هير رانجهو
ڀاڱو ٽيون

احوال رانجهي جو
شال نا ڪڏهين پوي ڀي پيش هي، ڪنهن جي فراق،
سڌ کَرِي کاڌن کي آ، ٻي لوڪ جي ليکي مذاق.
هاءِ ههءِ رانجهو رُلي دريا سندي ڀر تي اداس،
ڪَنڊڙا بچيو وَڃـِـي، ڪو جان تي رهيس نه ماس.
هر گهڙي رت نير هاري، هير کي ساري سدا،
دم حياتيءَ جا ائين گوندر پيو گهاري جدا.
هٿ کڻي هر دم گهُري سو دَر ڌڻيءَ جي هيءَ دعا،
يا الاهي ميل ماهي دوست مون سان دلربا.
بالناٿ جوڳيءَ سان رانجهي جو ملڻ
هڪ ڏهاڙي ڀر نديءَ سان جئن پئي رانجهن ويو،
اوچتو هڪ مرد جوڳيءَ سان ملاقاتي ٿيو.
هي ڏسي درويش، رانجهي کي وڏو آٿت ٿيو،
هٿ ٻڌي سڀ حال دل جو پيش پڻ ان جي ڪيو.
جواب بالناٿ جوڳيءَ جو
سڀ سڻي جوڳيءَ ورندي هن طرح واري ڏني،
جئن ته ههڙي ڏک ٻڌڻ سان دل به ڪجهه اُن جي ڀِني.
پنڌ ڪندو پاڻ اڳتان هيءَ چوندو ئي وڃي:
”لوهه ٿي سونو تڏهن، پارس جڏهن سَتگـُر سَڃي،“
”پر ملي پارس ته بس حاجـَـت نه ڪا باقي رهي،
ان سبب انسان کان ٿو اون دنيا جو لهي.“
”آن جيان جڏهين ڪري، گرديو ڪا پنهجي ديا،
پاڻ ۾ مطلوب پائي ٿو تڏهن طالب لقا.“
”بعد طالب جو سڄوئي سوز سودا غم غُبار،
سڀ وڃي ٿي مونجهه من جي، ٿو ٿئي قام قرار.“
”پنڌ هن ۾ سڻ صفا تون، ريءَ نفيءَ ناهي پڄاءُ،
سڀ قصا ڪوتاهه ڪر، هن حال جو ڪرڪو اپاءُ!“
ناٿ هي ڏيندي وراڻي، وک کنيو اڳتي وڃي،
ڪَڍَ ڊُڪي رانجهو گهڻو پئجي مگر پٺتي وڃي.
رانجهي جو جوڳيءَ جي ڪٽيا ۾ وڃڻ
هي چئي ڪٽيا طرف جوڳي وِکاريندو ويو،
پوئتان رانجهو به ان جي نير هاريندو ويو.
وِک ڪري رانجهو به جڏهين جاءِ ۾ داخل ٿيو،
ناٿ جي چيلن ڪنان، سِڪَ سـُرڪَ جو سائل ٿيو.
جن سڻايس ناٿ کي ڪي وينتيءَ جي لهءِ وري،
جئن ته گَتِ مَتِ گـُر بنا، حاصل نه ٿي هڪڙي ذري.
طالبن جي ڏس پتي سان جهٽ اُتان رانجهن اٿي،
ناٿ جي اڳيان ادب سان، سِر نِمي ويٺو اچي.
رانجهي جو فقير ٿيڻ
جهٽ طلب جو حال طاري ٿي ويو رانجهي مٿان،
نير هاري پڻ ڇڪي سو ساهه تڪڙو سڪ وچان،
دير دم کان پوءِ ان تي، ناٿ جي پيئي نظر،
جنهن سبب ويڙا سڙي چنچل پکيءَ جا پنج پَرَ.
سڀ وڃائي ساز رانجهو جئن ڪـُريزُن ۾ پيو،
پَرَ نوان پائي وري تئن سنبري ثابت ويو.
وقت سر جئن مـُوريا، بدلي انهن جي پنج ٻيا،
ٿي پيا تن مان خلاصا گوڙِ جِي گـُل گَنج ٻيا.
دم دَروني ساڻ رانجهي نينهن جي بازي کنئين،
جئن ته ان تي ناٿ جي ڀي نت نوازش ٿي نئين.
سير رُوحي ۽ سِريءَ جو سربسر رانجهي ڪيو،
پر اڃان ڀي پِرَ پسڻ لهءِ روح ۾ روئي پيو.
