سَهتيءَ جو هير سان گفتگو
جهيڙ ۾ جهليا هئا سَهتيءَ به جوڳيءَ جا ڌڪا،
جنهن سبب کان هير تي سَهتي چِڙي ويئي صفا.
جوش مان جهٽ پٽ چيائين هٿ کڻي واڪي وڏي:
”هي سڄو جهيڙو ڪرايو هير تو جوڳي سَڏي.
”چَٽَ ڏئي ان کي وهاري تو وڌايو گوڙ کي،
مون به ڄاتو آهه تنهنجي انگ اٽڪل اوڙ کي.
”هي ته جوڳي ڪين هو موذي مگر مڪريل ڪو،
لـچ لفنگو چور شاهي آدمي اڻگيل ڪو!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”سَهتي چوين هي ڇا پئي،
تو وڙهي ان ساڻ پنهنجي عاقبت اونڌي ڪئي،
”جي فقيرن سان لڙن تن جا ٿيا بدحال ڏس،
ڌوڙ تن جو ڌن ٿيو ڪوفي اهي ڪنگال ڏس.
”تو ڀڃي ڪشتو تنهين جو ۽ وري جهيڙو ڪيو،
ڳالهه ان مان سچ ته سـَـهتي ڇا پلي تنهنجو پيو.
”هي پيارو رَبَ جو ڪو مرد مولائي اَٿي،
هر گهڙي حاصل تنهين کي حال هِڪڙائي اٿي.
”تو پَٽائي پاڙَ پنهنجي مفت جوڳيءَ سان لڙي،
آههَ واريءَ باهه ۾ ويندين ائين سـَـهتي سڙي.
دير گيرد سخت گيرد، هي صحيح مذڪور آ،
آهه ڪا وڻواند ڪنهن جي ڀي نه وڃڻي مور آ!“
جواب سَهتيءَ جو
بس ڪئي مس هير جئن جو، هي وري سـَـهتيءَ چيو:
”ڳالهه تون ڳائين جنهين جي هي نه سو جوڳي هيو.
”ويس جوڳيءَ جو ڪري آيو خبر توڏي کڻي،
تو به اَٽڪائي اڳي اُن ساڻ آ اک جي اَڻي.
”جئن ته مون سان ٿي وڙهين تون سَندرو ڀاڀي ٻَڌي،
ڪين ڪر ڪاوڙ اجائي ٺـَـُر گهڙي کن ٿيءُ ٿڌي.
”چور کي جوڳي بڻائين ڄڻڪ مان ڄاڻان نه ٿي،
مون ڳڻي ڳوتي ڇڏي اڳ ڳالهه جيڪا تو ڪٿي.
”ماٺ ڪر نه ته هاڻ تنهنجو پول ٿي پڌرو ڪيان،
سعد کي پڻ ٿي ٻڌايان جو اچي ٿو ڏِسُ پريان!“
ٻانهين جو هير ۽ سهتيءَ کي ماٺ ڪرائڻ
هي ڏسي لڙ گوڙ جهيڙو، ٻانـِـهين ٻانهون ٻڌي،
بس ڪرائي ڳل لڳائي وک ڪري اڳتي وڌي.
سڀ ٿيون مشغول ڪم سان هير پنهنجي سور ۾،
هر گهڙي گوندر گذاري پـِـرِ پـَـسڻ جي پور ۾.
پڻ ڪري ويچار سا تان ڪئن ملان محبوب کي،
ڪئن ورائي ماڻيان مان يا خدا مطلوب کي.
نينگرين جو باغ ڏانهن وڃڻ
هن پڄاڻان هڪ ڏهاڙي سرتيون گڏجي ٻه چار،
سنبري سهجئون ويون ٿي سير جي سانگي بزار.
وک کنيو جئن ٿي ويون تئن باغ کي ويجهو پيون،
هم صلاحي ٿي سڀيئي سير لهءِ اندر ويون.
