سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

ڀاڱو ٽيون

صفحو :18



 

گفتگو سَهتيءَ جو هير سان

 

هير کي هٿ کان ڇِڪي سَهتيءَ لڳائي ڳل چيو:
”ڪئن وري ڀاڀي الائي وهم هي توکي پيو.

 

”مان گهران نت عافيت، تنهنجي رهان پڻ خير خواهه،
تو مٿان قربان منهنجو جان وتن هي سر پساهه.

 

”وڃ سگهو ڇڏ هاڻ سستي وهم غم ڀاڀي وڃاءِ،
ڏي ڇڏي سڀ ڳالهيون تون دير ڪوئي دم نه لاءِ!“

 

هير جو جوڳيءَ ڏي وڃڻ

 

هيءَ ورندي هير سَهتيءَ کان سڻي راضي رهي،
ظاهري ڄڻ زور ماري روح ۾ ٿي خوش پئي.

 

تَڙُ ڪري تَهدَر وڳو هڪ ريشمي پاتو کڻي،
تيل لائي وار جوڙي جهٽ تنهين ڏيئي ڦڻي.

 

ڌار سرمي جي لڳائي سنبري سهجئون هلي،
باغ ڏي جيڪا وئي ٿي سا سڌي ورتي ڳلي.

 

شَهَپريءَ جان سيگهه ۾ سا وک ڪري پهتي اچي،
واٽ سان ويندي جنهين جي لـڄ رکي سائين سچي.

 

هير جو رانجهي جوڳي وٽ اچڻ

 

هير کي ايندي ڏسي جوڳي ائين دل ۾ چيو،
يا خدا ڪهڙو وري هي ٿو اچي قاصد پيو.

 

هي چئي جئن بس ڪيائين هير ڀي پهتي مٿان،
ڳلکڙي پاتي اچي جوڳي ميان کي پرت مان.

 

هي ڏسي حالت ويو سو دهلجي جوڳي جوان،
جهٽ پڇڻ ان کان لڳو تان: ”ڪير آهين ڪر بيان!“

 

هير جو رانجهي جوڳيءَ کي پاڻ پسائڻ

 

هير هڪدم گـُـهنڊ لاهي، هي چيو: ”جوڳي ميان،
مال زر سر ساهه پنهنجو تو مٿان صدقي ٿيان.

 

”هيءَ نماڻي هير آ چِيٽَڪ ڪئي تنهنجي چَري،
ڪئن نه ٿو سائين سڃاڻين، پورهيت پنهنجي وري.

 

ڪر ڪرم راضي رهي تون کَڻُ نظر مون ڏي نهار،
پس اجهو پنهنجي امانت وهم غم دل جو وسار!“

 

رانجهي جوڳيءَ جو نظر کڻي هير کي ڏسڻ ۽ گفتگو

 

هيءَ گهڙي ڄڻ شب قدر جي سعد ساعت ٿي وئي،
درد دوريءَ جو ويو سڀ عين فرحت ٿي وئي.

 

ڪر کڻي جوڳي ڏسي تان هير آهي هوبهو،
خوش ٿيو دل ۾ گهڻو مطلوب پائي روبرو.

 

دل جهلي هيجون چيائين هير کي هن پر وري:
”سڀ سَري تنهنجي مگر توريءَ نه ڪا منهنجي سَرِي.

 

”سـُک مزو سنسار جو تو لهءِ ڇڏي ٿيڙس فقير،
مون جيان دنيا سڄيءَ ۾ ڪونه ڪو هوندو حقير.

 

”درد فرقت جي هَڻِي منهنجو وڃايو حال قال،
حال منهنجي جو نه ڪڏهين ڀي پيو توکي خيال!“

 

گفتگو هير جو ۽ موڪلائي وڃڻ

 

هير جهٽ واري چيو: ”رانجها ميان ڄاڻي ڌڻي،
هاءِ ههءِ ساڙي نيو سڪ سوز جي آتش هڻي.

 

”تو بنا مان سينڌ جوڙي ڪين ڪڏهين سک سـُتيسَ،
وس وڏائي مون ڪيا، لاچار پر بيوس بڻيس.

 

”گهر ٿيو پيءُ ماءُ ويري، هت وري دشمن نڻان،
جنهن ڪَسَرَ سڀ کان کنئي بس ڏي پيو مولا امان.