رانجهي جو ناٿ کان رخصت ڪرڻ
دم ڇڪي رانجهي ڪيو ڪجهه قرب جو ڀاڱو حصول،
بعد جنهن جي ناٿ ڀي ان جو رهڻ ڄاتو فضول.
جنهن سبب هڪ ڏينهن رانجهي کي سڏي، رخصت ڪئي،
دم بَدم دَمَ سان هجڻ جي پڻ گهڻي پارت ڪئي.
ڪَنِ وجهي والا تنهين کي، ڳل وڌي الفي کڻي،
جنهن سبب رانجهو پيو ثابت صفا جوڳي بڻي.
پوءِ رانجهي سان ڪيائين، هن طرح قربئون ڪلام،
”اي ميان جوڳي، هتي ٿيندو نه ڪم تنهنجو تمام.“
“ان ڪري ٻي لوڪ لـڄ لاهي، کڻي سِرَ تي گلا،
ڪر صفاتي سير تان، ماڻين ثباتيءَ جا مزا.”
”جنهن سبب مطلوب تنهنجو ٿي پوي طالب وري،
حال واري حال تي، سو حال ٿي غالب وري!“
پوءِ تان سيني لڳائي، پـُٺِ ٺَپي، رخصت چئي،
بعد رانجهي ڀي تَوَڪَل بَر خدا ان دم ڪئي.
رانجهي جوڳيءَ جو رنگپور وڃڻ
ناٿ کان رخصت ڪري، رانجهو اٿي راهي ٿيو،
دست بيراڳڻ کڻي، ڪڇ ۾ وجهي بگلي ويو.
رخ ڪيائين رنگپور ڏي، سر کڻي سڪ جو سَمَر،
هر قدم دم سان اُچاريندو وڃي هڪڙو اکر.
واٽ سان منهن سر گهمندو وستيون واهڻ وڃي،
سير جي خاطر ڪڏهن بـِـکيا پنندو پڻ وڃي.
ڏينهن سارو پنڌ ۾ جت شام ٿي اُتهين وَٿاڻ،
هن طرح گهڙيون گذاري، خوش خَرامي موج ساڻ.
رانجهي جوڳيءَ جو ريڍار سان ملڻ
هي جڏهن جوڳي سڌاڻو، رنگپور جي اوڏڙو،
اوچتو ويڙس ملي ريڍار منهن ۾ سونجهڙو.
جنهن ڏسي ننڍيءَ وهيءَ جو هي عجب جوڳي جوان،
چال چلگت حال ان جي ۾ ذرا آندو گمان.
جنهن ڪري جوڳيءَ ڪنان، اُن، سڏ ڪري پڇيو سوال:
”ڪير آهين ڪئن اچين ٿو، ڇا اَٿي مقصد خيال.
”ويس هي تنهنجي وهيءَ تي ڪين ٿو جوڳي ٺهي،
ڪر سگهو هاڻي سچي، تان خاطري دل کي رهي!“
جواب رانجهي جوڳيءَ جو
هن طرح واري ڏنو ريڍار کي، رانجهي جواب:
”دک ڀَڄَن نالو اٿم، جوڳي رِشي منهنجو خطاب.“
”جوڳپور جو هان رهاڪو، ناٿَ جو چيلو صحي،
رنگپور جي سيل تي مان ٿو وڃان قربئون ڪهي.“
”مون سچي سودي وٺڻ لهءِ سير جو سانگو ڪيو،
جنهن سبب منهنجو اچي هن هنڌ کان لانگهو ٿيو.“
”سامهون جو شهر ڏسجي، نانءَ سو اُن جو سڻاءِ،
ڪير حاڪم ڪير قاضي، سڀ سَلي ٿورو ڀَلاءِ!“
جواب ريڍار جو
هي سخن ريڍار، جوڳيءَ جو سـُڻي وارو چيو:
”پاڻ کي جوڳي سڏائي،ڪوڙ هي تو ڪئن ڪيو.“
”ڪوڙ ڳالهائي ڪرين، بدنام نالو فَقَر جو،
ڪوڙ تون ڪيڏو ڪري، جوڳي بڻين ڪئن مَڪرَ جو.“
”مان ته توکي ٿو سڃاڻان، ڪوڙ هرگز ڪين ڪر،
چاڪ اڳ تون چوڌريءَ جو، هاڻ تون جوڳي مگر.“
”مون ٻڌا جي پار تنهنجا، ان مطابق تون ميان،
ساڳيو آهين اهو توکي ته هي ٿو سچ چوان.“