سامهون ويندي ڏٺائون مرد هي جوڳي اَڌوت،
وِک وجهي اڳتي ويون ان جي ڏسڻ صورت ثبوت.
مـَـچَ مٿان بيهي مچايو کيج ۽ کلڪو جنهين،
ڦوڪ ڏيئي باهه ٻاري مچ اجهايون هئن تنهين.
هي ڏسي حالت اٿي جوڳي ميان آسڻ اتان،
جـَـهٽُ ڏئي پڪڙي وتائين هڪ ڄڻيءَ کي ٻانهن کان.
ڪي ڀڄي پرتي ويون جا هـِـڪَ جـَـهلي جوڳي جوان،
ڌڪ هڻي گهوگهڻ لڳو تنهن چور ورتل جي سمان.
درد کان دانهون پئي سا هاءِ ههءِ گَهل گَهل ڪري،
پڻ چوي جوڳي ميان کي هٿ ٻئي پيرين ڌري:
”بخش اي جوڳي ميان تون رحم ڪر نالي خدا،
ڏي مون کي سردان سائين ساهه ٿو نڪري صفا.
”جو ڪرين ارشاد هاڻي پيروي ان جي ڪيان،
بخش منهنجو ڏوهه هادي سر نمي پيرين پوان!“
جواب جوڳيءَ جو
هي نماڻو منهن ڏسي جهٽ رحم جوڳيءَ کي پيو،
ٻانهن کان قابو جهلي، ان کي ائين واري چيو:
”جا چوان مان ڳالهه توکي، سا نه سـُڌِ ٻي کي ڏئين،
هير جي سِرَ کان سوا تون ڪين ڪي ڪنهن کي چوين.
”بخشيان ان ريت سارو، تو ڪيو هي ڏوهه جو،
پر دلاسو ڪين ڏج دل ۾ رکي تون ڊوهه ڪو.
”پهريائين پر مون کي پنهنجو ته ڏس نالو نشان،
خاطري ڪي ڪجهه ڪيان ۽ لاهيان دل جو گمان!“
جواب نينگريءَ جو
هٿ ٻڌي نينگرِ چيو هئن عرض ۾ آزي ڪري:
”مهر ڪر جوڳي مٿم تون ٻاجهه وارو هٿ ڌري.
”مان قسم سر جو کڻي توسان ڪيان ٿي قول ڪجهه،
ڪين ڪي ڪنديس وليڪن ڍنگ توسان ڊول ڪجهه.
”آءٌ سهيلي هير جي، نالو اٿم قولان سکي،
سينڌ جو آهي قسم ان ۾ نه مون اٽڪل رکي.
”بخش منهنجو ڏوهه سائين حڪم ڪر کولي کڻي،
وس وڏو ڪندس وري تعميل لهءِ ڄاڻي ڌڻي!“
ڪلام جوڳيءَ جو
پوءِ قولان سان ڪيو جوڳيءَ سگهوئي حال هي:
”هير کي هن پر چئي مون سان ڀلائج ڀال هي.
”چئج ان کي چاڪ تنهنجو چاڪ دل غمناڪ آ،
تو بنا آڏو نظر اوندهه زمين افلاڪ آ.
”مان هتي ماندو مران ٿو تون قراري گهر سکي،
هڪ گهڙي هڪ سال جيڏي واءِ گذري ٿي ڏکي.
”هاڻ هتڙي سانگ ڪنهن سان پاڻ مون پنهنجو پساءِ،
حال هي منهنجو ڏسي تون ڀال ڪو پنهنجو ڀلاءِ.
”آ وڏو احوال سورن جو سڻايان ڇا چئي،
هي جڏو جيءُ وڃ جياري دلبرا درشن ڏئي.
”مختصر مضمون ۾ قولان اهوئي عرض تون،
هير کي سارو سڻائج خاص ڄاڻي فرض تون!“
هي چئي هٿ ٻانهن مان جوڳيءَ ڇڏي رخصت ڪيس،
ڏوهه جي بخشش ڏئي شابس چئي شفقت ڪيس.
