڻ مهر ۽ سعدي ٻڌو.

 

ٿي غصي ان ڳالهه کان تن ڪـُوچ جو سعيو ڪيو،
چاڪ کي ڏيئي ڌڪا لوڌي گهڻو گهٽ وڌ چيو.

 

ڄڃ رواني ٿي اڳي رانجهو به پڻ واپس ٿيو،
ڀَرِ نَديءَ جي جهنگ ٻيلي ۾ اچي آسڻ ڪيو.

 

حال کان بي حال ٿيڙو خِلط سودا جي سبب،
رنج هن کان روح ۾ روئي پيو سو روز شب.

 

ڄڃ هلندي ٿي وئي رت هير ڀي روئي پئي،
ميڙ منٿ ساڻ ويتر وار ڳهه کوهي پئي.

 

پنڌ سڀ پورو ڪري اڄ رنگپور ۾ ڄڃ رسي،
خلق جي ساڳي وَسنوَ کان تڙ ويا سڀئي وسي.

 

ٿي ويو هرڪو قراري، جاءِ سر پنهنجي ڪکين،
هير کي آيا وٺي گهر زور سان لاهي مسين.

 

هير سان ايندي ڪيا سَس سـُڳن سَهسين سهج مان،
سون چانديءَ جا ڦـُلا پڻ گهوريس سَهتيءَ مٿان.

 

سعد خان جو هير وٽ اچڻ

 

ساٺ سڳنن جي پڄاڻان سعد آيو هير ڏي،
هيڪلو ويٺو هلائڻ حال جي تدبير کي.

 

هير جهٽ درگاهه ۾ روئي ڪئي جا التجا،
ٿي وئي مقبول سا دربار ۾ ان جي دعا.

 

ياد جئن ان دم ڪيائين ياوريءَ لهءِ پنج پير،
سيگهه ۽ سڏ ساڻ گڏ تئن دم تنهين آيا امير.

 

جن اچڻ سان سعد کي دٻڙاٽيو، ڌمڪي ڏئي،
پوءِ ڪڏهن  هير جي ان ڪا نه ڪا پـُڇ پـُڇ ڪئي.

 

پِير سڀ واپس ويا پڻ سعد پنهنجيءَ سيج تي،
هير اونڌي کٽ وجهي، ويٺي مٿو پنهنجو پِٽي.

 

هٿ کڻي هردم گهري سا هيءَ دعا بادِل يقين،
جمع کن با دوستان يا جامع المتفرقين.

 

هير جي نڻان سهتيءَ جو گفتگو

 

هير جي هن حال کان سهتيءَ ڪيو دل ۾ خيال،
هي ته اٽلو عيش جي گهر ۾ پيو جنجل وبال.

 

ان ڪري اٽڪل ڪنهين سان هير کي پر چائجي،
ٿي ملا قي هاڻ ان سان، ميل دل جو ٺاهجي،

 

رِٿَ سڄي دل ۾ بڻائي هير وٽ آئي هلي،
خوش کلي ان سان ملي هڪ ٿي وئي ريبي رَلِي.

 

ڳالهيون اوڀر ڏکڻ جون سا ڪري ڳـُٽڪا ڏئي،
دل وٺڻ جي واسطي ويٺي لکين لَٽڪا چئي.

 

ريجهه ۾ ان کي ڏسي ساڻس ڪيو هن پر قصو:
اي مِٺي ڀاڀي آ مون کي ڳالهه هڪ جو وسوسو.

ان ڪري دل جي سڄي تون اڄ ته مون ويڌن ٻڌاءِ،
ساٿ تنهنجي ساڻ ٿيندس لِڪُ نه پر ڪوئي لڪاءِ.

 

”سينڌ سِرَ جو سنهن کڻي توسان ٿيان ٿي مان ٻڌل،
جئن ته آءٌ ڀي آهيان هن درد دُوريءَ جي ڏَڌَل.

