سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

 

صفحو :20

خاتمه ڪتاب

 

فضل ايزد سان ٿيو سڪ سوز جو پورو قصو،
درد واريءَ دل مٿان مٽجي ويو سڀ وسوسو.

 

قرب وارو هي قصو دل جان سان سارو پڙهي،
ڪجهه پرائي قرب ذاتيءَ ساڻ سي هيڪر ڪڙهي.

 

نِت اهي هوندا حسيني حال ۾ مانجهي مَيا،
بـُوش بي پروا سدائي ريءَ نشي خاصا کِيا.

 

هي قصو هڪ يار جي مون جوڙيو خاطر خيال،
جئن هي اڳيان انهيءَ جي ننهن ڪرڻ ڪجهه ڇا مجال.

 

خاص مون هڪ يار جي خاطر ٻين کي خوش ڪيو،
ڪون ڪو رکيم وري مطلب خَفِي پنهنجو ٻيو.

 

هي وتم احوال وارث شاهه جي تصنيف تان،
پڻ ملي مون کي مدد ڪجهه مختلف شعرن ڪنان.

 

ليڪ ان کي رنگ پنهنجي راز جو خاصو ڏئي،
قرب مان جوڙي ڪهاڻي پيش يارن جي ڪئي.

 

هو اڃا هن کي وڌائڻ جو گهڻو دل ۾ خيال،
ليڪ رائي راز سان هي هت ڪيو هاديءَ بحال.

 

جنهن ڪري ان جو خلاصو مون وري لکيو نه ڪو،
هر ڪنهين جي سمجهه تي ڇڏيم سڄو مقصد اِهو.

 

ڪين ڄاڻان فاعلاتن فاعلاتن فاعلات،
پر فقط دل ۾ رکان ٿو هڪ لطيفي لات تات.

 

هن لطيفي لات کي دل ساڻ لائي دوستو،
ڪي عمل ان تي ڪجو ڪجهه قرب پائي دوستو.

 

ٿي ويو هاڻي قراري حال جو گهوڙو سوار،
در گذر ڀـُـلَ کي ڪجو جنهن لاءِ هان منٿ گذار.

 


 

دعاءِ خير

 

هٿ کڻي هاڻي گهران ٿو در ڌڻيءَ جي هيءَ دعا،
يا الاهي تون پيارن جي طفيلي ڪر عطا.

 

طالبن کي عشق الفت، درد وارن کي قرار،
گهرج وارن کي جهجهوئي رزق دنيا بي شمار.

 

بي پسر کي، بند هڪڙو، نيڪ خضري عمر سان،
راهه راحت رَهـَـه ڀـُـلئي هر رنج پهتل جي مٿان.

 

پڻ اجابت ۾ اچي هيءَ، جا ڪهاڻي مون ڪئي،
دان لهءِ داتا اُڀو بيٺس ٻَڌي ٻانهون ٻئي.

 

رُت بهاريءَ ۾ ٿيو جئن ميلُ رانجهي هير جو،
تئن وري وارو سدا هر عاشق دلگير جو.


 

هيءَ دعا ”مسرور“ جي بار خدايا ڪر قبول،
حرمت احمَد نَبي خير الوَريٰ آل بتول رضه.

 

تمت

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org