قولان جو هير کي نياپو ڏيڻ
هي نياپو نينهن جو قولان ٻڌي اڳتي هلي،
ڊوڙ پائي جيڏين سان جهٽ اچي دڳ ۾ ملي.
گهر وڃڻ کان پهريون ئي، هير ڏي آئي سڌي،
سر بسر ان کي سڻايو هي سنيهو هٿ ٻڌي.
هي سـُڻي سـُڌ هير دل ۾ خاطري ڪي ڪجهه ڪئي،
ليڪ قولان کي چيائين: ”هي چوين ٿي ڇا پئي.
”آءٌ نه ڄاڻان چاڪ ڪهڙو، هي لقب مون کي نه لاءِ،
هي وري دل جا اجايا ڪين تون بوتا بڻاءِ.“
”ڪين ڪر قولان خفي مون کي خدا جي واسطي،
تو چيو بس مون ٻڌو تنهنجي رضا جي واسطي!“
جواب قولان جو هير کي
قرب مان قولان چيو: ”راڻي نه ڪر مون تي غصو،
هي سڄو ئي مون ڪيو آهي سچو توسان قصو.
”باغ ۾ جوڳي ٿيو مون سان ملا قي سير سان،
ڪين ڪي جي پَتِ ڪرين تون خوش هجين بس خير سان.
”فرض هو مون کي چوڻ، تنهنجي مگر مرضي اڳي
آءٌ وڃان ٿي گهر هلي توکي نه جئن ڪاوڙ لڳي!“
هير جو پنهنجي منهن گفتگو
گهر وئي قولان هلي تان هير کي آيو خيال،
”حال هي رانجهي ڏئي، سِرِ جوٽيو پنهنجي وبال.
ڳجهه ڪري منصور ظاهر پاڻ سوري تي نـِـيو،
ان طرح رانجهي به پنهنجو حال ڏيئي ڪـَـچُ ڪيو.
عشق ۾ عاشق جنهين، جو راز کي ظاهر ڪيو،
هار کائي عشق جي پـِـڙَ کان اهو ٻاهر پيو.
جيڪڏن طوطو نه ٻولي، ڇو پوي پڃري ڀلا،
هيءَ ڪچي رانجهي ڪري اڄ پاڻ تي آندي بلا.
ڳالهه بس هٿ کان وئي هاڻي ڪجي ڪهڙو ڌيان،
ڪين ڪي جنهن مان وري ان جو ڪجي ڪهڙو بيان.
هاڻ جوڳيءَ سان ملڻ جو ڪو ڪجي ويهي خيال،
ميلُ سَهتيءَ سان ملائي، ماڻجي وَهلو وصال.
هير جو سَهتيءَ کي پرچائڻ
هي پچائي پهه سگهو ئي هير سَهتي ڏي وئي،
ڳل وجهي ڳاري پهائڻ لاءِ لک منٿ ڪئي.
هر گهڙيءَ حيلا ڪري ههءِ هٿ ٻڌي پيرين پوي،
منهن نماڻي ساڻ بخشش لاءِ هر هر هئن چوي:
”بخش منهنجو ڏوهه سَهتي جو پيو منهنجي هٿان،
مِهَرَ ڪر نالي خدا جي رنج لاهي مون مٿان.
”تون وڏي گهر جي وليڪن ننڍڙي منهنجي نڻان،
پرچ هاڻي پاءِ ڀاڪـُـر، سڀ ڪڍي گوندر گمان!“
جواب سَهتيءَ جو
هير هر هر منهن ڏئي، سَهتي مَٽائي رخ ڇڏي،
بس ڪري اون هون! پئي، حيلي نه ڪنهن سان دل گڏي.
نيٺ ڪڪ ٿي هي چيائين: ”ڪين ڪي مون کي کپاءِ،
تون وساڻي باهه کي چوري نه هن پر مچ مچاءِ.
”هر ڪنهين جو آ خدا، سچ تو سوا ڀي ٿي هلان،
ويڻ تنهنجا ياد آهن، جوش جنهن ۾ نت جلان.
