هير رانجهو
ڀاڱو پهريون

بيان تعريف شهر تخت هزارو
سن اوائل جي اها آهي حڪايت ڳـُڻ ڀري،
گوش دل جي هوش سان سـُڻ سمجهه جي کولي دري.
شهر هڪ نالي هزارو پرڳڻي لاهور ۾،
هاڻ ڀي آهي مگر ڪجهه اڳ هيو ڪنهن زور ۾.
ان هزاري شهر جي تعريف مان ڪهڙي ڪيان،
صاف ۽ شوقي خصوصاً خلق سان ڪن خوش بيان.
مرد زالون ملڪ جا سڀ مجلسي ملڻا هئا،
وصف صورت ۾ به سي سج چنڊ کان سهڻا هئا.
ڇا ٻـُڍا ٻالڪ سڀيئي خوش خرامان مست چاق،
مست البيلا مڙيئي پڻ وڏو تن طمطراق.
وهه عجائب ويس پهرن هفت رنگين نت نوان،
دل ڦرڻ جا ڍنگ ڌارن انگ ڪي ابتا سنوان.
رات ڏينهان عيش عشرت ۾ اهي مخمور ها،
پاڪ پرور جي ڪرم سان موج ۾ مسرور ها.
جوڙ هيءُ تن جو پسي شرمائجي حورو پري،
ٿي خجل شمس و قمر زهر و عطارد مشتري.
ڇا لکي ڇا ليکيان آءٌ تان هزاري جي ثنا،
ڄڻ عدن جو باغ خاصو هت بنايو آ خدا.
بيان موجو چوڌريءَ جو
هن هزاري شهر جو هڪ نيڪ ۽ عالي مقام،
چوڌري موجو هيو، جو بي ريا شيرين ڪلام.
شهر سارو هو تنهين جي حڪم ۽ فرمان ۾،
ڪين هو ڪنهن کي ذرا انڪار ان جي شان ۾.
راڄ سان ويهي نبيري ڳالهه هو جيڪا چوي.
سا سوا انڪار جي تعميل ۾ ان دم پوي.
هو خزانو خوب ان وٽ مال دولت بيشمار،
راڄ ساري جي مٿان راضي هيو پڻ جان نثار.
مهر مان ست پٽ تنهين کي اڳ ڏنا آگي عليم،
هڪ ٻِئي کان سرس سهڻا با حيا ها سڀ حليم.
وقت پيريءَ ۾ وري ان ساڻ هي لائق ٿيو،
جو ورائي پٽ اٺون ان کي عطا موليٰ ڪيو.
جو ستن کان سرس صورت ۾ هيو صاحب جمال،
سڀ پَرين سهڻو سدا مهتاب مـُک شيرين مقال.
جنهن سبب نالو مٿانهس عام ۾ رانجهو پيو،
ماءُ کان وڌ سو پيارپ ۾ پرين پيءُ جو ٿيو.
قاعدو آ جو ٻڍاپي ۾ ڪنهين اولاد ٿئي،
ٻارَ اُن جو در حقيقت ٿو گهڻو ئي داد ٿئي.
ان جيان رانجهي مٿان ڏاڍو پڻس جو آر هو،
خاص وندر لاءِ اُن جي سخت سعي ڪار هو.
هي ڏسي اُلفت، ٻين کي رنج ۽ ساڙو لڳو،
جنهن سبب کان روز تن جو پاڻ ۾ گاڙو لڳو.
جئن نبي يعقوب جو يوسف نبيءَ سان چاهه هو،
ان ڪري باقي پٽن جو ڪونه ساڻس ٺاهه هو.
جئن پيو جهيڙو انهن ۾ تئن ٿيو جهڳڙو هتي،
پيءُ پٽن جو پاڻ ۾ پرچو ڪري ڪهڙو هتي!
ليڪ حشمت پيءُ جي کان هو ڪري ڪجهه نا سگهن،
سڀ سَهن سِر ساهه تي سي ڪجهه زباني نا ڪڇن.
چاردن چٽڪو سڄو ئي خواب هي دنيا خيال،
دائما يڪسان نه ماند، هي سچو آهي مثال.
ناهه ڪو نيبهه ڪنهين سان ڪين آ ڪنهن کي بقا،
ذات باري کان سوا سڀ آ ٻيو فاني فنا.
جا لکي تقدير ۾ آ، سا اَوَس پاڙڻ پوي،
دم حياتي دير تائين جوش ۾ جالڻ پوي.
