جواب رانجهي جو
جلد ينگه کي ڏنو رانجهي ورائي هي جواب:
ياد رک، ڀاڀي تون ڏسندينءَ روز محشر جي عذاب.
”هي زمانو بي بقا ۽ دم گهڙي آهي خيال،
نيٺ سڀ ڇڏڻو اٿئي هي اوچتو ئي گهر عيال.
”ڪوڙ ۽ چغلي گلا پڻ هي ڪميڻو آهي ڪم،
فعل بد سان بد ٿجي ٿو، ورنه آهي پاڪ ڄم.
”تو جيان ڪا زال زوراور نه هوندي در جهان،
تو وجهي فتنو ملايو خاڪ ۾ سڀ خانمان!“
جواب ينگه جو
بس ڪئي رانجهي اڃا، ينگه وري وارو ڪيو،
رمز سان ان کي دٻائڻ لاءِ اوساريو ڪيو.
پوءِ ڏوراپو ڏيڻ ٿي هٿ کڻي حجت رکي:
”ماءُ مَٽ تنهنجي ٿيان مان لاڏلا رانجها لکي.
”هر گهڙيءَ مون کي ته تو ا ڪيترو گهٽ وڌ چيو،
واهه جو ڀاڀيءَ وڏيءَ جو مانُ تو آهي ڪيو.
”جو ڪمائي ڪين ڪي، ان کي ته سـُک ملڻو نه آ،
هَڏ رکئي کي ڪي به هَڏ هن حال سان وٽڻو نه آ.
”پاڻ کان آخر وڏن جي جهيڙ جـُٺ سڀ ڪو سهي،
جڳ سڄو اولاد سڌرڻ لاءِ ڪوشش ۾ رهي.
”تنهنجي پرڻي جو به مون کي اهه اونو روزو شب،
ليڪ جي سڌرين ته مالڪ ڀي وري جوڙي سبب!“
جواب رانجهي جو
مڪر ينگه جو اهو رانجهو صفا سمجهي ويو،
جلد هي ان جي وراڻيءَ ۾ چٽو واري چيو:
”آءٌ ته ڀاڀي ڊَولَ تنهنجي کي صفا سمجهي ويس،
ننڍڙو مان ڀي نه ڪو، بي سمجهه يا ٻالڪ ٿيس.
”در ڀـُلي آيس اوهان جي، بخش بس نالي خدا،
ڀڄ پري بيزار ٿي، تون ڪين ڪر مون کي خفا.
”تو تَتو مان گهر ڇڏي ويندس ڏئي گهر ٻار سڀ،
تو مچايو آهه منهجي لاءِ هي آزار سڀ.
”مال ۽ ڌن تي وڏو توکي سدا آهي غرور،
رات گهارڻ ڏي سڀاڻي، ساجهري ويندس ضرور.
”شهر هن جي شوق شادي کان مون کي آ بس ڀل،
گهر وطن، ويڙهي، عزيزن کان صفا مون دل پلي!“
جواب ينگه جو طعني طور
خار کان کامي وئي ههڙو سخن ينگه سڻي،
جهٽ ڏنائين جوش مان واري ورندي هٿ کڻي:
”مون به ڄاتو آهه تنهنجي رمز چئنچل چال کي،
تون سيالي ملڪ جي آهين فدا خط خال تي.
”هان! تڏهن توکي هزاري جو نه ٿو ماڻهو وڻين،
بس اٿي اُڻ تـُڻ اها جا ڳالهه ٿو دل ۾ ڳڻين.
”آءٌ ڏسنديس هير ايندين تون هتي شادي ڪري،
ڇا مزا ماڻي اهو جو سانگ ٿو سر جو ڌري.
”هَرَ وَهي ڦٽجي پيا ٿي هٿ ٻئي هاڻي اجهو!
حال ههڙي ساڻ سچ پچ هير ٿو ماڻي اجهو!!“
جواب رانجهي جو
هي سڻي طعنو ٿيو دل ۾ گهڻو رانجهن ملول،
ڪوڏِ جي واري چيو: جو ڏک اچي سو آ قبول.
”ليڪ هيڪر هير راڻيءَ ساڻ مان شادي ڪري،
روبرو توکي پسايان عشق آبادي ڪري.
