

بسم الله الرحمٰن الرحيم
ديباچو
حمد باري تعاليٰ
قادرا تنهنجي وڏائيءَ جو وڏو آهي بيان،
وصف تنهنجي آ سڄي اي مالڪِ ڪون و مڪان.
ڇا ثنا ليکي سگهي عاجز نماڻو ناتوان،
اَمر تنهنجي ساڻ بيٺو بي ستون هي آسمان.
پڻ مٿان پاڻيءَ وڇايو فرش هي زينت نشان،
حڪم هر جا آهه تنهنجو ڇا مڪان ڇا لامڪان.
تون ڌڻي رازق سڄي جڳ جو حقيقي مهربان،
هڪ اشاري ساڻ تنهنجي ٿي ويو جملي جهان.
جا بجا موجود تون معبود واحد بيگـُمان،
لَم يَلِد بي مثل تون مالڪ مِٺو صاحب سبحان.
31 - آڪٽوبر 1927ع
3 بجه شام.
بيان حضرت عشق
ٿي ثنا ان کي سونهين جو جڳ اپائڻهار آ،
هر ڪنهين جو سو سٻاجهو پاڻ پالڻهار آ.
وهه عجب بي رنگ ۽ بي مثل ان جي ذات آ،
ليڪ سندس صنعتن جو رنگ ڀاتون ڀات آ.
خاص پنهنجي سير لهءِ ان عشق کي پيدا ڪيو،
عشق ان کان پاڻ خالق، ٿي وري شيدا پيو.
عشق خاطر خلقيائين نـُور اَحمد مـُصطفيٰ،
پاڻ ٿي عاشق پيو، معشوق مدني مـُجتبيٰ.
شان اعليٰ عشق جو جهڙس نه درجو ڪنهن ٻئي،
ابتدا ئي ان ڪنان سڀ انتها ان وٽ ٿئي.
عشق کان آباد جڳ هي عشق سڀ جو آ اصول،
عشق هادي عشق رهبر عشق ريءَ نا ڪجهه حصول.
عشق جي آثار کان چاڪ عاشق جو صدور،
عشق آدم ۽ حوا سان ڏس ڪيو ڪيڏو ڪلور.
عشق آڙهه ۾ وجهايو ڪئن خليل الله کي،
پوءِ باغيچو بنايو دم تنهين آڙاهه کي.
عشق سببان عاشقن کي ماٺ ۾ گهارڻ پيو،
ڏس شهيدِ ڪربلا سان عشق ڇا ڪارڻ ڪيو.
عشق جي اسرار جا ڪيئي عجائب لک هزار،
خارَ جان ظاهر سجهن باطن ته ڄڻ گل نوبهار.
بند
عشق وارا عيش ڄاڻن، درد دوڙو ڌوڌ ڌاڙ،
ڏک ٿيو آ ڏاج تن جو سونهن ڳهڻو سوز ساڙ.
نوڪ نيڻن جا ڪـُٺل الفت ڪنان مانجهي مـُنير،
مـُنهن نه موڙيندا ڪڏهن توڙي ڪياهن نينهن ناڙ.
”سورُ البت سـُک ڪنان ٿو سرس سيبائي تنهين،
جي کڻي ڀي جسم ڪيڙن عشق جي آتش اجاڙ.
ماٺ ۾ ماڻن مزو سي، مور دانهن سان دلير،
قرب وارا ڪين ڪن آزار دل جو آڙ پاڙ.
چـُپ ڪري ”مَسرُور“ تون سِڪ ۾ رهج ثابت قدم،
عشق جا لوڏا اگر توکي گهمائن لاڙ ماڙ.
بند ديگر
عشق رهبر رهه بتائي، نا رُلائي در بدر،
رمز وارن سان رهائي، نا ڦِرائي در بدر.
سالڪن ريءَ سـُڌ اِهائي ٻي ڪنهين کي ڪين آ،
چاڪ مجنونءَ جو لڪائي، ڪم ڪمائي در بدر.
عشق آ ساڻِي سچن سان جي ٽپي لا حد وڃن،
پر دُوئي جن دل سمائي، تن پِنائي در بدر.
عشق بازي جان گدازي، ليڪ جيڪو سَڌَ ڪري،
سو سدا سر خاڪ پائي، ٿيڙ کائي در بدر.