”ڪالهه هي مون سان ڪيو قولان اچي سارو قصو،
آ غصو غيرت سبب پڻ وهم دل ۾ وسوسو.
”نيٺ تنهنجو هير راڻي پول ٿي پڌرو پيو،
تو گهڻو مون کان مگر هن ڳالهه جو ٿي لڪ ڪيو.
”هن ته تنهنجي حال جي مان سَعد کي ٿي سـُڌِ ڪيان،
تو ڪنان بدلو وٺي مان، البته راضي ٿيان!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”تان ڪا به ڀاڀيءَ سان نڻان،
ڪانه ٿي جهيڙي ڪٿي تون ئي رکين ٿي بدگمان.
”ڳَلِ وجهي ڳاري اجهو مان سِرِ نِمي پيرن پوان،
مان ٻڌي ٻانِهي ٿيس ڇا ڪجهه وري واري چوان.
”جو چيم گهٽ وڌ وري، سا بخش تون منهنجي خطا،
پرچ هاڻي پاءِ ڀاڪر، غير ڪڍ دل مان دغا.
”در چڙهي درويش آيو جو ويو ڪاوڙ ڪري،
جنهن سبب دن رات منهنجو من گهڻو ماندو مري.
”ڪنهن به جوڳيءَ يا گداگر ساڻ رکجي ڪين زنگ،
تون فقط ان کي ڏسي اچ ڪو رسائي ڊول ڍنگ.
”هيءَ ڀلائي ڪر کڻي، اڄ ڀيڻپيءَ جو دم ڀري،
سچ ته تنهنجي وس ڪَنان هي ڪين ڪي آهي پري!“
جواب سَهتيءَ جو
هير کي سـَـهتيءَ ڏني هن پـَـر ورندي جهٽ وري:
”آءٌ ته سمجهان ٿي اهو، نا آهيان هرگز چري.
”جي وٺن ٿا سود ۽ پڻ ڪوڙ ڳالهايو جنهين،
بعد مردن هير راڻي جاءِ ٿي دوزخ تنهين.
”تو ڪيو ٿي ڪوڙ ڪيڏو، ڊوهه ۽ ڌاري دغا،
هاڻ ٿي پڌرو پيو سڀ پول هي تنهنجو صفا.
”سچ اُڊيڙي ڪونه ڪو سـِـبيـَـل سٺو هيڪر لـَـٽو،
پڻ ٻيو ڪم ڪونه آڻي کير جو کريل کٽو.
”ان ڪري تو ساڻ ڀي پرچڻ ٿيو مشڪل وڏو،
ڪئن وساري ويڻ تنهنجا مان ڪيان هي ڪم جڏو.
”هڪ ته مون جوڳيءَ ڪنان، اڳ واهه جو عزت جهلي،
هاڻ ٻيهر ڪَنَ پَٽايان ڇو مگر اُن ڏي هلي.
”تون گتيءَ پاران گهڻو ئي سـِـرُ پئي پيرين ڌرين،
ليڪ منهنجي، مانَ لـڄ جو ڪونه انديشو ڪرين.
”ڇا اَٿي نِيت نه ڄاڻان، جا رکين اٽڪل عجيب،
ڪلهه وڙهي جو اڄ پـَـهائين سو نه سمجهان ٿي سبب!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”سـَـهتي خدا جي واسطي،
مالڪِ اَرض وسـَـما روزِ جـَـزا جي واسطي.
”هاڻ ڀاڀيءَ ساڻ پنهنجي وهم لاهي پَرچُ تون،
ڪجهه ته ٻولي ٻول مِٺڙو بس سياڻي سَرچُ تون.
”جان وتن قربان توتان ننڍڙي منهنجي نِڻانَ،
تون رهين راضي ته منهنجا سڀ وڃن گوندر گمان.
”باغ ڏي ڀيرو ڪري جوڳي هلي پرچائجي،
هٿ ٻڌي بخشش وٺي سڀ وهم دل جو لاهجي.
