گفتگو ملڪيءَ جو
پوءِ جهٽ ملڪيءَ چيو هي هير کي آزي ڪري:
”هوش ڪر ڪجهه هير تون ڪا سمجهه ڏس دل ۾ ڌري.
”نوڪرن سان نينهن جن لاتو تنهين عزت وئي،
دٻدٻو ناموس تن جو شان پڻ شوڪت وئي.
”جاءِ پنهنجي تي پهڻ ڀي ڏس پيل سهڻو ٺهي،
حرڪتون تنهنجون، نه ٿو اڄ ساهه ڪي منهنجو سهي.
”آدميءَ کي هن زماني مان به ڪجهه وَٽڻو پيو،
آخرت جي لاءِ پڻ نيڪيءَ ذرو نِيَڻو پيو.
”هي زمانو بي بقا ۽ خواب ڄڻ آهي خيال،
سمجهه ڪي ڪجهه هير هاڻي ڏي ڇڏي جنگ و جدال!“
جواب هير جو
بس ڪئي ملڪيءَ اڃا مس جهٽ چيو اُت هير هئن:
”اي پياري ماءُ تون ههءِ ههءِ چوين ٿي هي ته ڪئن.
”ڪين ڏي مون مَتِ اَمِي تنهنجي نه ڪا ئي گت وڻي،
منهن نه رانجهن کان مٽيندس سر مٿان جو ڪجهه بڻي.
”چاڪ جنهن کي تون چوين، ان چاڪ ريءَ دل چاڪ هان،
چاڪ جي هوندي مگر مان چاق ۽ هوشناڪ هان.
”تون ته ڄاڻي چاڪ هي آهي فقط ميهار بس،
ليڪ منهنجي لاءِ آهي نور نيڻن ٺار بس.
”چاڪ ناهي چاڪ پر هي، دين ّ ۽ ايمان آ،
چاڪ جي حرمت ڪري ئي دو جهان ۾ مان آ.
”آرزو آهي ٿيان ڪو دم نه مان ان کان جدا،
چاڪ جي ٻانهي سڏائي، گڏ رهان ساڻس سدا!“
ملڪيءَ جو هير کي مارڻ
ٿي خفي ملڪي سڻي هي هير جو جوشي جواب،
هٿ اُلاري هير کي سا ٿي ڏيڻ هن پر عتاب:
”جي پوي سلطان تنهنجي ڀاءُ کي ڪائي خبر،
ان گهڙيءَ ڪندءِ وڍي ٻڪري جيان ٽڪرا ٽڪر.
”تو اسان جو هير نالو راڄ ۾ ڪارو ڪيو!“
هيءُ چئي جهٽ پٽ مٿانهس ڌڪ هڻي وارو ڪيو.
پڻ چوڻ ٿي: ”هير تون مون کي ڄمين ها ڪين تان،
نانءُ هڪ سو بس هيو هي ڏک ڏسان ها ڪين مان!“
جواب هير جو
”هيءَ ورندي هير واري جهٽ سڻائي ماءُ کي:
”آ ڌڻي همراهه مون سان ڀاءُ جو تون ڀوءُ نه ڏي.
”ڪنهن زبر حاڪم زماني جو ته مون کي ڊپ نه آ،
بس فقط رانجهي سوا ڪجهه ڀي ٻيو مون کپ نه آ.
بي تڪلف اي امي، توکي ٿيو گوهر عطا،
ليڪ تون ڄاڻين ڄـَٽي ڇا قرب جي تنهنجا ڪـُڌا.
”سچ ته رانجهي لاءِ سارو جڳ سڪي ريسان ڪري،
ان سبب کان ليوَ لائي، لوڪ ٿو هيسان ڪري.
”بس امي جا باب مون ٿيڻي هئي سا ٿي وئي،
ڇو پئي ويسهه وڃائين، مفت تون واتون چئي.
”ليک رانجهي ساڻ منهنجو لوح ۾ لکجي ويو،
مان بلي ان جي ٿيس، رانجهو پـُکي منهنجي پيو!“
ملڪيءَ جو چوچڪ سان گفتگو
هي سـُڻي ملڪي سڏايو مرد کي تڪڙو تمام،
روبرو ويهي ڪيائين، هي سڄو ساڻس ڪلام:
”هير جا، مون کي سڄو ئي لوڪ ٿو طعنا ڏئي،
هن به نسبت تـُرت ڪوئي، هن گهڙيءَ حيلو ٿئي.
”عشق جي چوٽيءَ چڙهي، ان تان لهڻ هن جو محال،
هي سـُڻي چوچڪ سگهوئي ڪجهه ته ڪر ان جو خيال.
”ڏس سيالي راڄ جي ڪو داغ لوئيءَ کي لڳي،
ان ڪري پنهنجو ڪيو سعيو ستت ان کان اڳي.
”ڪين جهل پل سان رهي، پر روز ٻيلي ٿي وڃي،
هاڻ هٿ کان ڳالهه ويئي هڪ نه ٿي منٿ مڃي.
”ننگ کان نڪري وئي، لوڙهي حيا، لاهي لڄون،
سڀ ٿڪس حيلا هلائي، زور پڻ پنهنجون وسون.
”هاڻ شاديءَ لاءِ جيسين ڪو ڪٿي سعيو ڪجي،
پاڻ ۾ تيسين ملي ڪو پيش رٿ رايو ڪجي.
”چاڪ جنهن تي ٿي چري آ، چاڪ ان کي اڄ هتان،
ڪنهن بهاني سان ڪڍي واپس ڪجي آيو جتان.
”ان سبب شايد ٿئي في الحال گهٽ گهر مان خلل،
ڇو ته هن ساري قصي جو منڍ آ ان کان ٻڌل.