 

”ڪر اها داتا دعا توسان اچي جئن رس رهي،
ڏي سڳو تعويذ جنهن کان دک وڃي دل جو لهي.

 

”ڏس وري ڪو مَنڊُ ڦيڻو، هاڻ تون جوڳي ميان،
ميلُ سَهتيءَ سان ملائي خاص خدمت ۾ ٿيان!“

 

پوءِ جوڳيءَ کان دعا پرتئون پـِـني پيرين پئي،
سور ساعت جي سکي سا موڪلائي گهر وئي.

 

هير جو گهر اچڻ ۽ سَهتيءَ سان گفتگو

 

هير پنهنجي گهر اچي ڦِيڻو پڙهي سَهتيءَ مٿان،
هٿ کڻي تڪڙو چوڻ ٿي هن طرح سان هيج مان:

 

”ٻَڌ ته جنهن درويش سان تو ننڍڙِي جهيڙو ڪيو،
سو ته ڪو جوڳي سچو ڏس مرد مولا جو هيو.

 

”تو ڀڃي ڪشتو سندس ويڙهي ڪنان اڳ لوڌيو،
هاڻ هن ان جي ڪرامت ڏس ته ڪيڏو ڪم ڪيو.

 

”خاص پنهنجو من مرادون ماٺ ۾ ماڻي ويو،
دڳ سڌي تي نيٺ توکي ڪئن ته هو آڻي ويو.

 

”مون اهو احوال ان جو اڳ پئي توسان ڪيو،
ليڪ پنهنجي هوڏ کان توکي نه ٿي ويسهه پيو.

 

”هاڻ توکي ٿي ٻڌايان مان سڄو ان جو قصو،
جئن وڃي توکان لهي سڀ وهم ويٺل وسوسو.

 

”هي هزاري ملڪ جو سچ، چوڌري رانجهن اٿي،
چاڪ جي اولي سندم سر ساهه جو ساجن اٿي.

 

”عشق ۾ منهنجي مگر جوڳي ٿيو سڀِ ٻـَـنِ ڏئي،
خاص منهنجي لاءِ سڀ تڪليف هن آهي ڪئي.

 

”عشق کان ارشاد پائي، عشق جو عامل ٿيو،
اسم ذاتي زور سببان ڪَشف ۾ ڪامل ٿيو.

 

”هاڻ هت آيو هلي هو دوستيءَ جو دم ڀري،
آءٌ ته هي احسان ان جو لاهيان چـهءُ ڪئن ڪري.

 

”آ ارادو گهر گهرائي کيس، مهماني ڪيان،
ڪر مدد مون ساڻ تون، ٿورائتي تنهنجي ٿيان.

 

”ڏوهه بخشائي تنهين کان، چِڳَ وڍي چيلي ٿيان،
درد غم دل جو وڃائي، پرت جو ساغر پيان.

 

”ڪين ٿو سونهين سياڻي، باغ ڏي هيڪل وڃڻ،
ان ڪري تنهنجو ضروري آهه مون سا ٻِٽُ هجڻ.

 

”هيءَ ڳڻي تون ڳالهه ساري هاڻ ڪو حيلو بڻاءِ،
مصلحت من سان ڪري ڪو درد جو دارون بتاءِ.

 

”روح منهنجو رنگپور ۾ ڪين ٿو راضي رهي،
ڳَڻِ اها ڪا ڳالهه جئن هي عمر جو ليکو ٺهي.

 

”هي حياتيءَ جا ڏهاڙا چاڪ رانجهن سان هجان،
ساهه جي سينگار سهڻي هوت ساجن سان هجان.

 

”دل وڏي درويش جي آ عرش مولا پاڪ جو،
جت نظارو نور وارو، صاحب لولاڪ جو.

 

”گڏ رهڻ ان سان ائين آ، جئن خدا سان گڏ رهڻ،
خوش ڪرڻ ان کي ائين آ، ڄڻ خدا کي خوش رکڻ.

مِهَرَ ان جي ساڻ دل جي آس ٿي پوري ٿئي،
سڀ ڀڄن پل ۾ مرادون جئن سڳو جوڳي ڏئي.