صاف سـُڻ ”مَسرُورَ“ مانجهي عشق آ عاليجناب،
ماڳ منزل تي رسائي، نا گهمائي در بدر.
نعت
نبي خاتم المرسلين عليه الصلواةِ والسلام
سڀ صفت آ شاهه جي، جنهن لاءِ جڳ ڏاجو ٿيو،
پوش انساني ڍڪي، هر عيب کان آجو ٿيو.
جاءِ جو جاروب ڪش جبريل خادم خاڪسار،
در مٿس دربان موسيٰ ۽ سليمان چوبدار.
عرش تي آڻائيو ان کي ڌڻي دعوت ڏئي،
مهر پنهنجي ساڻ هئن ان جي وڏي عزت ڪئي.
سڀ پَرين سهڻو سڀن کان مير مرسل ڄام آ،
حسن ان جي جو جزو يوسف مٿان انعام آ.
شرع ۾ سو عبد آهي پر احد با فِڪر صاف،
اسم احمد ۾ ٿيو هي ميم آ حرفِ مضاف.
شاهه جي آئي يڪايڪ ٿي ويو روشن جهان،
رَحَمت للعالمين، ختمِ رُسل، آخر زمان.
بند
خَلق کان خوش خـُلق آ دلبر مِٺو دلدار خاص،
ذڪر هي تنزيل ۾ موجود آ نروار خاص.
ڪو ٿيو ٿيندو نه ڪو ثاني سڄڻ جي شان سان،
آسرو اهڙو اڌينن ۽ يتيمن يار خاص.
ڪجهه رتيءَ ماتر نه آهي غم قيامت جو ڪڏهن،
سر کنيو سهڻل سڄوئي پِڇِ لڳن جو بار خاص.
هي لقب لولاڪ وارو، شاهه جي آ شان ۾،
هوت کي هر حال ۾ مولا ڪيو مختار خاص.
ڪين ٿو ”مَسرورَ“ گهر جي مون ٻيو ڪجهه ڀي مگر،
دائمي ان دوست جو درڪار ٿم ديدار خاص.
اوصاف چهار يارڪبار
رضوان الله تعاليٰ عليهم
چار گوهر يار چارئي مير مرسل صه سان سـُنهن،
هڪ ٻِئي کان وڌ ڀلارا جاءِ پنهنجيءَ سر جڙن.
هڪ سچو صديق اڪبر دوست دلبر جان نثار،
راز جو محرم ٿيو هر حال ساٿي يار غار.
هي ٻيو فاروق عادل مرد غازي نا موَر،
فيض جنهن جي کان ٿيو اسلام سارو بي خطر.
آ ٽيون عثمان صاحب ذوالعطا علم وحيا،
پڻ پيارو هم قدم چوٿون علي رضه، شيرِ خدا.
چار ٿنڀا دين جا هي چار ممبر هن صحيح،
سچ سچارا دل قرارا دوست دلبر هن صحيح.
شان پنجتن عليهه السلام
ذات واحد کي پيو جئن سير جو خاصو خيال،
طرفةِ العينين ۾ ڪـُن سان ٿيو سڀ ڪم بحال.
جو پيو پسجي ڪه ٻڌجي سا سڄي ان جي صفات،
سڀ جـُڙي جنسون ويون پر پاڻ ساڳي پاڪ ذات.
هر ڪنهين ۾ هڪ نه ٻي هن ڪا عجب حڪمت رکي،
سا حقيقت راز واري، مرد ڪنهن مانجهيءَ لَکي.
هي سڄو ئي سير سانگو قرب جي خاطر ٿيو،
سانگ اهڙي ساڻ پنهنجي نور کي ظاهر ڪيو.
نور سو مخفي امانت مان ٿيو نروار بس،
ريگ رڃ ويران عرب ٻَهه ٻَهه ٿيو گلزار بس.
هي ٿيو روشن جهان ۾ نور احمد مصطفيٰ
روشنائي ٿي نمايان وِڀِ وئي نڪري صفا.
خاندانِ مصطفيٰ جي خود ڪئي موليٰ ثنا،
شان ۾ اطهر ڪنهين جي ڪنهن بهَ نسبت اِنما.
شان جي چادر لٿي داخل جنهين ۾ پنجتن،
ذات جا آ حَقَ جي، واصل تنهين ۾ پنجتن.