”هير جي شاديءَ به نسبت، پڻ ستت سعيو ٿئي،
ڀينگ ڀل اولاد ان کان جا وڏن کي ڏک ڏئي!“
گفتگو چوچڪ جو رانجهي سان
”هي ٻئي ويٺا هئا، رانجهو به آيو جهنگ کان،
سڏ ڪري چوچڪ چيس، جئن پير گهر پاتو اڃان:
”اي ميان رانجها! سڄو مون لوڪ ٿو مهڻا ڏئي،
هاڻ هيءَ حرڪت سَٺي مون کان نه ٿي مطلق ٿئي.
”کڻ مَڏي تونرِي تڏي بس نِڪر اڄ تون مون وٽان،
ڪين ٿو گهرجين گهڙي ڪا هاڻ جلدي ٽر هتان.
”مون ڪئي توسان چڱائي، تو ڏنو بدلو اهو،
ڪين ٿو گهرجي مگر مون کي ته نوڪر تو جيهو.
”ڪَچُ ڪيو مون ريءَ پڇا جي، نوڪري توکي ڏنم،
رحم کائي حال تنهنجي تي، نتيجو اڄ ڏٺم.
”خاص ڪو ڪم ڪار لهءِ گهر ۾ وري نوڪر ٻيو،
ڪين ڪي رکجي ڪڏهن هي سچ سياڻن آ چيو!“
رانجهي جو نوڪريءَ مان نڪري وڃڻ
نت نوان دم دم نظارا قسمتي ڪم ڪار جا،
ٿو پسي انسان جي اونڌا سنوان سنسار جا.
نا سدا جوڀن جواني، نا سدا باغ و بهار،
نا سدائين هجر ههءِ ههءِ نا سدا گڏ غمگسار.
ان جيان هڪڙي گهڙيءَ ۾ ليک سڀ سـُبتا سـُکر،
دَور گردش جي سبب، مٽجي ٿيا اُبتا اکر.
هاءِ ههءِ رانجهو پريشان، وس ڪنان بيوس ٿيو،
جوش ۽ ڪاوڙ وچان، هي جهٽ ورنديءَ ۾ چيو:
”سڻ ميان چوچڪ! نه آهي، نوڪريءَ جو ڪجهه خيال،
آهه رازق رزق ڏيندڙ جڳ سڄي جو ذوالجلال.
”آءٌ نه ڄاڻان هير ڪهڙي، پڻ نه ڄاڻان ڪا ٺڳي،
مفت ٿو مون کي ڪڍين تون لوڪ جي ڳالهين لڳي.
”خير هاڻي ڳالهه هن جو ڪجهه نه آ مون کي ڌيان،
اڄ سڀان معلوم ٿيندءِ سڀ، سچو، جو آ بيان!“
هي چئي رانجهو سڌو ويڙهي ڪنان ٻاهر ويو،
جوش ڪاوڙجي سبب سو، رت رڙي دل ۾ چيو.
ڏينهن سارو ڳوٺ ۾ هو هِت هـُتي ٿي ڀٽڪيو،
رات جو پڻ سير پاسي سک سمهي سو ٿي پيو.
هي وري سِر نو پيس، سِرَ تي جدائيءَ جو وبال،
دم بدم درگاهه ايزد ۾ ڪري هن پر سوال.
”يا الاهي ڪر ڪرم ڪو بينوا، بيڪس مٿان،
بي وطن بي يار بي زر بي پدر بيوس مٿان.“
مال جي حالت
جنهن ڏهاڙي کان ٿيو هو مال جو رانجهن ڌنار،
ڏينهن ان کان ٿي پيو هو کير گهر ۾ بي شمار.
جا ڍڳي يا مينهن اڳ ڪجهه لپ سوا ڏيندي هئي،
سا ته رانجهي جي سبب وڌ ڏهه حصا ڏيندي هئي.
جئن ته رانجهي ڀي انهن جي خوب خدمت ٿي ڪئي،
رات ڏينهان دل سچيءَ سان مرد محنت ٿي ڪئي.
مال رانجهي سان ويو هو ان ڪري اهڙو ٺهي،
جو اڪيلو ان سوا مشڪل سگهندو هو رهي.
بعد رانجهي جي ٿيو هي حال تن جو پـُر ملال،
رات جو ئي کاڄ تان وَيَڙو لهي تن جو خيال.
ٻي ڏهاڙي مال ڇيڙي جئن ويو ٿي جو ڌنار،
راهه مان رستو مٽائي، موٽيو ٿي وار وار.
نيٺ سڀ ماري ڪـُٽي ڪاهي ويو ٻيلي ٻيهر،
ڪجهه نه کاڌو خواهه پيتو جهنگ ۾ ساري ولر.
هي نئون نوڪر گهڻو ئي مال کي ماري ٿَڪو،
شام جو گهر ڏي وڃڻ کان جن ڪيو هو پَههُ پَڪو.
کير ڏيندڙ خاص جي آلوڙيون تن ۾ هيون،
خوب ماري نيٺ سي نوڪر ڇِڪي اڳ ۾ ڪيون.
شام جو ڀي گهر اچي تن ڪين ڪجهه کاڌو چِنو،
کير هر هڪ پاءُ مس لاچار لوهوءَ گڏ ڏنو.
مال جي حالت رهي هئي ڏينهڙا ساندهه ٻَٽي،
خاص اڃ بک جي وگهي عاجز ٿيون سڀ ڦَرَ ڇڏي.
جي هيون پٺتي اهي ڀي هن وڏي ڏک ۾ هيون،
شينهن واگهو وات ۾ مرڻينگ ڪي بک ۾ هيون.
دم بدم ميهار ساري، جهنگ ۾ رنڀن پيون،
نير نيڻن مان وهائي آءُ رانجها ڪن پيون. |