هير رانجهو
ڀاڱو ٻيو

ملڪيءَ - چوچڪ ۽ هير جو گفتگو
هي ته ڪو مشهور آ هي قدرتي ڪم جو مثال،
رند شاعر جو نه ڪو جيئري ٿئي عزو جلال.
ان جيان پڻ جو هجي ڪو خدمتي نوڪر سچو،
ٿو ٿئي ان جي وڃڻ کان پوءِ دل ۾ ڏک وڏو.
مال جو احوال ملڪيءَ کي جڏهن ڪن تي پيو،
دم تنهين اندوهه ان جي روح کي ويڙهي ويو.
نيٺ چوچڪ کي سڏائي، هيءَ ڪيائين سـُڌِ سڄي،
سڀ سـُڻي احوال هي، چوچڪ ٿيو دل ۾ لڄي.
هير ڀي پيءُ ماءُ کي گڏ پاڻ ۾ ويٺل ڏسي،
ڪجهه ٻڌڻ جي لاءِ ويٺي، ڀَرِ وٺي بڻجي وسي.
حال کولي مرد پنهنجي کي چيو ملڪيءَ ائين:
”هن به نسبت مصلحت تون ڏس ته ڪهڙي ٿو ڏئين!“
ايتري ۾ هير پنهنجي ماءُ، ملڪيءَ کي چيو:
”مال جو بد حال آ، جنهن وقت کان رانجهن ويو.
”نوڪريءَ کان تو ته رانجهي کي ڏئِي آيَلِ جواب،
بي سبب ڇڏيو ڪڍي ان تي رکي ڪوڙو عتاب.
”هو به تنهنجي نوڪريءَ ڌاران مري ويندو ته ڪين،
آهه جئن جڳ جو سچو والله خير الرازقين.
”قهر تو ان سان ڪيو، ڪوڙو ڌري ان تي عتاب،
جنهن به نسبت ڇا ته ڏيندينءَ روز محشر جي جواب!“
ملڪيءَ جو چوچڪ کي جواب
پوءِ چوچڪ کي ورائي جلد هي ملڪيءَ چيو:
”بي سبب موقوف رانجهي کي اسان آهي ڪيو.
”هڪ ته آ درويش دل شالا نه ڏي ڪا بد دعا،
ڪانه ڪا اُن سال ساري ۾ ڪئي پڻ چون چرا.
”گهَڻَ گـُهرائِي مال جي پڻ، هير جي ڪرڻي پئي،
ان ڪري رانجهو پَهائي گهر اچون گڏجي ٻئي.
”چوءُ ميان چوچڪ سگهو جا ڪجهه اٿي دل جي رضا،
نه ته هٿن کان ڳالهه ساري ٿي وڃي هاڻي صفا!“
جواب چوچڪ جو
ڪر کڻي چوچڪ چيو: ملڪي! ٻيو چوءُ ڇا ڪجي،
هاڻ بس رانجهو پَهائي گهر وٺي اڄ آڻجي.
”ٻـُـڌ ته ملڪي پهريون ئي ٿي اها مون کان ڪچي،
جو ڪيم موقوف ان کي اونڌ پنهنجيءَ ۾ اچي.
”هاڻ پرچائي سگهو اُن کي ته اچ حيلو ڪري،
مال ۽ گهر جي مٿان جئن هي بلا آيل ٽري.
”جڳ سڄوئي ٿو ڪري ان جي گهڻي غيبت گلا،
پر نه ان ۾ ٿو سمائي ڳالهه جو ڪو خس ڀلا.
”آهه هو اشراف ۽ پڻ نيڪ نيت نا مدار،
با ادب بلڪل گهڻو سو مرد آ مانجهي سچار.
”پڪ اٿم جو هرج ان مان ڪين ڪي ٿيندو ڪڏهن،
پڻ نه ڪي چوري ڪري ڪي ڪجهه کڻي ويندو ڪڏهن.
”ڀل ته پنهنجي ريجهه رائي مال جي خدمت ڪري،
وڃ وٺي تون آءُ ان کي هاڻ ڪا منٿَ ڪري!“
ملڪيءَ جو رانجهي کي ڳولهي ساڻس گفتگو ڪرڻ
هي سڻي ملڪي وئي جهٽ چاڪ رانجهي کي ڏسڻ،
پڻ لڳي پاڙيسرن کان ڏَسُ پتو ان جو پڇڻ.