”تون ته بيشڪ ڪر ٺٺولي، مون جهلي جهولي اها،
صاف سمجهي پيچ واري مون ٻِٽي ٻولي اها.
”هي وطن توسان هجي، جنهن ڳالهه جي ڳولهي رهين،
ڀت پئي مون تي سهين پر ڪَکُ پيو تون نا سهين.
”عاقبت اُجڙي انهن جي، جي رکن دل ۾ دغا،
پڻ مـُئي کان پوءِ ڀي، تحقيق دوزخ ۾ پيا!“
رانجهي جو رُسي وڃڻ
هي چئي رانجهي اُٿي ڍوڍو ڪيو اتهين ڦٽو،
جوش کان بيهوس ٿي واري چيو هن پر چِٽو.
”هاڻ بس حافظ خدا، آخر ڪهاڻي آ اها،
هن هزاري ديس کان ڀي موڪلاڻي آ اها.“
هي چئي اُن کاڄَ پاڻيءَ، يار، گهر کون دل پلي،
ڪِڇ وجهي پڳڙي جـُتي، هٿ ۾ کڻي پڻ ونجهلي.
جوش مان جهٽ منهن ورائي سير سان راهي ٿيو،
گهر وطن ويڙهو ڇڏي هي جهنگ جو واهي ٿيو.
وقت ديگر ڌرتتي ۽ جوش جهيڙي جو ٻِيو،
پڻ وڇوڙي ديس جي، سڀ هوش رانجهي جو نِيو.
جسم خاڪيءَ کي ڇڏي جئن روح راهي ٿو ٿئي،
ترت تئن رانجهو وطن کان الوداعي ٿو ٿئي.
وِک وڌائي، پـُٺ ورائي، سنگتي ساري پيو،
نِت نماڻان نيڻ چائي، نير رت هاري پيو.
هٿ کڻي فاتح پڙهي، وڻ وڻ چوي هو والسلام،
”ٿي ملڻ موٽي نه شايد، آخرين هي آ ڪلام.
”تا قيامت شال هوندا، سڀ اوهين ساوا سدا،
آءٌ به اُت ڪندس اوهان کي حال جو شاهد ادا!“
هيءُ چوندو، پوئتي، اڳتي، نهاريندو وڃي،
وڻ ڇڏيندو سو وطن جا هئن وِکاريندو وڃي.
ينگه جو گهر اچڻ
ٿي رواني ڳوٺ ينگه، ڏاند ڪاهي، هـَـرُ کڻي،
روح ۾ سا خوش رهي، ظاهر هئي ماندي گهڻي.
گهر اچي سا نيرَ هاري، هيءَ حقيقت سر سري،
مڪر پٿري منهن نماڻي، پئي ڪيائين ڏک ڀري.
ڏوهه ان جو ڄڻ نه هو ڪوئي رتيءَ ماتر ڪڻو،
هاءِ ههءِ گهوڙا ڪري ماندي مري روئي گهڻو.
ڀائرن جو رانجهي جي پويان وڃڻ
هيءَ ته رانجهي جي رُسڻ جي ڀائرن سان سـُڌ سڄي،
جهٽ ڪئي ماڻهن وڃي، پوکون ڇڏي، تڪڙو ڀڄي.
جن ڏٺو ٿي ويجهڙو، بيٺي سڄو احوال هي،
تن اچي کولي ٻڌايو، ڀائرن کي حال هي.
سـُڌ اها ڀائر سـُڻي، دل ۾ ٿيا غمگين سڀ،
بيقراريءَ جي سبب، بيمار جان بيچين سڀ.
گرچ رانجهي سان نه تن جي ڪاهئي الفت ذري،
ڏک ٿيو ليڪن سڀن کي، اخوَتي آتش ٻري.
ڇو ته ڀائن ۾ وٿي هڪ وار جي ناهي صفا،
ٿي وري اُبتي سنئين ڀي رازَ واري رت اها.
جوش مان جهٽ پٽ اٿي، سڀ ڀاءُ جي پويان پيا،
سيگهه ۾ ڊوڙي ڊڪي سي مرد جي منهن سر ٿيا.