جا ڌڻيءَ جي آ رضا، ان کي نه ڪو آڏو اچي،
ڪل نفسه ذائقته آ سچ چيو سائينءَ سچي.
امر هي آيو اثر ۾ نيٺ موجوءَ جي مٿان،
”سور ۽ تپ جا سوين حيلا ٿيا ويڄن هٿان.
پر نه چاڪائي رهي ڪنهن ڀي دوا سان مـُور ڪجهه،
پڻ وڌي ويتر ويو ڪو ڪال وارو سور ڪجهه.
فوت ٿي موجو ويو، پٺتي ڇڏي سڀ مال و زر،
هاءِ ههءِ رانجهو ٿيو اڄ ناز پليل بي پدر.
رانجهي سان ڀائرن جي دشمني ڪرڻ
ڪين ڪي ڪنهن کي پوي شل هاءِ ههءِ ڪو احتياج،
سچ سڄي هٿ جو کٻو ڀي ڪين ٿي ڏيندڙ خراج.
لاڏ جو رانجهو نپايل اَڄُ رلندو ٿو وتي،
ونجهلي هٿ ۾ کڻي هر گَهرُ گهمندو ٿو وتي.
ڀائرن کي وجهه لڳو هي وير پاڙڻ جو عجب،
هاءِ ههءِ ههءِ هر گهڙيءَ تن ٿي ستايس بي سبب.
ڀاءُ ڀاڄائي سدا ان کي لکين طعنا هڻين،
ويڻ پاراتا ڏئي کهرو کپي تـُنبي تڻين.
پاڻ ۾ مخفي ڪئي، مڙني اهائي پڪ پڪي،
ڪو مڙهي الزام ان تي، گهر ڪنان ڇڏجي ڪڍي.
بيان مال جي ورهاست بابت
هي پچائي پَهه سڏايا پئنچ تن قاضي مـُکي،
سـُڌ سڄي تن سان ڪئي، جا ٿي لڳي تن کي ُڏکي.
لالچائي لَبُ ڏئي قاضي به تن پنهنجو ڪيو،
جنهنڪري قاضي به رانجهي جو مخالف ٿي ويو.
روبرو ڀائنِ مِڙي قاضي ميان کي هي چيو:
”حال رانجهي جو سـُڻي سائين اوهين فتويٰ ڏيو.
”هي ڇڏي ڪم پوک جو هـِـت هـُتِ رلندو ٿو وتي،
در بدر صبح و مسا هر گهَرُ گهمندو ٿو وتي.
”ٻوڙِيو آهي کڻي هن سڀ اسان جو شانُ مانُ،
ٿئي وڏو ارمان پر هن کي نه ڪو آهي ڌيانُ.
”وس ڪري هن کي اسان پنهنجو ڪري ڄاتو گهڻو،
باز آيو ڪين توڙي زور ڀي لاتو گهڻو.
”مال ڌن ڦانڊي ڏيو هاڻي ڪري سارو حساب،
تان اوهان کي ٿئي وڏو دارين جو حاصل ثواب!“
هي سـُڻي ڪاغذ کڻي قاضي ڪري جملو سڄو،
اُنڊ جو ان بـُنڊ ۾ ڪـُلي ڪيو ليکو لـَـٻو.
سڀ سـُٺي قاضيءَ سَتن کي گڏ ٻني چونڊي ڏني،
جا ڪلر واري بچت سان يار رانجهي کي ڏني.
سچ سياڻن جو چوڻ آ پوک واري جو پلال،
رشوتن کي سخت، پر آخر ۾ وٺندو ذوالجلال.
گهر جي ڀاتين جو رانجهي کي مارڪٽ ڪرڻ
رات گذري خير جي پڻ، سج ويو اڀري صفا،
ننڊ ۾ رانجهو اڃا، اونڌو پيو هو مبتلا.
ڀاءُ هڪ ان کي اڃا سوڌو ستل غافل ڏسي،
لت هڻي لوڏڻ لڳو سو مرد جي موڙي سِسي.
حال هن کان گرچ رانجهي کي گهڻو ئي ڏک ٿيو،
نيڻ چائي پر چيائين: ”ڏوهه مون ڪهڙو ڪيو!“
جوش هو ڀاڻس وڏي کي لڳس مارڻ وري،
پڻ مِڙي پاڙو ويو هن جهيڙ کي ٽارڻ وري.
خلق جي آمد سبب وڌ گوڙ ٿي گهر ۾ پيو،
چَو پَچو چَوٻول ساري ڳوٺ ۽ تَرَ ۾ پيو.