ڪا چوي: ”مون کي خبر ناهي ته هو آهي ڪٿي،“
ڪا چوي: ”اڄ مون ڏٺو، ڪا ساجهري ڪا سج لٿي.“
ڏَسَ پڇي جئن جو وئي ملڪي پئي هن ڏاهه سان،
تئن ڏٺائين ويجهڙو سو چاڪ ويندي راهه سان.
وِکَ ڪري ملڪي وڃي جهٽ پيش رانجهي جي پئي،
ڳل وجهي ڳاري زباني عرض نيزاري ڪئي.
پوءِ دامن کان وٺي هن ريت رانجهي کي چيو:
”بخش مون کي ڏوه سو تو ساڻ جو چوچڪ ڪيو.
”آءٌ ته تنهنجي ماءُ رانجها، تون به منهنجو پٽ
ٿئين،
تون کٽين، کائون اسان سڀ پاڻ جو هٿ سان ڏئين.
”ماءُ پٽ جو پاڻ ۾ ناهي وچاندر وارڪو،
پٽ رُٺو جو ڪين ڪي، اهڙو ته ڪونهي ٻارڪو.
”ماءُ جي پنهنجو رُٺل پٽ ڪين پرچايو اگر،
ڪين سڏجي حال هن سان ماءُ سا رانجها مگر.
”عرض مڃ رانجها اهو توريءَ ويو آ گهر رُلي،
ڳوٺ ۾ پڻ ڳالهه هڪ جي ٻي وئي آهي هـُلي.
”تون وڏو وارث اسان جو ڪين ڪي هاڻي رُلا“،
مال گهر جو ڪم سمورو پاڻ پنهنجي سِرِ هَلا.
”جا وڻي تو جيئين، مون کي اها منظور آ،
ڳالهه ان ۾ ٻي ڪنهين جو ڪو نه ڪو مقدور آ.
”سڀ اجايا وهم خطرا، وسوسا دل جا وڃا،
مڃ چيو مون ماءُ جو هي ڪين ڪي اڳتي سها“.
”سؤُ لڱا مان هير سوڌي، تو مٿان صدقي ٿيان،
ڳل وجهي ڳاري وري پيرين پئي زاري ڪيان!“
جواب رانجهي جو
منهن ورائي پوءِ ملڪيءَ کي ائين رانجهي چيو:
”صاف ٿو سمجهان اهو مان مڪر تو جيڪو ڪيو.
”تون ته پنهنجي مال خاطر عرض ۽ آزي ڪرين،
حال منهنجي جي نه پر ڪا سوچ ٿي دل ۾ ڌرين.
”هاڻ مان تنهنجي چوڻ تي رنج لاهي ٿو هلان،
پوءِ جئن چوچڪ نه ڪي يا ڪو ڪري مون تي هَلان!“
هي چئي ان ساڻ گڏجي گهر ويو رانجهو سَچار،
ليک قسمت جو سڄو سِر سَهائي ڪاروبار.
رانجهي جو گهر اچڻ ۽ مال چارڻ لاءِ وڃڻ
عيد يا ڏِڻَ وارَتي جئن جو خوشي گهر گهر ٿئي،
خاص واڌايون خوشيءَ جون ڏيهه هڪ ٻئي کي ڏئي.
ان جيان مطلب دلي ڪو ٿو ٿئي پورو جڏهن،
عيد يا ڏِڻَ، وار کان وڌ روح خوش ٿي ٿو تڏهن.
ملڪ ساري ۾ نظر اُن کي بهاري ٿي اچي،
رنج جو ڪو روح ۾ قطرو نه ٿو باقي بچي.
روح خوش آهي اگر تان خوش سڄو آهي جهان،
دل اتان مٽجي وڃي ٿو خاص گوندر جو گمان.
هاڻ ملڪيءَ ساڻ گڏجي، گهر جڏهن رانجهن ويو،
چَنڊ سِجُ ڄڻ ڪي جـُهلِي اُڄُ هير جي جهوليءَ پيو.
