سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

ڀاڱو پهريون

صفحو :7

 

رانجهي جو مسجد مان نڪري جهنگ سيال وڃڻ، ۽ درياهه جي پتڻ تي پهچڻ

 

سچ سفر آهي ڏکيرو، بي وطن، بي يار جو،
ڪونه ڪو وارو ملي، ان کي دل بيمار جو.

 

وقت شاهن کي پوي ٿو، هيءَ ڄَٽِي ڪجهه ڇا لڳي،
آهه بي پرواهه مولا، هر گهڙيءَ توبه ڪجي.

 

هاءِ رانجهي کي به هاڻي وهم غم ويڙهي ويو،
ڪونه ڪو ساٿي  جنهين سان حال جو محرم ٿيو.

 

هڪ وڇوڙو مائٽن جو اوهيو هو پڻ وطن،
دم حياتيءَ جي گهڙي گهارڻ پئي ان کي ڪٺن.

 

نيڻ چائي پهريون ئي ان ڏٺو ويران ڏي،
پوءِ رِڙهيو دل جهلي تنهن جهنگ ريگستان ڏي.

 

جذب دل جي جوش مان هي وک وڏي تڪڙي کڻي،
وس ڪري سڀ ڀوءُ ڀلائي گام هاٿيءَ جان هڻي.

 

ڏينهن سارو پنڌ ۾، هو کاڄ پاڻيءَ کانسواءِ،
ڪين ڪي ويٺو هيو ڪٿ دم گهڙي آرام لاءِ.

 

سج لهڻ ۾ هو اڃا، رانجهو به جهاڳي سڃ سڄي،
ويجهڙي سو ڀِر نديءَ واري پتڻ پهتو اچي.

 

ات ڏسي هو آدمي دل ۾ گهڻو ئي خوش ٿيو،
وک کڻي تڪڙي سگهوئي، مير بحرن وٽ ويو.

 

پار پهچائڻ لاءِ رانجهي جو ميربحرن سان گفتگو

 

ڪاسبي ڪڙمي ڪمي ڪم تان لهي آيا ڪکين،
پڻ پکي آرام لهءِ چوڻون چڳي پيٺا پکين.

 

ليڪ رانجهي لاءِ ڄڻ ڪي صبح هو ساڳي اڃان،
وقت ڄاتو ٿي اهوئي جنهن گهڙيءَ آيو جتان.

 

دم تنهين رانجهي اچڻ سان مير بحرن کي چيو:
”دوستو هن پار مون کي آ ضروري ڪم پيو.

 

”هن گهڙيءَ نالي ڌڻيءَ جي پار پهچايو ميان،
هي ڀلائي ڀال مون تي دير نا لايو ميان.

 

”رس ڇڪي ٻيڙي ورائي جهٽ ڪيو نالي خدا،
ڪين ڪي مون کان سَٺي ٿئي دير هڪ دم جي ادا.

 

”قرب ڄاڻي ڪو ڪيو ٿورو خدا جي واسطي،
هيءَ مدد منهنجي ڪيو، مشڪل ڪشا جي واسطي.

 

جواب مهاڻن جو

 

هي سڻي مڙني مهاڻن کيج ۽ کلڪو ڪيو،
هيٺ مٿتي ويس رانجهي جو ڏسي هن پر چيو:

 

”واهه ڙي اي لک پتي مانجهي مسافر چئو ته پر،
ڪير آهين ڪئن وڃين ڪهڙي طرف تون ڪر خبر.

 

”حاڪمن وارا هلائين حڪم ٿو ڄڻ شاهه آنهه،
ويس تنهنجي مان ٿئي معلوم ڄڻ بي واهه آنهه.

 

”سوچ ڪر دل ۾ اها تون پار ڪيئن ويندين ميان،
ڪين ڪي هاڻي هلون جي لک کڻي ڏيندين ميان.

 

”هڪ ته هن ڀر هاڻ ڪوئي ڀي هلڻ وارو نه آ،
پڻ اويلو وقت آهي، چنڊ يا تارو نه آ.

 

”موج سانوڻ سر گرم آ جـُهڙ بَدل برسات آ،
ڌم ڌمان دريا وهي ٿو، ڌنڌ ڪاري رات آ.