 

”تون به جي محبوب پنهنجي جو گهرين ماڻڻ وصال،
پوءِ هن درويش جي دل خوش ڪرڻ جو ڪر خيال.

 

”مون به تنهنجي راضپي لهءِ ڳالهه ڏس ساري مڃي،
رمز واري راند رِٿِ ڪا هاڻ سڀ ڀولا ڀڃي!“

 

گفتگو سَهتيءَ جو هير سان

 

هير جو هي گفتگو سـَـهتي سڻي واري چيو:
”حال هي مون سان مگر تو ڇو نه اڳهين ٿي ڪيو.

 

”هن به نسبت ڪجهه نه ٿي مان هاڻ وِينجهائي سگهان،
ليڪ فرصت سان ڳڻي هيءَ ڳالهه ڳولهي رِٿَ ڪڍان.

 

”ان ڪري اڄ رات جو تون ڏي مون کي مهلت وري،
ڳڻ ڪري دل سان سڄي، مان ڪا ڪڍان حـِـرفت ڳري.

 

”ٻي ڏهاڙي ڏينهن جو توکي اهو ڏيندَس جواب،
دير سان سڀ درُس ٿي ٿو، تڙ تڪڙ جو ڪم جواب!“

 

هير جو سَهتيءَ سان گفتگو

 

هيءَ ورندي هير سَهتيءَ کان سڻي گهر ڏي وري،
رت رڙي لـُٽڪي لـُڇي سا ڄڻ ته ڪا آهي چري.

 

ڏينهن باقي رات ساري سورَ سودا ۾ ويس،
وصل جي ويساهه تي ڪجهه روڄُ پـِـٽڪو گهٽ ٿيس.

 

ٻي ڏهاڙي ڏينهن جو سهتي اُٿي آئي وٽس،
هير هٿ جوڙي ٻئي، ڪجهه ڳالهه جي ڳڻ پهه ڪيس.

 

جواب سَهتيءَ جو

 

هير کي هٿ کان وٺي سـَـهتيءَ سگهو هن پـَـرِ چيو:
”هير ڪر دلجاءِ هاڻي مون عجب آ ڪم ڪيو.

 

”سو ڏسندينءَ پاڻ تون مان ڪجهه ورائي ڇا چوان،
جو ڪيم انجام توسان، پوءِ ڪئن پٺتي پوان.

 

”ماءُ پيءُ سان ٿي هلان حيلو هـُنر ۽ مَڪرُ جو،
ڳالهه جنهن کان هو ڪڏهن ڀي عـُذر واريندا نه ڪو.

 

”ڌُن لڳائي تون ذرا ڌيرج ڌري رَهـُـه موجَ ۾،
آءٌ وڃي ٿي آڻيان سو مڪر پنهنجو اوج ۾!“

 

هي چئي سَهتي وئي جهٽ موڪلائي گهر هلي،
هير پنهنجي حال سان اڳهين جيان ڏورِي جهلي.

 

سَهتيءَ جو ماءُ سان گفتگو

 

ملڪ ۾ ٻڌجن زناني مَڪَرَ جا سَهسين بيان،
ليڪ اڌ مَڪريءَ انهن جي کان ڏئي مولا امان.

 

جا گهڻو سادي مگر شيطان جي ناني وڏي،
هئي ته سَهتي سيبتي هر ڀيد جي باني وڏي.

 

گهر اچي هن مَڪر جي وَهَه جو عجب بازي ڪئي،
رِٿَ سڄي جوڙي سگهوئي ماءُ پنهنجيءَ وٽ وئي.

 

ماءُ کي هن پر چيائين، ڊول سان انگل ڪري:
”اي امان! جيجل مِٺي، هيءَ ڳالهه سـُڻ تون ڪَنُ ڌَري.

 

”هيءَ هچاري هير آئي آهه هت جنهن ڏينهن کان،
ڪَنڌِ اونڌي آ پئي پنهنجي سدا ئي روڄ سان.

 

”دم بدم گهر ساڻ گڏجڻ لاءِ مڙني وس ڪيا،
ليڪ ان جي ضد آڏو رد سڀ حيلا ٿيا.

 

”هيءَ وري گهلي ڪٿان آندي اَٿي بـُـڇڙي بلا،
جنهن سبب کان شهر ساري ۾ ٿئي گهر گهر گـِـلا.