”هير ساري راڄ ۾ تنهنجي سبب بدنام آ،
جوڳ جي تون ويس ۾ ان سان ٻـَـڌو انجام آ.“
”هاڻ تون ان ڏي هلين پر موٽ پٺتي ڀَڄُ هتان،
ملڪ ۾ توکي سڃاڻي ڪو سيالي ڏس متان.“
”تون پَچَر پيڇو اڃان ڀي ڪين ٿو ان جو ڇڏين،
ڪوڙ جو جوڳي بڻي، بي سود ٿو ڪاڍو ڪڍين.“
”راڄ سارو رنج آهي، حال هن کان تو مٿي،
دم تنهين ڪندءِ اَڌو اَڌ، جي سڃاتهءِ ڪنهن ڪٿي!“
جواب رانجهي جو
هي سخن ريڍار جو، جوڳي سڻي ٿيڙو وسو،
پر جهلي سينو ڪيائين قرب مان هن پر قصو:
”ڪئن چوين ٿو چاڪ مون کي سو ته تون ٻڍڙا ٻڌاءِ،
آءٌ ته جوڳي آد کان ههڙو لقب مون کي نه لاءِ.“
”آءٌ نه ڄاڻان چاڪ ڪهڙو، هير پڻ ڪهڙي ميان،
تون چوين ڪئن چاڪ جي مورت ته مون جهڙي ميان.“
”هي رڍون چارڻ چڱو ئي پورهيو پيغمبري،
ليڪ ٻوليءَ ۾ نه گهٽ، شيطان کان آهين ذري!“
گفتگو ريڍار جا
هي سڻي ريڍار دل ۾ سخت پڇتائڻ لڳو،
جنهن سبب هو هٿ ٻڌي جهٽ ڏوهه بخشائڻ لڳو.
بعد اُن جي هي وراڻيءَ ۾ سگهو واري چيو:
”بخش سو مون کي ميان، توکي وري جو ڏک ٿيو.“
”خلق جي بعضي ملي صورت جهڙي مورت صحيح،
مون ٻڌلَ ڏس سان ڏٺي مورت جهڙي صورت صحيح.“
”ان ڪري توکي چيم ڪجهه، نا ته منهنجو ڇا وڃي،
ليڪ جي تون چاڪ آهين، پوءِ بس مون کي مڃي!“
جواب رانجهي جو
اڳ وٺڻ تي هن ڪئي، ريڍار سان جوڳيءَ سچي،
ڄاڻ ڄاتائين ته هي، ڪندو ٻڍو ڇا ڪجهه ڪچي.
ان ڪري ان سان ڪيائين سر بسر پنهنجو قصو،
پڻ چيائين پڪ ڏئي: ريڍار تون آهين سچو،
”پر خدا جي واسطي منهنجو ته ٿج تون پرده پوش،
هڪ خبر توکي رهي، جئن ڪي سڻي ٻي جو نه گوش.“
”آءٌ ٿيو لاچار کان، هان هير جي خاطر فقير،
مون جيان دنيا سڄيءَ ۾ ڪونه هوندو ڪو حقير.“
”ٿو ڪيان منٿ مدد لهءِ جي ڪرين ڪائي سگهين،
پر پڄي توکان نه تڏهين ڀي ته منهنجو ڍڪ ڍڪين.“
”عيب سچ ٻي جو ڍڪڻ انسان کي واجب ضرور،
پڻ ڪجي سو درگذر جي ڪجهه هجي ڪنهن ڏي قصور!“
بگهڙ جو ڌڻ ۾ ڪاهي پوڻ
دل موافق هي سخن ريڍار، جوڳيءَ جو سڻي،
پرت مان جوڳيءَ ميان کي ٻکُ ڇڪي پاتو کڻي.
هٿ وٺي گهلي تنهين کي هيٺ مس ويٺو اڃان،
اوچتو هڪڙو بگهڙ ڪاهي پيو ڌڻ جي مٿان.
هيءَ ڏسي حالت ڪئي ريڍار گهل گهل هاءِ هاءِ،
عرض جوڳيءَ کي ڪيائين: هن بلا کان ڌڻ بچاءِ.
”عمر ساري مان اهو احسان ڀائيندس پيو،
جوڳ تنهنجي جو سدا هيءُ ڳـُڻُ ته ڳائيندس پيو!“
رانجهي جوڳيءَ جو بگهڙ کي مارڻ
عرض هي ريڍار جو رانجهي سڻي ڌَڌڪي ڪئي،
جنهن سبب يڪسر بگهڙ جي جان ۾ ڦڙڪي پئي.