جهيڙ هن ۾ ٿي پيو رانجهو گهڻو زخمي ذليل،
هوش سڀ هٿ کان وڃائي، ٿي پيو اوڳو عليل.
ڌوڙ ۾ ليٿاڙجي سو نِيرُ رت هارڻ لڳو،
وار ڪپڙا درد کان ههءِ ههءِ ڇنڻ ڦاڙڻ لڳو.
عيش هو ساري اوائل جو رڙي رت زار و زار،
جئن ته مالڪ ريءَ ٿيو هن جو نه ڪوئي غمگسار.
حال هن تي گهر سڄوئي ڀينرون ڀاڄائيون،
خوب طعنن ساڻ تنهن کي چوطرف ويڙهي ويون.
ويڻ رانجهي کي ڏئي جن هن طرح ٿي وَڍَ وڌا:
اي ڪميڻا، شال هاڻي چَٽ ڪري توکي خدا.
”تو ملايو آ اسان جو خاڪ ۾ نالو کڻي،
تون چـُٽو چَنڊو اسان ۾، گـُم ڪري توکي ڌڻي!“
جوش مان ڀاڻس وڏي جي زال وچ مان رڙ ڪئي،
وک وڌي ان کي ڏنا، منهن ۾ بـُجا گهرڙي ٻئي.
وات ڦاڙي پڻ چوڻ ٿي هن طرح واڪي وڏي:
”شل وڃين ڪو اوچتو تون موت جي، رانجها سڏي.
”منهن نه ٿو تنهنجو وڻي جو ڪم نه ٿو ڪوئي ڪرين،
ڪين توکي ناس نڪ آ، هوند هاڻي ٻـُڏ مرين.
”لِيهَه لَڄ جو ڪونه آهي، ڪو لَڇڻ تو ۾ پيل،
عورتن جان کٽ چڙهي ويٺو گهرين، سڻڀو ڳپل.
”ماٺ ڪر نه ته هاڻ ٿي توکي ڏيان سيکت کري،
واهرو وارث ڇڏائڻ ڪونه ڪو ايندءِ وري!“
نيٺ هڪڙي واٽ ويندڙ دوستيءَ جو دم ڀري،
ماٺ مڙني کي ڪرائي عرض ۽ آزي ڪري.
سڀ ويا پاڙيسري ۽ گوڙ ڀي نڪري ويو،
پوءِ رانجهي کي سڏي ڀاڻس وڏي هن پر چيو:
اي ميان رانجها، سياڻو ٿي ڇڏي ڏي هوڏ کي،
ترڪ ڪر تون سينڌ سرمي ۽ زناني لوڏ کي.
”عيش عشرت ۾ سدائي مرد جيڪو ٿو رهي،
ڪم نه ٿو اُڄَهي، تنهين کان، سور آخر ٿو سهي.
”عيش عشرت ۾ ويا هن سَنڌ سڀ تنهنجا سـُڪي،
هر هلائي ڪيئن سگهندين، جو چلڻ ويڙءِ چڪي.
”هي وَهِي تنهنجي کَٽڻ ۽ آ ڪمائڻ جي عجب،
ملڪ ۾ ڪجهه نانءُ نيڪيءَ جي وڌائڻ جي عجب.
”بي حيا، بيڪار تنهنجو هي وِهڻ آ ڪم جڏو،
ڪل پَوَئي ٿي ڪين هاڻي، پوءِ ٿيندءِ غم وڏو.
”حسن پنهنجي تي گهڻو توکي سدا اڀمان آ،
بي حيا، بد چال تنهنجي تي وڏو ارمان آ.
”اوچتو آيهءِ مٿان جي پوءِ ڏيندين سـُڌ کري،
ڇا وڄائي ونجهلي ڪي ڪجهه وٽيندين تون وري!“
رانجهي جو زمين تي وڃڻ ۽ سندس ڀاڄائي ينگه جو اُت
اچڻ
ريءَ ڪمائڻ جي نه رانجهي کي ٻيو رستو هيو،
ڇا ڪري لاچار بيوس جو وڃي پروس پيو.
هر کڻي جوڙو ڇڪي جلدي ٿيو جوشؤن تيار،
کيت ڏي راهي ٿيو سو رت رئندي زار زار.
پوک تي پهچي، ٻڌي هر ڏاند کي هڪلڻ لڳو،
رت رڙي دانهون ڪري، مستن جيان وڦلڻ لڳو.