 

”لوڪ ڪن شادي ته گهر ۾ عيش آبادي ٿئي،
پهريون ئي پـَـڪَ ڪرن ٿا، هئن نه ڪا تـَـعدي ٿئي.

 

”هي ته اُٽلو عيش جي گهر ۾ اچي ماتم وڌءِ،
سچ ته ان جي حال هن جي ڇو نه پڪ اول ڪيهءِ.

 

”ننهن وَسنوَ گَهرِ جي چَون، پر سـُڃَ ڀلي هن کان هئي،
هيءَ ته پيڪن جي پچر ۾ روز شب آهي پئي.

 

”ڪو به گهر جو ڪم خوشيءَ سان ڪين ٿي ڪڏهين ڪري،
ڪين ڪي کائي پيئي سا هر گهڙيءَ ڳـُـجهـَـه ۾ ڳري.

 

”هيءَ ته رئيساڻي وڏي ويٺي وڏو ئي بـَـمُ ٻـَـڌي،
واهه جو گهر جي وَسنوَ، تو نـُـنهن عجب ڳولهي لڌي.

 

”سال ساري ۾ نه مٽيو آهه ڪجهه هن جو مزاج،
کيس پيڪي ڪر روانو يا ته ان جو ڪر علاج!“

 

جواب سَهتيءَ جي ماءُ جو

 

ماءُ پنهنجي ڌيءَ سـَـهتيءَ کي چيو: ”مان ڇا ڪيان،
مصلحت ڏي تون به ڪا، ٿورائتي تنهنجي ٿيان.

 

”کيس پيڪي موڪلڻ کان لوڪ ۾ ٿيندي پـَـچـَـرَ،
ان ڪري مون کي رکڻ ٿي ننگداريءَ جي نظر.

 

”لوڪ آهي ٻوڪُ اڄڪلهه،جنهن ڪري حيلي ڪنهين،
هوريان بس هير جي ڪجهه دم دلاسي سان تنهين!“

 

جواب سهتيءَ جو

 

وجهه ڏسي سهتيءَ چيو جهٽ: ”اي امي هي ڇا چيهءِ،
هي عجب اونڌي ورائي واهه جو ڳَڻَ پَههَ ڪيهءِ.

 

”دم دلاسي سان فقط ان جو سـُـجهي مشڪل ٺهڻ،
ان ڪري جيجل امي، منهنجو اهو تون مڃ چوڻ.

 

”آءٌ به ڪوشش ٿي ڪيان پر تون به ڪوئي هٿ ڌَريس،
ويجهڙو وٽ ۾ وهاري دل وٺي پنهنجو ڪريس!“

 

سَهتيءَ جي ماءُ جو هير کي سڏي سمجهائڻ

 

هي سڻي سـَـهتيءَ ڪنان اُت هير کي سـَـسُ سڏ ڪيو،
هنج ۾ ان کي وهاري ڳـَـلِ لڳائي هـِـئـَـن چيو:

 

”هير تنهنجو ڏک ڏسي مون کي وڏو ٿئي ٿو خيال،
پاڻ هـُـرتو، تو به مون سان ڪو ڪيو آ ڪو نه حال.

 

”ڇو وري ڪهڙي سبب تون روڄ پٽڪي ۾ رهين،
سـُـور ڏک جيڪو اُٿي سو ڇو نه ٿي مون کي چوين.

 

”روڄ پٽڪي ۾ سڙي ڏس روپ ڀي سارو ويهءِ،
منٿون مڙني ڪيون پر ڪا نه ڪنهن جي ڪـَـنِ ڪيهءِ.

 

”نـُنهن نَجس چئجي اها جا ساهـُري گهر مَـست ٿئي،
ساهـُرن کي سا وڻي ڪم ڪار ۾ جا چـُست ٿئي.

 

”چاهه چرخي سان رکي نِتُ روح کي پرچاءِ تون،
خوب کائي پي خوشيءَ سان وقت خوش اُڪلاءِ تون.

 

”تنهن وَسـَـنو گـَـهرَ جي چـَـوَن ڏِس سا به تون ڪجهه سوچ ڪر،
ڌيءَ سڏن مهمان سو تون سَڀ نه اُن تي بار ڌَر!“

 

جواب هير جو

 

هير هي وَهلو چيو: ”لکيو اڳي جيڪو قـَـلم،
چپ ڪيو سو سـِـرِ سـَـهان ٿي درد دوڙو رنج غم.