ٻن جهانن جي حوالي، واڳ تن جي هٿ رهي،
مهر جن جي سان ويو سڀ درد غم دل جو لهي.
بند
صاحبِ جود و سخا ۽ ابر رحمت پنجتن،
معدنِ مهر و ڪرم گنجِ عنايت پنجتن.
خاص هي خلقِ خدا مان پاڪ سڀ ڪنهن عيب کان،
مالڪِ ملڪِ خدا والي ولايت پنجتن.
تن کي حاصل آ خدا جو راضپو هر حال ۾،
حَقَ ڀي بخشي تنهين، جنهن جي شفاعت پنجتن،
سڀ هدايت جا ڌڻي هن پشت مان ٻارنهن امام،
واجبي جن جو ٿيو ورثو امامت پنجتن
صد زبان گر دَهن ڌاري ته به نه ٿي پوري ثنا
آهه بس برتر بيان کان هي حڪايت پنجتن
غم نه ڪر ”مَسرُوَر“ ڪوئي تون قيامت جو ڪڏهن،
عاصين جي حشر ۾ آهي حمايت پنجتن.
مدح
حضرت پيران پير عليه الرحمه
موج دل مان ٿو لکان تعريف پنهنجي پير جي،
دادلي داتا ُدلاري غوث اعظم مير جي.
هر وليءَ تي آ قدم ان پير عاليجاهه جو،
ديو ۽ جن و پري آ زير فرمان شاهه جو.
تار مان تاري ڏنا جنهن ٻاجهه سان ٻيڙا ٻـُـڏا،
قـُمَ باِذنِي اَمـُر سان زندهه ڪيا مـُردا
جَڏا.
اسم اعظم شاهه جو ٽوڙي زبر زنجير کي،
مهر سان ميٽي ڇڏي ٿو جو لِکئي تقدير کي.
شاهه جي دامن لڳو جو، سونه ڪوئي دُک پَسي،
دائما بيباڪ بيپروا سدائي خوش وَسي.
مدح
حضرت قلندر شهباز رحمه الله عليه
لاڏلو مولا عليءَ جو، دادلو داتار جو،
آهه سو اولاد ثابت سيد الابرار جو.
مير مروندي قلندر شاهه عثمان نا مدار،
شهر سيوهڻ ۾ جنهين جو خاص ديرو برقرار.
جو سوالي آس پائي، داد لهءِ هن در ويو،
سو دلي ماڻي مرادون سيگهه ۾ واپس ٿيو.
نزد مولا پاڪ ان جو ٻول سڀ منظور آ،
رنج غم، آئي جنهين جي ڏيهه هن کان ڏور آ.
خاص نالي جو نغارو جا بجا نروار آ،
سنڌ تابع هند ۽ ڪشمير پڻ قنڌار آ.
تعريف
شهر روهڙي شريف ۽ مدح
(مرشدنا هادي راهه طربقت)
جناب فقير قادر بخش بيدل رحمت الله عليه.
رمز رندي راز واري روهڙيءَ ۾ لات آ،
وحدتي جت وڏ ڦڙي جان هر گهڙي برسات آ.
هر ڳليءَ گهر شوق شادي عشق آبادي رهي،
موج ميوه، گل مجازي، عام امدادي رهي.
جئن عرب ۾ آ مدينو، روهڙي تيئن سنڌ ۾،
مـُو مبارڪ کان مشرف آهه هر جا هند ۾.
مير مرشد مون سندو، اُت صاحبِ علم وحيا،
محو معنيٰ غرق وحدت رند عارف رهنما.
من خدا جو موج مان هي آهه سندس خوش ڪلام،
فرش کان تان عرش اعليٰ سير سڀ ڪيڙا تمام.
اسم قادر بخش، بيدل با تخلص نامدار،
صوفين جي سلڪ ۾ سو مرد غازي تاجدار.
پڻ پِسر پڳدار ان جو مير محسن نوجوان،
شاهه بيڪس برهه جو سو هوبهو نقشو نشان.
عشق الفت جو گهـُران ٿو دان تن جي در اُتان،
شال ڪندا قرب وارا ٻاجهه مون ٻانهيءَ مٿان.