روز شب جنهن عيش عشرت ۾ گذارو ٿي ڪيو،
واءِ فوتي بعد پيءُ جي، سو مصيبت ۾ پيو.
ڏينهن ڏاڍو سخت گرمي، سج چڙهي آيو مٿان،
هر هلائڻ کان پيس پيرن هٿن ۾ لک لِڦان.
رت ٿيس ٽنگون ٻئي ۽ سڀ ويس ڦاٽي لٽا،
آنڌ اُڃ بک جي ٿيس پڻ پير کڙ ٻڙ ۾ کٽا.
ڏاند ڇوڙي کيت ۾ ۽ هر ڪري اتهين ڦٽو،
پاڻ وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺو وڃي ٿي دل کٽو.
حال ههڙي کان لڳو هو پاڻ کي جُٺ ڦِٺ ڪرڻ،
عيش سک ساري ورائي نير رت ويٺو رئڻ.
مهل سر ينگه اُتي آئي هلي ڀَلَ ڀَلَ ڪري،
هڪ سڪل ڍوڍو کڻي ۽ ماٽڙو جهَڻِ جو ڀَري.
پيش رانجهي جي رکي چرچو ڪري سا، ٿي چَوَڻَ:
”لاڏلا پيءُ جا خبر ڏي!“ هي چئي ويٺي کِلَڻَ.
حال ههڙي کان ٿيو رانجهو گهڻو دل بيقرار،
تير طعني جو لڳس اندر جگر ۾ آرپار.
جواب رانجهي جو
جوش مان رانجهي ڏنو جهٽ خشڪ، ينگه کي جواب:
”خوش نه ٿي ڀاڀي گهڻو آخر اَٿئي ڏيڻو حساب.
تو ڪرايو ڌار ڀائن کان ڪري منهنجي گِلا،
اڄ سڀاڻي، ڪا قهاريءَ جِي مٿان ايندءِ بلا.
تو وجهي فِتنو سڄو ئي روح پنهنجو خوش ڪيو،
ليڪ مون مسڪين جو هي هال ڏس بڇڙو ٿيو.
”پير هٿ ڦاٽي پيا هي ڪم اڻائو هَرُ هـَلڻ،
ڪين ڪي مون کان ته پڄندو ڪم ٻيو گهر جو ڪرڻ.
”جي ڏنَوَ نالي ڌڻيءَ جي جـُوٺ، تان ڪندس دعا،
خوش هجو نه ته خير سان، خلقِ خدا، ملڪِ خدا!“
جواب ينگه جو
پوءِ رانجهي کي چيو ينگه، ائين: ”اي لاڏلا،
ڏي خبر تون هاڻ، هر جي ماڻيهءِ ٿي اڳ مزا.
کاڄ کائڻ آس ڻائو پر اَڻائو ڪم ڪرڻ،
ڪين مڃيو ٿي اڳي تو، ڀائرن جو ڪجهه چوڻ.
”هاڻ ڪهڙي منهن پيو، نالي خدا ماني گهرين،
هوند ههڙي حال کان رانجها ٻڏي جائي مرين.
”بک مرين جي گهر ڇڏين، ساري سچي ازخود ڪرين،
کٽ چڙهي تون خان بڻجي دادلا دم ٿو هڻين.
”مفت تنهنجا، لوڪ سارو ٿو مون کي مهڻا ڏئي،
ليڪ توکي ڪانه پنهنجي لوٺيا لڄ ٿي ٿئي.
”ونجهلي هٿ ۾ ڪيو تون گيت ڳائين ٿو سدا،
واٽ ويندن ڏِين اشارا، هٽ، پتڻ، بازار ڇا.
”چال تنهنجي کان ته رانجها رنج آ هر هڪ بشر،
مفت پڻ مون ساڻ تن مڙني ڪيو آهي ڏمر.
”جو چيو آهي سياڻن سو به ڪجهه ڪن لائجي،
پيٽ سهندو کائجي ۽ جَڳَ وڻندو پائجي.
”مجلسي تنهنجا منافق پيٽ پالن رمز سان،
چَٽَ ڏئي توکي اُهي پنهنجو ڪرن ٿا طرز سان.
”لالچي پئسي مٿانهون ٿا مرن اڄ ڪلهه ائين،
لار ماکيءَ جي مٿان مکيون اچي ڦاسن جيئن!“
جواب رانجهي جو
هي سـُڻي رانجهي سخن، جهٽ جوش مان واري چيو:
ويڻ تو ڀاڀي ڏئي بس روح پنهنجو خوش ڪيو.