ٿي بهاري ڏيهه ۾ بس ڏرت ڏولائو ويو،
درد دوريءَ جو وڏو سڀ رنج ڦوڙائو ويو.
هير خوش کيڪر ڪئي ميهار مانجهيءَ سان ملي،
پڻ وري رانجهي به ڪيڙي رمز سان کيڪر کلي.
ٻي ڏهاڙي مال ڪاهي، جهنگ ڏي رانجهو ويو،
مال ٻيلي ۾ ڇڏي ارمان ۾ ويٺو هيو.
هير ڀي آئي هلي اُت مهر سِر ماني کڻي،
جَهڻِ ڪـُٽي اڳيان رکي ويٺي وري پَلٿي هڻي.
کاڄ کائي موج مان رانجهي وڄائي وَنجِهلي،
سـُرُ چيو سارنگ، بروو ڪونسيو ۽ گـُن ڪَلي.
پڻ ٿيا سانگي سفر تشريف فرما پير اُت،
جن ڏني دلگير رانجهي هير کي دلڌير اُت.
هي ٻئي تن کي ڏسي جلدي پيا پيرين وڃي،
پوءِ ويٺا پاڻ ۾ سڀ گاههَ تي گوڏا ڀڃي.
ونجهليءَ تي مالوي جي راڳڻي رانجهي ڪئي،
بس ڪري اڳيان انهن جي گذريل ويڌن چئي.
پيرن جو دعا گهري رانجهي کي دلجاءِ ڏيڻ
ڪن ڏئي احوال رانجهي جو سڄو پيرن سڻي،
هي دعا درگاهه مان دل سان گهري تن هٿ کڻي:
”يا الاهي بخش تون توفيق رانجهي کي تمام،
جئن رهي ثابت قدم سڪ ۾ سدائين تا قيام.
”هير کي پڻ سمجهه ڏي هادي هدايت جا ڌڻي،
جئن رهي هر حال ۾ رانجهي مٿان راضي گهڻي.
”شال هي جڙيل هجي جوڙو سدائي هر زمان،
ٻن جهانن ۾ انهن جو ڳائجي نالو نشان.
”عرش عالم کي رهي عبرت انهن جي عشق جي،
ٿي سبق جن کي ته آ غيرت انهن جي عشق جي!“
”هي گهري پيرن دعا، هن ريت سڌ ساڻن ڪئي:
تان ميان رانجها اسان جي سڻ نصيحت ڪن ڏئي.
”عشق ۾ لک درد دک ايندا اڃا تنهنجي مٿان،
تون ڊڄي تن کان ڪرين، ڏس پير ڪوپٺتي متان.
”خَلَقَ جي خَنده خواري پڻ ٻـُڌي مِهڻا مَلام،
سور سختيءَ ۾ نه ٿج دلگير تون دانَههَ تمام.
”ڪين دَهَلج دل ٻَڌج تون هي سڄو آ امتحان،
پاڻ کان پاسي رهج پر لَهر ۾ لوڙهي گـُمان.
”پوءِ قدرت جا ڏسج تون نت نوان ڪم هر گهڙي،
دل ٻڌي ڌُن ۾ رهج، ٻي لوڪ کان پاسي لڙي!“
هي چئي سي هٿ دعا جا هير رانجهي تي ڌري،
سيگهه ۾ سڀ سير سان، راهي ٿيا رخصت ڪري.
قاضيءَ جو هير کي سمجهائڻ
هي اڃا جو هير هيڪل روز ٻيلي ٿي وئي،
خلق سا ساري خبر ٿي خاص ملڪيءَ سان ڪئي.
هڪ ڏهاڙي نيٺ ملڪيءَ مَردَ چـُوچڪ کي سَڏي،
سڀ قصو اُن کي سڻايو، مصلحت پنهنجي گڏي.
پوءِ قاضيءَ کي سڏي چوچڪ ڪيو سارو قصو،
جنهن سبب قاضي ميان کي ڏک ٿيو، ڏاڍو غصو.