وصف عام
ڀاڳ بيشڪ آ وڏو ئي سنڌ جو هن هند ۾،
ڇا وري ڪشمير ڪي ان جي جڙي ڪجهه جند ۾.
جئن پيارو آهه ان ۾ خاص هڪ منهنجو وطن،
جوڙ ۾ ان جي برابر ڪو نه ٿيندو در زمن.
جو لکي نالو مصور الف ب لکجي جيئن،
”شينَ“ ”ڪاف“ و ”الف“ ”ري“ و ”پ“ و ”واءُ“ و
”ري“ ائين.
رحمدل رِلڻا مڙيئي ملڪ جا ماڻهو ٻجهن،
خوش لباس ۽ خـُلق وارا پاڻ ۾ پَرتَل رهن.
سنڌ ۾ ٻي روهڙي آهي مديني جي مثال،
پڻ وري ڪهنو سکر بغداد جي صورت بحال.
سبز گنبذ هيٺيان سائين جتي مسند نشين،
مرد سو داتا سخي شاهن جو شاهه خير الدين.
در تنهين جي صدق دل سان جو اچي اندوهگين،
سو وڃي واپس وري خوش خورم خنده جبين.
جهوڪ راڻيپور درازين فيض جو واهڙ وهي،
جو اچي طالب اتي سو سڀ دلي مطلب لهي.
ان سوا شهباز نوري، ڀٽ ڌڻي پڻ ڀرجهلو،
سيگهه ۾ سڏ تي رسي، مشڪل پيل جو ڪن ڀلو.
پوءِ ڪوئي سنڌ ۾ سچ غم نه ڪو باقي رهيو،
هر طرف کان ٿي بهاري، ڏرت ڏلائو ويو.
بيان شروعات تصنيف ڪتاب
سانگ لاڳاپا سٽي سڀ، پيرُ پِڙ ۾ پائجي،
مست رهجي موج ۾ ڪَنُ ڪين ڪنهن ڏي لائجي.
هي چيو هڪ يار مون کي: ”هير جو جوڙي قصو،
سچ سڻائي حال ان جو سڀ وڃايو وسوسو.
”پڻ هجي ان ۾ فراقي درد دک جو حال قال،
جئن مطالع بعد ان جي ڪجهه ٿي خاصو خيال.
”رنگ ڏيئي راز جو ڪو حال دل جو کولجي،
دل موافق سر بسر ٻي ڳالهه ڳجهڙي ڳولهجي.
”هير رانجهي جي حڪايت جا سچي آ سر بسر،
سا سڻي بهرو وٺن جي برهه کان هن بي خبر.
”هن حقيقت جي به نسبت جن کي آ شڪ و گمان،
وهم- جئن تن جا وڃن هيڪر پڙهي برهين بيان!“
دوست جي فرمائش قبول ڪرڻ بنسبت
هيءَ حقيقت يار جي مون گوش دل جي سان سڻي،
خاص دل کي ڳالهه ريءَ ڳڻ ڳوت جي ويئي وڻي.
دل جهلي ڌوڪي پيس هن بحر بي پايان ۾،
شال ڪندس خير سان طئي آس آ رحمان ۾.
سير هن ۾ جي سراسر بي بها موتي ڏٺم،
چاهه مان دل چست ٿي، ڏيئي ٽپو لوچي لڌم.
هار پوئي سوکڙي هيءَ نذر هيجون ٿو رکان،
در گذر ڀـُل کي ڪجو جي ڪا ڏسو ڪاٿي اوهان.
بند
اڄ وري اظهر نوان ڪي عشق جا آثار ٿيا،
خوض خاصا بيخوديءَ کان ٿم اچي هڪ وار ٿيا.
جذب دل جي جوش مان ايندا وڃن هڪ ٻئي مٿان،
سي اکر اعوام لهءِ سڀ هينئڙي جا هار ٿيا.
صدق دل جي سان سڻي، جيڪي هليا هن حال تي،
مرد سي مانجهي مڻيارا سر ڏئي سردار ٿيا.
هيءَ حقيقت حال واري جن پڙهي پرتئون سڄي،
وهم خطرا تن ڪنان سڀ دور دک آزار ٿيا.
مهر مرشد جي مگر ”مَسرُورَ“ ڪجهه پنهنجي جفا،
طالبن کي ان طرح سڀ دل گهريا ديدار ٿيا.
ـــــــــــــــــ