نانگ مَؤن نوڙي ڪرڻ جون لک اوهان کي حرفتون،
راڄ راڻا هٿ ڪرڻ جون پڻ هزارين حرڪتون.
ڏس ته راجا ڀـُڄَ مٿان، گهوڙي جيان ڏيئي لغام،
ڪئن ڪري زالن سواري هٿ ڪيو سڀ انتظام.
پانڊِوَنَ ۽ ڪورِوَنَ جو عورتن جهيڙو وِڌو،
ذات زالن جي هٺيلي، ڇا ڪري ڪو تن سِڌو.
”مون نماڻي جي به ڪا توسان پڄڻ ناهي مجال،
ڇا ٻڌايان هاڻ توکي عورتن جا سڀ مثال!“
جواب ينگه جو
هيءَ سـُـڻي ينگه وراڻي، هٿ مٿي گوڏن هڻي،
هاءِ ههءِ گهوڙا ڪري سا، سِرِ وجهي واري کڻي.
دل جگر ويڙس جلي ههڙو سڻي جوشي جواب،
جلد رانجهي کي ڏنائين چڙ وچان واري عتاب:
”هي اسان تي ڪوڙ جو ڪيڏو ڪٽڪ چاڙهيو اٿئي،
گهر حيا جو سڀ اسين ڪنهن هي سبق پاڙهيو اٿي.
”بي سبب جهيڙو ٻَڌو آ ڀاءُ جي تو زال سان،
ڪين ڪي توکي به چوندو ڪو چڱو هن چال سان.
”وات مڙساڻي مون کي تو ڪيترو گهٽ وڌ چيو،
چَو ته رانجها ڏوهه تنهنجو آهه مون ڪهڙو ڪيو؟
”سڀ اسين شرم و حيا سان پاڪ سِر پهري رِدا،
گهر ڪيون گذران اندر سيبِ چرخي سان سدا.
”بي حيا ڪجهه ڀاءُ جي تون زال جو رک عز و مانُ،
ويڻ ڏيندي ڀي پوي ٿو ڪين ڪي توکي ڌيان!
”هٽ، پتڻ، بازار هِٽ هُت مفت ٿو رنجهان رُلين،
تون ته انڌو عشق ۾ ٿي، مَت ڪنان مـُوڙها ڀـُلين!“
جواب رانجهي جو
هي سـُڻي رانجهي ورائي جلد ينگه کي چيو:
”هن ته تنهنجي ڪوڙ کان ڀاڀي جلي جيرو ويو.
”ڪوڙ ٻولڻ جو مگر ڪجهه ڪم ڀلو ڀائين پئي،
تون ڪنن جا ڪئن دِل کي ليوَ هي لائين پئي.
”مفت مون مسڪين تي الزام ٿي ڪوڙا ڌرين،
ڪوڙ ٻوليندي نه ٿي ڀاڀي خدا کان ڪجهه ڏرين.
”چٽ ڏئي چاڙهي مٿي ڏاڪڻ ڪڍين ڏاهپ ڪري،
سڀ ڪيو توکي ڦٻي ٿو نيٺ ڪنهن ايندينءَ اَري.
”چور کي گهيري چوين تون گهر ڌڻيءَ کي، چور ٿي،
سڀ برادر کي بگيڙي، زال ورتو زور ٿي.
”ڊِنگَ ڊاهي مون مٿان پنهنجي ته تو دل خوش ڪئي،
پر گلا ۽ ڪوڙ، مولا ڪين بخشيندُءِ ٻئي!“
جواب ينگه جو
صاف ينگه جا ويا هي ڪجهه سڻڻ سان ٺپ ٺري،
جلد رانجهي کي چيائين: بي حيا ڪر بس وري.
”ڀاءُ تنهنجي ساڻ ڪنديس، هي قصو مان سر بسر،
کل کلايان ٿي ته تنهنجي شام گهر آئين اگر.
”کاءُ ماني اي ڪميڻا، هاڻ وڌ بَڪ بَڪ نه ڪر،
تو اُچايو آهه ڇاتي بي حيا موذي مگر.
”ويس پهري زلف ڇوڙي ڇو پڏائين پاڻ کي،
بي حيا ڪجهه ڌار ڌيرج ڏي ڇڏي ڇڪتاڻ کي.
”حال هن مان ڪجهه ورائي هٿ نه ٿو رانجها اچي،
هڪ ٻِئي کي رد ڏيندي مفت ٿو جهيڙو مچي!“ |