 

”ان سوا توکي پتڻ لهءِ هَڙَ نه هڪ پئسو ٺهي،
ڪين هلبو پار هاڻي ڀل مٿئون لشڪر لهي.

 

”هاڻ اي جوڳي ميان تون پوءُ رهي هت رات جو،
پار وينداسون سڀاڻي، ساجهري پرڀات جو.

 

”پوءِ پنهنجي ڪار سان تون ٿج وڃي پهچي سويل،
رات هاڻي رهه ڪيون، گڏجي رهاڻي سيل ميل!“

 

رانجهي جو نراس ٿي ويهي راڳ ڳائڻ

 

هي مهاڻن جو سخن، رانجهو سڻي بيوس ٿيو،
نا اميديءَ جي سبب ڪجهه ڀي ورائي نا چيو.

 

پوءِ ٽلڪندو وٺي ڀر جاءِ هڪ ڪنٺار تي،
دم گهڙي ويٺو مٿانهين سبزوئي گلزار تي.

 

قسمتي ڪم ڪار تي، بعضي رُئي بعضي کلي،
پڻ گهري دل ۾ دعا شل ساهه جو ساجَنُ مِلي.

 

ان طرح ڳڻتي ڪري ۽ آهه هڪ دل مان ڀري،
دل رهاڻيءَ لاءِ ويٺو ونجهلي هٿ ۾ ڪري.

 

قرب جو ڪلياڻ نٽ آ من پهاڙي سـُر ڪيو،
روڳ دل جو جوڳ سهڻي ديس ۽ ديپڪ چيو.

 

پهريون سوپو هيو، آواز تي خلقت اُٿي،
هي چون سي پاڻ ۾: بس ڳالهه آ سڀ کان گـُٿي.

 

”ڇو تڙي پاڻان جدا ههڙو ڪيوسي مرد مور،
هت اچڻ جي لاءِ هاڻي ڪو هلي لايونس زور!“

 

جي اُتي ايندا ويا، سي سڀ جهڪندا ٿي ويا،
محويت ۽ موج کان اونڌا ڊهندا ٿي ويا.

 

مرد زالون سڀ مهاڻن جا، مٿئون ميڙي ويس،
پڻ پتڻ وارا مسافر چو طرف ويڙهي ويس.

 

راڳ ڳائي پوءِ رانجهي دم گهڙي ڪا بس ڪئي،
بس ڪري ويٺو ته ان کي رٿ اها دل ۾ پئي.

 

تان ته دريا ۾ اڪيلو دل ٻڌي ڌوڪي پوان،
هن طرح سانگا ڇڏي سڀ، پار پنهنجي سر وڃان.

 

 

رانجهي جو دريا ۾ گهڙڻ ۽ مهاڻن جو کيس ڏسي زوريءَ گهر وٺي اچڻ

 

هي پچائي پهه ڪيو اُن اسرو الله جو،
ور وجهي ڪاهي پيو سانگو ڇڏي سر ساهه جو.

 

پير دريا ۾ جهـُڪي رانجهي اڃا جئن ٿي وڌو،
تئن مهاڻن مرد زالن ڏاهه سان اُن کي ڏٺو.

 

وِکَ ڪري پهتس وڃي سڀ چنبڙي ڏاڍو پيس،
پڻ گهڻو ٻاهر اچڻ لهءِ ٻانهن کان گِهِلڻ لڳس.

 

هي اکر هيجون چئي تن کيس مڙني هٿ ٻڌا:
”مـُڙ مسافر تون ته پنهنجي هوڏ تان نالي خدا.

 

”ڪين ڪي توکي پيارو آهه پنهنجو سِرُ پَساهه،
هي پوندو خـُون تنهنجو ڳَلِ اسان جي بي گناهه.

 

ميڙ منٿ عجز آزي هي ڪري عاجز ٿيا،
نيٺ گِهِلي جاءِ تي زوريءَ وٺي هن کي ويا.

 

مهاڻن جو رانجهي کي سيج تي وهارڻ

 

گهر اچي جوڳي ميان جي تن ڪئي کيڪر گهڻي،
پوءِ مڙني پاڻ ۾ ڳڻ پهه رهائڻ جي ڳڻي.