ايتري ۾ هير ڀي ٻيلي ڪنان گهر ڏي وري،
ويجهڙو آئي اڃا، قاضي چيس: ”اي ڇوڪري.
”هاڻ اڳتي لاءِ پنهنجي تون رَوش بلڪل مَٽاءِ،
هئن رُلي ٻيلي سدا، پنهنجو نه تون نالو لڄاءِ.
”هير تنهنجي حال جو مون کي وڏو ارمانُ آ،
تو کڻي پنهنجو اجايو سڀ وڃايو مانُ آ.
”سـُڻ نصيحت نيڪ هيءَ، ان تي ذرا ڪي ڪر عمل،
نفس جي رائي لڳي، هن پر نه تون اي هير هَلُ.
”ذات مَستورات کي گَهرَ ۾ سدا گـُهرجي رَهَڻُ،
خاص وَڏوَر ڌيءَ کي واجب ٿيو پردو ڪرڻ.
”جئن ته پاڙي ۾ نه ڪنهن کي ڀي پوي سچ سـُڌ اها،
جو فلاڻي گهر ڪنواري ڌيءَ ويٺل آهه ڪا.
”چاهه رک چَرخي ڪَتَڻَ سان هير راڻي هاڻ تون،
ڪر ڦٽي سڀ حرڪتون، هَلُ ڪجهه حَليمَت ساڻ تون!“
جواب هير جو
هير قاضيءَ کي چيو: بس هي قلم ازلي هيو،
ناهه طاقت ڪابه توکي، وس نه پڻ منهنجو ٿيو.
”حڪم تنهنجي کي ڪڏهن ڀي مان نه ڪو ڏيندس عدول،
بس ٻِهر ٻيلي نه ويندس جوڪ آ تنهنجو اصول.
”ليڪ نِتُ دل ۾ ته ڪندس هوتُ رانجهَنُ يادِ مان،
ياد اُن جي ۾ رَهندَس، روز شب دل شادمان.
”حال هن کان هاڻ مون کي ڪونه ٿو موڙي سگهي،
سَڱُ ٻڌو اُن ساڻ جو سو ڪير ٿو ڇوڙي سگهي.
”منهن نه رانجهي کان مٽيندس، ڏيهه ڏيندس ٻَنِ کڻي،
اُن بِنا ويندس مري مان، درس ٿو ڄاڻي ڌڻي.
چوچوڪ جو پنهنجي زال ملڪيءَ سان گفتگو
ڪر کڻي چوچڪ چيو: هي زال ملڪيءَ کي وري:
”بسّ! ٻڌءِ ڪي هير جي فاحش زباني سرسري.
”تو پڄايو لاڏ سان پالي، تنهين هن حال ۾،
هاءِ ههءِ مون کي وڌو تو هاڻ هن جنجال ۾.
”موهه تنهنجي جو نتيجو اڄ ٿيو ظاهر اچي،
هاڻ هٿ هڻڻا پيا، اول ڪري پنهنجي ڪچي.
”جنهن ته ٻالڪ کي نه آ پيءُ ماءُ جو دڙڪو دٻاءُ،
سچ ته سڌرڻ جو نه آهي مور سو ملڪي وياءُ.
”هاڻ تون پنهنجي ڪِئي جو لوڙِ بس ڪيتو پئي،
ڇا ٻيو گهٽ وڌ ورائي مان چوان توکي چئي.
”جئن ڄڻيندي ئي ڏئين ها تون گـُهٽو هن کي ته ڪو،
هاڻ جيڪر حال هن جو ڏک ڏسون ها ڪونه ڪو!“
جواب ملڪي جو
مڙس کي ملڪيءَ چيو: ”هي اَڳُ ڄاتو ڄاڻُ مون،
آ پئي هـُنَ جي هَلتِ جي سـُڌ سموري هاڻ مون.
”مون ته پنهنجي پالنا جو فرض ٿي ڪيڙو ادا،
پڻ سدا ان جي رکي ٿي راضپي جي لهءِ رضا.
”اڳ پوي ها سڌ اِها جي هير جي هن حال جي،
ڳَڻَ ڪچيءَ ۾ ئي ڪيان ها خاص هن جي ڪال جي.