”جي چوي گهٽ وڌ کڻي هو سو مڙيوئي سر سَهي،
کيس پرچائي اچون اڄ قرب مان هيڪر ڪَهي.
”من انهيءَ جي مِهَرَ سان هي دک وڃي دل جو لهي،
کير ۾ هئن کنڊ وجهه تون هر طرح راضي رهي!“
سَهتيءَ جو هير سان پرچي باغ ڏي وڃڻ
هير جي هٿ جوڙ تي سَهتي سگهو سرچي وئي،
ڏوِڙ ڏٺ ڏيئي گهڻائي پاڻهي پرچي وئي.
اَلقصه ڀاڪر وجهي تن پاڻ ۾ پَرچو ڪيو،
باغ ڏي سهتيءَ وڃڻ جو ڪم سڄو سِرَ تي کنيو.
کنڊ کوئي جي رڪابي سهج مان سهتيءَ ڀري،
روڪ ست روپيا رکي، چادر اڇي اُن تي ڌري.
هيج مان هٿ تي کڻي جهٽ باغ ڏي هيڪل وئي،
روبرو جوڳي ميان کي سوکڙي آندل ڏئي.
هٿ ٻڌي ويٺي ادب سان سرجهڪائي چپ ڪري،
هر گهڙيءَ سا نيڻ چائي دَمُ ٿڌو دل ۾ ڀري.
جوڳيءَ جو سَهتيءَ سان گفتگو
ڪر کڻي سهتي سڃاڻي هن طرح جوڳيءَ چيو:
”ڪئن وري ڪهڙي سبب اڄ هت اچڻ تنهنجو ٿيو،
”گهر وڙهي ڪشتو ڀڃي تو ماريو مون بي قصور،
هت وري آئينءَ مگر ٻي ڪا رکي اٽڪل ضرور.
”آءٌ ته تنهنجي گوڙ لڙ کان شهر جو پاسو ڇڏي،
پَرَ ڀَرو ويٺس اچي هِتِ پِرت جو پَکڙو اڏي.
”هت هلي آئين وري شايد ٻيو جهيڙو ڪرڻ،
مَڪَرُ پٿري سَتَ ٽَڪا چانورَ اَٽو ڀيٽا ڏيڻ.
”ڪين توکي پَتِ پوي تان ٿالهه ڏس کولي کڻي،
وڃ هلي واپسَ هَچا ٿي پهءُ نه هِتِ ڌَرڻو هڻي!“
سَهتيءَ جو چادر کڻي ٿالهه ڏسڻ ۽ جوڳيءَ سان گفتگو
هِي سـُـڻي جئن ٿالهه تان چادر کڻي سـَـهتي ڏسي،
کنڊ کوئي جي عيوض چانور اٽو پيئي پسي.
پڻ ڏسي تان روڪ بدلي ست ٽڪا آهن پيا،
هي ڏسي حيرت ٿيس سڀ پنج ست اُن جا ويا.
صاف ڄاتائين ته جئن جوڳي چيو تئن ٿي پيو،
هي سچو جوڳي خدا جو ۽ خدا ان جو ٿيو.
هي ڏسي حالت عجب دل کي وڏو ويسهه ٿيس،
وسوسو سارو تنهين دم، وهم اڳ ويٺل هيس.
پوءِ جوڳيءَ کي چيائين، هٿ ٻڌي پيرين پئي:
”بخش اي جوڳي ميان جا ڪجهه خطا ئي مون ڪئي.
”مان زيارت لاءِ تنهنجي ۽ پِنڻَ آيس دعا،
مِهَرَ ڪر بخشي خطايون مون مٿا نالي خدا.
”رنج تنهنجي کان ٿيس، سائين سچا لاچار مان،
جان ۾ ڀي پيڙ آهي ڄڻڪ هان بيمار مان.
”ڏي سڳو سائين پڙهي جئن دک وڃي دل جو لهي،
خاص هت آيس پِنَڻَ داتا دعا تو در ڪهي.