هٿ وٺي ڀاڪر وجهي سي سڀ لڳس منٿ ڪرڻ،
هٿ رکي کاڏيءَ، پـُٺيءَ تي پڻ لڳس هن پر چوڻ:
”خش ڀاڀيءَ جو اسان کي هاڻ رانجها ڏوهه تون،
هيءَ مڃي منٿ ميان ڪاوڙ ڇڏي ڏي ڇوهه تون.
ڇا ڀلا ڀائـُن بنان مجلس به ڪا سهڻي ٺهي،
ڀائرن جي ئي مدد سان حلُ سڀ مشڪل رهي.
”ڀاءُ بِن درڪار ڇا هي، ڀاءُ بِن سنسار سـُڃ،
ڀاءُ بِن بازو ڀڳل پڻ، ڀاءُ بِن چوڌار سڃ.“
”بخت واري جا ٻيا ڀي گر لکين ڀائر بهن،
اوپرا پر رنج ۾ رانجها نه ٿا پنهنجا ٿين.“
”سمجهه هاڻي ٿي سياڻو، موٽ پٺتي مانُ ڏي،
هي اسان کي نانءِ مولا دادلا تون دانُ ڏي!“
جواب رانجهي جو
هي سڻي رانجهي چيو: ”بس گِهه کـُٽو ڪـُپڙي ڀَڳي،
سانگ لاڳاپا ڇٽا سڀ ٺـُونٺِ جي ٺوڪَرَ لڳي.“
”سڀ ورهائي مال ورتوَ سو ته ڪو ارمان نانهه،
ڇو پيا هو پوئتان مون ساڻ ڪجهه سامان نانهه.“
”پهريون جـُٺيون ڪري، پَرچو ڪرڻ آيا وري،
چَٽَ ڏئي ڀاڪر وجهي، ڪوڙي ڪيو ٿا دلبري.“
هن هزاري ديس ۽ گهر گهاٽ کان مون دل پلي،
جهنگ جهر جالڻ سوا ٻي ڪانه آ مون کي ڳلي.
”هي ڀلائي ڀال مون تي سڀ اوهين واپس وڃو،
ڪِينَ هرگز ڪِينَ هلندس، عرض هي منهنجو مڃو!“
ينگه جو اچڻ
لوڪ جي لڄ ۽ گلا کان پوءِ ينگه هيڪلي،
سيگهه ۾ پهتي اتي بي ڏوهه بڻجي ويسلي.
پيش رانجهي مڪر پٿري رت رڙي زاري ڪري،
سر مٿان چادر ڇڪي سا ڳل وجهي ڳاري ڪري.
هٿ ٻڌي منٿ ڪري ۽ سر نمي پيرين ڌري،
روح ۾ راضي گهڻو ظاهر، ته ڄڻ ماندي مري.
ڊَول پٿري پوءِ رانجهي کي تنهين روئي چيو:
”ڪين ڪي رانجها ائين توکي ڪرڻ لائق هيو.“
”بخش بلڪل هاڻ تون جيڪا پئي مون کان خطا،
لاهه دل جو رنج رانجها مون مٿان نالي خدا!“
”تو سوا رانجها ميان منهنجي نه ٿي ساعت سري،
هاءِ ههءِ ههءِ تو بنان ٿو جيءُ جگر منهنجو ڳري!“
هي چئي چولي ڪنان جهٽ چنبڙي، گِهِلَڻ لڳس،
گهر هلڻ جي لاءِ حـُجت مان، مٿان اَهلَڻ لڳس.
جواب رانجهي جو
قـَـصد مان رانجهي پلوءُ جهٽ پاڻ ڏي پنهنجو ڇڪي،
هٿ ڇڏائي پوءِ ينگه کي ڪيو پـَـرتي ڌِڪي.
دم تنهين ينگه ڌڪي کان ڪنڌ ڀر اونڌي ڪري،
ڌوڙ ۾ ٿي ليٿڙي سا ڄڻ هيس مرگهي مِري.