پوئتي پائي ڀڳو پڇ، سو ڇڏي ورتل شڪار،
ڪڍ وري ڪاهي پيس اُت دم تنهين جوڳي سچار.
چست ٿي ڊوڙي تنهين کي ڌڪُ هڻي وارو ڪيو،
ڌڪ جنهين رت ڇاڻ ان جو منهن مٿو سارو ڪيو.
سخت صدمي کان پيو سو دم تنهين پٽ تي ڪري،
دير ريءَ ڦتڪي لڇي اُت هي بگهڙ ويڙو مري.
رانجهي جوڳيءَ سان ريڍار جو گفتگو
هيءُ وڏي ريڍار جوڳيءَ جي جفا همت ڏسي،
صاف جوڳيءَ کي سچو سمجهي چيائين هٿ ٻڌي:
”تون سچو جوڳي ميان، آ نور جو تو ۾ ظهور،
مان ته تنهنجي چاڪريءَ ۾ ڪين ڪي ڪندس قصور.“
”هاڻ مون وٽ پَهءُ رهي، تون ڏينهڙا جوڳي ٻه ٽي،
پوءِ ٿج ڪم ڪار پنهنجي ساڻ سائين ٿُڪَ پٽي.“
”تو ڪيو احسان اُن لهءِ ڇا عيوض ۾ ڪجهه ڏيان،
اَمُر جو بندو ٿيس بس جئن چوين مان تئن ڪيان.“
”ڪر خبر کولي کڻي تنهنجي به جا مرضي هجي،
هير سان تنهنجو ملڻ مون کي مگر مشڪل سجهي.“
”جئن ته مون کي جيترو هن ڳالهه جو آهي پَتو،
ان ڪري جوڳي ميان پنهنجو ته ڇڏ ڦيري مَتو.“
”ملڪ ۾ مخفي پيا ٿا سعد جا ماڻهو گهمن،
خاص تنهنجا لاءِ سي سڀ ٿا پڇا ڳولها ڪرن.“
”حڪم آ تن کي ائين جي چاڪ ڪنهن کي هٿ لڳي،
دم تنهين تلوار سان ماري صفا پوري ڇڏي.“
”ان ڪري بلڪل ڪڍي ڇڏ، هير جو دل مان خيال،
ڳالهه گذريءَ کي جڳائي، جوٽِ ناسِرَ تي وَبال.“
”ان سوا ٻي هير جي آ ننڍڙي سهتي نِڻانَ،
شِر کان جنهن جي گهرِي، شيطان ڀي آهي اَمانَ.“
”پهريون توکي ڏسڻ سان جا سڃاڻيندي صحيح،
ان گهڙيءَ توکي عدم ڏي سا اماڻيندي صحيح.“
”مفت اي جوڳي ميان تون واٽ ويندن لاءِ نه مر،
حڪم لاتاءَ سَوا سڻي تون ٻي ته ڳڻتيءَ ۾ نه ڳرا!“
جواب رانجهي جوڳي جو
سيگهه ۾ ان جو ورائي هي ڏنو جوڳيءَ جواب:
”پير هڪ پٺتي پوڻ سچ عشق ۾ آهي عتاب،“
”سر کنيو سهجئون تريءَ ٿو ڳولهيان ڳجهڙي ڳلي،
سِرُ ڏئي جو سک پرايان، ڳالهه سا ڀانيان ڀلي.“
ڇا هجي چاري اگر، يا لوڪ لک دشمن ٿئي،
سوّءُ لڱا منهنجو نِئي ڪو سِر کڻي سوليءَ ڏئي.