”ڪر ڪرم راضي رهي آسون اميدون اڄ پڄاءِ،
ڏوهه بخشي رنج لاهي ڀال ڪو جوڳي ڀلاءِ!“
جواب جوڳي جو
هي سڻي جوڳيءَ چيو وهلو ورنديءَ ۾ وري:
”ڪر ڦٽي بڪ بڪ اها تون وڃ هتان هاڻي ٽري.
”گهر وڃي هي کاءُ چانور ۽ اٽو، گيهه سان گڏي،
ڪين ٿو مون کي کپي، تون ڏي ڪنهين ٻي کي سڏي.
”گهرِ هـُـتي گهٽ وڌ چيو تو مفت مون مسڪين کي،
بي وطن ۽ بي پدر بي يار بي تسڪين کي.
”تون ٿڪينءَ جهيڙي جڏهن تان ٻانِهين کي سڏ ڪيهءِ،
مَارَڪـُٽ جي لهءِ انهن کي ڪجهه اشاري سان چيهءِ.
”ڌَڪَ هڻي ڏيئي ڌڪا تو لوِڌيو، ويڙهي ڪنان،
ويڻ تنهنجا راڄ راڻي ياد سڀ آهن اڃان!“
جواب سَهتيءَ جو
بس ڪئي جوڳيءَ اڃان سَهتيءَ ڳچيءَ ڳاري وجهي،
هئن چيو تان: ”ڪين مون سائين ڪيو ڄاڻي ٻجهي.
”بي خبر هادي هـُيَسِ، مون کي نه سـُڌِ ڪائي پئي،
بخش تون بهرِ خدا، جيڪا خطا ئي مون ڪئي.
”اصل کان آ گهر خطا جو، آدمي جوڳي ميان،
غور سان جاچي اهو ڏس ڇا ٻيو توکي چوان.
”ڀـُل سبب آدم ڀلا ڪئن ڪڻڪ جو کاڌو ڪڻو،
دور جنت کان ٿيو گهارڻ پيس گوندر گهڻو.
”هٿ ٻڌي درگاهه ۾ جڏهين ڪيائين التجا،
سڀ الم اندوهه گوندر غم ويو ان جو صفا.
”مون ڪنان جوڳي ميان ڀـُـل ۾ پئي جيڪا خطا،
رحم ڪر تون رنج لاهي بخش سا نالي خدا!“
رانجهي جوڳيءَ جو راضي ٿيڻ
عرض سَهتيءَ جو سـُڻي هي دم تنهين جوڳي جوان،
رنج ۽ ڪاوڙ ڇڏي ٿيڙو مٿانهس مهربان.
پوءِ سهتيءَ کي ورائي هن طرح جوڳيءَ چيو:
”ڪر اهو انجام تون تان، مون به توکي بخشيو.
”جئن وري اڳتي ڪنهين درويش سان جهيڙين متان،
ان سوا ٿج مهربان تون هير راڻيءَ جي مٿان.
”هاڻ وڃ انِ کي وٺي اچ تان دعا توکي ڪيان،
آءٌ ڏسي پَرتَل ٻنهي کي شاد ۽ راضي ٿيان.
”هي ڪشالو مون سڄوئي هير جي سانگي ڪيو،
گهر وطن ويڙهو ڇڏي، گوندر هتي گهارڻ پيو!“
گفتگو سَهتيءَ جو
هٿ ٻڌي سَهتيءَ چيو: ”سائين سچا صوفي فقير،
مون نماڻيءَ جا اَجها اي رهنما روشن ضمير.
”مان ٻَڌي ٻانِهي ٿِيس، تنهنجي ڪرامت کي ڏسي،
سر ڪيم تو تان فدا، تنهنجي ته شفقت کي ڏسي.
”هن گهڙيءَ مان هير راڻي کي وٺي هت ٿي اچان،
جئن وري تنهنجي دعا سان، مان به مطلب کي رسان.