 

سيگهه ۾ هٿ پير اُن جا، منهن اگهي اجرو ڪيو،
پڻ وڳو تهدر ڍڪائي، اڳ ڪنان اڳرو ڪيو.

 

مانَ عزت سان وٺي، ان کي ويا ٻيڙيءَ مٿي،
سهج مان سهرا چئي سڀني رهايس سيج تي.

 

سيج بابت حقيقت ۽ رانجهي جو حال

 

سيج تي بستر پيل هو هير جو ٻيڙيءَ مٿان،
سير لهءِ سينگاريو هو، پاڻ جنهن پنهنجي هٿان.

 

وک کڻي هي زور منٿ سان اڃا ويٺو مٿس،
دم تنهين سڀ سور سودا درد دک دل جو لٿس.

 

نو بهاري گل جيان تازو گهڻو دل ۾ ٿيو،
دين دنيا جي صفا اوني ڪنان ڀلجي ويو.

 

آ سڄي قدرت ڌڻيءَ جي، هر گهڙيءَ ۾ نت نئين،
ٿو جڏهن جوڙي سبب اونڌي به ٿي اُجري سنئين.

 

رانجهي جو سيج بابت مهاڻن کان پڇڻ

 

هن حقيقت کان پيو رانجهو گهڙي ويچار ۾،
غور سان جاچي ٿڪو دل جي گهڙي ديوار ۾.

 

نيٺ رانجهي سڌ لهڻ لهءِ مير بحرن کي سڏي،
ڪنڌ ڦيري ڪر کڻي، هن پر چيو واڪي وڏي:

 

”سچ سڻايو يار مون کي، سڌ اها کولي کڻي،
سيج هن جو ڪير تان آهي حقيقت ۾ ڌڻي!“

 

غيب مان آواز اچڻ

 

حال هي رانجهي مهاڻن کان پئي پڇيو اڃان،
اوچتو ڪن تي پيو آواز ان کي غيب مان.

 

صاف هي رانجهي ٻڌو آواز مان اهڙو اُچار:
”شڪر ڪر رانجها ميان توکي مبارڪ لک هزار.

 

هير جي هيءَ سيج آ، جنهن لاءِ تو ڪاڍو ڪيو،
سڀ ڪشالو ڪاف تنهنجو وهم غم هاڻي ويو.

 

”هير راڻي حسن ۾ جا حور کان آ وڌ گهڻي،
سا ڪئي امداد رانجها ٻاجهه مان توکي ڌڻي.

 

”لوح ۾ لکجي ويو جوڙو اوهان جو تا قيام،
چپ ڪري ويٺو  ڏسج تون قدرتي ڪم جو نظام!“

 

آواز بابت حقيقت

 

ٿي ويو رانجهو وسو تان ڪنهن ڪيو آواز ڇو!؟
پر حقيقت ۾ اهو خواجا سڳورو خضر هو.

 

هي ٿيو الهام جنهن کي جو سگهوئي هاڻ تون،
ڪر تمامي سڌ اهائي خاص رانجهي ساڻ تون.

 

پڻ بشارت کيس ڏي تان هير آ تنهنجي مدام،
گرچ آ راڻي مگر ڏاني رهي با اهتمام.

 

پڻ ٻيا عاشق مماتيءَ جا گهڻا اُت آئيا،
جن مبارڪباد جا ڳاوڻ پئي ٿي ڳائيا.

 

خوش ٿيو دل ۾ گهڻو رانجهو انهيءَ آواز کان،
پوءِ ويٺو اور اورڻ، سڪ منجهارون ساز سان.

 

رانجهي جو مير بحرن وٽ رهي پوڻ

 

رات ساري ان گذاري ريجهه سان ات راڳ ۾،
پڻ مهاڻا چو طرف ويٺا هيا ويراڳ ۾.

 

صبح ٽاڻي پوءِ سڀ ڪو گهر هلي پنهنجي ويو،
بس ڪري هي بستري تي ٿڪ سبب ليٽي پيو.

 

سيج تي شب روز رانجهو راڳ سان شاغل هيو،
پڻ مهاڻن سان مطابق حال جي شامل هيو.