 

”قسمتي ڪم تي رئان ٿي ڪين ڪجهه ڪنهن کي چوان،
ماٺ ڪر مون کان نه پـُـڇ توکي نمي پيرين پوان.

 

”آءٌ نه ڄاڻان روڳُ ڪهڙو ساهـَـه منهنجي کي لڳو،
تون به ڪو ڀوپو پڇائي، ڏي وٺي اُن کان سـَـڳو.

 

”ڇا ڪيان وس کان ته پنهنجي آءٌ جو بيوس ٿيس،
ان ڪري بس نامراديءَ جي وڃي پاڙي ۾ پيس!“

 

گفتگو سَهتيءَ جو ماءُ سان

 

هير هيءَ ڏيئي ورندي جهٽ وئي پنهنجي وَٿاڻِ،
وجهه ڏسي سـَـهتيءَ چيو: ”آيل ٿئين تون ڪئن اَڄاڻ.

 

”تون پرائي پيٽ ڄائي قيد هئن گهر ۾ ڪري،
ريءَ کـُٽيءَ مارين تنهين کي سمجهه ڏس پنهنجي ڌري.

 

”رات ڏينهان ڪوٺڙيءَ ۾ ڪـَـنڌِ اونڌي آ پئي،
ڪئن ٿئي وندر تنهين جي سا نه تو ڪا ڳـَـڻَ ڪئي.

 

”ان ڪري هيءَ مصلحت مان پيش ٿي تنهنجي ڪيان،
خوش ٿئي ڀاڀي ته آيل! مان به خوش راضي ٿيان.

 

”جئن ته پنهنجي کوهه تي رونق رکي وونڻن وڏي،
روح پرچائڻ ٻـَـنيءَ تي مان وڃان ان کي وٺي.

 

”اُت ڏسي ساوڪ سـُـٺي جئن روح اُن جو ٻيءَ پوي،
سور پنهنجي ساهه جو سا مـَـنَ سـَـڏي مون کي چوي.

 

”مون اها ئي ڳڻ ڪئي تنهنجو به جو رايو هجي،
ڏس کڻي جو سمجهه ۾ تنهنجي امي! آيو هجي!“

 

جواب سَهتيءَ جي ماءُ جو

 

ڳالهه هيءَ ماڻس سـُڻي دل ۾ رهي راضي چيو:
”اي پياري ڌيءَ وَهه وَهه جو عجب تو پَههُ ڪيو.

 

”هير راضي ٿي ائين تان پوءِ مون کي ڇا کپي،
ساجهري وڃجو تڏهن تان سج نه جئن اُڀري تپي.

 

”مون ڏني موڪل اوهان کي پر اهو رکجو خيال،
هير کي هيڪل نه ڇڏجو جئن نه ٿي جنجل وبال!“

 

سَهتيءَ جو هير سان گفتگو ڪرڻ

 

هن پڄاڻان سـَـٽَ ڪري سـَـهتي وئي جـَـهٽِ هير ڏي،
هي اچي ان کي چيائين: ”هاڻ دل کي ڌير ڏي.

 

”مڪر پٿري ماءُ کان آيس اِجهو موڪل وٺي،
کـُـوهه پنهنجي تي سڀان توساڻ هلندَس مان ڪـَـٺي.

 

”هونديون گڏ سرتيون اُت سي جڏهن منهن سِرِ ٿين،
وجهه ڏسين ڪج دانهن گَهلِ گَهلِ جئن سڀيئي سچ چون.

 

”زور مس زاري ڪيون ته به ڪين ڪي ڪنهن سان ڪـُڇج،
ليڪ پنهنجي روڄ دانهـُن راڙ پِٽڪي ۾ رَهِج.

 

”جنهن سبب جوڳي گهرايون جهاڙ ڦيڻي لاءِ گهر،
روز ات ايندو پيو تون نت پسي دلجاءِ ڪر!“

 

سـَـهتيءَ جو ساهيڙين کي سڏائڻ

 

هير سان هيءَ پڪ ڪري سـَـهتيءَ سڏايون سـَـرتيون،
ويجهڙو تن کي وهاري حال جون اوران ڪـَـيون:

 

جئن وري جنهن ڏينهن کان هيءَ هير آئي آ هـِـتي،
ڪين ٿي کائي پئي، سا سـُـکُ نه ٿـَـس ويٺي ستي.