”ته به هلي هيڪر ڏسندس رنگپور جو رس رواج،
مستقل ڪندس اتي ڪجهه صبر مان ڌاري مزاج.“
”آءٌ ته رمتو واٽ پنهنجيءَ سان رهندس! اوٽ وٽ ۾،
جهيڙُ جُٺِ ڦِٺِ تي نه ڪنهن کي ڀي چوندس موٽ ۾.“
”جئن ته جوڳي ذات جو، ڪنهن جهيڙ سان ڪجهه ڪم نه آ،
ڇا کڻي ماري وڃي ڪو ته به ته ڪوئي غم نه آ.“
”عرض مطلب آ اهو ئي جا ڪيم توسان سچي،
سا مگر ٿورو ڀلائي ڪين ڪج ڪنهن سان ڪچي!“
جواب ريڍار جو
پوءِ هي، ٻڍڙي ورندي، هيج مان واري چئي:
”ڪين ٿو جوڳي مڙين تون، ڳنڍ هڪ بيٺين ڏئي.“
”موت جي منهن ٿو وڃين جوڳي ميان ڄاڻي ٻـُـجهي،
آءٌ نه ڄاڻان ڳالهه توکي ڪئن اِها سـُـهڻي
سـُـجهي.“
”جي مڙين ٿو ڪين ڪي تان عرض هي منهنجو مڃج،
چاڪ نا نالو چوائج، هير جي پـِـڇِ لڳَ نه ڪج.“
”دم بدم دم ساڻ پنهنجي تون گذارج دم گهڙي،
ڪين ڪي هرگز ڊڄج تون ڪا ٻڌي ڌمڪي ڌڙي.“
”منڊ منتر جهاڙ ڦيڻي فال وارو ٿج فقير،
خلق جي آمد ڏسي تون پاڻ کي ڀانئج نه پير.“
”جيڪڏهن سانگي ڪنهين سان هير جي ويڙهي وڃين،
ات ڏسي ان کي متان تون بند ڪو لـڄ جو ڀڃين.“
”فال پائڻ لهءِ اگر سـَـهتي ڪري توکي سوال،
سوچ سان ڍارو هڻي ان ساڻ ڪج هن ريت حال.“
”جئن ته جنهن جي ياد ۾ دائم رهي ٿي بي قرار،
دور سو ان کان وسي ٿو راز محرم غمگسار.“
”هو به ساري ٿو سِڪي پر آهه عَقرب جو ڦڏو،
حال هي ان کي ٻڌائي بَم ٻڌي ويهج وڏو.“
”جي پڇي ڏس پنڌ تان ڍارو ڍُري ٻارنهن ڇڪو،
دوست سان ان کي ملڻ جو تون دلاسو ڏج پڪو.“
”سچ ته ان کي جنهن سوا سڀ سک مزو آ بي سواد،
سو بلوچي ذات جو نالو اٿس مانجهي مراد.“
”ان سبب تو ۾ ٿئي ان جو اگر ويساهه ڪجهه،
پوءِ ماڻيندين مزا، ٺهيو ائين جي ٺاهه ڪجهه.“
”سامهون هي ماڙيون جيڪي ميان جوڳي ڏسين،
رنگپور آهي اها جنهن لاءِ تون ٿو ڏس پڇين!“
رانجهي جوڳيءَ جو ريڍار کان موڪلائڻ
جلد هي ريڍار کي جوڳيءَ چيو واري وري:
”نينهن جي ڪا نـُـونَ جي توکي خبر ناهي ذري.“
”مان مرندس منهن ڏئي، موٽڻ مگر مهڻو لڳي،
پير هڪ پٺتي نه ٿيندس وک کنيو ويندس اڳي.“
”هاڻ بس حافظ خدا دل ساڻ ڪج ٻڍڙا دعا،
ٻي ته ڳڻتي ڪين ڪر مون ساڻ آ منهنجو خدا!“
بند
بِرهه جو هي بارُ باري ڪو اُٺائي جوانُ مرد،
خَلق جي خَنده خواري سِرُ سَهائي جوان مرد.
سڀ سڌون ۽ سانگ لاهي ڪو هزارن مون هِڪو،
عشق جي ايوان اندر، پير پائي جوان مرد.
سوزَ جِي سـُرڪي پيئڻ لهءِ سر اَڏيءَ سَهجون ڌري،
ڪَنڌُ ڀي پنهنجو ڪلهن کان ڪو ڪپائي جوان مرد.
آ چوڻ سنهجو مگر، اوکو رهڻ، اُن تي ٿيو،
نينهن جو نازڪ ته ڪو ناتو نڀائي جوان مرد.
ٻيڙيون ڪوئي ٻيائيءَ جون ڀَڃي مَنصـُورَ جان،
جِند پنهنجي قيد هستيءَ کان ڇڏائي جوان مرد.
سڌڙين جو هت بيهڻ ”مسرور“ آ بلڪل محال،
سچ ته سبحاني سندو ڪو گيت ڳائي جوان مرد.
رانجهي جوڳيءَ جو رنگپور ۾ داخل ٿيڻ
هٿ ٻي ريڍار کان رانجهو سگهو رخصت ڪري،
سِرُ نِوائي پرده پوشيءَ لاءِ پڻ منٿ ڪري.