 

ڳچ ڏهاڙا هن طرح رانجهي کي هت پئجي ويا،
پار وڃڻا ڀي شغل ۾ رس سبب رهجي ويا.

 

هڪ ته رانجهي کي مهاڻن کان نه ٿي رخصت ملي،
واٽ ويندي جن کي ويئي ساءَ جي سنگت ملي.

 

پڻ ٻيو هڪ ٿي ويا ها مائٽن جان پاڻ ۾،
حال جا ڀائي سڀيئي هڪ ٻئي جي آڻ ۾.

 

ان ڪري آرام سان رانجهو پيو تن وٽ رهي،
گهر وطن جو غم الم ان جي ويو دل تان لهي.

 

عام ماڻهن ۾ چوٻول

 

ٿي وڃن ٿا بند منهن کوهن سندا ڪنهن ڍنگ سان،
وات ماڻهن جا نه ٿا پر پورجن ڪنهن انگ سان.

 

هي پچر هن ڀر پتڻ جي عام ماڻهن ۾ پئي،
جو مسافر دل لٽي ٿو ٻول ٻاجهارا چئي.

 

ڪو چوي: ”مجلس سندو هي مرد مانجهي مور آ،
ڪو چوي: ”لاشڪ لفنگو لچ اٺوڙي چور آ.

 

ڪو چوي: ”آيو هتي جوڳي ڪمائڻ جوڳ لئه“،
ڪو چوي: ”دارون اهو آ درد دل جي روڳ لئه“.

 

ڪو چوي: ”واسينگ جي مڻ لاءِ هي جوڳي ٿيو،
”ڪيميا جي له“ چوي ڪو: ”پنڌ هن آهي ڪيو.

 

ليو لائڻ کان ٻين کي ڪونه ٿو ڪوئي رهي،
پاڻ ڀائين سير سڀ ڪو، ڪونه ٿو ڪنهن کي سهي.

 

عام ماڻهن ۾ رانجهي سان گفتگو

 

ڪي وري انسان دنيا ۾ عجب اهڙا ٿيا،
راهه ويندن کي سڏي پنهنجو مٿو کائن پيا.

 

وقت پنهنجي قيمتي جو ڪونه آ تن کي ڌيان،
ڳالهين جو هٽ پتڻ ڳهلا کڻي کولن دڪان.

 

قِسم هن جا مرد ڪي ئي روز رانجهي وٽ اچن،
ڪن مجالس ميل سي اوڀر لهن اولهه چڙهن.

 

جي پڇن کيڪر ڪري ڪجهه حال هي رانجهي ڪنان:
”ڪير آهين پڻ اچين ٿو تون ته ڪهڙي ديس کان.

 

”منهن منجهان معلوم ٿين ٿو وڏ گهراڻي ٻار جان،
ويس مان ٿو وسهجين تون بي وطن بي يار جان.

 

”يا ته سهڻي شڪل جي لالانگهري آهين لڳو،
پوئتان جنهن جي پئي تون گهر ڪنان آهين ڀڳو.

 

”يا مَٽائي ويس هي ميڙو ٿئين ٿو مال جو،
سچ سـُڻائين تان ڪيون آڳو پڇو ان حال جو.

 

جواب رانجهي جو

 

حال رانجهي هن طرح تن کي سڻايو ٿي صفا:
”آ لکئي تقدير يارو رڻ رلايو جا بجا.

 

پڻ سڄي پيءُ ماءُ واري سڌ ڪري هو سر بسر،
”جو هيس اڳ دادلو مان بعد تن جي در بدر.

 

”مون جيان دنيا سڄيءَ ۾ ڪونه هوندو بدنصيب،
آس کان محروم بي زر بي پدر گاذر غريب.

 

”ليک قسمت جي مگر مون کي کڻي آندو هتي،
نه ته وطن ويڙهو ڪٿي ۽ مان مٺل ماندو هتي.

 

 

هير کي رانجهي جي خبر پوڻ

 

دک پڄاڻان سک سري جئن ماڻجن اڻ کٽ مزا،
عشق ڀي آ عيش آخر پهريون  پر ڏک ڏجها.