 

”اِن ڪري اُن کي وٺي گڏجي هلون سڀ کوهه تي،
پاڻ ۾ کيڏي ڪڏي راضي ڪيون ڪجهه روح کي!“

 

هي سـُـڻي يڪراءِ ٿي تـَـنِ هيجَ مان هائو ڪئي،
صبح جو وعدو ڪري هرڪا هلي گهر ڏي وئي.

 

هيرَ سـَـهتيءَ ۽ سهيلين جو کوهه تي وڃڻ

 

رات گذري خير جي جئن صبح ڪاذِب هو اڃان،
ڇـِـرڪ ماري سـَـرتيون جاڳي پيون سڀ ننڊ مان.

 

ساجهري هرڪا لڳي گهر ٺاهه ٺـَـٺَ سينگار ۾،
ڪانه ڪائي گهٽ ڪيائون جوڙ ۽ جنسار ۾.

 

موڪلائي ماءُ پيءُ کان ٺـَـٺُ ڪري هر هڪ ٺـَـهي،
سـَـهج مان هڪ سٽ ڪري گهر هير جي آيون ڪـَـهي.

 

واعدي تي سرتيون سڀ ساجهري پهچي ويون،
هير سـَـهتيءَ پاڻ ۾ مخفي ملي ٻولان ڪيون.

 

هي ٻئي سـَـنبـَـت ڪري جهٽ سرتيون ان دم سڏي،
کوهه تي هيجون ويون سي هٿ هٿن ۾ سڀ گڏي.

 

کوهه تي پهچي سڀيئي راند ۾ شاغل ٿيون،
شوق مان کيڏڻ ڪـُـڏڻ ۾ مـَـحوِ ۽ مائل ٿيون.

 

راند ڪندي هير جئن هڪ جاءِ تي هيڪل هئي،
هي عجب موقعو ڏسي ان هاءِ ههءِ گـَـهلِ گـَـهلِ ڪئي.

 

ويجهڙي سهتي هئي جا سيگهه ۾ آئي مٿان،
سرتين کي پڻ سـَـڏڻ ٿي، رڙ ڪري سا جوش مان.

 

سهيلين جو اچڻ

 

دانهن تي سڀ سرتيون ڊوڙي سگهو پهچي ويون،
هير جي حالت ڏسي سي اُونڌ وَٽڻن ۾ پيون.

 

درد دل جي کان پڪارن: ”يا خدا ڪر ڪو ڪرم!“
”خير سان جئن گهر رسون بس هاڻ هتڙي رک ڀرم!“

 

ڪا لڳي هٿ پير مَهٽَڻ ڪا پڙهڻ ڦِيڻو لڳي،
ڪا وري هيبت سبب پنهنجي سگهو گهر ڏي ڀڳي.

 

هڪ ٻئي سان ڪي وري ڪن پاڻ ۾ مخفي پچار،
 ڪي وري هن حال کان رت نير روئن زار و زار.

 

ماٺ مڙني کي ڪرائي چـِـڙَ وچان سهتيءَ چيو:
”ڳالهيون هي سڀ ڇڏي هاڻي اوهين همت ڪيو.

 

”ڇو نه ڀاڀيءَ کي کڻي سڀ گهر پڄايون جلد جلد،
جت هلي ڪو جهاڙَ لهءِ مانڊو گهرايون جلد جلد.

 

”مون ڏٺو جو نانگ هن کي ڦَڻِ ڪڍي ڏنگي ويو،
هاڻ سِرِڪندو هتان اڳيان اجهو لنگهي ويو!“

 

نيٺ مڙني پاڻ ۾ تن هير کي ڀاڪر ڀري،
گهر رسايو دير ڌاران سـَـٽَ وڏي سهجون ڪري.

 

گهرجي ڀاتين جو مِڙڻ ۽ حڪيم گهرائڻ

 

هير جي حالت اها جو رڙ مٿان ٿي رڙ پئي،
هاءِ ههءِ گهل ڌاڙ هر هر واءِ گهوڙا ٿي ڪئي.