”مان عيوض ٿڃ جي ڏيان کيس ڪا وِههُ جي سپي،
اڄ نه هئن کائڻ اچي ها نانگ ڪاري جان نِپِي!“
سخن هير جو ماءُ ملڪيءَ کي
هير جهٽ واري چيو: ”تان ساهه هي جيسين ٿيو،
ڪين رانجهي کان ڦران توڙي وڍي ٽڪرا ڪيو.
”هي نصيحت سڀ اوهان جي مول مک بي سود آ،
جا ڪيو ڳڻ پهه امي! ان مان نه ڪجهه بهبود آ.
”رَمز رانجهي سان رَلي جا، لوهه جان قابو لڳي،
هاڻ حجت مون مٿان، ههڙي پرين سڀ جي ڀڳي.
”رات ڏينهان روح ۾ مون ورد آ اُن جو ٿيو،
ڇا سگهندو ڪو جـُهلي هن حال کان مون کي ٻيو.
”هڪ ڊڄان ٿي ڊاءَ ان جي ٻي نه ڪنهن جو ڊپ اٿم،
هوت رانجهي کانسواءِ سچ ڪونه ڪوئي کَپُ اٿم!“
گفتگو قاضيءَ جو چوچڪ سان
پوءِ چوچڪ کي چيو جهٽ ڪر کڻي قاضي ائين:
”ڪا نصيحت هير هاڻي هَڏِ نه ٿي لائي هِيئين.
”عشق حضرت جو مٿانهس ٿي ويو قبضو بحال،
حال جنهن کان هاڻ ان جو آ مڙڻ بلڪل محال.
”نفس جي رائي هلي جو ڏُکُ ڏسندو سو وڏا،
بي ادب پيءَ ماءُ جو پڻ ٿيڙ کائيندو ٿـُڏا.
”هاڻ شاديءَ لاءِ هن جي، جلد ڪو سعيو ڪيو،
ٻي ڇڏي وائي اهوئي پيش رٿ رايو ڪيو.
”ڳالهه جي هٿ کان وئي، تان پوءِ ڪو حيلو ٻيو،
ڪين ٿيندو ڪارگر هي صاف مون چوچڪ چيو.
”هاڻ هن کي ڪنهن پرانهين ديس تي پرڻائجي،
سر مٿانهون لوڪ جي آيل خواري لاهجي!“
جواب هير جو قاضيءَ کي
ڪنڌ ڦيري پوءِ جلدي هير قاضيءَ کي چيو:
”ڪئن ڀلارا عام وارا هوش اڄ تنهنجو ويو.
ڪَنز دَرقافيه پڙهين ٿو پر نه ان تي ڪجهه ڪَڙهين،
عشق وارن تي اجايون تـُهمتان مـُوڙهيا مَڙهين.
”عشق جي تون عين کان آهين ميان بس بي خبر،
ڪر نصيحت ڪا نه ڪا تون ماٺ ڪر هاڻي مگر.
”هي ڪڍي ڪوڙا قصا تون ڇو ڀـُلائين ٿو ميان،
پاڻ کي ڪي ڪجهه پَڏائي، ڇا ته ڀانئين ٿو ميان.
”بار بدنامي کڻي سر عشق جي بندي ٿيس.
هاڻ سڀ حيلا وڃائي وس ڪنان پنهنجي ويس.
جواب قاضيءَ جو
هي سـُڻي ويتر چڙهي قاضي ميان کي چڙ گهڻي،
هير کي هي جوش مان واري چيائين هٿ کڻي:
”هير توکي شَرع نَبوي جونه آهي ڪـُجهه خيال،
تون ته پنهنجي سِرَ مٿانهون مفت جوٽِين ٿي وَبال.
”هوڏ، هن سان ڄاڻ پڪ ڪجهه ڀي وٽيندينءَ ڪين ڪي،
ڪو نتيجو نيڪ ان مان تون ڏسندينءَ ڪين ڪي.
”هن گهڙي فتويٰ ڏئي توکي سزا جوڳي ڏيان،
پر خدا جي خوف کان ڪجهه هير خائف ٿو ٿيان.