 

گل گلابي ساڻ جئن جو ٿو رهي ڪنڊو قريب،
عشق ۾ تئن عاشقن سان خار جان آهن رقيب.

 

جهنگ جو ڪوئي سيالي شوم دل شيطان مزاج،
جو ٿيو راهي پتڻ تان ٻاهران وڻجي بجاج.

 

جنهن اچي هي مرد جوڳي سيج تي ويٺل ڏٺو،
هي ڏسي حالت انهيءَ جي ساهه ۽ دل نا سٺو.

 

ٻي ڏهاڙي شهر ۾ ان هيءَ وڃي کولي خبر،
هٽ اُتي آئي وئي سا پڻ ڪيائين ٿي پچر:

 

”جئن ته هڪڙو مرد جوڳي هير جي بستر مٿي،
گيت ٿو ڳائي پيو جو ٽنگ چاڙهي ٽنگ تي.

 

”ليڪ ان جو راڳ راحت بخش ڄڻ اڪسير آ،
ٿو جياري دل جڏي ان ۾ اهو تاثير آ!“

 

خلق ۾ هيءَ ڳالهه ساري چوطرف هلجي وئي،
رُت بهاريءَ جي مٿان ڄڻ ڪي خزان گهلجي وئي.

 

شام جو ان گهر اچي پڻ ڳالهه ساڳي ٿي ڪئي،
حال محرم هير جي، ڌيڻس به گڏ ويٺي هئي.

 

جا سڻي هيءَ ڳالهڙي، غيرت سبب غمناڪ ٿي،
هير ڏي هڪدم هلي، سا چڙ وچان چالاڪ ٿي.

 

هي ڪيو ان هير سان، سهجون وڃي سارو قصو،
هير کي ان حال کان دل ۾ ٿيو ڏاڍو غصو.

 

رات جو ئي هير پنهنجي، سٺ سهيلين کي سڏي،
هي قصو سارو سڻايو جاءِ سر سڀئي گڏي.

 

جي سڻي احوال هي دل ۾ ٿيون غمگين سڀ،
جوش جذبي چِڙَ سبب بيمار جان بي چين سڀ.

 

نيٺ تن ٿي هم صلاحي، هي پچايو پَههُ پڪو،
جو ڏسي ان کي ڏجي، ان وقت دريا ۾ ڌڪو.

 

ڇو اڳي ئي هـُل ڪيون، هيءُ جي هجي افواهه ڪو،
پوءِ حسرت جا ملي هٿ ڀي ڪجي پڇتاءُ ڇو.

 

هي ڳڻي ڳوتي ڪئي، سڀ پاڻ ۾ تن پڪ پڪان،
تان ڪري سَنبت سويرو صبح جو هلجي هتان.

 

موڪلائي هير کان، هرڪا هلي گهر ڏي وئي،
ڪين آئي ننڊ ڪنهن کي، تانگهه جا تن کي هئي.

 

سهيلين جي تياري ڪرڻ ۽ سندن تعريف

 

رات جو باقي اڃان ڀي، پهر هڪ پورو هيو،
ساجهري سڀ ڪنهن اٿي سينگار ۽ سرمو ڪيو.

 

ڇا ڪيان تعريف تن جي روءِ رنگت حال جي،
عمر ۾ هرڪا هئي، نوخيز سورنهن سال جي.

 

وهه عجائب انگ تن جي عين جا آهو جيئن،
وصف ۾ بادام کان وڌ چيروان تـُنرا تيئن.

 

جئن ڪٽڪ قنڌار وارو، صف ٻڌي بنجي بهي،
ڌار سـُرمي ۽ ڪجل جي تئن پئي تن تي ٺهي.

 

هي ٻئي محراب ابرو پڻ ڪمان لاهور جان،
وهه عجب ڪنڍي مشابهه تير مڙگان نوڪ سان،

 

قصد مان پاسي جنهين ڏي نين هي جئن ڪن نگاهه،
فتح ڪن دم دير ۾ ڪي ئي دلين جا تخت گاهه.

 

سچ سيالي ملڪ ۾ صورت عجب جهڙي لڀي،
چِين ۾ ڀي ڪين ڪي مورت وري اهڙي لڀي.