 

ماءُ کي سهتيءَ سڏي احوال هي سارو ڪيو،
جنهن سبب دل ۾ گهڻو ان کي الم ۽ غم ٿيو.

 

هير جي هن حال پرسش لاءِ اَجو سـَـعد پڻ،
جهٽ اچي پهتا ٻئي سي جـُـهڙ کنوڻ ۽ واءُ ڄڻ.

 

شهر ساري جا سڏايا تن سياڻا ۽ طبيب،
وس وڏا حيلا ڪري سي سڀ ٿيا عاجز غريب.

 

مَنڊَ ڦِيڻي يا دوا ڪا نه ڪا فرحت رهي،
ليڪ حيلي ساڻ پَؤڻِي هير جي حالت رهي.

 

سَهتيءَ جو پنهنجي ڀاءُ سَعد خان ان گفتگو

 

سمجهه آهر هي مڙيئي وَسَ ڪري بيوس ٿيا،
جنهن سبب لاچار ٿي سڀ ويڄ موٽي گهر ويا.

 

پوءِ سـَـهتيءَ سـَـعد کي پاسي سڏي هن پر چيو:
”اي پيارا ڀاءُ! ڪوئي هير جو سعيو ڪيو.

 

”مون ٻڌو آهي ائين جو جـُـنگ هڪ جوڳي جوان،
خاص ڪالا باغ ۾ آهي جنهين جو آستان.

 

”لوڪ ڍاپي ڪين ٿو ان جي پيو تعريف کان،
سڀ چـَـوَن، ٿي ٿـِـي سـَـڻائي مرد جي تشريف کان.

 

”آهي ڄڻ الهام رَبـَـي خاص ان جو گفتگو،
دور دک ان دم ٿين ٿا جئن ڏئي جوڳي سـَـڳو.

 

”تون به وڃ ان کي وٺي اچ هٿ ٻڌي منٿ ڪري،
عرض آزيءَ سان اچڻ جي مانَ ڪا شفقت ڪري.

 

”پڪ اٿم ان جي اچڻ سان درد دک ويندا صفا،
جئن ته هي جوڳي سچو هر درد جي آهي دوا!“

 

سَعد خان جو جوڳي ڏي وڃڻ

 

گفتگو هي سَعد پنهنجي ڀيڻ سَهتيءَ جو سـُڻي،
راهه سان راهي ٿيو جهٽ پا پيادو وَرَ چـُڻي.

 

باغ ۾ جوڳي ميان جي روبرو حاضر ٿيو،
ويجهڙو ويهي ٻڌي هَٿَ حالُ سڀ ظاهر ڪيو.

 

گهر هلڻ جي لاءِ جوڳيءَ کي پيو آزي ڪري،
هٿ ٻڌي ڳارِي وجهي ڳَلِ، سر نمي پيرين ڌري.

 

جواب جوڳيءَ جو

 

جوش مان ڏيئي ڌڪو جهٽ سَعد کي جوڳيءَ چيو:
”وڃ هلندس ڪين ڪي مان، ڪم اٿي ڪهڙو پيو؟

 

”مان ڇڏي آسڻ عبادت ڪئن هلان هاڻي هتان!
وڃ وٺي جوڳي ٻيو ڪو هٿ لڳي توکي جتان.

 

”لوڪ جي لـُڙَ گوڙ کان مان ڳوٺ جو پاسو ڇڏي،
چـُپِ ڏسي ويٺس هتي پرتؤن پَکو پنهنجو اَڏي.

 

”ڪجهه خدا جي نانءَ ڌاران مال زر جو کَپُ نه آ،
ان سچي حاڪم سوا سچ ٻي ڪنهين جو ڊپ نه آ!“

 

سَعد خان جي منٿ ڪرڻ

 

سعد هي واري چيو: ”سائين خدا جي واسطي،
گهر اسان جي هاڻ هل، داتا دعا جي واسطي.

 

”آءٌ سوالي آهيان تون ڪين ڇڏ خالي ميان،
ڪر ڪرم راضي رهي، ٿورائتو تنهنجو ٿيان.

 

”خير ڪو تنهنجي دعا سان مانَ ڀي مولا ڪري،
ٿو ڪيان آزي نيازي هٿ ٻئي پيرين ڌري.