هٿ کڻي ينگه طرف هن پر چيو رانجهي وري:
”ڪين ڪر ڀاڀي بهانا، تال تون هي، وڃ ٽري!“
”ڪين موٽي مـُور هلندُس گر ڪيو منٿ هزار،
آ مدد مون ساڻ مالڪ پاڪ هڪ پروردگار!“
هيءُ چئي سو منهن ورائي، راهه سان راهي ٿيو،
بي وطن بي يار ٿي سو جهنگ جو واهي ٿيو.
رانجهي جي ڀائرن ۽ ڀاڄائيءَ جو گهر اچڻ
جئن ته رانجهو ڀي وري واپس اچڻ وارو نه هو،
جوش ڪاوڙ جي سبب منٿ مڃڻ وار نه هو.
هي به سڀ حيلا ڪري، بي مهت ٿي گهر ڏي ويا،
ڇا ڪرن لاچار بيوس، وس وڏائي جن ڪيا.
گهر اچي سي هڪ ٻئي کي ڏک وچان هن پر چون:
”ڏيهه جا ماڻهو اسان کي، مانُ ڏس ڪيڏو ڏين!“
”پر اهو ارمان رانجهي ڪا نه ڪا منٿ مڃي،
ڪين ڪي ڪنهن کي ڏٺائين کَڏِ پوي هاڻي وڃي!“
هي چيو هڪڙي: ”ادا، ڇو ٿا ڪيو ايڏو بيان،
پوءِ اڳ پنهنجي وڏن جو ڪين آ جنهن کي ڌيان.
”مور ٿيندو ڪين تنهن کي ڪو نصيحت جو اثر،
بي چيو ڀٽڪي ڀلي، جنهن تي خدا جو آ ڏمر!“
رانجهي جو جهنگ سيال طرف وڃڻ
جند ڀائن کان ڇڏائي، پوءِ رانجهو رخ مٽي،
جهنگ ڏي راهي ٿيو سو سانگ لاڳاپا سَٽي.
جوش جهيڙي کان سَڙِي سينو ٿيو ان جو ڪباب،
واٽ سان جاچي پيو هن قسمتي ڪم جو حساب.
ڏينهن سارو پنڌ ۾ دل کاڄ پاڻيءَ کان پلي،
ڳوٺ جا اڳيان ڏسي وڻ گهٽ ٿيس ڪجهه بي ڪلي.
سج لهي سانجهي ٿيو، ان ڳوٺ ۾ پهتو اچي،
جِتِ گهمندي سير سان آيس نظر مسجد ڪچي.
ٿڪ سبب آرام خاطر جهٽ ويو اندر ڪَهي،
خوف خطرا سڀ ڀـُلائي، ڪـُنڊ ۾ پيڙو ڊهي.
ڪين ڪي آرام سَودا کان پيو ان کي اچي،
هر گهڙي بيمار جان ليٽي لڇي دل ۾ پچي.
ان طرح اڌ رات تائين سور سودا ۾ ويس،
ڪونه ڪو ساٿي ٻيو يا سنگتي محرم ٿيس.
ونجهلي هٿ ۾ کڻي سو روح ريجهائڻ لڳو،
سوز مان آسا صبوحي گـُن ڪلي ڳائڻ لڳو.
چپ هئي چوڌار بلڪل وهه مزو آسا ڪيو،
هيٺي مٿتي چوطرف آواز هي پکڙي ويو.
ڳوٺ ۽ پڻ ويجهڙائيءَ جا به رهندڙ جي هـُيا،
اوچتي آواز هن تي جهٽ تنهين جاڳي پيا.
ڪن ڏئي آواز تي مسجد طرف ڪاهي پيا،
مرد زالون ڇوڪرا سڀ ڇا ٻڍا ٻالڪ ٻيا.
ڪي ويا اندر ڪَهي پر ڪي گهڻا ٻاهر ٿيا،
لئي ٻڌڻ جي لاءِ رانجهي کي مٿان ويڙهي ويا.
سـُر سـُڻي سي پاڻ کان ڀلجي ويا بي هوش ٿي،
محو ذاتي موج ۾ ڇـُلجي پيا بي گوش ٿي.
مالَ گهَرَ جي سوچ تن جي دل اُتان ويئي لهي،
محويت ۾ سي مـُئي جان سر پيا ڍاري ڊهي.
موج ان ۾ ٿي ويو معياد پورو رات جو،
ٿي پڇاڙي رات جي وارو ٿيو پرڀات جو.