ٻانهن لوڏيندي، کڻي وک رنگپور پهچي ويو،
ماڙيون محلات ۽ ماڻهو ڏسي سـَـرهو ٿيو.
رخ سنئون رستو ڏئي تڪڙو وکاريندو وڃي،
اِسم هڪڙو هوت جو دل ۾ اُچاريندو وڃي.
سير گهٽيون سڀ گهمي هڪ جاءِ جاچي مـَـچُ هڻي،
بَم ٻَڌي آسَڻَ مٿان ويٺو وڏو جوڳي بڻي.
سير يا ڪم ڪار سان، بازار جي، ماڻهو وڃن،
سي نئون جوڳي هتي ويٺل ڏسي بيهي رهن.
موج دم جوڳي ميان جو سي ڏسي ساراهه ڪن،
گهر اچي گهر ڀاتين سان وير جي وهه واهه ڪن.
رانجهي جوڳيءَ جي هير کي خبر پوڻ
شهر ساري ۾ خبر هيءَ هير جي ڀي ڪن پئي،
نينگرين، جئن جو اچي گهر سڌ اها ساڻس ڪئي.
سـُڌ سـُڻي هيءَ هير دل ۾ دم تنهين ڄاتو صحيح،
هي فقيري ويس شايد هوت آ پاتو صحيح.
ان ڪري هن نينگرين کي سيگهه ۾ واري چيو:
”هت اچڻ جي لاءِ جوڳيءَ کي وڃي ڪو وَسُ ڪيو.“
”آءٌ پنان اُن کان دعا يا ڪو وٺان ڌاڳو سـَـڳو،
مَنَ لَهي ان جي اَکَر سان درد جو دل کي لڳو!“
نينگرين جو رانجهي جوڳيءَ وٽ اچڻ
هير جي هن عرض تي سڀ نينگريون هائو ڪري،
جلد جوڳيءَ ڏي ويون سي پِرت مان پيرا ڀري.
وک ڪري ويڙهي وچان، جوڳي ميان وٽ پهتيون،
دم گهڙي ترسي تنهين دل ۾ ڪيون ٿي ڳڻتيون.
نيٺ هڪ، جوڳي ميان کي هٿ ٻڌي هن پر چيو:
”اي ميان جوڳي اسان جو آهه ڪم تو ۾ پيو.“
”جئن ته ڀاڀيءَ کي اسان جي، مرض آ مدت ڪنان،
ٿي رڙي صبح ومسا، سا درد جي شدت ڪنان.“
”ان ڪري ويڙهي اسان جي هل خدا جي واسطي،
منتظر ماندا مرئون ٿا سڀ شفا جي واسطي.“
”هَل هلي پنهنجا سڀاڳا پير ويڙهي ۾ گهماءِ،
آرزو دل جي پڄائي، ڀالُ ڪو جوڳي ڀلاءِ!“
جواب جوڳيءَ جو
دم جهلي هي موج مان جوڳيءَ چيو وهلو وري:
”سڀ وڃو واپس ورائي مون وٽان هاڻي ٽَري.
”گهر ڪنهين جي ڪين ڪي ڪڏهين اسان جوڳي وڃون،
سير جي سانگي فقط در تي بيهي بِکيا پِنون.“
”خاص ويڙهي ۾ به منهنجو ڪو قبيلو خويش ناهه،
جو رکي جوڳي عزازت سو ته سچ درويش ناهه.“
”مون نماڻي جو اوهين بَڪ بَڪ ڪري کائو مٿو،
ڇا وري ڪو اڄ اوهان تي آ اچي لشڪر لٿو.“
”آءٌ هلندس ڪين ڪي هرگز هتان آسڻ ڇڏي،
سير سانگي ساڻ آيس تان سَڳو ڏيندس سَڏي!“
نينگرين جو موٽي اچڻ
عَرضَ جوڳيءَ کي گهڻا ئي آزيون ڀي تن ڪيون،
ليڪ انڪاري اکر ان کان سـُڻي سڀ گهر ويون.
گهر اچي تن هير سان ويهي ڪيو سارو بيان،
ڇا ڪرن لاچار جئن جوڳي به هو موجي جوان.
هي سـُـڻي سڌ هير دل ۾ خوش گهڻو راضي رهي،
ليڪ ظاهر روڄ راڙي، اُونڌَ وَٽڻَنَ ۾ هئي.
نينگريون پنهنجي ڪمين، ڪي راند سان شاغل ٿيون،
هير جون ديدان ٻئي ديدار لهءِ سائل ٿيون. |