 

”رنج پهتل تي ڪرم ڪر عرض هي سائين مڃي،
هاڻ هل مون ساڻ گڏجي وهم ڀولا سڀ ڀڃي!“

 

جوڳيءَ جو سَعد کي مارڻ

 

سَعد آزي ٿي ڪئي جوڳيءَ پئي اون هون ڪيو،
ان اکر ڌاران ورائي ڪجهه نه ٿي واتان چيو.

 

نيٺ جوڳيءَ ٿي خفي بـُنڊِي سَٻر مَچَ مان کڻي،
ڏند ڪَرٽي سَعد کي هيڪر ڇَڏِي ڇوهون هڻي.

 

ڌڪ انهيءَ کان سَعد ڀي رت ڇاڻ سارو ٿي پيو،
ڇا ڪري لاچار جنهن سان ڪونه هو ساٿي ٻيو.

 

رت وهائيندو رڙندو سَعد آيو گهر وري،
پيءُ پنهنجي سان ڪيائين ڳالهه ساري ڏک ڀري.

 

هيءَ ڏسي حالت ڏکي ڪجهه مَهر کي ڪاوڙ چڙهي،
پر ڪيائين ماٺ سِٽَ لاحول جي ساري پڙهي.

 

خاص سَهتيءَ سان ڪيائين حال جوڳيءَ جو اهو،
پڻ چيائين: ”ڇا ڪجي اڄ ڏس ٻيو ڪوئي  سِهو!“

 

 

گفتگو سَهتي جو

 

پيءُ کي سَهتيءَ چيو: ”اي قبلهِّ من مهربان،
دل وٺڻ درويش جي، آ نانگ ريجهائڻ سمان.

 

”سَعد شايد گفتگو ان ساڻ آ کـُرو ڪيو،
آءٌ ته سمجهان ٿي تڏهن هو آهه ان تي ڏَمريو.

 

”ان ڪري وڃ پاڻ پنهنجي سِرِ سگهو اُن ڏي ڪَهي،
آزيون تنهنجون ڏسي هو هـوڏ تان ويندو لهي.

 

”ڪئن ڪري ڀي وڃ وٺي اچ، کيس تون حيلي ڪنهين،
هٿ ٻڌي آزي ڪري ڪجهه ميٺ سان موهي تنهين!“

 

مَهر اَجو جو جوڳي ڏي وڃڻ

 

مَهر اَجو هيءَ حقيقت ڌيءَ جي ساري سڻي،
چپ ڪري ساعت سوا هيءَ ڳالهه ڪجهه دل ۾ ڳڻي.

 

ڪين مَڃيـُس دل پئي پر پوءِ هن لاچار کان،
زور جو ڄڻ ماريو راهي ٿيو هي خير سان.

 

وک کڻي تڪڙو سگهوئي باغ ۾ پهچي ويو،
روبرو جوڳي ميان کي هٿ ٻڌي هن پـَـرِ چيو:

 

”اي خدا جا خاص ٻانها، رهنما روشن ضمير،
بي وسيلن جا وسيلا پارسا اي پاڪ پير.

 

”جوڳ جڳتيءَ جا ڌڻي توتي ڪرم رحمان جو،
دور ٿي تنهنجي دعا سان درد دک انسان جو.

 

”آس پائي آءٌ به آيس ڏَسُ پڇي تو دَرِ ڪَهي،
اي اڌِينن جا اَجها ڪو ڪر ڪرم راضي رهي.

 

”خاص مون کي پيش تنهنجي، هي فقط آ التجا،
هِير نالي نـُنهن اٿم جا درد ۾ آ مبتلا.

 

”سڀ ٿڪس حيلا هلائي پر نه ان جي ٿي شفا،
ڪانه ڪا ڪنهن کان ملي ٿي درد ان جي، جي دوا.

 

”جنهن سبب سڀ وس وڃائي هڪ اجهو تنهنجو ڪري،
توهه اچي تنهنجي لڳو هان پِرتِ مان پيرا ڀري.

 

”هاڻ منهنجي گهر هلڻ جي مهرباني ڪر ميان،
ڏي هلي سائين سڳو ٿورائتو تنهنجو ٿيان!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org