جا ڪئي بانگي حقيقت لات ڪـُڪـُڙون ڪـُون ڪري،
خاص مالڪ کي وڏائي تات تون هي تون ڪري.
هي سڻي آواز عابد، سيگهه ۾ گهر ڏي ويا،
پر ٻيا بي هوش ۽ بي سرت سڀ بيٺا هيا.
ملان جو مسجد ۾ اچڻ
رات ڀي هئي سر مٿان، لاهي ستت ڪاري قبا،
ٻي وري پهري سفيدي رنگ جي چادر صفا.
پڻ اچي عابد ويا سڀ سيگهه ۾ سجدا ڏئي،
چو طرف ساڳي ورائي پيهه رانجهي تي پئي.
رفت آمد خلق جي کان لـُڙ ٿيون ٿورو گهڻو،
ليڪ پِرڀاتي ســُڻي، چپ ٿي ويو هر هڪ ڄڻو.
ايتري ۾ ات اچي مـُـلا ويو تن جي مٿان،
ڇا ڏسي جو خلق ساري ريجهه ۾ آ راڳ سان.
ڪو پيو آ ڳاٽ ڍاري ڪنهن جي آ حالت زبون،
ڪو لـُڏي سر ٿو هڻي، ڄڻڪي هيس جگري جنون.
هيءَ ڏسي حالت ميان جيءَ کي چڙهي ڪاوڙ گهڻي،
لوڪ کي لوڌڻ لڳو هٿ ۾ وڏو هاسو کڻي.
ڦِٽ بـُجو، ڪنهن کي ڌِڪو، ڪنهن کي ڏنائين ٿي تڙي،
هڪ بچي رانجهو ويو، باقي وئي خلقت لڙي.
رانجهي سان مـُـلا جي گفتگو
چڙ وچان مـُلا وري، آيو ڦري رانجهي مٿان،
هي چيائين: ”ڪير آهين تون اچين ڪافر ڪٿان؟“
پڻ ڌڪا ڏيئي چيائين: ”دور ٿي رهزن هتان،
وڃ سگهو واپس وري آئين مگر موزي جتان،“
”هت جڳائي ڪين ڪي ڪجهه غير شرعي ڪم ڪرڻ،
ريءَ عبادت فرض مولا جي نه آ واجب رهڻ.“
”اُٿ ڪميڻا، ڪين ڪر لـُڙ، ڪم اَٿئي ڪهڙو هتي،
حال ههڙي ساڻ ٿيندين بي حيا بڇڙو هتي!“
جواب رانجهو جو
ڪَرُ کڻي، آخوند کي، رانجهي ڏنو هن پر جواب:
”هيءَ ڊگهي ڏاڙهي ته تنهنجي خوش رکي خضري خطاب.“
”نرڙ تي محراب نـُوري جئن نمازين کي نشان،
ليڪ ههڙي حالن کان ابليس آهين بي گمان!“
”سَڻڀ سيري لاءِ لوڀي تون سدائين ٿو سِڪين،
پيٽ پالڻ لهءِ مـُئن جي تون پيو مالي تڪين.“
”اي ميان وڙهه ڪين ڪي تون مون مسافر سان وري،
خوف ڪر دل ۾ خدا جو هاڻ وڃ مون کان ٽري!“
ملا جو جواب
هي سڻي الفاظ، ملا جو ويو جيرو سڙي،
جوش مان رانجهي مٿان الري ڪئي ڌڌڪي ڌڙي.