 

چال چئنچل ڊيل جان هڪ لوڏ ۾ لک ڍنگ ڪن،
واٽ سان ويندي ورائڻ جا وڏائي انگ ڪن.

 

زلف ڪارا دام جوڙي رخ مان ڇوڙي ڇڏن،
سر عجب رنگين شالو قيمتي ڪپڙا ڍڪن.

 

تن عجائب طور سان اڄ پاڻ کي سينگاريو،
خاص ڪو دل ۾ متو، ڌاڙي هڻڻ جو ڌاريو.

 

جهومڪي جهالر وجهي تن حسن کي ٻيڻو ڪيو،
هر طرح حيلا ڪري ٽِڪڙا رکي ٽيڻو ڪيو.

 

ساجهري هر ڪا سهيلي هير وٽ آئي هلي،
هير ڀي ان وقت ويٺي ٿي لبن لالي ملي.

 

هير کي ايندي انهن حجت وچان هن پر چيو:
”ڪر سگهو راڻي سياڻي پنڌ پڻ آهي پيو!“

 

هير جي تياري ڪرڻ ۽ سندس تعريف

 

تڙ تڪڙ ۾ هير وارن کي ڏئي هڪدم ڦڻي،
سينڌ جوڙي جهٽ تنهين چوٽيءَ ٻڌي ٻوڏي کڻي.

 

پوءِ سندر جا سـُهيلا، چاهه مون سر تي چٽي،
چنڊ وچ ۾ چوطرف تارا، انهي جي سوَ سٽي.

 

سر ڪيائين شال سهڻي، وهه گلابي رنگ جي،
اطلسي انگي ڪيائين پڻ عجائب ڍنگ جي.

 

هيٺ تي پاتو وري ان هفت رنگي پيشگير،
نَوَ لکو ڳل ۾ وڌائين، هار ڳهڻو دل پذير.

 

پڻ رکي رخ تي ٽِڪو، دل خوش ڪرڻ جي واسطي،
سنبري هن پر وئي هاڻي هلڻ جي واسطي.

 

ڇا ڪيان تعريف مان هن هير جي جنسار جي،
آ صفت واجب سڄي ان جي اپائڻهار جي.

 

روءِ زيبا سرس روشن چوڏهينءَ جي چنڊ کان،
وڌ اثر جادو جنهين ۾ منتريءَ جي منڊ کان.

 

خال خوش ان تي سنهين جئن باغ ۾ گل ڀات ڀات،
پاڪ پيشاني وري روشن جيئن آ شب برات.

 

هي سـُهيلا سر سـُنهن جئن اڀ اتي ثاقب شهاب،
پر خماري پڻ نشي ۾، نيڻ جئن خوني گلاب.

 

وضع کاڏيءَ جو ته ڄڻ ڪي صوف آ قنڌار جو،
ڪونئرا هٿ پير نازڪ جئن پتو ڪچنار جو.

 

عين آهو چشم کان ڀي سرس بيهڪ ۾ ٿيا،
جن ڏٺا جائي اهي، بس حوصلاتن جا ويا.

 

پڻ لڳي لٽ ڦر وئي ويتر ڪجل جي ڌار جي،
ڄڻ چڙهي پلٽڻ پيادي، سنڌ تي قنڌار جي.

 

ڪونج جان گردن اُچي، ڇاتي اڳي پتلي ڪمر،
اطلسي انگي ٺهي ان تي پئي وهه زيب ور.

 

الف جان تعريف قامت جي ڪري ٿو خود عليم،
نڪ عجب نازڪ ٿيو، لکجي پيو جئن لام ميم،

 

هير جو سرتين سان گڏجي دريا تي وڃڻ

 

سرتيون دريا طرف سڀ هير سان گڏجي ويون،
هٿ هٿن تي سي هڻي ڏاڍو ٿين گد گد پيون.

 

هير اڳ ۾ ٿي انهن جي، سٺ ٻيون سڀ پوئتان،
لاڏ واري لوڏ لاکيڻي هلن سي شان سان.

 

مست هاٿيءَ جان سڀن کان هير اڳ ۾ ٿي وئي،
ٿي وئي واسينگ وانگي ڪر کڻي گهمرا ڏئي.