”هَوڏَ پنهنجي کان اڃا ڀي هيٺ ٿيندينءَ ڪين تان،
سِرُ جدا تنهنجو ته ڪندس دم تنهين تلوار سان!“
جواب هير جو
جوش مان واري چيو هي هير قاضيءَ کي وري:
”ڀؤُ نه ڏي مون کي اهو هاڻي هتان تون وڃ ٽري.
”عشق منهنجو آ اڳي ميثاق کان ميهار سان،
مـُنهن نه مَٽيان گر ڪرين سِرُ ڌَڙُ جـُدا تلوار
سان.
”ڀل ڏئِي فتويٰ اها تون فرض پنهنجو ڪر ادا،
ليڪ مون سان عشق مولا ساڻ آ ساڻي سدا.
”اي ميان ٻڌ عشق جي مزدور لهءِ اهڙي سزا،
فِقه ۽ قرآن ۾ لکيل ته آهي ڪانه ڪا.
”هي مگر تون ناروا، پنهنجو هلائين زور دم،
ٿو ڪري مون عشق آگهه، هي سڄو بي سود بم.
”منهن ته رانجهن کان مٽڻ مان صاف ڄاڻان ٿي گناهه،
صدق دل جي سان ڪيم، صدقو مٿانهس سر پساهه!“
گفتگو ملڪيءَ جو هير سان
عاجزيءَ سان البته ملڪيءَ چيو هي هير کي:
”اي پياري هير ڇڏ تون بحث هن بي پير کي.
”ٿو ڏئي تنهنجا سڄوئي لوڪ مون مهڻا سدا،
سي فقط تنهنجي ڪري مون کي پيا سهڻا سدا.
هاءِ ههءِ ساڙي نيو مون، غير جي مِهڻي مَلامَ،
ڇا تنهين جا سڀ ٻڌايان سي وري توکي ڪلام.
”هن به نسبت ڪين توکي ڪجهه چئي ٿي مان سگهان،
ڪين ڪي الزام پڻ ڪنهن کي ڏئي ٿي مان سگهان.
”آهه واجب فرض کان وڌ ماءُ جي عزت ڪرڻ،
ان ڪري گهرجي ذرا توکي حليمت سان هلڻ.
”خاص تنهنجي لڄ حيا واري هلت جي پڪ هئي،
هاڻ ههءِ ههءِ تو اها فاحش زباني ڪئن ڪئي.
”سچ ته مون کي حال هن جو آ گهڻو دل ۾ خيال،
ڏي سنئين ساڃهه ته توکي پاڪ پرور ذوالجلال.
گفتگو سلطان جو ماءُ ملڪيءَ سان
اوچتو آيو گهري گهر، هير جو سلطان ڀاءُ،
ماءُ کي دڙڪو ڏئي ڪي ڪجهه ڪيو هن پر دٻاءُ:
”اي مهربان مادرِ من، هير کي اندر وِهار،
ڪئن ڪري ڀي تون تنهين جو چاهه چرخي سان ڏيار.
”ڌار نه ته ڪندُس تنهين جو ڌڙ سسي خنجر هڻي،
هن به نسبت ٿو ڪري، مون کي ملامت جڳ گهڻي.
”هير کي حيلو ڪري جي ڪين ڪي تو ڌَتِ ڪيو
ياد ڪج سلطان منهنجو نانءُ! نه هي ٿيندو ٻيو.
”دم تنهين تاراج ڪندس باهه سان ساڙي جهڳو،
ڌار ڪندس ڌڙ تنهين جو، هٿ وري جيڪو لڳو!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: اي لاڏلا، دانهه لکي،
تون سياڻو ٿي چوين ٿو، ڳالهه تي ڪئن ڪک رکي.
”سـُڌ نه آ جيڪس ته توکي عشق جي اسرار جي،
يار جي ديدار ۽ تَنَ سان لڳل ڪنهن تارَ جي.
”عشق جي دامن وٺي آيسِ وري ايمانَ ۾،
منهن مٽيندس ڪين ڪي جيسين اٿم دَمُ جان ۾.
هي اڙي اکيون ويون، ميهار مانجهيءَ سان ٻئي،
ريءَ ڏٺي راضي نه ٿيندس جڳ چوي ڇا ڪجهه چئي.