”ڪر اها داتا دعا، مون کي مـِـلي منهنجو مراد،
سک مزو سنسار جو جنهن ريءَ نه ٿو ڏي ڪجهه سواد.
”هڪ گهڙي اُن کان جدا، منهنجو جيئڻ لاچار آ،
اُن بنا اونداهه اکين، سـُـڃَ سڄو سنسار آ.
”بخش مون کي عشق ان جو، تون خدا جي واسطي،
درد هن جي ڏي دوا، صاحب شفا جي واسطي.
”عيب سڀ پائي پَلَوَ ۾، پيش مان تنهنجي پيس،
ٻَنِ ٻيا ڏيئي سڀيئي لَڙِهه اچي تنهنجي لڳس!“
جواب جوڳيءَ جو
ڪر کڻي، جوڳيءَ چيو: ”سَهتيءَ اٿيئي آس جا،
سڀ ڌڻي مقبول ڪندو دل مطابق باس سا.
”مڃ چيو منهنجو اهو، وڃ هير کي اچ هت وٺي،
هيءَ سڄي تڪليف جنهن جي سانگ مون سر تي سٺي.
”تا بَدَم تنهنجو اهو احسان ڀائيندس پيو،
پڻ گهڻو ڪم لاءِ تنهنجي، وس هلائيندس پيو.
”پوءِ پر مطلب پسي تون پير پويون ڪين ڪج،
مَنجـُهه هي منهنجو وري تون ٻي ڪنهين کي ڪين ڏج!“
گفتگو سَهتيءَ جو
”هيج مان سَهتيءَ چيو: ”سائين ڪرين پنهنجو ڪرم،
تان پلهءِ پايان مرادون، دور ٿي سڀ درد غم.
”مِهَرَ تنهنجي ساڻ مون تي رَبَ جو اَلطاف ٿئي،
غير ۽ غم سڀ وڃي، شيشي جيان دل صاف ٿئي.
”ٿي پوان عيبن ڪنان آجِي، اگر شفقت ٿئي،
معجزو تنهنجو ڏسي هي عام کي عبرت ٿئي.
”هن گهڙيءَ آءٌ هير کي توڏي روانو ٿي ڪيان،
ڪين ڪي مان مڪر يا ڪوئي بهانو ٿي ڪيان!“
گفتگو جوڳيءَ جو سَهتيءَ سان
چپ ڪئي سَهتيءَ جڏهن تان هي وري جوڳيءَ چيو:
”مون سچيءَ دل ساڻ سهتي ڏوهه توکي بخشيو.
”خاطري ڪر تون سياڻي، خير سڀ ڪندو خدا،
آءٌ به دل سان ٿو گهران تنهنجي ڪري اهڙي دعا.
”ليڪ مطلب کي رسي تون ڪين ڪي گمراهه ٿج،
قول تي قابو رهج، هن ٻول تي ويساهه ڪج.
”رات دن سِڪَ ساهه ۾ توکي رهي جنهن جي گهڻي،
سو سگهو آڻي هتي تو ساڻ ميليندو ڌڻي.
”جو ڪڄا ٻي جي ڪري، ان جي لڄا مالڪ رکي،
جو لڙي، ان جي سزا، سو دير ريءَ ان جي چکي.
”هي سنيهو هير کي سـَـهتي سگهو منهنجو رساءِ،
بي وطن بي يار جوڳي ٿو مري توکان سواءِ.
”هـُت ڪري انجام ڪهڙا، هـِـت وساريهءِ هاءِ هاءِ،
چاڪ پنهنجي کي ائين هرگز نه جاني رڻ رلاءِ.
”آڳ جا دل ۾ ٻري ٿي سا اچي دلبر اجهاءِ،
دم بدم دانهون ڪيان ٿو دلربا درسن پساءِ.
”هجر مون ڪيڙو هلاڪي ڪين ڪي اڳتي سَتاءِ،
هڪ گهڙي لائي ڳلي سان مونجهه هيءَ مـَـنَ جي
مِٽاءِ.