 

جيڏيون سڀ پاڻ ۾ ٿي هيج مان پويان ويون،
هڪ ٻئي سان ڀوڳ چرچا، کيج ۽ کجڪا ڪيون.

 

سٽ ڪري آخر پتڻ تي هي سڀيئي سرتيون،
سيگهه ۾ پَريـُن جيان اڏري اچي ڄڻ پهتيون.

 

مهاڻن جو هير کي ڏسڻ

 

ڪا مهاڻن جي نظر پيئي پَرِين ڀَرتن مٿان،
سڀ ويا اُت دهلجي هن اوچتي آمد ڪنان.

 

پڻ چون دل ۾ اهوئي يا خدا اڄ خير ڪر،
هاڻ آئي هير جو اُن ۾ ته آ معنيٰ مگر.

 

نوري نالي سهيليءَ جو لـُڏڻ ميربحر کي سڏڻ

 

سڏ ڪيو نوريءَ لـُڏڻ کي هٿ کڻي واڪو ڪري:
جو، ”ورائي آءُ ٻيڙي سيگهه ۾ سعيو ڪري!“

 

حڪم هن تي ٻِي، لڏڻ ٻيڙي ويو هڪدم ڇڪي،
هٿ هڻي پهتو پرئينءَ ڀر دير ريءَ ڌوڻي ڌِڪي.

 

هير ۽ سندس سرتين جو پار وڃڻ

 

اَمـُر جو بندو لـُڏڻ هو حڪم جي لهءِ منتظر،
هٿ ٻڌي ان هير اڳتان ٿي ڪئي آزي اَپر.

 

هير ٻيڙيءَ ۾ سڀن سان گڏ چڙهي هن پر چيو:
”هل لڏڻ هـُن ڀر نه ڪر تون دير هاڻي دم ٻيو!“

 

لَهر لَسَ ۾ ڇَرَ ڇڏي، ٻيڙي لڏڻ لوڙهي ڇڏي،
سيگهه ۾ هـُن ڀر پَتَڻ تَي خيرَ سان پهتو اچي.

 

اوچتي تن جي پئي اک ڪا وڃي ٻيڙي مٿي،
ڇا ڏسن جو آ ستل ڪوئي مسافر سيج تي.

 

هيءُ ڏسي حالت انهن کي جوش ۽ جذبو ٿيو،
وٺ پڪڙ تن واءِ ويلا پڻ وڏو ڌمچر ڪيو.

 

 

هير جو لڏڻ سان گفتگو

 

هير کي پڻ حال هن کان ٿي گهڻي ڪاوڙ تمام،
هي ڪيائين جهٽ لـُڏڻ سان جوش مان تڪڙو ڪلام:

 

”ڏَسِ لـُڏڻ مون کي اهو تون سيج تي هي ڪير آ؟
هن مسافر جو ڪڏهن کان ڪئن پيو هت پير آ؟

 

”بي حيا تو سڀ اسان جي خاڪ ۾ عزت ڪئي،
شوم شيطان، هير جي تو آهه هيءَ حرڪت ڪئي.

 

”هي ڪميڻا تو ڪـُڌو ڪيڏو ته آهي ڪم ڪيو،
ڪو رتيءَ ماتر حيا ڀي ڪين ڪي توکي پيو!“

 

هٿ اُلاري جهٽ لـُڏڻ کي چِڙَ وچان مارڻ لڳي،
سرتين کي پڻ اشاري سان بَڇڻ باهڻ لڳي.

 

سهيلين جو لڏڻ کي مارڻ

 

سرتيون هن ميڇ تي طوفان جهڙ بجليءَ جيان،
سڀ ويون ويڙهي لـُڏڻ کي جوش جذبي چڙ وچان.

 

ٽنگ کان ڪا ٻانهن کان ڪا ڪن وٺي گهلڻ لڳس،
ڪا وري وارن مٿي جي کان وٺي ڌُوڻڻ لڳس.

 

ڪنهن وٺي ڏاڙهيءَ مڇن کان خوب لوڏا ٿي ڏنس،
ڪنهن وري ٻـُڪ ڌُوڙ جا ميڙي اچي منهن ۾ وِڌس.