”سانوڻيءَ ۾ موجَ دريا جي، نه ڪو موڙي سگهي،
ان جيان ناتو ٻڌل منهنجو، نه ڪو ٽوڙي سگهي.
”پاڻ مون پليو نه ٿي، توڙي جدا سر ڌڙ ڪرين،
سر ڏئي ٿيندس سهاڳڻ، عشق جي اهڙي پَرين.
”خلق جي خنده خواري عشق ۾ عزت وڏي،
سوز ساڙو درد دوڙو، رنج آ راحت وڏي.
”مون جڏيءَ جي جان رانجهن، ان بنا ناهي قرار،
مان بِلي اُن جي ٿيس، ڇا جڳ ڪري توڙي خوار!“
گفتگو قاضيءَ جو هير سان
هي سڻي غيرت سبب دل ۾ غصي قاضي ٿيو،
ڪرکڻي جهٽ ڪنڌ ڦيري هير کي هن پر چيو:
”خوش نه ٿي ان تي مگر جا ڳالهه تو دل ۾ ڳڻي،
ڄڀ ڪياڙيءَ کان ڪڍي ٿو اڇليان تنهنجي کڻي.
”زور وارن جي مقابل، زور تنهنجو ڇا هلي،
ان ڪري بهتر ته هاڻي پاڻ کي تون ڇڏ پلي.
”هي پسائيندُس سڄو توکي مزو فتويٰ ڏئي،
وقت سر تو اَمـُرِ جي، جي انحرافي ڪا ڪئي.
پير ۽ استاد جي، جو اَمـُرَ کي آڏو ڦري،
سو ته حاوي جي تري ۾ ڪنڌ ڀَرِ اونڌو ڪري.
”پڻ مڃي ٿو ڪين ڪي جو ماءُ ۽ پيءُ جو چيو،
ٻن جهانن ۾ تنهين کي رنج غم ڀوڳڻ پيو.
”هوند هي تنهنجون ٻئي اکيون ڪڍايان باز کان،
پر خدا جي خوف کان مان سگهه نه ٿو ساري سگهان.
”هت قيامت ۾ عيوض، توکي ملندو ڪجهه اهو،
حالَ جو حامي جتي پڻ ڪونه ڪو ٿيندءِ سـِـهو.
جواب هير جو قاضيءَ کي
هير هي قاضي ميان جو گفتگو سارو سڻي،
دم تنهين واري چوڻ ٿي چـِـڙَ منجهارون ڪر کڻي:
”اي ميان قاضي! نه آهي عشق جي توکي خبر،
مسئلا پنهنجا بڻائين ڪي وري ڳنڍي اکر.
”دارمي مسلم بخاري ترمذي ڄاڻان گهڻو،
ڪئن پڏائين پاڻ کي تون ڪين ڪي ڄاڻين ڪڻو.
”روح رانجهي سان ملي اڳ ۾ ڪئي آ پڪ پڪي،
پاڙيان سا پَڪَ مڙندَس پَڪَ نه ڪنهن رائي لڳي.
”آ حديثن ۾ برابر، ليڪ لکيل هي چـِـٺو،
ٻن جهانن ۾ رُلي سو، قول جو پاڙي نه ٿو،
پڻ ٻڌائي جو ٻين کي من گهڙت معنيٰ ڪري،
ٿي ملي تنهن بعد مردن، جاءِ دوزخ جي تري.
”برهه واري ڀيد جي توکي نه آهي سـُڌ صفا،
ماٺ ڪر قاضي مڙي وڃ ڏي ڇڏي ڪوڙا قصا!“
هير جو جواب سڻي سڀني جو نا اميد ٿي وڃڻ
نينهن ۾ ٿي هير نانگي، ڀوءُ ڀڃي لوڙهي لَڄون،
سڀ سياپا لاڳ لاهي پڻ سٽي سانگا سڌون.
ٻن ٻيو سڀ ڪجهه ڏنائين، عيش سک ڄاڻي عذاب،
بار دردن جو کنيائين سر چمي سمجهي ثواب.
عشق آڏو عقل جي ڪا زور قوَتَ نا هلي،
عشق ٿي اڳواڻ جنهن جو ڪير ٿو ان کي پَلي!