”مِهَرَ مان مسڪين تي اڄ ڀال ڪو ڀورل ڀلاءِ،
ٿو رڙان دن رات، مان پائي ليئو لالن کلاءِ.
”هن طرف آهون سـُـڻي تون واڳ ڪا وهلو وراءِ،
ديد بخشي درد دک کان لڳ خدا جاني ڇڏاءِ!“
بند
هئن نه جاني هجر ۾ تون برهه جا بيمار مار،
واڳ وَهلو يار سـِـگهڙو هوت ڪا هڪوار وار.
هجر هـِـن هاڃو هڻي تن من ڪيو سارو تباهه،
غور ڪر غمناڪ جو ڪو وهم غـَـم غـَـمٽار ٽار.
دل جگر جيرو جلي جاني ٿيو آهي ڪباب،
قرب ڪر ڪاوڙ ڇڏي هي من مٺا منٺار ٺار.
لهر لوڏي هن مجازي موج جي کان لڳ خدا،
ٻاجهه جون ٻانهون ڏئي بيدل سخي ڀوتار تار.
ڪا ملڻ جي ڪر مـِـٺا ڪاوڙ ڇڏي ”مسرور“ سان،
ٿو ڪيان سائين رڙي تنهنجي پئي پيزار زار.
جوڳيءَ کان سَهتيءَ جو موڪلائي وڃڻ ۽ هير سان
گفتگو
هيءُ سـُـڻي سـَـهتي هلي بس موڪلائي خير سان،
ٿي پچايا پـُـور اُن گهر ڏانهن ويندي سير سان.
نيٺ گهر پهچي ڪيائين هير سان هن ريت حال:
”هير هي تو ڪئن کڻين ٿي سر مٿان ٻي جو وبال.
”هي ته الفت ماريو بسمي ملي ٿيڙو فقير،
ٻول تنهنجي جو ٻڌل ڪو عشق جو آهي اسير.
”چاڪ هي غمناڪ تو له”، تون قراري گهر سدا،
سچ ته هيءَ تنهنجي دغا، توکي نه بخشيندو خدا.
”هي سچو جوڳي جنهين جو معجزو هٿ تي ڏٺم،
سڀ وڃائي ساز پنهنجا، ستگرو ان کي وتم.
”ٿي گناهن جي ڪفارت، مرد جي صحبت سبب،
بخش جو بهرو ملي ٿو ان سندي پارت سبب.
”تون به جي چاهين چڱائي عافيت پنهنجي اگر،
وڃ زيارت لاءِ ان جي دير هاڻي دم نه ڪر.
”هو به تو لهءِ ٿو سڪي، تون هاڻ وڃ ان ڏي سگهو،
وڌ نه ورجائي سگهان ٿي جو قصو آهي ڊگهو.
”دَردَ وارن جي دوا، جوڳي سچو آيو اَٿي،
اُڀ اُتان هن باغ ۾ عيسيٰ اهو آيو اٿي.
”آ عجب ان جي پسڻ سان دور سڀ دک ٿو ٿئي،
پڻ وٽس ويٺي پراپت نت نئون سک ٿو ٿئي!“
جواب هير جو
هير هي واري چيو: ”سَهتيءَ رکي تنهنجي رضا،
هاڻ هڪدم ٿي وڃان ان کان پنڻ پنهنجي دعا.
”پر اٿي پارَت اها پويان ڪري جي ڪو پـُـڇا،
ڍَڪُ ڍڪج منهنجو اهو اَٽڪل ڪري تون ڪانه ڪا.
”سَعد يا ڪي سرتين کي سـُـڌ نه ڪا منهنجي پوي،
جئن پَکي ڀي ڪين ڪڏهين لات هيءَ ڀلجي لنوي.
”مان وڃان تنهنجي چئي پويان نه ڪج تون ٻي وري،
دُودَ مان ريءَ دير ڪو ٻيڻو پوي ڀنڀٽ ٻري!“ |