 

”ان ڪري اڄ پاڻ ۾ ڪي حال دل جا اوريون،
هم صلاحي ٿي سدا مشڪل کي گڏجي منهن ڏيون.

 

مون به بيوس آ اڙائي دل بلوچي خان سان،
گهاريان ٿي رات ڏينهان مان خفي خفقان کان.

 

”دور سو دلبر وسي ٿو، ويجهڙو ناهي وري،
ڳڻتين ۾ جنهن سبب منهنجو ويو جيرو ڳري.

 

”تو به پنهنجي دل ڦرائي آهه جيڪس مون جيان،
پر گهرين ان جو پسڻ تان آءٌ به توکي رٿ ڏيان!“

 

جواب هير جو

 

هير سهتيءَ کي چيو، ”بس! هيءَ سياڻپ ڪين ڪر،
ڳالهه هن ۾ سنگ مون سان، يا سڃاڻپ، ڪين ڪر.

 

”راز پنهنجو اڳ وٺي اٽڪل رکي ظاهر ڪرين،
عشق ۾ آ منع اهڙي، سا نه ساڃهه ٿي ڌرين.“

 

”مان پسان ويٺي پَسڻ تنهنجو، نه ٿو گـُهرجي پسڻ،
ويجهڙو منهنجي وسي ٿو ڏور سو ناهي سڄڻ.“

 

”عشق منهنجو عام ناهي جئن ڪرن ماڻهو مجاز،
ليڪ منهنجو حق جي لهءِ آ سڄو سوز و گداز.“

 

”مامرو پنهنجو اٿم تون ڪين پوءُ ان حال ۾،
مون جيان تون ننڍڙي، جيئڙو نه وجهه جنجال ۾!“

 

 

سهتيءَ جو نراس ٿي وڃڻ

 

هير هي ڏيئي ورندي، مست ٿي خود موج ۾،
منهن مٿو وارن پٽڻ ۽ راڙ دانهن روڄ ۾.

 

جنهن سبب سهتي اُٿي بي مـُهت ٿي موٽي وئي،
هيءَ حقيقت حال جي پڻ سعد سان ساري ڪئي.

 

سعد پِيرن جي سبب واتان نه ڪجهه واري چيو،
ليڪ سهتيءَ کي گهڻو ان ڳالهه جو اُلڪو ٿيو.

 

هير جي حالت گهڻو ئي دن به دن اَبتر پئي،
روپ رنگت زور ۾ ٿيندي وڃي ڪمتر پئي.

 

مِنٿـُن سان ٽين ڪ چوٿين ڏينهن ڪو هڪ اڌ گراهه،
ڪجهه رکو کائي ٽڪر پليو پئي پنهنجو پساهه.

 

ڪين ڪي واتان ڪڇي سا پڻ نه ڪي ڪنهن کان پڇي،
رات ڏينهان روح ۾ پيئي رڙي لـُـٽڪي لڇي.

 

 

احوال چوچڪ جو

 

هاڻ هت احوال هي ڪجهه مهر چوچڪ جو ٻڌو،
راڄ ۾ هر گهر ٿيو ان جو اهوئي گفتگو.

 

بعد پرڻي هير جي، ڪن ڳالهه سڀ ماڻهو اها،
هير آهي چاڪ جي، جي حق ڪو ڄاڻي صفا.

 

هن سبب کان حَقَ جو ڀي رنج چوچڪ تي ٿيو،
حَقُ جو ٻي جو ڦـُري، سو پاڻ ڀي ڦـُرجي ويو.

 

راڄ عزت شانُ شاهي دٻدٻو سندس ويو،
ملڪ ۾ پٽيو پئي پڻ جا بجا رسوا ٿيو.

 

ان سوا گهر مال سارو دربدر ٿيڙس اُجاڙ،
حال پڻ اهڙو ٿيس، جئن ٿي ڪنهين سان ڌوڌ ڌاڙ.

 

--------------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org