جـُڌ ڪراماً ڪاتبين جان هير جي سرتي بڻي،
هو اڪابر عقل جا هيڏانهن سادي هڪ ڄڻي.
”پر سڻي انڪار اُٿيا، سي ته سڀ ساڙي کٿا،
پڻ ٿڪا حيلا هلائي زور مس مـُونا مٿا.
وقت ويندي پوءِ چوچڪ کي سڏي قاضيءَ چيو:
”اڄ سڀان ڪوشش ڪري بس هير جي شادي ڪيو.
”ان سوا حيلو ٻيو ڪو ڪونه ٿيندو ڪارگر،
گهر گهرائي ڀائرن سان ڀل اهو ويچار ڪر!“
هير جو رانجهي ڏانهن نياپو موڪلڻ
هي ويا ٻاهر اُٿي سڀ، هير ٿي هيڪل جڏهن،
سڏ ڪيو گوجان سهيليءَ کي وڃي ويڙهي تڏهن.
ويجهڙو ان کي وهاري، هي قصو ساڻس ڪيو،
پڻ وڃي رانجهي ميان سان سڌ ڪرڻ جي لهءِ چيو.
پوءِ ڪجهه تاڪيد سان ان کي چيائين هي اکر:
”جلد رانجهي سان وڃي تون ڪر اها ساري خبر.
جئن ته اي رانجها وڌو اڄ گَهرِ وڏو قاضيءَ ڏڦير،
آءٌ نه ڄاڻان ڇو وري ان جو پيو هي آهه وير.
”هاڻ جلدي گهر دعا دل ساڻ ڪا درگاهه مان،
جئن ٽري جلدي وڃن سڀ آفتون آيل مٿان!“
گوجان سهيليءَ جو رانجهي ڏي نياپو نيڻ ۽ رانجهي جو
جواب ڏيڻ
هي سڻي گوجان سهيلي ترت ٻيلي ڏي وئي،
سيگهه ۾ اُن سـُڌ وڃي ميهار مانجهيءَ سان ڪئي.
سڀ قصو رانجهن ٻڌي گهٻرائجي دل ۾ ويو،
ليڪ جهٽ واري ورنديءَ ۾ چِٽو هن پر چيو:
”هي وڃي چوءُ هير کي تون هاڻ بس دلجاءِ ڪر،
غم نه ڪر ڪجهه ڳالهه ان جو عشق آ ساڻي مگر.
”شام ڪندا سي اِها رِٿَ پاڻ ۾ ويهي ٻئي،
خاطري ڪر ڪجهه نه ڪندا هي مگر دڙڪا ڏئي.
”هر طرح همت ٻڌي پر قول تي قابو رهج،
آزمائش عشق جي ۾ سر ڏئي ساڳي بڻج.
”هاڻ وڃ گوجان سگهو تون دير هڪڙو دم نه ڪر،
هير کي دلجاءِ ڏي تان ڪو به هرگز غم نه ڪر!“
رانجهي جو پيرن کي ياد ڪرڻ ۽ سندن تشريف فرما ٿيڻ
هي سڻي گوجان سهيلي هير ڏي آئي وري،
پوءِ رانجهي ڀي اهائي ڳالهه ڪجهه سوجهي ڳري.
سڪ وچان ان دم ڪيائين ياد جئن جو پنج پير،
ان گهڙيءَ آيا اُتي هن کي ڏيڻ آڌر امير.
جن نئون احوال اورڻ لاءِ رانجهي کي چيو:
رت رڙي رانجهي به ساڻن هي قصو سارو ڪيو.
حال هي سارو سـُڻي، ساڻس ڪئي تن دلبري:
”تان ته تنهنجي هير آهي، ڪين ڪرڪو ڏک وري.
”لوح ۾ جاچي ڏٺو آ ليک هي سڀني اسان،
عشق تنهنجو آ اڳي برتر سڄي عالم ڪنان!“
خاطري هيءَ خاص رانجهي جي تنهين دل کي ڏئي،
ونجهليءَ تي لهءِ ٻڌڻ جي لاءِ فرمائش ڪئي. |