جلد هي واري چيائين ڪجهه ڪري دڙڪو دٻاءُ:
”اي ڪميڻا، ناهه توکي ڪو شريعت جو سماءُ!“
”شرع پيغمبر جي آهي زور زبري سڀ ڪنان،
جنهن ڏئي فتوا چڙهايا گهوٽ سوليءَ تي گهڻا.“
”شاهه شمس الحق جي ڀي شرع ڏس کلڙي کلي،
مرد پڻ منصور جهڙي جي نه هت هڪڙي هلي!“
”وڃ سگهو هاڻي هتان، توکي چڱائي ٿو چوان،
ترس کائي ڀي وري سِردان ٿو توکي ڏيان.“
”هي خدا جو گهر فقط آهي عبادت لاءِ خاص،
ناهه هيءَ اوطاق يا ڪو دائرو ديوان خاص!“
”پوءِ رانجهي کي ڦري پويان ڌڪي لوڌڻ لڳو،
اٿ سگهو هاڻي هتان!” هي جوش مان ٻولڻ لڳو.“
جواب رانجهي جو
پوءِ ملا کي ٻڌي هٿ هن طرح رانجهي چيو،
”سچ، ڀلائيءَ لاءِ جڳ جي ٿا اوهين ڪوشش ڪيو.“
”درد وارن کي ڇڏايو، جهاڙ ڦيڻو دم ڪري،
پڻ ڏيو ان کي سزا جو غير شرعي ڪم ڪري.“
”ليڪ مسجد ۾ مسافر جي رهي ساعت سوا،
مسئلو مـُلا اهو ڀي ڪجهه رکايو ٿا روا.“
”مون مسافر کي به ڪا هڪڙي گهڙي گهارڻ ڏيو،
غم غلط جي لاءِ هنجون نير رت هارڻ ڏيو.“
”سوز سودا جي سبب دل کي ويا ويڙهي دليل،
ڪر ڪرم تون راهه ويندن تي اهو ملا اصيل.“
جواب ملا جو
هي سڻي ملا ٿيو ان دم وري ٻيڻو غصي،
جلد رانجهي کي چيائين ونجهلي هٿ مان کسي:
”اي ڪميڻا هت رهڻ ڪنهن کي به دم ڇڏجي نه ٿو،
بي حيا بڪ بڪ ڪري تون مفت کائين ٿو مٿو.“
”ڪئن اهو بندو سڏائي جو ڪ آ تارڪ صلوات،
ليڪ سو وحشي جيان بي دين آ ڪافر ڪـُذات.“
”هِت هـُتي ڪي ڪجهه اسان کي شرع ريءَ درڪار ناهه،
نفل روزي فرض کان وڌ ڪو ٻيو ڪم ڪار ناهه.“
”مـُڙ ميان تڪرار مان تون ڪجهه وٽيندين ڪين ڪي،
هوڏَ واري ليڪ تون نيهي ته ٿيندي ڪين ڪي.“
”هوڏَ واري کي ڏئي فتوا ڇڪي سوريءَ ڏيون،
بي ادب کي دير ريءَ سيکٽ اها پوري ڏيون!“
رانجهي جو پنهنجي منهن گفتگو مـُلا کي عرض ڪرڻ
سڀ هلائي وس ٿڪو، زاري ڪري رانجهن غريب،
ڄاڻ ڄاتائين ته پنهنجو اصل آهي بدنصيب.
ميڙ منٿ عرض ۽ آزي ڪري عاجز ٿيس،
ڇا ڪيان لاچار هاڻي وس ڪنان پنهنجي ويس.
هاءِ مـُلا کي نه ڪوئي ترس ڀي منهنجو پيو،
شـُومَ پڻ هٿ جوڙ سان هي ضد ويتر وڌ ڪيو.
سچ چيو آهي سياڻن، ڦير ان ۾ وار نانهه،
اُڀ ڪِري ڌرتيءَ اُتي ته به رِندَ جو هي يار
نانهه.
جئن ته هي واقف نه آهن رِندَ جي ڪنهن رمز کان،
حَقَ جهوليءَ آ هنن جي هيٺ ڦٺ هر دم مٿان.
هي ڏئي دل کي دلاسو، روح رانجهن وس ڪيو،
ونجهلي واري وٺڻ جي لاءِ ساڻس رس ڪيو.
هٿ ڊگهيري منهن نماڻي، هي چيائين بر زبان:
”ڏي ورائي ونجهلي تان واٽ پنهنجي سان وڃان!“
هي سڻي مـُلا تنهين دم ونجهلي اڇلي ڇڏي،
پڻ چيائين جوش مان: اٿ ٽَر سگهو هيءَ کڻ مڏي.
”ڀڄ هتان اي بي حيا، بس دم نه گهرجي دير ٿي،
پور جان ٿي پاهه ويندين، روشني جنهن وير ٿي!“
------ |