 

هيٺ ڦٺ جٺيون اهي تن تان لـُڏڻ سان لک ڪيون،
جهيڙ ۾ وايون جنهين جون وِلڙيون ٿي سڀ ويون.

 

لـُڏڻ جو هير کي عرض ڪرڻ

 

هٿ ٻڌي روئي لڏڻ زاري ڪئي هيءَ هير کي:
”ڪين ڪي وَڌِ لڳ خدا جي ماريو دلگير کي

 

”هي مسافر رهگذر، سانگي ڪنهين آيو هتي،
جنهن سڻائي راڳ سـُر ٿورو ڪيو سڀني مٿي.

 

”سيج مان ڪي ڪجهه پٽي جوڳي ويو آ ڪين ڪي،
شان ڪجهه تنهنجو وري گهٽ وڌ ٿيو آ ڪين ڪي.

 

”تاب تنهنجي هول کان، هي ساهه منهنجو ٿو ڏڪي،
اڌ مئو مڙني ڪيو آ ڌڪ هڻي مون کي ڌڪي!“

 

 

هير ۽ سهيلين جو سيج کي ڦري وڃڻ

 

هن لڏڻ جي عرض تي جهٽ هير سان گڏ سرتيون،
هٿ ڪڍي سڀ وک کنيون اڳتي ويون ڀڻ ڀڻ ڪيون.

 

سيج کي ايندي سڀيئي چوطرف ويڙهي ويون،
هير پيرن کان ٻيون باقي ٻين پاسن ٿيون.

 

هير جو رانجهي کي ڏسي گفتگو ڪرڻ

 

هير جوڳيءَ جي اچڻ سان سونهن ۽ صورت ڏسي،
دل ڦرائي دم تنهين، سا وائڙن جان ٿي وسي.

 

سچ سياڻن جو چيو ان کي ڪري ڇا ڪير رَدِ،
عشق اول در دلِ معشوق پيدا ميشود.

 

پر جهلي دل هير هڪدم جلد جوڳيءَ کي چيو:
اُٿ ستا تون سيج تان ڪهڙو اٿي هت ڪم پيو.

 

”مان ته سڏيان ٿي مگر تون ننڊ ۾ آهين ميان،
ڀنگ جو لوٽو ته ڪوئي پي سـُـتو ناهين ميان.

 

”بي ادب تو سيج منهنجيءَ جو وڃايو آب مانُ،
پٽ وهندڙ تونه پنهنجو ڌاريو دل ۾ ڌيانُ.

 

”جاڳُ جلدي اي مسافر، سيج تان اُٿ لَههُ سِگهو،
جي نه ٿو جاڳين ڏِيَئونءِ ٿا هاڻ دريا ۾ ڌڪو!“

 

رانجهي جو ننڊ مان اٿڻ ۽ عشق جو اثر ظاهر ٿيڻ

 

هي سڻي آواز رانجهن ننڊ مان جاڳي پيو،
منهن ملي اکيون پٽي ڪي ڪجهه چوڻ ۾ ئي هيو.

 

سامهون ناگهه سڌي اک هير تي پئجي ويس،
هير جي اک جي اَڻي پڻ ديد ۾ اَڙجي ويس.

 

تير چشمن جا ڇٽا واتان نه ڪڇيو ڪنهن اکر،
غش لڳا ٻيئي ٿيو اُت عشق جو ظاهر اثر.

 

هير کي مڙني سهيلين، هنج ۾ سوگهو ڪيو،
ليڪ رانجهو نيم بسمل مرغ جان پٽ تي پيو.

 

ٻج لڳو پاڻي پيو ٿيڙو سلو سائو اجهو،
جيئن لڳو چقمق، اُٿي ڪا چڻنگ تان ڀنڀٽ متو.

 

سـُرت ۾ آندو و سهيلين، هير جا اُت هَٿَ مَلي،
پوءِ اُٿيو پَٽَ اُتان رانجهو به دل جو ڌڪ جهلي.

 

ٿو بڻائي ڪم سڀن جا هو ته حڪمت سان حڪيم،
پاڻ ٿو ڄاڻي ته پنهنجي انت کي آگو عليم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org